ڪتاب جو نالو: لب تاريخ سنڌ لب تاريخ سنڌ خان بهادر خداداد خان اشاعت جو مقصد سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي پروگرام ”قومي تاريخ ۽ ادب جي نشر و اشاعت“ جي تحت جيڪي ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي، هيءُ ڪتاب انهيءَ ئي سلسلي ۾ تصحيح ۽ ترجمو ڪرائي، ڇاڇيو ويو آهي. قارئين ڪرام کان مخفي نه هوندو ته سنڌ جي دانشورن عربي ۽ فارسي زبانن ۾ تاريخ، سِيرَ“ حديث، تصوف، ادب، شعر ۽ ٻين علمي موضوعن تي گهڻيون ئي قيمتي ۽ يادگار تصنيفون ڇڏيون آهن، جن مان ڪي اڃا تائين قلمي مسودن جي صورت ۾ شخصي ڪتب خانن جي گوشن ۾ پيل آهن ۽ جھڻ ڌيان تان ئي لهي ويل ٿيون ڀانئجن. سنڌي ادبي بورڊ چاهيٿو ته اهڙي علمي ۽ ادبي سرمايي کي تاريڪيءَ ۽ گمناميءَ مان ڪڍي، ان کي اهل علم ۽ اهل زوق تائين پهچائي. هيءُ ڪتاب، جو قارئين ڪرام جي خدمت ۾ پيس ڪيون وڃي ٿو، سو فارسي ڪتاب ”لُب تاريخ سنڌ“ جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو متن سنڌي ادبي بورڊ 1959ع ۾ پنهنجي ڏهن سالن واري پروگرام (1951ع کان 1960ع تائين) موجب ڇپايو هو، جڏهن بورڊ رٿيو هو ته انهيءَ عرصي ۾ عربي جا 14، فارسي جا تاريخي ڪاتاب 30، فارسي جي شعر ۽ ادبجا 57، اردوءَ جا 7 ۽ انگريزيءَ جا 7 ڪتاب ڇپائي، پڌرا ڪيا ويندا ۽ هاڻي ان جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو وڃي ٿو. جيڪي حضرات فارسي زبان کان پوري طرح آشا نه آهن، انهن جي لاءِ هي سنڌي ترجمو مفدي ثابت ٿيندو. ديباچو انهيءَ بي مثل مالڪ جي حمد ۽ ثنا کان پوءِ جو ”تُو تِي المُلَڪ مَن تَشاءُ وَ تَنزعِِ المُلَڪَ مِمَن تَشاءُ“ سندس ڪامل قدرت جو هڪ ادنيٰ ڪرشمو آهي ۽ انهيءَ خاتم المرسلين جي تعريف ۽ توصيف کان پوءِ، جنهن جو شان ”لَولاَ ڪَ لَما خُلفتَ الاَ فلاَڪَ“ جي ارشاد مان ظاهر آهي، مان انهن اصحابن ڪرامن جي سهڻين وصفن جو زڪر ضروري ٿو سمجهان، جي دين متين جا ٿنڀا ۽ شريعت محمديُ جا اُجاريندڙ آهن. مان انگريز سرڪار جي ڪهڙي تعريف ڪريان. بس، فقط هيترو چوڻ ڪافي ٿو سمجهان، ته هن دور جي اندر انصاف، شفقت ۽ رعيت پروريءَ ۾ سندس ڪو به مٽ ثاني ڪونهي. ان کانپوءِ هيءُ عاجز خان بهادر خداداد خان ولد مرحوم راصو خان يا رضا محمد خان پٺاڻ حال رهندڙ پراڻو سکر، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي عرض ٿو ڪري، ته مان فرصت جو گهڻو وقت سنڌ جي تاريخ پڙهڻ ۾ گذاريندو هوس، جا هاڻي منهنجو وطن آهي ۽ مون کي خاطري آهي ته گهڻائي ماڻهو منهنجي هن سوق کي پسند ڪندا. هڪ هندوستان دانشور جي قول مطابق: بيڻهکر سير ملک کي کرنا، يه تماشا کتاب مين ديکها. اهڙو ڪتاب، تاريخ جو ڪتاب ئي سمجهڻ گهرجي. انهيءَ باري ۾ ٻيا به ڪيترائي اقوال آهن. جنهنڪري مان تاريخ جي اڪثر ڪتابن جهڙوڪ ”چچ نامي“، ”تاريخ معصومي“، ”ارغون نامي“، ”بيگلارنامي“، ”طاهري نسياني“، ”تحفة الڪرام“، ”فريئر نامي“، انگريزيءَ جي تاريخن ۽ سنڌيءَ جي ختصر تاريخن جي مطالعي ۾ وقت صرف ڪندو هوس، جي سڀئي سنڌ جي حالات تي مشتمل آهن. مولفن، مصنفن ۽ مورخن مٿي ڄاڻايل تاريخي ڪتابن ۾ پوري فراست، فصاحت ۽ بلاغت سان اهڙا حالات بيان ڪيا آهن، جي ضروري به هئا ۽ تاريخ سان تعلق رکندر به. مثال طور هر قسم جي فتحمنديءَ جو احوال، هر طرح جون عجيب ۽ دلچسپ ڳالهيون ۽ انهيءَ زماني جي حڪمرانن جا اوصاف ۽ سندن ضروري ۽ تفصيلي حالات وغيره. مطلب ته انهن مورخن اهڙي فصاحت ۽ تفصيل کان ڪم وٺي، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جون دليون خوش ڪيون آهن ۽ کين پنهنجو گ5رويد ۽ مداح بنايو اٿن. انهن تاريخي ڪتابن جا مصنف وڏي ساراهه جا مستحق آهن. الله تعاليٰ کين پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان نوازي. جيتوڻيڪ مٿي جھاڻايل تاريخن مان سنڌ جا تفصيلي حالت معلوم ٿين ٿا، مگر پوئين زماني جا ڪي ضروري حالات، جن جو هن ڪتاب م درج ڪرڻ انگريز سرڪار جي نقطه نگاهه کان تمام صروري اهي، انهن وڏن ۽ ۽ ڊگهن ڪتابن ۾ ملڻ ناممڪن آهن. انهيءَ ڪري ڪن دوستن ۽ خاص طور تي مسٽر جيمس صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ، جي صلاح سان ”چچ نامي“، ”تاريخ معصومي“، ”طاهري نسياني“، ”ارغون نامي“، ”بيگلار نامي“ ۽ ”تحفة الڪرام“ مان، جي پنج (ڇهه) ئي معتبر ۽ آخري ڪتاب آهن، گهڻي مدد ورتي وئي ۽ ان کي ترتيب وار مرتب ڪري ۽ پنهنجن پنجاهه سالن کان ورتل قلمي نوٽن مان ڪي خاص، ضروري ۽ تعلق رکندڙ ڳالهيون وٺي، ”لَغب تاريخ سنڌ“ (سنڌ جي تاريخ جو خلاصو) جي نالي سان، الله جي آسري، سنڌ جي هيءَ تاريخ لکي وئي آهي. پڙهندرن ۾ اميد آهي ته جيڪڏهن مون کان ڪا ڪوتاهي سر زد ٿي وئي هجي، ته ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران، رڳو پنهنجي مقصد تي نظر رکن ۽ مون کي نيڪيءَ سان ياد ڪن. ڇو ته چيو ويو آهي ته: ”بنرو چوڻ بُرن ماڻهن جو ڪم آهي.“ بالله التوفيق باب پهريون سنڌ جو نالو، حدون، دارالحڪومت ۽ سندس صوبن جو بيان سنڌ جي مٿان، ”سنڌ“ نالي پُن جو سبب تاريخي ڪتابن مان ظاهر آهي. خاص طرح ”بيگلارنامي“، ”تحفة الطاهرين“ ۽ ”تحفة الڪرام“ مان جن لکيو آهي ته ”هند“ ۽ ”سنڌ“ حام بن نوح عليه السلام جي پٽن جا نالا هئا (جي هنن ملڪن تي رکيا ويا). صحيح علم الله کي آهي. هند ۽ سنڌ جون حدون اڪثر تاريخن مطابق هيٺيئن ريت هيون: اوڀارين حد - ڪشمير ۽ قنوج تائين، جي هن وقت سنڌ جي موجوده حدن کان هزارين ميل پري آهي. اولهائين حد – مڪران ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين يعني لاهوري ۽ ديول (ديبل بندر) تائين، جا هن وقت به سنڌ جي حد آهي. اُترين حد – قنڌار، سيستان، جبل سليمان ۽ ڪيڪانان تائين، جي هن زماني ۾ سنڌ کان سوين ميلن جي فاصلي تي اهن. ڏاکڻي حد – سورت بندر تائين، جو هن وقت سنڌ کان سوين ميل پري آهي. سنڌ جون موجودح هدون اڳڀرو هلي موقعي اچڻ تي لکيون وينديون. انگريز مورخن موجب سڪندو ذوالقرنين 368 قبل مسيح ۾ پنجاب کان درياءُ جي رستي سنڌ ۾ آيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ڪو مستقل بادساهه ڪو نه هو ۽ سنڌ جا جدا جدا حڪمرانن جي قبضي ۾ هئي. سڪندر مهراڻ (سنڌو ندي) ۾ ٻيڙا هلائيندي، سمنڊ تائين وڃي پهتو هو. سندس آمد جي باري ۾ مٿي ڄاڻايل سنه سان گڏ هجري سنه جو ذڪر ڪري نه سگهبو، جو هجري سنه اڃا شروع ئي نه ٿيو هو. انهيءَ دور ۾ سنڌ جي دارالحڪومت ۽ سندس صوبن جو بيان (چچنامي مطابق) ڊارالحڪومت ”الور“ (اروڙ) جنهن ۾ انهيءَ زماني جو بادشاهه يا راا خود جلوه افروز هوندو هو، مهراڻ جي ڪناري تي هو. ”برهمڻ آباد“ (بانبران)، ”نيرون ڪوٽ“ (حيدرآباد)، ”ديول“، (ٺٽو)، ”لوهاڻا“، ”لاکا“، ”سما“ ۽ مهراڻ جي سڄي ماٿري هڪڙي حاڪم جي هٿ ۾ هوندي هئي. ”سيوستان“، (سيوهڻ)، ”جنڪان“، ”ڪوه پايه“ ۽ ”رونجهاڻ“ مڪران جي حد تائين وارو علائقو ٻئي حاڪم جي ماتحت هو. ”اسڪلنده“ جو قلعو، ”باتيه“، ”تلواره“، ”چچپور“ ۽ هندن جي حد تائين، وارو علائقو ٽئين حاڪم جي عملداريءَ ۾ هو. ”ملتان“، ”سڪو“، ”برهمپور“ ”ڪرور“، ”اشتهار“ ۽ ”تاڪيه“ ڪشمير جي حد تائين چوٿين حاڪم جي هٿ ۾ هو. هن ڪتاب (لُب تاريخ) جو مولف ضروري ٿو سمجهي، ته پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ دارالحڪومت ۽ مٿي جھاڻايل سندس صوبن جو ڪجهه احوال بيان ڪجي ته جيئن موجوده دور جا ماڻهو حال جو ماضيءَ سان مقابلو ڪري سگهن ۽ زماني جي انقلابن مان عبرت حاصل ڪن. دارلاحڪومت اروڙ جو بيان اروڙ هاڻي به مشهور آهي ۽ روهڙيءَ کان ڏکڻ – اوڀر جي ڪنڊ ۾ پنجن ميلن جي فاصلي تي وڏي ناري جي ڪناري تي اهي. هڪ ننڍڙو ۽ ويران ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ڪوري ۽ هندو رهن ٿا. جن جا گهر هڪ سئو کان زياده نه ٿيند. البت اتي حضرت شاه شڪر گنج عليه الرحمت جي مزار پُر انوار آهي، جتي سکر، روهڙي ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو ميلي جي موقعي تي زيارت ڪرڻ ۽ گدرن کائڻ لاءِ ايندا رهندا آهن. سنڌ جي صوبن جو بيان هن وقت برهمڻ آباد ”بانبران“ جي نالي سان مشهور آهي. ننڍڙو ڳوٺ آهي. رڳو واريءَ جا درا. ٽنڊي آدم جي اوڀر ۾ نون ميلن جي فاصلي تي آهي. نيرون ڪوٽ جو نالو بدلجي، ”حيدرآباد“ ٿيو آهي. حيدرآباد جو سهر سنڌ جي حاڪم ميان علام شاهه ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي 1186هه مطابق 1728ع ۾ ٻڌايو هو. ديبل بندر بدلجي، ”ٺٽو“ ٿيو آهي، جو سنڌ جو سمي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي 893هه مطابق 1487ع ۾ بڌايو هو. مٿي ڄاڻايل هجري سنه ابجد جي حساب موجب ”بين اين بسم الله الرحمان الرحيم“ مان نڪري ٿو [1] لوهاڻا، لاکا ۽ سمان، جي انهيءَ صوبي ۾ هئا، هن وقت موجود ڪونهن ۽ اهو پتو به نه آهي ته اهي شهر هئا يا ڳوٺ يا قلعا؟ البت مهراڻ (سنڌو ندي) اڃا تائين سنڌ ۾ وهندو رهي ٿو. انگريزي ۽ سنڌي تاريخن مطابق ديبل بندر منهوڙي ۾ هو، جو سمنڊ جي اندر آهي. مگر اها ڳالهه غلط آهي. مسلمان مورخن جيڪي تاريخون لکيون آهن، انهن سڀني جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته ديبل بندر ٺٽي ۾ هو. سيوستان جو نالو بدلجي، ”سوهڻ“ ٿي ويو آهي، ۽ جنڪان، ڪوه پايه ۽ رونجهاڻ جو هن وقت نانءُ نشان به ڪو نه آهي ۽ نه اها خبر آهي ته اهي ڇا هئا؟ قلعا يا شهر؟ مگر مڪران ۽ سنڌ جي حد اڃا تائين ساڳي ئي آهي. اسڪلنده جو قلعو، باتيه، تلواره، چچپور ۽ هندن جي حد تائين وارو علائقو ظاهر آهي ئي ڪو نه، ته ڪهڙي هنڌ هو، ۽ سنڌ جي اندر هو يا ٻاهر؟ ۽ اهي شهر هئا يا ٻيو ڪجهه؟ ملتان جو نانءُ نشان اڃا تائين قائم آهي ۽ هن وقت پنجاب ۾ آهي. سڪو، برهپور، ڪرور، اشتهار ۽ تاڪيه شايد پنجاب ۾ هئا ۽ شايد اڃا به اتي ڄاتل سڃاتل هوندا. پڙهندڙو! ماضي ۽ حال جي ڀيٽ کان پوءِ اميد آهي ته اوهان عبرت حاصل ڪندو، ته ڇا هو ۽ ڇا ٿي ويو؟! بزرگن سچ چيو آهي ته: طرفته العيني جهان برهم زند ڪس نمي ياور که آنجا دم زند (الله تعاليٰ اک ڇنڀ ۾ سڄي دنيا کي زير زبر ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن کي به مجال نه آهي جو ڪڇي پڇي سگهي). ۽ هيئن به چيو اٿن ته: بيک گردش چرخ نيلوفري، نه نادر بجا ماند، ني نادري (آسمان جي هڪ ئي چڪر سان نه نادر بچي سگهيو، نه سندس نادري). راقم الحروف (مولف) سيوهڻ جي باري ۾ تمام ٿورو لکيو آهي، سيوهڻ ۾ ”قلندر، رونق افروز آهي، جو سنڌ جو بادساهه آهي. هاڻي، هن موقعي تي سندس احوال ضرور لکڻ گهرجي. حضرت عثمان مروندي (ميمندي) عرف ”لال شهباز قلندر“ ولد سيد ڪبير، ولد سيد شمس الدين، ولد سيد نور شاهه، ولد سيد احمد شاهه، ولد سيد هادي، ولد سيد مهدي، ولد سيد منتخب، ولد سيد غالب، ولد سيد منصور، ولد سيد اسماعيل، ولد حضرت امام جعفر صادق عليه السلام. سندس اصلي رهائش مروند (ميمند) ۾ هئي، جو افغانستان جي مشهور شهر ”هرات“ جي پسگردائي ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته سندس والد ماجد جڏهن اڃا ڪنوارو هو، ته هڪ رات کيس خواب ۾ چيائين ته ”مون کي ٻاهر ڪڍو“. پڻس جواب ڏنو، ته ”بهشت مان ٻاهر اچڻ بهتر آهي.“ وري والد کي دوباره عرض ڪيائين ته ”دنيا ۾ ظاهر ٿيڻ به بهتر آهي.“ آخر انهيءَ دور جي بادشاهه کي سيد ڪبير جي شاديءَ جي خواهش جي خبر پئي، جنهن پنهنجي شاهزادي سندس نڪاح ۾ ڏني. قصو ڪوتاه، حضرت قلندر شهباز 583هه مطابق 1187ع ۾ ڄائو. جڏهن وڏو ٿيو ته هندوستان جي سياهت لا3 روانو ٿيو. پهريائين شيخ منصور جي خدمت ۾، سندس صحبت اختيار ڪيائين، جو پنهنجي وقت جو عارف ڪامل هو. علم حاصل ڪرڻ بعد سندس هٿ تي بيعت ڪيائين ۽ کانئس موڪلائي، حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، حضرت فريد الدين شڪر گنج پاڪ پٽڻ واري ۽ حضرت جلال جهانيان اُڄ واري سان گڏجي، هند ۽ سنڌ جي اڪثر حصن جي سياحت ڪيائين. اهي چارئي بزرگ ”هندوستان جا چار يار، مشهور هئا. حضرت قلندر شهباز جي ڪيترن ئي اسعارن منجهان هيٺيان ٻه مشهور ۽ مقبول شعر (غزل) پيس ڪيا وڃن ٿا: (1) ز عشق دوست هر ساعت درون نارمي رقصم گهي بر خاڪ مي غلطم، گهي بر خارمي رقصم شدم بدنام از عشقت بيا اي يار من اکنون نمي ترسم ز رسوائي، به هر بازار مي رقصم بيا اي مطرب و ساقي! سماع و زوق راداده ڪه من از شادي وصلش قلندر وار مي رقصم منم عثمان ميمندي، که يار خواجه منصورم ملامت مي ڪند خلقي، که من بردار مي رقصم (2) من آن دُرم ڪه در بحر جلال الله بوده ام به کوه طور با موسيٰ کليم الله بوده ام گهي زنار مي بستم، گهي قرآن مي خواندم گهي در مذهب ترسا بسي محنت کشيده ام دو صد جامه کهن کردم، لباس فقر پوشيدم بر آن برجي که من بودم هزارن يک رسيده ام به اسماعيل پيغمبر، به ابراهيم بن آزر دران سر وقت قرباني بزربان گاه بوده ام ايا ملا! مکن ظاهر سر اسرار مردان را ندانستي، ندانستي، ڪه سر الله بوده ام آيا عثمان ميمندي! چرا مستي درين عالم ڪه جز ”يا هو“ و ”يا من هود“ دگر چيزي نمي دانم [2]. ترجمو: هر وقت دوست جي عشق ۾ باه جي اندر رقص ڪندو (تڙپندو) ٿو رهان – ڪڏهن مٽيءَ ۾ ليٿڙون ٿو پايان ۽ ڪڏهن ڪنڊن جي مٿان رقص ٿو ڪريان. اي دوست! هاڻي اچ، مان تنهنجي عشق ۾ بدنام ٿي پيو آهيان – (تاهم مان) بدناميءَ کان نٿو ڊڄان (بلڪه) سر بازار رقص ڪندو ٿو رهان. اي مطرب! ۽ ساقي! اچو، ڳايو ۽ منهنجي ذوق ۾ اضافو ڪريو – جو مان، دوست سان وصل جي خوشيءَ ۾ قلندرن وانگر رقص ٿو ڪريان. مان عثمان ميمندي، خواجه منصور (منصور حلاج) جو دوست آهيان – ماڻهو مون کي ملامت ٿا ڪن ته مان ڦاسيءَ جي تختي تي به رقص ٿو ڪريان. (2) مان اهڙو گوهر اهيان، جو الله جي عظمت ۽ جلال جي سمنڊ ۾ رهي چڪو آهيان حضرت موسيَٰ ڪليم الله سان طور سينا تي گڏ رهيو آهيان. ڪڏهن جڻيو ٻڌندو هوس، ڪڏهن قران مجيد پڙهندو هوس – ڪڏهن نصراني مذهب ۾ رهي، وڏي مشقت برداشت ڪئي اٿم. ٻه سئو لباس چوڙي پراڻا ڪري ڇڏيم ۽ (آخر) فقيراڻي اَلفي پاتم – مان جنهن برج تي هوس، انهيءَ تي هزارن ماڻهن پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فقط مان ئي هڪڙو ڄڻو پهچي سگهيس. مان، حضرت اسماعيل پيغمبر ۽ حضرت ابراهيم بن آزر سان قربانيءَ جي وقت قربان گاه ۾ گڏ هوس. اي ملا! مردان خدا (الله وارن) جا راز ظاهر نه ڪر – تون نٿو سمجهين، تون سمجهين، مان الله وارن جو راز آهيان. اي عثمان ميمندي! هن دنيا ۾ ايڏي مستي ڇو ٿو ڪرين؟ مون کي ”يا هو“ ۽ ”يا من هو“ (الله جي ذات پاڪ) کانسواءِ ٻي ڪا به خبر ڪانهي. حضرت قلندر شهباز گهڻو عرصو سير سيحات ۾ گذارڻ بعد، نيٺ سيوهڻ کي اچي رونق بخشي. ڪنهن شاعر سندس تشريف اوريءَ جي تاريخ ”نمود آفتاب دين“ (دين جو سج ظاهر ٿيو) مان ڪڍي آهي جنهن مان ابجد جي حساب موجب هجري سن 244 ٿو نڪري، جو عيسوي سن 1246 جي مطابق آهي [3] چيو وڃي ٿو ته حضرت قلندر شهباز سيوهڻ ۾ جنهن هنڌ اچي منزل انداز ٿيو، اهو بدڪار عورتن جو محلو هو. حضرت قلندر جي روحاني تصرف سبب انهيءَ رات ڪو به مرد بدڪاري ڪرڻ تي قادر ٿي نه سگهيو. ڏينهن جو اهڙن ماڻهن پاڻ ۾ چوپچو ڪئي ۽ ڀانيائون ته اهو هن بزرگ جو ڪرشمو اهي، شرمسار ٿيا. توبهه ڪيائون ۽ حضرت قلندر کان معافي گهريائون. اهو به چيو وڃي ٿو ته جنهن هنڌ حضرت قلندر جو روضو مبارڪ آهي، اهو هڪ خالي ۽ بيڪار زمين جو ٽڪر هو. حضرت قلندر ان کي هڪ مزور کان صاف ڪرائڻ، لڳو، ته ايتري ۾ انهيءَ زمين جو مالڪ اچي ويو ۽ ائين ڪرڻ کان منع ڪيانئينس. قلندر کي جوش آيو. هڪ لٺ وهائي ڪڍيائينس هو ڪري پيو ۽ مري ويو. قلندر اتي ئي دفن ڪرائي ڇڏيس. هن جا عزيز آيا ۽ حجت بازي ڪرڻ لڳا. قلندر چين ته ”ڪنهن ماڻهوءَ کي نه ماريو ويو آهي. هڪ ڇتو ڪتو هو، ان کي ماري هت پورايو ويو آهي.“ زمين کوٽائي ڏٺائون ته واقعيڪتو هو. هو پشيمان ٿيا ۽ موٽي ويا. اي مولف! اختصار کان ڪم وٺ نه ته حضرت قلندر شهباز جي احوال ۽ سندس ڪرامتن جي بيان لاءِ هڪ جدا داستان مرتب ڪرڻو پوندو. حضرت قلندر شهباز شادي نه ڪئي هئي. سيوهڻ ۾ فقط ڇهه سال رهيو ۽ پوءِ 650هه مطابق 1256ع ۾ رحمت ايزديءَ جي آغوش ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڪنهن شاعر سندس وصال جو سال ”برحمت“ جي لفظن مان ڪڍيو آهي، جنهن جا عدد 650 آهن [4]. حضرت قلندر جو روضو پهريائين هندوستان جي بادشاهه سلطان محمد شاهه جي سوٽ سلطان فيروز شاهه جي زماني ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جو سلطان محمد شاه جي وفات کانپوءِ 756هه مطابق 1351ع ۾ تاج ۽ تخت جو وارث ٿيو. سلطان فيروز شاه انهيءَ وقت ٺٽي ۾ هو ۽ هندوستان رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ قلندر جي زيارت کان فيضياب ٿي، پوءِ ويوهو. روضي جي تعمير جو ڪم ملڪ رڪن الدين عرف اختيار الدين کي سونپي ويو، جو ان وقت سيوستان (سيوهڻ) ۽ ٺٽي جو حاڪم هو جنهن 7 رجب 757هه تي روضي جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪرايو. جيئن هيٺين قطعه مان ظاهر آهي: بعهد دولت فيروز شهه سلطان دين پرور که خاڪ درگهش سازند شاهان جهان افسر از آن گاهي که بر تخت شهنشاهي تسست آن شهه سراسر گشته گيتسي از شعاع دولتس انور عمارت شد مقام شيخ عثمان پير ميمندي ولي الله ڪه او باز سفيد بحر بود و بر چه زيبا بارگاهي شد بهشتي طلق بزگنبد ڪه رنگ نه فلک گشته ز رنگ بام او اخصر اگر چه اوليا اندر زمان شيخ بس بودند وليکن بود او از همگنان بالاتر و برتر بروز هفتم از ماه رجب مبين شد اين روضه بسال هفصد و پنجاه و هفت از هجرت مهتر بنايش ڪرد والي اختيار الدين ملڪ ارشد اميري عادل و بادل، تهمتن، ثاني اسکندر ڪه تابود است سيوستان، نبود است اينچنين والي سخي و مشق ومکرم، تقي و پاڪ دين ديگر اميد است اينکه مي يابد جزائ اينچنين چيزي هزاران قصر در جنت بفضال ايزدي اکبر ترجمو: سلطان فيروز شاهه دين پرور بادساهه جي حڪومت جي زماني ۾ جنهن جي بارگاه جي مٽيءَ کي، دنياجا بادشاهه پنهنجو تاج ٿا پائين. جڏهن کان وٺي اهو بادشاه، شهنشاهيءَ جي تخت تي جلوه افروز ٿيو آهي. سڄي دنيا سندس بادشاهيءَ جي نور سان منور ٿي وئي آهي. حضرت عثمان ميمنديءَ جو روضو تعمير ٿي ويو آهي، جو ولي الله هو ۽ بحر ۽ بر جو سفيد باز. ڪهڙي نه سهڻي درگاهه آهي، جنهن جو گنبذ بهشت جهڙن محرابن سان سينگاريل آهي ۽ نون ئي آسمانن جو رنگ، سندس بالاخاني جي رنگ جي اڳيان ڦڪو آهي (يا بالا خاني جي رنگ جي ڪري سائو نظر اچي رهيو آهي). جيتوڻيڪ حضرت قلندر جي زماني ۾ ٻيا اولياء به گهڻائي هئا، پر قلندر سڀني کان تمام وڏي درجه واروهو. هيءَ روضو مبارڪ رجب مهيني جي ستين تاريخ تعمير ٿيو ۽ هجري سال 757 هو. هيءُ روضو معزر حاڪم ملڪ اختيار الدين تعمير ڪرايو. جو منصف مزاج حاڪم، سخي، بهادر ۽ رتبي ۾ سڪندر جهڙو آهي. جڏهن کان سيوهڻ شهر آباد ٿيو آهي، اهڙو هاڪم نه ٿيو آهي، جو سخي، مهربان، بخششون ڏيندڙ، پرهيزگار ۽ خوش اعتقاد ديندار آهي. اميد آهي ته کيس انهيءَ شيجي عيوض الله تعاليَ جي فضل سان بهشت ۾ هزارين محلات ملندا. (جيتوڻيڪ مولف کي ڪن بيتن ۾ سقم نظر اچن ٿا، پر جيئن ته روضي مبارڪ تي لکيل آهن، انهيءَ ڪري ڪڇڻ پڇڻ جي مجال نه آهي). ان کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ تر خان پنهنجي حڪومت جي زماني (993هه کان 1000هه مطابق 1585ع کان 1891ع تائين) ۾ روصي کي نئين سر اڳي کان وڏو، موزون ۽ خوبصورت ڪري ٺهرايو. سندس وفات کانپوءِ، سندس فرزند مرزا غازي بيگ ترخان پنهنجي حڪومت جي ڏينهن (1009هه کان 1061هه مطابق 1200ع کان 1416ع تائين) ۾ سندس مرمت ڪرائي، مگر اها ڇا پوري نه ٿي هئي ته وري هندوستان جي بادشاهه دين پناه شهنشاه شاه جهان ان کي ٺهرايو. جو سچ پچ اسم باسميٰ هو (يعني جهڙو سندس نالو هو، پاڻ به اهڙو ئي هو). ڇو ته راقم الحروف (مولف) هندستان جي سياحت وقت پنهنجين اکين سان سندس ڪرايل خير جا ڪم مسجدون، تلاءَ ۽ پليون وغيره ڏٺيون آهن. مان تفصيل ۾ وڃن بدران اختصار کان ڪم ٿو وٺان. دارالسلطنت دهليءَ جي جامع مسجد ۽ ٺٽي جي جامع مسجد انهي ئي بادشاهه جهان پناه جي خواهش سان تعمير ٿيون. سيوهڻ ۾ نواب ديندار خان بخاريءَ کي 1032هه مطابق 1621ع ۾ خاص طور تي قلندر جي روضي جي تعمير لا3 مقرر ڪيائين ۽ هڪ جريب زمين خانقاه مبارڪ ۽ سندس صحن شريف وعيره پنهنجي خرچ تي ڪاشيءَ جي اعليٰ درجه جي سرن سان ٺهرايائين. سندس تعمير، زيبائش ۽ آرائش جي تاريخ هيٺين قطعه ماننڪري ٿي: به دوران شهاب الدين جهان شاه – جهان از فضل او خر سند و آباد قبول آمد نياز خاند دين را – در آن حضرت ڪه چون طالع بودشاد چه گويم وصف آن صحن مقدس – بجائ خشت انجم چيد استاد چو خواهي سال آن بافهم و دانش – بمقطع بين که آمد سال بنياد يکي باشد ز ”فرش مسند شاه (1040هه)“ – دگر باشد ز ”فرش جنت آباد (1041هه)“ ترجمو: بادشاه شهاب الدين شاه جي زماني ۾ - جنهن جي سخا جي ڪري دنيا آباد ۽ خوشحال آهي. قلندر جي حضور ۾ ديندار خان جو نذرانو قبول پيو – جو سندس بخت چڱو هو. مان انهيءَ مقدس صحن جي ڪهڙي تعريف ڪريان – ڪاريگر سيرن جي بجاءِ ستارا سجايا آهن. جيڪڏهن تون ان جو سال معلوم ڪرڻ ٿو گهرين – ته مقطع (آخري بيت) تي نظر ڪر، جنهن مان تعمير جو سال نڪري ٿو. هڪڙو سال آهي ”فرش مسند شاه“ – ٻيو آهي ”فرش جنت آباد“. ۽ دروازيجي ٻاهران مسجد شريف، چبوتڙو ۽ حجرا بادشاه دين پناه (شاه جهان) جي پاران نواب ديندار خان جا ٺهرايل آهن. مسجد جي تعمير جو سال هيٺين قطعه ماننڪري ٿو: بدور شهنشاه شاه جهان – جهان از نوالش چوباغ بهشت چو مسجد بنا ڪرد ديندار خان – بدرگاه شهباز عالي سرشت خرد گفت سالش ”چوبيت العتيق – دگر (1032) ”مسجد از شيخ بهود (1043) نوشت. ترجمو: شهنشاه شاه جهان جي دور حڪومت ۾ - جنهن جي سخا جي ڪري دنيا بهشت جو باغ بنجي پئي آهي. جڏهن دنيدار خان قلندر شهباز جهڙي عالي شان خنادان جي درگاهه ۾ مسجد تعمير ڪرائي. ته عقل سندس تعمير جو (هڪ ) سال ”چوبيت العتيق“ ٻڌايو ۽ ٻيو سال ”مسجد از شيخ بهوه“ لکيائين. مون (مولف) کي شابس هجي، جو ايتري محنت سان مٿي ڄاڻايل شخصيتن جا ڪارناما بيان ڪيا اٿم. هاڻي سجاده نشين صاحبن جو مختصر احوال بيان ڪري، هيءُ زڪر ختم ڪرڻ گهرجي. هن وقت سجاده نشينن جا ٽي خاندان مشهور آهن. هر هڪ (1) سيد حاجي گل محمد شاه باجارن واور (2) سيد حاجي محمد صادق شاه لڪياري ۽ (3) سيد حاجي فتح علي شاه سيوهاڻي. اهي خاندان زميندار ۽ سرڪار دربار ۾ ڪرسي نشين آهن. سال بسال جڏهن 18 – 19 ۽ 20 شعبان المعظم تي حضرت قلندر جي درگاه تي ميلو لڳندو آهي ۽ انهيءَ موقعي تي هندوستان، افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ کان هر طبقي جا ماڻهو مسلمان، هندو، اعليٰ، ادنيٰ، پوڙها، جوان، عورتون ۽ مرد اچي گڏ ٿيندا آهن، ته سڀئي، سجاده نشين صاحبن جا سلامي هوندا آهن ۽ درگاهه تي آمدني ۽ خرچ وغيره جيڪي به ٿيندو آهي، سو سڄو سجاده نشين صاحبن جي ئي معرفت ٿيندو آهي.ميلي جي موقعي کان سواءِ روزانو صبح شام حضرت قلندر جي دروازي تي خلق جا ايڏا هجوم هوندا آهن، جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. ڇو نه هجن؟ آخر ته حضرت قلندر شهباز سنڌ جو بادشاهه آهي. [1] هن فقره جا عدد 911 آهن، نه 893 (مترجم). [2] هن غزل جي قافين ۽ رديفن مان ائين ٿو ڀانئجي، ته منجهس ٽن مختلف غلزن جا ابيات شامل اهن، جي هڪ ئي بحر۾ ۽ هڪ ئي وزن تي چيل آهن. چوٿين، پنجين ۽ ستين جا قافيا ۽ رديف مطلع جي قافين ۽ رديف سان ملن ٿا. گويا اهي ٽئي بيت هڪ الڳ غزل جا بيت آهن. نمبر بئي ۽ نمبر ٽئين بيتن ۾ رديف ڪو نه آهي. صرف قافيا اٿن ۽ ٻنهي جا قافيا هڪ جهڙا هجڻ سبب، ٻئي بيت هڪ الڳ غزل جا بيت معلوم ٿا ٿين. مقطع جو قافيو بالڪل الڳ آهي، اهو ڪنهن ٽئين غزل جو آخري بيت معلوم ٿو ٿئي (مترجم). [3] انهيءَ فقري جا عدد 648 آهن، نه 644 (مترجم). [4] ”نمود آفتاب دين“ ۽ ”برحمت“ جي عددن مان ظاهر آهي ته قلندر سيوهڻ ۾ فقط ٻه سال رهيو (مترجم). باب ٻيو سنڌ جي حڪمران گهراڻن جا طبقا راءِ گهراڻي جو بيان، جو مٿي ڄاڻايل هند ۽ سنڌ جي علائقن تي قديم زماني کان حڪومت ڪندو هو جيتوڻيڪ سنڌ جي قديم تاريخن امن اهو ته معلومٿئيٿو ته هت راء گهراڻو حڪومت ڪندو هو، مگر ڪنهن به مورخ اهو نه لکيو آهي ته انهيءَ گهراڻي جي حڪومت ڪڏهن کان شروع ٿي ۽ ڪهڙو حڪمران ڪڏهن تخت تي ويٺو ۽ ڪڏهن لٿو. ڪن مورخن را3 گهراڻي جي حڪومت جو عرصو سئو ستٽيهه (137) سال لکيو آهي، مگر اهو زمانو به حضور رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي هجرت کان اڳ جو آهي، تنهنڪري رقم الحروف به اڳئين مورخن جي پيروي ڪندي، لکي رهيو آهي. راء گهراڻي جو پهريون حڪمران ”راء ديوانچ“ هو. ان کانپوءِ سندس پٽ ”راءِ سهارس“ تخت نشين ٿيو. ان جي مرڻ کانپوءِ ”راءِ سهاسي“ سندس جانشين ٿيو. پوءِ ”راء سهارس ٻيو“ تخت تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ ”نيمروز“ (ايران) جي بادشاه، مڪران تي چڙهائي ڪئي، جنهن جو تعلق دارالحڪومت اروڙ سان هو (يعني مڪران سنڌ جو علائقو هو) راء سهارس وڏو لشڪر ساڻ ڪري ۽ گهربل ساز سامان کڻي، مڪران پهتو. ڌرين ۾ لڙائي لڳي، جا صبح کان نيمروز (منجهند) تائين چڱي نموني ۾ هلي، پر خدا جي قدرت، جو راء سهارس لڙائي ۾ مارجي ويو ۽ سندس لشڪر ڀاڄ کائي، بنا راءِ سهارس جي، سنڌ ۾ اچي پهتو. راء سهارس جيئن ته بي اولاد هو، تنهنڪري ”راء سهاسي ٻيو“ اميرن جي صلاح سان تخت نشين ٿيو ۽ پنهنجي حڪومت جو زمانو تمام چڱي نموني سان گذاريائين. رعيت جي مٿان جيڪا ڍل مقرر ٿيل هئي، سا معاف ڪيائين ۽ ان جي عيوض هن کان ”اُچ“، ”ماٿيلي، ”سيورائي، ”مئو“[1] ”اروڙ“ ۽ ”سيوهڻ“ جا قلعا مٽي سان ڀرائي ڇڏيائين. هن وقت اُچ پنجاب ۾ آهي ۽ سيورائي ۽ مٿو جو نانء نشان ظاهر ڪو نه آهي (2). راء سهاسي ٻيو سنه 7 هجري مطابق 628 عيوسي ۾ بي اولاد مري ويو ۽ ان جي جاءِ تي ”چچ ولد سيلائج“ برهمڻ، جو اروڙ جو باشندو هو ۽ ڏاڍو خوبصورت ۽ عقلمندهو. فوتي راجا جي راڻي ”سو هندي“ جي محبت ۽ سياڻپ سبب تخت نشين ٿيو ۽ پوءِ ساڻس شادي ڪيائين. هن وقت راء گهراڻي جي حڪمرانن جو اولاد سنڌ ۾ نظرنٿو اچي. شايد ملسمانن يا هندن جي ڪنهن ذات ۾ گڏجي سڏجي ويو آهي. پهريون طبقو برهمڻ گهراڻي جي حڪومت، جا راء گهراڻي کانپوءِ سنڌ ۾ قائم ٿي جڏهن چچ ولد سيلائج برهمڻ سنه 7هه مطابق 628ع ۾ تخت نشين ٿيو، ته ”راڻو مهرت“، جو راء سهاسي جو عزيز هو، ۽ ”چتو رپور“ يا ”جوڌپور“ (راجپوتانا) جو حاڪم هو (3) لڙائي لاءِ تيار ٿي آيو، پر چچ کيس دوکي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس لشڪر کي شڪست ڏنائين. ان کانپوءِ چچ سلطنت جون سرحدون چڱي طرح مضبوط ڪريڇڏيون ۽ چاليهن سالن تائين حڪومت ڪيائين. چچ کانپوءِ سندس ڀاء چندر تخت تي ويٺو ۽ 7 سال حڪومت ڪرڻ بعد مري ويو چندر کانپوءِ چچ جو پٽ ڏاهر پنهنجي موروثي سلطنت جو حڪمران ٿيو ۽ سنه 93هه مطابق سنه 612ع ۾ [2] مسلمان غازين جي هٿان قتل ٿي ويو. سندس احوال مسلمان غازين جي احوال م بينا ڪيو ويندو. برهمڻ گهراڻي جي حڪومت اٽڪل 85 سال رهي. سنه 43هه مطابق سنه 712ع ۾ محمد بن قاسم جي فوجن جي اچڻ کان اڳ ۾، خلفاء راشدين جي زماني ۾، سنڌ جي حڪمرانن سان ڪن عرب حڪمرانن جي جنگين ۽ سنڌ جي ڪن علائقن فتح ڪرڻ جوا حوال. ڪن راويتن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور پر نور محمد مصطفيٰ احمد مرتضيٰ صلي الله عليه وسلم جو ارادو هو ته هنڌ ۽ سنڌ جا ملڪ فتح ڪيا وڃن پر ”ڪُل امر، مرهون با و قا تيها“ (هر ڪم پنهنجي وقت تي ٿيندو آهي) جي مصداق ائين نه ٿيو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين هر پيس امام، فرض نماز پرهائڻ کانپوءِ (دعا گهرن کان اڳ ۾) اتر ڏانهن منهن ڪري ويهدنو آهي. ائين حضور جن جي پيوري ۾ ڪيو ويندو آهي. حضور جن فرض نماز کانپوءِ هميشه منهن مبارڪ اتر پاسي ڪري ويهندا هئا، جو سندن دل ۾ هدن ۽ سنڌ فتح ڪرڻ جي تمنا هوندي هئي. سنڌ جي ڪن تاريخن امن معلوم ٿئي ٿو ته مڪران ۽ ڪرمان خلفاء راشدين (رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين) جي خلافت جي زماني ۾ سندن قبضي ۾ اچي ويا هئا ۽ سندن ئي زماني ۾ ديبل بندر (ٺٽي) (1) تي ڪاهه ڪئي وئي هئي ۽ حالات معلوم ڪرڻ لا3 ماڻهو به موڪيا ويا هئا، جيئن حڪيم بن جبله جي ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هو ڪنهن خليفي جي زماين ۾ آيو هو ۽ هتان وڃن بعد سنڌ جي باري ۾ دربار خلافت ۾ رپورٽ ڪئي هئائين ته ”ماوءُ ها وشل و ثمرها دقل و ارضها جبل و اهلها بطل، ان قل الجيس بها ضاعوا و ان ڪثروا جا عوا“ (سنڌ جو پاڻي ميرو آهي، ميوو بي مزي، زمين پٿريلي ۽ ماڻهو ڏاڍا مڙس آهن، لشڪر ٿورو هوندو ته ختم ٿي ويندو ۽ گهڻو هوندو ته بک مري ويندو). راقم الحروف جو مطلب هي آهي ته ٽنهي وڏن خليفن حضرت عمر فاروق، حضرت عثمان زوالنورين ۽ حضرت علي المرتضيٰ (رضي الله تعاليٰ عنهم) ۽ انهن کانپوءِ جيڪي حضرات (خلافت جي) مسند تي جلوه افروز ٿيا، انهن حضور اڪرم صلي الله عليه و سلم جي جن مرضي مبارڪ کي عملي جامو پهرايو. ٻيو طبقو اموي گهراڻو خليفي وليد بن عبدالملڪ بن مروان جي زماني سنه 96هه مطابق سنه 11 – 710ع ۾ سنڌ ۾ اسلام جي فتح سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي معلوم هجي ته سنه 96هه مطابق 11 – 710ع ۾، بلڪه ان کان به اڳ م ڪن ورهين کان وٺي ڏاهر ولد چچ برهمڻ هند ۽ سنڌ جي انهن علائقن تي راڄ ڪندو هو، جن جو احوال مٿي بيان ڪيو ويو آهي. ڏاهر جي حڪمراني جي زماني ۾ سرنديپ جو هڪ قافلو جهازن ۾ يا ٻيرين جي ذريعي ديبل بندر (ٺٽي) وٽان اچي لنگهيو. قافلي ۾ خليفي لاءِ سوکريون پاکڙيون به هيون ۽ ٻانهيون به (جي سرنديپ جي راجا موڪليون هيون). اهو قافلو ديبل بندر جي عملدارن جي شرارت سبب لٽجي ويو. ٻانهيون قيد ڪيون ويون، جن ٽي دفعا ”اغثني، اغثني، اغثني يا خلفة پڪاريو، يعني اي خلفة المسلمين اسان جي فرياد ٻڌ.“ خليفة المسلمين، مڪران جي گورنر احتجاج بن يوسف ثقفي [3] جي معرفت ديبل بندر جي حاڪمن سان لکپڙهه ڪئي. هنن ۽ خاص طور تي (سنڌ جي راجا) ڏاهر ولد چچ جواب ۾ انهيءَ واقعي کان بي خبرري ڏيکاري ۽ ڪوڙا بهانا بڻايائون. نيٺ ڪجهه عرصي بعد خليفة المسلمين، محمد بن قاسم (بن محمد) بن (ابي) عقيل ثقفيءَ کي، جو حجاج بن يوسف جو سوٽ ۽ داماد هو ۽ اڃا ترهن سالن جو نوجوان هو، سنڌ ۽ هند فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. محمد بن قاسم سوارن ۽ پيادن جو لشڪر ساڻ ڪري ۽ رسد ۽ جنگي هٿيار پنوهار کڻي، ڪرمان ۽ مڪران جي رستي بارمن بيلي (لس ٻيلي) پهتو ۽ ان کي فتح ڪري، خشڪيءَ جي رستي اچي سنڌ ۾ وارد ٿيو. هن موقعي تي راقم الحروف کي ڪجهه چوڻُ آهي ۽ ”تاريخ معصومي، جي مولف تي اعتراص ڪرڻو اهي، جنهن لکيو آهي ته ”اسلامي لشڪر محمد بن قاسم جي ڪمانڊ هيٺ پهريائين نيرون ڪوٽ يعني حيدرآباد ۾ آيو ۽ ان کانپوءِ ديبل بندر ويو.“ مگر تحفتة الڪرام وارو ۽ ٻيا مورخ لکن ٿا ته ”محمد بن قاسم اول ديبل بندر تي وڃي حملو ڪيو هو.“ راقم الحروف به هيٺين سببن جي ڪري انهن مورخن سان اتفاق ٿو ڪري: جيئن ته اسلامي لشڪر عراق عجم، مڪران ۽ لس ٻيلي جي رستي سنڌ ۾ آيو، تنهن ڪري کيس حب نبديءَ وٽان لنگهڻو پوندو هو. راقم الحروف مٿي ڄاڻايل علائقن مان گهڻا علائقا پاڻ وڃي ڏٺا آهن. انهن علائقن کي هڪ طرف کان جبلن جون قطارون آهن ۽ ٻئي طرف کان سمنڊ جڏهن صورتحال اها آهي ته پوءِ اسلامي لشڪر جا سپاهي حب نديءَ وٽان لنگهي اول ڪراچي پهتا هوندا (جيتوڻيڪ انهيءَ زماني ۾ ڪراچي شهر جو نان نشان به ڪو نه هوندو، جو هن وقت سنڌ جو دارالحڪومت آهي) ۽ پوءِ ڪراچي کان ديبل بندر ويا هوندا، جو وي ميلن کان زياده فاصلي تي نه آهي. (2) سنڌ جي تاريخ جي سڀن يڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي ته محمد بن قاسم کي، قيدي آزاد ڪرائڻ ۽ واپارين کي سندن غصب ڪيل مال واپس ڏيارڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جي ديبل بندر تي ڦريا ويا هئا پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو اهڙي اهم ۽ اصلي هنڌ کي وچ تي ڇڏي، جتي اهو واقعو ٿيو هو، ٽيهه ڪوه اڳتي وڌي، نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ويو هوندو؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اي. تاهم ڳالهه پراڻي آهي ۽ چئي نٿو سگهجي. ته اصل حقيقت ڇا آهي؟ مطلب ته پوين مورخن جي راءِ مطابق محمد بن قاسم لشڪر ساڻ ڪري، ديبل بندر (ٺٽي) پهتو ۽ ٻيو لشڪر ۽ ساز سامان به جو خليفة المسلمين جهازن ۾ چارهي، سنڌ روانو ڪيو هو، محمد بن قاسم وٽ پهچي ويو. ديبل جو قلعو تمام مضبوط هو. کيس منجنيق سان ٽوڙيو ويو ۽ ماڻهن کي قتل ۽ زخمي ڪيو ويو. جيسر [4] ولد ڏاهر، جو ديبل جو حاڪم هو، نيرون ڪوٽ ڏانهن ڀڄي ويو. غنيمت جو مال هٿ ڪرڻ ۽ ”ديول“ نالي بت کي ڀڃڻ کانپوءِ مسجد تعمير ڪرائيوئي. محمد بن قاسم، قيدين کي آزاد ڪرائي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کانئن حال احوال ورتائين. قيدين ”گيلي، نالي جيل جي محافظ (يجلر) جي تعريف ڪئي ۽ چيائون ته ”جيتوڻيڪ هو مسلمان نه آهي پر انهيءَ هوندي به اسان سان مسلمانن وانگر پيش ايندو رهيو آهي.“ محمد بن قاسم قيدين کي سوکڙيون پاکڙيون ۽ مال غنيمت جي حصي سميت خليفة المسلمين ڏاهن روانو ڪيو، ۽ پان اسلامي دستور مطابق انتظامي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. احمد بن وداع نجدي (2) کي ديبل جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پوءِ نيرون ڪوٽ ڏانهن رخ رکيائين. ڪجهه سامان ”ساڪري، ندي جي رستي نيرون ڪوٽ موڪليائين، جنهن جو نالو هو وقت ”بگهاڙواه“ آهي. پاڻ هفتي کن ۾ نيرون ڪوٽ وڃي پهتو ۽ وڃڻ کان اڳ م گيلي (جيلر) کي جنهن اسلامي طرز زندگي اختيار ڪئي هئي، احمد بن وداع سان ديبل جي حڪومتي ڪاروبار ۾ شرڪي ڪري ويو (يعني مدد ڪرڻ لاءِ سندس ماتحتيءَ ۾ ڏئي ويو). جيسر ولد ڏاهر، جو ديبل کان ڀڄي، نيرون ڪوٽ پهتو هو. ديبل جي فتح ٿي وڃڻ ۽ نيرون ڪوٽ ۾ محمد بن قاسم جي پهچڻ جي ڳالهه ٻڌي، اتان برهمڻ باد (ٻانڀران) ڏانهن ڀڳو ۽ نيرون ڪوٽ جي اڳئين حاڪم ”سمنيءَ“ کي اتي ڇڏي ويو. نيرون ڪوٽ وارن قلعي جو دروازو بند ڪري، جنگ جي راهه اختيار ڪئي ۽ مسلمانن جي لاءِ پاڻي، گاه ۽ ٻي گهربل رسد بند ڪري ڇڏيائون. جنهن ڪري اسلامي لشڪر کي سخت تڪليف ٿي. پر نيٺ قلعي جو حاڪم ٿڪجي پيو ۽ مسلمانن ڏانهن گهربل رسد به موڪليائين، پاڻ به مسلمان ٿي، اطاعت قبول ڪيائين ۽ قلعي جون ڪنجيون به مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. مورخن اهو به لکيو آهي ته محمد بن قاسم جي دعا سان مينهن وسيو ۽ ان جي ڪري مسلمانن جي تڪليف ڍري ٿي. آخر امير محمد بن قاسم فتحيابي ۽ سڀني انتظامي ڳالهين جي سرانجاميءَ کانپوءِ، مسلمانن جي دستور مطابق نيرون ڪوٽ ۾ هڪ شاندار مسجد تعمير ڪرائي ۽ ان لاءِ موزن (۽ امام) وغيره جو سهڻي نموني سان بدوبست ڪري، شهر جو انتظام هڪ شمنه حاڪم [5] جي سپرد ڪيائين، ۽ پوءِ پنهنجي سڄي لشڪر ۽ سامان اسباب سميت سيوهڻ ڏانهن ڪوچ ڪيائين. جڏهن سيوهڻ پهتو ته نيرون ڪوٽ جي اڳئين حاڪم سمنيءَ، جو مسلمان ٿي چڪو هو ۽ محمد بن قاسم سان گڏ هو، سيوهڻ جي حاڪم بجيراءِ ولد چندر کي لکي موڪليو ته ”عربن جي سپاه سان جنگ ڪرڻ مشڪل آهي. تنهن ڪري توکي به مون وانگر اطاعت قبول ڪري، قلعي جون ڪنجيون مسلمانن جي حوالي ڪرڻ گهرجي.“ مگر هن اها صلاح نه مڃي ۽ جنگ شروع ڪري ڏنائين. اسلامي لشڪر ستن ڏينهن تائين قلعي جو محاصرو ڪيو. آخر سيوهڻ جي حاڪم لاچار ٿي، ڀاڄ کاڌي ۽ ”حصار سيسم“ (سيسم جي قلعي) (2) جي حاڪم وٽ وڃي پناه ورتائين (هن وقت اهو پتو نه ٿو پوي ته سيسم جو قلعو ڪهڙي هنڌ هو). محمد بن قاسم سيوهڻ جي قلعي ۾ داخل ٿيو. قلعي وارن کي قتل ۽ زخمي ڪيائين. جن امان گهري، انهن کي امان ڏنائين. سڀني ديني معاملن جو پورو پورو ۽ نهايت ئي سهڻو بندبوست ڪيائين. خليفة المسلمين ڏانهن سوکڙيون ۽ مال غنيمت جو پنجون حصو موڪليائين ۽ هڪ معتبرماڻهوءَ کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪي، پاڻ سيسم جي قلعي ڏانهن رخ رکيائين، جتي ”ڪاڪو ولد ڪوتل“ [6] حاڪم هو. درياء جي پرينءَ ڀر ڪن ماڻهن اسلامي سپاه تي راتاهو هنيو (يعني شبخون = رات جو لڪي غنيم تي حملو ڪرڻ). مگر حمله آور (موٽڻ وقت) رستو ڀلجي ويا ۽ پشيمان ٿي، اچي محمد بن قاسم جي پيش پيا. جنهن کين پناه ڏئي، مٿن ڍل مقرر ڪئي. ڪي ڀڄي ويا ۽ گهطور (2) سالوج ۽ قندائيل جي قلعن ڏانهن هليا ويا. راقم الحروف کي چڱي طرح خبر آهي ته هن وقت ٽنهي قلعن جو ڪو نانءُ نشان ڪو نه آهي ۽ نه اهو معلوم آهي ته اهي قلعا ڪهڙي هنڌ هئا. محمد بن قاسم وڏي خونريزيءَ کانپوءِ انهن قلعن کي فتح ڪيو. جدا جدا قومن کي امان ڏنائين ۽ مٿن ڍل مقرر ڪيائين. ان کانپوءِ حجاج بن يوسف جي حڪم سان نيرونڪوٽ جي قلعي ڏانهن وڃڻ لاءِ سنبريو ته ايتري ۾ چنا قوم جو هڪ مخبر اچي سهڙيو. انهيءَ وقت ظهر (بن پهرن جي نماز) جي اذان ٿي هئي ۽ محمد بن قاسم جماعت جون صفون سڌيون ڪرائي، نماز پڙهائي رهيو هو ۽ جماعت، نمازجا سڀئي ارڪان قيام، رڪوع، قعود، سجود ۽ ٻيون حرڪات ۽ سڪنات سندس امامت ۾ ادا ڪري رهي هئي. اهو مخبر، اهي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڏسڻ بعد موٽي ويو ۽ پنهنجي قوم کي وڃي چيائين ته ”مان هن سپاه ۾ اهڙي ٻڌي ڏٺي اهي، جو هو جنهن مقصيد پوري ڪرڻ جو ارادو ڪندا، ان کي ضرور پورو ڪندا.“ ۽ پوءِ هنن امامت ۽ جماعتجو احوال، جيئن ڏٺو هئائين، تيئن بيان ڪري بڌايائين. اهو عجيب ۽ حيرت انگيز احوال ٻڌي، هنن جي دلين م سخت خوف پيداٿيو ۽ هو نذرانو کڻي، محمد بن قاسم جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا. هو اهڙي وقت آيا، جڏهن مسلمانن جي اڳيان دستخوان وڇايل هو ۽ ماني کائي رهيا هئا. جنهن ڪري محمد بن قاسم کين ”مر زوق“ (رزق وارا) سڏيو [7]. چنا اسلام قبول ڪري ۽ پنهنجي مٿان عشر مقرر ڪرائي، واپس ويا. انهي واقعي جي ڪري اڃا تائين به چنن کي ڪڏهن ڪڏهن ”مر زوق“ سڏيو ويندو آهي. چنا هن وقت دادو ۽ جوهي تعلقن ۾ ڪاشتڪاري زمينداريڪندا آهن. چنن جو سردار وڏيرو خدا بخش خان ولد محروم پنهون خان آهي، جو سرڪار جو درباري يعني ڪرسي نشين آهي. امير محمد بن قاسم انهن قلعن فته ڪرڻ بعد ”چچنامي“ ۽ ”تحفة الڪرام“ مطابق نيرون (حيدرآباد) جي قلعي ۾ آيو مگر ”تاريخ معصومي“ مطابق ٽلٽي وٽان، جو اڇا تائين سنڌو ندي جي ڪناري تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، درياءَ اُڪاري، سنڌ جي دارالسلطنت اروڙ ڏانهن روانو ٿي ويو. راقم الحروف جيئن ته اختصار کان ڪم وٺي دارالسلطنت اروڙ جي فتح جو بيان ڪرڻ گهري ٿو، تنهنڪري مٿي ڄاڻايل مورخن جي اقوالن کي نظر انداز ڪندي، لکي ٿو. بهرحال امير محمد بن قاسم سنڌونديءَ منجهان انهي پل جي ذريعي اڪريو، جا بيرين مان ٺاهي هئائون، پرين ڀر پهتو. درياءَ جي ڪناري تي ڪافرن تمام وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي، لڙائي شروع ڪري ڏني پر مسلمانن جو جهنڊو فتح ۽ نصرت جي هير سان ڦڙڪڻ لڳو ۽ هو راور [8] جي ڀرسان وڃي پهتا. مگر قلعو تمام مضبوط هو، جنهن ڪري هنن منجنيقون، باه جا گولا ۽ ٻيا هٿيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، جي روم ۽ ايران وارن کي استعمال ڪندي، ڏٺا هئائون. اهڙي ريت ڏهن ڏينهن تائين جنگ جاري رهي. تانجو رمضان سريف سنه 93هه مطابق سنه 712ع جي ڏهين تاريخ راجا ڏاهر زره پهري، وڏي جوش خروش سان سفيد هاٿيءَ تي سوني پالڪي ۾ چرهي، ڪافرن جو وڏو لشڪر ساڻ ڪري، قلعي کان ٻاهر نڪتو. مٿي تي جڙاءَ دار تاج ۽ بدين تي شاهي پوشاڪ ٻه خوبصورت ٻانهون ساڻ. هڪڙي شراب جو پيالو ڀري ٿي پيارس ۽ ٻي پان پئي کارايس. صبح کان وٺي سام تائين ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ ايڏي سخت لڙائي لڳي، جو ان جو بيان ڪري نه سگهبو. چيو وڃي ٿو ته ڏاهر جي هٿ ۾ اهڙي عجيب و غريب چرخي ۽لوهي سرڪڻ ڦاهي هئي، جو جيڪو به ويجهو ٿي آيس، اک ڇنڀ ۾ ان جي سس وڍي، پاڻ ڏانهن ڇڪجي ٿي ورتائينس. انهيءَ تباه ڪن صورت حال مسلمانن جو دماغ پريسان ڪري ڇڏيو. محمد بن قاسم پاڻ به حيران ۽ پريسان ٿيويو. چپ خشڪ ٿي ويس ۽ ”اطعمني الماءَ“ (مونکي پاڻي پياريو) ٿي چيائين. آخر اسلامي جهنڊو هٿ ۾ کڻي، راجا ڏاهر جي هاٿيءَ وٽ وڃي پهتو ۽ زور شور سان نعره تڪبير ”الله اڪبر، الله اڪبر“ هڻڻ شروع ڪيائين. مسلمان سپاهين تيرن وسائڻ، ترارن هلائڻ، نيزن اڇلائڻ ۽ آتسي هٿيارن استعمال ڪرڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. ٻنهي لشڪرن جا هزارين سپاهي قتل ٿي ويا. نيٺ الله مرضي پوري ٿي، جو اتفاقاً يا ڄاڻي واڻي باه جو هڪ شعلو راجا ڏاهر جي پالڪئي ۾ وڃي پيو جنهن ڪري هاٿيءَ ٽاه کاڌو ۽ پاڻي جي طرف وٺي ڀڳو، جو ميدان جنگ جي ويجهو هو. جنگ جاري هئي ۽ تيرن جو وسڪارو ٿي رهيو هو ته هڪ تير راجا ڏاهر جي گلي ۾ وڃي لڳو ۽ سندس روح جو پکي بدن جي پڃري مان پرواز ڪري ويو. اهو عجيب واقعو اهڙي وقت ٿيو، جڏهن سج لهڻ وارو هو. برهمڻ اهو حيرت انگيز حادثو ڏٺو، ته انهن مان گهڻن ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ ڪن راجا ڏاهر جو لاش پالڪيءَ مان ڪڍي، درياءَ جي ڪناري تي گپ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ پوءِ قلعي ڏانهن ڀڳا، ته مسلمانن جي ور چرهي ويا، جي سندن لنگهه روڪيو ۽ دروازو بند ڪيو بيٺا هئا. انهيءَ وقت انهن مسلمانن جو سرڪردو قيس هو، جنهن برهمڻ کي قتل ڪرڻ ٿي چاهيو. مگر برهمڻ امان گهري ۽ راجاڏاهر جي قتل ٿي وڃڻ جي خبر ٻڌايائون. اهي به خوبصورت ٻانهيون به گرفتار ڪيون ويون، جي راجا ڏاهر سان گڏ سفيد هاٿي تي پاڪي ۾ ويٺل هيون. برهمڻ جي ڏس تي راجا ڏاهر جو سر، ڌڙ کان ڌار ڪري محمد بن قاسم وٽ پيش ڪيو ويو. ٻانهين راجا جو سر سڃاڻي، تصديق ڪئي. مسلمان ڏاڍو خوش ٿيا. اها جمعي رات هئي، جا فتح جي خوشي ۾ ۽ پنهنجي پروردگار جي عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائيون. محمد بن قاسم جمعي ڏينهن صبه جو سوير راجا ڏرهي جي سسي برهمڻن ۽ ٻانهين جي هٿ قلعي جي دروازي تي ڏياري موڪلي. اها رمضان شريف سنه 93هجري (مطابق پهرين ولاءِ 712ع) جي يارهين تاريخ هئي. [9]. قلعي وارن کي راجا ڏاهر جي قتل ٿي وڃڻ تي اعتبار نٿي آيو. جڏهن اها ڳالهه راڻي لاڏي ٻڌي، ته هڪدم محلات مان نڪري، قلعي جي دروازي تي آئي ۽ ٻانهين جي واتان به ساڳي ڳالهه ٻڌائين، جي روئي رهيون هيون ۽ پاڻ به راجا ڏاهر جو سر سڃاتائين. پوءِ هڪدم پاڻ کي قلعي جي فصيل تان هيٺ اڇلايائين، جنهن ڪري قلعي ۽ سهر ۾ وڏو شور مچي ويو. قلعي جو دروازو کوليو ويو ۽ سملمان اندر گهڙي پيا. بت ڀڃي ڇڏيائيون ۽ مسجدون تعمير ڪيائون. جمعي نماز کانپوءِ خزانوهٿ ڪيائون، جنهن ۾ هيرا جواهر ۽ قيمتي ڪپڙا هئا. سڀني شين جي فهرست تياري ڪري، راجا ڏاهر جون ٻه ڌيئر ”نرمل ديوي، ۽ ”سورج ديوي“، راجا ڏاهر ۽ ٻين برهمڻ اميرن جا سر، قيس جي هٿ، جنهن سان هڪ سئو سوار ساڻ هئا، دارالحڪومت (دمشق) ڏياري موڪليائيون. محمد بن قاسم مڪمل بندوبست ۽ نظم نسق قائم ڪرڻ، شرعي احڪام نافذ ڪرڻ ۽ برهمڻ آباد (ٻانڀران) وغيره جا قلعا فتح ڪرڻ بعدخليفة المسلمين کان اجازت وٺي راجا ڏاهر جي ڀيڻ سان نڪاح ڪيو. راقم الحروف (لب تاريخ جو مولف) هن احوال لکڻ جي جرات ٿو ڪري، جيتوڻيڪ پڙهندڙن کي طوالت جي ڪري اها ڳالهه نه وڻندي، پر جيئن ته هن ڪتاب جي ديباچه مطابق ضروري ڳالهين بيان ڪرڻ ۾ ڪو هرج نه اهي، تنهنڪري لکڻو ٿو پوي، ته راجا ڏاهر جي اها ڀيڻ اها ئي هئي جنهن جي باري ۾ برهمڻن ڏاهر کي اڳواٽ ئي ٻڌايو هو ته هن جو نڪاح انهيءَ شخص سان ٿيندو جو سنڌ جي سلطنت جو والي هودو ۽ انهيءَ ڪري ئي ڏاهر هن سان شادي ڪئي هئي. مگر برهمڻن جو چوڻ نٺ صحيح ثابت ٿيو، جو سنڌ جي سلطنت جي والي محمد بن قاسم جي نڪاح ۾ اچي وئي. محمد بن قاسم سڄو سال دارالسلطنت (اروڙ) ۾ رهي، ان جي اوسي پاسي وارن قلعن فته ڪرڻ ۾ گذاريو. انهيءَ وچ ۾ راجا ڏاهر جي پٽن ۽ مٽن مائٽن جي برپا ڪيل شورشن سبب ڪي ننڍيون وڏيون جنگيون به ٿيون، مگر خدا جي فضل ۽ دين اسلام جي برڪت سان هو سڀني ۾ ڪامياب ٿيو. انهن ڪاميابين کانپوءِ ”ساوندي ري“ [10] ۽ ان جي اوسي پاسي رهندر سما قوم جا ماڻهو، جي اڃا تائين سنڌ ۾ جدا جدا هنڌن تي رهن ٿا سي (مگر ”ساوندري“ جو شهر هن وقت ناپيد اهي) دهل دماما وڄائيندا ۽ ناچ ڪندا مٿي اگهاڙا محمد بن قاسم وٽ اچي حاضر ٿيا. محمد بن قاسم ماڻهن کان پڇا ڪئي ته ”هيءَ ڪير اهن؟“ ٻڏايائونس ته ”جڏهن ڪو بادشاهه فتحياب ٿيندو آهي ته هي ماڻهو انهي نموني خوشيءَ جو اطهار ڪندا ۽ مبارڪباد چُڻ ايندا آهن.“ محمد بن قاسم هنن جي اها خلوص ڀري روش ڏسي کين، ڍل معاف ڪريڇڏي. اهڙي ريت لوهاڻا، سهتا، چندر، ماڇي ۽ ڪوريجا به جي سنڌ جي جدا جدا ضلعن ۾ رهن ٿا ۽ ڪاشتڪاري ڪن ٿا، محمد بن قاسم وٽ آيا، جن جي مٿان ڍل وجهڻ بدران“ ”سونهين“ جو ڪم رکيو ويو يعني جيڪي ماڻهو دارالسلام (1) کان دارالسلطنت (اروڙ) اچن، يا دارالسلطنت کان دارالسلام وڃن ته انهن جا سونها ٿين ۽ کين رستو ڏيکارين. محمد بن قاسم سڄو سال اروڙ ۾ گزارن ۽ اروڙ جي رهاڪن کي نصيحت ۽ هدايت ڪرڻ بعد حڪومت جو انتظام اسلامي شريعت موجب رکيو ۽ اضف بن قيس جي ڏهتي رواح اسدي کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيائين. قضا جو عهدو موسيٰ بن يعقوب بن طائي (بن محمد بن موسيٰ) بن شيبان بن عثمان ثقفيءَ جي حواليڪري، کيس ”قاضي القضاة“ (چيف جج) جو اعزاز عطا ڪيائين (راقم الهروف جو خيال آهي ته اهو موسيٰ بن يعقوب ”وقائع سند“ يا ”چچنامي، (فتحنامي) جو مولف آهي). برهمڻ آباد ۾ وداع بن حميد البحري [11] کي حاڪم ڪري رکيائين ۽ ٻين قلعن ۽ ننڍن سهرن جو مناسب انتظام ڪرڻ بعد پاڻ ربيع الاول 94هه مطابق ڊسمبر 712ع (1) ۾ اُچ ۽ ملتان فتح ڪرڻ لاءِ ڪوچ ڪيائين. انهيءَ وقت محمد بن قاسم جي جهنڊي هيٺ پنجاهه هزار سوارن ۽ پيادن جو لشڪر هو. واٽ تي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪي سرڪش باغ ڏٺائين ٿي، انهن کي دڙڪو داب ڪري ۽ جزيه مقرر ڪري ڇڏي ٿي ڏنائين. ”باتيه“ ۽ ”سڪه“ جي قلعن فتح ڪرڻ بعد ملتان فتح ڪيائين. ملتان جا سرڪردا ماڻهو استقبال لاءِ آيا ۽ (اطاعت گذاري ۽ وفاداريءَ جا) انجام اقرار ڪيائون. ملتان ۾ ”دائود بن نصر بن وليد عماني“ (2) کي امير مقرر ڪيائين. ”خريم بن عبدالملڪ تميمي“ کي ”برهمپور“ جي قلعي جو والي ڪري رکيائين، جوجهلم (پنجاب) ۾ هو (3). پوءِ پاڻ ديبالپور (پنجاب) روانو ٿيو. ديبالپور فتح ڪرڻ بعد قنوج ۽ ڪشمير ويو. اتان جي راجا ۽ حڪمرانن به اسلام جي اطاعت قبول ڪئي ۽ ڍل به دارالخلافت موڪلڻ جو اقرار ڪيائون. جڏهن محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي سلطنت جي سڀني علائقن تي فتح حاصل ڪئي ۽ سندس دل هر قسم جي انديشي ۽ وسوسي کان مطمئن ٿي ۽ واپس وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته اوچتو خليفي وليد وٽان معزوليءَ جو حڪم پهتو، جنهن جو تفصيل هن ريت اهي ته محمد بن قاسم اروڙ فته ڪرڻ بعد راجا ڏاهر جي بن ڌيئرن کي هيرن جواهرن جي تحفن ۽ نذرانن سميت خليفة المسلمين جي خدمت ۾ موڪليو هو. هڪ رات خليفي ٻنهي ڀينرن کي پاڻ وٽ گهرايو. جڏهن ٻنهي شهزادين جي منهن تان نقاب هٽايائون ته خليفو سندن حسن ۽ جمال ڏسي، پهرين نظر ۾ ئي مٿان فدا ٿي پيو. پهريائين ترجمان جي معرفت هنن کان نالا پڇيائين. پوءِ هڪڙيءَ کي پنهنجي بستري تي اچڻ جو حڪم ڏنائين. ٻنهي ڄڻين عرض ڪيو ته ”اسين شاهي خلوت گاه جي لائق نه آهيون. ڇو ته محمد بن قاسم اسان کي ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رکي چڪو آهي.“ شهزادين جو اهو بيان سنڌيءَ ۾ هو، جو ترجمان عربيءَ ۾ خليفي جي خدمت ۾ عرض ڪيو. خليفتة المسلمين اهاڳالهه ٻڌڻ شرط غصي ۽ غيرت جي جوش کان تپي باه ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته ”محمد بن قاسم، هن بي ادبيءَ جي ڪري پاڻ کي ڳئون جي ڪچيءَ کل ۾ وجهرائي، دارالخلافت ۾ حاضر ٿئي.“ ۽ شاهي فرمان جي حاشيه تي پنهنجي هٿ سان ڪاوڙ ۾ ۽ تاڪيد خاطر هيءُ الفاظ لکيائين ته ”محمد بن قاسم جتي به هجي، هن حڪم جي تعميل ڪري.“ امير محمد بن قاسم کي جڏهن هي غضبناڪ فرمان مليو، تڏهن هو ”اڌي پور“ (هندوستان) ۾ هو. فرمان پهچڻ شرط سندس تعميل ڪيائين. ٽن ڏينهن کانپوءِ سندس روح پرواز ڪريويو. دربان، سندس لاش، جو صندوق ۾ رکيل هو، دربار خلافت ۾ پهچايو. انهيءَ ڏينهن دربار عام هئي، لاش واري صندوق خليفي جي حضور ۾ پيش ڪئي وئي. خليفي پڇيو ته ”ڇا، محمد بن قاسم جيئرو آهي؟“ دربان عرض ڪيو ته ”تن ڏينهن بعد انهيءَ کل جي اندر فوت ٿي ويو.“ پوءِ خليفي جي حڪم موجب صندوق حرم سراءِ ۾ موڪلي وئي ۽ ٻنهي شهزادين کي گهرائي، سندن روبرو کولي وئي. خليفي چين ته ”سڃاڻو، اهو آهي يا ڪو ٻيو ڏسو، منهنجو ڪم ڪيئن ٿو هلي؟“ ٻنهي ڀينرن خليفي جي تعريف ڪئي ۽ کيس هٿ کڻي دعائن ڪرڻ بعد چيائون ته ”منصف مزاج بادشاهه کي ڪنهن به اهم ڪم ۾ تڪڙ ڪرڻ نه گهرجي. اسان محمد بن قاسم جي مٿان اها تهمت دشمنيءَ جي ڪري رکي هئي. ڇو ته اسان جو پيءُ هن جي هٿان قتل ٿيو. بادشاهي اسان جي خاندان مان هلي وئي ۽ اسان کي قيدي ۽ مجبور بڻجي، پرديس ۾ اچڻو پيو. بادشاهه (خليفي) جوش سبب اسان جي الزام جي تحقيق نه ڪئي، سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ امتياز ڪرن کانسواءِ ئي اهڙو حڪم صادر ڪيائين. حالانڪه محمد بن قاسم اسان جيلاءِ اسان جي پءَ ۽ ڀاءُ جي برابر هو ۽ هن جو هٿ اسان جي عصمت جي دامن تائين ڪين پهتو هو. جيتوڻيڪ اسان جو مطلب پورو ٿي ويو. يعني پنهنجي پيءَ جو انتقام وٺڻ، مگر خليفي جو انصاف داغدار ٿي پيو.“ خليفي جڏهن ترجمان جي معرفت اها ڳالهه ٻڌي ته پهريائين شرمساريءَ کان ڪنڌ هيٺ ڪيائين پر پوءِ سخت جوش ۽ غصي ۾ حڪم ڏنائين ته ”ٻنهي ڀينرن کي گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي، شهر (دمشق) جي چوگرد ڦيرائي، درياءَ ۾ اڇلايو وڃي.“ ڪن مورخن جو چوڻ آهي ته کين ديوارين ۾ پورائي مٿان اوساري ڪرائي ڇڏيائون ۽ محمد بن قاسم جو لاش دمشق جي قبرستان ۾ دفنايائون. جيتوڻيڪ ڳالهه وڏي اهي پر رقم الحروف ان کي اختصار سان قلمبند ڪيو آهي. محض پرهندڙن جي عبرت لاءِ ته ڪيئن نه اهڙي بهادر ۽ هڪ ڪافرانه سلطنت جي فاتح جي خلاف وقت جي خليفي نفساني خواهش جي جوش ۾ اهڙو ناجائز ۽ نامناسب حڪم صادر ڪيو. [12]. اهو واقعو 94هه مطابق 715ع ۾ ٿيو (1). محمد بن قاسم جي رحلت کان ٻه سال پوءِ (133-132هه مطابق 80-749ع ۾) سنڌ جو ملڪ لاوارث ٿي پيو (2) ۽ سنڌ وارن بغاوت ۽ نافرمانيڪئي ۽ خود مختار بنجڻ جي ڪيائون. برهمڻ آباد تي ڏاهر جي پٽ جيسر قبصو ڪيو ۽ ملڪ جا ٻيا به ڪيترائي علائقا برهمڻ جي قبضي ۾ اچي ويا. فقط هيٺين سنڌ جو ڪجهه علائقو، جو سمنڊ کي ويجهو هو، اموي حڪومت جي ماتحت رهيو. مگر انهيءَ علائقي ۾ به اموي گهراڻي جي حڪمراني نالي ماتر هئي. جڏهن 134هه مطابق 751ع ۾ خليفو وليد تو ٿيو [13] ۽ سليمان بن عبدالملڪ خلافت جي مسند تي ويٺو، ته عامر بن عبدالله کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيائين (1). هن سنڌ ۾ پهچندي ئي جيسر ولد ڏاهر سان برهمڻ آباد جي ڀرسان جنگ ڪري، قلعي تي قبصو ڪيو ۽ ڪن ٻين علائقن تي به قبضو ڪيائين. راقم الهروف جو پختو خيال آهي ته سنڌو نديءَ جي ڪناري تي (هيٺين سنڌ ۾) ”عامريءَ“ نالي جيڪو ڳوٺ آهي ۽ جتي هڪ پراڻي قلعي جو وڏو دڙو آهي، شايد اهو قلعو سنڌ جي انهيءَ حاڪم عامر جو هوندو. سليمان کانپوءِ مروان بن محمد، جو ”القادر بالله“ جي لقب سان ملقب هو، خليفو ٿيو ۽ هن ابو طالب کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو ۽ اهو اموي گهراڻي جو آخري حاڪم هو ۽ پوءِ (سنڌ ۾) اموي گهراڻي جي حڪومت ختم ٿي وئي (2). سنڌ جي تاريخن مطابق سنڌ تي اموي گهراڻي جو قبضو چاليهه سال مس رهيو. سنه 92هه مطابق 711ع کان وٺي سنه 134هه مطابق 751ع تائين. ان کان ٻه ٽي سال پوءِ سنڌ ۾ انتشار پيد اٿيو. تحفة الڪرام جي مولف جو چوڻ آهي ته ”سسئي – پنهون“ وارو واقعو، جنهن جو قصو سنڌ ۾ مشهور آهي، انهي زماني ۾ ٿيو هو. [1] اصل ۾ ”مود“ اهي (2) ”سيوراهي“ (سيورائي) رياست بهاولپور جي حدن ۾ موجود آهن (3) هي لفظ ”فتحنامي، موجب ”چترور (چتوڙ) آهي، جو هاڻي به راجپوتانا (هندوستان) ۾ موجود آهي. [2] راجا ڏاهر ”فتحنامي، موجب سنه 92هه مطابق سنه 710 يا 711ع ۾ قتل ٿيو (نبي بخش بلوچ). (1) مولف خواه مخواه ديبل بندر کي ٺٽي سان ملايو آهي، جا ڳالهه غلط اهي. ٺتي جو بنياد سمن جي دور ۾ اٺين صدي هجريءَ ۾ پيو هو. ديبل هڪ قديم شهر هو، جو سمنڊ جي ڪناري تي هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو مضمون ”ديبل جو امڪاني محل وقوع“، جو حيدرآباد دکن جي هڪ رسالي ”اسلامڪ ڪلچر“جولاءِ 1956ع ۾ شايع ٿيو. [3] حجاج بن يوسف عراق جو گورنر هو ۽ مڪران به سندس عملداريءَ ۾ هو (ن ب). [4] فتحنامي مطابق ”جيسينه“ (2) فتحنامي مطابق حميد بن وداع (ن ب). [5] دراصل هن جو نالو ئي شمنه هو. (2) فتحنامي موجب سڀني مورخن ”سم“ لکيو آهي. [6] فتحنامي موجب ٻڍو ولد ڪاڪو ولد ڪوتڪ. (2) اصل ۾ ”محصل“ (ن ب). [7] هن خطاب مان ائين ٿو ڀانئجي ته کين پاڻ سان گڏ دسترخوان تي ويهاري، ماني کارائي هوندائين (مترجم). [8] فتحنامي موجب ”الور“ (اروڙ) (ن ب). [9] سنه 92هجري مطابق 711 عيسوي (ن .ب) [10] فتحنامي مطابق ”ٺري“. (1) ”دارالسلام بغداد شريف“ (ن ب). [11] فتحنامي مطابق”وداع بن حميد نجدي“ (سنڌي ترجمو حاشين ۽ تعليقات سان. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1954ع) (1) آڪٽوبر 711ع (2) عثماني (3) حريمن بن عبدالملڪ بن تميم کي ”حصار پوره“ (پنجاب) ۾ رکيائين جو درياءَ ڪمال جي ڪناري تي هو (ن ب). [12] هي هڪ بيهودو ۽ بالڪل ڪوڙو قصو آهي ۽ ان لاءِ تاريخي ثبوت ڪو نه آهي. محمد بن قاسم جي معزولي ۽ موت جو سبب سياسي حالات هئا، جي خليفي وليد جي پوئين وقت ۾ پيدا ٿيا. خليفي وليد چاهيو ٿي ته پنهنجي ڀاءُ سليمان جي بدران، پنهنجي پٽ کي ولي عهد مقرر ڪري. حجاج ان يوسف انهيءَ ڳالهه ۾ هن جو پورو پورو ساٿ ڏنو، جنهنڪري سليمان ۽ حجاج جي وچ ۾ دشمني پيدا ٿي پئي. وليد جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سليمان خليفو ٿيو ۽ محمد بن قاسم کي جو حجاج جو ڀائٽيو هو، معزول ڪيائين. محمد بن قاسم بي وقوف ۽ احمق حاڪمن جي ور چڙهي ويو ۽ صالح بن عبدالرحمٰن جي قيد ۾ فوت ٿي ويو (ن ب). (1) سنه 131هه مطابق سنه 748ع غلط آهي. ڇو ته وليد جمادي الاخر 92هه مطابق فيبروري 748ع ۾ فوت ٿيو (ڏسو تاريخ طبري، ڇاپو لنڊن 2x1629) ۽ سليمان، وليد جي جاءِ تي خليفو ٿيو. محمد بن قاسم جي معزولي ۽ موت گهڻو ڪري انهيءَ ئي سال ٿيو (ن .ب). (2) اهو ”لب تاريخ“ جي مولف جو رڳو خيال آهي (ن. ب). [13] خليفو وليد سڀني مورخن جي قول مطابق وچ جمادي الاخر 96هه ڇنڇر ڏينهن فوت ٿيو. (ڏسو تاريخ طبري 2x1629). (ن ب). (1) خليفي سليمان، يزيد بن ابي ڪبشته السڪسي کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو (ڏسو بلاذري، فتوح الدين، ڇاپو ليدن صفحه 144). (ن .ب). (2) اهو رڳو مولف جو خيال آهي. ان جي ڪا تاريخي ثابتي ڪانهي. ٽيون طبقو عباسي گهراڻي جا حاڪم جي سنه 132هه مطابق 750ع کان سنڌ تي قابض ٿيا اڪثر تاريخن مطابق عباسي گهراڻي جو پهريون خليفو عبدالله بن علي بن عباس، جو ”سفاخ“ جي لقب سان مشهور هو، 132هه مطابق 750ع ۾ [1] جڏهن خلافت جي مسند تي جلوه افروز ٿيو، ته دائود بن عليءَ کي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڏئي سنڌ ۾ موڪليائين، جنهن اچي سنڌ مان اموي گهراڻي جي حڪمرانن ۽ سندن سڀني واسطيدار ماڻهن کي ڪڍي، ملڪ جي وڏي حصي تي قبضو ڪيو. دائود پورن چئن سالن تائين تمام سهڻي نموني سان حڪومت ڪئي. 132هه مطابق 754ع ۾ ابو جعفر منصور کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ هارون رشيد جي خلافت جي زماني ۾، جنهن جي جرئت ۽ دانائي مشهور اهي، فضل برمڪيءَ جو ڀاءُ موسيٰ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ پوءِ فضول خرچيءَ جي ڪري کيس معزول ڪري، سندس جاءِ تي سيد علي بن موسيٰ بن هامان کي مقرر ڪيو ويو پر هن جي دور ۾ امن امان ختم ٿي ويو ۽ ڪيترائي سهر ۽ قلعا جهڙوڪ ڀنڀور وغيره ويران ٿي ويا. نيٺ هو شهيد ٿي ويو. 170هه مطابق 786ع ۾ مهدي ابو العباس سنڌ جو حاڪم ٿيو، جو تمام گهڻي عرصي تائين وڏي جرئت ۽ دانائي سان حڪومت ڪندو رهيو، جنهن ڪري ملڪ جو رقبو سويع ٿي ويو. مهدي ابو العباس کانپوءِ دارالسلام بغداد کان سنڌ ۾ جدا جدا حاڪم ايندا رهيا. القادر بالله ابو العباس احمد بن اسحاق بن مقتدر جي زماني تائين. سنڌ ۾ عباسي گهراڻي جي حڪومت اتڪل 281 يا 282 سال رهي. 416هه مطابق 1025ع تائين. تحفة الڪرام جي مولف جو چوڻ آهي ته بکر ۽ اروڙ جا قاضي ثقفي خاندان مان آهن. بني تميم سنڌ ۾ ”ٿهيم“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ عباسي، صديقي، فاروقي، عثماني، پنوهار ۽ سپيا وغيره سنڌي قومون بني اميه ۽ بني عباس جي نسل مان آهن. راقم الحروف هن موقعي تي هيءَ ڳالهه لکڻ مناسب ٿو سمجهي ۽ ان لاءِ پرهندرن کان معافي به گهري ٿو ته تحفة الڪرام جي مولف لکيو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام جنن جي هڪ ٽولي کي روم مان چند ٻانهيون خريد ڪري اچڻ لاءِ موڪليو هو. واپسيءَ تي رستي ۾ هڪ جن جو ”لوليا“ نالي هڪ ٻانهيءَ سان تعلق پيدا ٿي پيو جن جو نطفو ٻانهيءَ جيپيٽ ۾ رهجي ويو. حضرت سليمان کي اها خبر پئجي وئي ۽ اها ٻانهي انهيءَ جن کي بخشي ڇڏيائين، جنهن مان ”لودره“ (لودرو يا لوڊو) نالي هڪ ٻار پيدا ٿيو. ان جو اولاد گهڻي عرصي بعد عربن سان رلي ملي ويو. سنڌ فتح ڪرڻ وقت عربن سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ۽ هت ئي رهي پيو ۽ مشهور ٿي پيو. اها ڳالهه صحيح ٿي سگهي ٿي. ڇو ته هن قوم (لولي) جا جيڪي ماڻهو پنجاب ۽ سنڌ ۾ رهن اٿ ۽ پنهنجي قديم هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، سي پاڻ ”لوڊو“ سڏائيندا آهن ۽ پنهنجي اصليت يعني حسب نسب تي فخر ڪندا آهن. پراڻن تاريخي ڪتابن ۾ ڏٺو ويو آهي ته بکر جي قلعي جي تعمير جي تاريخ ”بالا حصار، مان نڪري ٿي، جنهن جا عدد 333 آهن. اهو هجري سنه (333) عيسوي سنه 1041 جي مطابق اهي. ان مان سمجهجي ٿو ته شايد ان جو بنياد عباسي گهراڻي جي حاڪمن جي ڏينهن ۾ پيو آهي. جيتوڻيڪ تاريخن مان اهو به معلوم ٿو ٿئي ته جڏهن سيد مير محمد مڪي رضوي، جو سنه 606هه مطابق 1209ع ۾ بکر وٽ پهتو، جنهن جو نالو ان وقت ”فرشتو“ هو، ته سندس خادمن کانئس پڇيو ته ”سامان اسباب ڪٿي رکيو وڃي؟“. جواب ڏنائين ته ”جتي ڳئون جي رنڀ ٻڌڻ ۾ اچي.“ ۽ اهو به چيائين ته ”جعل الله بڪرتي في البقعة المبارڪة“ (الله تعاليٰ منهنجو صبح برڪت ڀرئي خطي ۾ رهڻو آهي). نيٺ هوريان هوريان انهيءَ علائقي جو نالو ”بکر“ ٿي ويو. هن وقت سندس مزار جيتوڻيڪ سکر ۾ آهي ۽ سندس اولاد گهڻو ڪري روهڙي ۾ ۽ ڪن ٻين هنڌن تي مدفون اهي، مگر مشهور ”رصوي البکري“ جي نالي سان آهي. ”خواجه خضر“ جي اسٿان جي تعمير جي تاريخ، جنهن کي ندو ”جند پير، يا ”زنده پير، سڏيندا آهن ۽ سنڌونديءَ جي وچ ۾ اهي، ”درگاه عالي“ آهي، جنهن جا عدد 341 آهن، ۽ اهو هجري سنه، عيسوي سنه 952 [2] جي مطابق آهي، غالباً اهو اسٿان به عباسي گهراڻي جي حاڪمن جي زماني ۾ ٺهيو هوندو. گمان ڪڏهن صحيح ثابت ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن غلط. چوٿو طبقو نامور سلطان محمود غزنويءَ جي پاران مقرر ڪيل سنڌ جا حاڪم سنه 416هه مطابق 1025ع کان سنڌ جون اڪثر تاريخون هن ڳالهه تي متفق اهن ته سلطان محمود غزنوي هندستان فته ڪرڻ کانپوءِ ملتان ۽ اُچ ۾ پهتو ۽ عباسي گهراڻي جي حاڪمن کي ڪڍي، سڄي ملڪ تي قبصو ڪيائين ۽ پنهنجي وزير عبدالرزاق کي سنڌ فتح ڪرڻ لا3 موڪليائين. هن پهريائين اچي بکر کي فتح ڪيو ۽ پوءِ سڀني انتظامي ڳالهين جو مڪمل بندوبست ڪري، پنهنجي قبضي کي چڱي طرح پختو ڪيائين ٻه سال بکر ۾ گذارڻ بعد 418هه مطابق 1028ع ۾ سيوهڻ ڏانهن رخ رکيائين. اتي به مڪمل فته حاصل ڪرڻ ۽ تمام سٺو انتظام رکڻ بعد، ديبل بندر (ٺٽي) ۾ داخل ٿيو ۽ ان کي فته ڪري، عربن کي ڪڍي ڇڏيائين، جيڪي اتي رهجي ويل هئا. باقي ڪي ٿورا عرب، جي عيالداريءَ جي ڪري مجبور هئا (سايد سنڌين سان مٽي مائٽي ڪرڻ سبب) يا پنهنجي فضيلت (علم ۽ هنر وغيره) جي ڪري مشهور هئا، انهن کي مناسب عهدا ۽ وظيفا ڏنائين، جن جو اولاد تحفة الڪرام جي قول موجب اڃا تائين موجود آهي. نامور غازي سلطان محمود غزنوي 432هه مطابق 1031ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري عالم جاوداني ڏانهن راهي ٿيو ۽ سندس جاءِ تي سندس فرزند ارجمند سلطان مسعود تخت نشين ٿيو. هن به سنڌ جي حڪومت جو اهو ئي انتطام برقرار رکيو، جو سندس والد بزرگوار جي وقت ۾ هو. جڏهن 432هه مطابق 1041ع ۾ هن جو اانتقال ٿيو ته سندس فرزند مودود پنهنجي موروثي تخت تي ويٺو. جيتوڻيڪ هن، سنڌ جا اڳيان هاڪم تبديل ڪري، نوان حاڪم مقرر ڪيا هئا، پر انهن جا نالا ڪنهن به تاريخ ۾ نٿا ملن. نيٺ هن 441هه مطابق 1049ع ۾ رحلت ڪئي. ان کانپوءِ سلطان مسعود ثاني غزنيءَ جي تخت تي ويٺو. هن به سنڌ جو انتظام ائين ئي قائم رکيو، جيئن هلندو ٿي آيو. جڏهن سندس حياتي پوري ٿي ۽ لاهور ۾ وفات ڪيائين ته غزنوي گهراڻي جو هڪ شهزادو خسرو ملڪ تخت نشين ٿيو ۽ هن به ساڳيو ئي انتظام برقرار رکيو. نيٺ 583هه مطابق 1187ع ۾ جڏهن سندس ڪامرانيءَ جو جام اڃا گردش ۾ ئيهو، ته غزنوي سلطنت جو دور پورو ٿي ويو. خسرو ملڪ، غياث الدين غوريءَ هٿان قيد ٿيو ۽ غزنيءَ جي قيد خاني ۾ گذاري ويو. رقم الحروف جو پختو خيال آهي ته بکر جي قلعي جي تعمير، جا ٻيو دفعو ٿي اهي ۽ جنهن جي تاريخ ” شهر گل“ مشهور آهي (جنهن مان 555 عدد نڪرن ٿا، ۽ اهو هجري سال 1160 عيسوي سال جي مطابق ٿئي ٿو) شايد غزنوي گهراڻي جي حاڪمن جي زماني ۾ ٿي آهي. غزنوي گهراڻي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گهڻي عرصي تائين هڪومت ڪئي، تاهم سندس اولاد سنڌ ۾ نظر نٿو اچي ۽ ائين ٿو سمجهجي ته يا ته خراسان موٽي ويا، يا هت رهندڙ پٺاڻن يا مغلن سان گڏجي سڏجي ويا ۽ هاڻي پٺاڻ يا مغل سڏبا هوندا. پنجون طبقو غوري گهراڻي طرفان موڪليل حاڪم (سنه 591هه مطابق سنه 1194ع کان) اڪثر تاريخن مطابق شهاب الدين محمد بن سام [3] جي زماني ۾ مٿي ڄاڻايل سال ۾ قطب الدين ايبڪ کي سنڌ فته ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. قطب الدين ٽن مهينن جي اندر سڄي سنڌ تي قبصو ڪري، سيف الملوڪ کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ پاڻ پٺتي موٽي ويو. جڏهن سلطان شهاب الدين 602ه مطابق 6012ع ۾ بي اولاد رحلت ڪئي، ته سندس سلطنت قطب الدين کي ملي، جو سلطان شهاب الدين جي حياتيءَ ۾ ئي سندس قائم مقام هو. قطب الدين سنڌ جي حڪومت تي وري به سيف الملوڪ ئي برقرار رکيو. جڏهن سلطان قطب الدين 607هه مطابق 1210ع ۾ لاهور ۾ چوگان کيڏندي، گهوڙي تان ڪريو ۽ فوت ٿي ويو ته درباري اميرن سندسپٽ آرام شاهه کي تخت تي ويهاريو. پر جيئن ته هن ۾ لياقت ڪا نه هئي، تنهنڪري گهڻو قوت آرام ڪري نهس گهيو ۽ سلطنت شمس الدين التمش کي ملي. مگر مورخن جي قول موجب انهيءَ زماني ۾ هندوستان ۾ وڏو انتظار پيدا ٿيو، جنهنڪري هندوستان جي سلطنت چئن حصن ۾ تقسيم ٿي وئي، دارالسلطنت دهليءَ وارو علائقو سلطان التمش جي هٿ ۾ رهيو. اُچ، ملتان ۽ سنڌ جا علائقا ناصر الدين قباچه کي ڏنا ويا. لکنو تي (لکنو) جو علائقو ملڪ خليج کي مليو، لاهور ۽ ان جي اوسي پاسي وارا علائقا تاج الدين بلدوز جي قبصي رهيا. راقم الحروف جو چوڻ آهي ته غوري خاندان جو اولاد هن وقت سنڌ ۾ نظر نٿو اچي، ۽ تحفة الڪرام جي مولف جو چوڻ اهي ته سلطان ناصر الدين قباچه جي زماني ۾ سنڌ، ستن راڻن جي حڪومت هيٺهئي، جي سڀئي سلطان کي ڏن ڏيندا هئا. انهن ستن ئي راڻن جو احوال سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جي لاءِ هت درج ڪيو وڃي ٿو، ته جيئن سندن معلومات ۾ اضافو ٿئي. سنڌ جا ست حڪمران راڻا (سنه 610هه مطابق 1313ع کان) (1) هڪڙو راڻو بهتر [4] سعتو راٺور ڊڀري، تعلقي درٻيلي جو رهاڪو هو. هي راٺور مسلمان آهن، جي هن وقت به سنڌ جي گهڻن ئي ضلعن ۾ رهن ٿا ۽ انهن مان گهڻا ڪاشتڪاري ڪندا آهن. هاڻي ”سعته“ جو لفظ بدلجي ”سهتو“ ٿي پيو اهي. سهتا مسلمان آهن، جي ڊڀري جي اوسي پاسي رهندا آهن، جنهن کي فارسيءَ ۾ ”دربيله“ لکندا آهن. (2) ٻيو راڻو سيهڙولد ڌماچ ڪوريجو هو،جو روپاه جي اوسي پاسي ”تونگ“ ۽ ”تقع“ (؟) جو رهاڪو هو. ڪوريجا مسلمان آهن، جي هن وقت به سنڌ جي گهڻن هنڌن تي رهن ٿا ۽ ڪاشتڪاري ٿا ڪن. دوپاه هڪ علائقو آهي، جو شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ آهي، مگر تونگ ۽ تقع جي باري ۾ خبر نه آهي ته ڪهڙي هنڌ هئا (1). (3) ٽيون راڻو جيسر ولد چهچه ڇڇ [5] ماڇي سولنگي ”هانگتاره“ (1) جو رهاڪو هو. جيتوڻيڪ ماڇي سولنگي گهڻو ڪري لاڙڪاڻو، قمبر، نصير آباد ۽ ڪن ٻين هنڌن تي رهن ٿا. مسلمان آهن ۽ ڪاشتڪاري ڪندا آهن. مگر هانگتاره جي باري ۾ خبر نه آهي ته ڪٿي هو؟ (4) چوٿون راڻو وڪيو ولد پنهون چنو هو، جو ”دره سيوي“ جو رهاڪو هو. هن وقت سيوي ”سبي، جي نالي سان مشهور آهي ۽ سنڌ کان ٻاهر، بلوچستان ۾ شامل آهي. (5) پنجو راڻو چنو ولد دهته ”ڀاڳ نئه“ جو رهاڪو هو پنجين راڻي جو احوال به چوٿين راڻي جهڙو معلوم ٿو ٿئي. ڀاڳ نئه، ”ڀاڳ ناڙي“ جي نالي سان مشهور آهي جا سبيءَ جي ڀرن سا ۽ هن وقت سنڌ کان ٻاهر، بلوچستان ۾ شامل آهي. (6) ڇهون راڻو ”جيو“ ورياه هو، جو ”جهم“ يعني ”وگه ڪوٽ“ (2) جو رهاڪو هو. ورياه اڇا تائين سنڌ ۾ رهن ٿا. مسلمان آهن ۽ سندن ڌنڌو ڪاشتڪاري اهي. جهم يعني وگه ڪوٽ هن وقت بدين تعلقي ۾ هڪ ويران متيءَ جو ڍير آهي. (7) ستون راڻو جسودن (3)، جو ”مين ننگر“ تعلقي ”بانڀران واه“ جو رهاڪو هو. هن زماني ۾ انهيءَ خطي جو سنڌ ۾ وجود ڪو نه اهي. بانڀران واه شايد ”ٻانڀران“ هجي، جو اصل ۾ برهمڻ آباد هو. هاڻي اهو هڪ ويران ڳوٺ آهي، جو شهدادپور تعلقي ۾ آهي. قصوڪوتاه، 633هه مطابق 1236ع ۾ ملڪ خان خلجيءَ سيوهڻ تي ڪاهه ڪئي ۽ سلطان ناصر الدين قباچه سندس مقابلي لاءِ ملتان کان تڪڙو اچي پهتو. ٻنهي جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي جنهن ۾ ملڪ خان خلجي مارجي ويو ۽ سلطان ناصر الدين قباچه فتحمندي حاصل ڪرڻ بعد اچ ڏانهن ڪوچ ڪيو سنڌ جا حاڪم ساڳيءَ ريت پنهنجين جاين تي قائم رهيا، سنه 624هه مطابق 27-1226ع ۾ سلطان شمس الدين التمش پنهنجي وزير نظام الملڪ کي، اچ جي محاصري لاءِ موڪليو، جنهن 265هه مطابق 1227ع ۾ اُچ تي قبضو ڪيو ۽ ناصر الدين قباچه بکر هليو ويو. نظام الملڪ سندس پيڇو ڪيو. قباچه ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڀڄڻ لڳو، مگر سندس عمر جي ٻيڙي موت جي نديءَ ۾ غرق ٿي وئي ۽ سڄي سنڌ سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الملڪ جي قبضي ۾ اچي وئي ۽ هن سنڌ جو انتظام تمام سهڻي نموني سان رکڻ بعد 630هه مطابق 1233ع ۾ نور الدين محمد کي سنڌ جي حڪومت هلائڻ لاءِ مقرر ڪيو. 633هه مطابق 1236ع ۾ سلطان شمس الدين التمش دارالسلطنت دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي سلطان مسعود شاه ولد رڪن الدين فيروز شاهه ولد سلطان شمس الدين التمش پنهنجي موروثي تخت تي جلوه افروز ٿيو ۽ سنڌ جي حاڪمن کي جي سندس ڏاڏي جا مقرر ڪيل هئا، برقرار رکيائين. 643هه مطابق 1245ع ۾ مغلن (تتاري منگولن) جو لشڪر سنڌوندي اڪري اچ پهتو، ته سلطان مسعود شاه به دهليءَ کان اچ ڏانهن روانو ٿيو. مغلن جو لشڪر اتان ڀڄي بکر ۾ آيو. سلطان مسعود شاه، سنڌ جي حاڪم معز الدين کي سندس ڪوتاهين سبب معزول ڪري، سندس جاءِ تي ملڪ جلال الدين کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ پاڻ دارالسلطنت دهليءَ ڏانهن موٽي ويو. مگر واپس وڃڻ وقت ملتان ۾ گهڻي شراب پيئڻ سبب، جا سندس عادت هئي، سلطنت جي ڪاروبار کان غافل ٿي ويو. هن جي پر پٺ اميرن هن جي چاچي ناصر الدين محمود کي بهرائچ مان گهرائي، 644هه مطابق 1246ع ۾ دهليءَ جي تخت تي ويهاريو ۽ سلطان مسعود شاه کي قيد ڪيائون. جو قيد م ئي حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذاري فوت ٿي ويو. سلطان ناصر الدين محمود 649هه مطابق 1251ع ۾ دارالسلطنت دهليءَ کان لاهور، ملتان ۽ اُچ جي رستي بکر پهتو، جو سندس دارالحڪومت هو. مگر هاڻي ان کي به بدلائي، سيوهڻ کي منتخب ڪيائين ۽ ملڪ جلال الدين حسن ”قلغ خان“ کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪري، دهليءَ واپس هليو ويو. سلطان ناصر الدين اسم باسميٰ هو ۽ پنهنجين سهڻين وصفن سبب ڪنهن به اڳئين خواه پوئين بادشاه کان گهٽ نه هو. هڪ سال ۾ به قرآن شريف لکندو هو ۽ انهن جي ڪتابت جي واجبي رقم مان پنهنجو گذارو ڪندو هو. هڪ دفعي ڪنهن امير، بادشاه جو لکيل قران شريف زياده رقم ڏئي خريد ڪيو. بادشاه کي خبر پئي، ته کيس اها ڳالهه نه وڻي ۽ چيائين ته ”آئنده قرآن شريف مخفيءَ ريت فروخت ڪيا وڃن.“ از انسواءِ بادشاهه جي گهر ۾ ڪا ٻانهي يا نوڪرياڻي به ڪا نه هوندي هئي. بادشاه جي اهليه محترمه پاڻ ماني پچائيندي هئي. هڪ ڏينهن بادشاه کي چيائين ته ”ماني پچائڻ ۾ هٿن کي تڪليف ٿي ٿئي. جيڪڏهن رڳو ماني پچائڻ لاءِ ڪا ٻانهي خريد ڪري ڏيو ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي؟“ جواب ڏنائينس ته ”بادساه جي لاءِ ضرورت کان زياده ڪا شئي خريد ڪرڻ مناسب نه آهي، صبر ڪر. الله تعاليٰ آخرت ۾ توکي انهيءَ صبر جو مٺو اجر ڏيندو.“ سچ پچ اهڙو بي ريا ۽ حق پرست بادشاه دنيا ۾ ڪنهن به نه ڏٺو هوندو. نيٺ اهو بي رياءُ ۽ حق پرست بادشاه 664هه مطابق 1266ع ۾ هن فاني دنيا مان علام جاودانيءَ ڏانهن رحلت ڪري ويو ۽ دهليءَ جي تخت تي سلطان غياث الدين بلبن کي ويهاريو ويو، جو سلطان شمس الدين التمش جي زر خريد غلامن مان هو. سلطان غياث الدين سنڌ، ملتان ۽ لاهور جي حڪومت پنهنجي فرزند ارجمند سلطان محمد جي حوالي ڪئي، جنهن سنڌ جي حاڪم قلغ خان کي سنڌ ۾ ساڳئي ريت قائم رکيو. سلطان محمد سهڻن گڻن وارو هو. درويش سان عقدت رکندو هو ۽ گهڻو وقت حضرت بهاء الدين زڪريا ملتاني ۽ حضرت فريد الدين گنج شڪر پاڪ پٽڻ واريجي صحبت ۾ گذاريندو هو. وڏو بهادر، سخي ۽ علم دوست هو. امير خسرو ۽ امير حسن (دهلوي) سندس ملازم ۽ باقاعده وظيفه خوار هئا. کيس امير خسرو ۽ امير حسن جي نثر ۽ نظم پسند هوندي هئي. سلطان محمد ايڏو مهذب هو، جو کيس دربار ۾ سڄو ڏينهن ۽ (ڪڏهن ڪڏهن) سڄي رات ويهڻو پوندو هو ته به گوڏ مٿي نه ڪندو هو يعني هميشه گوڏا ڀڃي ويهندو هو ۽ جنهن حالت ۾ هوندو هو، انهيءَ ئي حالت ۾ رهندو هو ۽ قسم کڻندو هو ته فقط ”حقا“ (يعني خدا جو قسم، يا سچ آهي) چوندو هو. روايت آهي ته حضرت عثمان مروندي (ميمندي) يعني قلندر شهباز، جو سنڌ جي وڏن اوليائن مان آهي، هڪ دفعي ملتان ويو، ته شهزاده محمد تمام وڏي عزت ڪيس. سندس خدمت ۾ نذرانا پيش ڪيائين ۽ ملتان ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائينس.مگر حضرت عثمان مروندي نه مڃيو ۽ ملتان مان هليو ويو. چيو وڃي ٿو ته هڪ دفعي حضرت عثمان مروندي ۽ حضرت بهاء الدين ذڪريا جو فرزند صدر الدين شهزاده محمد جي مجلس ۾ موجود هئا. سماع ۾ يعني ڪن شعرن ۽ غزلن ٻڌڻ سان کين به ۽ ٻين درويشن کي به وجد اچي ويو ۽ رقص ڪرڻ لڳا. شهزادو محمد سيني تي هٿ ٻڌيو، ادب سان هنن جي اڳيان بيٺو هو ۽ زاروزار روئي رهيو هو. اهو به چيووڃي ٿو ته شهزاده محمد ٻه دفعا پنهنجا خاص ماڻهو موڪلي شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي کي ملتان اچڻ جي دعوت ڏني ۽ ڪجهه رقم به موڪليائينس. شهزاده محمد جو ارادو هو ته شيخ سعدي لاءِ ملتان ۾ خانقاه ٺهرائي ۽ هڪ ديهه خريد ڪري سندس نالي وقف ڪري ڇڏي. مگر شيخ سعدي انهن ڏينهن ۾ بالڪل پوڙهيو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو، جنهن ڪري ملتان اچي نه سگهيو، پر ٻئي دفعا پنهنجو ڪلام پنهنجي هٿ سان لکي، شهزاده ڏانهن موڪلي ڏنائين ۽ امير خسرو جي پارت به ڪيائينس (سچ پچ، اهڙي زندگي ئي سڀ کان بهتر آهي، جنهن ۾ اميري به ميسر هجي ۽ فقيري به). شهزادو محمد 683هه مطابق 1284ع ۾ لاهور ۾ چينگيز خاني جنگ ۾ سهيد ٿي ويو. سلطان غياث الدين شهزاده جي حڪومت سندس فرزند ڪيخسرو خان جي سپرد ڪئي جنهن سنڌ جي اڳئين حاڪمن کي پنهنجي والد ماجد جي دستور موجب قائم رکيو. نيٺ مشيت ايزدي سان سلطان غياث الدين بلبن پنهنجي فرزند ارجمند شهزده محمد جي غم ۾ 686هه مطابق 1286ع ۾ انتقال ڪيو ۽ دهليءَ جي تخت تي سلطان جلال الدين خلجي، جو سلطان غيث الدين بلبن جي ملازمن مان هو، پنهنجي طاقت ۽ عقلمندي سان قبضو ڪيو [6]. تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته خلجي، چينگيز خان جي داماد ”خليج خان“ جو اولاد آهن. سلطان جلال الدين خلجيءَ 693هه مطابق 1293ع ۾ نصرت خان کي سنڌ جو خاڪو مقررڪيو. 695هه مطابق 1296ع ۾ جڏهن سلطان جلال الدين پنهنجي ڀائيٽي ۽ نالي سلطان علاء الدين خلجيءَ جي هٿان شهيد ٿيو، تڏهن به سنڌ جو حاڪم نصرت خان ئي هو. پاڻ دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاء الدين کيس هڪ هزار سوار زياده ڏنا، ۽ بکر، سويهڻ ۽ ديبل جو معقول بندوبست ڪرڻ جو حڪم ڏنائينس ۽ اهو حڪم به ڏنائينس ته ”ملتان ۾ رهائش اختيار ڪر“. جيتوڻيڪ 697هه ۾ مطابق 1297ع ۾ مغلن جو لشڪر سيستان کان سيوستان (سيوهڻ) جي مٿان اچي ڪڙڪيو ۽ قلعي جو محاصرو ڪري، مٿس قبضو ڪيائين. مگر نصرت خان ملتان کان زبردست لشڪر وٺي آيو ۽ مغلن کي شڪست ڏئي قلعو هٿ ڪيائين ۽ اڳوڻو بندوبست برقرار رکي پٺتي موٽي ويو. 716هه مطابق 1316ع ۾ سلطان علاء الدين هيءَ فاني دنيا ڇڏي عالم جا ودانيءَ راهي ٿيو. سلطان علاء الدين جي رحلت کانپوءِ هندوستان جي اڪثر علائقن ۾ سورش برپا ٿي ۽ دهليءَ جي تخت تي خسرو خان قبضو ڪيو [7]. ڳچ عرصي کانپوءِ غازي ملڪ ملتان ۽ سنڌ مان لشڪر وٺي دهليءَ ويو ۽ زبردست جنگ ۽ خونريزيءَ بعد، خدا جي فضل سان فتحياب ٿيو ۽ 620هه ۾ ”غياث الدين تغلق“ جي لقب سان هندوستان جو مستقل بادشاهه بڻيو. جيتوڻيڪ ملڪ غازي (غياث الدين تغلق) دهليءَ وڃن وقت پنهنجي غير حاضريءَ ۾ خواجه خطير کي بکر ۾ ۽ ملڪ علي شير کي سيوهڻ ۾ مقرر ڪري ويو هو، مگر سومرا قوم، جا ٺٽي جي اوسي پاسي رهندي هئي، بغاوت ڪئي ۽ ٺٽي ۽ ان جي ويجهن علائقن تي قبصو ڪيائين. جڏهن غياث الدين تغلق جي زندگيءَ جو چراغ 725هه مطابق 1326ع ۾ موت جي هوا سان اجهاميويو، تڏهن سندس فرزند سلطان محمد ساه تخت نشين ٿيو. جنهن 727هه مطابق 27-1326ع ۾ ”ڪشلو خان“ يا ”خسرو خان“ کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو پر هو جلد ئي پنهنجي سلطان جو نافرمان ۽ باغي ٿي پيو ۽ ان جي عيوض قتل ٿي ويو. سندس جاءِ تي ٻيو هڪ نواب مقرر ڪيو ويو، مگر ڪنهن به تاريخي ڪتاب مان ان جو نالو معلوم نه ٿو ٿئي. نيٺ سلطان محمد شاه کي ”بغي“ نالي هڪ غلام جي بغاوت، گجرات جي حاڪم جي نافرماني ۽ سومرن جي سرڪشيءَ سبب کين سر زنش ڪرڻ لاءِ پاڻ دهليءَ کان گجرات جي رستي ٺٽي ۾ اچڻو پيو، جو بغي به اتي هو ۽ سومرا به اتي ئي هئا، پر مشيت ايزدي ائين هئي، جنهنڪري 752هه مطابق 1351ع ۾ دارالفنا ڇڏي، دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو. راقم الحروف هن ديندار بادشاه جا چند اوصاف حميده بيان ٿو ڪري. چيو وڃي ٿو ته سلطان محمد شاه جمعي نماز هميشه جامع مسجد ۾ ادا ڪندو هو ۽ ائين سمجهندو هو ته بادشاهي يا صوبه داري (علائقائي حڪومت) وقت جي خليفي جي اجازت کان سواءِ نه ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري انهيءَ دور جي خليفي ڏانهن قيمتي تحفا مصر موڪلي، کانئس حڪمرانيءَ جي اجازت ورتائين ۽ خطبي ۾ خليفي جي نالي کانپوءِ پنهنجو نالو شامل ڪرايائين. سلطان محمد شاهه جي رحلت ٺٽي ۾ ٿي. هن کانپوءِ هن جو سوٽ سلطان فيروز شاه، جو ٺٽي ۾ هن سال گڏ هو، تخت نشين ٿيو. جنهن شاه دين پناهه سلطان محمد شاه جي خواهش موجب سومرن، سمن ۽ جاريجن کي سر زنش ڪئي، ۽ ڄام خير الدين سمي [8] کي ٺٽي جو حاڪم ۽ ”نصر“ کي هڪ هزار سوار ڏئي، ”سنڌ جو فوجدار“مقرر ڪيائين. ”نصرپور“ شهر جو بنياد انهيءَ نصر جو وڌل آهيل. سلطان فيروز شاه 753هه مطابق 1356ع ۾ سيوهڻ ويو ۽ حضرت قلندر شهباز ۽ ٻين مشائخن جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. ملڪ علي شير خان ۽ مڪ تاج الدين ڪافوريءَ کي اتان جو هاڪم مقرر ڪري، پاڻ بکر ۾ اچي وارد ٿيو (حضرت قلندر شهباز جي روضي جي تعمير جو ڪم انهيءَ بادشاهه شروع ڪرايو هو، جنهن جو احوال مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ويهه ڏينهن بکر ۾ رونق افروز رهيو. ملڪ رڪن الدين کي ”اخلاص خاني، جو خطاب عطا ڪيائين. ملڪ عبدالعزيز کي بکر جو ديوان مقرر ڪيائين ۽ قلعي جي حفاظت لاءِ 80 سپاهي سندس سپرد ڪرڻ بعد، سنڌ جي سڀني معاملن جي انتظام جي زمه داري مٿس رکيائين. معلوم ٿئي ٿو ته 442هه مطابق 1370ع ۾ بادشاهه جهان پناهه، ڄام خير الدين سمي جي بغاوت کي دٻائڻ لاءِ ننگر ڪوٽ (گجرات) جي رستي دوباره سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو ۽ ڄام خير الدين کي ۽ سندس عزيزن ۽ ٺٽي جي ڪن نامور زميندارن کي گرفتار ڪري، دهليءَ وٺي ويو. جيتوڻيڪ ڄام خير الدين سيوهڻ جي ڀرسان رستي مان ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس زنجير وجهي، دهليءَ نيو ويو، جتي قيد ۾ مري ويو. سندس فوت ٿي وڃڻ بعد 781هه منطابق 1379ع ۾ سندس فرزند ڄام جوڻي کي شاهي سروپاء پهرائي، ٺٽي جي حڪومت سپرد ڪئي وئي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي حڪومت تن علاقائي حڪومتن بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ تقسيم ٿي چڪي هئي. سلطان فيروز شاه 790هه مطابق 1388ع ۾ انتقال ڪيو ۽ سلطان تغلق شاه دهليءَ جي تاج ۽ تخت جو وارث ٿيو. پوءِ سلطان ابوبڪر شاه سندس قائم مقام بڻيو. ان کان پوءِ سلطان محمد شاه، پوءِ سلطان سڪندر شاه ۽ سڀ کان پوءِ سلطان نصرت شاه [9] هن خاندان مان دهليءَ جي تخت تي جلوه افروز ٿيندا رهيا. جيئن ته انهيءَ دور جي بادشاهن جي باري ۾، جن جو سنڌ جي حڪومت سان تعلق رهيو آهي، تفصيلي احوال معلوم نه ٿو ٿئي، تنهنڪري رقم الحروف کي ڪهڙي ضرورت پئي اهي، جو سندن تخت نشيني، سلطان جي خاتمي ۽ سندن حياتي ۽ موت جي متعلق تفصيل هٿ ڪري پنهنجي مٿي ۾ سور وجهي. انهيءَ صورت ۾ مان غير ضروري حالات کي نظر انداز ڪري، اصلي مقصد تي ٿو اچان. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته جڏهن مٿي ڄاڻايل سلطنت ۾ ڪمزوري پيدا ٿي ۽ جهڳرن ۽ تفرقي بازي منهن ڪڍيو ته ڪيترائي ڏورانهان ۽ خصوصاً سرحدي علائقي نا فرمان ٿيا ۽ مرڪز جي اطاعت کان منهن موڙي، خودمختار ٿي ويا. تان جو اهڙين حالتن کان پوءِ 800هه مطابق 1397ع ۾ صاحبقران امير تيمور جو ڏهٽو مرزق پير محمد پنجاب کان سنڌ ۾ آيو ۽ ڪن علائقن تي قبضو ڪيائين. مگر ائين ڪرڻ سبب وڏو انتشار پيدا ٿيو. راقم الحروف جو پختو خيال آهي ته ”غوري قوم“ جا ماڻهو شايد انهن بادشاهن جي نسل مان اهن، جي هاڻي باقي وڃي بچيا آهن ۽ شايد انهن مان زياده تر افغانستان موٽي ويل ٿا ڏسجن. طبقو ڇهون سومرا گهراڻي جي حڪومت جو قيام سال 801هه مطابق سال 1398ع کان سنڌ جون ڪي تاريخون جهڙوڪ ”طاهري نسياني“ ۽ ”مختصر هندي“ لکن ٿيون ته سومرا هندو هئا. تحفة الڪرام جو مولف لکيٿو ته ”هندو آهن يا مسلمان، مگر دراصل ”سامراه“ [10] جي عربن مان آهن، ۽ اها به قيقي ڳالهه آهي ته قديم سنڌ جا رهاڪو آهن ۽ ڪاشتڪاري ۽ زمينداري ڪندا آهن. مطلب ته مٿي ڄاڻايل عرصي ۾ (جڏهن ملڪ جي اندر انتشار هو) سومرن ”ٺري“ شهر جي اوسي پاسي کان، جنهن جو وجود اڄڪلهه ڏسڻ ۾ وڪنه ٿو اچي [11] ماڻهو گڏ ڪري ۽ هندوستان جي مختلف هنڌن تي برپا ٿيل فسادجو موقعو وٺي ”سومري“ نالي هڪ شخص کي ٺٽي جي ويجهڙائي ۾ تخت تي ويهاريو. سومرو تمام سهڻي نموني سان هڪومت ڪري، فوت ٿي ويو. ان کانپوءِ سندس فرزند ”ڀونگر“، جو ”صاد“ نالي هڪ زميندار جي نياڻيءَ مان هو پيءُ جي جاءِ تي تخت نشين ٿيو. هن پنهنجي پيءَ جي بنسبت پنهنجي حڪومت کي وسيع ڪيو. ڀونگر کانپوءِ سندس فرزند ”دودو“ تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي حڪومت نصرپور تائين وڌايائين. مگرجوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو ۽ پنهنجي پٺيان ”سنگهار“ نالي هڪ پٽ ۽ ”تاري“ يا ”پاري“ نالي هڪ نياڻي ڇڏي ويو. سنگهار ننڍو هو، انهيءَ ڪري سندس ڀيڻ تاري (يا پاري) حڪومت هلائڻ لڳي. جڏهن سنگهار وڏو ٿيو ته پاڻ حڪومت هلائڻ شروع ڪيائين ۽ تمام سهڻي نموني سان ملڪ کي به وڌايائين ۽ بغاوتون به ختم ڪيائين. سنگهار کي اولاد ڪو نه هو، ان ڪري سندس گهر واري ”هيمون“ ۽ سندس ڀائر حڪومتهلائڻ لڳا. نيٺ ”ڀٽو“، جو دودي جي اولاد مان هو، تخت نشين ٿيو، ۽ چند سال چڱي نموني حڪومت هلائي، فوت ٿيويو، ان کانپوءِ ”خيرو“ نالي سومرو ملڪ جو والي ٿيو. جڏهن سندس حڪومت جو سج موت جي اُفق ۾ غروب ٿي ويو، ته ”ارميل“ نالي سومرو گادي نشين ٿيو، جو ظالم ۽ بدمزاج هو. رعيت کي ايذائڻ لڳو، جا خالق اڪبر جي مخلوق آهي. جنهن ڪري ماڻهو ڇڙ وڇڙ ٿي، هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. هو پاڻ به قتل ٿي ويو ۽ سومرا گهراڻي جي حڪمراني به ختم ٿي وئي. مٿيون احوال ”تاريخ معصومي“ مان، جا نهايت ئي معتبر تاريخ آهي ۽ تحفة الڪرام مان، جا بالڪل مفصل تاريخ آهي، ورتو ويو آهي. مگر تحفة الڪرام جي مورخ سومرا گهراني جيحڪمرانن جوا حوال سندن حڪمرانيءَجي عرصي سميت لکيو آهي. جيڪڏهن تحفة الڪرام جي لکڻ موجب اهو عرصو لکيو ويندو ته ڪو به مورخ ان تي اعتبار نه ڪندو تنهنڪري راقم الحروف سندن حڪمرانيءَ جي عرصي کي ڇڏي، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جي معلومات لاءِ صرف سندن ترتيب وار نالن لکڻ تي اڪتفا ٿو ڪري: پهريون حاڪم سومرو هو. ٻيو سندس پٽ ڀونگر، جو صاد نالي هڪ زميندار جي نياڻيءَ مان هو ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ تخت نشين ٿيو هو. ٽيون دودو. چوٿون سنگهار. پنجون خفيف، ڇهون عمر. ستون ”دودو ٻيو“. اٺون ڀتو. نائون خيرو (يا کيرو). ڏهون محمد طور. يارهون ”خيرو (يا کيرو) ٻيو“. ٻارهون ”دودو ٽيون“. تيرهون طائي. چوڏهون چنيسر. پندرهون”ڀونگر ٻيو“. سورهون ”خفيف ٻيو“. سترهون ”دودو چوٿون“. ارڙهون ”عمر ٻيو“. اڻويهون ”ڀونگر ٽيون“. ويهون حمير، جو ظالم، چيڙاڪ ۽ رنگيلو هو ۽ انهيءَ ئي نا اهل جي زماني ۾ حڪومت سومرا گهراڻي مان نڪري، سما گهراڻي ۾ هلي وئي. راقم الحروف سومرا قوم جون ڪي عجيب و غريب ڳالهيون بيان ڪري ٿو، جي پڙهندرن جي دلچسپيءَ جو سبب ٿينديون. سومرا قوم جو ”حمير“ نالي هڪ امير، هڪ خوبصورت ۽ پاڪدامن عورت ڏانهن مائل هو. جيتوڻيڪ عورت پنهنجي عفت ۽ عصمت جي پوري حفاظت ڪندي هئي، مگر حمير پنهنجي بري ارادي تان دست بردار نه ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ڪو بهانو ڪري، انهيءَ جي گهر ۾ گهڙي ويو ۽ ساڻس دست درازي ڪرڻ لڳو. عورت چيس ته ”ترس هن ڪم ۾ تڪڙ ڪرڻ مناسب نه آهي. پهريائين منهنجن سوالن جا جواب ڏي، پوءِ ٻي ڳالهه ڪر“. عورت پڇيس ته ”مشهور آهي ته عقل کي چاليهن حصن ۾ ورهايو ويو. اُڻيتاليهه حصا مرد کي ڏنا ويا ۽ فقط هڪ حصو عورت کي، ڇا اهو صحيح آهي؟ حمير چيو ته ”ها، صحيح آهي“. وري پڇيائين ته ”چوندا آهن ته ”شهوت کي چاليهه حصا ڪيو ويو. اُڻيتاليهه حصا عورت کي ڏنا ويا ۽ فقط هڪ حصو مرد کي.“ ڇا اهو صحيح آهي؟“ حمير جواب ڏنو ته ”ها، صحيح آهي“. تنهن تي عورت چيس ته جڏهن اهي ڳالهيون توکي معلوم آهن، ته پوءِ تعجب آهي جو تون شهوت جي فقط هڪڙي حصي ۽ عقل جي اُڻيتاليهن حصن هوندي به پنهنجي وس کان ٻاهر نڪري ٿو وڃي ۽ پنهنجي مٿان ضابطو رکي نٿو سگهين. جڏهن ته مان عقل جي ڪمي ۽ شهوت جي ڪثرت جي باوجود پاڻ تي ضابطو رکان ٿي“. حمير لاجواب ٿي پيو ۽ انهيءَ پاڪدامن عورت کان معافي وٺي، سندس گهر مان نڪري ويو. عمر سومري ۽ تميم قوم جي هڪ ڇوڪريءَ گنگا جو قصو، حمير سومري جو قصو، مومل مينڌري جو قصو، چنيسر ۽ ليلان جو قصو ۽ ٻيا به ڪيترائي قصا آهن، جي مشهور آهن ۽ سومرا قوم ڏانهن منسوب، مگر طوالت سبب لکي نٿا سگهجن. هن قوم ۾ جيڪي عجيب و غريب عادتون هيون، انهن مان ڪي هت بيان ڪجن ٿيون. سومرا حڪمران پنهنجي رعيت کي، حتيٰ ڪ پنهنجن ڀائرن کي به ڏنڀ ڏيندا هئا. پڳ فقط سردار ٻڌندا هئا. هٿن جا ننهن به نه ڪاٽيندا هئا. اها هڪ علامت هئي، حڪمرانن ۽ ٻين ماڻهن جي وچ ۾ امتياز ڪرڻ خاطر ضروري سمجهي ويندي هئي. سڀئي سومرا فقط نوان ڪپڙا پائيندا هئا. ڌوتل ڪپڙن پائڻ ۾ عار سمجهندا هئا. اهڙيءَ ريت جيڪا عورت ٻار ڄڻيندي هئي، ٻيهر ان جي ويجهو نه ويندا هئا. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ قوم جي هڪ عورت کي پنهنجي مرد سان غير معمولي محبت هئي. جڏهن حامله ٿي، ته ڳڻتي وٺي ويس ته جڏهن ويم ڪنديس، ته مڙس مونکي نظر انداز ڪري ڇڏيندو. اهو خيال ڪري سوچ ۾ پئجيوئي. عقلمند عورت هئي. نيٺ هيءُ رستو ڳولي ڪڍيائين، جو پنهنجي گهر جون چادرون جي ميريون هيون ۽ ردي سمجهي، هڪ پاسي اڇلايون ويون هيون، سي ڌوٻيءَ کان ڌوئاري، صاف ڪرائي رکيائين. هڪ دفعي جڏهن سندس مڙس وهنجڻ بعد لڱن اُگهڻ لاءِ ڪپڙو گهريس ته هڪ ڌوتل چادر آڻي ڏنائينس، جا بالڪل نرم هئي. مڙس پڇيس ته ”هيءَ چادرڪهڙي قسم جي آهي؟“. چيائينس ته ”هيءَ اها ئي چادر آهي، جا تو بيڪار سمجهي، اڇلائي ڇڏي هئي. الله تعاليٰ توهان ماڻهن کي تنگ نظر بڻايو آهي، جو ههڙن نرم ۽ صاف ڪپڙن کان محروم آهيو“. مڙس کي زال جي ڳالهه معقول نظر آئي ۽ ڌوتل ڪپڙن استعمال نه ڪرڻ جي عادت ڇڏيڏنائين. ٻين ماڻهن ٻڌو ته انهن کي به اها ڳالهه دل سان لڳي ۽ هنن به اها عادت ترڪ ڪري ڇڏي. زال جڏهن ڏٺو ته سندس ڳالهه مڙس جي دل اثر ڪيو آهي، تڏهن وجهه وٺي چيائين ته ”عورت ٻار ڄڻڻ کانپوءِ به اهڙي ئي پاڪ صاف هوندي آهي، جهڙو ڌوتل ڪپڙو“. مڙس جيئن ته زال جي معقوليت جو قائل ٿي چڪو هو، تنهنڪري وقت اچڻ تي اها ڳالهه به آزمائي ڏٺائين ۽ ان کي پسند ڪيائين. ٻين مردن به جڏهن اهاڳالهه ٻڌي ته انهن کي به آزمائڻ کانپوءِ پسند آئي ۽ اهڙي ريت آهستي آهستي سومرن مان انهيءَ بري رسم جي پاڙ پٽجي وئي. [1] اصل ۾ سال 137هه مطابق سال 754ع. (ن ب). [2] سال 1949ع (ن . ب). [3] شهاب الدين بن قاسم (ن ب). [4] تحفة الڪرام مطابق بهونر (1) مولف جو ماخذ تحفة الڪرام آهي، پر عبارت نقل ڪرڻ ۽ ان جي وضاحت ڪرڻ ۾ ڪي غلطيون ڪيون اٿس. تحفة الڪرام فقط ”تونگ“ لکيو اهي، جوهن وقت ڪوٽڙي تعلقي ۾ آهي. مولف ”تقع“ جو لفظ وڌايو آهي ۽ هونئن به هي لفظ مبهم آهي. [5] تحفة الڪرام مطابق ”ججه“ (1) تحفة الڪرام مطابق ”مانگتاره“. (ن ب). (2) مولف جي اها وضاحت صحيح نه آهي. ”و گه ڪوٽ“ هڪ پراڻو شهر هو، جنهن جي کنڊرن جا نشان بدين جي ڏکڻ (هيٺين سنڌ) ۾ اڃا تائين موجود آهن. باقي جهم هڪ خطي جو نالو آهي، جو ڪوٽڙي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ آهي. تحفة الڪرام وگه ڪوٽ جي بجاءِ ”هيمه ڪوٽ“ لکيو آهي. مگر مولف عبارت نقل ڪرڻ وقت خلط ملط ڪيو آهي. (ن .ب). (3) تحفة الڪرام مطابق معبود بن آگره (ن . ب). [6] سلطان غياث الدين جي وفات کانپوءِ سندس ڏهتو سلطان معز الدين ڪيقباد تخت نشين ٿيو ۽ 689هه مطابق 1290ع تائين هڪومت ڪيائين. ان کانپوءِ سلطان جلال الدين خلجي حڪومت تي قبضو ڪيو (ن .ب). [7] سلطان علاء الدين جي وفات کانپوءِ سندس فرزند شهاب الدين عمر 715هه ۾ ۽ ان کانپوءِ ان جو فرزند قطب الدين مبارڪ (720-716هه ۾) تخت نشين ٿيا. انهن کانپوءِ 720هه ۾ ناصر الدين خسروجو تسلط ٿيو (ن .ب). [8] ”سومرو“ (ن . ب). [9] سلطان ناصر الدين (ن . ب). [10] ”ساده“ [11] هن پراڻي شهر جا کنڊر ماتلي، ضلعي حيدرآباد جي اوڀر ۾ اڃان تائين موجود آهن (ن. ب). مؤرخن سومرن جي حڪومت جي زوال جي باري ۾ لکيو آهي ته سومرا شراب پيئڻ وقت گهڻو ڪري ننڍي ڪُونهٽ جو گوشت واپرائيندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن سمي جي گهر مان زوريءَ ڪونهٽ کنيائون ۽ کائي ڇڏيائيون. سما، سومرن جي رعيت هئا. اُنهيءَ گَهَرَ جي عورت پنهنجي مرد کي چيو ته ”سومرا جيئن اڄ ڪونهٽ زوريءَ کڻي ويا آهن. سڀاڻي توهان جون زالون به ائين کڻي ويندا.“ مرد کي غيرت آهي. سنڌ ۽ ڪڇ مان پنهنجي قوم جي ماڻهن کي گڏ ڪري، اول چند سرڪرده سومرن کي قتل ڪيائين ۽ پوءِ هڪ وڏو حملو ڪري، ملڪ تي قبضو ڪري ورتائين. جيتوڻيڪ مؤرخن جي قول موجب سومرن جي حڪومت جو زوال سندن ظلم ۽ بُرن ڪمن جي ڪري ٿيو، پر حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ”تؤ تي الملڪ من تساء و تنزع الملڪ ممن تشاء“ جي حڪمت سبب ٿيو ۽ سومرن جي حڪومت سمن جي هٿ ۾ هلي وئي. هن وقت سومرا قوم مان ڪو به عزت وارو ماڻهو موجود ڪو نه آهي [1] هن قوم جا اڪثر ماڻهو ڌوٻي، رنگريز ۽ ڪورڪو ڪم ڪندڙ آهن. ڪي ڪاشتڪاري، زمينداري ۽ گهٽ درجي جي ملازمت ڪندڙ به آهن. الله جو شان باقي آهي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه فاني. ڪنهن بزرگ چيو آهي ته: ”هر ڪسي را پنج روزه نوبت است“ (2) ستون طبقو سما ڄام سنڌ جا حڪمران اٽڪل سنه 875هه مطابق 1470ع کان تاريخ معصوميءَ جي روايت موجب سما قوم جا ماڻهو اروڙ جي فتح ۽ ڏاهري جي قتل کانپوءِ دهل ۽ شرنايون کڻي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ ”ٺري“ [2] کان آيا هئا ۽ اسلام قبول ڪيو هئائون. تاريخ طاهريءَ جي بيان موجب اصل ۾ هندو هئا، ۽ تحفة الڪرام جي لکڻ موجب عڪرمه بن عصام بن ابي جهل جي اولاد مان هئا، ۽ ”ڄام“ جو لقب به انهيءَ ئي قبيلي مان پاڻ سان آندو هئائون. ڪيئن به هجي، مگر اها ڳالهه ثابت آهي ته سنڌ جا قديم باشندا، سومرن جي رعيت ۽ سندن ڏن ڀريندڙ هئا. مطلب ته خونريزيءَ کانپوءِ سنڌ جي حڪومت سومرنجي هٿان کسي، پنهنجي قبضي ۾ آندائون. ۽ ”انڙ“ ولد ”پاپيه“ (2) کي ”ڄام“ جو لقب ڏئي، گاديءَ تي ويهاريائون. ڄام انڙ ”ساموئي“ شهر تي، جو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي هو ۽ هن وقت سندس وجود مفقود ٿي چڪو آهي (3) مڪمل ضابطو رکڻ بعد سيوهڻ فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ملڪ ”رتن“ کي جو ترڪ سلطان (4) جو مقرر ڪيل حاڪم هو، جنگ ۾ شڪست ڏئي، بکر ڏانهن رخ رکيائين، مگر بکر جي حاڪم علي شير جي هٿان مارجي ويو. ڄام انڙ جي حڪومت جو عرصو ساڍا ٽي سال لکيو ويو آهي، پوءِ سندس ڀاءُ ڄام جوڻو تخت نشين ٿيو. ڄام جوڻو حڪومت تي مڪمل ضاطي رکڻ بعد، ٽلٽيءَ وٽان، جو سنڌونديءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، درياءُ ٽپي، بکر پهتو. بکرجو حاڪم، جو ترڪ هو، پنهنجنس اٿين سميت ڀڄي، اُچ هليو ويو. ڄامجوڻي بکر تي قبضو ڪيو. مگر بادشاهي لشڪرپهچڻ کان ڳ ۾ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ ”ڄامپاپي“ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ چند سال حڪومتڪرڻ بعد وفات ڪريويو. پوءِ ”ڄام تماچي“ سنڌ جو حڪمران ٿيو. هن جي مٿان شاهي لشڪر ڪاهه ڪئي ۽ سيوهڻ ۾ ساڻس لڙائي ڪرڻ بعد گرفتار ڪيائينس ۽ ٻارن ٻچن سميت دهليءَ نيائينس. ڳچ عرصي گذرڻ بعد سندس فرزند ڄام خير الدين کي، جو ننڍپڻ کان پيءَ سان دهليءَ ۾ گڏ هو، شاهي سروپاء پهرائي، سنڌ جو حاڪم بڻايوويو. مگر تحفة الڪرام جي مولف جو چوڻ اهي ته ڄام پاپيو ولد ڄام انڙ حاڪم ٿيو پر تاريخ معصوميءَ جو قول زياده صحيح آهي ته ڄام خير الدين حاڪم ٿيو. راقم الحروف هن برگزيده انسان (ڄام خير الدين) جون ڪي سهڻيون وصفون بيان ڪرڻ گهري ٿو. هيءُ ڄام اسم باسمي هو يعني جهڙو نالو چڱو هوس، پاڻ به اهڙو ئي چڱو هو، بلڪه ولي الله هو. هڪ ڏينهن پنهنجن خاص ماڻهن سان گڏجي گهمڻ لاءِ نڪتو. اوچتو انساني بدن جي هڏن تي نظر پيس، جي هڪڙي کڏ ۾ پيل هئا. گهوڙو جهلي، ڪجهه وقت انهن هڏن کي بيهي ڏٺائين ۽ پوءِ پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته ”توهان کي خبر آهي ته هي هڏا مونکي ڇاٿا چون؟“ هو ڪو به جواب ڏئي نه سگهيا. ڄام چيو ته ”هي مظلوم آهن ۽ انصاف جي تقاضا ٿا ڪن.“ پوءِ هقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۾ ماڻهو روانا ڪيائين. هڪڙو پوڙهو ماڻهو، جو انهيءَ تر جو هو، حاضر ٿيو ۽ انهن هڏن جي باري ۾ ٻڌايائين ته ”ست سال اڳ ۾ گجرات کان واپارين جو هڪ قافلو آيوهو، جنهن کي هن ڌر جي ماڻهن قتل ڪيو ۽ سندن سامان اسباب کڻي ويا. ڄام انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪيو ۽ اهو مال هٿ ڪري، گجرات جي حاڪم ڏانهن ڏياري موڪليائين ۽ کيس لکيائين ته ”هيءُ مال مقتولن جي وارثن کي ڏنو وڃي“ ۽ پوءِ قاتلن کي سندن ڪيفر ڪردار تائين پهچايائين. ڄام خير الدين چند سال اطمينان ۽ آزاديءَ سان هڪومت ڪرڻ بعد هن عالم فاني مان رحلت ڪئي. پوءِ ڄام خير الدين جو فرزند ”ڄام پاپيو ٻيو“ پنهنجي پيءَ جو جانشين ٿيو پر دهليءَ جي بادشاه سان بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ قد ڪري کيس هليءَ نيو ويو، جتي تمام سٺيون خدمتون بجا آندائين، جنهنڪري کيس آزاد ڪري واپس موڪليو ويو ۽ سنڌ جي حڪومت سندس حوالي ڪئي وئي. آخر پندرهن سال حڪومت ڪرڻ بعد انتقال ڪيائين [3]. ڄام پاپيي کانپوءِ ڄام تماچي حڪمران ٿيو ۽ چند سالن جي حڪمرانيءَ کان پوءِ وفات ڪري ويو. سندسجانشين سندس فرزند ڄام صلاح الدين ٿيو ۽ تمام سٺي طريقي سان حڪومت ڪري فوت ٿي ويو ۽ پوءِ ڄام نظام الدين پنهنجي موروثي حڪومت جو وارث بڻيو. مگرهو عياش هو ۽ عياشيءَ جي ڪري حڪومت جي معاملات کان بي خبر رهندو هو. جنهنڪري سندس چاچي مٿس حملو ڪيو. ڄام نظام الدين ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي ئي رهي پيو. ڄام علي شير، جو گهڻو ڪري گوشه نشين رهندو هو، پنهنجي عقلمندي ۽ بهادريءَ سبب حڪمران ٿيو ۽ چند سالن بعد شهيد ٿي ويو. ڄام علي شير کانپوءِ ”ڄام ڪرن“ تخت نشين ٿيو. پر سخت گير ۽ چيڙاڪ هجڻ سبب سندس نوڪرن غسلخاني ۾ ماري وڌس. جنهن کانپوءِ ڄام فتح خان ولد سڪندر خان پنهنجي شجاعت، سخاوت ۽ مروت سبب حڪمران بڻيو ۽ نهايت ئي دانشمنديءَ سان حڪومت ڪرڻ بعد رحلت ڪري ويو. ان کانپوءِ سندس ڀاءُ ”ڄام تغلق شاه“ سندس جانشين ٿيو، جنهنڪمال درجه جي دانائيءَ ۽ حڪومت جي معاملات کان پوري پوري آگاهيءَ سان حڪمراني ڪئي. پنهنجن ڪيترن ئي عزيزن قريبن کي سيوهڻ ۽ بکر ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيائين. مڪليءَ تي ”تغلق آباد“ جي نالي سان هڪ شهر تعمير ڪرايائين، جنهن جا کنڊر اڃا تائين موجود آهن، پنهنجي گادي ٺٽي مان ڦيرائي، تغلق آباد ۾ وڃي رکيائين ۽ پنهنجي مملڪت ۾ جابجا ”ٿاڻيدار“ مقرر ڪيائين. نيٺ چند سال حڪومت ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو، ۽ سندس فرزند ڄامسڪندر ننڍپڻ ۾ سندس جانشين ٿيو. ڄام سڪندر جي عمر ننڍي هجڻ سبب سرڪشي، حڪم عدولي ۽ بغاوت پيدا ٿيڻ لڳي. ”مبارڪ“ نالي سندس هڪ غلام، سندس غير حاضريءَ ۾ ٽن ڏينهن تائين حڪومت ڪندو رهيو. جنهنڪري سڄي ملڪ ۾ افرا تفري مچي وئي. انهن هالتن جي ڪري ”ڄام رائدن“ ڪڇ کان هلي، سنڌ ۾ آيو ۽ حڪومت تي قابض ٿي ويو. ڄام رائدن اهڙو داناء ۽ بيدار دماغ هو، جو ڏيڍ سال جي عرصي اندر ملڪ جون حدون ”اوباري“ [4] تائين ڦهلائي ڇڏيائين. نيٺ چند سالن جي حڪومت بعد ”سنجر“ نالي پنهنجي هڪ ملازم جي هٿان زهر ملڻ سبب شهيد ٿي ويو. پوءِ ”ڄام سنجر“ رعيت، اميرن ۽ فوج جي صلاح سان ملڪ جو والي ٿيو. چيو وڃي ٿو ته ڄام سنجر ايڏو ته خوبصورت ۽ حسين و جميل هو، جو ڪيترائي ماڻهو (کيس ڏسڻ خاطر) بنا کائڻ پيئڻ جي پنهنجو گهڻو وقت سندس خدمت ۽ ڪمن ڪارين ۾ گذاريندا هئا. هڪ اهل دل ۽ صاحب ڪرامت درويش ته مٿس مفتون ٿي پيو. هڪ ڏينهن وجهه وٺي درويش کي عرض ڪيائين ته ”مان چاهيان ٿو ته سنڌ جو حڪمران ٿيان، ڀلي ته اٺ ڏينهن ئي سهي.“ درويش چيس ته ”تون اٺ سال سنڌ جو حڪمران ٿيندين.“ درويش جي دعا مستجاب ٿي ۽ ڄام سنجر پورا اٺ سال بالڪل بي فڪريءَ سان سنڌ جي مٿان حڪومت ڪندو رهيو. مير محمد معصوم بکري روايت ٿو ڪرين ته [5] ”معروف“ نالي هڪ قاضي، جو ڄامسنجر جي تخت نشينيءَ کان اڳ ۾ ئي قضا جي عهدي تي فائز هو، معمولي پگهار هجڻ سبب فيصلي ڪرڻ وقت مدعيءَ کان به ۽ مدعاعليه کان به ڪجهه نه ڪجهه رقم ضرور وٺندو هو. اها خبر ڄام کي پئي ته قاضيءَ کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. قاصي حاضر ٿيو، ته ڄام چيس ته ”مان ٻڌو آهي ته تون مدعي خواه مدعاعليه کان زوريءَ رشوت وٺندو آهين؟، قاضيءَ جواب ڏنو ته ”ها، وٺندو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته شاهدن کان به وٺان، پر جيستائين مان هنن کان ڪجهه وٺان، تنهن کان اڳ ۾ ئي هو ٻاهر نڪري ٿا وڃن.“ ڄام کلي ويٺو، پوءِ قاضيءَ عرضڪيو ته ”سڄو ڏينهن دارالقضا (ڪورٽ) ۾ ويهان، سمورو وقت سرڪار جي خدمت ۾ صرف ڪريان ۽ پٺيان گهر ۾ منهنجا ٻچا بک ۽ پاه پيا ٿين!“ ڄام کي اها ڳالهه دل سان لڳي. قاضيءَ جي پگهار ۽ سندس الائونس وڌائي، کيس رخصت ڏنائين. ان کانپوءِ سڄي سنڌ جي اندر سڀني قاضين جون پگهارون، صالحن ۽ درويشن جا وظيفا وڌائي ڇڏيائين. نيٺ ڄام سنجر الله جي حڪم ۽ درويش جي دعا سان پورا اٺ سال سنڌ تي حڪومت ڪري، راهه رباني وٺي ويو ۽ ڄام نندو سندس جانشين ٿيو. تحفة الڪرام واري ڄام نظام الدين جو شجرو هن ريت لکيو آهي: نظام الدين ولد پاپيو ولد انڙ ولد صلاح الدين ولد تماچي. پر سندس مقبري جي مٿان جو مڪليءَ تي آهي هن ريت لکيل آهي: ”سلطان نظام الدين شاه ولد سلطان صدر الدين شاه ولد سلطان صلاح الدين شاه ولد سلطان رڪن الدين شاه ولد سلطان فيروز شاه“. تنهنڪري راقم الحروف ڄام نظام الدين جي انهيءَ شجري تي اعتبار ٿو ڪري جو سندس مقبري تي لکيل آهي. هيءُ ڄام نهايت ئي ديندار، متوضع ۽ سهڻين خصلتن وارو، فقيرن جو دوست ۽ برگزيدو انسان هو. هت سندس گهڻيون خصلتون بيان ڪيون ٿيون وڃن. ڄام نظام الدين جي دور حڪومت ۾ ڪو به ماڻهو بي نماز ۽ بنا وـضو نه رهندو هو [6] ڄام هر هفتي اصطبل ۾ ويندو هو ۽ گهوڙڻ جي پيشانين تي هٿ گهمائي، کين چوندو هو ته ”اي غازيو! مان نٿو چاهيان ته توهان جي مٿان هروڀرو سواري ڪئي وڃي ڇو ته منهنجي مملڪت جي چئني پاسن کان مسلمان حڪمران آهن. دعا ڪريو ته مونکي بنا ڪنهن شرعي سبب جي ڪيڏانهن وڃڻو نه پوي ته مان مسلمانن جي خون ۾ ملوث نه ٿيان ۽ نه وري ڪو غنيم مون تي چڙهائي ڪري اچي“. اهو به چيو وڇي ٿو ته مڪليءَ جي قبرستان ۾ ڪنهن بزرگ جو لاش قبر مان ظاهر ٿي پيو. ڄام جي مٿان اهاڳالهه منڪشف ٿي، ته هن جي جنازي جي نماز ٻيهر پـڙهڻي آهي ۽ امامت اهڙي شخص کي ڪرڻي آهي، جنهن بنا وضوعءَ جي آسمان ڏانهن نظر نه ڪئي هجي ۽ نه وري بنا سبب جي پنهنجي اُگهڙ ڏٺي هجيس. شهر ۾ منادي ڪرائي وئي، مگر اهڙو پرهيز گار خود ڄام کانسواءِ ٻيو ڪو به ملي نه سگهيو، جنهنڪري ڄام کي امامت ڪرڻي پئي. سنڌ جي ڪن مورخن جوچوڻ آهي ته ٺٽي شهر جو بنياد به ڄام نظام الدين ئي وجهرايو هو. جڏهن سندس دل ۾ نئين شهر تعمير ڪرائڻ جو خيال آيو، ته نجومين ڏانهن رجوع ڪيو ويو. هنن چيو ته جيڪڏهن نئون شهر (مڪليءَ جي) ٽڪريءَ تي اڏيندا ته شهر جا ماڻهو ڪي قدر سنگدل، جاهل ۽ آره زورا ٿيندا، جنهنڪري وقت جي حاڪم کي هميشه فڪر مند رهڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ٽڪريءَ کان هيٺ نرم زمين تي شهر اڏايو ويو ته ماڻهو نرم دل، عقلمند ۽ نازڪ بدن ٿيندا. جن مان وقت جي حاڪم کي ڪو به فڪر لاحق نه ٿيندو. آخر نجومين جي صلاح سان شهر جو پايو مڪليءَ کان هيٺ ميداني علائقي ۾ وڌائون. ٺٽي جي تعمير جي تاريخ ”به بين بسم الله الرحمٰن الرحيم“ مان نڪري ٿي، جنهن جا عدد 893 آهن ۽ اهو هجري سال مطابق 1585ع سال جي [7] شهر جو نالو ”تهه تهه“ رکيو ويو ۽ ان جو سبب هيءُ اهي جو ٺٽي جو شهر، زمين تي تعمير ٿيل ٻين شهرن جي بنسبت گهڻو هيٺ آهي، انهيءَ ڪري ”تهته“ مشهور ٿيو، ۽ نيٺ اڳڀرو هلي ”ٺٽو“ بڻجي ويو. بيشڪ، انهيءَ زماني جي نجومين جي صلاح ڏاڍي معقول هئي، جو ٺتي جي شهر جي باشندن جو حال ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته هو نازڪ مزاج، داناء ۽ ڪم همت آهن. رقم الحروم جي، ٺٽي جي ڪيترن ئي معززن سان دوستي ۽ محبت آهي ۽ ڪيترائي سال ساڻن گڏجي اُٿڻ ويهڻ جا تعلقات رهيا آهن. شهر جي تعمير جي تاريخ به بلڪل موزون آهي، جو سڀني ديني ۽ ڪتابن جو زيب عنوان ”بسم الله الرحمان الرحيم“ ئي آهي. جيئن ته هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مڪليءَ جو نالو آيل آهي ۽ اتي گهنن ئي اوليائن، حڪمرانن، نامورن ۽ معزز ۽ بزرگ شخصيتن جون مزارون آهن، جي اڃا تائين موجود آهن، تنهنڪري اهو لکڻ ضروري نظر ٿو اچي ته مڪمليءَ تي ”مڪلي“ نالو ڪيئن پيو. راوين جو چوڻ آهي ته هڪ خدا پرست درويش ۽ اهل الله هندوستان کان مڪليءَ ۾ آيو، جنهن کي زيارت لاءِ مڪه معظمه وڃڻوهو. هڪ رات ڪو عجيب و غريب خواب ڏٺائين. جڏهن جاڳيو ته جذب ۽ بي خوديءَ جي عالم ۾ چوڻ لڳو ته ”هٰذا مڪة لي، هٰذ مڪة لي“ يعني منهنجو مڪو هيءُ آهي، منهنجو مڪو هيءُ آهي. پوءِ آهستي آهستي انهيءَ خطي جو نالو ”مڪلي“ مشهور ٿي ويو. سچ پچ مٿي ڄاڻايل بزرگن جي مزارن جي ڪري هيءَ هڪ برڪت ڀريو خطو آهي ۽ پنهنجين عجيب و غريب ڳالهين، شاندار عمارتن ۽ رنگا رنگي نقش و نگارن جي ڪري سنڌ جي هيءَ تڪري ڏسڻ وٽان آهي. راقم الحروف مڪليءَ تي وڃي اڪثر عمارتون ڏٺيون آهن ۽ ڄام نظام الدين جي وفات جي تاريخ ”سال 914“ به ڏٺي اٿس. اهو هجري سال، 1508 عيوسي سال جي مطابق آهي. قصو ڪوتاه، اهڙا حاڪم تمام ٿورڙا ٿي گذريا آهن. ڄام نظام الدين کان پوءِ سندس فرزند ”ڄام فيروز“ پنهنجي موروثي تخت تي ويٺو، پر جيئن ته اڃا صغير هو، تنهنڪري پڻس جي وصيت موجب حڪومت جو ڪاروبار سندس وزير دريا خان هلائيندو رهيو. ڄام فيروز جڏهن لائق ٿيو، ته حڪومت جو ڪاروبار پنهنجي پيءَ جي دستور جي خلاف هلائڻ لڳو، جنهنڪري دريا خان ناراض ٿي، ٺٽو ڇڏي هليو ويو. دريا خان جي عدم موجودگيءَ جو فائدو وٺي، ڄام صلاح الدين، جو هميشه حڪومت جو دعويدار هوندو هو، ڪڇ کان سنڌ ۾ آيو ۽ معمولي لڙائي کانپوءِ فيروز جي مٿان فيروزمند (فتحمند) ٿيو ۽ اٺ مهينا حڪومت ڪيائين. تنهن کانپوءِ ڄام فيروز، دريا خان جي مشوري ۽ مدد سان ڄام صلاح الدين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ 926هه مطابق 1520ع تائين سنڌ جي مٿان اطمينان ۽ آزاديءَ سان حڪومت ڪيائين. اخر 937هه مطابق 1521ع مرزا شاه بيگ ارغون قنڌار کان سنڌ ۾ آيو (جنهن جو تفصيل ارغونن جي احوال ۾ بيان ڪيو ويندو) ۽ سنڌ تي قبضو ڪري، حڪومت ڪرڻ لڳو. راقم الحروف ارغونن جي احوال کڻ کان اڳ ۾ مناسب ٿو سمجهي ته سومرن ۽ سمن جي حڪومت جي عرصي (ميعاد) جي باري ۾ ڪجهه احوال بيان ڪري. ڇو ته سنڌ جي متعلق لکيل تاريخن جي ڪنهن به مولف انهن بنهي گهراڻن جي حڪومتن جي عرصي جي باري ۾ ڪو به احوال بيان نه ڪيو آهي ۽ هر پوئين مورخ اڳين مورخن جي نقش قدم تي هلي، سڀ ڪجهه پنهنجي خيال ۽ گمان جي آڌار تي لکيو آهي ۽ وري سڀني مورخن جا خيالات هڪ ٻئي کان مختلف اهن، جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ مونجهاري جو باعث بڻجي ٿا پون. پڙهندڙن کي نيڪ روشن هجي ته سنڌ جي باري ۾ آخري، معتبر ۽ تفصيلي تاريخ، ”تاريخ معصومي“ آهي، جنهن جو مولف مير محمد معصوم بکري ”نامي، هو. مير معصوم هندوستان جي بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي زماني ۾ هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو داناءُ، تجربيڪار ۽ نامور انسان هو. مٿي ڄاڻايل ڪتاب (تاريخ معصومي) ۾ سنڌ جا حالات مرزا جاني بيگ ترخاني جي قيد ٿيڻ واري زماني 9-1008هه مطابق 1600-1599ع تائين قلمبند ڪيا اٿس. ميرمحمد معصوم 1014هه ۾ هن جهان فانيءَ مان عالم جاودانيءَ ڏانهن رحلت ڪئي. سندس وفات جو سال (1014هه) ”بود نامي صاحب ملک سخن“ مان نڪري ٿو، جو 1605ع جي مطابق ٿو ٿئي. هيءُ هڪ عجيب اتفاق هو، جو اڪبر بادشاهه جو انتقال به انهيءَ ئي سال ٿيو، جو ”فوت اکبر شه“ مان ظاهر ٿو ٿئي. مير محمد معصوم جو اولاد اڃا تائين سکر ۾ موجود آهي. مير محمد معصوم پنهنجي تاريخ جي شروع ۾ لکي ٿو ته ”جڏهن سنه 801هه (مطابق 1398ع) جي صفر ۾ صاحب قرآن (امير تيمو) جو ڏهٽو مرزا پير محمد ملتان کان سنڌ ۾ آيو، ته ان کانپوءِ سومرا گهراڻي جا حڪمران، دهليءَ جي بادشاهن جي اطاعت ترڪ ڪري، سنڌ جي مٿان آزادي ۽ خود مختاريءَ سان حڪومت ڪرڻ لڳا.“ تاريخ معصوميءَ ۾ ٻئي هنڌ درج آهي ته ”ڪو به ڪتاب، جنهن ۾ سومرن ۽ سمن جو تفصيلي احوال درج هجي، منهنجي نظر کان نه گذريو آهي، تنهنڪري جيڪو مختصر احوال هٿ اچي سگهيو آهي، سو لکيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي هن کان وڌيڪ ڪجهه ملي سگهي، ته اهو هن (تاريخ معصومي) ۾ شامل ڪري ڇڏي.“ ٻي تاريخ ”بيگلارنامه“ آهي، جا 1000هه مطابق 1591ع ۾ مغلن جي دور حڪومت جي باري ۾ لکي وئي آهي. پر افسوس هيءُ آهي، جو مولف جو نالو نٿو ملي [8] ۽ سندس اولاد جو پتو به ڪو نه ٿو پوي. انهيءَ تاريخ ۾لکليل آهي ته ”سومرا گهراڻي سنڌ جي مٿان پنج سئو پنج سال حڪومت ڪئي. ان کانپوءِ سما حڪمران ٿيا ۽ هنن مان پندرهن ڄڻن سنڌ ۾ وڏي ڪر فر ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي ۽ هڪ سئو نوي سالن جي حڪمرانيءَ بعد سندن حڪومت جو دور ختم ٿي ويو.“ ٽين تاريخ ”طاهري“ آهي، جنهن جو مولف سيد طاهر محمد نسياني ولد سيد حسن ٺٽوي آهي (جنهن جو اولاد هن وقت ظاهر نه آهي) تاريخ طاهريءَ ۽ بيگلارنامه جي تاليف جو زمانو ساڳيو ئي نظر اچي ٿو. تاريط طاهري وارو لکي ٿو ته ”سومرا ۽ سما سنڌ جا آڳاٽا زميندار هئا ۽ انهن مان گهڻا هوندو هئا. جيڪڏهن انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا حالات ڪنهن شخص لکيا هوندا ته اهي هندي رسم الخط ۾ هوندا، جو مشهور (يعني عام طور تي مروج) نه آهي.“ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”سنڌ جي جهونن ماڻهن کان جيڪي ٻڌڻ ۾ آيو آهي، سو هيءُ اهي ته سنڌ ۾ ستين صدي هجريءَ کان 843هجريءَ تائين هندو مذهب رکندڙ سومرا حڪمران هئا“ ٽئين هنڌ لکي ٿو ته ”سمن جي حڪومت جو عرصو 84 سال هو.“ چوٿين تاريخ تحفة الڪرام آهي، جا بالڪل آخري ۽ تفصيلوار تاريخ آهي ۽ 1187هه مطابق 1773ع ۾ لکي وئي اهي، ان جو مولف مير علي شير (فانع) مير شڪر الله شيرازيءَ جي اولاد مان هو. مير شڪر الله مرزا شاه بيگ ارغون جي زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو هو ۽ اڃا تائين سندس اولاد ٺٽي ۾ موجود آهي. تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته ”سومرا گهراڻي سنڌ تي پنج سئو پنج سال حڪومت ڪئي“ ۽ سمن جي باري ۾ لکي ٿو ته ”هڪ سئو پنجهتر سال حڪومت ڪيائون.“ مٿي ڄاڻايل چئني مورخن ۾ سومرن ۽ سمن جي حڪمرانيءَ جي ميعاد ۾ اختلاف آهي [9] اڪثر تاريخن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته جڏهن صاحب قرآن امير تيمور جي ڏهٽي مرزا پير محمدکانپوءِ هندوستان ۾ وڏو انتشار پيدا ٿيو، تڏهن سنڌ جي مٿان سومرا گهراني جو آزادانه ۽ خود مختيارانه تسلط ٿيو ۽ اهو سال 801هه مطابق 1398ع هو. تنهنڪري هن گهراڻي جي حڪومت جي ابتدا انهيءَ ئي زماني کان سمجهڻ گهرجي. از انسواءِ تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام مطابق هن گهراني جي حڪومت جو خاتمو ”ارميل“ جي دور حڪومت کان سمجهڻ گهرجي، جنهن جي ظلم جي نتيجي ۾ سومرن جي حڪومت ختم ٿي وئي. پر افسوس اهو آهي جو سندن هڪومت جي خاتمي جو سال يقيني طور تي معلوم ٿي نه ٿو سگهي. تحفة الڪرام جو هيءُ چوڻ ته ”سومرن جي حڪومت جو زوال ”حمير سومري“ کان ٿيو“، اعتبار جوڳو نه آهي. تحفة الڪرام واري اها روايت ”منتخب تاريخ“ تان ورتي وئي آهي، مگر هن وقت انهيءَڪتاب جو نانءُ نشان نه ظاهر آهي ۽ نه وري ڪنهن ٻئي تاريخي ڪتاب مان ئي ان جي تائيد ٿي ٿئي. البت راقم الحروف تحفة الڪرام جي ٻئي قول جي فقط هيتري تائيد ٿو ڪري ته ڪن شعرن، ڪافين ۽ قصن ۾ سومرا قوم جي چند سرڪرده ماڻهن جا نالا ملن ٿا، جي عوام ۾ مشهور اهن. جهڙوڪ دودو، چنيسر، ٻهڻو، عمر، حمير ۽ مينڌرو وغيره. انهيءَ ڪري غالباً گمان آهي ته شايد انهن ماڻهن سنڌ جي ڪنهن علائقي تي انهيءَ زماني جي بادشاهن جي طرفان حڪومت ڪئي هجي باقي سندن آزاد ۽ خودمختيار حڪومت جي ثابتي نه ٿي ملي. راقم الحروف پنهنجي مٿان واجب ٿو سمجهي ته جڏهن سومرا گهراڻي جو سومرو احوال بيان ڪيو ويو آهي ته سما گهراڻي جو احوال به بيان ڪري. مٿي بيان ڪيل احوال مان واضح ٿو ٿئي ته ارميل سومري کانپوءِ سما گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي، مگر افسوس آهي جو سخت ڪوشش جي باوجود راقم الحروف جي نظر مان اهڙو ڪو به ڪتاب نه گذريو آهي، جنهن مان پتو پوي ته سمن جي حڪومت ڪهڙي سال ۾ شروع ٿي. باقي جاڳالهه ثابت ٿي سگهي آهي، سا اها آهي ته سما گهراڻي جي پهرئين حڪمران جو نالو ”انڙ“ هو. اهڙيءَ ريت اها ڳالهه به يقيني آهي ته 926هه مطابق 1520ع ۾ شاه بيگ ارغون جي قبضي کان پوءِ هن گهراڻي جو خاتمو ڄام فيروز ولد ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي تي ٿيو. راقم الحروف جو چوڻ آهي ته مٿي بيان ڪيل احوال مان سومرا گهراڻي جي حڪومت جي شروعات 801هه مطابق 1397ع کان بنا شڪ شبهي جي ثابت آهي ۽ سما گهراڻي جي حڪومت جو زوال 926هه مطابق 1520ع کان به بنا شڪ شبهي جي ظاهر آهي، ۽ اهو عرصو هڪ سئو پنجويهه سال آهي. ٻنهي گهراڻن جي وچ ۾ انهيءَ عرصي (125 سال) جي تقسيم نهايت ئي پختن دليلن ۽ سهڻي طريقي سان ڪري، مٿي بيان ڪئي وئي آهي. هن وقت سمن جو اولاد به سومرن جي اولاد وانگر پنهنجي اصليت بدلائي، ٻين قومن سان گڏجي سڏجي ويو آهي ۽ جيڪو جنهن رنگ ۾ آهي اهو انهيءَ ئي رنگ ۾ سڃاڻجي ٿو. گهڻا ڌوٻي، نيروٽي ۽ درزي آهن. ڪي زميندار، سرڪاري ملازم ۽ هنر وارا به آهن. مگر نالي وارا زميندار ۽ جاگيردار ”نهمردي“ يا ”نومهري“ قوم جا آهن، جن جو سردار ملڪ صوبدار خان ولد سردار خان آهي. يا جت قوم، جنهن جو سردار ملڪ علام حسين ولد جهان خان جت آهي ۽ اهي پاڻ کي ”سماٽ“ سڏائيندا آهن يعني سمي جو اولاد. اٺون طبقو سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت سنه 927هه مطابق 1521ع جي شروعات کان تحفة الڪرام جي قول مطابق ارغون، چنگيز خان جو اولاد آهن، جنهن جو تفصيل هن ريت اهي: ارغون خان، ولد هلاڪو خان، ولد تولي خان، ولد چنگيز خان. ارغون جي اولاد مان مرزا شاه بيگ ولد امير زوالنون ولد حسن بصري 926هه مطابق 1520ع ۾ بابر شاه کان ناراض ٿي، قنڌار کان سيوي ۽ گنج آبه (سبي ۽ گندا واه) جي رستي ٺٽي آيو ۽ انهيءَ وقت جي حڪمران ڄام فيروز سان لڙائي ڪري، مٿس فتح حاصل ڪيائين. ڄام فيروز اطاعت قبول ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ته لڪ علوي (لڪي) کان هيٺ وارو حصو سمنڊ جي ڪناري تائين ڄام فيروز جي هٿ ۾ رهندو، مگر مير علي اڪبر ارغون هن جو معاون هوندو. انهيءَ معاهدي موجب مرزا شاه بيگ ارغون مير عليڪه ارغون، سلطان مقيم بيگلار ۽ ڪيبڪ ارغون کي سيوهڻ ۾ مناسب عهدن تي مقرر ڪرڻ بعد، پاڻ پکر ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ اتي سلطان محمود خان ولد مير فاصل خان ڪوڪلتاس کي، جو اڃا پندرهن سالن جو هو، حاڪم مقرر ڪيائين. بکر جو قلعو کيس پسند آيو ۽ رضوي ساداتن ۽ ترڪن وغيره کي، جي گهڻي عرصي کان اتي رهندا هئا، روهڙيءَ ۾ وڃي رهڻ جو حڪم ڏنائين. انهن ڏينهن کان بکر جا سادات هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. هن وقت گهڻا روهڙيءَ ۾ آهن. ڪي سنگرار ۾، ڪي ڪنڊياري ۾، ڪي نصرپور ۾ ۽ ڪي گجرات ۾ ٿا رهن. بکر جي قلعي ۾ جيڪي عمارتون آهن، سي اررو شهر جي سرن مان ٺاهيون ويون (انهيءَ قلعي جي اها تعمير ٽيون دفعو ٿي آهي). مطلب ته مرزا شاه بيگ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي عملي جي لاءِ هر ڪنهن جي لياقت آهر عمارتن جي تعمير ۽ مرمت ڪرائي، پاڻ شال ڪوٽ (ڪوئٽه) هليو ويو. اڃا هڪ سال به نه گذريو هو ته ڄام صلاح الدين، جو هميسه حڪومت جو دعويدار هوندو (۽ جنهن جو ذڪر مٿي به ڪيو ويو آهي) ٺٽي تي ڪاهه ڪئي ۽ ڄام فيروز کي ڀڄائي پاڻ حڪومت تي قبضو ڪري ويهي رهيو. ڄام فيروز سيوهڻ جي ارغون هاڪمن وٽ ويو ۽ اتان مرزا شاه بيگ کي مدد لاءِ عرضي موڪليائين. مرزا شاه بيگ پنهنجي فرزند ارجمند مرزا شاه حسن غازيءَ کي وڏو لشڪر ڏئي روانو ڪيو، جنهن ٺٽي پهچي، ڄام صلاح الدين سان جهنگ ڪئي ۽ سندس پٽ ڄام هيبت علي خان کي ميدان جنگ ۾ ماري، فته ۽ نصرت حاصل ڪيائين ۽ دستور موجب حڪومت ڄام فيروز جي حوالي ڪري پٺتي موٽ کاڌائين. انهيءَ وچ ۾ سندس والد بزرگوار مرزا شاه بيگ به ”باغبان“ ۾ اچي پهتو، جو دادو ضلعي جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. اتي ٻنهي (پيءُ پٽ) جي ملاقات ٿي ۽ ٻئي گڏجي سيوهڻ ويا، جتي ڪي جايون وغيره تعمير ڪرايائون. پوءِ ٽلٽيءَ وٽان سنڌو ندي اُڪري بکر جي قلعي ۾ پهتا. جيتوڻيڪ ٽلٽيءَ وٽ ڪي سما ۽ ٻين قومن جا ماڻهو مرزا شاه بيگ سان وڙهيا، مگر هن سان پڄي نه سگهيا. مرزا شاه بيگ بکر جي قلعي ۾ عمارتن درست ڪرائڻ بعد سال کن اطمينان سان گذاريو. 968هه مطابق 1522ع ۾ پنهنجي فرزند ارجمند مرزا شاه حسن سان گڏجي، وڏو اٽالو ساڻ ڪري، بکر کان گجرات فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ته نصرپور وٽ ملڪ الموت جي لشڪر مٿس ڪاهه ڪئي ۽ 22 شعبان 928هه تي هن فاني جهان مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهيٿيو. ڪنهن ظريف سندس وفات جي تاريخ ”شهر شعبان“ (شعبان مهينه) جي لفظن مان ڪڍي آهي، جنهن جا عدد 928 آهن. مرزا شاه بيگ جو لاش چنگيز خاني رسمن ادا ڪرڻ بعد بکر نيائون ۽ هڪ سال بعد مڪه معظمه (زاد الله شرفها) نيئي دفن ڪيائون. اڪثر تاريخن مطابق مرزا شاه بيگ سڪرات جي وقت، محمد شريف نالي هڪ حافظ قرآن کي گهرايو ۽ کيس يٰسين شريف پرهڻ لاءِ چيائين. حافظ جڏهن هن آيت تي پهتو ”و مالي لا اعبد الذي فطرني واليه ترجعون“ (مونکي ڇا ٿيو آهي، جو مان ان عبادت ٿو ڪريان، جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي. حالانڪه اوهان ۽ اسان کي ان ڏانهن موٽي وڃڻو آهي) ته چيائينس ”حافظ! وري پڙهه.“ وري حافظ جڏهن هن آيت تي پهتو ”قال يا ليت قومي يعلومون بما غفرلي ربي“ (چيائين ته ڪاس، منهنجي قوم کي اها ڄاڻ هجي ها ته منهنجي پرورد گار مونکي ڇا جي ڪري بخشي ڇڏيو) ته سندس روح پرواز ڪري ويو. مورخن اهو به لکيو آهي ته مرزا شاه بيگ نه فقط ميدان جنگ جو سپاهي هو، پر ديني علمن تفسير ۽ حديث کان به چڱي طرح واقف هو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن تي پنهنجي هٿ سان حاشيا لکيا هئائين. انهيءَ ئي سال 928هه مطابق 1522ع ۾ مرزا شاه بيگ نصرپور ۾ پنهنجي پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ بابر بادشاه جي نالي جو خطرو پڙهيائين (نصرپور هن وقت ٽنڊي الهيار تعلقي ۾ هڪ وڏو ڳوٺ آهي). ڄام فيروز، مرزا شاه بيگ جي وفات کانپوءِ قدري نافرماني ڪئي، جنهنڪري مرزا شاه حسن نصرپور کان ٺٽي تي ڪاهه ڪئي ۽ بندوقن، تيرن ۽ ترارن جي جنگ کانپوءِ ڄام فيروز شڪست کائي ڀڳو ۽ مرزا شاه حسن فتح حاصل ڪئي. روايت اهي ته جڏهن ارغونن ۽ سمن جو لشڪر هڪ ٻئي کان آمهون سامهون ٿيو، ته انهيءَ وقت سما گهوڙن تان لهي پيا. مٿن تان پڳون لاهي اڇلايائون ۽ پيڙاهڻن جي دامن هڪ ٻئي سان ٻڌي، جنگ جوٽيائون (انگريزن جي تسلط کان اڳ ۾ سڄي سنڌ جي اندر اها رسم موجود هئي، جا قسم جي برابر سمجهي ويندي هئي.) قصو ڪوتاه، ڄام فيروز ڀڄي ويو ۽ مرزا شاه حسن فتح ۽ نصرت حاصل ڪرڻ بعد ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ اميرن ۾ مال غنيمت تقسيم ڪري، ڇهه مهينا ”تغلق آباد، ۾ رهي پيو (هن وقت تغلق آباد جو فقط هڪ ويران دڙو موجود آهي) ۽ ٺٽي ۾ ترخان قوم منجهان هڪ حاڪم مقرر ڪري، پاڻ هالا ڪنڊي (هالا) سيوهڻ ۽ درٻيلي (ڊڀري) کان شڪارڪندو ۽ مستحقن ۾ انعام ورهائيندو ”ٻٻرلوءِ جي چارباغ“ ۾ اچي داخل ٿيو (هن وقت هيءُ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، البت ان جي ڀرسان ”شاه جو دونهون“ نالي هڪ ٻيو نئون اڏيل ڳوٺ آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري سادات رهندا آهن،جن وڏو سيد انور عيل شاهه ولد سيد خاڪي شاهه آهي). مرزا شاه حسن ۽ ٻٻر لوءِ ۾ چند ڏينهن آرام ڪرڻ بعد بکر ۾ آيو ۽ پنهنجي دليري ۽ قلمنديءَ سان سنڌ جي حدن ۾ اضافو ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جون هدون هن ريت هيون: اوڀر ۾ ملتان جي ويجهڙائي تائين.اُتر ۾ سبيءَ تائين، ڏکڻ ۾ ڪڇ تائين ۽ اولهه ۾ سمنڊ تائين. مرزاشاه حسن پنهنجي سر ايڏو وڏو دلير ۽ قلمند هو، جو ڌاريجا، ڏهر، ماڇي ۽ ڪي ٻيون قومون، جي سخت سرڪش هيون، انهن کي دڙڪي داب سان پنهنجو فرمان بردار بڻائي ڇڏيائين. مرزا شاه حسن ڇهه مهينا بکر جي قلعي ۾ رهندو هو ۽ ڇهه مهينا ٺٽي ۾. سلطان محمود خانهاڪم جي حيثيت ۾ مستقل طور بکر ۾ رهندو هو ۽ بکر جو سڄو نظم نسق سندس ئي هٿ ۾ هوندو هو. جيتوڻيڪ 947ع مطابق 1540ع ۾ سلطان همايون بادشاهه ملتان ۽ اُچ جي رستي روهڙيءَ پهچي، بکر هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سلطان محمود سان جنگ جهڙي روش اختيار ڪيائين. مگر سلطان محمود، مرزا شاه حسن جي اجازت کانسواءِ بادشاهه کي بکر ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. بادشاهه همايون جي شاهي حق کي مدنظر رکندي، خوراڪ ۽ ضروريات زندگيءَ جون ٻيون شيون موڪليندو رهڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪيائين. نيٺ بادشاهه مجبور ٿي، چند مهيا ٻٻر لوءِ جي چار باغ ۾، ڪجهه عرصو دربيلي ۽ سيوهڻ ۾ گذاريو. بکر تي ڪيترائي ڀيرا ڪاهه ڪيائين، پر ڪامياب نه ٿيو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ وڏو ڏڪار هو ۽ ڪيترائي شهر ويران ٿي ويا هئا. انهن ڏينهن ۾ بادشاهه درٻيلي کان پاٽ ۾ آيو (پاٽ هن وقت سنڌونديءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي) ۽ شيخ علي اڪبر جي نياڻي حميده بانو بگم سان نڪاح ڪيائين. شيخ علي اڪبر مرزا هندال جي اميرن مان هو. [1] ”لب تاريخ“ جي تاليف کانپوءِ، خان بهادر الله بخش سومرو سنڌ جو سابق وزير اعظم هڪ معزز ترين شخصيت جو مالڪ ۽ سياسي خواهه اخلاقي نقطهء نگاهه کان اعليٰ درجي جو انسان ٿي گذريو آهي. جنهن تي سنڌ کي هميشه فخر رهندو ۽ سنڌ جي تاريخ سندس ذڪر خير کان سواـءِ غير مڪمل رهندي. سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي نامور ۽ معزز سومرا اڳ ۾ به ٿي گذريا آهن ۽ هن وقت به موجود آهن (مترجم). (2) شيخ سعديءَ چيو آهي ته ”هر کسي پنج روز نوب اوست، (مترجم) [2] سما ”ساوندري“ کان آيا هئا (ن . ب). (2) صحيح ”بانبهنيه“ آهي. (3) ساموئي جا کنڊر ڪوه مڪليءَ جي ڀرسان اُتر جي پاسي کان موجود آهن. (4) يعني سلطان محمد شاهه تغلق (ن .ب). [3] پندرهن سالن واري ڳالهه مشڪوڪ آهي (ن .ب) [4] اصل ”بادره“ آهي، جا غالباً ”اوباره“ جي بگڙيل صورت آهي. هن سلسلي ۾ تاريخ معصوميءَ جي عبارت هن ريت آهي: ”ڏيڍ سال جي عرصي ۾ سنڌ جو سڄو ملڪ سمنڊ کان وٺي ڪاجريلي ۽ ڪنڌيءَ تائين، جا ماٿيلي ۽ اوٻاري جي سرحد آهي، پنهنجي قبضي ۾ آندائين. (ن. ب). [5] تاريخ معصومي، مطبوعه ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پونا ص 27. [6] اهو مبالغو ٿو ڏسجي. البت اها حقيقت آهي ته ڄام هڪ صالح انسان هو ۽ پاڻ هميشه باوضو رهندو هو. [7] هن روايت جي ڪا تاريخي ثابتي ڪانهي. ٺٽو ڄام نظام الدين کان اڳ ۾، سلطان محمد بن تغلقن جي دور (425- 752هه) ۾ به موجود هو. ابن بطوطه، جو 734هه ۾ سنڌ ۾ آيو هو، ٺٽي جو ذڪر نه ڪيو آهي. جنهنڪري ائين سمجهڻ گهرجي ته ٺٽي جو بنياد 734 ۽ 752 جي درميان رکيو ويو. ”بيين بسم الله الرحمٰن الرحيم“ جا عدد 850 آهن، نه 893. از انسواءِ سال 893 هجري، تاريخ 17 ڊسمبر 1487ع کان شروع ٿيو. تنهنڪري عيسوي سال 1487 – 1488 جي مطابقاهي، نه 1585ع جي (ن . ب). [8] بيگلارنامي جي مولف جو نالو ”ادراڪي بيگلار“ آهي، جو پنهنجي وقت جي مشهور ۽ نامور شاعرن منجهان هو (ن . ب). [9] تحفة الڪرام ۽ بيگلارنامي ۾ ٿورڙو اختلاف آهي، ۽ اهو به فقط سمن جي حڪومت جي ميعاد جي باري ۾ (مترجم). مطلب ته همايون پنهنجين پريسانين، سنڌ جي ڏڪار ۽ اڪثر اميرن جي ڇڏي وڃڻ سبب تنگ اچي ويو. جيتوڻيڪ مرزا شاه حسن کيس رهڻ لاءِ ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر کان سواءِ ٻي ڪا به جڳهه ڏيڻ واسطي تيار هو، مگر همايون ٻئي ڪنهن به هنڌ رهڻ لاءِ تيار نه پئيٿيو. انهن ڏينهن ۾ همايون پنهنجي صحيح سان هڪ خط ارباب دائود ولد عمر شاهه کي لکي ڏنو هو، جو درٻيلي جو هڪ رئيس هو. ”تاريخ طاهري“ جي مولف تاريخ سان دلچسپي رکندرن جي عبرت لاءِ اهو خط نقل ڪيو آهي، جنهن مان همايون جي لاچاريءَ جو پتو پوي ٿو: مان همايون بادشاهه ولد ظهير الدين بادشاهه ولد عمر شيخ بادشاهه پنهنجي بزرگ ۽ برتر الله سان، ۽ رسول عربي اُمي زڪيءَ سان، جنهن جي رسالت ۾ ڪو به سڪ شبهو نه اهي، عهد ٿو ڪريان ته جيڪڏهن بادشاه ڪارساز، نگهبان، بلند ۽ برتر (الله) بکر جو علائقو مون کي عطا ڪيو، ته اَوفُوا، بِعَهدِي اُفِ بِعَهدِ ڪُم (اوهين مونسان وعدو پاڙيو، مان اوهان سان واعدو پاڙيندس) جي ارشاد جي معمولي ڀڃڪڙي به نه ڪندس.مون درٻيلي جو علائقو ارباب دائود ولد عمر شاه سهتي کي ۽ سندس اولاد کي ۽ انهن جي پوين کي بخشيو. بالله الطالب الغالب (الله جو قسم، جو طالب ۽ غالب آهي). جيئن ته الله جي مرضي نه هئي، تنهنڪري ائين نه ٿيو. بيشڪ ان ۾ به الله جي حڪمت هوندي. اها روايت به آهي ته همايون جن ڏينهن ۾ ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ رهندو هو، جمعي جي ڏينهن جمعه نماز پرهڻ لاءِ روهڙيءَ جي جامع مسجد ۾ آيو. ان وقت هڪڙي شاعر سندس حضور ۾ هيٺيون قطعه پڙهيو ۽ همايون کيس صله عطا ڪيو! تا همايون نام اور در سکه بردل نقش کرد مِهر ازُ مُهرئس دهان سکه پَرزر ميکند سنبري کز خطبئه القاب او زينت گرفت مشتري گوهر نثار فرق منير ميکند (ترجمو: جڏهن کان همايون بادشاه جو مبارڪ نالو سِڪ جي دل تي نقش ٿيو اهي، تڏهن کان ائين ٿو ڀانئجي، ڄڻ زماني همايون جي مُهر لڳائي، سڪ جو وات سون سان ڀري ڇڏيو اهي. جنهن منبر خطبي وقت سندس لقبن جو اعزاز حاصل ڪيو آهي، مشتري (سيارو) انهيءَ منبر جي مٿان موتي گهوريندو ٿو رهي). همايون، بکر جي علائقي تي فتح حاصل نه ڪري سگهڻ، عزيزن ۽ واسطيدارن جي ڇڏي وڃڻ ۽ ڏڪار پوڻ جي ڪري مير محمد معصوم بکريءَ جي دل قول موجب؛ سنڌ ۾ همايون جي دل جي مراد پوري نه ٿي ۽ ماڻهن جي بي وفائي ظاهر ٿي پئي. ڀائرن جي بي وفائي ۽ بي مروتي به ڏٺائين ۽ زماني جي ناسازيءَ جو مشاهدو به ڪيائين، جنهنڪري لاچار ٿي پيو ۽ اجايا خيال ڪرڻ لڳو. مڪه معظمه ڏانهن وڃڻ جو ارادو به ڪري رهيو هو، پر نيٺ 939هه مطابق 1542ع جي شروع ۾ جوڌپور جي راجا جي منافقانه دعوت تي اُچ ۽ بيڪانير جي رستي راجپوتانا روانو ٿيو. همايون جي وڃن کانپوءِ مرزا شاه حسن ٺٽي کان بکر آيو ۽ جن ماڻهن همايون جي مدد ڪئي هئي، انهن مان ڪن کي سزائون ڏنائين ۽ ڪن کي رڳو ڦِٺ جُٺ ڪيائين. قلعي جي ڀڳل ٽٽل حصن جي مرمت ڪرايائين. ارباب دائود جي ڀائرن کي، جن جا نالا جمال ۽ ڪمال هئا ۽ بادشاه همايون جي خير خواهن مان هئا، جوال ۾ وجهرائي بکر جي قلعي جي خوني برج تان درياءَ ۾ اڇلايائين. جتي هو غرق ٿي ويوا. (قلعي جو خوني برج جماله ۽ ڪماله جي نشان جي مٿان هوندو هو. اهو نالو اڃا تائين مشهور آهي ۽ انهيءَ هنڌ يعني بکر وٽ درياءَ جي ڪناري تي ننڍڙي ٽڪري آهي). مرزا شاه حسن بکر ۾ سڀ ڪم ڪاريون پورا ڪري، سيوهڻ ويو ۽ اتي به مرمت وغيره جا ڪم ڪرائي، ”سن“ جي رستي جو درياءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، ٺٽي پهچي، آرام ڪرڻ لڳو ته ايتري ۾ همايون جي سنڌ ۾ اوچتو موٽي اچڻ جي خبر پکڙجي وئي. همايون جوڌپور جي راجا، ظل آلٰهيءَ جي تعظيم خاطر قلعو خالي ڪري، سندس حوالي ڪيو. مگر همايون شروع ۾ قلعي کان ٻاهر منزل انداز ٿيو ۽ قلعي کي پوءِ پنهنجي سڪونت جو شرف بخشيائين. مير محمد معصوم بکريءَ جي قول مطابق اتي هڪ رات، جا آچر رات هئي ۽ تاريخ 5 رجب 949هه مطابق 1542ع، بلقيس زماني حميده بانو بيگم کي محمد اڪبر بادشاه تولد ٿيو. آنجهاني سربارٽل فريئر صاحب بهادر، جو سنڌ جو ٻيو ڪمشنر هو، 1269هه مطابق 1853ع ۾ اتي ويو ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ۽ جاچ ڪرڻ بعد عمرڪوٽ جي قلعي کان اتر طرف هڪ ميل جي فاصلي تي محمد اڪبر بادشاه جي ولادت واري جڳهه ڳولي لڌائين ۽ ان تي پٿر جو نشان نصب ڪرائي، ولادت جو سال لکايائين. راقم الحروف ڪيترائي ڀيرا اهو نشان ڏٺو آهي. همايون بادشاه پنهنجي فرزند ارجمند جي ولاد جو جشن ملهائڻ بعد اتان نڪري، سنڌ ڏانهن متوجه ٿيو ۽ ”باغستان“ (جون) ۾ تعلقي بدين ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، منزل ڪيائين، جنهنڪري سنڌ ۾ وڏي شورش برپا ٿي ۽ انهيءَ شورش، فساد ۽ جنگ ۾ فتح ۽ نصرت جي هير مرزا شاه حسن جي پرچم جي مٿان پئي گهُملي. پر جيئن ته ارغون ۽ ترخانن کي هر وقت بادشاه ظل الله جو انديشو لاحق پئي رهيو، تنهنڪري نقد ۽ جنس جي صورت ۾ نذرانا ڏئي ۽ بادشاه جون ضرورتون پوريون ڪري، کيس راضي ڪيائون. بادشاه اتان نڪري، ”جون“ جي پل پار ڪري، جا انهن ڏينهن ۾ تازي تيار ٿي هئي ۽ هڪ شاعر سندس تعمير جي تاريخ ”صراط مستقيم“ چئي هئي، جنهن جا عدد 950 آهن ۽ اهو هجري سال، عسوي سال 1543ع جي مطابق آهي، قنڌار جي طرف روانو ٿي ويو. راقمالحروف کي غالب گمان آهي ته ”همايون“ ڳوٺ تي، جو شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي وچ تي آهي. بادشاه همايون جي منزل انداز ٿيڻ سبب همايون نالو پيو آهي. ارغونن ۽ سندن واسطيدارن کي بادشاه جي طرفان جيڪو انديسو هو، سو دور ٿي ويو ۽ هاڻي اطمينان ۽ آسودگيءَ سان رهڻ لڳا. ڄڻ ڪا آسماني آفت هئي، جا سندن سرتان ٽري وئي. 951هه مطابق 1544ع ۾ بادشاه همايون جو ننڍو ڀاءُ مرزا ڪامران، ڀاءُ کان ناراض ٿي، سنڌ ۾آيو، مرزا شاه حسن، شاهي خاندان جي مان ۽ مرتبي کي مد نظر رکي، پنهنجي صاحبزادي ”چوچڪ بيگم“ سندس نڪاح ۾ ڏني ۽ خوب ڏاج ڏاوڻ، وڏا ساز سامان ۽ ٻانها ٻانهيون ڏئي مرزا ڪامران کي خوش ڪري قنڌار روانو ڪيائين. قنڌار ۾ همايون بادشاه، مرزا ڪامران جون اکيون ڪڍائي، کيس نابين ڪري ڇڏيو. جنهنڪري دوباره 954هه مطابق 1547ع ۾ بکر موٽي ايو ۽ مرزا شاه حسن سندس رهائش جو انتظام ”شاد ٻيلي، ۾ ڪيو، جو بکر جي اولهه ۾ درياءَ جي وچ ۾ آهي ۽ ”ساڌ ٻيلي“ جي نالي سان مشهور آهي. مرزا ڪامران چند ڏينهن اتي رهڻ بعد، مڪه معظمه (زاد الله شرفها) روانو ٿي ويو. روانگيءَ وقت سندس اهليه محترمه چوچڪ بيگم به ساڻس گڏ جي وڃن لاءِ تيار ٿي. سندس والد مرزا شاه حسن ۽ ٻين عزيزن منع ڪيس، مگر چوچڪ بيگم کين چيو ته ”ماڻهو مهڻو ڏيندا ته جيستائين ڪامران کي اکيون هيون، تيستائين گهر واري وفادار رهيس ۽ جڏهن نابين ٿيو ته بي وفائي ڪيائينس.“ مير محمد معصوم بکريءَ جي قول مطابق چوچڪ بيگم پنهنجي والد مرزا شاه حسن کي چيو ته جڏهن ڪامران کي اکيون هيون، ته تو مونکي هن جي حوالي ڪيو. هاڻي دنيا ڇا چوندي ته شاه حسن جي ڌيءَ مڙس جي نافرمان ٿي پئي ۽ مان واقعي بدنام ٿي پونديس. مرزا شاه حسن پنهنجي حياتيءَ جي آخري زماني ۾ جڏهن سخت پوڙهو ٿي ويو هو، فالج ۾ مبتلا ٿي پيو. انهيءَ ڪري ٺٽي جي حڪومت پنهنجن غلامن ۽ ٻين ادنيٰ درجي جي ماڻهن جي حوالي ڪري، ”تخت روان“ (محفي) ۾ چڙهي ڪڏهن ٺٽي ۾، ڪڏهن ٻٻر لوءِ جي چار باغ ۾، ڪڏهن بکر ۾ وڃي رهندو هو. انهيءَ ڪري گهڻائي ارغون، ترخان ۽ مغل هن جي خدمت کان پري رهڻ سبب باغي ٿي پيا، بلڪه سندس انتها درجي جي غفلت ۽ بي پرواهيءَ سبب جنگ ڪرڻ لڳا. انهيءَ سرڪشي ۽ بغاوت جي شروعات مرزا عيسيٰ ترخانيءَ جي طرفان ٿي، جو انهيءَ وقت ترخان قوم جو وڏو هو. هنن مرزا شاه حسن جي اهليه محترمه ”ماه بيگم“ کي به نظر بند ڪيو. مرزا شاه حسن سلطان محمود خان (بکر جي امير) کي ٺٽي ۾ گهرايو، جنهن مرزا شاه حسن کان مرزا عيسيٰ کي معافي وٺي ڏني ۽ ماه بيگم کي به نظر بنديءَ کان آزاد ڪرائي، مرزا شاه حسن جي حوالي ڪيائين. انهن ئي ڏينهن ۾ سلطان محمود خان ۽ مرزا عيسيٰ خان جي وچ ۾ مخفي طور تي طي ٿيو ته ”مرزا شاه حسن جيئن ته ڏاڍو ضعيف، بيمار ۽ بي اولاد آهي ۽ فقط چند ڏينهن جو مهمان آهي، تنهنڪري پنهنجي قدرتي موت مري، ته اسين پاڻ ۾ سنڌ کي اڌو اڌ تقسيم ڪري، مٿس قبضو ڪنداسين ۽ سندس جيئري کيس تڪليف نه ڏينداسين.“ اهو عهد نامو قرآن مجيد تي لکيو ويو . پوءِ مرزا شاه حسن کي ٻيريءَ تي سوار ڪري، بکر ڏانهن وٺيو ٿي ويا ته رستي ۾ 12 ربيع الاول 962هه مطابق 1554ع ٽپهريءَ جي نماز وقت سندس روح ”ارجعي اليٰ ربڪ راضية مرضية“ (اي روح! پنهنجي پروردگار ڏانهن خوشيءَ سان موٽي اچ) جو سڏ ٻڌي، بهشت جي چراگاهن ڏانهن پرواز ڪريويو. سچ پچ، اها هڪ مبارڪ تاريخ آهي ۽ راقم الحروف مڪليءَ تي پنهنجين اکين سان ڏٺي آهي (يعني انهيءَ تاريخ تي سندس وفات جي تصديق ڪئي وئي آهي). مرزا شاه حسن جو لاش چنگيز خاني رسمن جي ادائگي بعد، سلطان محمود خان بکر نيڻ ٿي گهريو. مگر سندس بي بي ماه بيگم، احمد ولي جي حاويليءَ ۾ امانت طور رکايو ۽ ٽن مهينن بعد پوري عزت، احترام ۽ ماتم گساريءَ کانپوءِ اول مڪليءَ تي ۽ پوءِ اتان مڪه معظمه (زاد الله شرفها) نيئي، سندس والدماجد مرزا ماجد مرزا شاه بيگ ارغون جي پاسي ۾ دفن ڪرايو. ميرمحمد معصوم بکريءَ جي قول مطابق مرزا شاه حسن جي ولادت 896هه مطابق 1490ع ۾ ٿي هئي. انهيءَ حساب سان سندس عمر 66 سال ٿي. اڪثر تاريخن جي لکڻ موجب مرزا شاه غازي، بهادر، سخي، غريب نواز ۽ فاته هو. ارغون گهراڻي جي حڪومت 927ع مطابق 1521ع کان شروع ٿي ۽ 962هه مطابق 1554ع ۾ ختم ٿي وئي. يعني مرزا شاه بيگ جي حڪومت 928هه مطابق 1522ع تائين هلي ۽ ان کانپوءِ سندس فرزند مرزا شاه حسن جي حڪومت شروع ٿي جا 32 سال هلي. مرزا شاه هسن ڪمال درجي جي جرات، حشمت، دانائي ۽ انتهائي شاهانه انداز سان حڪمراني ڪرڻ بعد رحلت ڪئي. ارغون، جي چنگيز خان جي اولاد مان هئا، پڙهندڙ انهن جي احوال مان عبرت حاصل ڪندا (ته ڪيئن نه مختصر عرصي جي اندر سندن حڪومت ختم ٿيوئي) بيسڪ، فنا کي بقا ڪانهي. تاريخ ”طاهري“ جي مولف نسيانيءَ جي مٿان افسوس آهي جو پنهنجي تحرير کي اهڙي انسان جي شڪايت سان آلودو بڻايو اٿس. جيتوڻيڪ هر شخص جي راءِ پنهنجي هوندي اهي، پر مرڻ کانپوءِ ڪنهن انسان جي گلا ڪرڻ عقلمند ماڻهو جائز نه سمجهندا آهن. راقم الحروف کي چڱي طرح معلوم آهي ته هن وقت سنڌ جي اندر ڪو به ارغون نالي ماتر به موجود ڪو نه آهي. مگر تاريخ طاهريءَ جي تحرير مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته مرزا عيسيٰ ترخان جي فرزند مرزا محمد باقيءَ جي دور حڪومت ۾ ارغون جو قتل ڪيو ويو ۽ جيڪي باقي بچيا، سي گجرات ڏانهن ڀڄي ويا. اميد اهي ته اڃا اتي هوندا [1]. نائون طبقو سنڌ ۾ ڪوڪلتاش ۽ ترخان گهراڻن جي گڏيل حڪومت (الف) ڪوڪلتاش گهراڻو مرزا شاه حسنغازي ولد مرزا شاه بيگ ارغون 926هه مطابق 1554ع ۾ هن فاني دنيا مان بي اولاد ٿي رحلت ڪئي هئي. تنهن کان اڳ ۾ مرزا شاه حسن جي ٻڍا پڻ ۽ بيماريءَ جي زماني ۾ محمود خان ڪولڪتاش ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي درميان، جي ٻئي وڏا نامور ۽ طاقت وارا امير هئا، سنڌ جي مٿان حڪومت ڪرڻ جي باري ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جو قرآن مجيد تي لکيو ويو هو. انهيءَ معاهدي موجب سنڌ کي هن ريت ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو، ته لڪ علويءَ (لڪي) کان مٿي ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي تائين وارو علائقو بکر جي صوبي جي ماتحت سلطان محمود خان جي قبضي ۾ رهندو ۽ لڪيءَ کان هيٺ وارو علائقو سمنڊ جي ڪناري تائين مرزا عيسيٰ خان ترخان جي هٿ ۾ هوندو. مير محمد معصوم بکريءَ جي قول موجب سلطان محمود خان ڪوڪلتاش ولد مير فاضل ولد عادل خواجه افصهاني، جنهن جي نسب جو شجرو آڻويهين پيڙهيءَ ۾ عدي ولد حاتم طائي سان ملي ٿو، ۽ سندس والده ڪاشي شال پشنگ جي پٺاڻن مان هئي (هيءَ قوم اڃا تائين ڪوئٽه جي علائقي ۾ رهي ٿي). وڏو بهادر، سخي ۽ خوش خلق انسان هو، ۽ سنڌ جي مٿئين حصي تي تمام سهڻي نموني سان حڪومت ڪيائين ۽ ٻه ٽي ڀيرا ملتان جي حاڪمن لانگاهن، ڌاريجن، ڏهرن، ناهرن ۽ بلوچن تي غلبو حاصل ڪيائين. اگرچه شروع ۾ مرزا عيسيٰ خان ۽ سندس فرزند مرزا محمد باقيءَ سان عهد شڪني ڪري، شورش ۽ فساد بريا ڪيائين، پر نيٺ کيس پنهنجي عهدي تي قائم رهڻو پوي. هڪڙي نياڻيءَ کان سواءِ، جا پڻ نامور بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر کي نڪاح ڪري ڏني هئائين، کيس ٻيو ڪو به اولاد ڪو نه هو ۽ سندس ٻڍاپڻ جي زماني ۾ گهڻو ڪري ارغون ۽ ترخان هن سان جهڳڙا ڪرڻ لڳا، جنهنڪري اڪبر بادشاهه کان هڪڙي اهڙي امير جي گهر ڪيائين، جو سنڌ ۾ اچي بکر جي حڪومت سنڀالي، مگر گيسو خان (اڪبر جو موڪليل امير اڃا بکر تائين پهتو ئي ڪين هو، ته سلطان محمود خان ماه صفر 986هه مطابق 1574ع ۾ ڇنڇر ڏينهن ٽپهريءَ جي نماز وقت هن فاني جهان مان عالم جاوادنيءَ ڏانهن رحلت ڪئي، ڪنهن شاعر سندس وفات جو سال ”دربهشت آسود“ مان ڪڍيو آهي، جنهن جا عدد 986 آهن. مير محمد معصوم بکريءَ جي قول موجب سندس ولادت 898هه مطابق 1492ع ۾ ٿي. انهيءَ حساب سان سندس عمر 84 سال هئي. راقم الحروف جو پختو خيال آهي ته سندس تربت نئين سکر ۾ ٽڪريءِ تي مير محمد معصوم بکري جي مناري جي اُتر ۾ آهي. اهي حاڪم يا نواب جيڪي سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي وفات کانپوءِ اڪبر بادشاه جي طرفان دهليءَ کان بکر ۾ مقرر ٿي آيا. حاڪم يا نواب جو نالو سنڌ ۾ اچڻ جو سال ضروري احوال 1- گيسو خان 982هه مطابق 1574ع سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي وفات کانپوءِ پهتو 2 – ترسو خان 983هه مطابق 1875ع سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي وفات کانپوءِ پهتو 3 – مير سيد محمد امير ولد مير عبدل 983هه مطابق 1575ع گذاري جي لاءِ پنجاهه هزار جريب جاگير مليل هيس. راقم الحروف جو پختو خيال آهي ته اها جاگير ”ديهه بڪار“ آهي. 4 – سيد ابو افضل ولد مير سيد محمد امير 1984هه مطابق 1576ع پنهنجي والد (سيد محمد امير) جي شهادت کانپوءِ مقرر ٿيو. 5- اعتماد خان خواجه سرا 985هه مطابق 1577ع ذليل طبقي مان هجڻ سبب شريف ماڻهن کي تڪليفون ڏنائين. اهي ماڻهو بادشاه وٽ دانهن کڻي ويا. بادشاه جي واتان نڪتو ته ”اهڙو آهي ته مارجي ويندو“ ۽ سچ پچ ائين ئي ٿيو يعني قتل ٿي ويو. بيشڪ، بادشاه جو سخن، سخنن جو بادشاه آهي. 6 – نواب فتح خان مهادت جنهن سان راجا پرمانند جاگير ۾ شريڪ هو. (7) نواب صادق خان (8) نواب اسماعيل قلي خان (9) نواب شير شيرو سلطان 10- نواب صادق خان 11- نواب مير ابو القاسم خان نمڪين 12- نواب مرزا نور ولد خان اعظم 13 – نواب مير ابو القاسم خان نمڪين 14- نواب سعد خان 15 – نواب بقرا بيگ 16 – نواب سردار خان 17 – نواب قاضي خان 18 – نواب سيد تاج خان 19- نواب بازيد خان 20- نواب هوشيار خان 21 – نواب مرزا علي محمد بيگ 22- محمد علي فوجدار 23- مرزا حسيني 24- عزت خان فوجدار 25- سيد محمد فوجدار 26- نواب اسد خان 27- نواب محمد يوسف خان 28- نواب محمد خان 29- نواب شاه قلي خان 30- ميران سيد جاون 31- مرزا التفات بيگ 32- مزار زمان خان 33- نواب سعد خان 34- خواجه لطف ۽ مير محمد ناظر 35- نواب خواجگي 36- شيخ احمد 37- مرزا لعل بيگ 38- خواجه عبداواحد 39- شيخ احمد 40- خواجه محمد شريف 41- باقر خان 42- عبدالله خان 43- خنجر خان 44- شيخ ابراهيم 45- نواب سيد عزت خان 46- نواب سيد علام مصطفيٰ خان 47- سيد مير يعقوب خان رضوي 48-سيد مير صادق علي خان 49- نواب خدايار خان 50- مير محمد اڪرم حڪيم 986هه مطابق 1548ع 994هه مطابق 1585ع 992هه مطابق 1587ع 997هه مطابق 1588ع 998هه مطابق 1589ع 1004هه مطابق 1595ع 1005هه مطابق 1596ع 1007هه مطابق 1598ع 1009هه مطابق 1200ع 1014هه مطابق 1205ع 1015هه مطابق 1202ع 1012 هه مطابق 1207ع 1020هه مطابق 1611ع 1025هه مطابق 1616ع 1028هه مطابق 1618ع 1031هه مطابق 1611ع 1038هه مطابق 1628ع 1039هه مطابق 1629ع 1041هه مطابق 1631ع 1043هه مطابق 1634ع 1045هه مطابق 1635ع 1046هه مطابق 1632ع 1048هه مطابق 1638ع 1049هه مطابق 1639ع 1050هه مطابق 1640ع 1051هه مطابق 1641ع 1052هه مطابق 1642ع 1045هه مطابق 1644ع 1058هه مطابق 1648ع 1061هه مطابق 1650ع 1026هه مطابق 1652ع 1065هه مطابق 1655ع 1066هه مطابق 1656ع 1067هه مطابق 1657ع 1068هه مطابق 1658ع 1069هه مطابق 1659ع 1070هه مطابق 1660ع 1070هه مطابق 1660ع 1071هه مطابق 1661ع 1074هه مطبق 1663ع 1078هه مطابق 1667ع 1081هه مطبق 1670ع 1085هه مطابق 1675ع 1087هه مطابق 1677ع 1090هه مطابق 1679ع ٻن سالن بعد راجا پرمانند جي شراڪت ختم ٿي ۽ سڄي جاگير نواب فتح محمد خان جي ٿي وئي ۽ سندس عهدي ۾ به اضافو ٿيو. راقم الحروف کي هيٺين نظم جي مضمون مان معلوم ٿو ٿئي ته روهڙيءَ جي جامع مسجد، جا حضور رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وار مبارڪ جي درگاه جي ڀرسان آهي. انهيءَ ئي نواب جي تعمير ڪرايل آهي. نظم خسرو دين پناه اکبر شاه هست کان تاج بخش ملکستان شاه انجم سپاه، چرخ سرير جامع شرع، مقتدائ زمان بندگانش چو قيصر و فغفور چاکرانس چوطغرل و خاقان بنده کمترين او يعني جان جسم مستمند در دوران سرور و نيڪ رائ دريا دل منبع الجود و مجمع الاحسان چون فتح خان که خون ريزش کرد بنياد ظلم را ويران مسجد جامع از برائ ثواب ساخته بر اميد قصر جنان دل کشا همچو مسجد کعبه جان فشاهمچو روضهء رضوان تا بود گنبذ فلک برپائ باد سالم ز آفت دوران سال تاريخ از خرد جستم ”مسجد گه جنان گفت“ روان ابجد جي حساب موجب آخري مصرعه مان 993هه جو سال نڪري ٿو، جو 1585ع جي مطابق ٿو ٿئي، اهو سال نواب فتح خان جي حڪومت جو آخري سال هو. (نظم جو ترجمو) (1) شهنشاه دين پناه اڪبر ۽ تخت بخشي ڇڏيندو آهي ۽ بهادر اهڙو جو ملڪ فتح ڪندو آهي. (2) اهڙو بادشاهه جنهن جو لشڪر ستارن جيتو (گهڻو) آهي ۽ سندس تخت آسمان جيڏو (بلند) آهي. شريعت جو پابند ۽ زماني جو پيشوا آهي. (3) سندس غلام (مرتبي ۾) روم ۽ چين جي بادشاهن جهڙا آهن ۽ سندس خادم سلجوق ۽ ترڪ تاجران جهڙا آهن. (4) جمشيد هن جو انديٰ غلام ۽ محتاج آهي. (5) سردار، سهڻي سمجهه وارو ۽ سخي آهي. سخا جو سرچشمو ۽ نيڪيءَ جو مجموعو آهي. (6) فتح خان جنهن جي خونريز (ترار) ظلم جون پاڙون پٽي ڇڏيون آهن. (7) ثواب جي خاطر ۽ بهشت جي آسري تي مسجد تعمير ڪرائي اٿس. (8 جا ڪعبي جي مسجد وانگر دلڪشا (فرحت بخش) آهي ۽ روضهء رضوان (بهشت) وانگر جان فزا ( زندگي بخش) آهي. (9) جيستائين آسمان جو قبو (دنيا يا ڪائنات) قائم آهي. شال اوستائين زماني جي آفتن کان محفوظ رهي. (10) پنهنجي عقل کان سندس تعمير جو سال پڇيم ته منهنجي روح هيءُ جواب ڏنو [2]. شاهي فرمان موجب ٺٽي جي حڪام مرزا جاني بيگ تي ڪاهه ڪيائين. پهريائين هن کي عاجز ڪيائين. پوءِ بادشاه جي حڪم سان کيس ”عاجزيءَ“ کان آزاد بخشيائين. ڇو ته مرزا جاني بيگ بادشاه جي خدمت ۾ مناسب نذرانا موڪلي، کانئس معافي گهري هئي. انهيءَ سال سڄي سنڌ ۾ ڏڪار پيو. هميشه نشي ۾ مدهوش رهڻ سبب کيس برطرف ڪيو ويو. ترجبيڪار هجڻ سبب کيس دوباره مقررڪيو ويو. هن نواب جو مقبرو روهڙيءَ طرف درياءَ جي ڪناري تي آهي ۽ ”قاسم خاني“ جي نالي سان مشهور آهي. ”خان اعظم“ شايد اشارو آهي خان خانان نواب عبدالرحيم خان ڏانهن. بکر جي حالات کان واقف هجڻ سبب کيس ٻيو ڀيرو مقرر ڪيو ويو. شايد روهڙيءَ جي سيدن مان هو. و الله اسلم. انهيءَ سال اڪبر بادشاه فوت ٿيو. ”فوت اڪبر شه“ مان ابجد جي حساب سان 1014هه جو سال نڪري ٿو ۽ انهيءَ ئي سال کان سندس فرزند جهانگير جي سلطنت جو دور شروع ٿئي ٿو. قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو. قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو. قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو. قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو. هيءُ نواب ”خان جهان“ جو خواجه سرا هو. هيءَ نور جهان بيگم جي طرفان هاڪم مقرر ٿيو هو. ڇو ته بکر جوعلائقو نورجهان بيگم جيجاگير هو. هيءُ، آصف جاهي خاندان جي پاران ”بکر جي فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو. جو بکر انهيءَ خاندان جي جاگير هو. انهيءَ سال جهانگير بادشاهه وفات ڪئي ۽ سندس فرزند شاهجهان تخت نشين ٿيو. جهانگير جو مقبرول لاهور ۾ آهي. [3] بيگ محمد ولد زنده علي بيگ جي تحرير موجب، جا ”تاريخ معصوميءَ“ سان لاحق ڪئي اٿس، بکر، گنجابه (گندا واه) ۽ سبي مرزا حسينيءَ جي جاگير هئا. مگر شيرخان ترين، ”پشنگ“ کان ڪاهه ڪري، گندا واه تي قبضو ڪيو ۽ اهو شير خان راقم الحروف يعني ”لُب تاريخ“ جي مولف خان بهادر خداداد خان جو پڙ ڏاڏو هو. هيءُ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو. هيءُ به ”فوجدار، جي لقب سان مشهور ٿيو. هيءُ پنهنجن پٽن سميت حڪمراني ڪندو هو. وٽس جاگيرون هيون. بهادر مڙس هو ... ... ... ... ... ... ... پرهيزگار انسان هو. سومر رات ۽ جمعي رات (مسڪينن کي ماني کارائيندو هو.) وڏو بهادر ۽ شمشير زنيءَ جو ماهر هو. هيءُ مشهور حاڪم هو. شهزاده مراد بخش جو ملازم هو ۽ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو. شايد هيءُ اهو ئي سعد خان آهي، جنهن جو احوال مٿي (نمبر 14 ۾) بيان ڪيو ويو آهي ۽ شايد ٻيو دفعو سنڌ ۾ آيو آهي. پهريون فوجدار هو ۽ پويون ديوان. ٻئي ڄڻا شهزاده محمد دارا شڪوه جا ملازم هئا. شهزاده محمد داراشڪوه جو ملازم هو. مشهور حاڪم هو. هيءَ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو. هن کي ”حاڪم“ سڏيو ويندو هو ۽ وڏو ٻٽاڪي هو. هي ٻيو ڀيرو حاڪم ٿي آيو. انهن ڏينهن ۾ شهزاده داراشڪوه جي ڪري وڏو فساد برپا ٿيو. هن کي ”فوجدار“ جو لقب مليل هو. انهيءَ سال شاهجهان بادشاه وفات ڪئي ۽ سندس وڏو فرزند اورنگزيب عالمگير تخت نشين ٿيو. هيءَ ”قلعدار“ جي لقب سان مقلب هو ۽ چئن مهينن بعد کيس تبديل ڪيو ويو. هن جو لقب ”فوجدار“ هو. هن جو لقب ”قلعدار“ هو. اڪثر معاملا ”گوپي ناٿ“ پيشڪار جي معرفت سر انجام ڪندو هو. شايد روهڙيءَ جي سيدن مان هو. هن جو اولاد اڃا تائين روهڙيءَ جي ڀرسان رهي ٿو ۽ ڪوٽ ۾ رهائش ٿو رکي، جو سندس نالي سان مشهور آهي. هن وقت هن خاندان جو سرڪردو سيد مير يعقوب خان پويون آهي. افسوس آهي جو غريب آهي، پر سرڪاري دربار ۾ ڪرسي نشين ۽ عزت وارو آهي. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ بکر جو نواب ٿيو. ... ... ... ... ... ... روهڙيءَ جي قاضين مان هو. سندس اولاد اڃا تائين قاضين جي محلي ۾ رهائش پذير آهي. پڙهندرن کي معلوم هجي ته تاريخن مان پتو پوي ٿو ته مير محمد اڪرم حڪيم کانپوءِ سنڌ جي گهڻن حصن تي عباسين يعني ڪلهوڙن جو غلبو ٿوي، جنهنڪري دهليءَ جي بادشاهي طرفان حاڪمن جو غلبو ٿيو، جنهنڪري دهليءَ جي بادشاهن طرفان حاڪمن يا نوابن جو اچڻ بند ٿي ويو، ۽ جتي ڪٿي ڪلهوڙن جي طرفان هاڪم مقرر ٿيڻ لڳا، مگر اهي دهليءَ ۾ بادشاهن طرفان موڪليل نوابن جهڙا (با اختيار ۽ با اقتدار) نه هئا. انهيءَ ڪري انهن جا نالا لکڻ مناسب نظر نه ٿا اچن. [1] هن پئرا جو پويون حصو مبهم آهي. لب تاريخ جي مولف جيڪي لکڻ گهريو ٿي، ان کي وضاحت سان لکي نه سگهيو آهي (مترجم) [2] هن نظم جي ڪن بيتن (نمبر چوٿين، ڇهين، اٺين ۽ ڏهين) ۾ سقم آهن. خاص طور تي آخري بيت (نمبر ڏهين) جي مصرعه ثاني، جنهن جي ڪن لفظن (مسجد گه جنان گفت) کي مادهء تاريخ بنايو ويو آهي، انتها درجه جي غلط، لغو، غير موزون ۽ ٻي معنيٰ آهي. انهن لفظن مان جيڪي عدد نڪرن ٿا، سي 736 آهن. حالانڪه هت 993 عدد گهربل آهن. منهنجي خيال ۾ اهو قصور شاعر جو نه هوندو، بلڪه ڪتاب کان نقل ڪرڻ وقت ڪوتاهي ٿي هوندي. البت شاعر کان اهو سقم ضرور سرزد ٿيو آهي، جو اڪبر بادشاه جي مدح کانپوءِ فتح خان جي ڪار گذاريءَ ڏانهن گريز ڪرڻ جو ڪو معقول طريقو اختيار ڪري نه سگهيو آهي (مترجم). [3] نواب آصف جاه ملڪهء نورجهان بيگم جو ڀاءُ ۽ لاهور جو گورنر هو. (مترجم). (ب) ترخان گهراڻو مٿي تفصيل سان لکيو ويو آهي ته 962هه مطابق 1554ع ۾ مرزا شاه حسن ولد مرزا شاه بيگ ارغون جي، هن دنياءِ فاني مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيڻ کانپوءِ، قرآن مجيد تي لکيل معاهدي موجب، سنڌ، مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ سلطان محمود خان ڪوڪلتاش بکريءَ جي درميان تقسيمٿي. هاڻي سنڌ جي هيٺين اڌ حصي يعني لڪيءَکانوٺي سمنڊ تائين، جو مرزا عيسيٰ خان ترخان جي ماتحت هو، ان جوا حوال لکيو ٿو وڃي! تحفة الڪرام جي مولف جي قول موجب ”ترخان“ جي تعريف هن ريت آهي، هت هڪ ڏينهن صاحبقران امير تيمور ارڙهن ورهين جي عمر ۾ شڪار ڪندي، رستو ڀُلجي، پنهنجن ماڻهن کان وڇڙي ويو ۽ حيران پريشان هڪ ڳوٺ ۾ پهتو. پهريائين ته ڳوٺ وارن ساڻس، ورهڻ جو ارادو ڪيو، جو اونداهي رات هئي پر پوءِ جڏهن سڃاتائونس ته خوب خاطر تواضع ڪيائونس. سورهن سال پوءِچوٽيهه ورهين جي عمر ۾ جڏهن صاحبقران تخت تي ويٺو ته پهرئين ئي ڏينهن انهيءَ ڳوٺ جي ماڻهن کي گهرائي، مٿن وڏيون مهربانيون ڪيائين ۽ کين ”ترخاني، جي خطاب سان نوازيائين، جنهن جو پهلوي زبان ۾ مطلب آهي ”خدمت کان آزاد“، جو پوءِ هلي هلي ”ترخان“ ٿي ويو. مطلب تر مرزا عيسيٰ خان ولد مرزا عبدالعلي ترخان مٿي ڄاڻايل سال (962هه مطابق 1554ع) ۾ ٺٽي شهر ۾ سنڌ جي حڪومت جي مسند تي جلوه افروز لنگهي چڪو هو ۽ دنيا جو وڏو تجربو رکندڙ هو، انهيءَ ڪري حڪومت جو ڪاروبار تمام سگهڻي نموني سان هلائيندو رهيو ۽ هر قوم جي اعليٰ ۽ ادنيٰ، ارغونن خواه تر خانن ۽ رعيت خواه فوج کي خوب راضي رکيائين. جيتوڻيڪ پنهنجي حڪومت جي زماني ۾ سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي مقبوضه حصن تي ٻه ٽي ڀيرا پاڻ ۽ سندس وڏي فرزند مرزا محمد باقيءَ به حملا ڪيا، جي ناڪام رهيا. اهڙي ريت سلطان محمود خان به سندن حدن ۾ گهڙي حملو ڪندو رهيو، پر انهي دور جي چڱن مڙسن ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرائي ڇڏيو. هڪ دفعي مرزا عيسيٰ خان جي عدم موجودگيءَ ۾ فرنگي ”گويه“ (گوا) کان سمنڊ جي رستي ٺٽي پهتا ۽ شهر کي ڦري لٽي، باه لڳايائون ۽ مرزا فرخ جي جامع مسجد ۾، جتي شهر جا ماڻهو پنهنجن گهرن مان نڪري، پناه وٺڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا، انهن جو قتل عام ڪيائون ۽ جڏهن مرزا عيسيٰ خان جي واپسيءَ جو ٻڌائون ته فرار ٿي ويا. راقم الحروف ضروري ٿو سمجهي ته ”فرنگي“ لفظ جي تشريح ڪري، هت فرنگيءَ جو مطلب آهي ”پورچوگيز“ جي هن وقت ”گوا“ ۾ ٿا رهن، جا بمبئيءَ کان پاڻيءَ جي رستي هڪ ڏينهن جي پنڌ تي آهي ۽ انهيءَ جزيري تي پورچورگيزن جي بادشاهه جو تخت گاهه يورپ ۾ آهي ۽ اڪثر ماڻهو (انهن جزيرن جا رهاڪو) جي يورپي آفيسرن وٽ بورچي، بٽلر، ڪلارڪ ۽ گهرو نوڪر آهي، اهي به فرنگي سڏبا آهن. مرزا عيسيٰ ترخان ارڙهن سالن جي حڪمرانيءَ کانپوءِ 980هه مطابق 1572ع ۾ حڪومت جي تخت تان لهي، زوال جي تختي تي وڃي ويٺو (يعني انتقال ڪيائين). بيگلارنامي جي قول مطابق 961هه ۾ حڪمران ٿيو ۽ 1991هه وفات ڪيائين. مگر اڪثر روايتن موجب مٿي ڄاڻايل سان صحيح نه آهي. مرزا عيسيٰ جي مقبري جي ديوارين جي مٿان ۽ انهن جي چوڌاري پٿر تي ڪلام الٰهي (جي آيات مقدسه) کانپوءِ، فارسيءَ جا جيڪي اشعار منقش آهن، اهي پڙهندڙن جي آگاهي ۽ عربت لاءِ هت درج ڪيا ٿا وڃن: مرزا عيسيٰ جي مقبري جي اولهائين پاسي کان هيٺيون به رباعيون اُڪريل آهن: (1) افسوس که دور کامراني بگذشت، دوران نشاط و شادماني بگذشت. سرمايهء عمر و زندگي رفت ز دست، شد عمر به باد، زندگاني بگذشت. (ترجمو) (افسوس، جو ڪامرانيءَ جو زمانو گذري ويو، خوشي ۽ مسرت جو زمانو گذري ويو، عمر ۽ حياتي جو سرمايو هٿان نڪري ويو، عمر برباد ٿي ۽ حياتي گذريوئي). (2) دير يست که صد هزار عيسيٰ ديد است، طُوريست که صد هزار موسيٰ ديد است. قصر يست که صد هزار قيصر ديد است، طاقيست که صد هزار کسريٰ ديد است. (ترجمو) (هيءَ دنيا اهڙي گجر آهي، جنهن لکين عيسيٰ ڏٺا آهن، اهڙو طورسينا آهي، جنهن لکين موسيٰ ڏڻا آهن، اهڙو شاهي محل آهي، جنهن لکين قيصر ڏٺا آهن، * اهڙو محرابدار محل آهي، جنهن لکين ڪسريٰ ڏٺا آهن). مقبري جي ڏاکڻي پاسي کان هيءُ اشاعر اُڪريل آهن: [1] مي رسد بيداد هر لحظه اجل از دست، داد از دست اجل قسم باد اجل از دست - يا رب تو اميان ده که داري مرا، يا قول شهادت ببري جان مرا، خوشنود ڪني جمله خصمان مرا، پرنور کفي تربت تاريڪ مرا. - گر من گناهي بر روي زمين کرده هستم، اسيد که لطف گيرد دستم، گفتي که بروز غم دست گيرم عاجزم که کتون ترا ازين خواه هستم. - تربت جي چئني پاسن کان هيٺيون رباعيون، قطعا ۽ شعر درج آهن: اي چرخ فلک را سيرت کينهء تست، بيداد گري شيوه دريينهء تست، اي خاڪ اگر سينهء تو بشگافند، بس گوهر قيمتي ڪه در سينهء تست. - تا دردند در رگِ خون بود پوست، از دوست مرا خود نخواهم جز دوست، بستين اين جهان متاع دل نکوست، که آنها همه فاني باقي همه اوست. - اي از روئ ديدن رويت مردم، گاهي نظرت بود بسوئ مردم، تا چها جستم فاني از پي بستي، شد بست در فيض بروئي مردم. - اي آنڪه قضا هميشه پر حذري، بشنو حديث از من به اين بي خبري، از سوي قضا نه باشدت راه گريز، گر در حضرت مقيم در سفري. - سالها اي چرخ! ختم درد... کاشتي، عاقبت کردي بخا کم جاء درد دل دشتي. تربت جي سيرانديءَ کان عرض نقشيست کزما يادماند، که دنيارانه مي بينم بقائي، مگر صاحبدلي روزي برحمت، کند درکار درويشان دعائي. تربت جي پيرانديءَ کان مشتاق آفتاب جمال محمديم، مابندهء محمد و ال محمديم، پروانه وار سوخته از آتش فرق، در آرزوئ شمع جمال محمديم. مٿيان ٻئي قطا درست آهن، تنهنڪري انهن جو ترجمو لکجي ٿو. (1) ترجمو (اسان جو مطلب اهڙو نقش ڇڏي وڃڻ آهي، جو اسان جو يادگار بڻجي. ڇو ته دنيوي زندگيءَ کي ڪو به بقاء ڪونهي. شايد (ان کي ڏسي) ڪو اهل دل درويش ڪنهن ڏينهن مهرباني ڪري اسان مسڪينن جي حق ۾ دعا ڪري). (2) (اسان حضور محمد مصطفيٰ جي حسن و جمال جي آفتاب جهان تاب جا مشتاق آهيون. اسان محمد ۽ آل محمد جا غلام آهيون. پرواني وانگر جدائي جي آڳ ۾ جلڻ بعد، حضور محمد مصطفيٰ جي حسن و جمال جي شمع جي تمنا ۾ ٿا رهون). تربت جي واپارين پاسي کان دوستان ذکر حق فکر مرخود راکنيد، عاقبت مرکب ياران فکر کار خود کنيد، بگذريد از فکر خط و ذکر رخسار بتان، بعد ازين انديشهء ليل و نهار خود کنيد، نامهء طاعت که از دود گنه آمد سياه، اين بچشم شست و شوئ اشڪبار خود کنيد، ياد رخ همچو خزان خونگير آيد پربهار، اين خان خويش بادي از بهار خود کنيد. - غم دنيا مخور اي همنيشن تا يڪ نفس مانده، که يک کس مانده در دنياولي دنيا بکس مانده. - تني که بود وي را لباس حريف کنان، ببين که جائي چسان کرده زير سنگ گران، زمانه داشت هردو شان دو عيسيٰ رفتند، يکي يکي بچرخ و در زمين گرفتند مکان، دهان خاک چوشد پر زلقمهء تن او، نهاد دست فلک حسرتش بزل سنان، بسال نهصد و هفتاد و سه سن هجري، جهان گذاشته بگرفت ملڪ جاويدان. - مٿي جيڪي اشعار لکيا ويا آهن، انهن مان اڪثر ناقص ۽ بحر ۽ وزن کان خارج آهن. ازانسواءِ اهو به معلوم ٿو ٿئي ته شايد مقبرو مرزا عيسيٰ جي انتقال کانپوءِ تعمير ٿيو آهي. قصو ڪوتاه، مرزا عيسيٰ ترخان جو وڏو فرزند مرزا محمد باقي انهيءَ ئي سال يعني 980هه مطابق 1872ع ۾ پنهنجي والد جي گاديءَ تي ويٺو. جيتوڻيڪ مرزا محمد باقيءَ جي ديوانگي ۽ ظلم وس تم جي عادت جي ڪري، سندس اڪثر عزيزن کي به ۽ رعيت جي ماڻهن کي به سندس مسند نشيني پسند نه هئي، پر سلطان محمود خان ڪوڪلتاش بکر کان ٺٽي آيو ۽ مرزا عيسيٰ جي گهرواري ماه بيگم سان، جا اصل ۾مرزا شاه هسن ارغون جي گهر واري هئي ۽ سندس وفات کانپوءِ مرزا عيسيٰ جي نڪاح ۾ ائي هئي، همخيال ٿي، مرزا محمد باقيءَ کي گاديءَ تي ويهاريو. ”تاريخ طاهري“ جي مولف ”نسياني، جي قول مطابق جو انهن ڏينهن ۾ زندهه هو، ۽ ٺٽي ۾ موجود هو. ”مرزا محمد باقيءَ مسند نشينيءَ کانپوءِ ڪيترن ئي معززن کي بيگناهه قتل ڪرايو ۽ ارغونن جي ننڍن وڏن جو قتل عام ڪرايائين. جيڪي باقي بچيا، سي گجرات ڏانهن ڀڄي ويا ۽ اڃا تائين اتي رهن ٿا.“ نيٺ الله جي حڪم سان پنهنجي ديوانگيءَ سبب هڪ رات پاڻ کي پاڻ ئي ڪهي ڇڏيائين ۽ اهڙيءَ ريت قدرت هن کان هن جي ظلم جو بدلو ورتو. تيرهن سال جي حڪمرانيءَ کانپوءِ 993هه مطابق 1585ع ۾ مئو. سندس مرڻ جو اهو سال جيئن راقم الحروف پنهنجين اکين سان مڪليءَ تي سندس مقبري جي مٿان لکيل ڏٺو آهي، هن ريت آهي: ”وفات يافت حضرت جنت المقام، الواصل اليٰ جوار الملڪ الرحمٰن مرزا محمد باقي بن مرزا محمد عسيٰ ترخاني بتاريخ هشتم روز شنبه شهر سوال 993هه“ (يعني بهشت ۾ رهندڙ ۽ مهربان بادساه (الله) جو پاڙيسري حضرت مرزا محمد باقي ولد مرزا محمد عيسيٰ ترخاني 8 – ماه شوال 993هه ڇنڇر ڏينهن وفات ڪئي.) مقبري جي مٿان مرزا محمد باقيءَ جي وفات جون هيٺيون تراريخون لکيل آهن، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته مقبرو شايد انهن ئي سالن ۾ تعمير ٿيو آهي. مرزا مهمد باقي جيئن ته ظالم، چيڙاڪ ۽ پاڳل هو، تنهنڪري هنن تاريخي بيتن جو مضمون ڏسي تعجب ٿو ٿئي. بهرحال انهن اشاعرن جا آخري شعر (جن ۾ تاريخي مادا آهن) هت درج ڪيا ٿا وڃن: زغيب آمد ندا تاريخ او گفت، که گوئي سرور و سردار باقي. - ندا شد که وي واصل خدا شد گفت، غمگين مباش که فردوس ساخته روشن. - بجستم از خرد تاريخ او گفت، مپرس ازمن، بپرمي از داع دلها[2]. آخر مرزا محمد باقيءَ جو ڏهٽو مرزا جاني بيگ ولد مرزا پاينده بيگ (جنهن جو والد يعني پاينده بيگ ڪي قدر ديوانو هو) انهيءَ ئي سال يعني 993هه مطابق 1585ع ۾ اميرن ۽ رعيت جي صلاح سان مسند نشين ٿيو. هو بالڪل نوجوان، عقلمند، باهدر، سخي ۽ وڏي دل وارو هو. پنهنجي دور ۾ اعليٰ ۽ ادنيٰ کي ڏاڍو خوش رکيائين ۽ پنهنجي ملڪ جي حدن جي ڏاڍي سگهڻي نموني سنڀال ڪيائني. پر جيئن ته طبيعت ۾ سرڪشي هيس، تنهنڪري اڪبر بادشاه جي حڪم سان پهريائين بکر جينواب محمد صادق خان 994هه مطابق 1586ع ۾ مٿس چرهائيڪئي. پر بادشاه جي حضور ۾ حاضر ٿي، ڏاڍي عاجزيءَ جو اظهار ڪيائين ۽ نذرانا ڏنائين، جنهنڪري بادشاه دڙڪو داٻ ڪري، ڇڏيڏنس. ان کانپوءِ جڏهنا ڪبر بادشاه 999هه مطابق 1590ع ۾ لاهور تشريف فرما ٿيو، ته دوباره مرزا جاني بيگ جي سرڪشيءَ جون ڳالهيون ٻڌائين، جنهنڪري تنبيهه ڪرڻ، بلڪه ڪن گوشي ڪرائڻ لاءِ ” خان خانان“ نواب مرزا عبدالرحيم خان کي خاص احڪام ڏئي ٺٽي موڪليائين. مير محمد معصوم بکريءَ جي تحريرن مان معلوم ٿئي ٿو ته خان خانان 22 شوال 997هه (2) پهتو ۽ ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ بعد سيوهڻ ويو ۽ اتان جو قلعو فتح ڪري، لڪيءَ وٽ مرزا جاني بيگ سان جنگ ڪيائين. مرزا شڪست کائي نصرپور ڀڄي ويو. خان خانان تعاقب ڪيس، بري ۽ بحري جنگ ۾ سخت شڪست ڏنائينس. مرزا جاني بيگ نصرپور مان ڀڄي اُنڙپور هليو ويو (ممڪن اهي ته موجوده دور ۾ پرهندڙن مان ڪو اهو خيال ڪري ته نصرپور ۾ درياءَ ڪٿي آهي، جو اتي بحري جنگ ڪئي وئي. مان ان کي جواب ڏيندس ته نصرپور شهر جي هيٺئين پاسي ريگستان ڏانهن نهاريندا ته اوهان کي درياءَ جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا. يعني اڳي اتان درياءَ وهندو هو، جو پوءِ 1173هه مطابق 1760ع ۾ ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ پنهنجو وهڪرو ڦيرائي ويو). مطلب ته خان خانان انڙپور پهچي، ساڻس معمولي جنگ ڪئي. ان کانپوءِ خان خانان ۽ مرزاجاني بيگ جي وچ ۾ صلح ٿيو. مرزا جاني بيگ انڙپور کان ٺٽي پهتي ۽ اتان پنهنجو اهل عيال ڪڍي ”تغلق آباد“ ۾ وڃي رهائش پذير ٿيو، جو هن وقت مڪليءَ جي ڀرسان مٽيءَ جو هڪ دڙو اهي. خان خانان ڪجهه عرصو ”سن“ ۾ رهڻ بعد ٺٽي پهتو ۽ معزز ماڻهن کي خلعتن سان سرفراز فرمائڻ بعد، مرزا جاني بيگ سان گڏجي سمنڊ جي سير ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آخري ڇيڙي تائين ويو ۽ پوءِ دارالسلطنت دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو. هن موقعي تي هڪ لطيف بيان ڪيو ٿو وڃي. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن نواب خان خانان، مرزا جاني بيگ کي طعنو هڻندي چيو ته ”ڏٺئه، توکي ڪيئن نه حيلي (اٽڪل) سان هٿ ڪيم؟.“ مرزا جاني بيگ وڏو عقلمند، بامذاق، بذله سنج، بهادر ۽ شاعر هو ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ چڱو درڪ رکندو هو، خان خانان کي هڪدم جواب ڏنائين ته ”چڱو ٿيو جو پنهنجي حيلي (ٺڳيءَ) جو پاڻ ئي اعتراف ڪيئه. خدا جو شڪر آهي جو اسان جي طرفان ڪو حيلو (فريب) نه ٿيو“ (يعني اسان ٺڳيءَ جو جواب ٺڳيءَ سان نه ڏنو). روايت اهي ته خان خانان چوندو هو ته مون کي سڄي عمر ۾ ايتري شرمساري ڪڏهن به نه ٿي جيتري مرزا جاني بيگ جي انهيءَ جواب سان ٿي. قصو ڪوتاه، نواب خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ تمام جلد اڪبر بادشاه جي بارگاه فلڪ پايگاه ۾ وڃي حاضر ٿيا ۽ تحفة الڪرام جي قول موجب اهو سنه 1000هه مطابق 1591ع هو. مرزا جاني بيگ جي غير حاضري ۾ ”دولت خان“ نالي لوڌي قوم جو هڪ حڪمران (ٺٽي ۾) مقرر ڪيو ويو. مير محمد معصوم بکريءَ جي قول موجب، اڪبر بادشاه جي دربار ۾ شرفيابيءَ کانپوءِ خان خانان جي سفارش ۽ مرزا جاني بيگ جي پنهنجي بلاغت ۽ دانائي سبب مرزا کي سروپاء ۽ پنج هزاري منصب سان نوازيو ويو، مگر کيس بادشاه جي حاضريءَ ۾ رهڻو پوندو هو. نيٺ مشيت ايزدي، جو مرزا، سرسام ٿي پوڻ سبب 1009هه مطابق 1600ع ۾ فوت ٿي ويو. انهيءَ وقت هو دکن جي مهم ۾ بادشاه سان گڏ هو. سندس لاش ٺٽي آندو ويو ۽ شاهي فرمان مطابق سندس فرزند مرزا غازي بيگ کي ننڍي عمر ۾ ٺتي جو والي بڻايو ويو. نسياني جو قول موجب مرزا جاني بيگ پورا اَٺ سال بادشاه جي خدمت ۾ رهيو ۽ آخر شراب نوشيءَ جي ڪثرت سبب انتقال ڪري ويو. پوءِ سندس فرزند مرزا غازي بيگ جي مسند نشينيءَ جي باري ۾ شاهي فرمان پهتو، جنهن عمر جي انهيءَ وقت سورهن سال هئي. بيگلارنامي جي مؤلف جي قول مطابق جڏهن مرزا جاني بيگ شهنشاه جلال الدين محمد اڪبر سان گڏ برهانپور پهتو ته فانيجهان مان عالم جاودانيءَ ڏانهن انتقال ڪري ويو ۽ اڪبر بادشاه سندس فرزند مرزا غازي بيگ کي شاندار خلعت ۽ ٺٽي جي اميريءَ جي سَند سان نوازيو. تحفة الڪرام مطابق مرزاجاني بيگ پورا اٺ سال بادشاه جي حضور ۾ رهيو ۽ 1008هه ۾ جو شايد 1599ع جي مطابق ٿيندو، وفاق ڪري ويو ۽ سندس لاش ٺٽي ۾ آڻي، مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو ۽ شاهي فرمان مطابق سندس فرزند مرزا غازي بيگ ننڍي عمر هجڻ جي باوجود سندس جانيشن ٿيو. راقم الحروف، مرزا جاني بيگ جي وفات جي سلسلي ۾ مڪليءَ تي جيڪي پنهنجين اکين سان _ٺو آهي، ان تي مڪمل اعتماد رکي ٿو ۽ مٿي ڄاڻايل مؤرخن جي تحريرن تي، جي هڪ ٻئي کان مختلف آهن، ڪو به اعتبار نه ٿو ڪري.مڪليءَ ۾ مرزا جاني بيگ جي مقبري تي پٿر جي مٿان لکيل آهي ته 27- رجب 1009هه تي فوت ٿيو. اهو سال 1600ع جي مطابق ٿيندو. مقبري جي تعمير 1010هه مطابق 1601ع ۾ پوري ٿي. اُهي حاڪم يا نواب جي شهنشاه محمد اڪبر جي پاران مقرر ٿي، دهليءَ کان ٺٽي آيا حاڪم يا نواب جو نالو سنڌ ۾ اچڻ جو سال ضروري احوال 1- مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ ترخاني 2- امير خسرو چرڪس 3- مرزا رستم ولد سلطان حسين 4- مرزا مصطفيٰ خان 5- مرزا بايزيد بخاري 6- شريف الملڪ، جو پهريائين شريف خان جي نالي سان مشهور هو. پوءِ شريف خان ”انڌو“ مشهور ٿي ويو. 7- مرزا عيسيٰ خان ننڍو والد مرزاجان بابا ولد مرزا عيسيٰ ترخان وڏو. 8- نواب امير خان عرف ابو البق ولد نواب قاسم خان نمڪين ولدملا مير سبز واري 1009هه مطابق 1600ع 1015هه مطابق 1602ع 1023هه مطابق 1615ع 1025هه مطابق 1616ع 1028هه مطابق 1618ع 1035هه مطابق 1625ع 1037هه مطابق 1627ع 1054هه مطابق 1664ع پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ اڪبر بادشاه جي حڪم سان پيءُ جو جانشين ٿيو. جيتوڻيڪ ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته هو آزاد ۽ خودمختار حڪمران هو، پر جنهن صورت ۾ سندس حڪمرانيءَ جي سلسلي ۾ شاهي فرمان جو ثبوت موجود آهي، ته پوءِ اهڙا خيال ڪرڻ اجايا آهن. مرزا غازي بيگ عمر ۾ ننڍو هو، پر پنهنجي والد وانگر عقلمند، بهادر ۽ وڏيءَ دل وارو هو.مثال طور 1013هه مطابق 1604ع ۾ آگري وڃي بادشاه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتي کيس تحسين ۽ آفرين سان نوازيوويو. جاگيرون عطا ڪيون ويون ۽ ملتان جي نوابي ۽ قنڌار جي صوبيداري ڏني وئي، جنهنڪري بار بار اوڏانهن ويندو هو ۽ سندس عدم موجودگيءَ ۾ حڪومت جو ڪاروبار امير خسرو چرڪس جي معرفت هلندو هو. مرزا غازي بيگ اڪبر بادشاه جي عهد حڪومت ۾ وڏن منصبن ۽ عهدن تي فائز هو. اڪبر بادشاه پوري جاه جلال ۽ عزت ۽ عظمت سان بادشاهي ڪرڻ بعد، جيئن سندس سجع مان ظاهر آهي: شه شاهان عالم شاه اکبر تعاليٰ شانه الله اڪبر (اڪبر بادشاه دنيا جي بادشاهن جو بادشاه آهي. الله وڏو آهي ۽ سندس شان به وڏو آهي). آخر 1014هه مطابق 1605ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاه انتقال ڪيو ته سندس فرزند ارجمند جهانگير مسند نشين ٿيو ۽ مرزا غازي بيگ کي هر طرح سان اڳي کان به زياده نوازيائين. مگر مرزا عازي بيگ حاسدن جي حسد جو شڪار ٿي، قنڌار جي ڀرسان عبداللطيف نالي هڪ غلام زاده جي هٿان قتل ٿي ويو. هڪ شاعر سندس تاريخ: ”از دست غلام گل برون رفت ڊريغ“ چئي آهي. اگر چه سندس شهادت جو سال ابجد جي حساب موجب انهيءَ مصرعه مان نٿو نڪري [3] مگر عبارت جي موزونيءَ سبب هت درج ڪئي وئي آهي. مرزا غازي بيگ 1021هه مطابق 1613ع ۾ بي اولاد شهيد ٿيو. سندس لاش سنه 1022هه مطابق 1614ع ۾ سنڌ ۾ آندو ويو ۽ مڪليءَ ۾ سندس والد مرزا جاني بيگ جي مقبري ۾ دفنايو ويو. مرزا غازي بيگ جو نائب هو ۽ سندس عدم موجودگيءَ ۾ سندس پاران حڪومت جو ڪاروبار هلائيندو هو. مرزا جي وفات کانپوءِ ”هندو خان“ جي شراڪت سان حڪمراني ڪرڻ لڳو. هندو خان جو اصلي نالو ”راءِ گهريو مل“ هو. مرزا غازي بيگ کيس مسلمان ڪري، ”هندو خان“ جو لقب ڏنو. راقم الحروف، امير خسرو چرڪس جون ڪي خاص ڳالهيون هت لکڻ مناسب ٿو سمجهي. تحفة الڪرام واري قول مطابق چرڪس خان، چنگيز خان جي اولاد مان هو. جنهن جي حڪومت دشت قبچاق، (توران ۽ ترڪستان جي وچ ۾ هڪ صحرائي علائقو) ۾ هئي ۽ امير خسرو چرڪس اُن ڏانهن منسوب هو. هو پهريائين ملا جاودانيءَ وٽ هو. مرزا عيسيٰ ترخان، هن کان وٺي، کيس پاڻ وٽ ”آفتابه چي“ (ڪونرو) ڀري ڏيڻ وارو) ڪري رکيو. اڳڀرو هلي) سندس لياقتون ڏسي کيس، عملدار بڻايائين. مرزا جاني بيگ جي زماني ۾ هڪ معتبر امير بڻيو. انهن ڏينهن ۾ ڪو به امير، بلڪه ڪو بادشاه به هن جهڙو مُخَيرُ ڪو نه هو. ٽي سؤ سٺ عمارتون مثلاً مسجدون، مقبرا، پُليون ۽ تلاءَ وغيره تعمير ڪرايائين، جي ٺٽي شهر ۾ ان جي ٻاهران ۽ مڪليءَ تي آهن. انهن جي تعمير تي لکها رپيا خرچ ڪيائين. انهن عمارتن مان هڪ جامع مسجد آهي، جا هاڻي پراڻي ٿي وئي اهي ۽ ”مسجد دبگران“ (ڀرت ڀريندڙن جي مسجد) جي نالي سان مشهور آهي. ٺٽي شهر جي ٻاهران اڃا موجودآهي. 997هه مطابق 1588ع ۾ تعمير ٿي هئي. پر افسوس آهي جو هن وقت سخت مرمت طلب آهي. شهر وارن کي ايتري توفيق ڪانهي، جو ان کي مرمت ڪرائي سگهن، جيئن هن جوان (امير خسرو چرڪس) جو نشان قائم رهي، ايترين عمارتن تعمير ڪرائڻ جو سبب هتي ٻڌايو ٿو وڃي، ته امير خسرو چرڪس هڪڙو ڏينهن پنهنجي گهر جي ڇت تي چرهي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيو هو، ته اوچتو سندس نظر هڪ پاڙيسري عورت جي مٿان وڃي پئي، جا وهنجي رهي هئي. انهيءَ ڪري پهريائين خيال ڪيائين ته پنهنجون اکيون ڪڍي ڇڏي. مگر علمائن منع ڪيس ۽ صلاح ڏنائونس ته اهڙيون عمارتون تعمير ڪرائي، انهيءَ گناه جو ڪفار ادا ڪري. بيشڪ ديندار انهيءَ کي چئبو آهي. روايت آهي ته وفات کانپوءِ ڪنهن درويش، جو ڪشفجو صاحب هو، کانئس پڇيو ته ايڏن نيڪ ڪمن جو ڪهڙو بدلو مليئه؟ چيائين ته جيڪي نيڪ ڪم حياتيءَ ۾ ڪيم، اهي دنيا ۾ رهجي ويا ۽ مون کي هت ڪم اچي نه سگهيا سواءِ هڪ نيڪيءَ جي جو هڪ دفعي لکڻ ۾ مشغول هوس ته ايتري ۾ هڪ مک مس چوسڻ خاطر حرفن تي اچي ويٺي ۽ مان هن جي اُڏامي وڃڻ تائين لکڻ کان قلم روڪي ويهي رهيس. انهيءَ ساه واريءَ جي دل رکڻ خاطر مون کي بخشيو ويو. بيسڪ، الله رحمٰن، رحيم ۽ بخشڻهار آهي. هن کي گهڻي ۽ ٿوري جي پرواه نه آهي. جڏهن چاهي، تڏهن بخشي ڇڏي، جو بخشڻهار اهو ئي آهي. ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... پهريان بکر جو فوجدار هو. راقم الحروف ضروري ٿو سمجهي ته سندس انڌي ٿيڻ جو احوال بيان ڪري. انهيءَ سال (1035هه ۾) شهزاد شاهجهان پنهنجي والد (جهانگير کان ناراض ٿي، حرمين شريفين (زاد الله شرفها) وڃڻ جي ارادي سان ٺٽي ۾ آيو ۽ مڪليءَ جي هيٺاهين پاسي پل جي ڀرسان تنبو هڻي، رهي پيو، نواب (شريف الملڪ) بندوقون ۽ توبون کڻي، شهزاده سان جنگ شروع ڪري ڏني. شهزاده به ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا، مگر شڪست کائيندو رهيو. هڪ ڏينهن شهزاده جي بيگم، جا حامله هئي، شهزاده کان ڏاڙهونءَ جي گهر ڪئي. شهزاده ڏاڙهونءَ موڪلڻ لاءِ نواب کي پنهنجي هٿ سان خط لکيو. نواب جواب ڏنو ته اِجهو ٿو ڏاڙهون موڪليا، پوءِ گوله باري ڪندرن کي، جي فرنگي هئا، حڪم ڏنائين ته بيگم جي تنبوءَ تي گوله باري ڪئي وڃي ۽ پاڻ دوربين اکين تي رکي، تماشو ڏسڻ لڳو ۽ شهزاده کي چوائي موڪليائين ته هن شهر ۾ ههڙا ڏارهون (گولا) آهن. جڏهن ته الله جي مرضي ائين هئي، ته شهزاده کي ڪو نقصان نه رسي تنهنڪري گولا نشانه تي نه لڳا. البت بيگم جو حمل ضايع ٿي ويو ۽ بارود جي غبار، گرمي ۽ اکين مهٽڻ سبب نواب جي اکين ۾ سورش پيدا ٿي ۽ هڪدم انڌو ٿي پيو. اها روايت به آهي ته شهزادو شاهجهان جڏهن بادشاه ٿيو ته انڌي نواب کي سندس رفيقن ۽ متعلقن سميت بالڪل ختم ڪرائي ڇڏيائين. گهڻي عرصي کان بادشاهن جو خاص خدمتگار رهندو ٿي آيو. انهيءَ خدمتگذاريءَ جي صله ۾ ”شراڪت دريءَ“ سان کيس ڪرنال صوبي جو حڪمران بڻايو ويو هو. جڏهن جهانگير بادشاه 1038هه مطابق 1628ع ۾ نيستيءَ جي تختي تان لهي، هستيءَ جي تخت تي وڃي جلوه افروز ٿيو. يعني هن عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو، تڏهن شاهجهان بادشاه کيس سنڌ جو نواب مقرر ڪيو. اهو ترخان گهراڻي جو آخري نواب هو، جنهن ڪمال حشمت سان هڪومت ڪئي ۽ ارڙهن سالن جي عرصي ۾ مڪليءَ تي پنهنجو اهڙو مقبرو تعمير ڪرايائين، جو اڳين حڪمرانن مان ڪنهن به ايڏو خوبصورت، پائيدار ۽ ڪشادو مقبرو تعمير نه ڪرايو هو. چيو وڃي ٿو ته پٿر ڪرنال جي قلعي مان گهريائين پر افسوس جو اڇا مقبري جو ڪم پورو نه ٿيو هو جو 1054ع ۾ پاڻ ئي پورو ٿي ويو يعني وفات ڪري ويو. راقم الحروف اهڙو مقبرو نه ڏٺو آهي. هن وقت مرمت نه هجڻ ۽ برساتن پوڻ سبب ڪجهه خراب ٿي ويو آهي نه ته ڏسڻ جي لائق آهي. مقبري جي مٿان قرآن مجيد جي آيتن کانپوءِ هيٺيان ابيات لکيل آهن: چو رحلت کرد از دا فنا آن سرور ترخان، به بستان جنان آسوده شد در منزل اعليٰ، بپرسيدم چو سال رحلت او گفت از سر واه، آسوده ميرزا بکام ميرما واه. [4] هيءُ نواب، نواب قاسم خان جو فرزند هو، جو بکر جو يارهون نواب ٿي گذريو آهي ۽ جنهن جو مختصر احوال مٿي بيان ڪيو ويو آهي. ٺٽي جي جامع مسجد هن نواب جي ٺهرايل آهي، جا شاهجهان بادشاه جي حڪم سانن ٺهرائي هئائين. محلي ڀائي خان واري مسجد شريف به سندس ئي تعمير ڪرايل آهي. اها مسجد اصل هندن جو مندر هو. مڪليءَ تي ڏاڍو سهڻو مقبرو ٺهرايائين. مير خاني سادات، جي ٺٽي ۾ ۽ ٻين هنڌن تي رهن ٿا، سندس ئي اولاد آهن. * قيصر ۽ ڪسريٰ روم ۽ ايران جي بادشاهن جا لقب آهن (مترجم). [1] هي اشعار نه آهن، بلڪه شعر جي مٿان هڪ غليظ ۽ بدترين تهمت آهن. پر جيئن ته ڪتاب جي متن ۾ شامل آهن، تنهنڪري انهن کي نقل ڪرڻو ٿو پوي، مگر سندن ترجمو نٿو ڪيو وڃي. هنن اشعارن ۾ ڪو ڪو شعر يا ڪا ڪا مصرع درست آهي، پر منهنجي خيال م ”گاه باشد ڪه کودکي نادارن- به غلط بر هدفت زند تيري“ جي مصداق اها اتفاق ڳالهه آهي (مترجم). [2] پهريان ٻه بيت بالڪل غلط ۽ غير موزون آهن. ٽيون بيت صوري لهاظ کان درست آهي ۽ سندس ٻي مصرعه ته خاص طور تي دلڪش آهي. مگر معنوي اعتبار کان، اهو بيت به پهرين ٻن بيتن جهڙو اهي. يعني تاريخي ماده هجڻ جي لحاظ کان ٽئي بيت هڪ جهڙا غلط ۽ فضول آهن. مرزا محمد باقيءَ جي وفات جو سال 993هه آهي ۽ هنن تاريخي مادن جا عدد (ترتيب وار) هيٺئينءَ ريت آهن 1- 1050، 2- 3420، ۽ 3- 1717. (مترجم). (2) هيءَ سنه غلط معلوم ٿو ٿئي. جڏهن اڪبر، خان خانان کي 996هه ۾ موڪليو، ته خان خانان 997هه ۾ بکر ڪيئن پهتو (مترجم). [3] هن مصرعه جا عدد 3745 آهن، جڏهن ته مرزا عازي بيگ جي وفات جو سال 1031هه آهي (مترجم). [4] ٻيو نمبر بيت ۽ خصوصاً ان جي ٻي مصرعه، جا تاريخي مادو آهي، بالڪل غلط آهي. انهيءَ بيت جي پهرين مصوعه ۾ ”گفت“ جو فاعل غائب اهي. ٻي مصرعه غير موزون، لغو ۽ قطعي بي معنيٰ آهي ۽ تاريخي مادو به نه اهي. ڇو ته هت عدد گهربل آهن. 1054، ۽ هن مصرعه جا عدد آهن 708 (يا، ”واه“ جي پهرئين حرف (و) جي عدد ملائڻ سان 714) (مترجم). جيئن ته ٺٽي جي جامع مسجد شريف جي تعمير جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ته شاهجهان بادشاه جي زماني ۾ ٺهي، جو خير جي ڪمن ۾ دنيا جي اڳين ۽ پوين بادشاهن اکن گوءِ کڻي ويو هو، تنهنڪري راقم الحروف کي گهرجي ته انهيءَ ذڪر خير کي اڌ ۾ ڇڏي، ٻئي ڪنهن احوال لکڻ لاءِ قلم نه هلائي ۽ جيڪي تاريخي ڪتابن مان يا مسجد شريف جي ديوارين، محراب ۽ فرش مان معلوم ٿيو هجيس، سو ذرو پُرزو بيان ڪري ته جيئن پڙهندڙن کي آگاهي حاصل ٿي. تاريخن مان ٿابت آهي ته حضرت ساهجهان بادشاه 1043هه مطابق 1632ع ۾ مسجد شريف جي تعمير لاءِ 9 لک رپيا شاهي خزاني مان ڏنا هئا. انهيءَ سان تعمير جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1049هه مطابق 1639ع ۾ باقاعده هلڻ لڳو. نيٺ 1054هه مطابق 1647ع ۾ باقاعده هلڻ لڳو. نيٺ 1054هه مطابق 1647ع ۾ مسجد جا ابتدائي حصا ٿيار ٿي ويا، جن جي تڪميل جي تاريخ ڪنهن شاعر هيٺينءَ ريت چئي آهي: نديده چشم فلڪ مسجدي بدين خوبي، که آمدند ملايک برائ ديدن فيض، بجستم از خردمن چو سال تعميرش، بَدِديه کرد اشارت که هست ”معدن فيض“. (1045) ترجمو: (آسمان جي اکني اهڙي خوبصورت مسجد نه ٺهي آهي. هن خير جي ڪم کي ملائڪ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مون پنهنجي عقل کان سندس تعمير جو سال پڇيو ته هڪدم اشارو ڪيائين ته هيءَ ”معدن فيض“ (فيض جي کاڻ، اهي). ابجد جي حساب موجب مٿيون سال (1054هه) ”معدن فيض“ مان نڪري ٿو. باقي مسجد شريف جو ٻيو ڪم 1057هه مطابق 1650ع ۾ مڪمل ٿيو. ڪنهن شاعر سندس تاريخ هن ريت چئي آهي: چون ز صاحبقران شاهجهان، يافت ترتيب مسجد اعليٰ، هاتفم گفت سال اتماش، گشت زيبا چو مسجد اقصيٰ. ترجمو: (جڏهن صاحبقران شاهجهانجي پاران هيءَ اعليٰ درجي جي مسجد ٺهرائي، راس ڪرائيوئي ته، مون کي غيبي فرشتي سندس تڪميل جو سال ٻڌايو ته مسجي اقصيٰ جهڙي سهڻي مسجد ٺهي آهي). ابجد جي حساب موجب آخري مصرعه مان مٿي ڄاڻايل سال (1057هه) نڪري ٿو. مسجد شريف جو صحن، فرش ۽ ٻيون ضروري تعميرات 1068هه مطابق 1661ع ۾ شاهجهان بادشاه جي فرزند اورنگزيب عالمگير جي سلطنت جي اوائل ۾ پوريون ٿيون. فرش جي تاريخ ڪنهن شاعر هيٺينءَ ريت چئي آهي: بادشاه زمان شاهجهان، جامع تهته دلکشا پرداخت. مرتفع جامعي که گنبذِ او، سايه برقبهُ سما پرداخت. خاص بهر خدائي ظل خدا، خانهءِ رحمت خدا پرداخت. فرش جامع بحکم شاهجهان، زبدهء آل مصطفيٰ پرداخت. رضوي انتساب مير جلال، که وزارت از و صفا پرداخت. گشت فرشي که سنگ آن زبه صفا، رشک جام جهان نما پرداخت. سال تعمير آن دبير خرد، ”فرش مطبوع و دلکشا“ پرداخت. (1068) ترجمو: (1) دنيا جي بادشاه، شاهجهان ٺٽي جي جامع مسجد ٺهرائي آهي. جا دل فرحت بخشيندڙ آهي. (2) اهڙي بلند ترين جامع مسجد، جنهن جو گنبذ آسمان جي گنبذ سان ٿو لڳي. (3) ظل الٰهي (شاهجهان) خاص خدا ڪارڻ خدا جي رحمت جو مرڪز تعمير ڪرايو آهي. (4) شاهجهان جي حڪم سان جامع مسجد جو فرس آل محمد (سادات) جي هڪ برگزيده انسان ٺهرايو آهي. (5) مير جلال، جو رضوي خاندان جو فرد آهي ۽ جنهن جي طفيل وزارت جي منصب کي جِلا ۽ ضيا عطا ٿي آهي. (6) اهڙو فرش ٺهي تيار ٿيو آهي، جنهن جا پٿر پنهنجي صفائي جي ڪري ”جام جهان نما (1)“ جي لاءِ قابل رشڪ بڻجي پيا آهن. (7) عقل جي منشيءَ فرش جي تعمير جو سال ”فرش مطبوع و دلکشا“ (وڻندڙ ۽ دل کي فرحت بخشيندڙ فرش) ٻڌايو آهي. آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان مٿيون سال (1068) ٿو نڪري. پڙهندڙن کي مٿئين احوال مان معلوم ٿيندو ته مسجد شريف جو ڪم پنجويهن سالن ۾ پورو ٿيو (1043هه ۾ شروع ٿيو ۽ 1068هه ۾ پورو ٿيو) ٺٽي جي جامع مسجد لمبائي ۽ ويڪرائي ۾ وڏي مسجد آهي ۽ تقريباً هڪ جريب، بلڪه ان کان به زياده زمين تي پکڙيل آهي. ٻه وڏا دروازا اٿس، ۽ هڪ هڪ قبي جي هيٺيان هڪ هڪ سؤ ماڻهو نماز ادا ڪري سگهن ٿا. اندرين ۽ ٻاهرين محرابن جي مٿان نهايت ئي نفيس ۽ رنگين ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي، جنهن جي خوبصورتي ۽ صفائي ڏسي حيرت ٿي ٿئي. اندريان ۽ ٻاهريان فرش اعليٰ قسم جي پٿر جا آهن ۽ نهايت مضبوط بنايا ويا آهن. مؤذن جي جاءِ به تمام موزون ۽ خطيب جو منبر به ڏاڍو دلڪش آهي. مطلب ته اهڙي سهڻي ۽ گهڻين خوبين واري ٻي مسجد سڄي سنڌ ۾ ڪٿي ڪا نه آهي. بلڪه دهليءَ جي جامع مسجد کانسواءِ سڄي هندستان ۾ ڪا نه هوندي، جا پڻ شاهجهان جي ئي تعمير ڪرايل آهي. راقم الحروف کي ياد ٿو اچي ته 1672هه مطابق 1855ع ۾ مرحوم سر بارٽل فريئر صاحب بهادر سنڌ جي ٻئي ڪمشنر پنهنجي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ ڪن هنڌن جي ڀَڳَ ڀُرَ جي مرمت وغيره لاءِ سرڪاري خرچ سان ۽ ڪجهه اتان جي معزز ماڻهن جي مدد سان، سيد صابر علي شاه ۽ مرحوم الله بخش شاڪراڻيءَ جي معرفت، جي ٺتي جا معزز هئا، هن مسجد شريف جي مرمت ڪرائي هئي. آخري ڀيرو 1311هه مطابق 1894ع ۾ آنريبل مسٽر ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر سنڌ جي تيرهين ڪمشر 00-6500 رپيا سرڪاري خزاني مان، 00-4000 رپيا هزهائنس مير فيض محمد خان صاحب بهادر والي رياست خيرپور کان ۽ 00-40000 رپيا سنڌ جي ٻين معززن اکن وٺي خان صاحب رسول بخش ولد شير محمد مختيارڪار ٺٽي جي معرفت مرمت ڪرائي. صاحب موصوف گهڻي رقم پنهنجي کيسي مان ڏني. مون راقم الحروف جي ڪجهه رقم به ان ۾ شامل هئي ۽ جمله رقم 00-60500 رپيا جمع ڪئي وئي هئي. انهيءَ مرمت جو سال ڏاکڻ دروازي جي مٿان ٻاهرين پاسي کان لکيل آهي ۽ اميد آهي ته مرمت جو اثر هڪ سؤ سال تائين قائم رهندو. حاڪم يانواب جو نالو سنڌ ۾ اچڻ جو سال ضروري احوال 9- مظفر خان عرف مير عبدالرزاق خان معموري 10- سيد ابراهيم خان ولد بايزيد بخاري 11- لعل خان 12- ظفر خان 13- قباد خان 14- لشڪر خان 15- غضنفر خان 16- سيد عزت خان عرف عزت خان (؟) 17- ابو نصرت خان 18- سعادت خان 19- سيد عزت خان 20- خان زاد خان 21- سرور خان 22- مُزيد خان 23- زبردست خان 24- نصرت خان 25- حفيظ الله خان 26- سعد خان 27- سيد مير امين الدين خان حسين ولد سيد ابوالمڪارم بن مير ابو البقا الملقب به امير خان 28- يوسف خان تبري 29- احمد يار خان ولد الله يار خان، جو لاهور، ملتان ۽ غزنيءَ جي حڪومتن جو به نواب هو. 30- سعيد خان عرف عطر خان 31- ميهن خان 32- اڪر خان 33- مهين خان 34- خواجه محمد خليل 35- عطر خان 36-نواب مير لطف علي خان 37- اعظم خان 38- بهائي خان 39- سلطان محمود خان 40 سيف الله خان 41- نواب دلير دل خان 42- همت دل 43- صادق علي خان 1049هه مطابق 1639ع 1055هه مطابق 1645ع 1057هه مطابق 1647ع 1063هه مطابق 1652ع 1069هه مطابق 1658ع 1071هه مطابق 1660ع 1075هه مطابق 1667ع 1078هه مطابق 1664ع 1671ع مطابق 1671ع 1084هه مطابق 1673ع 1086هه مطابق 1675ع 1090هه مطابق 1679ع 1095هه مطابق 1683ع 1099هه مطابق 1687ع 1101هه مطابق 1689ع 1101هه مطابق 1689ع 1103هه مطابق 1691ع 1113هه مطابق 1701ع 1114 هه مطابق 1702ع 1115هه مطابق 1703ع 1115هه مطابق 1703ع 1120هه مطابق 1708ع 1121هه مطابق 1709ع 1123هه مطابق 1711ع 1123هه مطابق 1711ع 1124هه مطابق 1713ع 1125هه مطابق 1713ع 1125هه مطابق 1713ع 1128هه مطابق 1715ع 1136هه مطابق 1719ع 1135هه مطابق 1722ع 1137هه مطابق 1723ع 1143هه مطابق 1730ع 1145هه مطابق 1732ع 1149هه مطابق 1732ع مشهور نواب هو. ٺٽي جيڪودري بازار سندس تعمير ڪرايل آهي. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. مشهور ناظم هو. شهزاده داراشڪوه کيس هفت هزاري منصب تي رسايو ۽ انهن ڏينهن ۾ شهزاده جو نائب ٿيو هو. هيءَ، شاهجهان بادشاه جي دور جو آخري ناظم هو. شاهجهان بادشاه جي وڏي فرزند اورنگزيب عالمگير جي حڪم سان آيل هو. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. پهريائين بکر جي قلعي جو فوجدار هو. (مهرباني ڪري بکر جي نوابن جي لسٽ ۾ 64 نمبر تي نظرڪريو). هيءَ نواب، اورنگزيب عالمگير جو مامون هو. مڪليءَ جي مقام ۾ مدفعون ٿيو. سندس تربت جي مٿان هيٺيون ڪتبو لڳل آهي: بگفتا بي حجاب از غيب هاتف سعادت جا وداني يافت پي پي. ٻيو ڀيرو نواب ٿيو .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. هڪ هندو راجا جو پٽ هو. پوءِ مسلمان ٿيو ۽ مريد خان جي نالي سان مشهور ٿيو. مؤرخن لکيو آهي ته جڏهن نئون نئون آيو ۽ ٺٽي شهر جي ٻاهران پهتو، ته کيس معلوم ٿيو ته وڏَ ڪاسائن (ڳئون ڪهيندڙن) جي بازار مان لنگهڻو پوندو. انهيءَ ڪري سهرجي قاضيءَ ڏانهن لکيائين ته سڀاڻي وڏي گوشت جي بازار بند ڪرائي وڃي. ڇو ته مون سان ڪي راجپوت ساڻ آهن. متان انهن کي اها ڳالهه نه وڻي قاضيءَ ان جي برعڪس هڪ تاڪيدي حڪم جاري ڪيو ته جيتريون ڳئون روزانو ذبح ڪندا آهيو، سڀاڻي انهن کان زياده ذبح ڪجو. مسلمان بادشاه جي حڪومت هجڻ سبب قاضيءَ جو نالو ته ڪو به وٺي نه سگهيو، مگر راجپوت ٻين مسلمانن کي ايذائڻ لڳا، جنهنڪري سڀني مسلمانن گڏجي بادشاه جي خدمت ۾ هڪ عريضو موڪلي، حقيقت پيش ڪئي. اتان جواب آيو ته سندس نالي (مريد) جي حرفن جا نقطا هيٺان ڪڍي، مٿان رکو (مُرتد) ۽ کيس موقوف ڪري ڇڏيو. ٺٽي ۾ فوت ٿيو. هڪ شاعر سندس تاريخ وفات تي اهڙو شعر چيو اهي، جو تقدير تدبير جي مٿان کلي ٿي. سبوئ زندگي خان زبردست قضابين از کجا آورده بيشکست [1] ترجمو زبردست خان جي عمر جو گهڙو، ڏس ته تقدير ڪٿان کڻي اچي ڪٿي ڀڳو. ٻيو دفعو نواب ٿيو. هيءُ نواب، شاهجهان بادشاه جي وزير نواب سعد الله خان جو فرزند هو. سيوهڻ ۾ جهولي جي جهڙپ اچڻ (لُڪ لڳڻ) سبب فوت ٿي ويو. هڪ شاعر سندس وفات جو سال قرآن مجيد جي هن آيت شريف مان ڪڍيو اهي ”فلهم جنت الماويٰ نرلاً بما ڪانوا يعملون“. جنهن مان سال 1112هه ٿو نڪري، جو سال 1700ع جي مطابق آهي. عرف خان زاد خان، سعيد خاني ۽ چنگيز خاني هو. هيءُ نواب به امير خاني، خاندان مان هو. هن جو ذڪر مٿي ٻه دفعا ٿي چڪو آهي. نمبر 8 ۾ ٺٽي جي نوابن جي سلسلي ۾ ۽ نمبر 11 ۾ بکر جي نوابن جي سلسلي ۾ مڪليءَ ۾ سندس تربت تي قرآن مجيد جي آيتن ۽ حديثن کانپوءِ هيٺيون قطعو لکيل آهي: خان باتمکين امير الدين امير عالي از حسن عمل درجات او چون سفر کرداز جهان بي ثبات سال فوتش ”داخل الجنات او“ ابجد جي حساب موجب ان مان سال 1167هه ٿو نڪري، جو 1715ع جي مطابق آهي. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. هن نواب جي زماني ۾ بادشاه اورنگزيب عالمگير 1118هه مطابق 1707ع ۾ هن فاني دنيا مان عالم جاودانيءَ ڏانهن انتقال ڪيو ۽ سندس فرزند ارجمند بهادر شاه پنهنجي موروثي تخت تي ويٺو. بهادر شاه جي حڪم سان مقرر ٿيو. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. ٻيو دفعو نواب مقرر ٿيو. جڏهن 1124هه مطابق 1712ع ۾ بهادر شاه بادشاه وات ڪئي ۽ سندس فرزند معز الدين جهانداد شاه تخت نشين ٿيو، ته هن نواب کي برطرف ڪري ڇڏيائين. معز الدين جهاندار شاه جي حڪم سان نواب مقرر ٿيو. 29 نمبر نواب (احمد يار خان) جو فرزند هو. نوجوان ۽ بي تجربه ڪارهو. آخر نواب لطف علي خان جي هٿان قتل ٿيو. بکر جي ساداتن مان هو. پنهنجي شجاعت جي ڪري ”شجاعت علي خان“ جي لقب سان ملقب ٿيو. هن جي وفات کانپوءِ هڪڙي شاعر هن جو سال وات 1145هه ”اد خلقه في الجنات“ مان ڪڍيو، 1732ع جي مطابق آهي (1) اها تاريخ مڪليءَ تي سندس قبر جي مٿان لکيل آهي. وڏن کان ٻڌو ويو آهي ته هن نواب جو فرزند سيد مير ذوالفقار علي شاهه حيدرآباد جي ٽالپر ميرن جي زماني ۾ مختيارڪار هو. ان جو فرزند سيد حاجي روشن علي شاه منهنجي ملازمت جي ڏينهن ۾ پهريائين ڪراچيءَ جي ڪورٽ ۾ ناظر هو. پوءِ جهرڪن جو مختيارڪار ٿيو. سندس فرزند سيد غلام مرتضيٰ شاه زميندار آهي. شعر ۾ درڪ اٿس ۽ ”مرتضوي“ تخلق. راقم الحروف جو دوست آهي ۽ تمام سٺو ماڻهو آهي. بادشاه محمد شاه غازيءَ جي حڪم سان برطرف ٿيو. وزير اعظم عبدالرحيم خان الملقب به ”خان خانان“ جو فرزند هو. بادشاه محمد شاه غازيءَ جي حڪم سان مقرر ٿيو. جڏهن 1125هه مطابق 1722ع ۾ فوت ٿيو ته سندس لاش لاهور نيو ويو ۽ سندس پٽ کي ننڍپڻ ۾ سندس جانشين بنايو ويو. هيءُ نواب بهائي خان (نمبر 38) جو فرزند هو، جو ننڍي عمر ۾ نواب مقرر ڪيو ويو. هيءُ نواب شيو هو. شيعه مذهب کي فروغ ڏنائين ۽ هر قسم جي نشي تي بندش وڌائين. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن هڪ نشئي وٽس آيو ۽ عرض ڪيائين ته نواب صاحب! منهنجي محبوبه (ڀنگ) کي مون کان ڇو جدا ڪيو اٿئي. مان هن جي جدائي ۾ سخت پريشان ٿي پيو آهيان. جواب ڏنائينس ته تنهنجي مهبوبه بدراه ٿي پئي هئي، انهيءَ ڪري پردي ۾ ويهاريو اٿمانس. آخر 1143هه مطابق 1730ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس مڪليءَ تي امامن سڳورن جي جلوه گاه م دفن ڪيو ويو، جو 1140هه مطابق 1727ع ۾ پاڻ تعمير ڪرايو هئائين. سندس تربت تي هڪ دلڪش مصرعه لکيل آهي: ”دست وي با دامن آل عيا است“ جنهن مان سنه 1143هه ٿو نڪري، جو سنه 1730ع جي مطابق آهي. وڏو پهلوان هو، يعني اسم باسميٰ. مٿي ڄاڻايل نمبر 40 نواب (سيف الله خان) جو فرزند هو. مٿي ڄاڻايل نمبر 39 نواب (سلطان محمود خان) جو فرزندهو. هيءُ هندوستان جي بادشاهن جو آخر نواب هو. پڙهندرن کي نيڪ روشن هجي ته نواب صادق علي خان جي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ جو وڏو حصو محمد شاه بادشاه جي حڪم سان ٺيڪي جي طريقي سان مينا نور محمد ڪلهوڙي جي تصرف ۾ هو. انهيءَ ڪري دهليءَ جي بادشاهن طرفان ٺتي ۽ بکر ۾ حاڪمن ۽نوابن جو اچڻ بند ٿي ويو. جيتوڻيڪ ميان نور محمد جي گادي ٺٽي يا بکر ۾ نه هئي ۽ هن جي طرفان به سرڪاري ڪاروبار جي سر انجاميءَ لاءِ عملدار مقرر ڪيل هئا، پر جيئن ته انهن کي ايتريون اختياريون نه هيون، تنهنڪري انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري نه آهي. [1] هيءُ شعر مادهء تاريخ نه آهي، بلڪه قطعهء جو ڪو ٻيو شعر آهي. ڇو ته هن جا عدد 3486 آهن، جڏهن ته زبردست خان جي وفات جو سال 1101هه جي لڳ ڀڳ آهي (مترجم). ڏهون طبقو سنڌ جي مختلف حاڪمن ۽ انهيءَ زماني جي جدا جدا قومن ۽ ذاتين جو تفصيلي احوال سنه 926هه مطابق 1554ع کان سنڌ جو ملڪ، ڪوڪلتاش ۽ تردخان گهراڻن جي حاڪمن جي وچ ۾ اڌو اڌ تقسيم ٿيو هو ۽ مٿين حاڪمن جا دارالحڪومت بکر ۽ ٺٽو مقرر ٿيا هئا. جڏهن قادر مطلق ۽ حاڪم برحق (الله تعاليٰ) جي مرضيءَ سان انهن ٻنهي گهراڻن جون حڪومتون ختم ٿيون. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو، تڏهن دهليءَ جي بادشاهن ائين بهتر سمجهيو ته بکر ۽ ٺٽي جي حڪومتن لاءِ جدا جدا نواب مقرر ڪيا وڃن. پڙهندرن جي سهولت لاءِ اها ڳالهه هت وري دهرائي ٿي وڃي ته بکر جي نوابن جا حالات 1090هه مطابق 1679ع تائين تاريخ جي ڪتابن مان، جي راقم الحروف وٽ موجود آهن، هٿ ڪري لکيا ويا ۽ ٺٽي جي حاڪمن جي باري ۾ 1149هه مطابق 1736ع تائين جي معلومات تحفة الڪرام ۽ ٻين ڪتابن تان جيڪي ملي سگهيا وٺي کولي کولي قلمبند ڪئي وئي ۽ اهو به چاڻايو ويو ته دهليءَ جي بادشاه اورنگزيب عالمگير جي دور حڪومت تائين نواب مقرر ٿي ايندا رهيا. البت عالمگير کانپوءِ حڪومت جي ڪاروبار ۾ بي رونقي، بي بندوبستي ۽ ڪمزوري پيدا ٿي پئي. جيئن چوڻي آهي ته ”ڪل يوم ابتر“. ازانسواءِ سنڌ جو ملڪ جيئن ته دهليءَ جي دارالسلطنت کان گهڻو پري هو تنهنڪري نوابن جي هٿان حڪومت جي انتظام ۾ خلل پيدا ٿيڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ هاڻوڪي زماني وانگر ٻاڦ تي هلندر جهاز، ريل گاڏي ۽ تار جو سرشتو ڪو نه هو، جو انهيءَ خلل کي فوراً ختم ڪري سگهجي. نتيجو اهو نڪتو، جو ڪن جاگيردارن، پيرن ۽ زميندارن جن جي قبضي ۾ وڏيون ايراضيون هيون ۽ ڪن نالي وارن ڏاڍن مڙسن، انهن انتشار جهڙين حالتن کي پنهنجي مطلب جو موافق ڏسي ۽ وقت کي غنيمت سمجهي، انهيءَ دور جي بادشاهن ۽ علائقائي حاڪمن کان منهن موڙيو ۽ سنڌ جي اڪثر حصن تي قبضو ڪري، حڪمراني شروع ڪري ڏنائون. هنن پاڻ کي نوابن جو تابع سمجهڻ ڇڏي ڏنو ۽ کين ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏيائيون. راقم الحروف هن موقعي تي مناسب ٿو سمجهي ته انهن قومن جو احوال لکي ۽ انهن ماڻهن جا نالا به، جي هن وقت انهن جا جانشين آهن. لانگاه قوم جي سردارن، ملتان جي هيٺاهين علائقي وارين ايراضين تي مستقل قبضو ڪيو، جي اڳ ۾ ئي سندن تصرف ۾ هيون. انهيءَ زماني ملتان ۽ ان جي اردگرد وارو علائقو بکر جي ماتحت هوندو هو. ماڇي قوم جي سردارن ”ماڇڪي“ جي علائقي تي قبضو ڪيو، جو هن وقت بهاولپور سان ملحق آهي. اڄ ڪالهه انهيءَ قوم جو سردار، سلطان خان ولد جهان خان ماڇي آهي. ناهرن ”نهرڪيءَ“ تي قبضو ڪيو، جا ڪشمور جي علائقي ۾ سنڌو نديءَ جي هُن ڀر آهي. هن انهيءَ قوم جي سردار، محمد بخش ولد الله رکيو ناهر آهي، جو بالڪل ڪمزور ۽ گمنام آهي. ڏاهرن (ڏهرن) ڏاهرڪي (ڏهرڪي) تي قبضو ڪيو، جا اٻاوڙي جي ڀرسان آهي. هن قوم جو رئيس ”ڄام ابو الخير ٻيو“ ننڍو ولد ڄام ڀنڀو خان آهي، جو اول درجه جو جاگيردار آهي ۽ خيرپور ڏهرڪي سندس نالي سان مشهور آهي ماهرن (مهرن) جا سردار، جن جي سرداري انهيءَ زماني ۾ لکي شهر، شڪارپور ۽ سکر جي اوسي پاسي هئي ۽ هن وقت ”مهاره ڪي“ (مهرڪي) ۾ جا ميرپور مهاره (ميرپور ماٿيل) ۽ گهوٽڪي تعلقن ۾ آهي، رهائش پزير آهن. اڄ ڪالهه سندن سردار ميان محمد بخش ولد حاجي خان مهر آهي، جو خانپور تعلقي ميرپور مهاره ۾ رهي ٿو ۽ تمام وڏو رئيس آهي. ڌاريجا، جي اُن وقت سنڌ جي گهڻن حصن ۾ رهندا هئا ۽ هن وقت به سڄي سنڌ جي اندر پکڙيل آهن پر هن قوم سردار ڄام ارباب خان جو هڪ ننڍو زميندار آهي، گهوٽڪي تعلقي جي شهر ”عادلپور“ ۾ رهي ٿو، ۽ سندس ٻيا عزيز ديه ”دادلوء“ ۾ رهن ٿا دادلوءَ جو زميندار هن وقت خان بهادر ابو الخير آهي، جو هڪ وڏو زميندار آهي. سنڌو نديءَ جي پرينءَ ڀر بلوچ سردار مزاري، بُلدي يا بردي ۽ جتوئي ”مزارچه“، ”بلدڪ“ ۽ ”جتوئي“ تي قابض ٿيا. هن وقت انهن قومن جا سردار، نواب سر امام بخش خان صاحب بهادر حڪمران (؟) ”مزارچج” ضلع (صوبه) پنجاب جي ماتحت ديره جات جو تمندار مير علي مراد خان بلدي يا بردي ۽ وڏيرو فتح خان جتوئي ديهه ”دڙي“ تعلقو ڪشمور ضلع جيڪب آباد ۽ نيپر آباد (بُوجاناپر) تعلقو شڪارپور آهن. اهڙيءَ ريت پهنور، جي انهيءَ زماني ۾ روهڙي ۽ گهوٽڪيءَ جي وچ تي ”پهنورڪيءَ“ ۾ رهندا هئا، جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي ۽ هاڻي به ”پهنوارڪي“ جي نالي سان موجود آهي. ڪي پنهور جيڪب اباد جي اوسي پاسي، ڪي سنڌ جي هيٺاهين حصي سيوهڻ ۽ دادو تعلقي ۾ ان جي اوسي پاسي رهن ٿا. هن وقت انهيءَ قوم جو چڱو مڙس پيادو خان آهي، جو تعلقي دادوءَ جو هڪ ننڍو زميندار آهي. ڪنڊياري، نوشهري فيروز ۽ موري ۾ سعتا يا سهتا ۽ هنڱورجا رهندا هئا. هن وقت انهن قومن ۾ ڪو نامور ماڻهو موجود ڪو نه آهي ۽ هر قوم بلڪه هر ذات ۽ پاڙي جو پنهنجو پنهنجو سردار آهي. سنڌونديءَ جي پرينءَ ڀر سبئي ۾ باروزئي پٺاڻ رهندا هئا، جا انهيءَ زماني ۾ بکر صوبي جي ماتحت هوندي هئي ۽ هن وقت بلوچستان ۾ شامل آهي. اڄ ڪالهه هن وقم جو سردار ”باروز خان“ آهي، جو هڪ معزز ۽ سرڪار جو وظيفه خور آهي ۽ اهو به اتي ئي (سبئي ۾) رهي ٿو. بکر جي قلعي ۾ مغل رهندا هئا، جي ترخانين جي شاخ هئا، ۽ ڪي ارغون به جي اڳين حڪمرانن جي اولاد مان هئا ۽ بکر ۽ ان جي اوسي پاسي واري ايراضيءَ تي قابض هئا. هن وقت ٺٽي ۽ نصرپور ۾ جيتوڻيڪ ڪي غريب ۽ مسڪين ترخاني موجود آهن، پر ارغون جو نانءَ نشان ظاهر ڪونهي. شايد ٻين قومن سان گڏجي سڏجي ويا هجن. دائود پوٽن جا چڱا مڙس خانپور، لکي ۽ شڪارپور جي تر ۾ رهندا هئا، پر نيٺ زماني جي انقلابن جو شڪار بنجڻ بعد، اتان ڀڄي بهاولپور وڃي پهتا ۽ اتي خودمختيار بنجي ويا. نواب بهاول خان ٻيو ولد مرحوم صبح صادق خان، جو گذشته سال 1316هه مطابق 1898ع ۾ وفات ڪري ويو، بهاولپور رياست جو حڪمران هو، جا پنجاب جي صوبي ملتان جي ماتحت آهي. بلوچن جي هڪ قبيلي ”چانڊين“ جا سردار ”چانڊڪا“ ۾ رهندا هئا، جنهن جو تعلق لارڪاڻي، قمبر ۽ نصير آباد سان آهي. هن وقت چانڊين جو سردار غيبي خان ٻيو ولد وڏيرو محمد خان چانڊيو آهي، جو غيبي ديري تعلقي قمبر ۾ رهي ٿو. بالڪل دولتمند، وڏو جاگيردار ۽ وڏي عزت وارو آهي. ڪلهوڙن جا چڱا مڙس ”ڪلهورڪي“ ۾ رهن ٿا. جيڪڏهن ڪلهوڙڪيءَ جي علائقي کي هن وقت لاڙڪاڻي، نصير آباد، ڪڪڙ ۽ جوهي تعلقن ۾ شامل سمجهيو وڇي ته مناسب آهي. انهن جو تفصيلوار احوال اڳڀرو هلي بيان ڪيو ويندو. ”مگسي“ قوم جا سردار ”ڪڇيءَ“ جي حدن ۾ رهن ٿا. هن وقت مگسين جو سردار وڏيرو قيصر خان مگسي آهي، جو ”جهل“ جي شهر (بلوچستان) ۾ رهي ٿو. قيصر خان کي سنڌ ۾ به زمينداري آهي پر وڏي جاگير ۽ سرداري بلوچستان ۾ اٿس. جيڪڏهن کيس ننڍو حاڪم سمجهيو وڃي ته مناسب آهي. کوسا بلوچن جا سردار ”کوسڪيءَ“ ۾ رهندا هئا، جا جيل جي وٽ سان سنڌ جي سرحد تي آهي. هن وقت سندن سردار امام بخش خان آهي، جو تعلقي ”ڪڪڙ“ ۾ ٿو رهي. جاگيردار آهي ۽ ڪجهه زمين به اٿس. ”نهمبردي“ يا ”نُومري“ جوکيا ۽ ڪلماتي يا ڪرمتي قومن جا سردار سيوهڻ کان هيٺ جابلو ايراضي ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا. هن وقت انهن قومن جو سردار ملڪ صوبدار خان نهمردي ساڪن ٿاڻو احمد خان نهمردي تعلقو ڪوٽڙي، ڄام مراد علي خان جوکيو ساڪن ديهه ملير تعلقو ڪراچي ۽ ملڪ غلام شاه ڪرمتي يا ڪلماتي آهي. اهي ٽئي ڄڻا اول درجه جاگيردار ۽ وڏا معزز آهن. پر افسوس آهي جو ٽنهي قومن ۾ بي اتفاقي آهي. سنڌو نديءَ جي هن ڀر ”جاتي“ واري علائقي تي ”جت“ قوم جو قبضو هو. هن وقت جتن جو سردار ملڪ غلام حسين ولد ملڪ جهان خان ساڪن تعلقو جاتي آهي. ملڪ غلام حسين وڏو جاگيردار آهي، پر قوم ۾ گهڻي هلندي پڄندي ڪانهيس. موري تعلقي کان هيٺ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي سرحد تائين، اُنڙن کانسواءِ ٻي ڪا به مشهور ۽ معزز قوم ڪا نه هئي. انڙ ”انڙڪئي“ ۾ رهندا هئا. هن وقت گهڻا انڙ يا سندن رئيس ”قاضي احمد“ تعلقي سڪرنڊ ۾ رهن ٿا. انڙن جو رئيس الله رکيو خان وڏو زميندار آهي پر ڪي قدر مسڪين آهي. عمرڪوٽ جي اوسي پاسي ۽ ريگستان (رڻ پٽ) جي ڀرسان سوڍا، راهما ۽ راجپوت وغيره رهندا هئا. هن وقت راڻو صورت سنگهه ولد ڀوت سنگهه ساڪن تعلقو عمرڪوٽ، انهيءَ علائقي جو جاگيردار ۽ با اختيار مانهو آهي. مگر اڳئين زماني ۾ کين جيڪي اختياريون هونديون هيون، سي هاڻي ڪين اٿن. انهيءَ علائقي ۾ جيڪي ٻيون قومون رهن ٿيون، انهن ۾ با اختيار شخصيت ”توڳاچي راهمون“ ساڪن ديهه رهمڪي بازار تعلقو ڏيپلو جي آهي، جو انعام يافته آهي ۽ وظيفو ملندو اٿس. انهن کان علاوه ڪن ٻين قومن جا چڱا مڙس جهڙوڪ بلوچ ۽ ٽالپر وغيره به ڪن ايراصين تي قابض هئا. جيڪڏهن مٿئين احوال وانگر سڀنيقومن جو تفصيلوار احوال بيان ڪبو، ته هڪ داستان تيار ٿي ويندو ۽ پڙهندڙن جو وقت ضايع ٿيندو. تنهنڪري انهيءَ احوال کي نظر اندازڪندي، اصلي مقصد تي اچڻ بهتر ٿو لڳي، ته جيئن پڙهندڙ مٿئين احوال کان آگاهي حاصل ڪرڻ بعد، هن حقيقت کان به با خبر ٿين ته مٿي ڄاڻايل قومن جي چڱن مڙسن پنهنجي قبضي ۾ آيل ايراضين تي اڪتفا نه ڪري پاڻ ۾ ورهڻ، هڪ ٻئي جي ايراضين تي قبضو ڪرڻ ۽ لُٽڻ ڦرڻ شروع ڪري ڏنو. آخر ”تعزمن تشاء و تذل من تشاء“ جي اصول موجب اهڙو اتفاق ٿيو جو ڪلهوڙا ڏينهون ڏينهن زور وٺندا ۽ سنڌ تي قابض ٿيندا ويا،جنهن جو بيان اڳتي هلي ڪيو ويندو. افسوس آهي جو راءِ بهادر سيٺ آلومل ”مختصر تاريخ (سنڌي) ۾ لکي ٿو ته ”مؤرخن هڪ صديءَ تائين سنڌ جو احوال لکيو ئي نه آهي.“ جيڪڏهن راءِ بهادر موصوف تحفة الڪرام ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ٻين تاريخي ڪتابن جي مطالعي جي زحمت گوارا ڪري ها ته جيڪي حالات جنهن انداز م لکيا اٿس اهي شايد ٻئي انداز ۾ لکي ها. يارهون طبقو ڪلهوڙا گهراڻي جي خودمختيار حڪومت 1131هه مطابق 1718ع کان تحفة الڪرام واري جي قول موجب هيءَ عباسي (سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران) اصل ۾ حضور رسول اڪرم ذڪي اُمي صلي الله عليه و آله و اصحابه وسلم جي چاچي سائين حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنه جي اولاد مان آهن. پهريائين مڪران ۾ رهندا هئا (پوءِ سنڌ ۾ آيا). جيتوڻيڪ تحة الڪرام جي تشريح موجب سندن نسب جو شجرو تمام لمبو آهي مگر راقم الحروف ايڏي لمبي شجري کي نظر انداز ڪندي صرف هيٺين چند ستن لکڻ تي اڪتفا ٿو ڪري، انهيءَ گهراڻي جي نامور ماڻهن ۽ حڪمرانن جي احوال تي مشتمل آهن. تحفة الڪرام جي قول مطابق دائود، جنهن جو اولاد ”دائود پوٽي“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ بهاولپور ۽ ملتان جي اوسي پاسي واري علائقي جو حڪمران آهي، هن گهراڻي جو وڏو ڏاڏو ـآهي. اهڙيءَ ريت لاشاري جي ”جت“ سڏبا آهن ۽ اُٺ پاليندا آهن، سي پن انهن مان آهن. مگر سنڌ جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي اندر به ائين ئي مشهور آهي، ته ڪلهوڙا قديم زماني کان سنڌ جا ئي رهاڪو آهن. ميان آدم شاه، ولد گجن شاه، ولد ”ميان صاحب“ ولد ميان خان، ولد ميان طاهر، ولد ميان رانبن، ولد ميان شاه محمد عرف شاهل، ولد ميان ابراهيم، ولد ميان محمد، ولد ڄام چنو، جو هن گهراڻي جو مُورث اعليٰ هو. ميان آدم شاه وڏو بزرگ ۽ خدا ترس هو ۽ اڪثر ماڻهو سندس مريد هئا. هن بزرگ جي رهائش ”چانڊڪا“ ۾ هئي، جا هن وقت تعلقي لارڪاڻي، نصير آباد ۽ قمبر جي حدن ۾ شامل آهن. 854هه مطابق 1450ع ۾ شهرت حاصل ڪيائين عمر ڊگهي هيس. نيٺ ڪن پاڙيسري زميندارن جي دشمنيءَ جو شڪار ٿيو. جن جو زمين جي معاملي تي ساڻس تڪرار هو. بکر جي حاڪمن کيس گرفتار ڪري، ملتان موڪليو ۽ اتي ئي قيد جي حالت ۾ شهيد ٿي ويو. سندس لاش ملتان کان سنڌ ۾ آندو ويو ۽ سکر جي ٻاهران ٽڪري (آدم شاه جي ٽڪري) تي دفنايو ويو. اڃا تائين هن بزرگ جو مقبرو انهيءَ ٽڪريءَ تي جلوه نما ۽ عوام جو زيارت گاه آهي. ميان آدم شاه جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ميان دائود ٻيو مسند نشين ٿيو. اگر چه انهيءَ زماني ۾ ڪيتري ئي زمين ڪلهوڙن جي قبضي مان نڪري چڪي هئي، مگر مريدن جو اعتقاد منجهن وڌي ويو هو، جنهنڪري سندن اصلي زمين، بلڪه ان کان به زياده سندن قبضي ۾ اچي وئي. ميان دائود مريدن جو تعداد وڌائي، طاقت حاصل ڪئي ۽ سندس حياتي4 ۾ ڪا به تڪراري صورت پيدا ڪا نه ٿي. ان کانپوءِ هن جو فرزند ميان الياس پنهنجي موروثي مسند تي رونق افروز ٿيو ۽ هن پنهنجي زمينداري وڌائڻ ۽ مريدن جي تعداد ۾ اضافي ڪرڻ جي جدوجهد ڪندي، حياتي گذاري. هن جو مقبرو گهاڙواه جي ڪناري تي لاڙڪاڻي شهر جي پرئين پاسي آهي [1]. جيتوڻيڪ هن وقت گهڻي قدر ڊهي ويو آهي. تاهم سندس اولاد مان ڪو به ڪو نه بچيو آهي، جو مقبري جي مرمت ڪرائي. ميان الياس جي وفات کانپوءِ هن جو ڀاءُ ميان شاهلي عرف شاهل محمد پنهنجي مورثي مسند تي ويٺو هو وڏو پرهيز گار هو. مشهور آهي ته ”گهاڙواه“ نالي وڏو واه، جو لاڙڪاڻي شهر وٽان وهي ٿو، سندس کوٽايل آهي. سانگين ۽ ابڙن جي گهڻي زمين تي قبضو ڪيائين.جنهنڪري ميان شاهل محمد ۽ انهن قومن جي وچ ۾ هٿياربند لڙائي لڳي، جنهن ۾ ميان شاهل محمد 1068هه مطابق 1657ع ۾ مارجي ويو. کيس اولاد ڪو نه هو. سندس ڀاءُ جي ڀرسان گهاڙواه جي پرينءَ ڀر لاڙڪاڻي جي ويجهڙائي ۾ آهي. مگر هن وقت ان جا فقط نشان باقي آهن (2). انهيءَ ئي سال ميان نصير محمد ولد ميان الياس مسند نشين ٿيو. هو جيتوڻيڪ ظاهر ۾ فقير هو، پر وڏو دلير هو. ڪيترائي ڀيرا ”مير پنهورن“ بکر جي مغلن ۽ سبئي جي پٺاڻن سان جنگ ڪري مريدن جي زور تي سنڌ جي اڪثر حصن تي قبضو ڪيائين، جن جو تعداد انهيءَ وقت گهڻو هو. 35 سالن کانپوءِ 1103هه مطابق 1692ع ۾ رحلت ڪيائين. سندس مقبرو ”فولجي“ (ڦلجي) تعلقي جوهيءَ ۾ اولهائين ناري جي ڪناري تي آهي. جيڪڏهن پڙهندڙن کي ناگوار نه لڳي ته راقم الحروف انهيءَ زماني جي هڪ عجيب و غريب ڳالهه هت بيان ڪري، جا عبرت کان خالي نه آهي ۽ اها عجيب و غريب ڳالهه سنڌ جي باسندن ۾ اڳ ۾ ئي مشهور آهي. تحفة الڪرام جي قول موجب 1067 ۽ 1103هه مطابق 1657 ۽ 1693ع جي وچ ۾ سنڌ جي هيٺاهين حصي ۾ به نيڪ طبيعت ڀائر رهندا هئا، جي ڪاشتڪاري ڪندا هئا. وڏو ڀاءُ عيالدار هو ۽ ننڍو ڀاءُ ڪنوارو. خدا جي فضل سان هڪ سال ٻنهي ڀائرن جي فصل ۾ هميشه کان زياده برڪت پ.ي. وڏي ڀاءُ نيڪ نيتيءَ سان چيو ته ننڍو ڀاءُ ڇڙو آهي. جيڪڏهن وٽ اَنُ ججهو هوندو ته ادي ڪري گهر ٻار ورو ٿيندو ۽ ننڍي ڀاءُ خيال ڪيو ته وڏو ڀاءُ اهل عيال وارو آهي. جيڪڏهن وٽس اڦنُ گهڻو هوندو ته خوشحاليءَ سان وقت گذاريندو. اهي ڳالهيون سوچي، ٻنهي ڀائرن رات جي وڳڙي ۾ هڪ ٻئي کان لڪي، پنهنجي پنهنجي ٻار مان ان ڍوئي، بئي جي ٻار ۾ وجهڻ شروع ڪيو. مگر الله جي قدرت جو ٻنهي ڀائرن جون ٻاريون ڀرجي، اناج جا ايڏا وڏا کوڙ بڻجي ويون، جو ٻنهي جي لاءِ اناج ڍوئڻ مشڪل ٿي پيو. بهرحال هنن جو وقت ڏاو سکيو گذرڻ لڳو. تانجو انهيءَ قادر مطلق جي قدرت سان اناج جا هي کوڙ، پٿر جا ڍڳ بڻجي پيا، جي اڃا تائين موجود آهن ۽ جهرڪن جي شهر کان سنڌونديءَ جي پرينءَ ڀر نظر ايندا آهن ۽ ”ٻڌڪي ٽڪريءَ“ جي نالي سان مشهور آهن. ڳالهه پراڻي آهي، پر نيڪ نيتيءَ جي تقاضا اها آهي ته حديث نبوي ”انما الا عمال بالنيات“ جي مصداق ان جو ثمر اهڙو ئي مٺو هجڻ گهرجي. ميان نصير محمد جي وفات کانپوءِ سندس وڏو فرزند ميان دين محمد انهيءَ ئي سال پنهنجي موروثي مسند تي ويٺو. ڪلهورن جي قبضه ۾ سنڌ جاجيڪي ٽڪرا هئا، انهن ۾ هر وقت واڌارو ٿيندو رهندو هو. مگر ميان دين محمد جي زماني ۾ جنهن مريدن جي زور ۽ تڪرار جي طاقت سان پنهور ۽ دائود پوٽن جي مٿان فتح حاصل ڪئي هئي، جيتوڻيڪ هنن جي هٿ ۾ حڪومت به هئي، فوج به ۽ واقعا به. تاهم نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ جو وڏو حصو ميان دين محمد جي قبضي ۽ اقتدار هيٺ اچي ويو ۽ لکيءَ تي قبضي ڪرڻ بعد دائود پوٽن جي شڪارگاه تي به قبضو ڪيائين ۽ ان کي آباد ڪري، مٿس ”شڪارپور“ نالو رکيائين. شڪارپور جي تعمير 1026هه ۾ ٿي، جو 1667ع جي مطابق ٿو ٿئي ۽ سندس تعمير جو سال ”غوک“ جي لفظن مان ٿو نڪري، جنهن جا عدد 1026، آهن. تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جي سرحد تي قلات جي حڪمرانن جا جيڪي قلعا هئا، سي به هنن کان کسي، پنهنجي تصرف ۾ آندائين. نيٺ گهڻي فتوحات ۽ ڪيترن ئي ملڪن تي قبضي ڪرڻ بعد، مشيت ايزديءَ موجب 1111 هه مطابق 1800، يا 1701ع ۾ وفات ڪيائين. ميان دين محمد جو ڀاءُ ميان يا محمد انهيءَ ئي سال عزت، عظمت ۽ حڪومت جي موروثي مسند تي جلوو افروز ٿيو، جيتوڻيڪ سمدن نشينيءَ جي شروع ۾ ايتري طاقت ڪا نه هيس، بلڪه سندس اصلي مملڪت جا چند تڪر به سندس قبضي مان نڪري ويا، مگر بن سالن بعد بروهين ۽ ٽالپر سردارن جي مدد سان ۽ ”راجي ليکي“ جي بيعت ۽ ٻين مريدن جي همت سان وڃايل ٽڪرن تي وري قبضو ڪيائين ۽ پنهنجي طاقت ۽ لڙائي سان پنهنجي علائقي کان زياده حصا به پنهنجا تصرف ۾ آندائين. ”خدا آباد“ جي نالي سان هڪ شهر تعمير ڪرايائين، جنهن جا آثار تعلقي دادوءَ ۾ اڃا به موجود آهن. خدا آباد ۾ هڪ جامع مسجد به ٺهرايائين، جا ملڪان ملڪ مشهور آهي ۽ اتي هڪ ننڍي ريلوي اسٽيشن به آهي. نيٺ تمام وڏين ۽ گهڻين فتوحات سبب کيس دهليءَ جي بادشاه فرخ سير وٽان ”خدايار خان“ جو خطاب عطا ٿيو. 1131هه مطابق 1718ع ۾ انتقال ڪيائين. سندس تربت خدا آباد ۾ آهي. هن تاريخ جا پڙهندڙ اهو سوال ڪندا ته ”ڇا، راجو ليکي ايڏو طاقتور هو، جو ميان يار محمد سندس بيعت وٺڻ شرط ايڏو زور ورتو، جو پنهنجي ملڪ جي وڃايل حصن کي وري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو؟“ مان پڙهندڙن جي معلومات لاءِ واضح ڪرڻ ٿو گهران ته انهيءَ زماني ۾ اها قوم واقعي ايڏي طاقتور ۽ عزتدار هئي. ”راجو ديرو“ جو ”پَٽ گل محمد لغاري“ ۽ ”نئي گاج“ جي ڀرسان آهي، انهيءَ قوم جو آباد ڪيل آهي ۽ ”تاجپور“ جا مٽياريءَ جي ڀرسان آهي، راجو ليکي جي فرزند ”تاجي ليکي“ جي وسايل آهي. هن زماني ۾ نوشهروفيروز تعلقي ۾ انهيءَ گهراڻي مان ”بلاول ليکي، اول درجو جو جاگيردار آهي، مگر آمدني معمولي اٿس. خدا جي قدرت هيءُ گهراڻو ڪيڏو نه طاقت وارو هو ۽ هاڻي ڪهڙو نه ڪمزور ٿي ويو آهي! ميان يارمحمد جو ٻيو نمبر فرزند ميان نور محمد انهيءَ سال پنهنجي والد جو جانشين ٿيو. هن تاريخ جي پڙهندڙن کي چڱي طرح معلوم ٿي ويو هوندو، ته عباسي خاندان يعني ڪلهوڙا گهراڻو ميان آدمشاه کان وٺيميان يار محمد تائين پيري مريديءَ جي سلسلي جي ڪري مشهور هو. جيتوڻيڪ ميان يار محمد پنهنجي پوئين زماني ۾ پنهنجي همت سان سنڌ جي اڪثر حصن تي قبضو ڪري، دهليء جي بادشاه جي پاران ”خدا يار خان“ جي خطاب سان سرفراز ٿيو هو ۽ اهڙي ريت پيرن جي سلسلي مان نڪري، حاڪمن جي قطار ۾ شمار ٿيڻ لڳو هو. مگر اڪثر مؤرخ، ڪلهوڙا گهراڻي جي حڪومت جي ابتدا ميان يار محمد جي فرزند ميان نور محمد کان شمار ٿا ڪن، ۽ راقم الحروف به انهن جي راءِ سان اتفاق ڪندي، هن خيال جو اظهار ٿو ڪري ته ميان نور محمد پنهنجي والد جي بنسبت گهڻو ملڪ هٿ ڪيو هو. اگرچه هن جي زماني ۾ به ڪيترائي نامور سردار سنڌ جي ڪن حصن تي حڪمران هئا، پر مهرن جو سردار، دائود پوٽا ۽ پنهور، جي خودمختار حاڪم هجڻ جي هام هڻندا هئا، سي ميان نور محمد جي زماني ۾ ٿورڙي وقت جي اندر نيست نابود ٿي ويا. ازانسواءِ 1151هه مطابق 1739ع ۾ دهليءَ جي بادشاه جي مرضيءَ سان سنڌ جا ڪيترائي ٽڪرا ٺٽي جي والي نواب صادق علي خان کان ٺيڪي جي طريقي تي حاصل ڪيائين ۽ 1152هه مطابق 1739ع ۾ قلات جي مير عبدالله بروهي تي فتحياب ٿيڻ سبب (بادشاه جي پاران) ”خدا يار خان“ جو خطاب حاصل ڪيائين ۽ ”صوبه داري“ جي منصب تي فائز ٿيو. يعني مڪمل اختيار ۽ اقتدار سان سنڌ جو حاڪم بڻيو. ملتان جي هيٺاهين حصي کان وٺي سمنڊ، ڪڇ ڀڄ، ريگستان ۽ ڪوهستان وغيره سندس قبضي ۾ هئا. تان جو نادر شاه افغانستان ۽ ايران جوا بادشاه ڪن عجيب و غريب ۽ گونا گون سببن جي ڪري جيئن حافظ شيرازيءَ چيو آهي ته ”رموز مملکت خويش خسروان دانند“ (يعني بادشاه پنهنجي بادشاهيءَ جون رمزون پاڻ سمجهندا آهن) 1156هه مطابق 1739ع ۾ هندوستان جي مٿان آسماني آفت وانگر اچي ڪڙڪيو. اي مؤلف! هاڻي جڏهن بادشاه کي ”آسماني آفت“ سڏيو اٿئي ته بهتر آهي ته ان جي وضاحت به ڪر، ته پڙهندرن کي پتو پوي ته اهڙن سخت لفظن لکڻ جو سبب ڇا آهي؟ ها، پڙهندرن هيٺين احوال مان، ماده تاريخ مان ۽ (خود نادر شاه جي) سجع مان ان جو سبب خوبخود سمجهي ويندا. سنڌ ۾ نادر شاهه جي اچڻ جو سال هن مصرع مان نڪري ٿو: ”ياد باد زماني ڪه قيامت است“ [2] ۽ سندس سجع تي به غور ڪيو: نادرم درملک ايران، قادرم برهرد يار، لافتيٰ الاعلي، لاسيف الا ذوالفقار. ترجمو: (ايران ۾ نادر جي نالي سان مشهور آهيان ۽ دنيا جي هر هڪ هڪ تي قادر اهيان. حضرت عليءَ کانسواءِ دنيا ۾ ڪو به پهلوان جوان ڪونهي ۽ ذوالفقار کانسواءِ ٻي ڪا به ترار ڪانهي). (نادر شاه جي اچڻ سبب هندوستان خواه سنڌ ۾ ايڏو شور شر، خود هراس، بد انتظامي ۽ بي مروتي پيدا ٿي، جو ڪنهن به بادشاه، اڳين توڻي پوين بادشاهن جي زماني ۾ نه ٿي هئي. سنڌ ۾ ته اڃا تائين اهو حال آهي جو ڪو به ماڻهو ڪنهن خوف هراس ۾ مبتلا ٿيندا آهي ته هن کي چوندا آهن ته ”ايڏو ڊڄين ڇو ٿو، نادر پٺيان پيو اٿئي ڇا؟“ يا ڪنهن کي ڪو سخت حڪم ڏنو ويندو آهي ته ان کي ”نادري حڪم، سڏيو ويندو آهي. قصو ڪوتاه، نادر شاه، پهريائين دهليءَ پهتو ۽ محمد شاه بادشاه سان معمولي لڙائي ڪري، هن جي مٿان عالب پيو، جو ڏاڍو عياس ۽ حڪومت جي ڪاروبار کان بي خبر هو. ان کانپوءِ پاڻ ۾ صلح ڪيائون. ڪن مؤرخن جي قول موجب جڏهن پاڻ ۾ مليا ته هڪ ٻئي سان پڳ مٽائي، ڀائپيءَ جو عهد ڪيائون. محمد شاه پنهنجو تاج نادر شاه کي ڏنو، جنهن جي قيمت لکها رپيا هئي ۽ جنهن ۾ نهايت ئي قيمتي هيرا جواهر جڙيل هئا. نادر شاه پنهنجي ڪشميري شال محمد شاه کي ڏني، جنهن جي قيمت شايد سؤ رپيا کن مس هوندي. نادر شاه هن ”ديني ڀائپي“ ۾ به حڪمت عملي ڏيکاري. دهليءَ ۾ فتح ۽ ڪامرانيءَ کانپوءِ سنڌ ۾ آيو. لاڙڪاڻي ۾ منزل ڪيائين. سنڌ جو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو نادري تاب جهلي نه سگهيو ۽ ڀڄي وڃي عمرڪوٽ ۾ لڪو. نادر شاه پهريائين هن کي پنهنجي هٿ سان هيٺيون حڪم لکي موڪليو: اي مور کمزور ساکن زمين شور چون گور، بلند بيني بگزار و خودي و خود پسندي از خود دور دار. بايد و شايد که قمري وار طوق اطاعت درگردن انداخته، حاضر بشوي، ورنه به سُم سمند ميدان آهن سکن پائمال خواهي شد. ترجمو: (اي ڪمزور ڪول ۽ اي ڪلراٺي زمين جا راهاڪو. جا قبر وانگر سوڙهي آهي، مٿي نهارڻ ۽ پاڻ کي ڪجهه ڀانئڻ ڇڏي ڏي. بهتر آهي ته قمريءَ وانگر فرمان برداريءَ جو طوق گردن ۾ وجهي حاضر ٿيءُ نه ته ميدان جنگ جي گهوڙي جي سنبن هيٺان، جي فولاد کي به ٽوڙي ڇڏيندا آهن، چيڀاٽجي ويندين. جڏهن ميان نور محمد مٿئين حڪم سان حاضر نه ٿيو، تڏهن نادر شاه اڪيلي سر فقط هڪرو سونهون ساڻ ڪري جنهن وٽ، هڪ تيز رفتار گهوڙي هو، پنهنجي نهايت ئي تيز رفتار گهوڙي تي چڙهي، لاڙڪاڻي مان نڪتو ۽ عمرڪوٽ جو رستو ورتائين. چيو وڃي ٿو ته نادر شاه جو گهوڙو هڪ ڏينهن رات ۾ سؤ ڪوه پنڌ ڪندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن رات ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان پهچي ويا ۽ اتي نادر شاه جو گهوڙو هڻڪيو به، ۽ پيشاب به ڪيائين. نادر شاه سونهن کي چيو ته منهنجو گهوڙو سؤ ڪوه پنڌ ڪري آيو آهي. سندس هڻڪار ۽ پيشاب ان جي علامت آهي. سونهين عرض ڪيو ته ٿورو ترسڻ گهرجي. جڏهن سج اُڀرندو، ته قلعي جا ڪُنگرا ڏسڻ ۾ ايندا. مطلب ته سج اڀرڻ شرط عمرڪوٽ ۾ داخل ٿيا، ايتري ۾ نادر شاه جو فاته لشڪر به اچي پهتو. نادر شاه ميان نور محمد کان هڪ ڪروڙ رپيا جرمانو ورتو ۽ سندس به فرزند ميان محمد مراد ياب خان ۽ علام شاه خان يرغمال طور پاڻ وٽ جهليائين. ان کانپوءِ لارڪاڻي موٽيو ۽ ايران واپس وڃن وقت ميان نور محمد جي مٿان ساليانو ويهه لک رپيا شاهي نذرانو مقرر ڪيائين ۽ کيس ”شاه قلي خان (شاهي غلام) جو خطاب ڏنائين. بکر جي قلعي جي اصلي صورت بدلائي، ٻئي نموني سان ٺهرائين ۽ ان ۾ هڪ نواب مقررڪيائين (هيءُ پنجون دفعو هو، جو بکر جي قلعي ۾ ڦير ڦار ڪرائي وئي) بکر جي قلعي ۽ سنڌونديءَ جي اوڀر ۾ بکر واري علائقي کي سنڌ کان جدا ڪري ۽ ميان نور محمد جي قبضي مان ڪڍي، افعانستان ۽ ايران جي مملڪت سان ملهق ڪري ڇڏيائين.انهيءَ زماني کان وٺي انهيءَ پرڳڻتي کي ”موغلي“ سڏيو ويندو آهي ۽ شڪارپور شهر ۽ ان جي اوسي پاسي واري علائقي کي ۽ سبيءَ جي دائود پوٽن جي سرڪردن کي، باروزئي افغانن جي حوالي ڪري، ٻئي سال افغانستان موٽي ويو، ۽ وڃڻ وقت هيٺين سجع کي پنهنجي پهرئين ۽ اصلي سجع سان شامل ڪيائين: سکه زد بر هند و سند و طبله زد بر روم و شام، ثاني سلطان سکندر، شاه نادر زوالفڪرام. ترجمو: (نادر شاه، جو سلطان سڪندر جو ٿاني ۽ عزت ۽ عظمت وارو بادشاه آهي، هند ۽ سنڌ ۾ پنهنجو سڪه هلايو ۽ روم ۽ شام ۾ڏونڪو هلائين). نادر شاه جڏهن موٽي ويو ته سنڌ جا باسندا چوڻ لڳو ته ”رسيده بود بلادي ولي بخير گذشت“ (يعني هڪ مصيبت اچي ڪڙڪي هئي پر خير سان ٽري وئي). اميد آهي ته هن احوال معلوم ڪرڻ بعد پڙهندڙ، راقم الحروف کي ”آسماني آفت“ جي فقري لکڻ تي ميار نه ڏيندا. نيٺ اهڙين بي واجبي ڪار گذارين بعد جمادي الاخر 1120هه ۾ پنهنجي سالي ”علي“ افشار جي هٿان خراسان ۾ قتل ٿي ويو. اڪثر مؤرخن سندس قتل جو واقعو، ڪابل شهر ۾ لکيو آهي. مگر تاريخ احمديءَ جي مؤلف سر جان مالڪم لکيو آهي ته ڪابل جي ڀرسان ”فتح آباد“ ۾ قتل ٿيو. انهيءَ زماني جي شاعرن سندس قتل جي تاريخ ڏاڍي چڱي چئي آهي ”رخت بست از تخت هستي شهر يار“ ۽ ”جن خراب شد“. ٻنهي مان ابجد جي حساب سان 1159 ۽ 1160هه جو سال نڪري ٿو، جو 1747 ۽ 1748ع جي مطابق ٿو ٿئي [3]. نادر شاه جي قتل کانپوءِ انهيءَ سال ”احمد خان ابدالي“ جنهن پاڻ کي پوءِ ”احمد شاه دراني“ سڏايو، افغانستان جي تخت تي فائر ٿيو. مٿي لکيو ويو آهي ته نادر شاه سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ وارو (اوڀاريون) علائقو سنڌ کان جدا ڪري ۽ بکر جي قلعي کي نئين نموني ٺهرائي، ان جي مٿان پنهنجي طرفان هڪ نواب مقرر ڪيو ۽ پاڻ افغانستان هليو ويو. تنهنڪري بهتر آهي ته جيئن مٿي هندوستان جي بادشاهن طرفان بکر ۽ ٺٽي لاءِ مقرر ڪيل حاڪمن ۽ نوابن جوا حوال بيان ڪيو ويو آهي، تيئن بکرجي علائقي لاءِ خراسان جي بادشاهن طرفان موڪليل نوابن جو تفصيلي احوال به لکيو وڃي. انهن نوابن، ناظمن، حاڪمن، قلعيدارن ۽ صوبيدارن جو تفصيل جي وقت بوقت خراسان جي بادشاهن طرفان بکر جي علائقي لاءِ مقرر ڪري موڪليا ويا پهريون نواب سعادت خان، ٻيو نواب منصور خان، ٽيون نواب مقصود خان (هننواب جي باري ۾ مشهور آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن مسجد جو پيش امام وٽس آيو. هن کان پڇيائين ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟ پيش امام جواب ڏنس ته ”آخوند ملا محمد معروف،. نواب کي ڪاوڙ لڳي، چيائينس ته تون مسجد جو ملا آهين ۽ نالو ايڏو ڊگهو رکيو اٿئي. مان، جو بکر جي قلعي ۽ ان جي اوسي پاسي واري سڄي علائقي جو نواب آهيان، پاڻ کي فقط ”مقصود خان“ سڏائيندو آهيان. ان کانپوءِ (چوٿون) نواب ذوالفقار علي خان ۽ پوءِ (پنجون) نواب غلام صديق خان آيو، جنهن بکر جي قلعي جي آخري تعمير ڪرائي (جا ڇهين تعمير هئي) جيئن هيٺين نطم (قطعه) مان ظاهر آهي ته: در زمان شاه عالم دين پناه، خسرو عالم زماهي تا بماه. خا کپايش فخز اورنگ برين، اوج فرقش ربه تاج و کلاه. ميکند گلشن گياه خشک را، لالهء در شوره رويد از نگاه. آتش از دريا برآرد تيغ او، هر کجا انگيخته طوفان سپاه. شاه تيمور آنکه با لطف خدا، باد دائم بر سرش طل الهٰ. ساخته از سر بندهء صديق خان، قلعهء بکهر بحکم بادشاه. چون بخواه سال تاريخش صفا، گو ”بزيبد قلعهء تيمور شاه.“(1192) ترجمو: دنيا جي بادشاه، دين جيپناه گاه جي زماني ۾، جو مڇيءَ کان وٺي چنڊ تائين (يعني زمين کان وٺي آسمان تائين) اري ڪائنات جو بادشاه آهي. جنهن جي پيرن جي پڻي هڪ بلند ترين تخت جي لاءِ فخر جو باعث آهي جنهن جي سر جي بلندي (عظمت) شاهانه تاج جي لاءِ عزت جو سبب آهي. جيڪو سُڪل گاه کي سر سبز باغ م تبديل ڪري ٿو ڇڏي ۽ جنهن جي نظر سان ڪلراٺي زمين ۾ گل لالا پيدا ٿا ٿين. هن جو لشڪر ڪٿي وڃي ڪو طوفان برپا ٿو ڪري، ته هن جي ترار درياء مان به باه جا اولا ڪڍي ٿي ڇڏي. اهو بادشاه تيمور آهي، جنهن جي سر تي شال خدا جي فضل سان هميشه خدا جو سايه رهي. هن بنده صديق خان (انهيءَ)بادشاه جي حڪم سان قلعو نئين سر ٺهرايو آهي. جيڪڏهن توکي هن جي تعمير جو سال معلوم ڪرڻو هجي، ته چؤ ”بزيبد قلعه تيمور شاه“ (تيمور شاه جو قلعو سهڻو ٿو لڳي. هن قطعه جي پوئين مصرعه مان ابجد جي حساب سان 1192هه جو سال ٿو نڪري، جو 1778ع جي مطابق آهي. ان کانپوءِ (ڇهون) نواب صادق محمد خان (ستون) نواب غلام خان (اٺون) نواب موسيٰ خان (نائون) نواب عطائي خان ۽ (ڏهون) نواب مولا داد خان آيا. (هن نواب جو فرزند، جنهن جو نالو دلاور خان هو، وسر جي تعلقي سکر ۾ پٽيدار هو ۽ راقم الحروف کيس پنهنجين اکين سان ڏٺو هو. سندس ٻيو فرزند سمندر خان منهنجو داماد هو، جو هاڻي وفات ڪري ويو آهي. سندس ٻه فرزند غلام رسول خان ۽ غلام سرور خان اڃا تائين هن جا يادگار آهن). ان کانپوءِ (يارهون) نواب مدد خان وغيره آيا. هن يارهين نمبر نواب کي راقم الحروف پاڻ شڪارپور ۾ ڏٺو هو، جڏهن هو پوڙهو ٿي ويو هو. وڏو متقي، زاهد ۽ پرهيز گار هو. سندس وفات کانپوءِ سندس فرزند محمد عمر هن جو يادگار آهي. پڙهندڙن کي اها ڳالهه نه وڻندي، ته هندوستان جي بادشاهن طرفان آيال نوابن جو احوال ته تفصيل سان لکيو ويو، مگر خراسان جي بادشاهن طرفان آيل نوابن جي نالن لکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به تفصيلي احوال بيان نه ڪيو ويو. کين معلوم هجڻ گهرجي ته هندوستان جي بادشاهن جي زماني جا نواب گهڻو ڪري پنج هزاري، چار هزاري ۽ ڪجهه گهٽ يا وڌ منصبن جا مالڪ هوندا هئا. کين وڏا اختيارات حاصل هوندا هئا. حڪومت جي مٿان فوج جي مٿان، مالي معاملن جي مٿان ۽ فوجداري ڳالهين جي مٿان. مگر نا جي برعڪس خراسان جي بادشاهن جا موڪليل نواب رڳو نالي ماتر نواب هئا. يعني قلعدار ۽ فوجدار. انهيءَ ڪري هنن جا هالات تفصيل سان بيان ڪرڻ ضروري نه سمجهيا ويا. جيئن ته نادر شاهه جي بادشاهيءَ جو دور گذري چڪو آهي ۽ هاڻي احمد شاه درانيءَ جو دور ٿو اچي ۽ راقم الحروف به افغان قوم منجهان آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته افغان قوم جي ذاتين جو مختصر احوال لکيو وڃي، ته پڙهندڙن کي آگاهي حاصل ٿئي. تاريخ احمد خواه ٻين معتبر تاريخن مطابق قيس عرف عبدالرشيد، جنهن کي خالد بن وليد سڏيو ويندو آهي. اصل ۾بني اسرائيل مان هو، جنهن جو نسب حضرت يوسف عليه السلام جي حقيقي ڀاءُ ”ابنا يامين“ سان ٿو ملي. عبراني زبان م ابنا يامين اهڙي ٻار کي سڏبو آهي، جنهن جي پرورش پنهنجي ماءُ نه ڪئي هجي. قيس (خالد بن وليد) پيغمبر آخر زمان جي وقت ۾ اسلام جي سعادت سان مشرف ٿيو. کيس ٽي پٽ هئا سرين، مبهين ۽ غرغشت، سرين کي ٻه پٽ ٿيا هڪ شرف الدين عرف ”شير حيوان“ ۽ ٻيو خير الدين عرف ”خير شبون“. شرف الدين کي پنج پٽ ٿيا شيراني، ترين، بهريج، ميانه ۽ اُوتر. ترين کي ابدال پيدا ٿيو. افغان ۽ تربن کيس پنهنجو وڏو سمجهندا آهن. جيتوڻيڪ سندس اصلي نالو ٻيو هو، مگر مسهور ابدال جي نالي سان ٿيو. ابدال کي ٻه فرزند هئا زيرڪ ۽ پنج باء. زيرڪ مان پوپل، الڪو ۽ بارڪ ٿيا. پوپل کي اسماعيل، حسن، بالي، غضب ۽ قلندر پيدا ٿيا. باليءَ کي پنج پٽ ٿيا. صدو، صالح، علي جان، رتڪ ۽ ادرڪ. صدوءَ کي ٻه پٽ ٿيا هڪ خواجه خضر، جو احمد خان جو ڏاڏو هو. پوءِ احمد خان بادشاه پيدا ٿيو. احمد خان جي نسب جو باقي تفصيل موقعي اچڻ تي لکيو ويندو. راقم الحروف ترين قوم مان آهي. مطلب ته احمد خان جو والد محمد زمان خان پنهنجي ننڍي پٽ سان گڏجي ملتان کان هرات ۽ قنڌار پهتو ۽ اتي ابدالي قوم جو سردار ٿيو اتفاقاً احمد خان، نادر شاه جي خدمت ۾ شرف ياب ٿيو. سندس وڏي خدمت ڪيائين ۽ کيس سهڻيون صلاحون ڏنائين هميشهبادشاه جي حضور ۾ رهندو هو. بادشاه هن کان ڏاڍو راضي هو دربار ۾ درباري اميرن ۽ مصاحبن جي موجودگيءَ ۾ چوندو هو مان ايران، توران ۽ هندوستان ۾ احمد شاه ابدليءَ جهڙو سهڻي سيرت ۽ سٺين خصلتن وارو انسان نه ڏٺو آهي. بادشاه کيس پاڻ کان پري نه ڪندو. هڪ ڏينهن نادر شاهه سوني ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ احمد خان پرڀرو ادب سان بيٺو هو. بادشاه حڪم ڪيس ته ”احمد اوري اچ“. احمد خان ٿورو اڳتي وڌيو. نادر شاه وري چيس ته ”اڃا اوري اچ“. جڏهن احمد خان ويجهو ويس ته نادر شاه چيس ته ”مون کانپوءِ بادشاه تون ٿيندين. منهنجي اولاد سان چڱي طرح پيش اچجانءِ“. احمد خان عرض ڪيو ته ”قربان ٿيان، جيڪڏهن حضور جن، غلام کي قتل ڪرڻ ٿا چاهين ته غلام حاضر آهي. باقي انهيءَ باري ۾ ڪجهه به چوڻ جي ضرورت نه آهي،. نادر شاه وري چيس ته ”مونکي يقين آهي ته مون کانپوءِ تون بادشاه ٿيندين. منهنجي اولاد سان چڱو سلوڪ ڪجانءِ ۽ منهنجا حق بجا آڻجانءِ“. نيٺ ائين ئي ٿيو. هن پيشنگوئي کي نادر شاه جي ڪرامت سمجهڻ گهرجي. هونءَ به ”ڪلام الملوڪ، ملوڪ الڪلام“ (بادشاه جو سخن، سخنن جو بادشاه) هوندو آهي. انهيءَ ڪري احمد خان، نادر شاه جي وصيت پنهنجي دل تي نقش ڪري ڇڏي ۽ بادشاه بنجڻ بعد سندس اولاد جي عزت، احترام ۽ خاطر تواضع ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايائين. مشهد مقدس، شاه رخ مرزا ولد رضاقلي مرزا ولد نادر شاه جي اختيار ۾ ڏئي ڇڏيائين. شاه رخ مرزا فاطمه سلطان بيگم بنت سلطان حسن صفويءَ منجهان هو ۽ احمد شاه پاڻ سندس معاون ۽ مددگار ٿي رهندو هو. احمد شاه جو سعادت مند فرزند تيمور شاه به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي، انهيءَ عهد تي قائم رهيو. [1] اها ڳالهه درست نه آهي. مقبرو تعلقي ڏوڪريءَ ۾ آهي. (2) مقبرو هن وقت به صحيح سالم موجود آهي (ن .ب). [2] هيءُ ناموزون مصرعه آهي ۽ نه صحيح ۽ فصيح نثر، بلڪه هڪ مهمل ۽ لغو فقرو آهي ۽ سندس عدد به 1152 نه بلڪه 1167 آهن. (مترجم). [3] پهريون تاريخي مادو بالڪل غلط آهي. ان جا عدد 4261 آهن، نه 1120 (مترتجم). تاريخ احمديءَ ۾ هڪ عجيب و غريب ڳالهه درج آهي.، جا هت لکي وڃي ٿي. احمد شاه جي بادشاه جي لشڪر ۾ آيو. پراڻين اڳڙين مان ننڍڙا تنبو ٺاهي زمين ۾ کوڙيندو هو ۽ چيڪيءَ مٽيءَ مان ننڍڙا گهوڙا ٺاهي تنبن جي اڳيان ٻڌي ڇڏيندو هو. اهڙيءَ ريت ننڍڙن ٻارن وانگر سڄو ڏينهن ويٺو راند ڪندو هو. جڏهن احمد خان (يا احمد شاه) نادر شاه جي سلام تي وڃڻ وقت اتان لنگهندو هو ته درويش کي سلام ڪندو ويندو هو. درويش چوندو هوس ته ”احمد خان! مان توکي بادشاه بنائڻ جي تياريءَ ۾لڳل آهيان“. احمد خنا کي درويش جي انهيءَ ڳالهه تي يقين هو. جنهن ڏينهن بادشاه قتل ٿيو. انهيءَ ڏينهن احمد خان درويش کي ساڻ ڪري لشڪر ۾ ڦهلجندڙ افرا تفري، وٺ پڪڙ ۽ خونريزيءَ کان بچي، قنڌار روانو ٿيو. جڏهن نادر شاه جي لشڪر کان هڪ ٻه منزل پري لنگهي ويو، تڏهن درويش، احمد خان کي چيو ته ”هاڻي تون بادشاه ٿيءُ“. احمد خان چيس ته ”حضرت! مون ۾ نه بادشاهيءَجي لياقت آهي ۽ نه شاهاڻو ساز سامان آهي.“ درويش آلي مٽيءَ مان تخت ٺاهي، احمد خان کي ان تي ويهاريو ۽ چيائينس ته ”هيءُ تنهنجو تخت آهي“، ۽ سائو گاهه کڻي سندس مٿي تي رکيائينس ۽ چيائينس ته ”هيءُ تنهنجو تاج آهي ۽ تون دراني بادشاه آهين“. احمد شاه انهيءَ ڏينهن کان وٺي پنهنجي قوم کي ”دراني“ جي نالي سان مشهور ڪيو، جو اصل ”دوراني“ آهي ۽ پاڻ کي ”احمد شاه دراني“ جي نالي سان موسوم ڪيائين. مطلب ته ظاهر ۾ درويش جي دعا سان،جو ”اوليا اطفال حق اند“ جو مصداق هو ۽ حقيقت ۾ ”تؤئي الملڪ من تشاء و تنزع الملڪ ممن تشاء“ جي امر سان هر طبقي جي ماڻهن هن ڏانهن رجوع ڪيو، جن ۾ اعليٰ ۽ ادنيٰ به هئا ۽ جوان ۽ پوڙها به. احمد شاه قنڌار ۾ شاهي تخت تي جلوه افروز ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو قنڌار جي پراڻي شهر کي ”احمد شاهي“ سڏيو ويندو آهي. ائين ٿو سمجهجي ته نادر شاه جي انتقال کانپوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي حڪومت کي مستحڪم ڪيو ۽ نادر شاه جي پاران مقرر ڪيل نذراني جي ادائگي ۾ دير ڪرڻ لڳو. اگرچه نئين بادشاه کيس ”شاه نواز خاني، جي خطاب سان نوازي و هو ۽ حڪومت جون واڳون به اصلي قول قرار موجب سندس هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون هئائين. نيٺ هڪ دفعي صاحب اقتدار بادشاه احمد شاه پنهنجي سلطنت جي حدن جي ملاحظي خاطر، جو چوندا اهن ته ”رموز مملکت خويش خسروان دانند“، اوچتو سنڌ ۾ اچي وارد ٿيو ۽ سکر کان پل جي رستي لنگهي، جا انهيءَ وقت تيار ڪئي وئي هئي، روهڙيءَ ۾ وڃي تنبو کوڙيائين. ڪن شاعرن سنڌ ۾ سندس اچڻ ۽ دريا جي پل عبور ڪرڻ تي چيو ته (1) فنفخ في الصور ۽ (2) ”دو طوفان اعظم“. هر هڪ فقري مان هجري سال 1167 ٿو نڪري، جو عيسوي سال 45-1753ع جي مطابق ٿئي ٿو.[1] بادشاه جو اوچتو اچڻ ۽ درياء جي مٿان پُل ٻڌڻ هڪ طوفان آهي ۽ (2) ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڀاڄ ۽ سندس وفات ٻيو طوفان آهي. جڏهن بادشاه روهڙيءَ جي ڀرسان هڪ ويران ميدان کي پنهنجي قيام گاه بنائڻ جو شرف بخشيو، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي سج جي تاب کان ڇانوَ ۾ پناه وٺڻ لاءِ ڀڄي وڃڻ کانسواءِ بيو ڪو به چارو نه ڏٺو ۽ جيسلمير جي رستي ۾ حقيقي شهنشاه جي حڪم سان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو. الله تعاليٰ مغفرت ڪريس. انهيءَ سال (1167هه ۾) ميان نور محمد جو فرزند ميان محمد مرادياب خان پنهنجي موروثي مسند تي ويٺو ۽ احمد شاه بادشاه گذريل سالن کان رهيل سومرو شاهي نذرانو وصول ڪرڻ ۽ اڳي کان وڌيڪ ساليانو نذرانو مقرر ڪرڻ بعد کيس ”سر بلند خاني“ جي خطاب سان نوازيو ۽ حڪومت جي سند عطا ڪري، سندس ڀاءُ محمد عطر خان کي رغمال ڪري، پاڻ سان وٺي ويو. راقم الحروف ضروري ٿو سمجهي ته هن بادشاه عالم پناه جي ڪجهه تحريف ڪري. جيتوڻيڪ سندس مختصر تعريف مٿي ڪئي وئي آهي. سندس ٽڪسالي سڪه، جو ملڪ ۾ رائج هو، هن ريت هو: حکم شد از قادر بي چون به احمد بادشاه، سکه زد برسيم ور زر از موج ماهي تا بماه. ۽ سندس سجعون (مُهرون) هيٺينءَ ريت هيون: (1)لله الحُڪمُ ياهو احمد شاه دور دراني يا فتاح. (اها سجع مسور جي صورت ۾ نقش ٿيل هئي). (2) زمين لر زد، زمان خيزد، کشد چون تيغ احمد شاه. مطلب ته بادشاه جي تشريف نيڻ کانپوءِ محمد مرادياب خان ملقب به سر بلند خان سڀني انديشن کان بي فڪر ٿي، ”خدا آباد، نالي هڪ شهر آباد ڪيو ۽ ان کي پنهنجو دارالحڪوم مقرر ڪيائين، جو هن وقت هالا شهر جي ڀرسان اُترينءَ ڪنڊ کان هڪ ويرانو آهي. اتي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا مقبرا آهن ۽ ٻين ماڻهن جون قبرون به، محمد مرادياب خان ”سر بلند خان“ جي لقب م:ڻ سبب پان کي ايڏو سر بلند سمجهڻ لڳو، جو اعليٰ ۽ ادنيٰ جي مٿان ظلم ڪرن شروع ڪري ڏنائين، جنهنڪري عام ۽ خاص ماڻهو هن کان بيزار ٿي پيا ۽ کيس قيد ڪيائون. ڪنهن شاعر انهيءَ واقعي جي باري ۾ هڪ عجيب قطعو چيو آهي، جنهن مان محمد مرادياب خان جي قيد ٿيڻ جو سال ٿو نڪري: به بين کار بد قوم با پير خويش، که کردند با پير مرشد مراد. چو پرسيدم از هاتفي سن بگفت، سرايان فراموش نمک آن نهاد. آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان هجري سال 1170 ٿو نڪري، جو عيسوي سال 1757ع جي مطابق آهي [2]. مؤرخن لکيو آهي ته محمد مراد ياب خان قيد جي حالت ۾ ئي فوت ٿي ويو. انا لله و انا اليه راجعون. محمد مراد ياب خان جي وفات کانپوءِ سندس پنجون نمبر ڀاءُ ميان علام شاه انهيءَ سال (1170هه ۾) پنهنجي لياقت ۽ عام خاص ماڻهن جي ڪوشش سان، بلڪه الله جي حڪم سان هڪمرانيءَ جي مسند تي رونق افروز ٿيو. هن موقعي تي هڪ عجيب چوڻي جا سرائڪي زبان ۾ آهي ۽ اڄ تائين مشهور آهي، ياد ٿي اچي ۽ بي زبان قلم ان جي لکڻ جي جرات ٿو ڪري، يعني ”گُلان وچون گل پيدا تهيا، کچه کهليا هي، کچه کهلسي“. اهو اشارو آهي ميان غلام شاه جي والده ڏانهن جا ”گلان، نالي هڪ طوائف هئي. هن چوڻيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته ”گلان منجهان هڪ گل پيدا ٿيو، جو ڪجهه ٽڙيو اهي ۽ ڪجهه نڙندو.“ ميان غلام شاه ڏاڍي سهڻي نموني حڪومت هلائي. اگرچه پنهنجن ڀائرن جي شورش جي ڪري بار بار ڪڇ ۽ ڪن ٻين ملڪن ۾ وڃي رهڻو پوندو هوس، پر جيئن ته وڏو عقلمند ۽ ڊگهي نظر وارو هو، تنهنڪري پنهنجي حڪومت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. 1171هه مطابق 1758ع ۾ انگريز واپارين کي وڏي خوشيءَ سان ٺٽي ۾ واپار جي اجازت ڏنائين. 1172هه مطابق 1759ع ۾ ”شاهپور“ نالي هڪ شهر تعمير ڪرائي، ان کي دارالحڪومت بڻايائين، جو تعلقي سڪرند ۾ هن وقت هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. 1175هه مطابق 1761ع ۾ خراسان جي بادشاه احمد شاه کي ڪي منجهيل ۽ اهم ڪم حل ۽ مڪمل ڪري، اهڙو راضي ڪيائين، جو کيس ”شاه وردي خان“ جو لقب عطا ڪيو ويو ۽ ڪي تحفا به ڏنا ويا. ميان غلام شاه جي حڪومت ڏينهون ڏينهن ايتريقدر مستهڪم ٿيندي وئي، جو نيٺ سندس ڀائر ۽ ٻيون قومون جن شرارت تي سندرو ٻڌو هو، بلڪل ڪمزور ٿي ويون ۽ آڻ مڃي، سندس فرمانبدار بڻجي پيون. پنهنجي ذاتي شجاعت سان سنڌ جي پاڙيسري حاڪمن جهڙوڪ ”ڪُڇ ڀُڄ“ جي راءِ کان 77- 1176هه مطابق 63-1762ع ۾ ”بست“ ۽ ”لکپت“ جا بندر زوريءَ کسي، پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪري ڇڏيائين ۽ ساڻس داماديءَ جي نسبت به قائم ڪيائين يعني کانئس ڌيءَ جو سڱ ورتائين). بهاولپور جي نواب بهاول خان دائود پوٽي کان اُچ جو شهر ۽ سبزل ڪوٽ جو قلعو وٺي سنڌ ۾ شامل ڪيائين. اهڙيءَ ريت ڪراچي ۽ ان جي اوسي پاسي وارو علائقو خان قلات جي قبضي مان ڪڍي، پنهنجي قبضي ۾ آندائين. سنڌ جي حڪومت جي انهيءَ توسيع سبب 1178هه مطابق 1764ع ۾ احمد شاه ابدالي کيس ”صمصام الدوله“ جو خطاب ڏنو ۽ ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان جو انتظام به سندس حوالي ڪيائين. از انسواءِ ميان غلام شاه 1182هه مطابق 1768ع ۾ حيدرآباد ۾ جو اصل ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، قلعو تعمير ڪرايو ۽ هڪ سهڻي ۽ مضبوط شهر پناه (فصيل) ٺهرائي، حيدرآباد کي پنهنجي دارالحڪومت بڻايائين. اهو قلعو اڃا تائين قائم آهي ۽ شهر به اونئين ئي آهي، بلڪه ان کان به خوش منظر آهي. مؤرخن جو چوڻ اهي ته ميان غلام شاه واري قلعي جي ڀرسان ٻيو به هڪ ننڍڙو قلعو هو، جو هڪ ولي الله سيد مڪي رحمة الله عليه جو تعمير ڪرايل هو. جيئن ته اهو قلعو ميان غلام شاه جي قلعي کان گهڻو بلند نظر ايندو هو، انهيءَ ڪري 1185هه مطابق 1771ع ۾ ان کي ڊهرائي ڇڏيائين. سيد محمد مڪيءَ جي مقبري ۽ سندس قلعي جي تاريخ هيٺين بيتن مان نڪري ٿي ۽ اهو پتو به پوي ٿو ته اهو قلعو ميان غلام شاه واري قلعي کان اڳ جو هو: ز عزت بنا يافت خوشهائ منظر، که از فيض حق مي زند موجد نور. بهشت آستان بوس خدام او، ز خاک درش سرمهء چشم حور بجستم ز دل سال تعمير او، بگفتا خريد ”زيب بزم حضور“. ترجمو: هيءُ قلعو جو عزت ۽ احترام سان تعمير ٿيو آهي، خوبصورت آهي، جو ان جي خدادا خوبصورتيءَ مان نور جا شعاعُ ڦٽي ٿا نڪرين. بهشت، قلعي جي خدمتگارن جي چانئٺ ٿو چمي ۽ سندس دروازي جي مٽيءَ کي حورون پنهنجين اکين ۾ سرمو ڪري ٿيون وجهن. پنهنجي دل کان سندس تعمير جو سال پڇيم، ته عقل جواب ڏنو ته ”زيب بزم حضور“ (حضور جي ڪچهريءَ جو سينگار). آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان قلعي جي تعمير جو سال 1083 هجري ٿو نڪري [3] جو 1771 عيسويءَ جي مطابق آهي. عام ماڻهن جي روايت موجب جڏهن ميان غلام شاه جهڙي ڪم آزار ۽ نيڪ خصائل حڪمران جي هٿان اهل الله جي مقبري ۽ قلعي جي باري ۾ اهڙي بي ادبي سر زد ٿي، ته انهيءَ ئي رات لقوي، فالج ۽ غشيءَ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ نيٺ 1186 هه مطابق 1772ع ۾ سندس روح جو پکي جسم جي پڃري مان پرواز ڪري ويو. ڪنهن شاعر سندس وفات جي تاريخ ڪهڙي نه چڱي چئي آهي ”جنات فيها خالداً“. جنهن مان ابجد جي حساب موجب مٿي ڄاڻايل سال نڪري ٿو. بيشڪ، اهو هڪ اهل الله جي غيرت جو اثر آهي. انسان جي لاءِ اولياء الله کان ڊڄڻ بهتر آهي. انهيءَ اهل الله جو مقبرو اونئين ئي قائم آهي اعليٰ ۽ ادنيٰ جوانن ۽ پوڙهن لاءِ زيارتگاه آهي. هميشه ذوالحج جي 9 تاريخ وڏو اجتماع ٿيندو آهي ۽ پري پري کان ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. ميان غلام شاه کي هڪ جدا مقبري ۾ دفنايو ويو جو حيدرآباد شهر جي اُتر ۾ آهي ۽ عام خاص ماڻهن جي لاءِ زيارگاه آهي. ميان غلام شاه جو فرزند ميان محمد سرفراز انهيءَ سال 1182هه مطابق 1772ع ۾ پنهنجي موروثي مسند تي جلوه افروز ٿيو. مگر حڪومت جي ڪاروبار جي سر انجاميءَ ۾ پنهنجي والد جي طريقي جي خلاف هلڻ لڳو. بادشاهه احمد شاه دراني 1187هه مطابق 1773ع ۾ هن فاني دنيا مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو. هڪ شاعر سندس وفات جي تاريخ هن مصرعه مان ڪڍي آهي: ز دنيائ دون شاه رحلت نمود پوءِ احمد شاه جو وڏو فرزند تيمور شاه تحت نشين ٿيو. انهيءَ به ميان سرفراز خان کي ”خدايار خان“ جي خطاب سان سرفراز ڪيو. تيمور شاه جي سجع هيئن هئي. حَکَم شد از عنايات الٰهي، بعالم دولت تيمور شاهي. ۽ سندس ٽڪسالي سڪه هيءُ هو: چرخ مي آرد طلاء و نقره از خورشيد و ماه، تا زنده بر چهره نقش سکهء تيمور شاه. ميان محمد سرافرز خان جيتوڻيڪ پنهنجي والد جي روش جي خلاف گهڻائي ڪم ڪيا، مگر هت چند ڳالهيون بيان ڪيون ٿيون وڃن: 1- پنهنجي وڏي وزير مير بهرام خان ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان کي بنا ڪنهن سبب جي شهيد ڪرائي ڇڏيائين. ڪنهن شاعر مير بهرام خان جي شهادت جي تاريخ هيٺين قطعه جي آخري مصرعه ڪڍي آهي: زهي مير بهرام، بهرام رزم، که عزمش سر نيزه بر ماه زده ببازيچه در عرصه گاه نبرد، اگر رخ زدي، بر رخ شاه زدم. و گر نه کجا پيچدا اهل خرد، که با شير سر پنجه روباه زد. و ليکن چو تقدير بود اينچنين، قضا از قضا تيخ ناگاه زد. بسال وصالش ملک بر فلک، بگفتا ”بفردوس خرگاه زد“. ترجمو: مير بهرام خان واه جو (بهادر) هو. ميدان جنگ ۾ ڄڻ بهرام گور. سندس حوصلو ايڏو بلند هو، جو پنهنجي نيزي جي چهنب چنڊ (جي سيني) ۾ چڀائيندو هو. راند کيڏڻ وقت ميدان جنگ ۾ (شطرندج جي بساط تي) جيڪڏهن رخ (ڳوٽ) هڻندو هو، ته شاه (ڳوٽ) جي منهن تي هڻندو هو (يعني ايڏو عالي ظرف هو جيو راند ۾ به ”پيادي“ (ڳوٽ) ڏانهن متوجه ٿيڻ بدران، شاه ڏانهن توجه ڏيڻ پسند ڪندو هو). دارصل ڪو سمجهه وارو ماڻهو هن سان هٿ اٽڪائڻ پسند نه ڪندو هو ۽ ائين سمجهيو ويندو هو ڄڻ لونبڙيءَ شينهن سان هٿ اٽڪايو آهي. پر جيئن ته تقدير ائين هئي، تنهنڪري قضا قدر وارن اوچتو از غيبي ترار وهائي ڪڍي. فراشتي آسمان تان سندس وصال جو سال ٻڌايو ته ”بفردوس خرگاه زد“ (بهشت ۾ وڇي تنبو کوڙيائين). انهيءَ فقري مان هجري سال 1189هه نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1775ع جي مطابق آهي. کيس نئين خدا آباد ۾ دفنايو ويو، جا هالن جي ڀرسان آهي. نيٺ ميان سرفراز جي اهڙين حرڪتن سبب وڏي شورش برپا ٿي ۽ سڀني ماڻهن يڪراءِ ٿي، کيس انهيءَ ئي سال قيد ڪيو ۽ سندس ڀاءُ محمد خان کي گاديءَ تي ويهاريائون. ميان سرفراز قيد جي حالت ۾ فوت ٿي ويو. محمد خان ميان غلام شاه جو ٻيو نمبر فرزند 1189هه مطابق 1775ع ۾ سنڌ جي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. مگر حڪمرانيءَجي معاملن کان بي خبر هو، جنهنڪري کيس انهيءَ ئي سال برطرف ڪيو ويو. پوءِ ميان نور محمد جو فرزند ۽ ميان غلام شاه جو ڀاءُ ميان غلام نبي 1189هه مطابق 1775ع ۾ اميرن ۽ معتبر ماڻهن جي صلاح سان گاديءَ تي ويٺو ۽ حڪومت جو ڪاروبار نهايت ئي خبرداريءَ سان سر انجام ڪرڻ شروع ڪيائين پر هن جي دل ۾ سخت شڪ پيدا ٿيو ته متان ٽالپر سردار کانئس مير بهرام خان شهيد جي خون جو انتقام نه وٺن. آخر هيئن ٿيو جو 1190هه مطابق 1777ع ۾ جڏهن مير بجار خان بيت الله جي زيارت ڪرڻ بعد مڪه معظمه کان سنڌ ۾ واپس آيو ته بلوچ ۽ ٻيا ماڻهو (غير بلوچ) گڏجي، ميان غلام نبيءَ انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو ۽ سندس لاس حيدرآباد ۾ آڻي، سندس ڀاءُ ميان غلام شاه جي ڀرسان دفنايو ويو. انا الله و انا اليه راجعون. ميان غلام نبيءَ جو ڀاءُ ميان عبدالنبي پنهنجي شهيد ڀاءُ جي وصيت ۽ اميرن جي صلاح سان، بلڪه خود مير بجار خان ٽالپر جي مشوري سان 1191هه مطابق 1778ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. مگر حڪومت جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خاندان (ڪلهوڙا گهراڻي) جي انهن ماڻهن کي، جي حڪومت جا خواهشمند هئا، اول قيد ڪيائين ۽ پوءِ کين قتل ڪرائي ڇڏيائين. اهي مقتول هئا ميان علام شاه جا پٽ ميان محمد سرفراز خان، ميان محمد خان ۽ ميان عطر خان جو ننڍو ڀاءُ ميان محمود خان. انهيءَ موقعي تي هڪ سال جي اندر ڪُل پنج ڄڻا شهيد ٿيا هئا، جن ۾ ميان غلام نبي به شامل هو، جو اڳ ۾ ئي مير بجار خان جي هٿان جنگ ۾ مارجي ويو هو. ڪنهن شاعر سندن قتل تي ڏاڍي سهڻي مصرعه چئي آهي: ”از گل باغ عباسي پنج کم“. هن مصرعه ۾ شاعر صنعت ايهام کان ڪم ورتو آهي. ”عباسي“ هڪ مشهور گل جو نالو آهي ۽ سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران به عباسي هئا. هن خاندان جا پنج ڄڻا قتل ٿي ويا هئا. جيڪڏهن ”گل باغ عباسي“ جي فقري مان، جنهن جا عدد 1196 آهن، پنج عدد گهٽ ڪبا، ته 1191 بچندا، جو انهن پنجن ڄڻن جي شهادت جو هجري سال آهي ۽ عيسوي سال 1778ع جي مطابق. ميان عبدالنبي پنهنجن عزيزن کي قتل ڪرائڻ کانپوءِ ڏاڍي تسلي ۽ تشفيءَ سان حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ افغانستان جي بادشاه جو نذرانو جو ڪلهوڙا گهراڻي جا حڪمران سالها سال ادا ڪندا هئا، وساري ڇڏيائين. جنهن ڪري 1192هه مطابق 1779ع ۾ شاهي ڏن نه ڏيڻ سبب يا سنڌ جي حڪومت جي دعويدار عزت خان جي فرياد تي، افغانستان جي بادشاه، محفوظ خان جي سپه سالار ئي هيٺ سنڌ تي وڏو لشڪر چارهي موڪليو. ميان عبدالنبي به نهايت ئي رعب ۽ دٻدٻي سان پنهنجي وزير اعظم مير بجار خان کي ساڻ ڪري، افغان لشڪر سان دوبدو ٿيڻ لاءِ شڪارپور ۾ اچي سهڙيو. عزت ۽ ذلت يا فتح ۽ شڪست جيئن ته الله جي طره کان آهي ۽ وڏي يا ننڍي سلطنت تي منحصر نه آهي، تنهنڪري قدرت، فتح جو جهنڊو ميان عبدالنبيءَ جي طرف کان بلند ڪيو. جيتوڻيڪ بعد ۾ بادشاه تيمور جي طرفان هڪ ٻئي پٺيان گهڻو ئي لشڪر ايندو رهيو. مگر ميان عبدالنبي ۽ سندس اميرن پنهنجين خطائن جي معافي وٺي ۽ شاهي نذرانو ڏئي، پنهنجا پلوَ آجا ڪري ڇڏيا ۽ پوءِ پوري اطمينان سان حڪومت جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويو. تاهم ميان عبدالنبي، مير بجار خان جي حشمت، دانائي ۽ سياستدانيءَ کان اندر ئي اندر ڊڄندو رهيو ته مان ڪنهن وقت وجهه وٺي کيس قتل نه ڪري. انهيءَ ڪري جوڌپور جي راجا وٽان جلاد گهرائي، کيس پنهنجين اکين اڳيان ڪُهائي ڇڏيائين. ڪنهن شاعر سندس شهادت جي تاريخ هيٺين ريت چئي آهي: از سر افسوس گفتا هاتفم، ”مير شد از جمدر هندو شهيد. ترجمو: (مون کي غيب جي فرشتي افسوس سان ٻڌايو ته ”مير بجار خان هڪ هندوءَ جي خنجر سان شهيد ٿيو.“) (”افسوس“ جي الف جو عدد ٻي مصرعه جي عددن سان شامل ڪبو). ٻي تاريخ هيءَ آهي: ”بمحفل شهدا جلوه کرد مير بجار“ (مير بجار شهيدن جي محفل ۾ وڃي جلوه افروز ٿيو). ٻنهي تاريخن مان هجري سال 1194 نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1780 جي مطابق آهي. نيٺ ميان عبدالنبيءَ انهيءَ انديشي (مير بجار جي قتل جي انتقام جو انديشو) جي ڪري قلات ويو ۽ اتان مدد وٺي آيو، مگر اميرن سندس غير حاضريءَ ۾ ميان صادق علي ولد ميان غلام حسين ڪلهوڙي کي سنڌ جي گاديءَ تي ويهاريو پر ميان عبدالنبي قلات جي خان، بهاولپور جي نواب ۽ سردار مدد خان جي مدد سان ٻيهر گاديءَ تي ويٺو. جيڪڏهن پڙهندڙ ناگوار نه سمجهن ته سردار مدد خان ۽ سندس لشڪر جي ظلم و ستم جو مختصر احوال بيان ڪيو وڃي. سنڌ ۾ سندس اچڻ جي تاريخ هن مصرعه مان ظاهر آهي: اي داد، از بي داديءِ ظالم منحوس. ابجد جي حساب موجب ان مان هجري سال 1194 ٿو نڪري جو عيسوي سال 1780 جي مطابق آهي. غور ڪرڻ گهرجي ته جنهن جي بسم الله (ابتدا) ئي انهيءَ عنوان سان ٿي ٿئي، ته سمجهڻ گهرجي ته جيڪو شخص عمرڪوٽ تائين منزل بمنزل وڃي پهتو هوندو، انهيءَ شخص ڦر لٽ، تباهي، بربادي ۽ غريبن جي گهرن ۽ جهوپڙين کي باهين لڳائڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪيو هوندو. هن جي لشڪر جا بي لغام گهوڙا روزانو محض ڦر لٽ لاءِ بي ڌڙڪ گهمندا ڦرندا وتندا هئا. اعليٰ ۽ ادنيٰ ۽ جوان ۽ پورها هن جي ظلم و ستم کان بيزار هئا ۽ ڊڄندا رهندا هئا. مطلب ته مدد خان جي اچڻ تي سنڌ ۾ ايڏي ڦر لٽ، خونريزي، خرابي ۽ ويراني ٿي جو ان جو مختصر احوال لکبو ته هڪ داستان تيار ٿي ويندو پر جيئن ته هيءُ ڪتاب ”لُب تاريخ“ (تاريخ جو خلاصو) جي نالي سان موسوم آهي ۽ مان جيئن ته پڙهندڙن کي ڪنڊا چڀائڻ (ذهني اذيت ڏيڻ) مناسب نه ٿو سمجهان، تنهنڪري ٻن چئن سٽن لکڻ ۽ هڪ شاعر جي هن شعر کي قلمبند ڪرڻ تي اڪتفا ٿو ڪريان: چنان هول درملک سند اوفتاد که هول قيامت بداده بياد (يعني سنڌ ۾ اهڙو هراس پيدا ٿيو جو قيامت جو دهشتگردي ياد اچي وئي). پڙهندڙن کي چڱي طرح معلوم آهي ته سنڌ جا باشندا ڪنهن مصيبت اچڻ وقت پوءِ قدرت جي طرفان هجي، خواه ڪنهن دنيوي حڪومت جي طرفان، دانهن ڪندا آهن ته ”گهوڙا، گهوڙا“ يا ”گهوڙا ڙي گهوڙا“. اها علامت آهي مدد خان جي لشڪر جي، جنهن جا گهوڙا هر شهر، هر ڳوٺ، بلڪه گهر گهر ۾ گهڙندا ڦر لٽ ڪندا وتندا هئا. ماڻهو انهن گهوڙن کي ڏسي، ”گهوڙا، گهوڙا“ چون لڳندا هئا ۽ اهڙي ريت ڄڻ ٻين کي به اطلاع ڏيندا هئا ۽ پوءِ وٺي ڀڄندا هئا. نيٺ اها دانهن هر ڪنهن جي زبان تي چڙهي وئي ۽ اڄ تائين چڙهيل آهي. راقم الحروف ڪيترائي ملڪ گهميو آهي مثال طور خراسان، ايران، عرب، بلوچستان، پنجاب، هندوستان، مڪران، دکن، ڪوڪن، ڪاٺياواڙ، ريگستان (ڪڇ جو علائقو)، مارواڙ ۽ گجرات وغيره. مگر مان ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جي واتان اهڙي دانهن به ٻڌي آهي. هر ملڪ جون رسمون الڳ آهن (ٻين ملڪن ۾ اهڙن موقعن تي ٻيا الفاظ چيا ويندا هوندا). مون کي هن موقعي تي هڪ عجيب ڳالهه ياد ٿي اچي.1285هه مطابق 1868ع ۾ جڏهن مان سنڌ جي ڪمشنر جناب مينفيلڊ صاحب ۽ ڪن ٻين معززن سان گڏجي ڪن خاص خدمتن جي بجا آوريءَ جي سلسلي ۾ دارالسلام بغداد پهتس ۽ اتي درگاه فلڪ پايگاه غوث الاعظم حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني قدس الله سره العزيز جي زريارت فيض بشارت جي سعادت حاصل ڪيم ته انهيءَ موقعي تي حضرت صاحبزاده والاتبار مرحوم پير مصطفيٰ شاه آفنديءَ جي قدم بوسيءَ جو شرف به نصيب ٿيو جو انهيءَ زماني ۾ عالي جناب مولانا و مڪرمنا و معززنا حضرت مرحوم سيد علي شاه جي مسند امجد تي رونق افروز هو ۽ انهيءَ وقت صاحبزاده موصوف جي عمر يارهن ورهين کان زياده نه هئي ۽ سندس گهڻو توجه، نه نه، غلط لکيم، بلڪه سندس لطف ۽ ڪرم افغانستان، هندوستان، ۽ انهن کان به زياده پنجاب ۽ سنڌ جي ماڻهن تي هو. قدمبوسيءَ کانپوءِ تعارف ڪرائڻ وقت جڏهن صاحبزاده صاحب کي منهنجي باري ۾ معلوم ٿيو ته مان سنڌ کان آيو آهيان، ته مُرڪي فرمايائين ته ”منشي! مون کي تنهنجي ملڪ جي ٻولي ايندي آهي ”گهوڙا ڙي گهوڙا“. مون عرض ڪيو ته ”امنا و صدقنا. اها ڳالهه درست آهي. بيشڪ، سنڌ جي باشندن جي ٻولي اها ئي آهي.“ اها به علامت آهي، انهيءَ سردار مدد خان جي، جا سنڌ جي باسندن جو تڪيهء ڪلام بڻجي وئي آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪم سان ڪنهن پاسي تڪڙو ويندو آهي يا ڪنهن سختيءَ کان ڀڄندو يا ڊڄندو آهي ته ٻيا ماڻهو طعني طور چوندا اٿس ته ”ايڏو ڀڄين ڇو ٿو يا ڊڄين ڇو ٿو، ”مدد“ پٺيان پيو اٿئي ڇا؟“. هن ڇڙواڳ شخص (مدد خان) جي وڃن بعد هڪ شاعر چيو ته ”بشر بود رفت“ [4] انهيءَ جملي مان هجري سال 1194 نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1780 جي مطابق اهي. مدد خان بي اولاد فوت ٿيو ۽ پٺيان ڪو به ڪو نه بچيس. ميان عبدالنبي جيتوڻيڪ سردار مدد خان ۽ ٻين نوابن جي مدد سان گاديءَ تي ويٺو پر 1197هه مطابق 1786ع ۾ وجهه وٺي، مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان ٽالپرن کي، جي ٻئي معزز انهيءَ وقت ميان عبدلانبيءَ وٽا هئا، مير بجار خان وانگر مارائي ڇڏيائين. ٽالپرن، ٻين بلوچن ۽ انهيءَ وقت جي سردارن جي خون ناحق جي ڪري جوش ۾ اچي، لشڪر ۽ ٻيو ساز سامان گڏ ڪري، ميان عبدالنبيءَ سان جنگ ڪئي. انهيءَ وقت لشڪر جا سردار مير فتح علي خان، مير سهراب خان ۽ مير ٺارو خان هئا، جي هم قوم، هم ذات، بلڪه هڪ ڏاڏي جو اولاد هئا. هالاڻيءَ جيجنگ ۾ ميان عبدالنبيءَ کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيائون. ميان عبدالنبي قلات جي خان ۽ افغانستان جي بادشاه تيمور شاه وٽ التجا کڻي ويو. مگر سنڌ جي گاديءَ تي ويهي نه سگهيو ۽ 1193هه مطابق 1779ع جو سڄو سال ڀڄندو رهڻ ۽ التجائن ڪرڻ ۾ گذاري، راه رباني وٺي ويو. الله جي مرضي اها هئي، جا پوري ٿي. هر ڪنهن کي واري واري سان عزت ۽ بادشاهي نصيب ٿيڻي آهي، جيئن هڪ شاعر چيو آهي: درين نوبت گه صورت پرستي، زند نوب بنوبت کوس هستي. اگر عالم يه يک دستور ماندي، بسي انوار گان مستور ماندي. زمستان از چمن بارانه بندد، زتاثير بهاران گل نه خندد. ترجمو: دنيا جي هن نقارخاني ۾ هر شخص واري واري سان پنهنجي موجودگيءَ جو ڏونڪو هڻي ٿو. جيڪڏهن دنيا هڪ حال تي قائم رهي ها، ته گهڻائي عجائبات پوشيده رهجي وڃن ها. جيڪڏهن سيارو باغ مان ڪُوچ ڪري، هليو نه وڃي ها ته بهار جي اثر سبب گل نه ٽڙن ها. ٻارهون طبقو ٽالپرن جي حڪومت 1199هه مطابق 1784ع کان ٽاله پورن (عرف ٽالپرن) جي قوم، بلوچ قومن جي گهڻين شاخن مان هڪ شاخ آهي. بلوچن جي چوڻ موجب، هو حضور رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي حضرت امير حمزه رضي الله تعاليٰ عنه جي نسل مان آهن ۽ ائين معلوم ٿو ٿئي ته هندوستان جي شهنشاه محمد اڪبر جي زماني ۾ 995هه مطابق 1856ع ڌاري حلب (شام) ۽ ٻين عرب ملڪن کان بلوچستان ۾ آيا ۽ اتي رهائش اختيار ڪيائون. هنن جي رهائش جي ڪري اهو ملڪ بلوچستان سڏجڻ لڳو. بلوچ اڃا تائين بلوچستان جي اندر وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. اتان سنڌ ۾ به آيا ۽ بلوچستان جي ويجهن علائقن ۾ به وڃي سڪونت پذير ٿيا ۽ مختلف ڌنڌن جهڙوڪ نوڪري ۽ پوک ۾ مشغول ٿي گذارو ڪرڻ لڳا. ”ٽاله“ نالي هنن جو هڪ وڏو ٿي گذريو آهي. ”پُور“ عجمي (فارسي) زبان ۾ پٽ کي سڏبو آهي. ”ٽاله پور“ ڪثرت استعمال سبب ”ٽالپر“ ٿيو آهي. ٽالپر قوم به گهڻين ئي شاخن ۾ تقسيم ٿيل آهي. مان ٻين کي ڇڏي، صرف انهن ٽالپرن جو زڪر ٿو ڪريان، جن سنڌ ۾ حڪومت ڪئي ۽ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ حڪمران ٿي رهيا. انهن ٽنهي خاندانن جو وڏو ”ڪڪو خان“ عرف سليمان خان هو. اگرچه هن کي اَٺ پٽ هئا، پر منهنجو واسطو هن جي فقط ٻن پٽن نمبر پهريئن ۽ نمبر ٽئين سان آهي. تنهنڪري مان سندس ٻين پٽن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ بدران، فقط انهن ٻنهي جي باري ۾ ٿو لکان. پهرئين جو نالو ”هوتڪ خان“ هو ۽ ٽئين جو نالو ”ماڻڪ خان“. پهريائين مان هوتڪ خان جي متعلق لکڻ مناسب ٿو سمجهان. هوتڪ خان جي اولاد مان حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن جو خاندان وجود ۾ آيو. هوتڪ خان کي شهداد خان نالي هڪ نامور فرزند هو. جنهن شهدادپور جو شهر تعمير ڪرائي آباد ڪيو. هو 1147هه مطابق 1734ع ۾ هن فاني دنيا مان عالم جاوداني ڏانهن راهي ٿيو ۽ شهدادپور ۾ دفنايو ويو. اگرچه شهداد خان کي ٻيا پٽ به هئا، مگر مون کي فقط سندس بن پتن مير چاڪر خان ۽ مير بهرام خان جو ذڪر ڪرڻو آهي. پڙهندڙن کي معلوم هجڻ گهرجي ته ميرن جو خيرپور وارو خاندان پهريائين ”شهداداڻي“ سڏبو هو ۽ پوءِ ”چاڪراڻي، جي نالي سان مشهور ٿيو. اهو چاڪر خان هڪ نامور زميندار هو، جنهن جو کوٽايل واه ”چاڪر واه“ جي نالي سان اڇا تائين تعلقي شهدادپور ۾ مشهور ۽ موجود آهي، مير بهرام خان اهو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪلهوڙن جي احوال ۾ ڪيو ويو ۽ جيڪو 1189هه مطابق 1775ع ۾ ميان محمد سرفراز خان جي ڪوشش سان شهيد ٿيو هو. سندس تعريف ۽ تعارف به مٿي ڪرايو ويو آهي. مير بهرام خان کي به ڪيترائي پٽ هئا. مگر حيدرآباد جي ميرن جو خاندان سندس بئي نمبر پٽ مير صوبدار خان کان شروع ٿئي ٿو، جنهنڪري اهو ضروري نظر ٿو اچي ته هن جو احوال بيان ڪيو وڃي. اهو مير صوبدار خان اهو آهي، جو پنهنجي والد جي شهادت وقت شهيد ٿيو ۽ ٻئي پيء پٽ نئين خدا آباد ۾ دفنايا ويا. مير صوبدار خان کي چار پٽ هئا. پر پهريائين سندس وڏي پٽ مير فتح علي خان جو نالو لکيو ٿو وڃي جو سنڌ جو فاته هو. سندس ٻين پٽن جا نالا مناسب موقعي تي لکيا ويندا. مير چاڪر خان ولد مير شهداد خان کي اگرچه ڪيترائي پٽ هئا، مگر هن جو نامور پٽ مير سهراب خان هو، جو فاتح سنڌ مير فتح علي خان جو ساٿي هو. هاڻي ڪڪي خان جي تئين نمبر پٽ ماڻڪ خان جوا حوال لکڻ ضروري اهي. ماڻڪ خان کي جيتوڻيڪ ڪيترائي پٽ هئا، ۽ ميرپورخاص جي ميرن جو خاندان به ”ماڻڪاڻي“ جي نالي سان مشهور آهي، مگرمون کي سندس وڏي پٽ مير الله يار خان جو ذڪر ڪرڻو آهي، انهيءَ ڪري بين جو ذڪر ترڪ ڪيو ٿو وڃي. الله يار خان کي به ڪيترائي پٽ هئا، مگر منهنجي پيش نظر سندس وڏو پٽ مير مسو خان آهي. مير مسو خان کي به ڪيترائي پٽ هئا، مگر مون کي سندس وڏي پٽ مير فته خان جو ذڪر ڪرڻو آهي. اهڙيءَ ريت مير فتح خان کي به ڪيترائي پٽ هئا، مگر سنڌ جي فتح ۾ سندس بئي نمبر پٽ مير ٺاري خان بهرو ورتو هو. اميد آهي ته پڙهندڙن کي سنڌ جا ٽئي فاتح مير فتح علي خان، مير سهراب خان ۽ مير ٺارو خان چڱي طرح معلوم هونداو. وڌيڪ وضاحت لاءِ سندن نسب جو شجرو ڏنو وڃي ٿو. سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو مختصر شجرو ڪڪو خان يا ڪڪه خان عرف سليمان خان ٽالپر ۽ سندس پٽ پهرين هوتڪ خان ٽيون ماڻڪ خان مير شهداد خان مير الله يار خان مير چاڪر خان (کيس پنج پٽ هئا) مير بهرام خان مير مسو خان مير سهراب خان (فاتح سنڌ جو پهرين نمبر ساٿي) مير صوبدار خان مير فتح خان مير فتح علي خان (سنڌ جو پهريون فاتح) مير ٺارو خان (فاتح سنڌ جو ٻيو نمبر ساٿي). پڙهنڊرن مٿين شجري مان، جو مختصر هجڻ جي باوجود بالڪل واضح آهي، سنڌ جي حڪمرانن جي هڪ ٻئي سان ويجهي مائٽي، هڪ ذات، بلڪه هڪ ئي ڏاڏي جي اولاد هجڻ جو اندازو لڳائي سگهن ٿا. مطلب ته ٻئي سردار پاڻ ۾ يڪراءِ ٿي (جي اڪثر شهدادپور تعلقي ۾ رهندا هئا ۽ ڪي نئين خدا آباد ۾) پنهنجن وڏن (مير بجار خان، مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان) جي قتل جو انتقام وٺڻ لاءِ پوري جوش خروش سان تيار ٿيا ۽ سڀني بلوچن ۽ ٻين قومن کي به پاڻ سان شامل ڪري، ترار جي زور سان سنڌ تي قبضو ڪيائون. ميان عبدالنبي ڪلهوڙو 1198هه مطابق 1783ع ۾ ڀڄي جوڌپور هليو ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس اولاد اڃا تائين جوڌپور ۾ آهي ۽ اتي ”سنڌ جا صاحبزادا“ جي نالي سان مشهور آهي. پنجاب ۾ به ڪي جاگيردار ۽ زميندار ڪلهوڙن جو اولاد سڏبا آهن. مٿي ڄاڻايل مير صاحبن سنڌ تي قبضو ڪرڻ بعد ڪابل جي بادشاه تيمور شاه کان پراڻي دستور موجب اول شاهي نذرانو ادا ڪري پوءِ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو حاصل ڪيو ۽ ان کانپوءِ 1199هه مطابق 1784ع ۾ سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهايائون، جن مان چار حصا مير فتح علي خان کي سندس ڀائرن ۽ ٻين بلوچن سميت ڏنائون ٻه حصا مير سهراب خان کي ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان جي حوالي ڪيائون ۽ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ مسند نشين ٿي، حڪومت هلائڻ لڳا. ڪابل جي بادشاه جو نذرانو حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جا حڪمران گڏجي ادا ڪندا هئا ۽ خيرپور جو حڪمران جدا ادا ڪندو هو. نيٺ خراسان جي بادشاه ۽ خراسان جي اميرن جي وچ ۾ بي اتفاقي پيدا ٿيڻ سبب، ڳچ عرصي بعد سنڌ جي ميرن شاهي نذراني موڪلڻ جو سلسلو بند ڪيو ۽ سندن پويان خودمختار ۽ آزاد بنجي پيا. جڏهن 1207هه مطابق 1792ع ۾ بادساه تيمور 23 سالن جي بادشاهي ۽ حڪمراني کانپوءِ هن فاني دنيا مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو ته سندس ٽيون نمبر فرزند شاه زمان انهيءَ ئي سال 23 سالن جي عمر ۾ پنهنجي موروثي تخت ۽ تاج جو وارث بڻيو ۽ پنهنجي والد وانگر سنڌ جي والين سان سهڻي نموني سان هلندو رهيو. سندس سڪه تي هيءُ شعر منقش هو. طرز يافت به حکم خدائيء هر دوجهان، رواج سکئه دولت بنام شاه زمان. ۽ سندس سجع هن ريت هئي: قرارداد ز الطا خويشتن يزدان، نگين حکم جهان را بنام شاه زمان جيڪڏهن پڙهندرن کي ناگوار نه لڳي ۽ پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪرڻ پسند ڪن، ته سندس والده صاحبه جي سجع، جا نهايت ئي دلڪش اهي، هت درج ڪئي وڃي: سپهر رشک برد از بلنديءَ جاهم، کنيز فاطمهء و مادر زمان شاهم ترجمو: منهنجي متربي جي عظمت ۽ بلندي ڏسي، آسمان کي ريس ٿي اچي. ڇو ته مان حضرت فاطمة الزهرا جي ٻانهي ۽ شاه زمان بادشاهه جي ماءُ اهيان). شايد بيگم صاحبه جو نالو ”ڪنيز فاطمه بيگم“ هو. صو ڪوتاه، ٽئي ٽالپر حڪمران پنهنجين حدن ۾ نهايت ئي سهڻي نموني ۾ ۽ پوري رعب ۽ حشمت سان رهندا هئا. اگرچه سندن دلين ۾ هڪ بئي جي پاران ڪدورت ڪا نه هئي، تاهم ڪڏهن ڪڏهن سندن وچ ۾ خانه جنگي جهڙي حالت پيدا ٿي پوندي هئي. هن موقعي تي مير سهراب خان ۽ مير فتح علي خان جي وچ ۾ هليل سوال جواب لکڻ مناسب نظر ٿو اچي: ما باد شماليم وزيدم همه کس را، ما گرگ درنديم، دريدم همه کس را ترجمو: مان اتر جو واءُ آهيان، سڀني جي مٿان گهلندو آهيان. مان هڪ خونخوار بگهڙ آهيان، سڀني کي چيري پاڙي ڇڏيو اٿم). مير فتح علي خان پشه چه باشد که پرد پيش پيل، گر به هوا رفت، نه شد جبرئيل، ور مگسي زور دوباز و نمود، طعمهء سيمرغ نه بايد ربود. (1) هن فقري ( جو قرآن مجيد جي هڪ آيت جو حصو آهي) جا عدد 1667 آهن، نه 1167 جيڪڏهن ”ونفخ“ پڙهبو، جيئن اصلي آيت ۾ آهي، ته سندس عدد 1153 ٿيندا. ٻئي فقري جا عدد درست آهن. (مترجم) [2] هيءُ عجيب ڳالهه آهي جو عدد پورا آهن، مگر مصرعه غير موزون، غلط ۽ بالڪل بي معنيٰ آهي (مترجم). [3] هن فقري جا عدد 1086 آهن، نه 1083 (مترجم). [4] هن جعلي جون ٻه معنائون آهن (1) هڪ ماڻهو (بشر) هو جو هليو ويو (2) هڪ فسادي (به شر) هو جو دفع ٿيو. (مترجم). ترجمو: مڇر ڪهڙي حيثيت ٿو رکي، جو هاٿيءَ جي اڳيان اُڏامڻ جي جراءت ڪري. اگرچه ف؟ضا ۾ مٿي اڏاڻو، ته به جبرئيل بڻجي نه سگهيو. مَکِ ٻنهي هٿن جو زور لڳايو ته به گُرڻ پَک کان کاڌو کسي نه سگهي). مطلب ته (انهيءَ جي باوجود) ميرن جو پاڻ ۾ چڱو اتفاق هو. جڏهن به دشمن هنن ڏانهن رخ ڪندو هو ته پاڻ ۾ متحد ٿي، هن سان منهن ڏيندا هئا. ڪنهن وقت ڪنهن ملڪ جو ڪو تڪرو هٿ ايندو هون ته پاڻ ۾ مٿي ڄاڻايل طريقي سان ورهائي کڻندا هئا ۽ صحيح ڳالهه هيءَ اهي ته ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي زماني ۾ سنڌ جو جيڪو رقبو هو ۽ ميان غلام شاه جي پوين جي هٿان نڪري ويو هو اهو سمورو رقبو ميرن دوباره هٿ ڪيو. جهڙوڪ بهاولپور جي نواب کان سبزل ڪوٽ، قلات جي خان کان ڪراچي ۽ ان جي اوسي پاسي وارو علائقو پٺاڻن کان شڪارپور ۽ سندس ڀروارو علائقو ڀُڄ جي راجا کان لکپت ۽ بست ۽ جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ ۽ ريگستان وغيره. مطلب ته سنڌ جا جيڪي حصا ڪلهوڙن جي هٿان نڪري ويا هئا، سي مير صاحبن ترار جي زور تي ٻيهر حاصل ڪيا ۽ انهن تي چڱي طرح قابض رهيا. سنڌ جي پهرئين فاتح جو مختصر احوال (شهداداڻي مير، جن جي گادي حيدرآباد ۾ هئي) (1) مير فته علي خان تقريباً ارڙهن سال نهايت ئي آسودگي ۽ فارغ البالي سان حڪمراني ڪر،ي عالم بقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس سجع هيءُ هئي: داد نصرت خدا به فتح علي، به مدد گاري نبي وعلي ۽ ”جائ جنت نصيب فتح علي“ سندس وفات جي تاريخ آهي، جنهن مان هجري سال 1217 نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1802ع جي مطابق آهي. سندس جنازو خدا آباد نيئي، سندس وڏن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جو هنن جو اصلي قبرستان آهي. مير صاحب پنهنجي پٺيان هڪ فرزند مير صوبدار خان ڇڏي ويو، جو سندس وفات وقت فقط هڪ ڏينهن جو معصوم ٻار هو ۽ وڏو ٿيڻ تي پنهنجي والد جي گاديءَ تي ويٺو. (2) غلام علي خان ولد مير صوبدار خان، جو حيدرآباد جي گاديءَ تي جلوه افروز ٿيو. سندس سجع هيءَ هئي: ناصر من بود نبي وولي، منم از جان و دل غلام علي. هن مير صاحب جي زماني ۾ ڪورو رپيو، جنهن جو وزن تيمور شاه جي سڪه کان گهٽ هو، ڍاليو ويو ۽ سندس ايامڪاريءَ ۾ 1224هه مطابق 1809ع ۾ سنڌ، ايران ۽ برطانوي سرڪار جي عملدارن جي درميان هڪ معاهدو ٿيو. نيٺ مير صاحب موصوف پنهنجي پٺيان مير محمد خان نالي هڪ فرزند ڇڏي. 1227هه مطابق 1813ع ۾ رحلت ڪئي. سندس جنازو نئين خدا آباد ۾ دفن ڪيو ويو. افسوس آهي جو نه سندس تاريخ وفات جو قطعه هٿ اچي سگهيو ۽ نه سندس سجع. (3) پوءِ مير ڪرمعلي خان ولد مير صوبدار خان حيدرآباد جي گاديءَ تي رونق افروز ٿيو. سندس سجع هئي: کرد بامن کرم علي عظيم پاڻ کي ”سرڪار عظمت مدار“ سڏايائين. هن مير صاحب جي زماني ۾ راجا رنجيت سنگهه شورش برپا ڪئي. مگر برطانوي سرڪار جي محبت سبب ختم ٿي وئي. افغانستنا جو بادشاه، شاه شجاع الملڪ حيدرآباد ۾ اچي وارد ٿيو. مگر کيس راضي ڪري روانو ڪيو ويو. سيد ثابت علي شاه سنڌيءَ جو مرثيه گو شاعر، جو سيوهڻ جو رهاڪو هو، هن ئي مير صاحب جي زماني ۾ هو. مير صاحب موصوف 1244هه ۾ بي اولاد فوت ٿيو. سندس جنازو حيدرآباد جي ويجهڙائي ۾ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. سندس وفات هو هجري سال ”بادا بهشتش بارگاه“ مان نڪري ٿو. جنهن جا عدد 1244 آهن. اهو سال، عيسوي سال 1828 جي مطاب آهي. (4) مير مراد علي خان ولد مير صوبدار خان انهيءَ ئي سال پنهنجي ڀاءُ جي گاديءَ تي ويٺو. سندس سجعون هن ريت هيون: (1) بحق حضرت نبي و ولي يافت از حق همه مراد علي (2) بندهء مصطفيٰ مراد علي. هيء مير صاحب پهريائين پاڻ کي ”سرڪار بلند اقتدار“ سڏائيندو هو. پوءِ ”سرڪار جهان مدار، سڏائڻ لڳو. هن مير صاحب جي زماني (49-1248هه مطابق 33-1832ع) ۾ برطانوي سرڪار واپار جي واڌاري ۽ جهاز رانيءَ جي باري ۾ ساڻس مختلف معاهدا ڪري، کيس پابند بڻايو. سندس حياتيءَ جي پوئين سال ۾ شجاع الملڪ شڪارپور ۽ ان جي اوسي پاسي واري علائقي تي اچي قبصو ڪيو، جنهنڪري مر صاحبن ۽ شجاع الملڪ جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن جا ڪي نامور سردار سهيد ٿي ويا. اها جنگ پراڻي سکر جي ٻاهران کرڙيءَ جي ميدان ۾ لڳي هئي. انهيء ڪري ”کرڙيءَ جي جنگ“ جي نالي سان مشهور آهي. ”کرڙي“ سکر شهر جي حدن اندرهڪ جڳهه جو نالو آهي، جا درياء جي هن ڀر آهي. جنگ جو نتيجو شجاع الملڪ جي حق ۾ نڪتو. مير صاحب موصوف 1249هه مطابق 1833ع ۾ پنهنجي پٺيان چار فرزند (جن جا نالا موقعي اچڻ تي لکيا ويندا). ڇڏي، راه رباني وٺي ويو ۽ پنهنجي ڀاءُ مير ڪرم علي خان جي مقبري جي ڀرسان دفن ٿيو. افسوس آهي جو سندس تاريخ وفات جو قطعه ملي نه سگهيو. هيءُ چارئي ڀائر ”چاريا“ سڏيا ويندا هئا، جن هڪ بئي پٺيان حيدرآباد سنڌ جي مٿان حڪومت ڪئي. بقا فقط الله عليه جي حالات ۽ ڪرامتن جو ذڪر ڪيو وڃي، جو بي فائدو نه ٿيندو. حضرت شاه خير الدين جا مختصر حالات ۽ سندس ڪرامات (جنهن جو روصو مبارڪ پراڻي سکر جي وچ ۾ جلوه نما آهي صحيح روايت موجب حضرت شاه خير الدين رحمت الله عليه حضرت احمد شاه رحمت الله عليه جو فرزند ارجمند آهي، جو پنجين پيڙهيءَ ۾ حضرت غوث الثقلين مولانا و مرشدنا و مڪرمنا و معززنا و فخرنا حـضرت پير شيخ شاه عبدالقادر جيلاني بغدادي رحمت الله عليه سان ملي ٿو. سندس ولادت بغداد ۾ 911هه مطابق 1505ع ۾ ٿي. چاليهن سالن جي عمر ۾ بغداد شريف کان مڪه معظمه (زادها الله شرفا) جي ويو ۽ ٻارهن حج ڪيائين. ان کانپوءِ مدينه منوره پهچي، چوڏهن سالن تائين علم هاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. پوءِ عرب، عجم ۽ هندوستان جي ملڪن جو سير ڪيائين. 33 سالن جي سير سياحت کانپوءِ سکر آيو ۽ هڪ ٽڪريءَ تي، جا اڃا تائين ”شاه جيٽڪريءَ“ جي نالي سان مشهور اهي، هڪ غار ۾ ويهي عبادت الٰهيءَ ۾ مشغول ٿي ويو. هن علائقي جي ماڻهن هضرت شاه خير الدين جون ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏٺيون، جنهنڪري ڪيترائي ماڻ سندس مريد ٿيا. هت ”مشتي نمونهء از خرواري، جي مصداق، سندس ڪي ڪرامتون بيان ڪيون ٿيون وڃن. جي ملاحظي کانپوءِ پڙهندر، اولياء الله جي ڪرامتن کي سمجهي سگهندا ۽ محسوس ڪندا ته اولياء الله جو ڇا شان آهي ۽ ڇا سندن ڪرامتون آهن. مرحوم نور محمد جلباڻي جاگيردار تعلقي نوشهروفيروز جي بياض تان ورتل (جنهن جو فرزند ارجمند ميان دين محمد جلباڻي جاگيردار اڃا زنده آهي) خليفي محمود ساڪن ڪڙيي گنوهر تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلع حيدرآباد، کان ٻڌو ويو ته حضرت پير صاحب ”روضي ڌڻي“ جنهن جو نالو ”پير محمد راشد، هو، ۽ هن وقت سندس مسند تي سندس ڏُهٽو پير شاه مردان شاه ساڪن ديه پنهنجي، تعلقو روهڙي فاز آهي، کان روايت آهي ته حضرت شاه خير الدين رحمت الله عليه هڪ باڪمال ۽ صاحب حال بزرگ هو، جو سکر ۾ رهندو هو. هڪ ڏينهن سندس هڪ مريد، جو سنڌي هو، شهر جي ٻاهران خلوت ۾ پنهنجي پروردگار سان وڃي مشغول ٿيو (عباس ڪرڻ لڳو). اتفاقاً انهيءَ خلوص گاه جي مٿان درياڀ وهي ويو ۽ ڪيتري مدت تائين وهندو رهيو، چند سالن کانپوءِ درياء رخ بدلايو ۽ واريءَ جا ڍير ڇڏي ويو. هڪ ڏينهن حضرت شاه خير الدين پنهنجي مريدن کان پڇيو ته ”فلاڻو مريد گهڻي عرصي کان نظر نه ٿو اچي، ڪا خبر اٿوَ ته ڪيڏانهن ويو؟“. مريدن عرض ڪيو ته شهر جي ٻاهران هڪ خلوت گاه ۾ ويهي الله جي عبادت ڪندو هو. پوءِ اتان درياء وهڻ لڳو ۽ ڪيترائي سال وهندو رهيو. هاڻي درياڀ ڇڏي ويو آهي ۽ واريءَ جا ڍير لڳا پيا اهن. فرمايائين ته ”منهنجي گهوڙي سنجي ڪاهي اچو.“ پوءِ گهوڙيءَ تي چرهي واريءَ جي دڙن ڏانهن روانو ٿيو. گهوڙي هڪ هنڌ بيهي پنهنجو پير لوڏڻ لڳي. حضرت شاه خير الدين فرمايو ته هن دري کي کوٽيو. درو کوٽيو ويو ته اندران هڪ جڳهه جي ڀت ظاهر ٿي، جنهن ۾ هڪ دروازو هو ۽ ان کي تالو لڳل هو. دروازو کولي ڏٺو ويو ته اهو مريد اتر ڏانهن مٿو ۽ ڏکڻ ڏانهن پير ڪيو ست پيو آهي ۽ آرام ۾ آهي. مريد جيئن ته فقط سنڌي ٻولي ڄاڻندو هو، تنهنڪري حضرت شاه خيرالدين سنڌيءَ ۾ کيس فرمايو ته: نه تو ڪعبو، نه تو قبلو رهين منجهه سجود، ويساري پاڻ کي ملين سان درياه. مريد جواب ڏنو ته: ڪوه ڪندو تن قبلو جن سڃاتو سلطان، پرين اسين پاڻ، سجدو ڪريون ڪنهن کي حضرت شاه خير الدين جي ڪرامتن جو ڪهڙو تفصيل بيان ڪريان. سندس هزارين مريد مٿي ڄاڻايل مريد کان به رواحانيت ۾ وڏي درجه وارا هئا. انهيءَ مريد جو خلوت گاه اڃا تائين ” شاه ٻيلي، جي نالي سان مشهور آهي ۽ سکر جي ڀرسان آهي. حضرت شاه خير الدين جڏهن 116ورهين جي عمر کي پهتو ته جنهن هنڌ هن وقت سندس روضو مبارڪ اهي، اتي ترخاني مغلن جو محلو هو. انهن کان زمين جو اهو ٽڪرو وٺي، انهيءَ ٽڪريءَ تان جا ”ساه جي ٽڪري“ جي نالي سان مشهور آهي، اُٿي، اچي تي ارهڻ لڳو. پاڻ وٽ فقط به مريد ميان سڌو ۽ ميان جمال الدين رهائيندو هو. آخر جڏهن الله جو حڪم ٿيو ته 1027 هجريءَ رمضان شريف جي 27 تاريخ بي اولاد وصال ڪيائين. ڪنهن شاعر هيٺيون قطعهء تاريخ چيو آهي، جو سندس روضي مبارڪ جي مٿان لکيل آهي: شاه خير الدين مههِ برج شرف، مَقبل درگاه ايزد سرمدي، سال تاريخ وصالش عقل گفت، ”مرشدي کامل طريق احمدي“. ترجمو: (شاه خير الدين، جو عزت ۽ عظمت جو برج جو چنڊ آهي ۽ هميشه الله جي بارگاه م مقبول رهيو آهي. سندس وصال جو سال منهنجي عقل هيئن ٻڌايو آهي ته ”مرشيدي کامل طريق احمدي، يعني محمدي مسلڪ جو ڪامل رهنما آهي). انهيءَ آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان هجري سال 1027 ٿو نڪري، جو عيسوي سال 1618 جي مطابق آهي. مرحوم ميان جمال الدين جي اولاد مان، ميان غلام محمد نالي هڪ سجاده نشين هو، جنهن پهرئين روضي کي جو ننڍو هو، ڊهرائي، نئين سر ٺهرايو، جو اڳئين روضي کان وڏو هو. روضي جي نئين سر تعمير جو سال هيٺين قطعه جي آخري مصرعه مان ظاهر ٿو ٿئي: شه خيردين سرور سالکان، ولي خدا، زبدهء عارفان. زهي روضه اش مظهر نور حق، بيابند فيضي زيارت کنان. غلام محمد سجاده نشين، ز سعيش بنا روضهء نو نِشان. چو ساقي طلب کرد تاريخ آن، بگفتا خريد ”درگه فيض دان“. ترجمو: شاه خير الدين سالڪن جو سردار الله جو ولي ۽ عارفن جو انتخاب (بر گزيدو). واه جو سندس روضو آهي، جو خدا جي نور جو مظهر آهي. جتان زيارت لاءِ اچڻ وارا فيض حاصل ٿا ڪن. هيءُ نئون روضو غلام محمد سجاده نشين جي ڪوشس سان ٺهي راس ٿيو آهي. جڏهن ساقي (شايد شاعر جو تخلص اهي) روضي جي تعمير جي تاريخ معلوم ڪرڻ چاهي ته عقل ٻڌايس ته ”درگه فيض دان“ (سمجهه ته فيض جو مرڪز آهي). آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان هجري سال 1174 نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1760ع جي مطابق آهي. هر سال رمضان شريف جي 27 تاريخ مريدن ۽ زيارتين جو وڏو اجتماع ٿيندو آهي. مگر افسوس جو آخري سجاده نشين مرحوم ميان سعيد محمد کانپوءِ، جو اسم بامسميٰ هو (يعني جهڙو نالو چڱو هوس، پاڻ به اهڙو ئي چڱو هو) ڪو مستقل سجاده نشين ڪو نه آهي. مگر اوليائن جي حڪم (تصرف) سان سمورا ڪم بهرحال سهڻي نموني سان سر انجام ٿيندا رهندا آهن. هاڻي اصلي موضوع: مير مراد علي خان جي انتقال کانپوءِ سندس فرزند ارجمند مير نور محمد خان 1249ع مطابق 1833ع ۾ حيدرآباد ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ ٻيا مير صاحب هر هڪ مير نصير خان (سندس ڀاءُ) مير محمد خان ولد مير غلام علي ۽ مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان (فاته اول) پنهنجن حصن تي قابض ۽ حڪمران هئا. سندن سجعن ۽ لقبن مان سندن عزت ۽ عظمت جا آثار تاريخ م يادگار رهندا: ز نور محمد جهان روشن است علي و حسين و حسن دستگير- خدا يارو يارو محمد نصير مير محمد مهِه اوج کرم. ظل اهمد تاج فرق صوبدار. صوبدار جهان ز فتح علي. مٿي ڄاڻايل ميرن مان هر هڪ مير صاحب جدا جدا لقبن سان ملقب هو. مثال طور مير نور محمد خان جو لقب هو ”سرڪار عالي مدار“. مير نصير خان ”سرڪار فيض آثار“. مير محمد خان ”سرڪار عالي مدار“ ۽ مير صوبدار خان جو لقب ”سرڪار حشمت مدار“ هو. اگرچه انهن مان هر هڪ مير صاحب پنهنجي پنهنجي حصي تي قابض ۽ حاڪم هو پر دراصل صحيح منعيٰ ۾ ملڪ جو هاڪم حيدرآباد جو گادي نشين مير نور محمد خان هو. جنهن پنهنجو دور حڪومت سهڻي نموني سان پورو ڪيو. 1255هه مطابق 40-1939ع ۾ پٺيان ٻه فرزند مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان پنهنجا يادگار ڇڏي، هن دنيا فانيءَ مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو ۽ کيس حيدرآباد ۾ پنهنجن وڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. مگر افسوس آهي جو سندس وفات جي متعلق قطعهء تاريخ ڪٿان به هٿ اچي نه سگهيو. مير صاحب مرحوم جا ٻئي فرزند تقسيم جي اصول تي پنهنجي پنهنجي حصي جا والي ٿيا، جيئن سندن سجعن مان معلوم ٿو ٿئي: خا کپائ مرتضيٰ شهداد خان. کرد روشن ز فيض لم يزلي- آفتاب جهان حسين علي اهو آخري شهزادو حسين علي خان وڏو با اخلاق انسان هو. رافم الحروف جي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ هئي. سنڌ جو ٻيو فاتح خيرپور جو حڪمران سنڌ جي ٻئي نمبر فاتح مير سهراب خان انتها درجه جي همت ۽ دانائي سان پنهنجي ملڪ ۾ توسيع ڪئي. جنهن جو تفصيل رام الحروف جي بي تصنيف ”خيرپور نامي، ۾ بيان ڪيل آهي. تنهنڪري دوباره بيان ڪرڻ بي سُود آهي. رڳو هيترو لکڻ ڪافي آهي ته مير سهراب خان 47 سالن جي حڪمرانيءَ بعد پنهنجو ملڪ پنهنجن ٽن پٽن کي هيٺينءَ ريت ورهائي ڏنو. ٻه حصا مير رستم خان کي، هڪ حصو مير مبارڪ خان کي، ۽ هڪ حصو مير علي مراد خان کي. پوءِ پاڻ وڇي گوشه نشيني اختيار ڪيائين. هڪ ڏينهن پنهنجي محل جي دريچي کان هيٺ ڪري پيو ۽ رحلت ڪري ويو. ڪن شاعرن سندس وفات جون تاريخون هن ريت چيون آهن: طشت از بام افتاد سخي ولي مير سهراب بود ٻنهي مصرعه مان لاڳ الڳ 1246هه جو سال نڪري ٿو. جو 1840 جي مطابق ٿو ٿئي. مير صاحب کي خيرپور جي ڀرسان دفنايو ويو. مير رستم خان پنهنجي والد بزرگوار جي گاديء تي ويٺو. مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان انهيءَ وقت ننڍا هئا ۽ پنهنجي والد جي ڏنل حصن تي حڪمراني ڪري رهيا هئا. مگر مير علي مراد خان ٽنهي ڀائرن ۾ ننڍو هو، جنهنڪري ٻئي وڏا ڀائر ساڻس کؤنس ۽ خصومت ڪندا هئا، جنهن جو تفصيلي احوال ”خيرپور نامي“ ۾ لکيو ويو آهي. مير سهراب خان جو ٻيو نمبر فرزند مير مبارڪ خان 1255هه مطابق 1839ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس وڏو فرزند مير نصير خان سندس جانشين ٿيو ۽ پنهنجي حصي تي حڪمراني ڪرڻ لڳو، پر پنهنجي والد وانگر طاقتور نه هو. انهيءَ ڪري ناموري حاصل ڪري نه سگهيو. سنڌ جو ٽيون فاتح ميرپورخاص جو حڪمران مير ٺاري خان، فاتح سنڌ (مير فتح علي خان) جي ٽئين نمبر ساٿيءَ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ميرپورخاص کي مقرر ڪيو هو ۽ وڏي همت سان ريگستان جون ڪي زمينون هٿ ڪري پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيون هئائين. مير صاحب 1245هه مطابق 1829ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس فرزند ارجمند مير علي مراد خان انهيءَ ئي سال پنهنجي موروثي گاديءَ تي ويٺو. مير صاحب موصوف جي لاءِ مشهور آهي ته خدا ترس ۽ فقير – دوست هو. آخر پنهنجي پويان ٽي فرزند هر هڪ مير شير محمد خان، مير شاه محمد خان ۽ مير خان محمد خان ڇڏي، 1252هه مطابق 1837ع ۾ هن عالم فانيءَ مان عالم جاودانيءَ ڏانهن انتقال ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون. مير شير محمد خان، جنهن کي عوام ”شير سنڌ“ سڏيندا هئا، بلڪه تاريخن ۾ به کيس شير سنڌ لکيو ويو آهي، ڪمال جراءت ۽ همت سان ميرپورخاص ۾ پنهنجي موروثي گاديءَ تي جلوه افروز ٿي حڪمراني ڪرڻ لڳو. راقم الحروف کي اميد آهي ته پڙهندڙ مٿئين احوال مان چڱي طرح سمجهي ويا هوندا، 1258هه مطابق 1842ع ۾ حيدرآباد ۾ مير نصير خان ولد مرحوم مير علي مراد خان، مير محمد خان ولد مرحوم مير غلام علي خان، مير صوبدار خان ولد مرحوم مير فتح علي خان ۽ مير نور محمد خان جا فرزند ارجمند مير شهداد خان ۽ مير محمد حسين علي خان جدا جدا حصن تي حڪمران هئا. خيرپور ۾ مرحوم مير سهراب خان جا فرزند مير رستم خان، مير علي مراد خان ۽ مير نصير خان ولد مرحوم مير مبارڪ خان اگرچه پنهنجن حصن تي حڪومت ڪري رهيا هئا، تاهم منجهن دلي محبت ڪا نه هئي. ميرپورخاص ۾ مير مراد علي خان ولد مير شير محمد خان هاڪم هيو. احڪم الحاڪمين جي حڪمت، جا ”تعزمن تشاء و تذل من تشاء“ ۾ پوشيده آهي، وقت اچڻ تي ظاهر ٿي پئي. مگر ان جي ظهور ۾ اچڻ جا ڪي ظاهري سبب به هئا جن مان ڪي هت بيان ڪن ٿا: حيدرآباد ۽ خيرپور جي حڪمرانن ۾ دسمني ۽ گهرو لڙائي. مير صاحبن ڪن موقعن تي پنهنجن غير آز مودگار صلاحڪارن جي صلاحن تي لڳي، برطانوي سرڪار جي عملدارن سان شوخي ڪئي ۽ هنن کي ڪاوڙائي ڇڏيائيون. واجبي عهد نامن کي غير واجبي سمجهي، مٿن دستخط ڪرن کان انڪار ڪيائون ۽ برطانوي سرڪار کي، جا وڏي دٻدٻي واري سرڪار هئي، ناراص ڪري وڌائون. ڪن موقعن تي برطانوي لشڪر جي سپاهين تي حملا به ڪيا ويا ۽ کين ڦُريو لُٽيو به ويو. عهد نامن ۾ طي ٿيل ڪن شرطن جي خلاف ورزي ڪيائون. مطلب ته تقدير ربانيء موجب مير صاحبن ۽ برطانوي سرڪار جي درميان، سواءِ علي مراد خان خيرپوريءَ جي، جنهن پنهنجن ڀائرن ۽ عزيزن جو پاسو ڇڏي، برطانوي سرڪار جو پاسو ورتو هو، محرم الحرام 1260هه مطابق فيبروري 1843ع ۾ ۽ ماهه صفر 1620هه مطابق 1843ع ۾ ٻه وڏيون جنگيون هڪ ”مياڻي، ۾ ۽ ٻي ”دُٻي“ ۾ لڳيون، ۽ ٻنهي جنگين ۾ مير صاحبن کي شڪست نصيب ٿي ۽ انگريزي لشڪر جي سالار ۽ (انگريز حڪومت جي پاران) مڪمل اقتدار جي مالڪ سرچارلس نيپئر کي فتح ۽ نصرت حاصل ٿي. حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن هٿيار ڦٽا ڪري، برطانوي سرڪار جي تابعداري ۽ فرمان برداري قبول ڪئي، سواءِ مير شير محمد خان جي، جو شڪست کانپوءِ پهريائين ريگستان ڏانهن پوءِ دراسان ڏانهن ۽ آخر ۾ پنجاب وڃي نواب ليفتيننٽ گورنر پنجاب جي پيش پيو ۽ سندس فرمان برادري قبول ڪيائيون. دستور موجب ميرن کي بروقت نظر بند ڪيو ويو. پهريائين بمبئي ۾ پوءِ پوني، سورت، ڪلڪتي، ۽ هزاري باغ وغيره هنڌن تي برطانوي سرڪار جي عملدارن جي نظر هيٺ رهيا. گهڻا نظر بنديءَ جي حالت ۾ هن فاني جهان مان غلام جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيا ۽ ٿورا جئري ئي پنهنجي وطن موٽي آيا، حيدرآباد جا حڪمران مير، جن جدا جدا هنڌن تي وفات ڪئي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ انهن جا نالا، جن شهرن ۾ وفات ڪيائون، انهن جا نالا ۽ سندن وفات جا سال لکيا وڃن ٿا: مرحوم مير نصير خان. سال 1261هه مطابق 1845ع، ڪلڪتو. مرحوم مير صوبدار خان. سال 1262هه مطابق 1846ع، ڪلڪتو. مرحوم مير، مير محمد خان. سال 1271هه مطابق 1857ع ڪلڪتو. مرحوم مير شهداد خان. سال 1274هه مطابق 1857ع ڪلڪتو. مرحوم مير محمد حسين خان زنده واپس آيو ۽ 1295هه مطابق 1878ع ۾ حيدرآباد ۾ رحلت ڪيائين ۽ کيس پنهنجن وڏن جي حيدرآباد واري قبرستان ۾ دفنايو ويو. خيرپور جي مير صاحبن مان فقط هيٺيان ٻه حڪمران سنڌ کان ٻاهر نظر بند هئا، اتي ئي فوت ٿيا: مرحوم مير رستم خان. 1262هه مطابق 1846ع پونو. مرحوم مير نصير خان. 1281هه مطابق 1864ع پونو. حيدرآباد ۽ خيرپور جي مير صاحبن جي لاش ٻاهران آڻي سنڌ ۾ سندن وڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيا ويا. مير شير محمد خان (ميرپور وارو) برطانوي سرڪار جو نظر بند نه هو، بلڪه پنجاب ويل هو (۽آزاد هو) ميرپورخاص ۾ زنده موٽي آيو. نيٺ 1294هه مطابق 1877ع ۾ رحلت ڪيائين. مٿي لکيو ويو آهي ته مير علي مراد خان والي خيرپور شروع ۾ ئي پنهنجن ڀائرن (مائٽن) جو پاسو ڇڏي، پاڻ کي فاتح سپه سالار سر چارلس نيپئر جي حوالي ڪيو هو ۽ برطانوي سرڪار جي فتحيابيءَ کانپوءِ پنهنجي والد جي ڏنل حصي تي حڪمراني ڪندو رهيو ۽ آخر 1311هه مطابق 1894ع ۾ انتقال ڪيائين. سندس لاش ڪربلا معليٰ نيئي، سيد الشهداء (امام عالي مقام حضرت حسين عليه السلام) جي پاڙي ۾ دفنايو ويو. هن وقت سندس ٽيون نمبر فرزند سر مير فيض محمد خان صاحب بهادر سندس جانشين آهي، جنهن جو تفصيلوار احوال راقم الحروف جي ٻي تصنيف ”خيرپور نامي“ ۾ درج آهي. جنهنڪري دوباره لکڻ غير ضروري نظر ٿو اچي. مناسب معلوم ٿو ٿئي ته ٽالپر خاندان جي حڪمرانن جي اولاد جو احوال به پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکيو وڃي. هز هائينس مير محمد حسن علي خان سي آءِ اي فرزند ارجمند مير نصير خان حڪمران حيدرآباد کي برطانوي سرڪار وٽان ٽي هزار رپيه ماهوار پينشن ملندي آهي ۽ نهايت ئي عزت ۽ فرحت سان حيدرآباد جي ڀرسان سنڌو نديءَ جي ڪناري تي قيام پذير آهي ۽ تمام سهڻو بنگلو ۽ باغيچو اٿس. هزهائينس مير حاجي نور محمد خان فرزند ارجمند مرحوم مير محمد حسين علي خان (حيدرآباد جو آخري حڪمران) کي به برطانوي سرڪار وٽان ٽي هزار رپيه پينشن ملندي آهي ۽ حيدرآباد جي ڀرسان سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ڪمال عزت ۽ فرحت سان وقت گذاري رهيو آهي. هز هائينس مير عبدالحسين خان فرزند ارجمند مير عباس علي خان ۽ هز هائينس مير محمد حسن علي خان سي آءِ اي جي پهرئين نمبر ڀائٽي کي برطانوي سرڪار وٽان 8 سئو رپيه پينشن ملي رهي آهي ۽ حيدرآباد جي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي نهايت ئي عزت ۽ فرحت سان وقت گذاري رهيو آهي. خيرپور جي پهرئين حڪمران مرحوم مير رستم خان جي ڏهٽي مير رسم خان بئي کي برطانوي سرڪار وٽان 12 سئو رپيه پينشن ملندي آهي. نهايت ئي خوش آهي ۽ تعلقي روهڙيءَ جي ديهه ”جنوجي“ ۾ پنهنجن سڳن ڀائرن ۽ چاچي سميت رهائش پذير آهي. خيرپور جي حڪمران مرحوم مير نصير خان جي فرزند ارجمند هزهائينس مير علي مدد خان کي برطانوي سرڪار وٽان 950 رپيه پينشن ملي رهي آهي ۽ تعلقي روهڙيءَ جي ديهه ”علي آباد“ ۾ تمام سٺو وقت گذاري رهيو آهي. ميرپورخاص جي حڪمران مرحوم حاجي مير شير محمد خان جي وڏي فرزند ارجمند هز هائينس مير حاجي فتح خان کي برطانوي سرڪار وٽان ٻه هزار رپيه پينشن ملندي آهي ۽ ميرپورخاص ۾ تمام خوشيءَ سان وقت گذاري رهيو آهي. اهي ڇهه ئي مير صاحب، سنڌ جي حڪمرانن جو اولاد آهن. انهن کان سواءِ ٽالپر خاندان جا اٽڪل هڪ سؤ کن ٻيا مير صاحب به آهن، جن مان گهڻن کي مناسب پيشن ملندڙ آهي ۽ ڪن کي جاگيرون ۽ زمينون عطا ڪيل آهن، جن جي تفصيل بيان ڪرڻ ۾ ڊيگهه ٿيندي، جا هن مختصر ڪتاب جي اصلي مقصد جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري راقم الحروف طوالف کي ترڪ ڪري، اختصار کان ڪم ورتو آهي ۽ پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ايترو ڪافي آهي. باب ٽيون انگريز سرڪار جي عملدارن جي حڪومت (60-1259هه مطابق 1843ع کان) ٽالپرن جي حڪومت جي احوال ۾ لکيو ويو آهي ته مرحوم سر مير علي مراد خان والي خيرپور کانسواءِ، جنهن انگريز سرڪار جو پاسو ورتو هو، سنڌ جي ٻين سڀني ٽالپرن حڪمرانن کي شڪست ملي ۽ سر چارلس نيپئر صاحب بهادر کي مڪمل فتح حاصل ٿي. ان کانپوءِ هندوستان جي فرمان روا ۽ گورنر جنرل جناب لارد ايلنبرو صاحب بهادر جي حڪم مطابق سر چارلس نيپئر سنڌ جي گورنر نامز ٿيو. کيس ڪي نائب ۽ مددگار (اسٽنٽ) به ڏنا ويا ۽ سياسي، فوجي ۽ مالي اختيارين سان به سرفراز ڪيو ويو. سر چارلس نيپئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد اهو حصو، جو مرحوم مير سهراب خان پنهنجي فرزند سر مير علي مراد خان کي ڏنو هو، ڇڏي، باقي سڄي سنڌ جي مٿان حڪمراني ڪرڻ لڳو. سنڌ جي گورنر جي گادي ڪراچيءَ ۾ انهيءَ زماني ۾ سنڌ جون حدون، جن تي ٽالپر حڪمران هئا، هيٺينء ريت هيون: اوڀر ۾ سبزل ڪوٽ تائين. اُتر ۾ خانڳرهه (جيڪب اباد) تائين ڏکڻ ۾ ننگرپارڪر ۽ ڪڇ جي رڻ تائين ۽ اولهه ۾ سمنڊ تائين. جيتوڻيڪ انگريزن جي حڪومت ۾ سرڪاري ڪاروبار دستوريءَ ريت ڏاڍي سهڻي نموني سان سر انجام ٿيندو رهندو هو پر ڪي اهم ۽ عجيب ڳالهيون به ٿينديون، جي مختصر طور تي هت لکيون وڃن ٿيون: ڪي اشتهار ڪڍيا ويا، جن مان ڪن جو مطلب بيان ڪجي ٿو (مثال طور) سنڌ جو ملڪ، جو ٽالپر حڪمرانن جي قبضي ۽ حڪومت هيٺ هوندو هو، هاڻي انگريز زرعي زمين وغيره جي ڍل انگريز سرڪار جي عملدارن کي ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ جي رهاڪن مان ڪو به ماڻهو انگريز سرڪار جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪندو، اهو جاني ۽ مالي نقصان جو مستحق ٿيندو. جاگيردار ۽ اهي ماڻهو، جن کي ڍل معاف ڪيل آهي ۽ هو 17 فيبروري 1843ع تائين انهن زمينن تي قابض هئا، حاضر ٿي، سلاميءَ جو پروانو حاصل ڪن ۽ پنهنجين ڍل معاف ڪيل زمينن تي قابض ٿين. 17 فيبروري 1843ع جي تاريخ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي فتح جي تاريخ هئي ۽ سلاميءَ جا پروانا انگلينڊ جي ملڪه معظمه ۽ هندوستان جي قيصره (ملڪه وڪٽوريه) جي يوم ولادت (سالگره) تي جاري ڪيا ويا از انسواءِ مير شير محمد خان جي گرفتاريءَ جي باري ۾ به جو ڀڄي ويل هو، چڱين رٿن تي عمل ڪيو ويو. ڪراچي ضلع جي لاءِ ميجر هنري پريڊيءَ کي مڪمل اختياريون ۽ مناسب عملو ڏئي، ڪليڪٽر ۽ (ضلع) مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت حيدرآباد ضلع ۾ ڪيپٽن رٿبو رن کي ۽ شڪارپور ضلع ۾ ڪيپتن گولڊنيءَ کي (ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ) مقرر ڪيو ويو ۽ اهي صاحب سپرد ڪيل ذمه داريون خوش اسلوبيءَ سان بجا آڻڻ لڳا. ڪم ڪار ۾ سهولت لاءِ سڄي سنڌ جي اندر ڪيلڪٽرن جي هيٺان ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا. ڊپٽي ڪليڪٽرن جي هيٺان ديسي ماڻهن کي ڪاردار ۽ سزا دل ڪار مقرر ڪيو ويو ۽ سڀئي پنهنجي فرائض جي بجا آوريءَ ۾ مصروف ٿي ويا. پوليس ملازمن جو بندوبست ڪيو ويو، جن ۾ سوار به هئا ۽ پيادا به جي پهرو به ڏيندا هئا ۽ چور به پڪڙيندا هئا. پوليس جي کاتي جون اختياريون ڪيپٽن مارسٽن صاحب کي ڏنيون ويون ۽ سندس هٿ هيٺ هر ضلع ۾ ”ضلع عملدار“ ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس، الڳ مقرر ڪيا ويا، جن کي ”ڪيپتن“ سڏيو ويندو هو ۽ سندن بالا عملدار (ڪيپٽن مارسٽن) کي ”ڪمانڊنگ پوليس“. سال 1264ع هه مطابق 1848ع ۾ افغانستان جي والي امير دوست محمد خان جي فرزند ۽ افغانستان جي وزير اعظم سردار محمد اڪبر خان جي انتقال پُر ملال جي خبر مشهور ٿي. جڏهن حڪومت جو زياده تر ڪاروبار جهڙوڪ مالي، انتظامي ۽ سياسي سهڻي نموني سان سر انجام ٿيڻ لڳو ۽ شورش، فتنو ۽ فساد ختم ٿيو، تڏهن يعني 1263هه مطابق 1847ع جي آخر ۾ سرچارلس نيپئر سنڌ جو گورنر ولايت (انگلينڊ) روانو ٿي ويو ۽ اتي وڃي پنهنجين خدمتن کان سبڪدوش ٿيو (رٽائر ڪيائين). پهريون ڪمشنر مسٽر برنگل صاحب بهادر سال 1263هه جي آخر ۾ ۽ سال 1847ع جي شروع ۾ مسٽر پرنگل، جو بمبئي (صوبي) جي چيف سيڪريٽريءَ جي عهدي تي فائز هو، ڪراچيءَ آيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنريءَ جي عهدي ۾ تخفيف ڪري، کيس ڪمشنريءَ ۾ تبديل ڪيو ويو، ۽ سنڌ جو ڪمشنر، بمبئي جي گورنر جي ماتحت رهي، ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ وقت بمبئي جو گورنر سرجارج ڪلارڪ هو. اگرچه هن ڪمشنر (مسٽر پرنگل جي ڏينهن ۾ حڪومت جو ڪاروبار تمام سهڻي نموني سان هلي رهيو هو، مگر هڪ وڏي ڳالهه جا انهيءَ وقت ٿي سان اها هئي، جو خيرپور جي والي سر مير علي مراد خان، سنڌ جا ڪي ٽڪرا، جي دراصل انگريز سرڪار جا هئا، پنهنجي قبضي ۾ رکي هئا، جنهنڪري سرڪاري صلاحڪارن جي اڳيان انهيءَ حقيقت جي جاچ لاءِ رٿ پيش ڪئي وئي. جاچ جو نتيجو اهو نڪتو، جو انهن ٽڪرن تي انگريز سرڪار جو حق ثابت ٿيو، جنهن جي رپورٽ مٿي (انگريز سرڪار کي) ڪئي وئي. انهيءَ ڳالهه جو تفصيلوار احوال ”خيرپور نامي، ۾ درج ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري دوباره ان جي لکڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن هن ڪتاب جي پڙهندڙن کي انهيءَ ڳالهه معلوم ڪرڻ جي خواهش هجي ته ”خيرپورنامو“ صفحي 36 کان 41 تائين ڏسن. سال 1266هه مطابق سال 1849ع ۾ هندوستان جو فرمانروا ۽ گورنر جنرل لارڊ ڊلهوزي صاحب بهادر سنڌ مان درياء جي رستي لانگهائو ٿيو. مٿي ڄاڻايل سالن ۾ پهرين ۽ ٻي پلٽڻ ”بلوچي“ ۽ ”سنڌي“ قائم ڪرڻ جي رٿ تي عمل ڪيو ويو. اهي پلٽڻون اڃا تائين ساڳيءَ ريت قائم آهن ۽ گهڻو ڪري سنڌ جي اندر ئي رهن ٿيون. سال 1266هه مطابق سال 1849ع ۾ ملتان جو قلعو ۽ پنجاب جو صوبو انگريز سرڪار جي قبضي ۾ آيو. ڪيترن ئي معاملن جي سر انجامي بعد سال 1267هه مطابق سال 1850ع ۾ هي ڪمشنر به ولايت (انگلينڊ) ويو ۽ اتي وڃي گهر ويهي رهيو (رٽائر ڪيائين). ٻيو ڪمشنر سر بارٽل فريئر صاحب بهادر 1268هجري مطابق 1581عيسويءَ جي شروع ۾ بمبئيءَ کان ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي چارج ورتائين. پهريائين مسٽر ايليس صاحب ۽ مسٽر بيلاس صاحب سندس اسٽنٽ هئا. هن ڪمشنر جي زماني ۾ اگرچه گهڻا ڪم سر انجام ٿيا، پر بطور ”مشتي نمونه از خرواري“ هت ڪن اهم ڪمن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. جي ظاهر آهن ۽ انهن جو اثر اڃا تائين قائم آهي: 1269هه مطابق 1852ع ۾ هندوستان جي فرمانروا ۽ گورنر جنرل جناب مارڪوئيس آف ڊلهوزي صاحب بهادر جي حڪمنامي جي تعميل ڪئي وئي، جو سنڌ جي انهن ديهن جي واپسيءَ جي باري ۾ هو، جي سر مير علي مراد خان جي قبضي ۾ هيون ۽ جن جي باري ۾ مٿي (انگريز سرڪار کي) رپورٽ ڪيل هئي. گورنر جنرل صاحب بهادر پنهنجي فوج ظفر موج سميت روهڙيءَ جي ويجهو اچي منزل انداز ٿيو ۽ انهن ديهن جي واپسيءَ لاءِ مناسب انتظام ڪيائين ۽ اهي ٽڪرا واپس وٺي، شڪارپور ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ شامل ڪري ڇڏيائين، جن تي انگريز سرڪار جي عملدارن جو عمل دخل رهيو. جو اڃا تائين ساڳيءَ ريت قائم آهي. اهي ديهون هيءُ آهن (1) ڏهرڪي (2) مهرڪي (3) ماٿيلو (4) بلد ڪو (5) موغلجا (6) ساهتي (7) لڌو گاگن (8) چڪ هزار چو ۽ (9) روپا وغيره. مٿي ڄاڻايل سالن ۾ سنڌ جي رهاڪن جي سهولت خاطر سنڌي اکر عربي رسم الخط ۾ لکڻ جو فرمان جاري ٿيو ۽ سنڌ ۾ مڪتب ۽ مدرسا (اسڪول) قائم ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو رواج وڌو ويو. سرڪاري دفتر، جن ۾ فارسي زبان رائج هئي، انهن ۾ فارسيءَ جو رواج بند ڪري، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي رسم الخط رائج ڪيو ويو. سنڌ جا رهاڪو انهيءَ سهولت جي ڪري، جا کين لکپڙهه ۾ ميسر ڪري ڏني وئي، ڏاڍو خوش ٿيا. هن ڪم ۾ مسٽر ايليس جي صلاح کي وڏو دخل هو. مٿين سالن ۾ سنڌ جي هر ضلع جي اندر تپيدار، ڪاردار، مختيارڪار ۽ انهن جي مٿان دفتر دار مقرر ڪيا ويا. انهن سرڪاري ملازمن جي حصي (ڍل) وصول ڪرڻ سان گڏوگڏ زميندار ۽ آبادگارن سان به اهڙو سهڻو ۽ سهولت ڀريو سلوڪ ڪيو، جو رعيت نهايت ئي خوش ٿي. مٿين سالن ۾ نواب بهاول خان والي رياست بهاولپور جي وفات جي خبر آئي ۽ انگريز سرڪار، مرحوم نواب صاحب جي فرزند جي وڏي ٿيڻ تائين رياست جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ رکيو. انهن سالن ۾ ديواني مقدمن نبيرڻ ۽ قرضخواهن ۽ قرضدارن سان انصاف ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ جي سنڌ جا سڀ کان وڏا شهر هئا، منصف مقرر ڪيا ويا، جن تمام سهڻي نموني ۾ انصاف ٿي ڪيو. انهن شهرن جا بالا عملدار مئجسٽريٽ صاحب هوندا هئا. انهن منصفن کي هن زماني ۾ سبارڊينيٽ جج سڏيندا آهن، جي اڪثر شهرن ۾ مناسب موعقن تي انصاف جي طالبن سان انصاف ڪندا آهن. انهن ئي سالن ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ”قاعده نمبر 126 سال 1852ع“ جاري ڪيو ويو، جنهن جو مطلب هو انهن شهرن ۾ صفائي ۽ روشني. انهيءَ اداري کي، جنهن جي هٿ ۾ صفائي ۽ روشنيءَ جو بندوبست آهي ”ميونسپالٽي“ سڏيو وڃي ٿو ۽ اهو ادارو هاڻي ڪيترن ئي قسمن جي قاعدن تي مشتمل آهي. انهن ئي سالن ۾ هارين، کاتيدارن ۽ زميندارن جي آباديءَ ۾ واڌاري لاءِ وڏي ناري (اوڀارين واه) جي کاٽي، صفائي ۽ ويڪرائي جو بندوبست ڪيو ويو، جو اڃا تائين قائم آهي. سال 1270هه مطابق سال 1853ع ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي مير صاحبن منجهان اڪثر مير صاحب آزاد ٿي، سنڌ ۾ پنهنجين جڳهن تي واپس آيا، جي ڪلڪتي، هزاري باغ، پوني ۽ لاهور وغيره شهرن ۾ انگريز سرڪار جي نظربنديءَ هيٺ هئا. اهي سڀئي مير صاحب پنهنجي حيثيت ۽ درجه آهر انگريز سرڪار کان وظيفا، زمينون ۽ عطيا حاصل ڪري، گذارو ڪري رهيا آهن. سال 1271هه مطابق 1854ع ۾ جاگيرن جا معاملا مڪمل ٿيا. اگرچه ان کان اڳ ۾ به سنڌ جي جاگيردارن جي جاگيرن جا معاملا، مرحوم ڪيپٽن اسٽاڪ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر (برائ جا گيرات) نبيريا هئا. مگر صاحب موصوف جي وفات کانپوءِ ڪيپٽن (هاڻي ”سر“) فريڊرڪ گولڊ اسمد صاحب بهادر نائب اول (سينئر اسسٽنٽ) ۽ ڪيپٽن (هاڻي ”سر“) ليوئس بيلي صاحب بهادر، نائب دوم (جونيئر اسسٽنٽ) کي انهيءَ ڪم لاءِ انگريزيدان ۽ فارسي دان عملو ۽ دفتر ڏئي، مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عملي ۾ راقم الحروف به شامل هو. مان اگرچه ان کان ڪي مهينا اڳ ۾ شڪارپور جي ڊپٽي مئجسٽريٽ صاحب جي آفيس ۾ منشي ٿي ڪم ڪيو هوم، مگر مون کي پڪي نوڪري مٿين سالن ۾ پندرهن ورهين جي عمر ۾ ملي، جيئن هيٺين نوٽ جي ترجمي مان ظاهر ٿو ٿئي، جو اصل ۾ انگريزيءَ ۾ آهي: منشي خداداد خان چڱي چال جو سرٽيفڪيٽ ٿو گهري. ماڻهو هشيار ٿو ڏسجي ۽ سمجهجي ٿو ته آفيس جي ڪم لاءِ ڪارائتو ٿيندو، بشرطيڪ مٿس نظر رکي وڃي. صحيح ميجر گولڊ اسمڊ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر جاگيرات سنڌ سال 1273هه مطابق سال 1856ع جي شروع ۾ سربارٽل فريئر صاحب بهادر آب هوا جي تبديليءَ خاطر ارڙهن مهينن جي موڪل تي ولايت (انگلينڊ) هليو ويو. ٽيون ڪمشنر: جنرل جيڪب صاحب بهادر گهڻي عرصي کان سرحد سنڌ (جيڪب آباد) ۾ سياسي معاملن ۽ سرحدي رسالي (فوجي دستي) جي سربراهه جي حيثيت ۾ معزز عملدار رهيو. مٿي ڄاڻايل سال (1852ع) ۾ جيڪب آباد کان اچي، سنڌ جي ايڪٽنگ ڪمشنر جي عهدي کي رونق بخشيائين. انهن ڏينهن ۾ پهريائين آنر بيل گبس ۽ شا اسٽوئرٽ صاحب سندس اسسٽنٽ هئا. سرڪاري ڪم ڪاريون تمام سهڻي نموني ۽ وڏي جرات سان سر انجام ڪندو هو. ڇو ته فوجي ماڻهو هو. هن جو بهترين ڪارنامو اهو هو، جو اناج جي قيمت دڪاندار جي مرضيءَ تي ڇڏيائين ۽ مزدورن ۽ ڪاريگرن جي اجرت مزدورن ۽ ڪاريگرن جي خواهش تي ڇڏيائين. ان جو مطلب اهو هو ته دڪاندار ۽ ڪم ڪندڙ پنهنجي مرضيءَ سان اگهه ۽ اجرتون وٺن. انهيءَ صورت ۾ ڪنهن جي مٿان به ڪو زور زبردستي نه رهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو آزاديءَ جي انهيءَ تجويز جي ڪري گهڻا ماڻهو اهو خوش ٿيا ۽ پنهنجا ڪم پنهنجي مرضيءَ موجب ڪرڻ لڳا. انهيءَ سال (1856ع ۾) سر مير علي مراد خان والي خيرپور انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو پر پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيو. پنجاب کان هڪ سروي آفيسر ڪيپٽن ميگڊالن پنهنجي عملي سميت سنڌ ۾ آيو، جنهن سنڌ جي اڪثر حصن، شهرن ۽ گهرن جي سروي ڪئي ۽ حدون مقرر ڪري، برج ۽ منارا ٺهرائي ڇڏيائين، جن مان گهڻن جا نشان اڃا تائين ظاهر آهن. سال 1674هه جي آخري مطابق 1857ع جي شروع ۾ ايران جي ”بوشهر“ ۽ ان جي اوسي پاسي برپا ٿيل فساد کي منهن ڏيڻ لاءِ، پنهنجي اسسٽنٽ سر ليوئس بيلي سميت روانو ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي ذمه داري مسٽر ايليس جي سپرد ڪري ويو، جو دکن ۾ ڪمشنر هو (اهو عارضي انتظام هو). ان کانپوءِ سر بارٽل فريئر موڪل ڪري موٽي آيو ۽ وري ڪمشنريءَ جي عهدي تي فائز ٿيو. سال 1674هه مطابق سال 1857ع ۾ هندوستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڏو فساد ۽ عام غدر برپا ٿيو ۽ ان جو اثر سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد تي پيو. جنهنڪري جدا جدا پلٽڻن جا آفيسر ۽ سپاهي به انهيءَ شورش ۽ فساد ۾ شريڪ ٿيا ۽ نافرمان ٿي پيا. مگر (سنڌ ۾) آنريبل سوگبس صاحب بهادر جڊيشل اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ ۽ انهيءَ وقت جي ٻين بالا عملدارن جي دانائي، لياقت ۽ صلاحيت جي ڪري، اها سخت ۽ اهم ترين مهم هن طريقي سان ختم ٿي، جو فسادي گرفتار ٿيا ۽ پنهنجن بُرن اعملان سبب سزاياب ٿي ويا. انهن مان ڪن کي توبن سان اُڏايو ويو ۽ ڪن کي ڦاسيءَ جي تختن تي لٽڪايو ويو. اهڙيءَ سختيءَ جي وقت ۾ جن ماڻهن (انگريز سرڪار جي) مدد ۽ خير خواهي ڪئي، انهن کي انعام اڪرام دنا ويا. بيشڪ، هر که خدمت کرد، او مخدوم شد (جنهن خدمت ڪئي، اهو مخدوم ٿيو). راقم الحروف کي ياد ٿو اچي ته انهيءَ سختيءَ جي وقت ۾ سنڌ جي جتوئين جي سردار امام بخش خان ۽ خان بهادر الف خان ترين (پٺاڻ) جي مٿان انگريز سرڪار سان بدخواهي ڪرڻ ۽ سندس مدد کان انڪار ڪرڻ جا الزام رکيا ويا. سچ چيو اٿن ته هرکه خود را ديد، او مهروم شد (جنهن پان کي ڪجهه ڀانيو، اهو بي نصيب ٿيو). سردار جتوئي کي سزا طور سال ۾هزارها رپين جي آمدنيءَ جي جاگير وڃائڻي پئي ۽ الف خان کي ساليانو هڪ هزار رپين جي وظيفي کان محروم ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت ٻئي ڄڻا سرڪار جي نظرن کان ڪري پيا. هن وقت سردار امام بخش خان جو پٽ خان جتوئي ۽ الف خان جو پٽ پير بخش خان ترين شڪارپور تعلقي جا زميندار آهن، جي پنهنجي زمينداريءَ جي آمدنيءَ تي گذارو ٿا ڪن ۽ پنهنجن وڏن جا يادگار آهن. انگريز سرڪار مسٽر بارٽل فريئر کي ”سر“ جي خطاب سان نوازيو، جو پنهنجي حڪمرانيءَ جون ذمه داريون نهايت ئي هوشياريءَ سان ۽ عوامي ڀلائي جي خيال کان سر انجام ڪري رهيو هو. انهي ئي سال يعني 1274هه مطابق 1857ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ”آگ گاڏي“ (ريل) جي منظوري ملي، جنهن جو سنگ بنياد سر بارٽل فريئر رکيو. سندس ڪمشنريءَ جي ڏينهن ۾ ريل گاڏي (ڪراچيءَ کان) ملير تائين هلندي هئي. پبلڪ هن عوامي سهولت جي ڪري بيحد خوش ٿي. انهيءَ سال سنڌ ۾ مستط جي امام سيد سيوني (؟) صاحب جي وفات جي خبر آئي. سال 1276هه مطابق 1858ع جي آخر ۽ 1859ع جي شروع ۾، ميجر (پوءِ ”سر“) فريڊرڪ گولڊ اسمڊ کي عمرڪوٽ جي رستي جيسلمير ڏانهن ۽ اتان پوڪران ۽ مارواڙ جي ٻين حصن ڏانهن خبر چار لهڻ واسطي ۽ ڪن ٻين مصلحتن سانگي موڪليو ويو. جيئن چيو ويو آهي ته ”رموز مملکت خويش خسروان دانند“ (بادشاه پنهنجي بادشاهيءَ جا راز پاڻ ڄاڻندا آهن). کيس جيسلمير جي والي مهاراول رنجيت سنگهه ۽ پوڪران جي ٺاڪر ڀوت سنگهه سان م:ڻ جو حڪم ڏنو ويو. انهيءَ سفر ۾ ڪيپٽن ڊڪنسن کي فوجي دستي ”سنڌ هارس“ سميت سندس ماتحت مقرر ڪيو ويو. راقم الحروف کي به سندس خدمت ۾ رهڻ جو هڪم ڏنو ويو. راقم الحروف کي به سندس خدمت ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو. مارواڙ ۾ اتڪل ٽي مهينا گذاري. روهڙي (سنڌ) ۾ واپس آياسين. هن سفر جو احوال ڪتاب ”واقائع سير جيسلمير“ (مطبوعه 1283هه مطابق 1867ع) ۾ درج ڪيو ويو آهي، جو راقم الحروف جو تصنيف ڪيل آهي. پڙهندڙ اهو ڪتاب ملاحظو ڪن. هن خطرناڪ سفر سبب راقم الحروف کي آفرين نامو، ترار، ٻه ٿانَ پيچي زري يعني پڳ ۽ بنارسي شال عطا ڪري، مسرت بخشي وئي. بيشڪ، اهي سهڻيون عادتون انهن سخي سردارن جون هونديون آهن، جي ڪنهن جي خدمتگاريءَ جو حق ضايع نه ڪندا آهن. جيڪا تحرير (آفرين نامو) هن خاص خدمت جي عيوض راقم الحروف کي عطا ڪئي وئي آهي، اها ڪنهن مناسب موقعي تي پيش ڪئي ويندي. اگرچه سر بارٽل فريئر جو ذڪر انتظامي ڪمن جي سر انجامي جي باري ۾ تفصيلوار ۽ تعريفي انداز ۾ ڪيو ويو آهي، تاهم (هيءُ ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته) 1276هه مطابق 1859ع ۾ جڏهن کيس سپريم ڪائونسل ڪلڪتي جي ممبريءَ جو اعزاز عطا ڪيو ويو ته ڪلڪتي رواني ٿيڻ وقت سنڌ جي ڪن معزز ماڻهن کي، جن جو تعداد ڏيڍ سؤ کن هو، موڪلاڻيءَ جا خط لکيائين، جن جو نقل هيٺ ڏجي ٿو. اهي ماڻهو سندس حسن ڪارڪردگي، نيڪ نيت،ي بُرد باري ۽ خوش خُلقيءَ سبب سندس ٿورائتا هئا. ماڻهن ۾ انهيءَ چڱي اثر جي ڪري کانئن چندو وٺي گڏ ڪيائين ۽ ڪراچيءَ ۾ ”فريئر هال“ جي نالي سان هڪ عاليشان عمارت تعمير ڪرائي، پنهنجو يادگار ڇڏيائين، جا اڃا موجود آهي. انهيءَ چندي ۾ راقم الحروف جي ٿورڙي رقم به شامل هئي. موڪلاڻيءَ جي خط جو نقل جيئن ته حضور ملڪه محتشمه صاحبه بهادره دام اقبالها و اجلالها [1] جي سرڪار بلند اقتدار مون کي سپريم ڪائونسل ڪلڪتي جو ممبر مقرر فرمايو آهي، تنهنڪري پنهنجي راءِ جي اظهار کانسواءِ جا، مان سنڌ جي باشندن جي باري ۾ رکان ٿو (هيترو ضرور چوندس ته) مان سنڌ کي ڇڏڻ نٿو چاهيان. نون سالن جو عرصو سنڌ ۾ گذاريم اٿم ۽ هميشه سنڌ جي ڀلائيءَ جي خواهش پئي رکي اٿم. انهيءَ ڪري چاهيان ٿو ته وڃن کان اڳ ۾ دل جي خوشي ۽ مسرت سان، اوهان سان ملي، اوهان جي نمڪ حلالي ۽ چڱي هلت چلت جو اظهار ڪريان. پر جيئن ته سرڪار جي حڪم موجب مون کي جلدي روانو ٿيڻو ٿو پوي، تنهنڪري هيءُ چند سٽون بطور ”وداع نامي“ (موڪلاڻيءَ جو خط) جي لکيون وڃن ٿيون ته سَنَدُ رهن ۽ (انهي جي ذريعي) سنڌ کي ۽ سنڌ جي سردارن کي ”خدا حافظ“ چئجي. مان جتي به هوندس، انشاء الله سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪوشش ڪندو رهندس. اوهان جي چڱي هلت چلت سبب جيئن منهنجي ايامڪاريءَ ۾ هئي، انگريز سرڪار کي اطمينان رهيو آهي. اميد آهي ته مان اوهان جي باري ۾ هميشه ائين ٻڌندو رهندس ته اوهان مون کانپوءِ منهنجي جانشين سان به اُونئين ئي (وفاداريءَ سان) پيش ايندا رهيا آهيو. تاريخ 17- آڪٽوبر 1859ع (مطابق 1276هه) صحيح سر بارٽل فريئر صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ پڙهندڙن خيال ڪندا هوندا ته مٿي ڄاڻايل موڪلاڻيءَ جو خط جيئن ته سنڌ جي معزز ماڻهن ڏانهن لکيل آهي، انهيءَ ڪري ئي ان مان سربارٽل فريئر جي خوش خلقيءَ جو اظهار ٿو ٿئي. پڙهندڙن کي جيڪڏهن ناگوار نه لڳي ته سر بارتل فريئر کي غريبن، پوڙهن ۽ مفلس ماڻهن سان جيڪا همدردي هوندي هئي، بي زبان ۽ عاجز قلم انهيءَ باري ۾ به ڪجهه لکڻ جي جرات ڪري، ته جيئن پڙهندڙن کي حقيقت جو پتو پوي. ڪراچيءَ جي مهاڻن جي محلي ۾ هڪ پوڙهو رهندو هو، جنهن جو نالو ”ٻُڍو“ هو. تمام مسڪين ۽ عيالدار هو ۽ سندس گهر جو خرچ به وڏو هو. سر بارٽل فريئر ان کي ”بابا ٻڍو“ سڏيندو هو ۽ هن جي مسڪيني حال تي مهربانيءَ جي نظر ڪري هن جي ٻن ٻيڙين جو محصول معاف ڪري ڇڏيو هئائين. اٺين ڏهين ڏينهن يا ڪڏهن مهيني مهيني وٽس ويندو هو، هن کان حال احوال وٺندو هو ۽ هن جي پٽ کي ڪجهه پئسا ڏئي ايندو هو، جنهن کي پنهنجو ڀاءُ سڏيو هئائين ۽ سندس زال کي ماءُ سڏيو هئائين. سليمان نالي هڪ درزي هو، جنهن جو دڪان ڪلائين جي مسجد جي ڀرسان سيٺ نائون مل جي محلي جي ويجهڙائي ۾ هوندو هو. اهو درزي تمام وڏي عمر جو ۽ نهايت ئي مسڪين ۽ نادار هو. سر بارٽل فريئر کي هن جي مسڪينيءَ جي خبر پئي ته هميشه هن جي دڪان تي وڃڻ لڳو ۽ هر دفعي روڪ رقم ڏئي، هن جي مدد ڪندو رهيو. ٽيون شخص هڪ پوڙهو برهمڻ فقير هو جو ڪنهن ڪم جي انگي سندس خدمت ۾ اچي عرضگذار ٿيندو هو پر جيئن ته هن جو ڪم قانون جي دائري کان ٻاهر هو، انهيءَ ڪري (پورو نه ٿيو ۽ هو) هميشه صاحب بهادر جي پٺيان ڦرندو رهندو هو. صاحب بهادر کيس ”چوبدار بابا“ سڏيندو هو ۽ کانئس ڀُڳڙا وغيره وٺي کائيندو هو. سر بارٽل ڪراچيءَ کان وڃن وقت انهن ٽنهي ڄڻن جون تصويرون پاڻ سان کڻي ويو. بيشڪ، ائين ئي ٿيڻ کپندو هو، جو چيو ويو آهي ته: که حق شرم داد ز موئ سفيد (الله تعاليٰ) اڇن وارن کان شرم ڪندو آهي). (4) جنرل جان جيڪب صاحب بهادر، سرحد سنڌ جو پوليٽيڪل سپرنٽنڊنٽ ۽ سنڌ جي فوجي رسالي جو ناظم 1859ع ۾ هن جهان پُر ملال مان انتقال ڪري ويو. چوٿون ڪمشنر: مسٽر انوار ريٽي صاحب بهادر مسٽر انوار ريتي 1276هه مطابق 1859ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ پهتو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي ڪرسيءَ تي جلوه افروز ٿيو. پهريائين پنهنجن اسسٽنٽن (1) مسٽر شا اسٽوئرٽ ۽ (2) آنريبل مسٽر گبس جي صلاح سان سرڪاري ڪاروبار جي سر انجامي ڪندو هو ۽ پوءِ ميجر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ جي صلاح سان. مگر اهڙ اڪم، جن جو اثر اڃا تائين ظاهر آهي يا اهڙيون عجيب ڳالهيون، جي سندس حڪمرانيءَ جي زماني ۾ ٿيون، مختصر طور تي هت لکيون وڃن ٿيون: (1) 1277هه مطابق 1860ع ۾ آگ گاڏي يعني ريل ”داٻيچي“ جي اسٽيشن تائين هلڻ لڳي، 1278هه مطابق 1861ع جي شروع ۾ بمبئي جو گورنر سر جارج ڪلارڪ صاحب بهادر ڪراچيءَ پهتو ۽ انوار ريٽيءَ سان گڏجي ريل تي چڙهي داٻيچيءَ پهتو ۽ اتان مهاري اُٺن تي [2] جي مرحوم خان بهادر مراد خان مهيا ڪيا هئا، سوار ٿي، گهاري ۾ منزل انداز ٿيا ۽ اتان گهوڙا گاڏين تي چڙهي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آيا، ۽ مڪليءَ کان مهاري اُٺن تي سوار ٿي، درياءَ تائين آيا، جتي جهاز لنگر انداز هو. جهاز تي چڙهي، سيوهڻ پهتا ۽ منڇر ڍنڍ تي سير شڪار ڪيائون. پوءِ حيدرآباد آيا، ۽ قلعي واري بنگلي ۾ دربار منعقد ڪري، جاگيردارن کي پشت به پشت جاگيرن جون سندون عطا ڪيائون. انهيءَ سڄي سفر ۾ راقم الحروف به (ٻيو ڀيرو) صاحب بهادر جن سان گڏ هو. راقم الحروف کي هڪ عجيب لطيفو ياد ٿو اچي. جيڪڏهن پڙهندڙن ناگوار نه سمجهن ته ان کي هت لکڻ جي جراءت ڪري. سر جارج ڪلارڪ صاحب بهادر ڪيترائي سال افغانستان ۾ رهيو هو، جننڪري فارسي زبان ۾ چڱو درڪ رکندو هو. حسن اتفاق اهڙو ٿيو، جو سيوهڻ جي سردارن مان هڪ سردار ڏانهن سر جارج ڪلارڪ جي طرفان فارسيءَ ۾ هڪ خط راقم الحروف کان لکايو ويو جو انهيءَ موقعي تي خدمت ۾ حاضر هو. صاحب موصوف خط جي عبارت ۽ لکڻ جو انداز ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کان فارسيءَ ۾ پڇيائين ته ”اي بچه! از سر کار بتوچه مي رسد؟“ (پٽ! توکي سرڪار وٽان ڇا ملندو آهي؟). انهن ڏينهن ۾ راقم الحروف جي پگهار 25 رپيا هئي. جن مان انڪم ٽيڪس جي عيوض اٺ آنا ڪاٽيا ويندا هئا. انهيءَ ڪري راقم الحروف جواب ۾ عرض ڪيو ته ”سائين! 24 رپيا اٺ آنا.“ انهيءَ جواب تي ٽهڪ ڏئي کليو ۽ ميجر گولڊ اسمڊ کي، جو انهيءَ جهاز ۾ هو، گهرائي پڇيائين. ميجر صاحب تفصيل سان سڄي حقيقت عرض ڪئي ۽ پوءِ راقم الحروف کي ڪجهه ڪاوڙ مان چيائين ته ”گورنر صاحب بهادر جي حضور ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ مناسب نه هو.“ راقم الحروف عرض ڪيو ته ”مون ڪو به ڪوڙ ڪو نه ڳالهايو آهي. مون کي سرڪار وٽان جيڪي ملي ٿو سو عرض ڪيو اٿم.“ قصو ڪوتاه، انهيءَ وقت پنجن رپين جي ترقي ڏئي، پگهار ٽيهه رپيا ڪئي وئي. بيشڪ، ڪڏهن ڪڏهن تجاهل (اڻ ڄاڻ بنجڻ) به ترقي ۽ خوشيءَ جو سبب ٿيندو آهي، جيئن بيان ڪيو ويو. (2) 1278هه مطابق 1861ع ۾ ميجر هنري گرين صاحب بهادر پوليٽيڪل سپرنٽنڊنٽ اپر سنڌ فرنٽيئر ۽ سندس ڀاءُ وليم گرين صاحب بهادر خان ڊيوٽيءَ تي ڪراچي بندر کان گوادر بندر (جو مسقط جي ماتحت هو) روانا ٿيا. راقم الحروف کي به (ٽيون ڀيرو) سندن ماتحتيءَ ۾ مقرر ڪري موڪليو ويو. ٻئي صاحب موصوف گوادر جي والي خدا بخس کورائي بلوچ سان چند سياسي معاملا طي ڪري ۽ سامونڊي سفر، جو تمام سخت هو، پورو ڪري ڪراچيءَ واپس آيا. هن موقعي تي راقم الحروف کي هڪ عجيب لطيفو ياد ٿو اچي ۽ چاهي ٿو ته ان کي هت لکيو وڃي: سامونڊي بندرگاهن جي باشندن کي معلوم هوندو ته اپريل، مئي ۽ جون جي مهيني ۾ اتان جا ماڻهو سمنڊ کي ”آخر“ سڏيندا آهن. جيئن ته مٿين صاحبن جو وڃڻ ”جون“ ۾ ٿيو هو، جو خاص طور تي ”آخري“ مهينو آهي ۽ انهيءَ وقت سمنڊ ۾ سخت شور ۽ ڇوليون هيون. انهيءَ ڪري گوادر جا ماڻهو مون کان پڇڻ لڳا ته ”هن آخر ۾ تنهنجو اچڻ ڪيئن ٿيو آهي؟.“ راقم الحروف مسخريءَ ۾ هنن کي جواب ڏنو ته ”مون کي اجل آخر ۾ آندو آهي.“ هنن چند سٽن لکڻ جو مطلب هيءُ آهي ته پڙهندڙن کي خبر پوي ته انهن مهينن ۾ سمنڊ جي اندر سخت شور هوندو آهي، جنهنڪري سامونڊي سفر ۾ بي پرواه ٿيڻ ٺيڪ نه آهي. (3) مٿي ڄاڻايل سالن (1278هه مطابق 1861ع) ۾ ميجر (پوءِ ”ميجر جنرل سر“ فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب بهادر کي مڪران جي ڪناري تي، ڪراچيءَ کان اسنتبول تائين تار (ٽيليگراف) لڳائڻ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ خاص طور تي مقرر ڪيو ويو. ڪيپٽن ڪيمال صاحب بهادر ”رسالي هارس سنڌ“ جو ڪمانيئر ۽ ڊاڪٽر لالر صاحب بهادر سندس ماتحت مقرر ڪيا ويا. راقم الحروف به (چوٿون ڀيرو) سندن خدمت ۾ ساڻن گڏجي روانو ٿيو. ڪراچيءَ کان روانا ٿي، ”سون مياڻي، (لس ٻيلي) پهتاسين ۽ اتان جي حاڪم ڄام خان صاحب وٽ آرام ڪري، پسندي (مڪران9 وياسين 7 اتي ڪلمتين (يا ڪرمتين) جي سردار مير بهرام خان سان عهد نامو ٿيو پوءِ ”اورماره“ وڃن ٿيو. جتي مير فقير محمد بزنجي سان (جو خان قلات جي ماتحت ڪيچ جو نائب هو، پڪو بندوبست ڪري، گوادر بندر وياسين. جتي امام مسقط جي وڪيل ملا عيسيٰ خان سان گڏجي، جو صاحب بهادر جي وڃڻ کان اڳ ۾ معطل (نوڪريءَ کان برطرف) هو، گوادر جي واليءَ سان ملڻ ٿيو ۽ ساڻس عهد نامو ڪيو ويو. اهو پورن ٻن مهينن جو سفر هو. جهاز تي سوار ٿي سمنڊ جي رستي ڪراچيءَ واپس آياسين. راقم الحروف کي انهيءَ خدمتگذاريءَ جي عيوض لونگي عطا ڪئي وئي. انهيءَ سفر جو تفصيلوار احوال ڪتاب ”مڪران نامي“ ۾ تاريخوار لکيل آهي، جو منهنجو ئي تصيف ڪيل آهي. جيڪڏهن پڙهندڙن مان ڪنهن يک انهيءَ سخت ۽ اڻانگي سفر جو احوال معلوم ڪرڻو هجي ته انهيءَ ڪتاب مان معلوم ڪري، جو نهايت ئي عجيب ۽ دلچسپ آهي. (4) 1289هه مطابق 1862ع جي شروع ۾ ”ننگرپارڪر“ شهر (ريگستان) جي راڻن ۽ اوسي پاسي جي جاگيردارن چند ماڻهو گڏ ڪري، انگريز سرڪار جي خلاف شورش ۽ فساد برپا ڪيو، تارون ڪاٽيائون، مختيارڪاريءَ مان سرڪاري خزانو لٽيائون، شهر کي باه ڏنائون ۽ ڪن ماڻهن کي قتل ڪيائون ۽ ڪن کي زخمي ڪيائون. ان کانپوءِ ”جيل کاراه“ ۾ وڃي لڪا، جو ننگر شهر جي ڀرسان ”ڀُڄ“ ۽ ”ديسه“ جي سرحد تي هڪ وڏو جبل آهي. ڪمشنر صاحب بهادر پاڻ پنهنجي عملي، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ۽ سپرنٽينڊنٽ پوليس، بلوچ رجمنٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي عملدارن، ٺاڪرن ۽ زميندارن سان گڏجي سر زمين تي پهتو ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرائي سزائون ڏنائين. جن ماڻهن هن مهم ۾ انگريز سرڪار جي مدد ڪئي، انهن کي جاگيرون، باراني زمينون، ترارون ۽ لونگيون وغيره انعام ۾ ڏئي خوش ڪيائين. پوءِ ڪراچيءَ واس آيو. راقم الحروف کي جو ڪيپٽن ٽيروڊ صاحب جي خدمت ۾ هو، آفرين نامو ڏنو ويو، جو اڳڀرو هلي هيٺ ڄاڻايل تحريرن مان پڙهندڙن جي ملاحظي ۾ ايندو. (5) مٿين سالن ۾ ڪي تعميري ڪم به ڪرايا ويا جن ۾ وڏي بيگاري ۽ مٺرائو واهن جي کاٽي ڪرائڻ ۽ کين ڪشادو ڪرائن به شامل آهي. سمنڊ جي پاڻي جي روڪ لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڏو بند به ٻڌايو ويو، جو اڃا تائين قائم آهي ۽ ان جي ڪري جهازن کي سهولت ٿيندي آهي. (6) مٿئين سال ۾ چند مصور يورپ کان سنڌ ۾ آيا ۽ ڪن معزز مردن ۽ عورتن جون تصويرون ڪڍي ويا. ڇا ڪاڻ ته کين لنڊن جي هڪ جلسي ۾ انهن جي نمائش ڪرڻي هئي. جيئن ته انوار ريٽي صاحب وقت بوقت چڱيون خدمتون بجا آنديون هيون. انهيءَ ڪري 1279هه مطابق 1826ع جي آخر ۾ سندس درجو وڌايو ويو ۽ کيس بمبئي ڪائونسل جو ميمبر بنايو ويو. ميجر جنرل سر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب (جو سنڌ جي ڪمشنر جو اسسٽنٽ هو) موڪل وٺي ولايت (لنڊن) ويو ۽ راقم الحروف کي سنڌ جي انهن معززن جي احوال ٻڌائڻ لاءِ پاڻ سان بمبئيءَ وٺي ويو، جن جون تصويرون ڪڍيون ويون هيون، جيئن مٿي لکيو ويو اهي. راقم الحروف جي اها مخصوص مقرري پنجون ڀيرو ٿي، جا پوري ڪري، خيريت سان ڪراچيءَ موٽي آيس. ڪتاب ”مڪران نامو“ سنڌ جي ڪمشنر مستر انوار ريتي صاحب بهادر جي ايامڪاريءَ ۾ لکيو ويو آهي، جو ڇپجڻ کانپوءِ جلد يعني 249هه مطابق 1826ع ۾ منظر عام تي ايندو. انهن تحريرن جو تفصيل، جن مان راقم الحروف جي خدمتن جو ثبوت ملي ٿو (انگريزيءَ تان ترجمو) هيءَ تحرير هن لاءِ لکي ٿي وڃي، ته منشي خدا داد خان مئي 1861ع (1278هه) ۾ مون سان گڏجي مڪران هليو ۽ پاڻ کي هر طرح سان مفيد ثابت ڪري ڏيکاريائين. تاريخ 3 جون 1861ع منشي خداد خان! مون کي اوهان جي عريضي ملي آهي. مون وٽ ڪا به جاءِ خالي نه آهي. البت (ٽيليگراف) جا، مڪران کان لنگهڻ واري آهي. ان جو بندوبست منهنجي ڀاءُ ميجر مالڪم گرين صاحب جي هٿ هيٺ ٿيندو. جيڪڏهن هن کي ڪنهن وڌيڪ منشيءَ جي ضرورت هوندي ته منهنجو خيال آهي ته اوهان انهيءَ نوڪريءَ لا بالڪل لائق ثابت ٿيندؤ. مگر اها نوڪري هڪ هنڌ رهي ڪرڻ جهڙي نه ٿيندي، بلڪه اوهان کي سفر ۾ رهڻو پوندو. جيڪڏهن مون وٽ ڪا جاءِ خالي ٿي ۽ مون سمجهيو ته اوهان انهيءَ جي لاءِ لائق آهيو، ته مان اوهان کي نه وساريندس. تاريخ 2 مئي 1862ع (1279هه) ڪيمپ جيڪب آباد. صحيح ميجر هنري گرين صاحب بهادر پوليٽيڪل ايجنٽ بلوچستان ميجر گولڊ اسمڊ صاحب بهادر اسستنٽ ڪمشنر. فيبروري 1862ع (1279هه) ۾ حڪمران جي معاملن بابت سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي خدمت ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جي آخري پيرا جو ترجمو درج ڪيو وڃي ٿو. مون جيڪو حالات جو اختصار پيش ڪيو آهي، هيءَ ڳالهه ان کان الڳ آهي. مان چاهيان ٿو ته اوهان پنهنجي آفيس جي ڪلارڪ منشي خدا دا خان کي پنجاهه رپيا روڪ يا اوتري رقم جي لونگي ڏيو. هو تازي سفر ۾ منهنجي لاءِ ڏاڍو مفيد ۽ ڪارائتو ثابت ٿيو ۽ هن نوجوان ڪيترائي ڀيرا اهم ۽ خاص خدمتون بجا آنديون آهن، جن مان ڪن جو هت اظهار ڪريان ٿو: 1859ع (1274هه) جي شروع ۾ عمرڪوٽ کان جيسلمير ۽ پوڪران تائين مون سان گڏجي هليو ۽ گوادر ۽ اورمارا تائين ميجر هنري گرين صاحب سان گڏجي ويو. اهڙي ماڻهوءَ کي سرڪاري اخراجات ۾ ڪفايت سبب هن وقت تائين ٿوري پگهار تي رکيو ويو آهي. صحيح ميجر گولڊ اسمڊ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ منشي خداد خان جاگيري ۽ سياسي معاملن جي سلسلي ۾ سنڌ جي اندر 8 سالن کان زياده عرصو نوڪري ڪئي آهي. ازانسواءِ تعليمي معاملن ۾ به مون کي مدد ڏني اٿس. مان هن کي 1853ع (1270هه) کان وٺي سڃاڻان ٿو. مان ڏاڍو خوش ٿيندس. جڏهن ٻڌندس ته هن کي ان کان زياده پگهار ملي ٿي. جا هن وقت کيس ملي رهي آهي ۽ جنهن جو هو مستحق آهي. انهن مخصوص خدمتن کان علاوه جن جي سر انجاميءَ لاءِ هو مون سان گڏجي جيسلمير ۽ پوڪران هليو هو، جيڪي به ڪم هن کي سونپيا ويندا آهن، هو انهن جي تڪميل لاءِ هر وقت تيار ۽ حاضر رهندو آهي. تاريخ... اپريل 1862ع (1279هه). صحيح ميجر گولڊ اسمڊ ڪمشنر سنڌ (بمبئي کان) پنجون ڪمشنر: مسٽر ايِس مينفيلڊ صاحب بهادر سال 1279هه مطابق سال 1826ع جي آخر ۾ بمبئيءَ کان تشريف فرما ٿيو ۽ ڪمشنريءَ جي ايوان کي روشن ڪيائين. شروع ۾ مسٽر ميڪس مَلر صاحب ۽ مسٽر ارسڪين صاحب سندس اسسٽنٽ هئا. پوءِ مسٽر جان مُور ٿيو. گهڻائي سرڪاري ڪم سهڻي نموني سان نباهيائين، مگر سندس دور حڪومت ۾ جيڪي وڏا ۽ عجيب ڪم ٿيا، جي اڃا تائين ظاهر آهن، انهن مان ڪن جو ذڪر هت ڪيو وڃي ٿو: جڏهن مسٽر مينفيلڊ سنڌ ۾ نئون آيو، تڏهن راءِ بهادر وامن راءِ برهمڻ جي معرفت، جو حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو دفتردار هو، اڪثر تعلقي آفيسن جي ڪارڪردگي وغيره جي تحقيقات ڪرايائين، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ديسي آفيسرن کي نقصان رسيو. نيٺ وامن راءِ جي هٿان ڪي اڻ وڻندڙ ڪم سرزد ٿيڻ لڳا، جنهنڪري هن نالائق کي برطرف ڪيو ويو ۽ هو ڀڄي ويو ۽ ڪيترن ئي سرڪاري ملازمن کي بي عزت ٿيڻو پيو. انهيءَ دور کي سنڌ جا باشندا ”وامن گردي“ سڏيندا آهن. 1280هه مطابق 1863ع ۾ سيد مراد علي شاهه روهڙيءَ وارو ۽ مير امير علي خان ٽالپر ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارت لاءِ روانا ٿي ويا. 1280هه مطابق 1823ع جي شروع ۾ تار (ٽيليگراف) جي لائين جي بندوبست جي سلسلي ۾ (ڪمشنر صاحب) چند عملدارن ۽ ٻين صاحبن سان گڏجي جهاز جي ذريعي خليج فارس روانو ٿيو ۽ راقم الحروف کي به پنهنجو ماتحت ڪري کنيائين. اهو منتخب ڪيو ويو. جهاز ڪراچيءَ کان لنگر کڻي، پهريائين اورمارا بندر (مڪران) پهتو. اتي لنگر هنيائين. صاحب لٿا ۽ ٽيليگراف آفيس ۾ پهتا. اتان جي رپورٽ سرڪار (بمبئي سرڪار) کي موڪلڻ بعد گوادر بندر ويا، جو مسقط جي امام جي تحت هو. ڪيپٽن راس صاهب بهادر کي، جو افهيءَ سفر ۾ ساڻ هو ۽ فارسي زبان ڄاڻندو هو، اتي بلوچستان ۽ مسقط جو نائب پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪري، مسقط شهر ۾ وڃي لٿاسين. اتي مسقط جي امام ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ سان ملي، سندن مشوري سان جبلن جي وچان، جي مڪران ۽ عرب جي ڪناري تي هئا، گهمندا ڦرندا، سامونڊي بندر گاه ڏسندا، سير سياحت ڪندا ”بو شهر“ وڃي هتاسين، جو ايران جو هڪ شهر آهي. اتي جهاز تان لهي (برطانوي) سفارتخاني وياسين، جتي ڪمشنر صاحب بهادر، اتان جي امين الملڪ ۽ پوليٽڪل ايجنٽ سان جو سرلوئيس بيلي صاحب هو، ملاقات ۽ ٽيليگراف لائين جي باري ۾ تبادلهء خيالات ڪيو. پڙهندڙن کي معلوم هجي ته سر لوئيس بيلي صاحب اهو ئي آهي، جو شروع ۾ ڪجهه سال روهڙي سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ ان کانپوءِ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر (برائي جاگيرات) جو اسسٽنٽ مقرر ٿيو. راقم الحروف سان چڱي ڄاڻ سڃاڻ هيس. بلڪه منهنجي خدمات ۽ سهڻين ڪار گذارين جي باري ۾ سندس تحرير به مون وٽ موجود آهي انهيءَ ڪري مون سان وڏي مهربانيءَ سان پيش آيو. مطلب ته ”بوشهر“ مان سمورا ڪم ڪاريون پورا ڪري، جهاز تي چڙهياسين ۽ جهاز لنگر کڻي ”مهامره“ يا ”محاصره“ وٽان لنگهي، بصري جي بندرگاه تي وڃي لنگر انداز ٿيو. آخري بصري ۾ اتان جي حاڪم ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ سان ملي، ٽيليگراف لائين جو مناسب انتظام ڪري، وڏي جهاز کي ننڍي جهاز سان بدلائي، دجلي درياء جي رستي دارالسلام بغداد شريف پهتاسين. پورن ٽن ڏينهن تائين رات ڏينهن جهاز هلائڻ بعد بغداد شريف جي بندرگاه ۾ داخل ٿياسين. جهاز تان لهي، ڪمشنر صاحب بهادر، سفارتخاني تشريف فرما ٿي ويو ۽ اتي ”باليوز“ يعني سرڪار جي سفير ۽ سلطان الاسلام جي نائب عرف ”پاشا“ سان ملاقات ڪري، ٽيليگراف جي باري ۾ تبادلهء خيال ڪيائين. ان کانپوءِ عراق جون عجيب و غريب ۽ قديم جايون جهڙو ”نوشير وان جي سراءِ“، ”هابل ۽ بابل جو کوه“ [3] ۽ ڪاطمين شريفين“ جي زيارت ڪئي وئي، ۽ باليوز جون دعوتون کائي ڪراچيءَ واپس آياسين. راقم الحروف حضرت مولانا و سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني قدس الله سره العزيز، امامين شريفين ڪاظمين، حضرت شيخ جنيد بغدادي، حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي ۽ ٻين اوليائن ڪرامن جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو ۽ حضرت مولانا سيد سعد علي صاحب سجاده نشين جي بيعت جي سعادت به حاصل ڪيائين ۽ واپسيءَ جي وقت، بصري ۽ بغدادي جي وچ ۾ هڪ بندرگاه آهي، جتي حضرت عزيز پيغمبر عليه السلام جي مزار مبارڪ آهي، اتي جهاز تان لهي، زيارت جو شرف حاصل ڪيو ويو. مسلمانن کي چڱي طرح معلوم هوندو ته حضرت عزيز عليه السلام اهو پيغمبر آهي، جنهن کي يهودي ”ابن الله“ (الله جو پٽ) سڏيندا هئا. نعوذ با الله منها. اگرچه سمنڊ وغيره جو هيءُ سفر عجائبات منجهان هو ۽ ان جي تفصيلوار احوال بيان ڪرڻ ۾ وڏي ڊيگهه ٿئي ها، پر جيئن ته هيءُ ڪتاب ”لب تاريخ“ (تاريخ جو خلاصو) آهي، تنهنڪري اختصار کان ڪم ورتو ويو. البت ڪتاب ”خليج نامي، ۾، جو راقم الحروف جو لکيل آهي ۽ انهي ئي زماني ۾ ڇپجي چڪو آهي، ان ۾ سڄو احوال روزنامچه جي طرز تي تفصيل سان درج ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هن ڪتاب جي پڙهندڙن مان ڪنهن کي اهي حالات معلوم ڪرڻ جو شوق هجي، ته اهو ڪتاب پڙهي سگهي ٿو. 1279هه مطابق 1873ع ۾ امير ڪبير مرحوم دوست محمد خان (والي افغانستان) جي باري ۾ خبر آئي ته هرات ۾ وفات ڪيائين. انا الله و انا اليه راجعون. 1280هه مطابق 1864ع ۾ راقم الحروف کي گوناگون خدمتن جي عيوض پنجاه رپين جي اضافي سان رونيو کاتي ۾ ”هيڊ منشيءَ“ جي پوسٽ تي ترقي ڏني وئي ۽ ٽيهه رپيا رجسٽريشن کاتي مان عطا فرمايائون. جملي اسي رپيا ماهوار مقرر ڪيائون، جيئن اڳڀرو هلي سرڪاري ڪاغذن مان ثابت ٿيندو. مٿي ڄاڻايل سالن ۾ سياري جي موسم ڪمشنر صاحب بهادر، سنڌ جي سرحد تي پهتو. يعني سبزل ڪوٽ ۾ ۽ ماڇڪي جي جهنگل ۾ سهڻي نموني سان شينهن جو شڪار ڪري، واپسيءَ وقت ”لادڪانه“ (لاڙڪاڻي) ڏانهن رخ رکيائين ۽ اتي انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني سرڪاري ملازمن کي حڪم ڏنائين ته ڪراچيءَ هلي، سرڪاري ڪاروبار درست ڪري ڏيو. يعني پراڻي رڪارڊ ۽ ڪاغذن وغيره جي ترتيب ۾ مدد ڪريو. اهو ڪم رومزره جي ڪم کان علاوه آهي. ڪمشنر صاحب بهادر پنهنجن اسسٽنٽن ۽ راقم الحروف کي پاڻ سان گڏ رکيو. گويا مون کي ستون ڀيرو خاص خدمت سپرد ڪئي وئي. مطلب ته لاڙڪاڻي کان نصير آباد، پير گودڙيي ديداڪ ۽ ڪرچه جي رستي ”دارهاره“ جيل (جنهن کي سنڌ ۾ عام طرح ”ڏاڙهيالو جبل“ سڏيو ويندو آهي) جي مٿان جا، خان قلات جي حد آهي، تنبو هڻائي ڪيمپ قائم ڪرايائين. اهو تمام وڏو جبل آهي، ڄڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، نهايت ئي خشڪ ۽ سرد آهي. انهيءَ زماني جي عملدارن جي تجربي موجب شملي جي پهاڙ جهڙو سرد آهي، هميشه بارش ٿيندي آهي ۽ ڳڙو وسندو رهندو آهي. جبل جي اوسي پاسي گهڻائي ماڻهو رهن ٿا، جي ”ڇُٽا“ قوم جا سنڌي آهن. باقي ٻي ڪا به آبادي ۽ وَسُنوَ ڪانهي. البت جهنگلي ميوا جهڙوڪ: توت، انجير ۽ لوهري (جي هوبهو ڦارون) وانگر آهن). گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿين ٿا. مگر انهن ميون جو ذائتو خراسان ۽ ياغستان جي ميون جهڙو نه آهي. ڪَهُوءَ جا وڻ، جي تمام ڳرا ۽ مضبوط هوندا آهن ۽ سندن ڪاٺي بالڪل قيمتي ٿيندي آهي، گهڻا، بلڪه تمام گهڻا هئا، اتان جا ماڻهو انهن ڪاٺين کي عام ڪاٺين وانگر ٻاريندا آهن. قصو ڪوتاه، ڪمشنر صاحب اونهاري جي مند نهايت ئي خوشي ۽ مسرت سان شڪار ڪندي گذاري. انهيءَ علائقي جي ماڻهن جو گذران برسات تي هو. جڏهن برسات پوندي هئي ته ماڻهو برسات جي پاڻيءَ سان دلا، مشڪون ۽ ٻيا ٿانوَ پيئڻ، رڌ پچاءُ ۽ ٻين گهرجن لاءِ ڀري رکندا هئا، ته جيئن ضرورت جي وقت ڪم اچي. انهيءَ ڪري ڪمشنر صاحب، راقم الحروف جي معرفت هڪ هزار رپين جي خرچ سان انهيءَ جبل جي مٿان هڪ وڏو، ويڪرو ۽ اُونهو تلاءُ ٺهرايو، ته اتان جي ماڻهن کي به ۽ ايندڙن ويندڙن يعني مسافرن کي به سهولت ٿئي. جيڪڏهن پڙهندڙ هن احوال جي ڊگهي ٿي وڃن کان تنگ نه اچن ته انهيءَ علائقي جون ڪي عجيب ڳالهيون ليکيون وڃن: ”دارهاره“ جبل جي مٿان هڪ ٻيو جبل آهي، جنهن کي اتان جا ماڻهو ”ڪُتي جي قبر جو جبل سڏيندا آهن، جنهن جو احوال هن ريت آهي ته اڳئين زماني ۾ ڪنهن شخص وٽ چڱن گُڻن وارو هڪ ڪتو هوندو هو، جو سندس گهر جي چوڪيداري ڪندو هو. هڪ ڏينهن اتفاق سان انهيءَ گهر جي مالڪ جو هڪ دوست آيو ۽ پنهنجي گهر جي چوڪيداريءَ لاءِ انهيءَ ڪتي جي خواهش ڪيائين. ڪتو جيئن ته پنهنجي اصلي مالڪ کي پنهنجن گُڻن جي ڪري پيارو هوندو هو، انهيءَ ڪري پنهنجي دوست کي ڏيڻ لاءِ آماده نه هو، پر ساڳئي وقت پنهنجي دوست کان انڪار ڪرڻ به مناسب نه ٿي سمجهيائين. اهو دوست ڪتو ڪاهي ويو ۽ پنهنجو گهر ڪتي جي سپرد ڪري، کيس نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيائين. هڪ دفعي ڇا ٿيو، جو هڪ چور رات جو گهر کي کاٽ هڻي، مال اسباب چورائي ويو ۽ ٻن ڪوهن جي فاصلي تي وڃي زمين ۾ پوريائين. صبح جو گهر جو مالڪ اها حالت ڏسي ڏاڍو حيران پريشان ٿيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڦِرڻ لڳو. مگر اهو هوشيار ڪتو، چور جي انهيءَ سڄي ڪارروائي کان واقف هو. جنهنڪري گهر جي مالڪ کي پيرن جي نشانين ۽ پنهنجي مخصوص آوازن سان آگاهه ڪري، انهيءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ سمورو مال اتان ڪڍي ڏنائينس. گهر جو مالڪ ڪتي جي اهڙي هوشياري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ عارضي ميعاد پوري ٿيڻ کان اڳ م ئي ڪتي کي سندس اصلي مالڪ وٽ موٽي وڃڻ جي موڪل ڏنائين ۽ رخصت نامو لکي سندس ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين. ڪتو جڏهن پنهنجي اصلي مالڪ جي گهر کي ويجهو وڃي پهتو ته مالڪ پري کان ئي ڏسي چيس ته ”ملعون، بي وفا! جلدي موٽي ائين. مون کي منهنجي دوست جي اڳيان شرمسار ڪيئي.“ اهي اکر ٻڌڻ شرط ڪتو زمين تي ڪري پيو ۽ مري ويو. مالڪ جڏهن کيس مئل ڏٺو، تڏهن سندس ويجهو آيو ۽ ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪاغذ کولي ڏٺائين ته سخت پشيمان ٿيو ۽ ”افسوس، افسوس“ ڪرڻ لڳو. پوءِ يادگار خاطر جبل جي مٿان قبر ٺهرايائينس. صحيح علم الله کي آهي. ڳالهه پراڻي آهي. مگر مشهور آهي. سچ ۽ ڪوڙ راويءَ جي گردن ۾ آهي. اگرچه عقل اعتبار نه ٿو ڪري ته اها ڳالهه ائين هوندي، پر ڪڏهن ڪڏهن يورپ وارن جا ڪي سهڻن گڻن وارا، فرمانبردار ۽ تربيت يافته ڪتا ڏسجن ٿا، ته سمجهجي ٿو ته اڳئني زماني ۾ به اهڙا فرمانبردار ڪتا ضرور موجود هوندا. (6) 1281هه مطابق 1865ع ۾ فوجداري ۽ ديواني ڪم، جي سنڌ جي ڪمشنر جي ماتحتيءَ ۾ سندس اسستنٽ سر انجام ڪندا هئا، اهي هاڻي سنڌ جي جڊيشل ڪمشنر ۽ چيف ڪورٽ جي حوالي ڪيا ويا. انهيءَ سال بمبئي جي گورنر سر بارٽل فريئر صاحب بهادر پنهنجي تشريف آوريءَ سان سنڌ کي بهشت جو باغ بنايو ۽ ريگستان (ٿرپارڪر) ۾ ڪيترائي نوان واه کوٽيا ويا جهڙوڪ ”عمر واه“ ”ٿر واه“ ۽ ”مٺڙائو واه“ وغيره. ٿر جا ماڻهو جي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ حيران هوندا هئا، سي هاڻي پاڻيءَ جي آل جال هجڻ سبب ڏاڍو خوش ٿيا. آباديون ڪرڻ لڳا ۽ روزگار جي ڪشادگيءَ سبب نهايت ئي خوشحال ٿي پيا، جي اڃا تائين خوشحال آهن. (7) 1281هه مطابق 1865ع ۾ زميندارن ۽ ڪاشتڪارن کان هڪ رپيو لوڪل فنڊ وصول ڪرڻ جو قاعدو جاري ڪيو ويو؛ جو اڃا تائين جاري آهي. (8) مٿئين سال ۾ سلاميءَ لاءِ پندرهن توبون رياست خيرپور جي واسطي جاري ڪيون ويون. توبن ڇوڙڻ جو اهو دستور اڃا تائين جاري آهي. اهو عطيو ڏئي، رياست جي واليءَ کي خوش ڪيو ويو. (9) 1282هه مطابق 1867ع جي آخر ۾ قنڌار جو والي (گورنر) سردار شير علي خان، افغانستان جي والي امير شير علي خان صاحب جو هڪ خط کڻي، رهمڪي بازار ضلعي ٿرپارڪر ۾ آيو. سرڪار جي پاران ميزبانيءَ لاءِ راقم الحروف کي مقرر ڪيو ويو ۽ سردار موصوف کي جيڪو (جوابي) خط ڏنو ويو، سو جيئن ته سياسي مسائل جي باري ۾ هو، انهيءَ ڪري ان جو متن هت درج نٿو ڪيو وڃي. ڪمشنر صاحب بهادر دوره تان موٽڻ بعد، ڇهن مهينن جي موڪل تي ولايت (انگلينڊ) روانو ٿي ويو. [1] عظمت ۽ حشمت واري راڻي، سندس بخت ۽ مرتبو هميشه قائم رهي. [2] ”مهاري“ جي نسبت ”مهره بن حيدان“ ڏانهن آهي، جو يمن جو قبائلي هو ۽ اُٺن جي خوب خدمت ۽ پرورش ڪندو هو. سنڌ ۾ عرب حڪومت جي زماني ۾ مهره بن حيدان جا اٺ آيا هئا، جي، ”مهارت اٺ“ جي نالي سان مشهور ٿيا. هن زماني ۾ به ”مهري اٺ“ مشهور آهن، جي سواريءَ جي ڪم ايندا آهن ۽ نهايت تيز رفتار هوندا آهن. (ن. ب). [3] ”هابل ۽ بابل جو کوه“ صحيح نه آهي، بلڪه ”هاروت ۽ ماروت جو کوه“ صحيح آهي. ان کي ”بابل جو کوه“ به سڏيو ويندو آهي. ڇو ته ”بابل“ شهر ۾ آهي، جو ڪوفي جي ڀرسان آهي. هن کوه ۾ هاروت ۽ ماروت نالي ٻه فرشتا قيد آهن. ”هابل“ جو هن ڳالهه سان ڪو به واسطو نه آهي. هابيل حضرت آدم جو پٽ هو، جنهن کي سندس ڀاءُ قابيل قتل ڪيو هو (مترجم). ڇهون ڪمشنر: مسٽر ايڊي رابرٽس صاحب (ايڪٽنگ) مسٽر مينسفيلڊ جي غير حاضريءَ ۾ (سندس موڪل تي وڃڻ سبب) بمبئيءَ کان ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جا فرائض بجا آڻڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ مسٽر جان مور سندس اسسٽنٽ هو. دستور ۽ معمول مطابق سرڪاري ڪم تمام سهڻي طريقي سان سر انجام ڪيائين. پر جيئن ته فقط ڇهه مهينا رهيو تنهنڪري سندس ايامڪاريءَ جو تفصيلوار احوال نٿو لکجي. مگر سي آءِ اي جي لقب جو تمغو، جو انگريز سرڪار سيٺ نائون مل جي لاءِ موڪليو هو، سو فريئر محل عرف فريئر هال ۾ هڪ شاندار دربار منعقد ڪري، سيٺ نائون مل کي پنهنجي هٿ سان ڏنائين. سيٺ نائون مل جي خدمختگذاريءَ جي باري ۾ جيڪا تقرير انگريزيءَ ۾ ڪيائين، راقم الحروف سندس حڪم تي خوش الحانيءَ سان ان جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪري ٻڌايو. اها تقرير هيءَ آهي: جناب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جي انگريزي تقرير جو ترجمو جا تاريخ 29 آڪٽوبر 1866ع (1282هه) تي فريئر هال ڪراچيءَ ۾ ڪئي وئي سيٺ نائون مل صاحب! مان نهايت ئي خوشيءَ سان هيءَ تحرير اوهان جي سپرد ڪريان ٿو، جنهن جي سپرد ڪرڻ جي ذمه داري منهنجي ئي مٿان آهي. هن تحرير ۾ درج آهي ته اوهان انگريز سرڪار جون وڏيون خدمتون ۽ گهڻيون ئي خير خواهيون ڪيون آهن، جنهنڪري جنابه ملڪه معظمه وڏي شفقت سان اوهان کي سي آءِ اي (ڪمپنين آف دي موسٽ ايگزالٽيد آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا) جي لقب عطا ڪرڻ سان عزت بخشي آهي. اوهان کي هن کان اڳ ۾ به اهڙين خدمتن ۽ خير خواهين جي ڪري مناسب انعام عطا ڪيا ويا آهن. جيئن ته سال 1852ع (1261هه) ۾ هڪ سؤ رپيا پينشن، ۽ سال 1860ع (1277هه) ۾ اها پينشن، جا اوهان جي لاءِ ساري حياتيءَ تائين هئي، سا وڌائي ٻن پيڙهين تائين ڪئي وئي. پڻ اوهان کي ٻارهن سؤ رپين جي آمدنيءَ واري جاگير به عطا ڪئي وئي آهي. صديءَ جو چوٿون حصو گذريو آهي، يعني پنجويهه سال ٿيا آهن، جو اوهان جون خدمتون شروع ٿيون آهن. اوائل ۾ اوهان اهڙيون خدمتون بجا آنديون، جن کان هن زماني (موجوده نسل) جا ماڻهو واقف نه آهن. انهيءَ ڪري مان اوهان جي اجازت سان مختصر طور تي انهن جو ذڪر ڪريان ٿو: اوهان جي خدمتن جي شروعات لاءِ 1839ع (1256هه) کان ٿئي ٿي. مون کي معلوم ٿيو آهي ته جنهن وقت (انگريز سرڪار جو) لشڪر، شاه شجاع الملڪ جي مدد لاءِ بنگال کان افغانستان روانو ٿيو ۽ ٻيو لشڪر پهرئين لشڪر جو ساٿ ڏيڻ لاءِ بمبئيءَ کان روانو ٿيو هو، انهيءَ وقت اوهان وڏي ڪوشش ڪري، کاڌي پيتي جو سامان ۽ بار برداريءَ جا جانور مهيا ڪري ڏنا. وري جڏهن ڪابل ۾ خونريزيءَ کانپوءِ (انگريز سرڪار جي) لشڪر جا ماڻهو (فوجي سپاهي) قيد ڪيا ويا، ۽ انهن قيدين جي ڇڏائڻ لاءِ بيو لشڪر روانو ڪيو ويو ۽ اهو لشڪر سنڌ مان لنگهيو ته انهيءَ وقت به اوهان وڏي مدد ڪئي. سال 1843ع (1260هه) ۾ جڏهن سنڌ جي مير صاحبن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ لڙائي لڳي. اگرچه انهيءَ وقت اوهان کي جاني ۽ مالي خطرو هو، تاهم اوهان ڪوشش ڪري مير صاحبن جي باري ۾ اهڙيون خبرون ڏنيون ۽ اهڙيون تجويزون پيش ڪيون، جن جي آڌار تي انگريز سرڪار جا عملدار پنهنجي لشڪر ۾ ڦير پار ڪري سگهيا. اِسٽوِيڪ صاحب، پاٽنجر صاحب ۽ آئو ٽرم صاحب جي زماني ۾ اوهان جيڪي خير خواهيون ڪيون، انهن کي غدر جي اڍائي سالن واري عرصي ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو، ته اوهان جي مٿان انگريز سرڪار جون جيڪي مهربانيون هيون انهن ۾ پنهنجي لائقي ۽ چڱ مڙسيءَ سان اضافو ڪيو. مون اڳ ۾ ئي ظاهر ڪيو آهي ته انهن خدمتن جي عيوض سرڪار جي پاران اوهان کي جاگير ۽ پينشن عطا ڪيل آهي ۽ هاڻي جو سرڪار مهرباني فرمائي اوهان کي هيءُ لقب عطا فرمايو آهي، مون کي يقين آهي ته اوهان جهڙو ايماندار ۽ خير خواه ان کي گهٽ نه سمجهندو. منهنجي تمنا آهي ته اوهان جي حياتي وڏي ٿئي پوءِ دربار برخواست ٿي. سال 1286هه مطابق 1866ع ۾ جناب حاجي ملباري ”ڪوڪن“ جي حڪومت جو وڪيل ڪراچيءَ پهتو، جو استنبول وڃي رهيو هو، مسٽر ايڊي رابرٽس صاحب ڪمشنر جي حڪم سان، هن نياز مندي ميزبانيءَ جا فرائض ادا ڪيا. صاحب موصوف ڏاڍو خوش ٿيو. انهيء سال 1282هه مطابق 1867ع جي آخر ۾ مسٽر ايس. مينسفيلڊ صاحب موڪل پوري ڪري موٽي آيو ۽ وري سنڌ جي ڪمشنريءَ جي چارج ورتائين. ڪمشنر صاحب عمرڪوٽ ۾ هڪ دربار منعقد ڪري، مرحوم مير شير محمد خان ساڪن ميرپورخاص کي ”ستارهء هند“ جي لقب ۽ تمغي سان خوش ڪيو. نيٺ (ڪمشنر صاحب) پنهنجين بهترين خدمتن سبب بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ تي سرفراز ٿيو ۽ سال 1283هه مطابق 1867ع ۾ بمبئي روانو ٿي ويو ۽ وڃڻ وقت راقم الحروف کي هڪ تحرير، جا هن نيازمند جي نيڪ ناميءَ تي مشتمل آهي، عطا ڪيائين، جنهن جو ترجمو هت درج ڪيو ٿو وڃي، جنهن مان پڙهندڙن کي واقفيت ٿيندي. ڪتاب ”خليج نامو“، جو خليج فارس ۽ بغداد شريف وغيره جي سفر جي حالات تي مشتمل آهي، فارسيءَ ۾ لکي، ڇپايو ويو. مسٽر ايس. مينسفيلڊ ڪمشنر سنڌ جي انگريزي تحرير جو ترجمو هيءَ تحرير خدا داد خان جي باري ۾ آهي، جو سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ منشي آهي. هو بالڪل محنتي ۽ هر ڪم توجه سان ڪرڻ وارو آهي ۽ گذريل پنجن سالن ۾ پنهنجي آفيس جا ڪم خواه ملڪي ڪم چڱي طرح سان ڪيا اٿس. فقط تاريخ 10 مئي 1867ع (1283هه) صحيح ايس. مينسفيلڊ صاحب ڪمشنر سنڌ از انسواءِ ٻه دفعا خاص خدمتون (مٿي ڄاڻايل نمبر ڇهون ۽ ستون) راقم الحروف، صاحب موصوف جي ايامڪاريءَ ۾ بجا آنديون. پڙهندڙ خليج فارس ۽ دارهاره جبل جي خطرناڪ سفر جو اندازو، انگريزي تحرير جي هيٺين ترجمي مان لڳائي سگهندا. مون کي پنهنجي هيءَ راءِ ظاهر ڪندي، خوشي ٿي ٿئي ته منشي خدا داد خان هڪ هوشيار ۽ ڪارائتو منشي آهي ۽ هو مسافريءَ ۾ پنڌ ۽ ٻي تڪليف جو بالڪل فڪر نه ڪندو آهي. انهيءَ ڪري هن جون خدمتون قيمتي آهن بنسبت هندو منشين جي، جي ايتريقدر ڪارائتيون ثابت نه ٿيون آهن. هو ڪرنل گولڊ اسمڊ صاحب بهادر سان مڪران جي ڏکئي سفر ۾ گڏ هو. ان کانسواءِ مون سان ۽ سنڌ جي ڪمشنر سان خليج فارس ۽ بغداد هليو. پوءِ سنڌ جي اولهائن جبلن ڏانهن هلي، اسان سان گڏ پنج مهينا گذاريائين. انهن ڏينهن ۾ هن سڄو انتظام يعني سنڌ جي ڪمشنر جي سنڌي ۽ فارسي دفترن جو پورو ڪاروبار سنڀاليو. اگرچه انهن ڏينهن ۾ هن شخص جا خيالات منتشر هوندا هئا. مگر عقل ۽ تحمل جي زور تي سمورين ذمه دارين کي سهڻي نموني سان پورو ڪيائين. فقط تاريخ 13 مئي 1866ع (1282هه) صحيح ايم مليرل صاحب رجسٽرار جنرل ۽ فرسٽ جڊيشنل اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ ستون ڪمشنر: هيولاڪ مرحوم صاحب بهادر (ايڪٽنگ) سال 1283هه مطابق 1867ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ وارد ٿيو ۽ سرڪاري ڪمن ڪارين سر انجام ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. مسٽر جان مور صاحب سندس اسسٽنٽ هو. زياده تر ڪاروبار دستوريءَ ريت تمام سهڻي نموني سان ڪندو رهيو. مگر ڪي وڏا ۽ اهم ڪم، جن جو نتيجو اڃا تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو يا اهڙيون ڳالهيون، جي سندس ايامڪاريءَ ۾ ٿيون، هت درج ڪيون ٿيون وڃن. انهيءَ سال پوليس جي اڳوڻي طريقي ۾ ڪجهه ڦير ڦار ڪئي وئي ۽ پوليس جون پگهارون به وڌايون ويون. پهريائين پوليس جي ضلع آفيسرن کي، جي يورپين هوندا هئا، ”پوليس ڪپتان“ سڏيو ويندو هو ۽ ديسي آفيسرن کي رسالدار، صوبيدار، جمعدار، حوالدار، نائڪ، سپاهي ۽ سوار سڏيندا هئا ۽ وڏن شهرن جي پوليس عملدارن کي ”فوجدار“ چوندا هئا. هاڻي نئين رٿ موجب پوليس جي ضلعي عملدارن کي جي يورپين هئا، ”ڊسٽرڪٽ سپرنٽنڊنٽ پوليس“ سڏيو ويو ۽ ديسي عملدارن کي (جي انهن جي ماتحت هئا) انسپيڪٽر، چيف ڪنسٽيبل ۽ هيڊ ڪنسٽيبل جهڙا لقب ڏنا ويا. وڏن شهرن جي پوليس عملدارن کي ”ٽائون انسپيڪٽر“ نالو ڏنو ويو. مطلب ته فارسي ٻوليءَ جي لقبن کي انگريزي بوليءَ جي لقبن سان بدلايو ويو. بيشڪ ائين ئي ٿيڻ کپي. هر حاڪم ۽ بادشاه پنهنجي ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ ۾ مصلحت سمجهندو آهي. 1283هه مطابق 1867ع جي آخر ۾ بمبئي جو گورنر سرفٽز جيرالڊ صاحب بهادر ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر مسٽر مينسفيلڊ صاحب ڪراچيءَ تشريف آور ٿيا ۽ وري حيدرآباد کي پنهنجي تشريف آوري ۽ دَربار دربار (جتان موتين جي بارش ٿئي) منعقد ڪرڻ سان شرف بخشيائن ۽ پبلڪ کي خوش ڪيائون. مٿئين سال (1283هه) ۾ صبح جي وقت آسمان کان زمين تي ڪي ستارا ڪريا. اهو پنجين بجي صبح جو وقت هو. سڄي زمين تي ڏينهن جهڙي روشني ڦهلجي وئي. راقم الحروف کي چڱي طرح ياد آهي، جو مان انهيءَ وقت جاڳي رهيو هوس. 1283هه مطابق 1867ع ۾ راقم الحروف کي، سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جان مور صاحب جي سفارش تي چند سٺين خدمتن جي سر انجاميءَ جي صلي ۾ ڪمشنر صاحب جي آفيس جي ايوان ۾ دربار منعقد ڪري، هڪ سوني ولايتي ترار جي عطيه سان عزت بخشي وئي ۽ (ڪمشنر صاحب) هڪ دلپزي تقرير ڪئي، جا نهايت ئي فيصح اردوءَ ۾ هئي، جنهن جو سنڌي ترجمو عوام جي واقيفت لاءِ جونيئر اسسٽنٽ ڪمشنر تحريرن مان پوندو: منشي خدا داد خان کي انعام (سنڌي اخبار ”سنڌ سڌار“ مؤرخه (پهرين آڪٽوبر 1827ع مطابق 1283هه تان ورتل) 19 سيپٽمبر 1827ع مطابق 1288هه ڇنڇر ڏينهن ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي منشيءَ کي سٺين خدمتن بجا آڻڻ سبب، سرڪار جي آفيس جي نشيءَ کي سٺين خدمتن بجا آڻڻ سبب، سرڪار جي پاران هڪ خاص ترار، جنهن تي سونهري ڪم ٿيل هو، مسٽر جان مور صاحب بهادر جي سفارش تي، سنڌ جي ايڪتنگ ڪمشنر مسٽر هيولاڪ صاحب بهادر عطا فرمائي. ان وقت مسٽر جان مور صاحب جو سفارس نامو، جو انگريزيءَ ۾ فصيح هندوستاني زبان ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو ويو. جنهن جو اختصار بيان ڪيو ٿو وڃي: (20 سيپٽمبر 1867ع مطابق 1283هه) ”منشي خدا داد خان 1853ع (1270) جي شروعات کان سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيون آهي. پهريائين هو جڊيشل مئجسٽريٽ صاحب شڪارپور جي آفيس ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. 1854ع (1271هه) ۾ ڪرنل گولڊ اسمڊ صاحب جي آفيس ۾ جاگيري شعبي ۾ داخل ٿيو جتي 1857ع (1274هه) تائين رهيو. جڏهن کان وٺي اها آفيس، سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس ۾ شامل ڪئي وئي آهي، تڏهن کان منشي خدا داد خان اتي نوڪري ٿو ڪري. ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ انهيءَ آفيس جي شامل ٿيڻ وقت کيس ماهوار ٽيهه رپيا پگهارملندي هئي. ان کانپوءِ 1864ع (1280هه) کان کيس ويهه رپيا زياده ملڻ لڳا آهن. سال 1859ع (1276هه) ۾ هو ميجر گولڊ اسمڊ صاحب سان گڏجي جيسلمير ۽ پوڪران (مارواڙ) ويو. پوءِ 1861ع (1278هه) ۾ ميجر هنري گرين صاحب سان گوادر ۽ اورماره (مڪران – بلوچستان) ويو. ساڳئي سال جڏهن ميجر گولڊ اسمڊ صاحب هڪ خاص ۽ اهم ترين ڪم سان مڪران ويو. ته به هو ساڻس گڏ هو. سال 1863ع (1279هه) ۾ هو، سنڌ جي ڪمشنر مسٽر مينسفيلڊ صاحب بهادر سان گڏجي خليج فارس ۽ دجلي درياء مان لنگهي بغداد ويو، جتي هن نهايت ئي اهم خدمتون بجا آنديون. مثلاً فارسي، عربي، مڪراني ۽ بلوچي زبانن جي ترجماني. سال 1864ع (1280هه) ۾ هيءُ ڪلارڪ انهيءَ ڳالهه جي لائق سمجهيو ويو، جو سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايس. مينسفيلڊ صاحب بهادر کيس منتخ ڪيو ۽ هن کي پاڻ سان ڏگ ”دارالهاره جبل“ (بلوچستان) ڏانهن وٺي ويو. جتي پنج مهينا رهي پاڻ کي وڌيڪ لائق ثابت ڪيائين ۽ اتي مقرر ڪيل ۽ اڻ مقرر ڪيل (ڊيوٽي کان علاوه) خاص خدمتون بجا آندائين. انهن خدمتن جي عيوض کيس پنجاه رپيا انعام ڏنا ويا آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر جي خيال ۾ اهو انعام پورو نه آهي ۽ منشي خدا داد خان رڳو انهيءَ انعام جو مستحق نه آهي. هيء منشي هڪ با اخلاق ماڻهو آهي ۽ وٽس اهي تحريرون موجود آهن، جي وقت بوقت اعليٰ عملدارن، سندس نيڪ نامي خاطر کيس لکي ڏنيون آهن، جن جي ماتحت رهي، هن نوڪري ڪئي آهي. جڏهن ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي اصلاح جي اسڪيم پيش ٿي هئي، ته ان ۾ منشي خدا داد جي لاءِ اسي رپيا ماهوار رٿيا ويا هئا. مگر اها اسڪيم منظوريءَ کان رهجي وئي؛ جنهنڪري کيس اڄ تائين اها اصلي پگهار ملندي رهي ٿي، جا اڳ ۾ ملندي هيس. جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪي اهم مشڪل ڪم درپيش اچن يعني ڪنهن غير آباد ملڪ جون ڊگهيون ۽ وڏيون منزلون طي ڪرڻيون پون، ته اهو ئي ماڻهو يعني خدا داد خان آهي، جنهن کي منتخب ڪرڻ گهرجي. هن جي منهن تي هميشه مُرڪ هوندي آهي ۽ هو نياز ڪيش ۽ بامروت (اوبلائيجنگ) ماڻهو آهي. انهيءَ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب سفارش ٿو ڪري ته اهڙين خدمتن جي عيوض هن کي هڪ ترار انعام ۾ ڏئي هن جي عزت افزائي ڪئي وڃي، ته سندس دل خوش ٿئي. صحيح جان مور صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ هت ايڪٽنگ ڪمشنر صاحب بهادر جا تاثرات به بيان ڪيا ٿا وڃن: ”مان نهايت ئي خوشيءَ سان مسٽر جان مور جو تجويز ڪيل انعام ڏيان ٿو. پر ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو اهو انعام اڳيون ڪمشنر صاحب بهادر (مسٽر ايس مينسفيلڊ) ڏئي ها، جو منشي خدا داد خان جي خدمتن کان چڱي طرح واقف هو. اها ڳالهه سهڻي به لڳي ها ۽ منشي خدا داد خان کي به زياده خوشي ٿئي ها.“ صحيح مسٽر هيولاڪ صاحب بهادر ايڪٽنگ ڪمشنر سنڌ انهيءَ فصيح، بليغ ۽ دلپذير تقرير کان پوءِ دربار ۾ موجود، مسٽر ايڇ. روز وزير صاحب (اسسٽنٽ ڪمشنر) ڏانهن منهن ڪري فرمايائين ته ”سڀني حاضرين کي واضح ڪري ٻڌايو ته جيڪو به شخص انگريز سرڪار جي چڱي طرح خدمت ڪندو، اهڙي عزت افزائي جو لائق ٿيندو.“ ان کانپوءِ پنهنجي هٿ سان منشي خدا داد خان کي ترار ڏنائين، جنهن تي منشي خدا داد خان انهيءَ انعام جو ۽ ٻنهي عالي شان صاحبن (ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر) جي مهربانين جو هيٺين ريت شڪريو بجا آندو: منشي خدا داد خان جي، اردو ۾ ڪيل شڪر گذاري واري تقرير جو ترجمو ”مان، حضور ڪمشنر صاحب بهادر ۽ جناب مسٽر جان مور صاحب بهادر جي مهربانين لاءِ نهايت ئي شڪر گذار ۽ حد کان زياده احسانمند آهيان، جو مون جهڙي غريب ۽ عاجز کي منهنجن همسر ۽ هم جنس دوستن جي موجودگيءَ ۾ سرفرازي ۽ سر بلندي عطا ڪري، عزت افزائي عطا فرمائي اٿن. الله تعاليٰ اهڙن سردارن (حاڪمن) کي هميشه اهڙي بخت سان نوازي، جو سدائين قائم رهڻ وارو هجي. مان اميد ڪريان ٿو ته هميشه ايمانداري، خبرداري ۽ نمڪ حلالي سان نوڪري ڪندس. مون کي اڄوڪو مبارڪ ڏينهن ياد رهندو، جڏهن مان پان کي پنهنجن هم جنسن ۾ ممتاز ٿو سمجهان.“ ان کان پوءِ ڪمشنر صاحب بهادر، منشي خداد داد خان کي مخاطب ٿي فرمايو ته ”جيئن اڳين عالي شان عملدار صاحبن (ڪمشنرن) جون خدمتون، اوهان ايمانداري ۽ هوشياريءَ سان بجا آنديون آهن، هن کانپوءِ به اُونئين ئي بجا آڻيندا رهندا.“ منشي خدا داد خان ادب سان عرض ڪيو ته ”انشاء الله تعاليٰ جيستائين جئرو هوندس، انگريز سرڪار جي نوڪرن ۾ شامل جي برڪت سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪندس.“ پوءِ دربار برخواست ٿي ۽ سڀئي ماڻهو پنهنجين جاين تي ويا. معلوم ٿو ٿئي ته منشي خدا داد خان کي سيپٽمبر 1867ع (1284هه) جي پهرين تاريخ کان ٽيهه رپيا ٻين کاتن مان اضافو ڏنو ويو ۽ هڪ سؤ رپيا مسٽر جان مور صاحب بهادر جي طرفان اڳيان خدمتگذارين جي سبب انعام ڏنو ويو. بيشڪ، ”هر که خدمت کرد، او مخدوم شد.“ هڪ سال کان زياد عرصي تائين عارضي ڪمشنريءَ جي ڪاروبار سر انجام ڪرڻ بعد مسٽر هيولاڪ بمبئي ڏانهن واپس ويو ۽ وڃڻ وقت راقم الحروف جي باري ۾ پنهنجي آفيس جي خاص ذاتي فائل ۾ هيٺيان اکر لکي ويو: ”منشي خدا داد خان هڪ هوشيار منشي آهي ۽ هر خدمت بجا آڻڻ ۾ چالاڪ ۽ مڙس ماڻهو. منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته وڏي آفيسريءَ جون ذمه داريون جهڙوڪ پوليس آفيسري، هن جي هٿان چڱي طرح سان سر انجام ٿي سگهنديون.“ جولاءِ 1868ع (1294هه). صحيح مسٽر هيولاڪ صاحب بهادر ايڪٽنگ ڪمشنر سنڌ راقم الحروف جي باري ۾ پوليس آفيسريءَ جي تجويز هن ڪري ڏني اٿس، جو هڪ ڏينهن راقم الحروف، جهاز تان ٽپ ڏئي ڪناري تي پهتو ۽ سندس حڪم جي تعميل ڪيائين. انهيءَ وقت ڪو به پوليس آفيسر اتي موجود ڪو نه هو. انهيءَ صورت ۾ مان ائين نه ڪريان ها، ته سرڪاري ڪم ۾ گڙ ٻڙ پيدا ٿئي ها. اٺون ڪمشنر: سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر سال 1284هه مطابق 1868ع جي آخر ۾ حبش جي ملڪ (افريقا) ۾ فتحيابيءَ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ وارد ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي ڪرسيءَ کي زينت بخشيائين. جان مور صاحب بهادر سندس پهريون نائب (فرسٽ اسسٽنٽ) هو. سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر، حشمت جو صاحب ۽ جنگجو عملدارن منجهان هو. سنڌ کي چڱي طرح واقف هو. شروع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ وقت ”مياڻي“ ۽ ”دُٻي“ جي جنگين ۾ شريڪ رهيو. ڪيترائي سال سرحد سنڌ (جيڪب اباد) ۾ وڏي عهدي تي فائز هو. پنجاب، بلوچستان ۽ حبش ۾ وڏيون خدمتون بجا آنديون هئائين؛ جنهنڪري (يعني آزمودگار هجڻ سبب) ڪمشنريءَ جو ڪاروبار نهايت ئي جراءت ۽ همت سان بجا آڻيندو رهيو. پر ڪي وڏا ڪم، جي سندس عملداريءَ ۾ سر انجام ٿيا ۽ دنيا ۾ يادگار رهجي ويا، يا ڪي عجيب و غريب ڳالهيون، جي سندس حڪومت ۾ ٿيون، پڙهندڙن جي لاءِ مختصر طور تي هت درج ڪيون ٿيون وڃن: پهريائين سنڌ ۾ تسريف اوريءَ شرط راقم الحروف کي سوني ترار عطا فرمايائين [1]. ان جي سنڌ جو نقل پيش ڪيو ٿو وڃي: نمبر 5 جڊيشيل ڊپارٽمينٽ مُهر: محڪمه محتشهء صاحب 1868ع – 1284هه والا مرتب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ مانَ وارا منشي خدا داد سلامت هجو نهايت ئي مهرباني ۽ خوشيءَ سان پنهنجي مهربان مسٽر جان مور صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، جي سفارش تي هڪ سٺي ولايتي ترار، اوهان جي لائقيءَ جي ڪري ۽ اوهان جي انهن خدمتن جي ڪري اوهان کي انعام ڏني وئي آهي، جي اوهان سنڌ ۾ خواه ٻين ملڪن ۾ ڪمال هوشياريءَ ۽ ايمانداريءَ سان بجا آنديون آهن. اميد آهي ته اوهان هن انعام عطا ٿيڻ بعد، جو سرڪار جي پاران زياده عزت افزائي ۽ مهربانيءَ جو سبب آهي، سچائي ۽ وفاداريءَ کي پنهنجي مٿان واجب سمجهي هميشه سرڪار جي خير خواهيءَ ۾ مشغول رهندا. فقط. تاريخ 16- سيپٽمبر 1868ع (28- جمادي اول 1284هه). صحيح سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر ٽي پي ايس آءِ ڪمشنر سنڌ مٿين سالن ۾ سنڌ جي اندر ”آفيسل گزٽ“ جاري ٿي، جنهن جي ذريعي اڃا تائين آفيسرن کي سرڪاري خبرون ملنديون رهن ٿيون ۽ ان مان کين وڏو فائدو ٿو ٿئي. روهڙي ۽ سکر جي بندرن (پتڻ) تي ٻيڙين جي عيوض جهاز مقرر ڪيا ويا، جن ۾ وڏو آرام ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي سلامتي آهي. اڃا تائين ساڳي ريت اهي جهاز مقرر آهن، جنهنڪري ماڻهو، مهران (سنڌونديءَ) جهڙي خطرناڪ درياء کان امن امان ۾ آهن ۽ سرڪار کي دعائون ڪندا ٿا رهن. سال 1285هه سال 1869ع ۾ مارواڙ ۾ ڏڪار پيو. جنهنڪري اتان جا ماڻهو عمرڪوٽ، ريگستان ۽ ان جي اوسي پاسي (سنڌ ۾) اچي ويا ۽ بک جي ڪري پنهنجا ٻار وڪڻڻ لڳا، اگرچه هنن کي سرڪار جي پاران خوراڪ جي اميدا ڏني ٿي وئي، مگر انهن ماڻهن جي وڌيڪ امداد لاءِ ڪيترائي تعميراتي ڪم شروع ڪيا ويا. جهڙوڪ ريگستان ۾ ڪي نونا واه کوٽايا ويا ۽ ڪشمور ۾ (درياء تي) بند ٻڌايو ويو، جنهنڪري ماڻهو مزدوري ڪري، پنهنجو گذارو ڪرڻ لڳا. (سنڌ ۾) سرڪاري ملازمن کي سندن لياقت آهر ڏڪار جي ڪري اضافا (ڏڪار الائونس) ڏنا ويا. مٿين سالن (1285هه مطابق 1869ع) ۾ راقم الحروف هڪ سؤ پنجٽيهن رپين ماهوار پگهار سان ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ پهرئين درجي جي منشي گيري (هيڊ منشي) جي جاءِ ڏني وئي. از انسواءِ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ به منشيءَ جي جاءِ ڏني وئي، جنهن جو ثبوت انهيءَ تحرير مان ملندو، جنهن جو ذڪر مناسب موقعي تي ڪيو ويندو. ان کان علاوه ڪن اسڪول ۾ امتحانن جي موقعي تي جيڪا مدد مون کان ورتي ويندي هئي، انهيءَ جي عيوض به ڪجهه ملندو رهندو هو. مٿين سالن ۾ فريئر هال (ڪراچي) ۾ هڪ عجيب نمائش منعقد ڪئي وئي، جا سنڌ ۽ ان جي اوسي پاسي وارن ماڻهن جي گهرو هنر جي باري ۾ هئي ۽ هڪ هفتي تائين جاري رهي. جنهنڪري ماڻهن ۾ عجيب و غريب هنرن جو شوق پيدا ٿيو ۽ هو مختلف قسمن جي شين جي خريد و فروخت ڏانهن متوجه ٿيا. مٿين سالن ۾ هڪ حڪم صادر ڪيو ويو، ته سنڌ جي اندر خواه ڪوهستان ۽ ان جي اوسي پاسي قديم ۽ مشهور تاريخ خدا داد خان (راقم الحروف) جي هٿان تيار ٿيڻ گهرجي. انهيءَ حڪم جي ڪري، ڪراچي ضلعي مان (1) پير حاجي منگهي (2) شاه بلاول (3) لاهور لامڪان (4) دروات ۽ (5) رني ڪوٽ وغيره حيدرآباد ضلعي مان (1) نصيرپور (2) ٽنڊو فضل ٽالپر (3) مخدوم نوح (4) رهمڪي بازار ۽ (5) اُڏيرو لعل وغيره ۽ شڪارپور ضلعي مان (1) خواجه خضر (2) معصوم شاه جو منارو (3) شاه خير الدين (4) قاسم خاني ۽ (5) بکر جي قلعي وغيره جو احوال درجي بدر جي لکي، ڪمشنر صاحب جي خدمت ۾ عرض رکيو ويو، جو سرڪار جي مترجم کان انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپايو ويو ۽ سنڌ جي عملدارن کي ڏنو ويو ۽ لنڊن ڏانهن سر بارٽل فريئر صاحب بهادر کي موڪليو ويو. جنهن جا ڪيترائي نسخا (ڪاپيون) سنڌي خواه انگريزيءَ ۾ راقم الحروف وٽ موجود آهن. سال 1286هه مطابق 1870ع ۾ بلوچستان جي سردارن بولان جي دره ۽ مٺڙيءَ جي وچ ۾ خان صاحب واليءَ قلات جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. افغانستان ۽ بلوچستان جي سوداگرن ۽ قافلن کي ڦريائون لٽيائون، جنهنڪري هندوستان جي سرڪار بلند اقتدار (وائسراءِ) جي حڪم موجب انهن جهڳڙن جي تصفيه لاءِ خاص طور تي (سنڌ جي ڪمشنر صاحب کي) مقرر ڪيو ويو. اٽڪل چار مهينا جيڪب آباد ۾ تنبو کوڙائي، انهن ۾ قيام ڪيائين ۽ خان قلات جي وزير ملاولي محمد شاه غاصي (اشڪ اقاسي) ۽ سرادان جي سردار ملا محمد رئيساني جي روبرو تمام سهڻي نموني سان (سڀئي جهڳڙا) فيصل ڪيائين. ايتريقدر جو سڀئي ڌريون سندس فيصلن تي راصي ٿيون ۽ انهيءَ مشڪل معاملي ۾ راقم الحروف کي خصوصيت سان خدمتگذاريءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو. اهو اٺون ڀيرو هو، جو راقم الحروف کي انهيءَ خاص خدمت لاءِ مامور ڪيو ويو. مٿين سالن ۾ سرحدي علائقي ۾ رهندڙ بلوچ قومن لاءِ جرگي جا قاعدا تيار ڪري، انهن جي منظوري (هند سرڪار کان) ورتائين، جن مان اڃا تائين فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي. بلوچستان جا ماڻهو انهن تجويزن جي ڪري بي حد خوش آهن. انهن ئي ڏينهن ۾ ”شهداد واه“ عرف ”سکر واه“ ۾ جيڪا ڦير گهير ڪرڻي هئي، سا پوري ٿي ۽ واه کوليو ويو. سال 1287هه مطابق 1871ع جي شروع ۾ جڏهن ويلي صاحب بهادر سنڌ (ڪمشنر صاحب جو) اسسٽنٽ هو، ”ڪشمور بند، تان آفيس جي سڀني ملازمن کي حڪم ڪيو ته سکر پهچي، اتي ترسن ۽ انتظار ڪن ۽ پاڻ (ڪمشنر صاحب) جهاز جي ذريعي ٻين صاحبن سان گڏجي ۽ راقم الهروف کي ساڻ ڪري (اهو نائون ڀيرو هو، جو راقم الحرو کي خاص خدمت لاءِ مامور ڪيو ويو) بهاولپور جي شهر ”چاچڙان“ ۾ پهتو ۽ اتي پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر صاحب بهادر سان ملي (ٻئي ڄڻا) مٺڻ ڪوٽ ۾ آيا ۽ سنڌ جي حدن جي مقرريءَ جو فيصلو ڪري (سنڌ جو ڪمشنر) سکر ۾ موٽي آيو. مٺڻ ڪوٽ ۾ پنجاب جي مزاري قوم جي سردار ۽ تمندار نواب سر امام بخش خان صاحب بهادر مهمانداريءَ جا فرائض بجا آڻي، خوش ڪيو. مٿئين سال جي آخر ۾ (ڪمشنر صاحب) ڪراچيءَ کان ڪن معززن سان گڏجي ۽ راقم الحروف کي ساڻ ڪري، ڪوٽڙي پهتو ۽ اتان جهاز تي سوار ٿي، ڏينهن رات سفر ڪندي، ملتان جي ڀرسان شير شاه بندر (پتڻ) تي لنگر انداز ٿيو ۽ اتان ريل تي چڙهي ملتان آيو ۽ هندوستان جي فرمان فرما (گورنر جنرل وائسراء) جناب لارڊ نارٿ بروڪ صاحب بهادر سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ مسٽر جيمس صاحب بهادر سندس اسسٽنٽ هو. ملتان کان عزت ماب وائسراءِ صاحب بهادر سان گڏجي (ڀنگ بهاره“ جي ڪيمپ ۾ پهچي، رات جو بهاولپور جي والي خان صاحب صبح صادق صاحب بهادر جا مهمان ٿيا. پوءِ ڪشمور جي بندر (پتڻ) تي پهتا ۽ اتان خشڪيءَ جي رستي ارادو ڪيائون ته جيڪب آباد کي پنهنجي تشريف اوريءَ جي شرف سان نوازين، مگر اتفاق اهڙو ٿيو، جو صاحب موصوف کي تپ ٿي پيو، جنهن کي ”ويگو“ سڏيو ويندو آهي، جنهنڪري جهاز تي سوار ٿي سکر جي بندر (پتڻ) تي پهتا ۽ اتي قلات جي والي خان خدا داد خان صاحب بهادر ۽ خيرپور جي والي مير علي مراد خان صاحب بهادر سان ملاقاتون ڪري ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏئي وٺي، انهيءَ ئي جهاز ۾ حيدرآباد جي بندر (پتڻ) تي پهتا ۽ اتان گهمي ڦري، ڪراچيءَ ۾ رونق افروز ٿيا ۽ ”فريئر هال“ ۾ دربار منعقد ڪري، عزت ماب گورنر جنرل ۽ وائسراءِ صاحب بهادر بمبئيءَ تشريف فرما ٿي ويو ۽ باقي صاحب سنڌ ۾ پنهنجين جاين تي برقرار رهيا. انهيءَ سفر ۾ راقم الحروف ساڻ هو ۽ اها منهنجي نائين خصوصي خدمت هئي. سال 1288هه مطابق 1872ع ۾ هندوستان جي فرمان فرما گورنر جنرل ۽ وائسراءِ لارڊ ميو صاحب بهادر جي قتل جي خبر سنڌ ۾ مشهور ٿي. مٿئين سال ۾ لس ٻيلي جو حڪمران ڄام مير خان، خان قلات جي وزير ملاولي محمد شاه غاصيءَ جي جنگ کان ڀڄي، ڪراچي آيو ۽ سنڌ سرڪار جي نظر بنديءَ هيٺ رهيو. سال 1289هه مطابق سال 1874ع ۾ بلوچستان جا ڪي حصا، جي سنڌ فتح ٿيڻ واري زماني کان وٺي، سنڌ جي ڪمشنر جي ماتحت هئا، سنڌ کان جدا ڪري، بلوچستان جي اي جي جي (بلوچستان ۾ هندوستان جي گورنر جنرل جي ايجنٽ) جي ماتحت ڪيا ويا ۽ انهن ڏينهن ۾ هندوستان جو فرمان فرما (گورنر جنرل ۽ وائسراءِ) لارڊ ليٽن صاحب بهادر پنجاب کان جيڪب آباد سنڌ ۾ تشريف آور ٿيو ۽ سنڌ کي عزت بخشيائين. سال 1289هه مطابق 1874ع جي آخر ۾ بمبئيءَ جو گورنر سر فلپ ووڊ هائوس صاحب بهادر پنجاب کان ڪشمور ۾ تشريف آور ٿيو ۽ خشڪيءَ رستي سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، ميهڙ ۽ سيوهڻ جو سير ڪري، سيوهڻ جي بندر (پتڻ) تان جهاز تي سوار ٿي حيدرآباد پهتو ۽ اتان جون اهم جڳهيون، عجيب و غريب شيون ۽ 1260هه مطابق 1843ع وارو ميدان جنگ ڏسي، ڪراچي آيو ۽ اتي عام دربار منعقد ڪري، بمبئيءَ روانو ٿي ويو ۽ سنڌ جا عملدار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي قائم رهيا. انهي ئي سال ڪوٽڙي کان وٺي ملتان تائين مهراڻ درياء (سنڌو ندي) جي کاٻي ڪپ تي ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي. سال 1290هه مطابق 1875ع ۾ سرڪار بلند اقتدار مقروض جاگيردارن ۽ زميندارن کي قرض کان آزادي ڏيارڻ خاطر قاعدو منظور ڪيو. پهريون ڀيرو انهيءَ قاعدي جي شروعات ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر جي ڪوشش ۽ محنت سان ٿي، جڏهن هو ضلعي سيوستان (سيوهڻ) جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو. ان جي ڪري ڪيترن ئي جاگيردارن، زميندارن ۽ ڪاشتڪارن کي فائدو حاصل ٿيو، جنهنڪري هو سرڪار نامدار جي، اُن وقت جي عملدارن جا ڳُڻ ڳائڻ لڳا. مگر شنوائي جي مدت تمام ٿوري يعني ڇهه مهينا کن مس هئي، انهيءَ ڪري سڀئي مستحق جاگيردار اُن مان پورو فائدو حاصل ڪري نه ٿي سگهيا ۽ ڪي محروم رهجي ويا. سال 1290هه مطابق 1875ع ۾ سر مير علي مراد خان پنهنجي مختصر عملي سميت پرنس آف ويلس صاحب بهادر سان ملاقات لاءِ بمبئيءَ ويو. سال 1291هه مطابق 1876ع ۾ راقم الحروف جي لاءِ هندوستان جي سرڪار نامدار کي نيڪ ناميءَ جي پرواني عطا ڪرڻ جي سفارش ڪيائين، جا هيٺين تحرير مان، جا انگريزيءَ جو ترجمو آهي، پڙهندڙن کي معلوم ٿيندي. [1] هت هيءَ اکر وڌائڻ کپندا هئا، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي (ن . ب). پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ، نمبر 746، مورخه 26 سيپٽمبر 1876 آفيس ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ، ڪراچي بحوالهء مراسله نمبر 732، مؤرخه 21 سيپٽمبر 1876ع (1291هه). ڪمشنر صاحب بهادر رقم طراز آهي، ۽ منشي خدا داد خان ولد راضو خان جو نالو پيش ٿو ڪري جو سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جو وڏو منشي آهي ته هند سرڪار جي پاران هن جي لاءِ نيڪ ناميءَ جو پروانو صادر ڪيو وڃي. ڇو ته هيءُ منشي گهڻي عرصي کان نهايت ئي سهڻي نموني سان خدمتون بجا آڻيندو رهيو آهي. مثلاً سال 1858ع (1276هه) ۾ سر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ سان گڏجي جيسلمير ۽ پوڪران (مارواڙ) ويو. سال 1821ع (1678هه) ۾ ساڳئي عملدار کي خاص خدمتن جي بجا آوريءَ لاءِ مڪران (بلوچستان) جي ساحل ڏانهن موڪليو ويو ته هيءُ منشي هن سال گڏ هو. انهن ٻنهي خدمتن لاءِ هن کي خاص طور تي منتخب ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ مخصوص خدمتن جي لاءِ بار بار منتخب ٿيندو رهيو ۽ مسٽر ايس مينسفيلڊ ڪمشنر سنڌ سان گڏجي خليج فارس ۽ دجله درياء عبور ڪري بغداد ويو. انهن خدمتن جي عيوض مسٽر هيولاڪ، جڏهن هو سنڌ جو ڪمشنر هو کيس هڪ اعليٰ درجي جي ترار عطا ڪري نوازيو هو. منشي خدا داد خان کيس هڪ اعليٰ درجي جي ترار عطا ڪري نوازيو هو. منشي خدا داد خان ڪيترائي ڀيرا فارسي، عربي، مڪراني ۽ بلوچي زبانن جي مترجم جا فرائض بجا آندا آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي مُمتحنن جي جماعت جو ممبر رهيو آهي، جا تعليم کاتي جي ماتحت آهي. اهي خدمتون خواه ٻيون ڪيتريون ئي خدمتون، جي سياسي معاملن سان واسطو رکندڙ هيون، بجا آنديون اٿس، جن کي تفصيلوار قلمبند ڪرڻ ضروري نظر نٿو اچي. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي، سنڌ جو ڪمشنر صاحب بهادر سمجهي ٿو ته منشي خدا داد خان هن ڳالهه جو مستحق آهي ته کيس نيڪ ناميءَ جو پروانو عطا ڪيو وڃي. انهيءَ ڪري مٿس مهربانيءَ جي خيال کان سفارش ٿي ڪجي، ته سرڪار کيس نيڪ ناميءَ جو پروانو عطا ڪري. صحيح ڪرنل سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ سال 1875ع جي آخر ۾ بمبئيءَ جو گورنر سر رچرڊ ٽيمپل صاحب بهادر جو تمام سٺو فارسي دان هو ۽ عجيب و غريب حالات جو شائق ۽ ڳولائو، ريگستان (رن ڪڇ) جي رستي عمرڪوٽ پهتو ۽ اتان سنڌ جي اڪثر شهرن جو سير ڪرڻ بعد قنڌار روانو ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ ريگل گاڏي شال ڪوٽ (ڪوئٽه) تائين هان لڳي هئي. جيڪب آباد ۽ ڪوئٽه جي وچ ۾ ”ٽيمپل ديره“ جي نالي سان جا ريلوي استيشن مشهور آهي، انهيءَ صاحب ڏانهن منسوب آهي. ڇو ته اتي ٿوري دير ترسي ناشتو ڪيو هئائين. سردار شير علي خان والي قنڌار کان هن خاڪسار راقم الحروف کي معلوم ٿيو ته گورنر صاحب قنڌار ۾ سردار صاحب موصوف جو مهمان هو ۽ اتي افغان سردارن وانگر هيٺ ويهي ماني کاڌي هئائين. بيشڪ، ائين ئي ٿيڻ کپي. هر ملڪ ۽ هر سهر ۾ اتان جي رسم رواج مطابق هلڻ عقلمندن جو ڪم آهي. قنڌار کان واپسيءَ تي ”نئه گاج“ جو ملاحظو ڪرڻ بعد، جا ڪوهستان جي ڪناري تي آهي، ڪراچيءَ آيو ۽ اتي هڪ عام جلسو ڪري، ملير کان پائيپن رستي ڪراچيءَ پاڻي پهچائڻ جو افتتاح ڪيائين ۽ ان کانپوءِ بمبئي تشريف فرما ٿي ويو. (22)سال 1692هه مطابق 1877ع ۾ سر مير علي مراد خان دهليءَ ويو ۽ اتي نوابن، اميرن ۽ راجائن جي جلسي ۾ شامل ٿيو. جتي کيس پرچم ۽ ڪي ٻيون شيون عطا ڪري نوازيو ويو. آخر ڪار (سنڌ جو ڪمشنر) پنهنجي سهڻي ڪار گذاريءَ جي ڪري سال 1692هه مطابق سال 1877ع جي آخر ۾ انگلينڊ جي پارليامنٽ جو ممبر مقرر ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ کان بمبئي روانو ٿي ويو. ان کان اڳ ۾ ڪو به ڪمشنر برطانوي پارليامينٽ جو ممبر نه ٿيو هو. سنڌ جي باشندن چندو گڏ ڪري، جنهن ۾ راقم الحروف جي ڪجهه رقم به شامل هئي، بندر روڊ جي مٿان ڪراچي شهر جي آخري ڇيڙي تي (سندس يادگار ۾) هڪ وڏو برج ٺهرايو، جو ”ميري ويدر ٽاور، جي نالي سان مشهور آهي ۽ اڃا تائين قائم آهي. سمنڊ جي ڪناري تي ٻيو هڪ وڏو برج به آهي، جو ”ميري ويدر اسٽيشن“ (؟) جي نالي سان مشهور آهي ۽ هڪ باغيچو به جو ”ڪراچيءَ جي باغستان“ ۾ داخل ۽ سرڪار جي پاران مير صاحبن جي رهائش لاءِ مقرر ڪيل آهي، ”ميري ويدر گارڊن“ جي نالي سان مشهور آهي. بيشڪ، نامور سردار هميشه زنده رهندا آهن، توڻي جو دنيا فانيء مان عالم جاودانيءَ ڏانهن رحلت ڪري وڃن، ته به سندن نانء نشان قائم رهندو آهي. پنهنجي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ راقم الحروف وٽ موجود آهن. جيڪڏهن اهي سڀئي حڪمناما ڇڏيا اٿس، جي راقم الحروف وٽ موجود آهن. جيڪڏهن اهي سڀئي حڪمناما ڪاغذ جي ميدان تي آندا وڃن (نقل ڪيا وڃن) ته لازمي طور تي انهن جي لاءِ هڪ جدا داستان مرتب ڪرڻو پوندو. مگر ”مشتي نمونهء از خرواري“ جي مصداق انهن مان فقط ٽي حڪمناما هت درج ڪيا ٿا وڃن، جن مان پڙهندڙن کي، راقم الحروف جي مٿان ڪمشنر صاحب جي شفقت، مهرباني ۽ عنايتن جو پتو پوندو. هن تاريخ جي پڙهندڙن کي نيڪ روشن هجي ته گهڻائي اسسٽنٽ ڪمشنر، راقم الحروف جي مٿان مهربان هئا. هنن کي جڏهن منهنجي عهدي ۽ پگهار جي باري ۾ معلوم ٿيندو هو ته هن خاڪسار جي مسڪيني حال تي رحم ڪري سنڌ جي ڪمشنر صاحبن کي سفارشون ڪندا هئا. انهن منجهان جيڪي سفارشون سر وليم ميري ويدر صاحب جي خدمت ۾ ڪيون ويون. ڪجهه هت درج ڪيون ٿيون ۽ ٻين صاحبن کي ڪيل سارشون شايد ٻئي ڪنهن موقعي تي درج ڪيون وڃن. اسسٽنٽ ڪمشنر صاحبن جي تحريرن تي سنڌ جي ڪمشنر سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر جا جواب خدا داد خان مون کي چڱي طرح ياد آهي. ڪنهن مناسب موقعي تي سندس بهترين خدمتگذاريءَ جي باري ۾ سوچيو ويندو. اڃا وقت پيو آهي. خدا داد خان کي ٻه سؤ پنجاهه رپيا ماهوار پگهار، هڪ سؤ ويهه رپيا ماهوار الائونس ۽ سنڌ جي پوليس انسپيڪٽريءَ جو عهدو قبول نه ڪرڻ گهرجي. مان خدا داد خان کي سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾، پگهار جي اضافي سان رهڻ جي صلاح ڏيندس. خدا داد خان جهڙي هوشيار ۽ لياقت، قابليت رکڻ واري منشيءَ لاءِ اهو عهدو (پوليس انسپيڪٽري) هڪ ڪارو داغ آهي. اسستنٽ ڪمشنر صاحب بهادر جي تجويز مان خدا داد خان جي لاءِ سفارش جي جراءت ڪندي، هن حقيقت جو اظهار ٿو ڪريان ته جوانن ۽ ٻُڍن (سرڪاري ملازمن) کي ترقي ملندي رهي ٿي ۽ خدا داد خان اڃا تائين اتي جو اتي آهي. في الحال ٽن مهينن لاءِ کيس (عارضي) ترقي ڏيڻ مناسب نظر اچي ٿي، ته فيص محمد جي جڳهه تي اسٽنٽ ڪليڪٽر يعني سينئر ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي ڪم ڪري ۽ ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ رهي ته سندس کيسي ۾ پئسا اچن. هو قادر داد کان يا ڪنهن اهڙي شخص کان گهٽ ناهي، جنهن جي جڳهه تي هو ڪم ڪندو (اهو اشارو فيض محمد ڏانهن هو جو انهن ڏينهن ۾ زنده هو). ڪمشنر صاحب جواب مان خدا داد خان جي پگهار ۾ اضافي لاءِ وقت اچڻ تي مناسب تجويز پيش ڪندس. اوهان هن جي واسطي جنهن عهدي جي سفارش ڪئي آهي، سو ڪمشنر جي آفيس ڇڏڻ کانسواءِ حاصل ٿي نٿو سگهي. ڪيتريون ئي ٻيون تحريرون به موجود آهن ۽ سيپٽمبر 1877ع مطابق 1292هه ۾ روانگيءَ وقت راقم الحروف جي هٿ ۾ جيڪا نيڪ ناميءَ جي تحرير ڏنائين ۽ پنهنجي آفيس ۾ جيڪا تحرير ڇڏيائين سي هيٺ درج ڪيون ٿيون وڃن (انگريزيءَ جو تحت لفظي ترجمو پيش ڪيو ٿو وڃي): منشي خدا داد خان تمام سٺو خدمتگذار آهي ۽ هن جي ڪار گذاريءَ ۾ نهايت ئي همت ۽ چستي آهي. وڏي منشيءَ جي جڳهه، جا ديوان منگهارام جي وڃڻ سبب خالي ٿي هئي، سا اٺن سالن کان هن جي هٿ ۾ آهي. هن فارسي زبان جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ سنڌي لکڻ ۾ وڏو هوشيار آهي. ٻين به ڪيترن ئي زبانن کان واقف آهي. مان ڏاڍو خوش هوس ته هن کي ڪنهن مناسب موقعي تي ڪنهن وڏي عهدي تي رسائيندس. پر حالتن جي ناساز گاريءَ سبب اهڙو موقعو ملي نه سگهيو. انهيءَ ڪري اها ذمه داري پوري اعتماد سان پنهنجن جانشين جي مٿان ٿو رکان. هو تمام جلد، فرائض جي بجا آوريءَ ۾ هن جي بهترين ڪار گذاريءَ کان واقف ٿيندا ۽ جڏهن کي موقعو ملندو ته وڏي خوشيءَ سان هن کي ڪنهن عهدي تي ترقي ڏئي، سرفراز ڪندا. مون کي هن وقت ۽ ههڙن حالتن ۾ سٺو نه ٿو لڳي، هن کي ”خان بهادريءَ“ جي لقب ڏيڻ لاءِ خصوصي درخواست ڪريان، ۽ اهو چڱو نه ٿيندو ته سرڪار نامدار وٽان انهيءَ درخواست جو انڪاري جواب اچي. صحيح ڊبليو ايل سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ اُنهيءَ تحرير جو مختصر ترجمو، جا پنهنجي آفيس ۾ رڪارڊ تي ڇڏي ويو: منشي خدا داد خان، سٺو منشي، چڱو تعليم يافتو ۽ لياقت وارو آهي. اهڙيءَ ريت وڃڻ وقت هڪ ولايتي ترار، جنهن جي قيمت ٽي سؤ رپيا هئي، پنهنجي جانشين مسٽر ايف ڊي ميلول صاحب بهادر جي روبرو پنهنجي هٿ سان ڏنائين ۽ هن کي انگريزيءَ ۾ منهنجي لاءِ تمام سٺي سفارش ڪيائين. پوءِ مون کي اردوءَ ۾، جا نهايت ئي فصاحت سان ڳالهائيندو هو، فرمايائين ته ”تنهنجي لاءِ منهنجي سٺي صلاح اها آهي ته ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس کي جلد ڇڏڻ چڱو نه ٿيندو ڇو ته آخر توکي هتان ئي فائدو رسندو.“ بيشڪ، ائين ئي آهي، جو بادشاه جو سخن، سخنن جو بادشاهه هوندو آهي. هيٺين تحرير ترجمو آهي مسٽر جان مور صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي تحرير جو، جنهن جو وعدو مٿي فقري نمبر پنجين ۾ ڪيو ويو هو جتي سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر جون ڪار گذاريون درج ڪيون ويون هيون. هيءَ تحرير هن ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ درج ڪئي ٿي وڃي: ”مان منشي خدا داد خان کي اٺن سالن جي عرصي کان چڱي طرح سان سڃاڻان. ڇو ته مان اهو سڄو عرصو سنڌ ۾ رهيو آهيان. انهيءَ عرصي ۾ هنن پاڻ کي سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ وڏي منشيءَ جي ذمه داريءَ جهڙي جڳهه تي نهايت ئي محنت، لياقت ۽ وڏي ڪوشش سان پهچايو آهي. خدا داد خان مسافريءَ جي زماني ۾ جڏهن ڊگهيون ۽ ڏکيون منزلون درپيش اينديون آهن، انهن ڊگهين منزلن جي ڏکيائي برداشت ڪري سگهڻ وارو آهي ۽ اهڙن موقعن تي هن سرڪاري ملازم جو قدم [1] حد کان زياده قيمتي آهي، جو سندس فارسي داني ۽ عربي داني بي حد فائدي مند ثابت ٿي هئي، جنهن وقت اسين خليج فارس وٽان لنگهي ۽ دجله ۽ فرات عبور ڪري، بغداد ويا هئاسين. هيءُ شخص اسان سان دارهاره جبل ڏانهن به هليو هو. اتي اسان کي جيڪا به ضرورت پيش آئي ٿي، سا وڏي خوشيءَ سان پوري ٿي ڪيائين. از انسواءِ سنڌ جي سفر ۾ جڏهن مون کي سنڌ جي اسڪولن جي امتحانن وٺڻ لاءِ وڃڻو پيو ته هن وٽان تمام چڱي مدد ملي. مان ڏاڍو خوش ٿيندس. جيڪڏهن هن کي پنهنجي حياتي4 ۾ هاڻوڪي عهدي کان، ڪنهن وڏي عهدي تي فائز ڏسندس ۽ جا ڳالهه مون کان لکڻ وسري وئي آهي، سا هاڻي ٿو لکان، ته ”خدا داد خان انسپيڪٽر جنرل صاحب بهادر جي برانچ ۾ رجسٽريشن جي معاملن ۾ سڄو سال وڏي مدد ڏني آهي.“ صحيح جان مور صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، سنڌ جي اسڪولن ۽ انسپيڪٽر صاحب بهادر جي برانچ جو ناظم. نائون ڪمشنر: مسٽر ايف ڊي ميلول صاحب بهادر ايڪٽنگ سال 1292هه مطابق 1877ع جي آخر ۾ جانشين ۽ ايڪٽنگ ڪمشنر ٿيو. سندس اسستنٽ مسٽر ڊبليو بي وارنر صاحب بهادر هو. ميلول صاحب ان کان اڳ ۾ سنڌ جو جڊيسنل ڪمشنر ۽ سنڌ جي چيف ڪورٽ جو جج هو. سندس ڪمشنريءَ جي زماني ۾ اگرچه چند معمولي ڳالهيون سر انجام ٿيون، پر ڪيترائي عدالتي معاملا، جن کان هو چڱيءَ طرح واقف هو، اصلاح پذير ٿيا ۽ چڱي طرح سان هلڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ افغانستان ۾ ٽين جنگ هلي پوري ٿي هئي ۽ سنڌ ۾ گهوڙن، ڍڳن، خچرن ۽ گڏهن جي خريد و فروخت ۽ ڏيساورن ۾ سندن موڪلڻ سخت مشڪل ٿي پيو هو ۽ ڪڙٻ (جوئر جو گاه) جي تڪليف تمام وڌي وئي هئي. انهن مشڪلاتن کي ميلول صاحب ڏاڍي سهڻي نموني سان حل ڪيو. ڏهون ڪمشنر: مسٽر ايڇ اين بي ارسڪين صاحب بهادر سال 1293ع مطابق 1879ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وارد ٿي، ڪمشنريءَ جو عهدو سنڀاليائين. ان کان اڳ ۾ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي عهدي تي رهي چڪو هو. پهريائين سر چارلس ايلونٽ صاحب بهادر، پوءِ ڊاڪٽر جان پالن صاحب بهادر ۽ ان کانپوءِ مسٽر ايجرلي صاحب بهادر درجي بدر جي سندس اسسٽنٽ ٿي رهيا. سندس ايامڪاريءَ ۾ اڪثر سرڪاري معاملا سهڻي نموني سان سر انجام ٿيندا رهيا. هت انهن مان ڪي ڳالهيون ”يک مشت نمونهء خرواري“ [2] جي طور تي درج ڪيون ٿيون وڃن. ڪي عجيب و غريب ڳالهيون جي سندس حڪمرانيءَ جي زماني ۾ ٿيون، سي لکيون وڃن ٿيون، مان پڙهندڙن کي پتو پوندو ته هو صاحب ڪهڙيءَ ريت سرڪاري ڪاروبار هلائيندو هو. انهيءَ سال افغانستان جو والي مرحوم امير شير علي خان صاحب وات ڪري ويو. سندس سجع هيءَ هئي: امير دوست محمد خان که مقل ازلي است، نظام مملکتش از انتظام شير علي است.1 جاگيرون، جي اڳين بادشاهن جون ڏنل هيون، يا چڱين خدمتن سبب نئين سرڪار جون عطا ڪيل هيون، انهن جا معاملا اڪثر اڻ رٿيا ۽ اڻ پورا هئا، جنهنڪري بمبئي جي سرڪار وٽان وقت بوقت انهن جي تصفيه لاءِ احڪام ايندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري هن سلسلي ۾ سرڪار کي هڪ رپورٽ ڪيائين، جنهن جو ترجمو درج ڪيو ٿو وڃي. جنهن مان پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو ته انهيءَ رپورٽ جو نتيجو راقم الحروف جي فائدي ۾ آهي. بامبي سرڪار کي موڪليل رپورٽ 10 آڪٽوبر 1880ع مطابق 1694هه جو تصديق شده ترجمو منهنجا سائين! هيءَ ڳالهه اوهان صاحبن جي ڌيان مبارڪ تي آڻن گهران ٿو ته سنڌ جي ايڪسٽر اسسٽنٽ ڪليڪٽرن (عارضي) منجهان هڪ ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر جو عهدو خالي آهي. جنهن ڪري عرضگذار آهيان ته اوهان صاحب انهيءَ عهدي تي هڪ سرڪاري ملازم مقرر ڪرڻ فرمايو ته مان تعميل ڪريان (اوهان جي مقرر ڪيل ماڻهوء کي رکان). پنهنجن پيش رَوَن جي راءِ سان اتفاق ڪندي، اوهان صاحبن جي ڌيان مبارڪ کي خان صاحب خدا داد خان ولد راضو خان ڏانهن موڙڻ ٿو گهران. هيءُ ماڻهو ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جو وڏو منشي ٿي رهيو آهي ۽ اڃا تائين آهي. خان صاحب خدا داد خان سال 1854ع (1270هه) جي شروع کان سرڪاري ملازمت ۾ آهي (اڳين) سڀني عملدارن، جن جي هٿ هيٺ هن ڪم ڪيو آهي. هن جي لاءِ وڏي عزت سان شاندار ۽ عزت افزائي جا الفاظ استعمال ڪيا آهن. سال 1855ع (1271هه) ۾ هو جاگيري ۽ سياسي شعبي ۾ سر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب بهادر جي ماتحت رهيو آهي. ان کانپوءِ هو ساڳئي عملدار سان هڪ خاص ڊيوٽي تي مڪران (بلوچستان ۽ جيسلمير (مارواڙ) ويو. سرفريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب، سر ليوئس بيلي صاحب سر هنري گرين صاحب، مسٽر هيولاڪ صاحب، مسٽر ميلول صاحب سر هنري گرين صاحب، مسٽر هيولاڪ صاحب، مسٽر ميلول صاحب ۽ سر وليم ميري ويدر صاحب سڀني هن جي بهترين خدمات ۽ وڏي لياقت جي تعريف ڪئي آهي ۽ سندس پگهار ۾ اضافي جي سفارش ڪئي اٿن. سال 1867ع (1283هه ۾ سندس سهڻين خدمتن جي عيوض کيس هڪ سوني ترار عطا ڪري، ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي سڀني اهلڪارن جي درميان اعزاز ۽ امتياز بخشيو ويو. سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر سنڌ مان روانگيءَ وقت هن ريت لکيو. ”مان ڏاڍو خوش ٿيا ها، جيڪڏهن ڪنهن مناسب موقعي تي هن جو عهدو ۽ پگهار وڌائي، هن کي سرفراز ڪريان ها. پر وقت جي ناسازگاريءَ سبب مون کي اهرو مناسب موقعو ميسر نه ٿيو. انهيءَ جي باوجود مان پوري اعتماد سان هن کي پنهنجن جانشينن جي حوالي ڪري ٿو وڃان.“ مون کي خدا داد خان جي حالت ۽ لياقت جي باري ۾ زياده لکڻ جي ضرورت نه آهي. مان هن جي ڪار گذاريءَ جي باري ۾ پنهنجي هڪ سال جي ذاتي تجربي جي آڌار تي فقط هيترو چوندس ته منهنجي راءِ به پنهنجن پيش رَوَن جي راءِ سان شامل آهي، جا هن بابت ڏني اٿن. مان پوري يقين سان چوان ٿو ته هو پگهار ۾ اضافي جو لائق آهي، جنهن لاءِ مان اوهان صاحبن جي خدمت ۾ سفارش ٿو ڪريان. هن وقت هڪ سبب آهي، جو مان خان صاحب خدا داد خان جو انتخاب ٿو ڪريان ته هو هن خالي عهدي تي عارضي طور ڪم ڪري، جنهن لاءِ اوهان جي ڌيان مبارڪ تي آڻيان ٿو ۽ اوهان صاحبن کي ياد ٿو ڏياريان ته ڪجهه عرصي کان سرڪار جي اها خواهش پئي رهي آهي ته سنڌ جي زمينن جي معافيءَ جو مسئلو هٿ ۾ کنيو وڃي ۽ ان باري ۾ رپورٽ ڪئي وڃي. مگر انهيءَ معاملي ڏانهن توجهه ڏيڻ ۽ رپورٽ ڪرڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون پيش ٿيون اچن. جنهنڪري ناممڪن آهي ته سمورين زمينن يا ڪن ٽڪرن جي باري ۾ صحيح يادداشت هٿ اچي سگهي. مگر انهيءَ جي باوجود هن معاملي کي نظر انداز نه ڪيو ويو آهي ۽ هن باري ۾ ضروري معلومات حاصل ڪرڻ جو ڪم جاري اهي. تاهم اهو امڪان آهي ته اها جاچ (سروي) جلد پوري ٿي نه سگهي؛ تنهنڪري بهتر ائين نظر ٿو اچي ته هن معاملي جي لاءِ هڪ خاص آفيسر مقرر ڪريان، ۽ منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته انهيءَ عهدي تي، جو خالي آهي، هڪ آفيسر (جلد ۽ ضروري) مقرر ڪيو وڃي ۽ مون کي چڱي طرح معلوم آهي ته سنڌ ۾ ٻيو اهڙو ماڻهو ڪونهي، جو هن ملازمت جي لاءِ گهربل هوشياري، قابليت ۽ لياقت رکندڙ هجي، سواءِ انهيءَ معزز ماڻهوءَ جي، جنهن جو نالو اوهان صاحبن جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هو جاگيري شعبي ۾ پنهنجي پهرئين تجربي کي چڱي طرح استعمال ڪري سگهندو. آڪٽوبر 1880 (1294هه) ڪراچي مان آهيان اوهان صاحبن جو تابعدار ايڇ اين بي ارسڪين ڪمشنر سنڌ انهيءَ سفارش تي بمبئيءَ سرڪار وٽان جيڪو حڪمنامو (انگريزيءَ ۾ (آيو، ان جو ترجمو هيٺينءَ ريت آهي: نمبر 8771، سال 1880ع (1294هه) روينو کاتو، بمبئي ڪائونسل، تاريخ 03 آڪٽوبر 1880ع (1294هه) سرڪاري حڪمنامو جناب گورنر صاحب بهادر نهايت ئي خوشيءَ سان مقرر ٿو فرمائي خان صاحب خدا داد خان ولد راضو خان، سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي وڏي منشيءَ کي سندس ڪار گذاريءَ سبب ”سيڪنڊ ڪلاس ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر سنڌ“، خان بهادر مير ولي داد خان جي جاءِ تي، ته هو سنڌ ۾ ايڪسٽرا اسستنٽ فرسٽ ڪلاس جا فرائض بجا آڻي. صحيح جان نيو جنٽ صاحب بهادر ايڪٽنگ سيڪريٽري اها يارهين مقرري آهي، جا راقم الحروف جي لاءِ خصوصي خدمت جي واسطي ڪئي وئي آهي. (3) سال 1295هه مطابق 1881ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽرن ۽ مختيارڪارن جي عهدن لاءِ وڌايل پگهارن جي باري ۾ هڪ نئين رٿ عمل ۾ آئي ۽ ضلعن جا آفيسر، جي ”ڊپٽي ڪليڪٽرن“ جي نالن سان مشهور هئا، سي هاڻي چڱن عهدن ۽ وڏين پگهارن سان ”اسستنٽ ڪليڪٽرن“ جي نالي سان سڏجڻ لڳا ۽ اهڙن عهدن حاصل ڪرڻ لاءِ قاعدا مقرر ڪيا ويا، جي اڃا تائين جاري آهن ۽ انهن عهدن لاءِ اميدوار آفيسر انهن جي پابندي ڪندا آهن. (4) انهيءَ سال (1881ع ۾) مالي معاملن جي باري ۾ چند قاعدا جاري ڪيا ويا ۽ سڀني زميندارن ۽ آبادگارن کي انهن کان اگاه ڪيو ويو. مثلاً ڍلن جي وصولي، آباد ۽ غير آباد زمينن جي ورهاست (کڻت)، مالڪاڻو وٺڻ، معافي ڏيڻ شفعه جو حق، لاڳيتيون زمينون، زمين جي حدن تي پٿر کوڙي نشان لڳائڻ، هوڙي [3]، ڪوڇن [4]، دريا بُردي، دريا خوردي (پائيندڙ سبب لُڙهي ويل زمين) ۽ درياء جي ڇڏي ويل زمين (ڪَچي) جي باري ۾ اهڙا سٺا قاعدا مقرر ڪيا ويا جن مان اڪثر قاعدا اڃا تائين ساڳيءَ ريت جاري آهن ۽ ”ائين اڪبريءَ“ وانگر مشهور آهن. (5) انهيءَ ئي سال (1881ع ۾) مرحوم سردار شير علي خان صاحب واليء قنڌار پنهنجن واسطيدار ماڻهن سميت ڪراچيءَ ۾ آيو. کيس رهائش لاءِ جاءِ ۽ گذاري لاءِ مناسب امداد ڏني وئي، جنهنڪري سڄي حياتي آرام ۽ آسائش سان وقت گذاريندو رهيو. (6) سال 1297هه مطابق 1883ع ۾ سر مير علي مراد خان واليء رياست خيرپور کي سلامتيءَ لاءِ ٻه توبون وڌيڪ عطا ڪيون ويون. (7) انهيءَ ئي سال (1883ع ۾) راقم الحروف جي لاءِ وري سفارش ڪئي وئي ته خدا داد خان کي اصلي پگهار کان زياده هڪ سؤ رپيا اضافو، روزانو ڀتو ۽ ٻه ڪلارڪ ڏناوڃن، جي انگريزي ڄاڻندڙ هجن (1) حشمت راءِ (جوهن وقت ڊپٽي ڪليڪٽر آهي ) ۽ (2) سندس پٽ آڌا رام مترجم. اهي بئي ڪلارڪ خط و ڪتابت لاءِ سندس ماتحتيءَ ۾ رهڻ گهرجن. انهيءَ سفارش جو اظهار انگريزي مراسلي نمبر 2251، مؤرخه 5 جون 1883ع (1297هه) جي آخري فقري مان ظاهر آهي. اهو مراسلو سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايڇ اين بي ارسڪين صاحب بهادر، بمبئي جي گورنر ۽ ڪائونسل جي صدر جيمس فرگرسن صاحب بهادر جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن جو ترجمو هيءُ آهي: فقرو نمبر 55 انهيءَ ڪري اها تجويز پيش ٿو ڪريان ته اهي معاملا، سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي سياسي شعبي جي وڏي منشي مسٽر خدا داد خان جي هٿان، اسستنٽ ڪمشنر جي نظرداريءَ هيٺ سر انجام ٿيڻ گرهجن. ڇو ته مسٽر خدا داد فارسيءَ جي لپڙهه ۽ جاگيرن جي نقش وغيره کان چڱي طرح واقف آهي ۽ وڏو تجربيڪار آهي. سندس خدمتون شروع کان وٺي سرڪار کي پسند آهن؛ تنهنڪري اها سفارش ٿو ڪريان ته هو انهيءَ خصوصي خدمت تي مقرر رهي. کيس هڪ سؤ رپيا ذاتي پگهار کان زياده ڏنو وڃي ۽ روزانو لوازمو (ڀتو) به. از انسواءِ هن ڪم لاءِ به انگريز يدان هڪ ستر رپيا ماهوار پگهار سان ۽ ٻيو چاليهه رپيا ماهوار پگهار سان هن جي ماتحتيءَ ۾ ڏنا وڃن ۽ دستور موجب هنن کي به مسافريءَ جو ڀتو ڏنو وڃي. مان سمجهان ٿو ته اهو ڪم پوري هڪ سال جي عرصي ۾ پورو ٿيندو. جنهن وقت هيء ڪتاب (تواريخ جاگيرات) تيار ٿي ويندو، ته پوءِ هميشه لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ۽ جيڪا غير ضروري لکپڙهه ٿيندي رهي ٿي، سا هڪدم بند ٿي ويندي. ان کانپوءِ ڪا به غلطي نه ٿيندي ۽ جاگيري زمينن جي باري ۾ سنڌ جي اندر هروڀرو جيڪي شڪ شبها ۽ مشڪالتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون، سي يڪدم بند ٿي وينديون. انهيءَ سفارش تي بمبئي سرڪار جي پاران انگريزيءَ ۾ جيڪو حڪم نمبر 9496، مورخه 12 ڊسمبر 1883ع مطابق 1287هه پهتو، ان جي آخري فقري جو ترجمو پڙهندرن جي واقفيت لاءِ هت درج ڪجي ٿو: ڪمشنر صاحب جاگيرن جي معاملن، سَنَدَن عطا ڪرڻ ۽ نقش جي تياريءَ جي باري ۾ جيڪا تجويز پيش ڪئي آهي، اها وڏي خوشيءَ سان بامبي ڪائونسل جي اجلاس ۾ منظور ڪئي ٿي وڃي. مگر معلوم ٿو ٿئي ته وڏي منشي (خدا داد خان) کي ماهوار هڪ سؤ رپيا اصلي پگهار ملي ٿي ۽ ان کانسواءِ به رجسٽريشن جي شعبي مان ٽيهه رپيا ماهوار کڻي ٿو. هاڻي جڏهن هو هن خاص ڊيوٽيءَ تي رهندو ته کيس فقط هڪ سؤ رپيا اصلي پگهار مقرر ڪيل ماهوار الاونس سميت وٺڻ گهرجي، ته اُهي ٽيهه رپيا، جيڪي کيس رجسٽريشن شعبي مان ملندا آهن. ڇو ته اها دائمي پگهار نه آهي. صحيح چيف سيڪريٽري بمبئي سرڪار جڏهن سال 1886ع (1299هه) ۾ ”تواريخ جاگيرات“ مڪمل ٿي ۽ ڇپجي وئي ته انهيءَ وقت ڊاڪٽر جان پالن صاحب نائب ڪمشنر سنڌ ان جي پهرئين جلد جي صفحي نمبر 4 تي لکيو ته ”خان صاحب خدا داد خان هن تواريخ مڪمل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي، جنهنڪري سندس شڪر گذاري ڪئي ٿي وڃي. راقم الحروف جي پاران اها ٻارهين خصوصي خدمت آهي. (8) مٿين سالن (1297هه مطابق 1883ع) ۾ مرحوم خان بهادر محمد مراد خان افغان جي ڪراچيءَ ۾ وفات حسرت آيات ٿي. مرحوم وڏو نامور انسان هو. اصل ۾ قلاتي هو. پوءِ ڪراچي ۾ اچي سڪونت پذيرٿيو. سندس لاش ڪراچيءَ مان کڻائي، حب نديءَ جي علائقي ۾ دفنايو ويو. جتي سندس جاگير هئي. (9) سال 1298هه مطابق 1884ع ۾ آنريبل سيد امير علي شاهه [5] باجارن (تعلقي سيوهڻ) جي سيدن جي گهرائڻ تي ڪلڪتي کان ڪراچيءَ تشريف آور ٿيو. باجارائي سيد قتل جي تهمت ۾ گرفتار هئا. سيد امير علي، آنريبل خان بهادر محمد حسن علي صاحب [6] سان گڏجي سيدن جي وڪالت ڪئي ۽ کين، خون جي ناحقي تهمت کان آزاد ڪرائي ثواب کٽائين. (10) سال 1299هه مطابق 1885ع ۾ مدرسة الاسلام ۽ ڏيارام ڪاليج [7] قائم ٿيا، جن مان اڃا تائين پبلڪ فائدو وٺي رهي آهي. (11) سال 1300هه جي آخر (۽ ان جي مطابق) مان 1887ع جي شروع ۾ سنڌ جي سڀني وڏن ۽ ننڍن شهرن ۽ خوشيءَ جون محفلون ۽ مجلسون منعقد ٿيون. چراغان ڪيا ويا ۽ عجيب و غريب تماشا ٿيا، جو انگلستان جي ملڪه معظمه ۽ هندوستان جي قيصره جي بلند شوڪت سلطنت جا پنجاه سال پورا ٿيا. سنڌ جا ڪيترائي امير، سردار ۽ معزز ماڻهو فريئر هال ڪراچي ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيائون. اها دَربار دُربار ايتريقدر شاندار هئي، جو خاڪسار راقم الحروف جي ڪوششن سان اگرچه سوين دربارون منعقد ٿي چڪيون آهن ۽ هميشه دربارن منعقد ڪرائڻ جي انتظام جو تعلق راقم الحروف سان ئي رهيو آهي، مگر مون اهڙي دربار اڳ ۾ ڪڏهن به اکين سان نه ڏٺي هئي. بيشڪ ائين، ڇو نه هجي، جو هيءَ دربار دُربار سڀني دربارين ۾ ممتاز هئي. (12) مٿئين سال ۾ راقم الحروف کي ”خانصاحبي“ جي خطاب عطا ڪرڻ جي سفارش ڪئيوئي، جا هيٺين تحرير مان ظاهر آهي: انگريزي مراسلي جي فقري 7 ۽ 8 جو ترجمو نمبر 25، مؤرخه 30 جنوري 1887ع (1300هه) جو بمبئي سرڪار کي موڪليو وي (ستون فقرو) ٻيو، هيء منهنجي خواهش آهي، جا مان اوهان صاحبن جي ڌيان مبارڪ تي ٿو آڻيان، ۽ خداداد خان ولد راضو خان کي ”خان صاحب“ جو لقب عطا ڪرڻ جي سفارش ٿو ڪريان ته اهو لقب هن جي لاءِ ”ذاتي لقب“ جي طور تي مقرر ڪيو وڃي. (اٺون فقرو) مونکي انهيءَ ڳالهه جي گهڻي ضرور محسوس نه ٿي ٿئي ته هن قديم ملازم جي باري ۾ زياده چوان. مگر هيترو ڪري سگهان ٿو ته هن پنهنجين خدمتن جي تاريخ جا سال 1882ع (1298هه) ۾ منهنجي واقفيت لاءِ تيار ڪئي هئي، ان جي باري ۾ ڪجهه لکان. مان اهو به ضروري نٿو سمجهان ته اڳين حاڪمن، هن جي باري ۾ جيڪي لکيو آهي، ان جو اظهار ڪريان. البت اهو لکڻ چاهيان ٿو ته خدا داد خان جيڪو عهدو چند سالن کان وٺي پنهنجي تصورف ۾ رکندو ٿو اچي، سنڌ ڪميشن جي حالات ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي يادداشت ۾ ڦير گهير سبب تخفيف ۾ اچي ويندو. انهيءَ ڪري بهتر نظر ٿو اچي ته کيس ”خان صاحب“ جو لقب عطا ڪيو وڃي. هونءَ به اهو لقب رواج ۽ سندس عزت جي ڪري ڪيترن ئي سالن کان وٺي هن جي لاءِ استعمال ٿيندو ٿو رهي. اوهان صاحبن جو تابعداد صحيح: مسٽر ايڇ اين بي ارسڪين صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ (13) سال 13000هه مطابق 1887ع ۾ جناب لارڊ ري صاحب بهادر گورنر بمبئي، ۽ سر مير علي مراد خان صاحب بهادر واليء خيرپور، شڪارپور ۾ گهوڙن جي ميلي جي موقعي تي رونق افروز ٿيا، سنڌ ۽ ان جي اوسيپاسي جا اڪثر معزز مانهو ۽ واپاري به انهيءَ موقعي تي اچي گڏ ٿيا. انهيءَ دَربار دُربار جو تمام سهڻو بندوبست ڪيو ويو هو ۽ اها دربار سنڌ جي اڪثر دربارن کان بهتر هئي، جا راقم الحروف جي ڪوشش سان منعقد ٿي هئي. انهيءَ ڳالهه جو ثبوت انگريزي خط جي هيٺين ترجمي مان ملندو. ٻيون ڪيتريون ئي تحريرون، جي هن دربار جي حالات تي مشتمل هيون، نظر انداز ڪيون وين آهن. خان صاحب خدا داد خان ڏانهن، مان نهايت ئي شڪر گذاري ۽ احسانمنديءَ سان اوهان جي اُنهيءَ مدد جي باري ۾ لکان ٿو، جا هزهائينس مير واليء رياست خيرپور ۽ هزايڪسيلينسي گورنر بمبئي جي تشريف آوريءَ جي موقعي تي اوهان مون سان ڪئي. اوهان کان سواءِ مون کي اها خبر نه پوي ها، ته مان هن باري ۾ ڇا ڪريان. ڇو ته مان ايترو عرصو رڳو آفيس جو ڪم ڪندو رهيو آهيان. انهيءَ ڪري مان اوهان جو وڏو احسانمند آهيان ۽ منهنجي دلي خوشي جو ثبوت هيءُ آهي جو مان اوهان جي مدد جو اعتراف ٿو ڪريان. جا اوهان مون سان ڪئي آهي. فقط. تاريخ 14 جنوري 1887ع (1300هه) اوهان جو مخلص دوست ڪرنل مير صاحب بهادر پوليٽيڪل ايجنٽ اسسٽنٽ خيرپور ۽ ڪليڪٽر ضلع شڪارپور (14) نيٺ انهيءَ سال (1887ع ۾) مسٽر ارسڪين صاحب بي شمار ڪار گذارين بعد ولايت (انگلينڊ) روانو ٿي ويو ۽ اتي سرڪاري نوڪريءَ کان رٽائر ڪري، پينشن وٺي، آرام سان گذارڻ لڳو. سندس سهڻين خدمتن سبب ڪراچي شهر ۾ ۽ ڪراچي بندر تي هڪ باغيچو ۽ هڪ بندر ”باغيچهء ارسڪين“ ۽ ”بندر ارسڪين“ جي نالن سان تعمير ڪيا ويا. بيشڪ، نيڪ سردارن ۽ حاڪمن جي نيڪين ۽ نيڪ ڪار گذارين جو يادگار زماني ۾ هميشه قائم ٿو رهي. چيو اٿن ته ”نوشير وان نه مرد که نام نکو گذاشت“ (نوشيروان مُئو نه آهي، جو چڱو نالو ڇڏي ويو آهي). وڃڻ وقت راقم الحرو جي باري ۾ سر چارلس پرچرڊ صاحب کي سفارس ڪندي، چيائين ته ”هيء شخص هميشه ڪمشنر صاحبن سان گڏ هوندو آهي ۽ جيئن چوندو آهي، ڪمشنر صاحب گهڻو ڪري اُونئين ڪندا آهن. ڇو ته صحيح چوندو آهي.“ يارهون ڪمشنر: سر چارلس پرچرڊ صاحب بهادر سال 1301هه مطابق 1888ع جي شروع ۾ بمبئيءَ کان ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنري جي چارج وٺي، ڪم شروع ڪيائين. پهريائين ڊاڪٽر پالن صاحب بهادر، پوءِ مسٽر ميولس صاحب بهادر ۽ ان کانسواءِ مسٽر ايجرلي صاحب بهادر واري واري سان سندس اسسٽنٽ هئا. دستوري ڪاروبار سهڻي نموني سان سر انجام ڪندو رهيو. مگر اهڙا (وڏا) ڪم، جن جو نتيجو اڃا تائين ظاهر آهي، يا ڪي عجيب ڳالهيون، جي سندس ايامڪاريءَ ۾ ٿيون، نموني طور هت قلمبند ڪجن ٿيون: سال 1301هه مطابق 1888ع ۾ هندوستان جو حڪمران ۽ گورنر جنرل جناب لارڊ ڊفرن صاحب بهادر سنڌ ۾ رونق افروز ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ ٽي ڏينهن ترسي دربار ۽ خاص ملاقاتون وغيره ڪري ۽ سنڌ مدرسة السلام ۽ ڏيارام ڪاليج جو سنگ بنياد رکي، جهاز رستي بمبئي روانو ٿي ويو. سال 1301هه مطابق 1888ع ۾ سردار محمد ايوب خان، مرحوم امير شير علي خان صاحب افغانستان جو ٻيو نمبر فرزند، ٻين سردارن ۽ واسطيدارن سميت، جن ۾ مرد به هئا ۽ عورتون به ۽ ٻارهن سون کان زياده ماڻهو هئا، ايران کان گهوڙن سميت ڪراچيءَ آيو. ڪرنل رينالڊس صاحب بهادر پوليتيڪل ايجنٽ اولهه بلوچستان جي خواهش مطابق، رام الحروف، ڪمشنر صاحب بهادر جي حڪم سان سندن ڪم ڪار ۽ مهمانداريءَ وغيره لاءِ مقرر ٿيو. گويا اها تيرهين خصوصي خدمت هئي، جا راقم الحروف جي سپرد ڪئي وئي. مهمانداريءَ جو اهو معاملو بي حد نازڪ ۽ تمام مشڪل هو. ڇو ته اڪثر پٺاڻ جي سردار صاحب جي عملي جا ماڻهو هئا، ڏاڍا تيز، تند ۽ سخت سرڪش هئا. بهرحال خداءِ ذوالجلال جي فضل ۽ برطانوي باشندن جي دائمي بخت جي صدقي اهو اهم ڪم خير خوبيءَ سان نبهي ويو. مهمانن جو بندوبست ڪراچيءَ کان وٺي ريتي اسٽيشن تائين جا سنڌ جي سيد تي آهي، راقم الحروف جي ذمي هو. انهيءَ بندوبست ۾ خراسان، هندوستان ۽ سنڌ جي رسمن رواجن مطابق اعليٰ درجي ۽ ميوا وغيره به جي سردارن جي ضروريات زندگيءَ ۾ داخل آهن. سڀئي مهمان ريل گاڏيءَ جي فرسٽ ڪلاس ڪمپارٽمنٽ ۾ سوار هئا، راقم الحروف هڪ هفتي جي اندر ڪراچيءَ کان رضيءَ تائين پنج دفعا ويو ۽ واپس آيو. اگرچه سردارن جي خواهش مطابق اعليٰ قسم جا طعام هر وقت ريل گاڏيءَ ۾ پهچايا ٿي ويا، مگر سندن کائڻ جا وقت ڪوٽڙي سکر ۽ ريتي ۾ مقرر ٿيل هئا، جتي کين تمام سهڻي نموني سان کاڌو کارايو ٿي ويو. انهيءَ نازڪ ڪم ۽ خوش اسلوبيءَ سان ان جي تعميل ۽ تڪميل جو احوال، هيٺين انگريزي تحرير جي ترجمي مان پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو: انگريزي مراسلي مؤرخه 12 مئي 1888ع (1302هه) جي فقري پهرئين ۽ ٻئي جو ترجمو (ڪراچيءَ کان) منهنجا پيارا ميهو صاحب! سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر ڪمال مهربانيءَ سان خان صاحب خدا داد خان کي منهنجن حڪمن جي تعميل لاءِ منهنجي ماتحت مقرر ڪيو آهي، ته جڏهن سردار ايوب خان ۽ سندس ماڻهو سنڌ مان لنگهن ته هو سندن طعام وغيره جو بندوبست ڪري. اميد آهي ته مهرباني ڪري اوهين پنهنجن ماتحت آفيسرن کي هدايت ڪندا ته هو خدا داد خان جي هر طرح سان مدد ڪن. جيئن ته سکر ۽ ريتيءَ ۾ کاڌي جو انتظام ٽن ريل گاڏين جي اندر ڪيو ويندو ۽ ٽئي ريل گاڏيون ٽن ڏينهن ۾ پهچنديون ۽ هر هڪ ريل گاڏيءَ ۾ ٽن سون کان گهٽ ۽ پنجن سون کان زياده ماڻهو نه هوندا. صحيح ٽي ٽو المين رينالڊس صاحب بهادر پوليٽيڪل ايجنٽ اولهه بلوچستان ساڳي ڳالهه ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪرنل ڪرافورڊ ڏانهن لکيل مراسلي ۾ به هئي، پر جيئن ته ٻنهي جو مطلب هڪ جهڙو هو، تنهنڪري فقط هڪ مراسلي تي اڪتفا ڪئي وئي. ريتي (تعلقو اوٻاوڙو کان 12 مئي 1888ع (1302هه) سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي پاران خدا داد خان کي مقرر ڪيو ويو هو سردار محمد ايوب خان ۽ سندس ساٿين کي کاڌو پهچائڻ لاءِ جڏهن هنن ڪراچيءَ کان مٿين ملڪن ڏانهن سفر ڪيو. هو جنهن خدمت لاءِ مقرر ڪيو ويو، اها تمام سهڻي نموني سان بجا آندائين. کيس ٽن کان زياده ڏينهن لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻو هو ٽن جدا جدا جڳهن تي ۽ کائڻ وارا هڪ هزار کان زياده هئا. سردار صاحب موصوف ۽ سندس ساٿين نهايت ئي مسرت ۽ احسانمنديءَ جو اظهار ڪيو ۽ تمام راضي هئا، جو هنن جي خاطر ايتري تڪليف ورتي وئي. انهيءَ لاءِ مان خدا داد خان جو بي حد شڪر گذار آهيان جو چڱي مدد ڪئي اٿس ۽ وڏي محنت کان ڪم ورتو اٿس. صحيح ايوانس گارڊن صاحب نائب پوليٽيڪل ايجنٽ ريتي 16 مئي 1888ع مطابق 1302هه منهنجا پيارا ڪرنل رينڊال صاحب! خدا داد خان ٽنهي اسٽيشن تي کاڌي جو انتظام چڱي نموني ڪيو هو ۽ مان هن کان ڏاڍو خوش آهيان. صحيح ايوانس گارڊن صاحب نائب پوليٽيڪل ايجنٽ ڪراچي 24 مئي 1888ع مطابق 1302هه [1] هت ”قدر“ جي بدران ”موجودگي“ هجڻ گهرجي (مترجم). [2] ”مشتي نمونهء از خرواري، صحيح آهي (مترجم). [3] ”هوڙي“ يا ”هُڙي“ سنڌي ٻوليءَ جو اکر آهي. جنهن جي معنيٰ آهي زمين جو اهڙو ٽڪرو جتي ٻٻر جا وڻ گهڻا هجن. [4] زمين جو اهڙو تڪرو، جتي سر سبز وڻ ۽ جانورن لاءِ سائو گاه هجي. (ن . ب). [5] سيد امير علي تاريخ اسلام جو مصنف [6] حسن علي آفندي سنڌ مدرسة الاسلام جو باني. [7] ڊي جي سنڌ ڪاليج. منهنجا پيار ايجرلي! مان هيءَ پرچي خان صاحب خدا داد خان کي ڏيان ٿو. هو منهنجي لاءِ نهايت ئي ڪارائتو ثابت ٿيو. مان اوهان جو به تمام گهڻو احسامند آهيان، جو مون کي اهڙو سٺو خدمتگذار ڏنو. صحيح ٽي توالمين رينالڊس صاحب بهادر جنهن وقت اها چٺي ڪمشنر صاحب بهادر کي ڏني وئي، ته ڏاڍو خوش ٿيو. انگريزي مراسلي نمبر 769، مؤرخه 20 جون 1888ع (1302هه) جي فقري پنجين جو ترجمو، جو هندستان سرڪار جي ٻاهرين معاملن جي وزير ڏانهن جناب پوليٽيڪل ايجنٽ اولهه پاڪستان لکيو فقرو پنجون ايوانس گارڊن صاحب جي اچڻ تي، اسين ڪمشنر صاحب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وياسين. هن صاحب مهرباني ڪري پنهنجي پوليتيڪل منشي صاحب خدا داد خان کي، منهنجن حڪمن جي تعميل لاءِ منهنجي حوالي ڪيو.منهنجا ملازم ٿورا هئا ۽ اهي ڪراچيءَ ۾ ضروري ڪمن جي انتظام ۽ تياريءَ ۾ ايتريقدر مصروف هئا، جو انهن مان هڪڙي ڄڻي کي به سپرد ڪيل ڪمن جي بجاء، کاڌي پيتي جي مٿان نظرداريءَ جي لاءِ مقرر ڪري نه ٿي سگهيس، جا سنڌ ۾ نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ٽنهي اسٽيسنن تي ڪرڻي هئي. انهيءَ ڪري مان خان صاحب جي اطمينان بخش ڪم کان جو منهنجي مرضيءَ جي مطابق خوش اسلوبيءَ سان ڪيائين، ڏاڍو خوش ٿيس. مان ڪمشنر صاحب جو شڪريو ادا ٿو ڪريان، جو مون کي ضلع عملدارن سان بندوبست ۾ مدد ڪرڻ لاءِ لکپڙهه ڪرڻ جي خاص اجازت ڏنائين. مان ڪراچي ۽ شڪارپور جي ڪليڪٽر صاحبن ڪرنل ڪرافورڊ صاحب ۽ ڪرنل ميهو خان صاحب جو به شڪر گذار آهيان، جو مهرباني ڪري ڪوٽڙي ۽ سکر ريتي (اوٻاوڙو) جي مختيارڪارن کي، سنڌ مان سردار ايوب خان جي لنگهي وڃڻ وقت مدد ڪرڻ جو حڪم ڪيائون. هن خط موڪلڻ وقت ڪرنل رينالڊس صاحب به ڪمشنر صاحب کي درخواست ٿو ڪري ته اها حقيقت پنهنجي ڌيان تي رکي ته سردار ايوب خان، جي، راولپنڊيءَ ڏانهن سفر ڪرڻ وقت خان صاحب خدا داد خان سهڻيون خدمتون بجا آنديون. انهن ڏينهن راقم الحروف جو وڏو ڀاءُ الله داد وفات ڪري ويو. انا الله و انا اليه راجعون. سال 1302هه مطابق 1888ع ۾ ”دينسو محل“ (ڊينسو هال) ڪراچيءَ ۾ هڪ عالي شان دربار منعقد ڪئي وئي. انهيءَ دربار دُربار ۾ راقم الحروف کي ”خان صاحب“ جي لقب جي سَنَدَ عطا ڪئيوئي، جنهن لاءِ سفارش جو اهوال مٿي مسٽر ارسڪين صاحب بهادر جي ڪار گذارين ۾ بيان ڪيو ويو آهي. وڏي سرڪار حشمت مدار (هند سرڪار) وٽان سَندَ آيل هئي، جا عطا ٿي. انهيءَ موقعي تي سرچارلس پرچرڊ صاحب بهادر، راقم الحروف جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ جيڪا تقرير دلپذير ڪئي، انهيءَ جو ترجمو ۽ انهي سَندَ بابت تحريرن جو ترجمو پڙهندڙن جي لاءِ درج ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ دربار ۾ مرحوم حسن علي ۽ مرحوم غلام دستگير کي به لقبن جون سندون عطا ڪيون ويون. روز ليوشن نمبر 139، پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ جو حڪم مؤرخه پهرين جنوري 1888ع اُنهن معززن جي لاءِ لقبن جون سندون موڪلڻ، جن کي لقبن ڏيڻ جي باري ۾ تجويزون پهتل هيون. سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جي وڏي منشي خان صاحب خدا داد ولد راضو خان جي لاءِ سَنَدَ، سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن . صحيح مسٽر ڊبليو بي وارنر صاحب سيڪريٽري بمبئي سرڪار نمبر 1662، مؤرخه 20 آگسٽ 1888ع (1302هه) خان صاحب خدا داد خان کي اطلاع ته، جناب گورنر جنرل صاحب بهادر هندوستان وٽان، خان صاحب خدا داد خان جي لاءِ ”خانصاحبي، جي لقب جي سَنَدَ آيل آهي، جا جناب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جي هٿان ڏني ويندي. انهيءَ ڪري درخواست ٿي ڪجي ته هو 21 آگسٽ 1888ع مطابق 1302هه خميس ڏينهن پنجين بجي اچي حاضر ٿئي. صحيح ڪرنل ڪرافورڊ ڪليڪٽر ڪراچي مٿئين لکڻي موجب راقم الحروف خدا داد خان دربار ۾ حاضر ٿيو. جناب ڪمشنر صاحب بهادر دَربار دُربار ۾ سَرُ وقد ٿي (اُٿي بيهي) هيٺينءَ ريت تقرير پڙهي. ملاحظه ٿئي. اخبار ”سنڌ گزٽ“ انگريزي مؤرخه 24 آگسٽ 1888عمطابق 1302هه، جنهن انهيءَ تقرير جي ڪاپي ورتي هئي، جا سرچارلس پرچرڊ صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ، ڊينسو محل ۾ اڱاري ڏينهن [1] ”خانصاحبي“ جي لقب جي سَنَدَ ڏيڻ وقت ڪئي. اها سَنَدَ هندوستان جي حڪمران ۽ گورنر جنرل صاحب بهادر وٽان، خان صاحب خدا داد خان جي لاءِ آيل هئي ۽ تاريخ 21 آگسٽ 1888ع تي کيس ڏني وئي. تقرير هيءُ آهي: ”خان صاحب خدا داد خان سرڪار جو پراڻو خدمتگار آهي. سندس نوڪريءَ جو عرصو پنجٽيهه سال آهي. هن جو گهڻو واسطو سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس سان رهيو آهي. جوانيءَ جي زماني ۾ هن شخص اهڙا اهم ڪم سر انجام ڪيا آهن، جو ڪن حالتن ۾ سندس جان خطري ۾ پئجي وئي. سندس نوڪريءَ جا آخري سال اهڙي ريت گذري آهن، جو مان وڏي خوشيءَ سان چئي سگهان ٿو ته اهڙن خدمتن جي بجا آوري هميشه ڪري نه سگهبي آهي (جيئن هن ڪئي آهي). ڪمشنر صاحب جي آفيس جي سياسي شعبي جي ذمه داري هن وقت تائين هن جي سپرد رهي آهي ۽ اهو اصل کان وٺي ”خان صاحب“ جي لقب سان مشهور رهيو آهي. مگر اهو هن جي تعظيمي لقب آهي، جو خاص خدمتن بجا آڻڻ سبب حاصل ڪيو اٿس. جنابه ملڪه معظمه قيصرهء هندوستان جي جبليءَ جي موقعي تي سرڪار کي درخواست ڪئي وئي هئي ته هن معزز شخص کي خطاب عطا ڪيو وڃي جو هن جو حق آهي. مگر اهو خطاب، هن جو آخري انعام نه آهي ۽ اڃا هن جي خدمتگذاري جاري آهي، جا پوري نه ٿي آهي. هيءَ لقب هن جي خدمتگذاري ۽ ايمانداريءَ کي پسند ڪرڻ جي هڪ علامت آهي، جا سلطنت بلند مرتبت جي تاج جي ماتحت سر انجام ڪئي اٿس. سَنَدَ جي فرمان جو ترجمو خدا داد خان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جا وڏا منشي! اوهان جي لاءِ هن فرمان جي ذريعي ”خان صاحب“ جو خطاب مقرر ڪيو وڃي ٿو. فورٽ وليم (ڪلڪته) 2 جنوري 1888ع صحيح لارڊ ڊفرن صاحب بهادر فرمان فرما ۽ گورنر جنرل هندوستان (4) سال 1303هه مطابق سال 1888ع جي آخر ۾ مسٽر پارومل خوبچند سيوهاڻيءَ تي، جو جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو، رشوتخوريءَ جو ڪيس ٿيو ۽ انڪوائريءَ ۾ مٿس ڏوهه ثابت ٿيو، جنهنڪري کيس نوڪريءَ کان برطرف ڪيو ويو. آخر بيڪاريءَ جي زماني ۾ رنج، تڪليف ۽ بي عزتي سبب مري ويو. سندس اولاد سيوهڻ ۾ موجود آهي. (5) مٿين سالن ۾ آبڪاريءَ جا معاملا، جي بالڪل بي ضابطي هئا، سڌريا ۽ سهڻي نموني هلڻ لڳا. (6) سر مير علي مراد خان صاحب لاءِ به توپون زياده منظور ٿيون. گويا جملي اڻويهه توپون ٿيون، جي سندس حياتيءَ تائين سر ٿينديون رهيون. (7) مٿين سالن (4-1303هه مطابق 89-1888ع) ۾ راقم الحروف جي پگهار هڪ سؤ پنجاهه رپيا مقرر ڪئي وئي. جا ڳالهه هيٺين تحرير مان جا انگريزيءَ جو ترجمو آهي، پڙهندڙن کي معلوم ٿيندي. پڙهندڙن کي مٿي ڄاڻايل تحريرن مان چڱي طرح معلوم ٿي ويو هوندو، ته سنڌ جي ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽرن جي عهدن ۾ تخفيف کانپوءِ راقم الحروف پوري هڪ سال تائين جاگيري معاملن جي ڊيوٽيءَ تي رهيو هو، جنهن جي پگهار ٻه سؤ رپيا آهي. ان کانپوءِ راقم الحروف هڪ سؤ رپيا پگهار سياسي شعبي مان ۽ ٽيهه رپيا رجسٽريشن جي شعبي مان جملي هڪ سؤ ٽيهه رپيا پگهار کڻندو هو. وري جڏهن رجسٽريشن ڊپارٽمنٽ ختم ڪئي وئي، ته سر پرچرڊ صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ قدر داني ۽ حق شناسيءَ جي خيال کان مهرباني فرمائي، بمبئيءَ سرڪار سان لکپڙهه ڪري، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو، هڪ سؤ پنجاهه رپيا پگهار ۽ فورٿ ڪلاس عهدو ڏياريو، جنهن تي مان (چوٿون درجو) مختيارڪاريءَ جو هن وقت فائز آهيان. اها لکپڙهه هيءَ آهي: ڪراچي نمبر 334 سال 1888ع مطابق سال 1302هه پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ سنڌ جي ڪمشنر سر پرچرڊ صاحب بهادر جي پاران گورنر ۽ بامبي پريزيڊنسيءَ جي صدر جناب لارڊ ري صاحب بهادر جي خدمت ۾ منهنجا سائين! مان هيءَ ڳالهه اوهان صاحبن جي ڌيان مبارڪ تي آڻڻ ٿي گهران، ته سرڪار جي حڪم نمبر 6601، مؤرخه 13 آگسٽ 1885ع مطابق 1299هه موجب، سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي آفيس جي سياسي شعبي جي وڏي منشي خان صاحب خدا داد خان کي رجسٽريشن جي شعبي مان الائونس طور جيڪي ٽيهه رپيا ڏيڻ منظور ڪيا ويا هئا ۽ کيس ملندا رهندا هئا، سي هاڻي انسپيڪٽر جنرل رجسٽريسن سنڌ جي آفيس بند ٿي وڃڻ بعد، کيس ملڻ بند ٿي ويندا. انهيءَ ڪري مان اوهان صاحبن جي خدمت ۾ درخواست ٿو ڪريان انهيءَ اڻ مقرر ٿيل بندوبست جي باري ۾ ته ان جي ذريعي هڪ پراڻي ۽ اعتماد جوڳي ملازم کي بچايو وڃي ۽ سرڪار کي انهيءَ بندوبست جي ڪري زياده خرچ به ڪرڻو پوندو. (2) مان اها حقيقت وضاحت سان عرض ٿو ڪريان ته وڏو منشي خان صاحب خدا داد خان دوري جي وقت سنڌ جي ڪمشنر صاحبن جي دربارن جو انتظام تمام سهڻي نموني ۾ ڪندو آهي ۽ جڏهن سنڌ جا چونڊ ۽ معزز ماڻهو ملاقات لاءِ ايندا آهن، ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ وقت ترجمان جا فرائض بجا آڻيندو آهي ۽ هيءُ وڏو منشي ٻين منشين جي ڀيٽ ۾ عزت ڀرئي نموني سان رهندو آهي ۽ سفر جي حالت ۾ نهايت ئي عزت سان هلندو آهي. هو جڏهن نوڪريءَ جي بوجهه کان سبڪدوش ٿيندو، انهن جي سر انجاميءَ جي ذمه داري کيس دفتردار جي حوالي ڪرڻي پوندي، جنهنڪري مان هن تجويز کي اڻ مقرر ٿيل طريقي سان (غير رسمي طور تي) پيش ڪريان ٿو، ته منظور ڪئي وڃي. (3) مان اوهان صاحبن کان اجازت ٿو گهران ۽ منظوري ٿو وٺان خان صاحب خدا داد خان کي چوٿين درجي جو مختيارڪار مقرر ڪرڻ ۽ هڪ سو پنجاه رپيا پگهار ڏيڻ جي باري ۾. انهيءَ عرصي ۾ هو پنهنجي ڊيوٽي آفيس (ڪمشنر جي آفيس) ۾ ڏيندو رهندو، ته جيئن نوڪريءَ جي سلسلي سان ڳنڍيل رهي ۽ سندس اصلي پگهار کان جا هڪ سؤ رپيا آهي، کيس تيستائين پنجين درجي جي مختيارڪار جو الائونس زياده ڏنو وڃي، جيستائين هو نوڪريءَ کان رٽائر ڪري جا تن يا شايد چئن سالن جي عرصي ۾ پوري ٿيندي. ان کانپوءِ اها غير رسمي ۽ غيرمستقل تجويز پاڻ مرادو بند ٿي ويندي. (4) سفر يا ريل گاڏيءَ وغيره جو الائونس، جو خان صاحب خدا داد خان کي ملي ٿو، اوترو ئي مختيارڪار کي به ملي ٿو. انهيءَ صورت ۾ سرڪار کي ڪو به نقصان نه رسندو. (5) هن تجويز سبب سرڪار جو خرچ زياده نه ٿيندو ۽ فقط پنجين درجي جي هڪ مختيارڪار جو عهدو زياده ٿيندو ۽ انهيءَ بندوبست ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي ۽ نه ڪنهن ٻئي طريقي سان مشڪل صورت حال پيدا ٿيندي. بلڪه جيڪو آفيسر ٻه سؤ پنجاه رپيا پگهار سان ايڪسٽر اسسٽنٽ (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي عهدي تي رهي ٿو ۽ بار بار تخفيف جي زد ۾ اچي نقصان برداشت ٿو ڪري ان کان ڇٽي پوندو، ۽ هن کانپوءِ جيڪڏهن سرڪار جائز طريقي سان (قاعدي مطابق) تخفيف ڪندي ته هن کي انهيءَ تجويز سبب ڪو به نقصان نه رسندو. (6) مان منظوري وٺڻ کانسواءِ هن کي مختيارڪاريءَ جو عهدو ڏئي سگهان ٿو، مگر منهنجو اصلي مطلب هيءُ آهي، ته هو پوءِ به هن ئي آفيس ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو رهي، جيئن هاڻي ڪري ٿو. انهيءَ ڪري مان تجويز پيش ٿو ڪريان ته هن کي مختيارڪاري ڏني وڃي جيئن هاڻي آهي ۽ هن جي اصلي پگهار تي ٻيو هڪ مختيارڪار مقرر ڪرڻ ۾ اچي. مون کي پورو پورو يقين آهي ته سمورين حالتن کي نظر ۾ رکڻ بعد، منهنجي استدعا کي هروڀرو رد نه ڪيو ويندو ۽ منظوري ڏني ويندي. اطلاع نمبر 2، مؤرخه 2 جنوري 1889ع (1306هه) ڪيمپ مورو (ضلعو حيدرآباد) مراسلي نمبر 8358، مؤرخه 14 ڊسمبر 1888ع (1306هه) جي جواب ۾ خدمت ۾ عرض ڪيو وڃي ٿو ته اڪائونٽ جنرل صاحب پنهنجي مراسلي جي فقري نمبر 7 ۽ 8 ۾ جيڪيلکيو آهي، مان ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ٿو ڪريان ته خان صاحب خدا داد خان چوٿين درجي جو مختيارڪار ٿئي ۽ پنهنجي ڊيوٽي سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ ڏيندو رهي. انهيءَ بندوبست منجهان اهو مطلب نه آهي ته خان صاحب خدا داد خان کي رجسٽريسن ڊپارٽمنٽ جي ختم ٿيڻ سبب جيڪو نقصان پهتو آهي، هن کي اهو اضافو سرڪاري سببن جي ڪري يعني سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ رهڻ، بار بار تخفيف هيٺ اچڻ کان بچڻ، آفيس جي ملازمن جي اصلاح ڪرڻ ۽ آفيس کي نه ڇڏڻ سبب ڏنو ويو آهي. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جيڪڏهن خان صاحب خدا داد خان کي ڪمشنر صاحب جي آفيس مان مختيارڪاريءَ جي عهدي تي وڃڻ تي ڏنو وڃي ها، ته هو اڄ کان اڳ ۾ چند سالن جي اندر ”پهرئين درجي جي مختيارڪار“. بلڪه ”غير مستقل ڊپٽي ڪليڪٽر“ جي عهدي تي پهچي وڃي ها. پر جيئن ته هن جي خاص خوبين جي ڪري، جو جاگيراتي ۽ سياسي معاملن کان پوري واقفيت رکي ٿو، هن کي ڇڏي نٿو سگهجي ۽ ائين ڪرڻ سبب هن کي پگهار جو به ۽ عزت جو به نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو، جنهنڪري اهو بندوبست ڪيو ويو آهي ته هن کي مختيارڪار جو گريد ڏئي، پراڻي دستور موجب هن جي ڊيوٽي سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ رکي وڃي. (2) اڪائونٽنٽ جنرل صاحب اها حقيقت سمجهڻ ۾ غلطي ٿو ڪري ته خان صاحب خدا داد خان کي جيڪا پگهار رجسٽريشن جي شعبي مان ملندي هئي، اها مخصوص هئي ۽ پينشن جو حق نه هو. حالانڪه رجسٽريشن جي شعبين مان هن کي ملندڙ پگهار به ٻين پگهارن وانگر هئي ۽ پينشن جو حق رکندڙ هئي. (3) سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي نظر ۾ انهن مشڪلاتن کي دفع ڪرڻ جو فقط هڪڙو رستو آهي ته خان صاحب خدا داد خان کي چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو وڃي ۽ هو پنهنجي ڊيوٽي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ ڏيندو رهي. اڪائونٽنٽ جنرل صاحب پنهنجي مراسلي جي فقري نمبر 8 ۾ جو ڪجهه لکيو آهي، ن اتي توجهه ڏئي نٿو سگهجي. خان صاحب خدا داد خان پير مرد آهي، جنهنڪري هن کان اها تقاضا ڪرڻ ته هو ”جڊيشل“ امتحان پاس ڪري، مناسب نه آهي. از انسواءِ هن کي ضلعي کان ٻاهر به موڪلي نٿو سگهجي. جتي آهي، اتي ئي هن جو رهڻ ضروري آهي ۽ جنهن هنڌ هن جي ڊيوٽي آهي، اها تمام فائديمند آهي. خان صاحب خدا داد خان کي ڪمشنر جي آفيس مان ڇڏڻ ۽ کيس ٻين مختياڪارن جي گروه ۾ شاملڪرڻ سبب، پگهار جي گهٽ وڌائي يا ريل گاڏيءَ جي الائونس جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي. (4) انهيءَ ڪري سنڌ جو ڪمشنر هن باري ۾ التجا ٿو ڪري ته اصلي بندوبست برقرار رکيو وڃي. جيڪڏهن سرڪار، اڪائونٽنٽ جنرل جي مراسلي جي فقري نمبر ستين تي ڌيان ٿي ڏئي، ته به چوٿن گريڊ جو هڪ مختيارڪار وڌي ٿو. انهيءَ صورت ۾ پگهارن جي باري ۾ جيڪا تجويز آهي، سا هڪ جيتري ٿي ٿئي. انهيءَ مراسلي ۾ هن مراسلي سان گڏ يادداشتون موڪليان ٿو. مگر سنڌ جو ڪمشنر سمجهي ٿو ته شروع ۾ جا ڳالهه تجويز ڪئي وئي آهي، ان ۾ اعتراص جهڙي ڳالهه ڪا نه آهي، ۽ اميد اها آهي ته مراسلي نمبر 1354 مؤرخه 14 سيپٽمبر 1888ع (1306هه) ۾ جيڪا منظوري گهري وئي آهي، اها نظر انداز نه ڪئي ويندي ۽ منظوري ڏني ويندي. صحيح سر چارلس پرچرڊ صاحب ڪمشنر سنڌ سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي وڏي منشي خان صاحب خدا داد خان جو چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي عهدي تي مقرر ٿيڻ ۽ پنهنجي ڊيوٽي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس ۾ جاري رکڻ. نمبر 1148 ملڪي کاتو بامبي پريزيڊنسي فيبروري 1889ع (1301هه) سنڌ جي ڪمشنر جو مراسلو نمبر 1354 مؤرخه 14 سيپٽمبر 1888ع (1306هه) جنهن ۾ معقول سبب يان ڪري، منظوري گهري وئي آهي ته سندس آفيس جي وڏي منشي خان صاحب خدا داد خان کي چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي عهدي تي هڪ سؤ پنجاه رپين پگهار سان مقرر ڪري، سندس ڊيوٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ جاري رکي وڃي، ۽ سندس اصلي پگهار هڪ سؤ رپين تي ٻيو هڪ پنجين گريڊ جو مختيارڪار مقرر ڪيو وڃي، ته جيئن خان صاحب خدا داد خان سرڪاري نوڪريءَ ۾ قائم رهندو اچي. سموري لکپڙهه آخري فيصلي لاءِ مراسلي نمبر 1606، مؤرخه 3 آڪٽوبر 1888ع سان گڏ، پوليٽيڪل سيڪريٽريءَ وٽان پهتي. اڪائونٽنٽ جنرل جو مراسلو 22692 مؤرخه 28000000 پهتو. ڪمشنر سنڌ جو مراسلو نمبر 2 مؤرخه 2 جنوري 1889ع پهتو. بمبئي سرڪاري جو حڪم سنڌ جي ڪمشنر صاحب جيڪو انتظام ڪيو آهي ته خان صاحب خدا داد خان چوٿين گريڊ جو مختيارڪار ٿئي ۽ ڊيوٽي سندس آفيس ۾ ڏئي، اهو بندوبست قاعدن موجب، جي سرڪار جي حڪم نمبر 3734 مؤرخه 18 ڊسمبر 1886ع (1304هه) ۽ نمبر 8408، مؤرخه 15 ڊسمبر 1888ع (6013هه) تيجاري ڪيل آهن، ناجائز آهي. ڇو ته انهن قاعدن ۾ صاف ڄاڻايل آهي ته جيڪو آفيسر ڊيوٽي هڪ جاءِ تي ڏيندو هجي ته اهو پگهار ٻي جاءِ تان کڻي نٿو سگهي. مگر ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشيءَ جي پراڻي ملازم هجڻ ۽ سندس بهترين خدمتگذاريءَ سبب، گورنر صاحب بهادر نهايت خوشيءَ سان پگهار ۾ اهو اضافو هڪ سؤ رپيي جي بجاءِ هڪ سؤ پنجاهه رپيا منظور ٿو ڪري ۽ هن بندوبست جي ڪري جيڪو زياده خرچ ٿيندو، اهو سمورو (واپس) ملندو، جو پنجين گريڊ جو مختيارڪار چوٿين گريد جي مختياڪار جي جاءِ تي مقرر ٿيندو. (8) سال 1304هه مطابق 87-1886ع ۾ بمبئي جو گورنر جناب لارد ري صاحب بهادر ٻيو ڀيرو بمبئي کان ڪراچيءَ آيو ۽ ڪراچي کان (درياء جي) پل جي افتتاح ڪرڻ ۽ ان کي جاري ڪرڻ لاءِ سکر تجربيڪار ڏسي، منتخب ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي هليو. خاص خدمت لاءِ راقم الحروف جي اها چوٿين مقرري هئي. آخرڪار انهن عالي شان صاحبن سان گڏجي سکر پهتس ۽ اتي دربارن، تماشن ۽ جلوسن وغيره جو تمام سهڻو بندووبست ڪيم. انهيءَ پل جو نالو ”لينس ڊائون پل“ رکيو ويو. ڇو ته اهو نالو هندوستان جي، انهيءَ زماني جي حڪمران (گورنر جنرل) جو آهي. هيءَ پل پنهنجي ساخت ۾ نهايت ئي مضبوط ۽ ڏسڻ ۾ تمام سهڻي اهي، جا يورپ جي ڪاريگرن (انجنيئرن) جي ڪوشش سان ۽ چاليهه لک رپين جي خرچ سان تيار ٿي آهي. اتان فارغ ٿي، ريل گاڏيءَ جي رستي ڪوئٽه (شال ڪوٽ) پهتا ۽ اتان جون عجيب و غريب شيون ڏسي، قنڌارجي نزديڪ چمن ۽ شالا باغ ويا. راقم الحروف انهيءَ سفر جي سموري سر گذشت ڪتاب ”پُل نامي“ ۾ تفصيلوار ۽ تاريخوار درج ڪئي آهي. جيڪڏهن پڙهندڙ انهيءَ سياحت جو احوال معلوم ڪرڻ چاهين ته انهيءَ ڪتاب ۾ ملاحظه فرمائين. ڇو ته مختصر تاريخي ڪتاب ۾ اهو احوال دوباره لکڻ مناسب نظر نه ٿو اچي. تاهم هڪ جملو، جو سرچارس پرچرڊ صاحب بهادر جي حُسن اخلاق جي باري ۾ آهي، لکڻ ضروري آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته سفر جي دوران اڪثر اسٽيشنن تي لهي، منهنجي ڪمپارٽمنٽ جي دروازي تي بيهي، جو سيڪنڊ ڪلاس ڪمپارٽمنٽ هو، انگريزيءَ ۾ پڇندو رهيو ته ”خانصاحب! خوش باش آهين نه؟“. بيشڪ، اها سهڻي عادت نيڪ فطرت سردارن جي هوندي آهي، سفر خواه حضر ۾ پنهنجي ڪِوِلِ جيتري حيثيت رکندڙ زير دستن جو حال احوال معلوم ڪندا رهندا آهن. مطلب ته جناب گورنر صاحب بهادر بمبئي ۽ ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ پنهنجي عملي سميت اهو ڏکيو سفر ڏهاڪو ڏينهن ۾ پورو ڪري ڪراچيءَ واپس تشريف فرما ٿيا. انهيءَ صبح کان وٺي اڪثر انگريز، پارسي، مسلمان ۽ هندو وغيره، گورنر صاحب بهادر بمبئي جي بنگلي تي حاضر ٿيندا رهيا. انهيءَ موقعي تي گورنر صاحب بهادر، جناب خان بهادر حسن علي (افندي) کي مخاطب ٿي فرمايو ته ”مسٽر حسن علي صدر انجمن مسلمانان سنڌ! ۽ مسٽر غلام دستگير انسپيڪٽر پوليس! اوهان کي ”خان بهادر“. جي لقبن سان ملقب ڪيو ويو آهي ۽ مسٽر خدا داد خان کي، جو سنڌ جي ڪمشنر صاحب جو هڪ ايماندار مددگار آهي، ”خانصاحب“ جي لقب سان سرفراز ڪيو ويو آهي.“ جيڪڏهن پڙهندڙن کي مٿين ڳالهه ۾ شڪ نظر اچي ته مهرباني ڪري ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ”فينڪس“ جي 17 اپريل 1889ع (1306هه) واري اشاعت پڙهي ڏسن ته سندن شڪ دور ٿي ويندو. (9) ڪمشنر صاحب سال 1889ع مطابق 7-1306هه ۾ عمرڪوٽ کان مختصر عملي سميت جنهن ۾ راقم الحروف به شال هو، آزمائش طور ريل گاڏيءَ تي سوار ٿي، سنڌ جي سرحد تائين ويو. آخر اها گاڏي ”شادي پلي“ جي نالي سان مشهور ٿي(؟). نيرٺ مٿئين سال ۾ بهترين خدمتگذارين بعد بامبي ڪائونسل جي ميمبريءَ جو اعزاز ۽ افتخار حاصل ڪيائين. هاڻي بمبئي ۾ سڪونت پذير آهي. ٻارهون ڪمشنر: آنر بيل ٽريور صاحب بهادر سال 1304هه جي آخر ۽ سال 1887ع جي وچ ڌاري ڪراچيءَ ۾ تشريف آور ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي قيام گاه کي عزت بخشيائين. شروع ۾ مسٽر مور صاحب ۽ پوءِ مسٽر جيڪسن صاحب سندس اسسٽنٽ هئا. سرڪاري معاملن جي سر انجامي وڏي عقلمندي ۽ ڌيرج سان ۽ دستور ۽ معمول مطابق تمام سهڻي نموني سان ڪيائين. مگر سندس حڪومت جو زمانو مختصر هو، جنهنڪري سندس وڏيون ڪار گذاريون قلمبند نه ٿيون ڪيون وڃن. البت سندس ايامڪاريءَ ۾ جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي بلوچ قومن جي جدا جدا جاگيردارن کي جاگيرن جون سندون عطا ڪيون ويون. انهن سڀني جاگيردارن کي اهو انعام برطانوي سرڪار جي دور ۾ مليو هو. نيٺ ٽريور صاحب پنهنجي بهترين ڪار گذاريءَ سبب ڪلڪتي جي ڪائونسل جي ميمبريءَ سان سرفراز ٿيو ۽ اڃا تائين اتي آهي. تيرهون ڪمشنر: آنر بيل ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر ”اسٽار آف انڊيا“ سال 1307هه مطابق سال 1889ع جي شروع ۾ بمبئي کان ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي ڪرسيءَ کي رونق بخشيائين. سرڪاري ڪاروبار کي سهڻي نموني سان سر انجام ڪرڻ شروع ڪيائين. پهريائين مسٽر جيڪسن صاحب ان کانپوءِ مسٽر ليوڪس صاحب ۽ پوءِ مسٽر جي سليڊن صاحب سندس اسٽنٽ هئا. جيمس صاحب، ڪمشنر ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي جدا جدا ضلعن ۾ يعني جهرڪ ۽ سيوهڻ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر (اسستنٽ ڪليڪٽر) ۽ سال 1872ع (1289هه) ۾ سنڌ جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. انهيءَ ڪري پوري واقفيت، تجربيڪاري ۽ پنهنجي هرد دلعزيزيءَ سان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. اگرچه سرڪاري ڪاروبار جو دستور ۽ قواعد ضوابط هڪڙي قسم جا هئا ۽ عوام جي مفادن جي لحاظ رکڻ جو معاملو انهن کان ڪجهه مختلف قسم جو هو. مگر جيمس صاحب ٻنهي طرفن ۾ توازن قائم رکيو. وڏا ڪم، جي سندس ايامڪاريءَ ۾ سندس هٿان سهڻي نموني ٿيا ۽ جن جا آثار ۽ فتائج اڃا تائين ظاهر آهن ۽ سندن يادگيري ذهنن تان محو نه ٿي آهي، انهن مان ڪي هت درج ڪيا وڃن ٿا: سال 1308هه مطابق سال 1891ع ۾ انگلستان جي ملڪه معظمه ۽ هندوستان جي قيصره جي پاران سر مير علي مراد خان صاحب بهادر (والي خيرپور) کي سندس سچائي ۽ پنجاه سالن جي خدمتگذاريءَ جي ڪري سي آءِ اي (گرانڊ نائيٽ آف ڪراس دي انڊين امپرر) جو خطاب ٻن هزار رپين جي انعام سان گڏ عطا ٿيو. جنهنڪري بمبئيءَ جو گورنر لارڊ هيرس صاحب بهادر اول ڪراچيءَ ۾ ۽ پوءِ اتان شڪارپور ۾ تشريف آور ٿيو ۽ مير صاحب موصوف به خيرپور کان وڏي شان ۽ اهتمام سان شڪارپور پهتو. انهيءَ موقعي تي اڪثر مير صاحب ۽ جاگيردار ۽ معزز ماڻهو مدعو ڪيا ويا هئا، جي انهيءَ دربار دُربار ۾ اچي بازياب ٿيا. اهڙيءَ ريت ڪيترائي سرڪاري ملازم جن ۾ يورپي به هئا ۽ ديسي به، فوجي به هئا ۽ غير فوجي به، شريڪ ٿيا. گورنر صاحب بهادر، سنڌ جي ڪمشنر جيمس صاحب، خيرپور جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل ميو صاحب ۽ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر صاحب جي موجودگيءَ ۾ مير صاحب موصوف کي شاهي تمغي ۽ شاهي خلعت سان مسرور ڪيو ۽ انهيءَ موقعي تي اهو ڏينهن عيد جو ڏينهن ۽ اها رات، شب برات معلوم پئي ٿي ۽ ٻنهي طرفن جون سرڪاريون (سنڌ ۽ خيرپور ميرس جون سرڪاريون) سوکڙين پاکڙين ڏيڻ وٺڻ سبب تمام خوش هيون. انهيءَ دَربار دُربار جي آرائس ۽ زيبائش جو مبارڪ ۽ عظيم الشان انتظام، دربار جي ساز سامان جي موجودگي، ڪرسين ۽ قالينن جي سجاوٽ، روشني ۽ چراغ بندي، جا وقت جي بادشاهن جي شايان شان هجڻ گهرجي، هن راقم الحروف جي خاڪسار خدا داد خان جي ڪوشش سان تمام خوبصورتي ۽ خوش اسلوبيء سان سر انجام ٿي. آخرڪار مير صاحب موصوف انهيءَ لقب عطا ٿيڻ بعد جنهن انتها درجي جي شان ۽ مان سان اسپيسل ٽرين ذريعي خيرپور کان شڪارپور تشريف اور ٿيو هو. انهي ئي شان مان سان شڪارپور کان خيرپور روانو ٿي ويو. مٿئين سال (1308هه مطابق 1891ع) ۾ قديم خدمتگذاري ۽ قدردانيءَ سبب راقم الحروف کي هڪ سؤ پنجاهه رپين ماهوار پگهار مان وڌائي، هڪ سؤ پنجهتر رپيا ماهوار پگهار ۽ پنجويهه رپيا مسافريءَ جو ماهوار الاؤنس ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، جا هيٺين سرڪاري حڪنامي جي ترجمي مان ظاهر آهي: ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشي خان صاحب خداداد خان جي پگهار ۾ اضافي جي مقرري. نمبر 501، اڪائونٽس ڊپارٽمنٽ 2- فيبروري 1896ع (1309هه) بامبي پريزيڊنسي) هيٺيان ڪاغذ نمبر 31، مؤرخه 2 فيبروري 1892ع (1309هه) سيڪريٽري ملڪي کاتي وٽان پهتا. ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جو مراسلو نمبر 2526، مؤرخه 16 ڊسمبر 1891ع (1309هه) هن باري ۾ پهتو: مان سرڪار جو ڌيان نمبر 1148، مؤرخه 12- فيبروري 1889ع ڏانهن ڇڪايان ٿو، جنهن موجب خانصاحب خداداد خان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جي وڏي منشي جي پگهار چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جيتري منظور ٿي هئي ۽ سندس ڊيوٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ رکي وئي هئي. انهيءَ تجويز موجب چوٿين گريڊ جو هڪ مختيارڪار گهٽ ٿيو آهي ۽ پنجين گريڊ جو هڪ مختيارڪار وڌايو ويو آهي. هن وقت ٽئين گريڊ جي مختيارڪار جي هڪ آساي خالي ٿي آهي، جنهن جي پگهار هڪ سؤ پنجهتر رپيا مسافري الائونس پنجويهه رپين سميت آهي ۽ مان انهيءَ لاءِ اسدعا ٿو ڪريان ته خانصاحب خداداد خان کي ٽئين گريڊ جي مختيارڪار جي پگهار ملڻ گهرجي ۽ چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي هڪ آسامي وڌائي وڃي. خانصاحب خداداد خان کي هڪ سؤ رپيا جي بجاءِ هڪ سؤ پنجاهه رپيا پگهار ڏيڻ جي باري ۾ جيڪي معقول سبب منهنجي پيشر و (اڳئين ڪمشنر) سر چارلس پرچرڊ ڏنا هئا، انهن کي وري دهرائڻ مناسب نظر نه ٿو اچي. البت ساڳيائي سبب هاڻي به موجود اهن. (ملاحظه ٿئي، نمبر 354، مؤرخه 24 ڊسمبر 1888ع ۽ نمبر 2 مؤرخه 7 جنوري 1889ع. پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ) ۽ جيئن منهنجي پيشرو (اڳئين ڪمشنر) خداداد خان کي ڇڏڻ نه ٿي چاهيو، تيئن مان به هن کي ڇڏڻ لاءِ راضي نه آهيان. خاص طور تي هن ڪري جو مان هن ملڪ (سنڌ) کان ڳچ وقت پري رهيو آهيان. اها اهم ڳالهه آهي، جنهنڪري هتان جي نامور ماڻهن جي نالن ۽ معزز ماڻهن جي حالات کان بي خبر آهيان. اها اهم ڳالهه آهي، جنهن ۾ مون کي خانصاحب خداداد خان کان معلومات حاصل ٿي سگهي ٿي. هو تجربيڪار آهي ۽ هن آفيس ۾ هن جو هجڻ فائديمندآهي. هن کانپوءِ کليس اضافو نه ملندو. هو جيڪڏهن ٻين سرڪاري ملازمن جي قطار ۾ هجي ها، ته اضافو هاصل ڪري سگهي ها. هن وقت هو آگسٽ 1888ع کان چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي عهدي جي ماهوار پگهار هڪ سؤ پنجاه رپيا کڻي ٿو ۽ لسٽ ۾ اضافي جي لاءِ بيو ڪو به نمبر ڪو نه آهي [2]. جيڪڏهن سندس نالو سينارٽي لسٽ ۾ اچي ها، ته کيس اضافو ملي ها. تاهم لسٽ ۾ نالي نه هجڻ سبب هو اضافي کان محروم ٿي نه ٿو سگهي. هو اـضافي جو بالڪل حقدار ۽ لائق آهي ۽ هن کي اضافي ڏيڻ وقت، منبهنجي پيشرو (اڳئين ڪمشنر) رڳو هن جي نوڪريءَ جي لمبي چوڙي عرصي کي خيال ۾ نه رکيو هو، بلڪه هن جي لياقت ۽ بهترين شخصيت جي ڪري ئي هن کي اضافو ڏياريو هئائين ۽ سڄي کاتي جي اندر ٻيو ڪو به شخص ڪو نه ٿو سجهي، جو هن کان وڌيڪ هجي. از انسواءِ خانصاحب کي ٻيو اضافو عطا ڪرڻ سبب ڪنهن کي ڪو نقصان به نه ٿو رسي. سرڪار جي حڪم نمبر 1148، مؤرخه 12 فيبروري 1889ع جي مطابق، حساب جا جيڪي به مونجهارا هئا، سي سڀ دور ٿي ويا آهن، جنهنڪري اميد ٿو ڪريان ته هن درخواست منظور ڪرڻ ۾ ڪو بها عتراض نه ڪيو ويندو. ڇو ته هو مستحق آهي. بندوبست جي يادداشتن جا نقل موڪليا وڃن ٿا. اڪائونٽنٽ جنرل جو مراسلو نمبر 345، مؤرخه ... جنوري 1892ع، جيڪا لکپڙهه نمبر 7، مؤرخه 2 جنوري 1892ع پهتل هئي، اها واپس ٿو موڪليان ۽ هن راءِ جو اظهار ٿو ڪريان ته هن بندوبست جي باري ۾ موڪليل لسٽون چڱي طرح ملاحظه ڪيون اٿم ۽ انهن ۾ جيڪي درستيون ڪرڻيون هيون سي ڪيون اٿم. سنڌ جي ڪمشنر صاحب جيڪا تجويز موڪلي آهي، ان کي منظور ڪرڻ ۾ ڪو به اعتراض نظر نه ٿو اچي. سرڪار جو حڪم جيڪا تجويز سنڌ جي ڪمشنر موڪلي آهي، اها وڏي خوشيءَ سان منظور ڪئي ٿي وڃي. صحيح ڊبليو ايل روي صاحب بهادر ملازم سرڪار بمئي سال 1309هه مطابق 1892ع ۾ ”گدو بندر“ کان ”شادي پلي، (عمرڪوٽ جي نزديڪ) تائين، ريل گاڏيءَ جي افتتاح ۽ ان کي جاري ڪرڻ جي باري ۾ هڪ سهڻي ۽ مفيد تجويز تي عمل ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي هڪ عالي شان دَربار دُربار منعقد ڪئي وئي. دربار ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ (ريل گاڏي جاري ڪرڻ سبب) واپار جي واڌاري ۽ ايندڙن ويندڙن (مسافرن) جي آمد و رفت جي باري ۾ جيڪي فصيح ۽ بليغ تقريرون ڪيون ويون، انهن جي هر ننڍو وڏو دل جي سچائي سان تعريف ڪري ۽ تحسين ۽ آفرين چئي رهيو هو. جيڪڏهن اهي تقريرون هن مختصر ڪاغذ تي لکيون وينديون ته انهن جي لاءِ هڪ نئون داستان جوڙڻو پوندو. مگر گنجائش نه هجڻ سبب رڳو انهيءَ مدبر ۽ باخبر انسان مسٽر ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر جي باري ۾ هيترو چوندس ته هو هر قسم جي عظيم ۽ حڪومت جي لائق آهي (يعني هن جي تقرير پُر مغز هئي). مٿئين سال ۾ صاحب موصوف (ڪمشنر صاحب) هندوستان جي حڪمران (وائسراء ۽ گورنر جنرل) جي مجلس عامله (ايگزيڪٽو ڪائونسل) جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ دربار کان فارغ ٿيڻ بعد ”ڪوٽڙي بندر“ (ڪوٽڙي اسٽيشن) تان ريل جي رستي، هندوستان جي دارالحڪومت ڪلڪتي ڏانهن روانو ٿي ويو. راقم الحروف گاڏيءَ جي دروازي تي بيهي، هيءُ دلپسند شعر سندس روبرو پڙهيو: بسفر رقنت مبارکباد بسلافت روي و باز آئي وڃن وقت سنڌ جي حڪومت جون واڳون ڪراچي ضلعي جي ڪليڪٽر ڪرنل ڪرافورڊ جي حوالي ڪيائين، جنهن عارضي طور تي ڪاروبار ٿي هلايو. مٿئين سال ۾ هڪ مهيني جي موڪل وٺي ٻه نوڪر ساڻ ڪري پاڻي جي جهاز رستي ”ڪوڪن“ (بمبئي) ڏانهن روانو ٿيس ۽ بمبئي جو سير چڱي طرح ڪرڻ بعد پوني پهتس، جتي بمبئي جي گورنر لارد هيرس صاحب بهادر، چيف سيڪريٽري مسٽر ڊبليو. بي وارنر صاحب، بامبيءَ ڪائونسل جي ممبر سر پرچرڊ صاحب بهادر ۽ پرائيويٽ سيڪريٽري مسٽر ايجرلي صاحب بهادر جهڙن عالي شان عملدار صاحبن سان ملاقات ڪيم ۽ حسن اتفاق سان مسٽر جيمس صاحب بهادر سان به چڱي طرح سان ملڻ ٿيو، جو سرپرچرڊ صاحب بهادر جو مهمان هو. پوءِ راجڪوٽ (ڪاٺياواڙ) ويس ۽ سر چالس اليونٽ صاحب بهادر ايجنٽ ڪاٺياواڙ سان ملي خوش ٿيس. اُن کانپوءِ احمد آباد (گجرات) کان ريل گاڏيءَ ۾ سواري ٿي، اجمير، دهلي ۽ ٻين شهرن جي سير تي ويس، جي ريلوي لائين تي هئا. پوءِ امرتسر پهچي ٻه ڏينهن اتي رهيس ۽ وري اتان خيريت سان پنهنجي وطن سکر اچي آرام ڪيم. انهيءَ سفر جا سمورا حالات ”سياحت نامي“ نالي ڪتاب ۾ تاريخوار درج ڪيا اٿم. سال 1309هه مطابق 1892ع جي آخر ۾ (جيمس صاحب ڪمشنر سنڌ)مرڪزي دارالحڪومت ڪلڪتي کان واپسيءَ بعد، سنڌ جي حڪومت جون واڳون وٺي، جهاز جي ذريعي درياڀ مهرڻ (سنڌو ندي) جي رستي حيدرآباد آيو، جتي ”جمڙائو“ نالي هڪ نئين واه کوٽائڻ جي سلسلي ۾ تمام وڏو جلسو سڏايو ويو هو. ڇو ته حيدرآباد ضلعي جي اوڀر ۾ ريگستان جي علائقي ۾ لکها جريب زمين عير آباد پيل هئي. انهيءَ جلسي م يورپ جا وڏا نامور عملدار ۽ معمار (انجنيئر) ۽ سنڌ جا معزز جاگيردار ۽ زميندار سڏايل هئا. يورپ جي اڪثر انجنيئر جي راءِ انهيءَ نئين واه کوٽائڻ جي باري ۾ هڪ ٻئي کان مختلف هئي. پر آنريبل مسٽر جيمس سنڌ جي حالات کان واقف هجڻ سبب ۽ زميندارن ۽ ڪاشتڪارن جي فائدي خاطر قوي دليل پيش ڪيا. مثال طور بارش جي ڪمي، آباديءَ لاءِ نهري پاڻيءَ جي قلت ۽ عام ماڻهن جي غريبي وغيره. جنهن ڪري حاضرين جلسه انهيءَ تجويز جي معقوليت ۽ افاديت کي تسليم ڪندي، سندس مبارڪ راءِ سان اتفاق ڪيو. اخر جيمس صاحب جي غير معمولي ڪوشش ۽ سرڪار جي پاران لکن رپين جي خرچ سان واه کوٽائڻ جي تجويز منظور ٿي ۽ ساڳئي سال کان ان تي عملدرامد به شروع ٿي وئي. بيشڪ، اها تجويز هن ملڪ جي عوام لاءِ حد کان زياده مفيد آهي. بهرحال مبارڪ سال 1317هه مطابق 1899ع ۾ بمبئي جي گورنر لارڊسينڊهرسٽ صاحب بهادر جي هٿان ان جو افتتاح ٿيو، هاڻي زميندارن ۽ ڪاشتڪارن تي انهيءَ تجويز جا فائدا واضح ٿيڻ لڳا آهن ۽ صاحب موصوف جي ڳالهه سچي ثابت ٿي رهي آهي. [1] مٿي (تحرير 1226 ۾) ”خميس“ لکي وئي آهي ۽ هت ”اڱارو“. اها ڀُل ٿي ڀانئجي (مترجم). [2] يعني اها خاص لسٽ، جنهن ۾ اضافي کڻڻ جي لائق آفيسرن جا نالا درج هوندا آهن. (ن .ب). سال 1310هه مطابق 93- 1892ع ۾ سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي حڪمرانيءَ جي پنجاه سالن پوري ٿيڻ تي جشن ملهايو ويو. انهيءَ جشن جي موقعي تي خوشيءَ جا سڀئي سامان اسباب موجود هئا. هن مسرت بخش جشن جو صدر جنرل امرشٽين صاحب بهادر (ينشن بردار) هيو. ڇو ته اهو صاحب سنڌ جي جنگين (دٻي ۽ مياڻيءَجون جنگيون) ۾ انگريزن جي فاتح لشڪر جو عملدار هو ۽ ميدان جنگ ۾ داد شجاعت ڏنو هئائين. انهيءَ سال (93-1892ع ۾) مسٽر جيمس روهڙيءَ پهچي، روهڙي تعلقي جي اڪثر ڳوٺن کي نظر مان ڪڍيو ۽ سرڪاري آمدني (ڍل) جي وصوليءَ جون تجويزون رٿيائين. انهيءَ همت تي آفرين، جو رعايا جي فائدي خاطر پنهنجي سر تڪليف ورتائين. مٿين سالن ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن کي سرڪار نامدار وٽان اهو هق عطا ٿيو ته هو ڪنهن به شخص کي پنهنجي مرضيءَ سان منتخب ڪري، بمبئيءَ جي جلسي (ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو جلسو) ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهن ٿا. جنهنڪري انهن سالن ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن خان بهادر حسن علي (افندي) کي منتخب ڪري، جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بمبئي موڪليو. سنڌ جا باشندا انهيءَ حق عطا ٿيڻ تي بي حد خوش ٿيا ۽ سرڪار کي ۽ آنريبل مسٽر جيمس صاحب کي دعائون ڪندا رهيا. اهو حق اڃا تائين قائم آهي ۽ هن وقت اهو اعزاز آنريبل مير الله بخش خان جاگيردار کي حاصل آهي. سال 1310هه مطابق 1893ع جي آخر ۾ جيڪب آباد جي گهوڙن جي جلسي جي موقعي تي هڪ خاص دربار منعقد ٿي، جنهن ۾ ”خان بهادري“ جي خطاب جي سَنَد، جا هندوستان جي سرڪار نامدار وٽان پهتل هئي، راقم الحروف کي عطا ڪئي وئي، ۽ انهيءَ ئي دربار ۾ خان بهادر قادر داد خان کي سي آءِ اي جو تمغو عطا ڪيو ويو. راقم الحروف کي خان بهادر جي خطاب عطا ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪا لکپڙهه ٿيل هئي، اها سڄي انگريزيءَ تان ترجمو ڪري هت ڏني ٿي وڃي. جنهن سان پڙهندرن کي سڀ ڪجهه معلوم ٿي ويندو ۽ اميد آهي ته پڙهندر مهرباني ڪري مدبر عملدار مسٽر جيمس صاحب بهادر جي قدرداني َجي الفاظن تي نظر ڪندا. اها لکپڙهه هيءَ آهي: نيم سرڪاري، ڪراچيءَ جي سرڪاري بنگلي تان مؤرخه 29 آگسٽ 1891ع منهنجا پيارا بي. وارنر صاحب [1] جڏهن جناب گورنر صاحب بمبئي، هندو سرڪار ڏانهن لقبن عطا ڪرڻ لاءِ نامور معزز ۽ مستحق ماڻهن جي نالن جي لسٽ ٻيو ڀيرو موڪلي ته انهيءَ وقت، اوهان جيڪڏهن ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشي خانصاحب خداداد خان جو نالو ”خان بهادر“ جي لقب عطا ڪرڻ جي سلسلي ۾ سهڻي نموني سان پيش ڪندا، ته مان اوهان جو نهايت ئي شڪر گذار ۽ احسانمند رهندس. خدادا خان کي اڳ ۾ ”خان صاحب، جو لقب مليل آهي. 38 سال ڪمال ايمانداريءَ سان سرڪاري ڊيوٽي ادا ڪئي اٿس ۽ بالڪل نازڪ معاملا ۽ وڏيون خدمتون بجا آنديون اٿس. مثلاً هنودستان جي فساد (1857ع وارو انقلاب) جي زماني ۾ سر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب سان خصوصي خدمتن جي سلسلي ۾ جيسلمير ۽ پوڪران (مارواڙ) ويو هو. وري هڪ ويران ملڪ، جنگل ۽ بيابان يعني مڪران (بلوچستان جي ڪناري ڏانهن ساڳئي صاحب سان گڏجي، ٽيليگراف لائين لڳائڻ جي معاملي ۾ سندس مدد ڪئي هئائين. پوءِ مسٽر مينسفيلڊ صاحب سان گڏجي خليڄ فارس ۽ بغداد ويو هو. هن جي باري ۾ سر وليم ميري ويدر صاحب جي راءِ تمام چڱي هئي ۽ هن کي هڪ اعليَ درجي جي ترار عطا ڪئي هئائين. از انسواءِ شروع کان وٺي جاگيري معاملن جي قطعي فيصلن جي لاءِ هن جي نوڪري هن آفيس ۾ نهايت فائديمند ثابت ٿي آهي ۽ يورپ جي معزز عملدارن ۽ سنڌ جي معزز ماڻهن ۾ وڏي عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. مان هن جي لاءِ جيڪو لقب تجويز ڪريان ٿو، ان جي واسطي هو هر نقطهء نگاه کان لائق، بلڪه فائق اهي ۽ سندس حسن خدمت ۽ ايمانداريءَ جي نوڪري ”خان بهادر، جو لقب، عزت جي علامت جي طور تي سڄي زندگيءَ تائين هن جي واسطي باقي رهندو. گهڻو عرصو نه گذاريو آهي، جڏهن افغانستان جي والي مرحوم امير شير علي خان جو ٻيو نمبر فرزند سردار ايوب خان پنهنجي وڏي عملي ۽ واسطيدار ماڻهن سميت سنڌ کان پنجاب ڏانهن وڃي رهيو هو ته هن جي سفر جي سلسلي ۾ خانصاحب خداداد خان تمام سهڻو انتظام ڪيو. جنهنڪري سياسي معاملن سان واسطو رکندڙ سڀئي عملدارن هن کان نهايت خوش ۽ راضي ٿيا. اوهان پاڻ خان صاحب کي چڱي طرح سان سڃاڻو ٿا. انهيءَ ڪري مان زياده چي نٿو سگهان. اهو لقب، جو مان پوري اعتماد سان تجويز ڪريان ٿو ۽ لکان ٿو ته قدردانيءَ جو هڪ سهڻو مثال ٿيندو. مون کي خاطري آهي ته گورنر صاحب بهادر منهنجي هن پيش ڪيل حقيقت تي چڱو ڌيان ڏيندو. صحيح مسٽر ايڇ ايم جيمس صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ انهن معزز ماڻهن کي سَنَدن عطا ڪرڻ جي منظور ڪيل تجويز جيڪي پهرين جنوري 1892ع تي لقبن سان سرفراز ٿيا نمبر 815 پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ. بامبي پريزيڊنسي، 3 فيبروري 1892ع مراسلي نمبر 52، مؤرخه 21 جنوري 1892ع سان گڏ، هند سرڪار جي خارجي معاملن جي سيڪريٽريءَ جي ماتحت، انهن معزز ماڻهن جون سَنَدون، جن کي لقب عطا ڪيا ويا آهن، موڪلي، استدعا ئي ڪجي ته اهي سندون انهن ماڻهن کي انهيءَ اشتهار سان گڏ موڪليون وڃن، جو هند سرڪار جي غير معمولي گزٽ مؤرخه پهرين جنوري 1892ع ۾ ڇپيو ۽ پڌرو ٿيو اهي: حڪم جيڪي سندون پهتل آهن، سي هيٺين عملدارن ڏانهن انهن معزز ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ موڪليون وڃن، جن جي لاءِ تجويز ڪيل آهي ۽ سَنَدن سان گڏ انهيءَ اشتهار جو اختصار به موڪليو وڃي، جو هند سرڪار جي غير معمولي گزٽ ۾ شايع ٿيو آهي ۽ هن سرڪار (سنڌ سرڪار) جي گزٽ ۾ ٻيو ڀيرو شايع ٿيو آهي. ملاحظه ڪريو گزٽ نمبر 53 جو صفحو نمبر ٽيون 6 جنوري 1892ع. فقط تاريخ 7 ساڳيو مهينو ۽ ساڳيو سال سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر ڏانهن خان بهادر خداداد خان، ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشيءَ کي سَنَد سهڻي نموني سان ڏني وڃي، بشرطيڪ سرڪار جي مٿان گهڻو خرچ عائد نه ٿئي. صحيح اي شيون صاحب ايڪٽنگ سيڪريٽري بمبئي سرڪار هند سرڪار جو اشتهار فارين ڊپارٽمنٽ مؤرخه پهرين جنوري 1892ع جناب فيض ماب حضرت فرمان فرما گورنر جنرل صاحب بهادر هندوستان، وڏي خوشيءَ سان ”خسان بهادر، جو لقب هيٺين معززن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو: خان صاحب خداداد خان سنڌ جي ڪمشنريءَ جي پوليتيڪل ڊپارٽمنٽ جو وڏو منشي. صحيح ڊبليو جي ڪنگهام، نائب وزير اعظم هند سرڪار سَنَد خانصاحب خداداد خان سنڌ جي ڪمشنريءَ جي پوليتيڪل ڊپارٽمنٽ جو وڏو منشي! هن خط جي ذريعي اوهان جي لاءِ ذاتي لقب ”خان بهادر“ مقرر ڪيو ٿو وڃي. صحيح لارڊلينسڊون صاحب بهادر فرمان فرمان ۽ گورنر جنرل هندوستان فروٽ وليم، 1 جنوري 1892ع جيڪب آباد جي دَربار دُربار ۾ سَنَد عطا ڪرڻ وقت آنريبل جيمس صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ، سروقد ٿي، اُٿي بيٺو ۽ سنڌيءَ ۾ هيٺين فصيح ۽ دلپذير تقرير فرمايائين: ”حاضرين دَربار دُربار، سردارؤ، جاگيردارؤ، زميندارؤ ۽ ٻيا معززؤ! اوهين خان بهادر خداداد خان کي چڱي طرح سان سڃاڻو ٿا. هيءُ شخص چاليهن سالن کان به زياده عرصي کان سرڪار جو معزز ملازم ۽ امانتدار آهي. هن جي حسن خدمت جي ڪري سرڪار هن کان خوش ٿي، هن جي لاءِ ”خان بهادر“ جو لقب مقرر ڪيو آهي. اگرچه هن جي خدمتن جو تفصيل تمام وڏو آهي، پر ڪن خدمتن جو مختصر اظهار ڪيو وڃي ٿو هو 1857ع ۾ هندوستان جي فساد (انقلاب) واري زماني ۾ سرفريڊرڪ گولڊ اسمڊ سان گڏجي ويران بيابان ريگستان ۽ سيستان جهڙن ملڪن ۽ ٻين پاسن ڏانهن ويو هو. انهن ڏينهن ۾ هيءَ شخص هر طرح سان وڏو مددگار ۽ مفيد ثابت ٿيو. وغيره وغيره...“ جنهن وقت، صاحب تدبير (مدبر) آنريبل جيمس صاحب اها دلپذير تقرير ڪئي ته سڀني سردارن، جاگيردارن، زميندارن ۽ معززن ”خان بهادر، جي لقب عطا ٿيڻ تي ”مبارڪ، مبارڪ“ جو اواز بلند ڪيو ۽ مبارڪ جي آوازن سبب فضا ۾ وڏو غلغلو پيدا ٿيو. خان بهادر خداداد خان جو بروقت دَربار دُربار ۾ سنڌيءَ ۾ شڪريو ادا ڪرڻ ”مان ناچيز، حضرت فرمان فرما ۽ گورنر جنرل صاحب بهادر هندوستان، جو شڪر گذار ۽ بي حد احسانمند آهيان، جو مهربان حاڪم آنريبل جيمس صاحب جي سفارش تي مون کي اهڙي اعزاز سان نوازيو اٿس. مان اميد ٿو ڪريان ته جيستائين حياتي باقي آهي، نوڪريءَ ۾ هجان يا نه هجان، هميشه سرڪار اَبَد قرار (سدائين قائم رهڻ واري) جي خيرخواهيءَ جي ڪوشش ڪندو رهندس. اڄوڪو مبارڪ ڏينهن مون کي ائين ياد رهندو، جيئن پٿر تي ليڪو. مون کي يقين آهي ته منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجا پٽ، جي هن عزت ڀرئي جلسي ۾ حاضر آهن، منهنجي خدمتگذاريءَ جي پيروي ڪندا ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ مرادون حاصل ڪندا.“ پوءِ دَربار دُربار برخواست ٿي ۽ سڀئي خوش ٿي پنهنجين جاين ڏانهن واپس وريا. سال 1310هه مطابق 1893ع ۾ (جيمس صاحب) سکر ۾ تشريف آور ٿيو ۽ راقم الحروف کي به پاڻ سان وٺي ويو. اٽڪل هڪ مهينو اتي قيام ڪيائين. خيرپور واري ٽالپر خاندان جي اڪثر مير صاحبن کي جي پينشن بردار هئا، پاڻ وٽ گهرايائين. سڀني جي حالات، ضروريات، آمدني، خرچ، شادي، غمي، گهر ٻار ۽ گذر اوقات وغيره جي باري ۾ مڪمل معلومات حاصل ڪيائين ۽ پوءِ انهن ڳالهين بابت بمبئيءَ جي سرڪار کي رپورٽ موڪليائين. حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ٽالپرن خاندانن جو احوال به لکيائين. سرڪار نامدار انهيءَ رپورٽ جا اڪثر حصا قبول ڪيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو جيڪي ماڻهو سنڌ جي حڪمرانن جي قطار ۾ شامل هئا (حڪمرانن جو اولاد هئا) انهن جي لاءِ پُشت بَه پُشت مناسب پينشن مقرر ڪئي ئي. جيڪي ماڻهو حڪمرانن جي قطار ۾ شامل نه هئا، انهن جي لاءِ بن ٻن پشتن ۽ هڪ هڪ پشت تائين پينشن مقرر ڪئي وئي. جن ماڻهن کي پينشن ملندڙ نه هئي، انهن جي لاءِ نوڪريءَ ۽ کاتيداريءَ جو انتظام ڪيو ويو. ٽالپرن جا پٽ، جي يارهن سالن جي عمر جا هئا، انهن کي انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ ”سنڌ مدرسة السلام ڪراچي“ ۾ داخل ڪيو ويو ۽ سندن خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذمو به کنيو ويو ته جيئن تعليم حاصل ڪرڻ بعد روزگار حاصل ڪري سگهن. انهيءَ مبارڪ ۽ مسرت آميز تجويز سبب مير صاحب ۽ سنڌ جا ٻيا باشندا به خوش ٿيا ۽ سرڪار نامدار ۽ آنريبل جيمس صاهب کي دعائون ڪرن لڳا ۽ سندن تعريف ڪندا رهيا. بيسڪ، اهو سندن نيڪ نيتي ۽ حُسن اخلاق جو نتيجو آهي. انهيءَ سال (1310هه مطابق 1893ع ۾) ڪمن کان فارغ ٿي، ”غيبي ديري، تعلقي قنبر ۾ پهتو، جو اولهائين جبل جي ويجهو آهي. انگريزي ۽ فارسيءَ جي عملي کي اتي ڇڏي، پنهنجي نائب مسٽر ليوڪس صاحب، ڊسٽرڪٽ سپرنٽنڊنٽ پولي اپر سنڌ (جيڪب آباد) ۽ راقم الحروف کي پاڻ سان ساڻ ڪري ۽ مختصر عملو کڻي ”دارهاراه جبل“ (ڏاڙهيالو جبل) ڏانهن هليو. ان جو سير ڪيائين. ڪُتي جي قبر ڏٺائين ۽ هڪ هفتي بعد غيبي ديري واس پهچي ويو. اگرچه انهيءَ جبل جي اوچائي، اتان جي سردي ۽ ڪتي جي قبر عجائبابت مان آهن، پر جيئن ته اڳ ۾ ئي مسٽر ايس. مينسفيلڊ صاحب (1281هه مطابق 1864ع) جي حڪمرانيءَ جي زماني جي احوال ۾ اهو ذڪر ڪيو ويو اهي. انهيءَ ڪري دوباره ان جو ذڪر ڪرڻ نٿو ٺهي. انهيءَ سال (1310هه مطابق 1893ع ۾) پير محمد حزب الله شاه صاحب جي وفات حسرت آيات ٿي. مهروم پير صاحب بي حد خليق، سخي ۽ حسين و جميل هو. سندس جانشين، سندس وڏو فرزند پير علي گوهر شاهه صاحب ٿيو. مٿين سالن ۾ راقم الحروف جي پگهار هڪ سؤ پنجهتر رپين مان وڌائي، به سؤ رپيا ماهوار ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي. ڇو ته عملدار تمام قدردان، محنت سناس ۽ مهربان هئا. انهيءَ سفارشي تحرير جي خاص خاص جملن جو ترجمو پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو ٿو وڃي: ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشي خان بهادر خداداد خان جي پگهار ۾ اضافي ۽ سندس مقرريءَ جي تجويز. بامبي ڪائونسل جي اجلاس ۾. نمبر 5934. مؤرخه 7 آگست 1893ع (1310هه) ملڪي شعبو. ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جو مراسلو نمبر 3559، مؤرخه 3 جولاءِ 1893ع هن مطلب لاءِ پهتو. سرڪار نامدار جا احڪام مؤرخه 12 فيبروري 1889ع ۽ 3 فيبروري 1892ع نمبر 1148 ۽ 801، اوهان صاحبن جي ڌيان تي ٿو آڻيان، ته پهريائين ”خان صاحب“ ۽ هاڻي ”خان بهادر“ خداداد خان، ڪمشنر صاحب سنڌ جي آفيس جو وڏو منشي، اول چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي پگهار ۽ پوءِ ٽئين گريڊ جي مختيارڪار جي پگهار کڻندو هو ۽ ڊيوٽي ڪمشنر صاحب سنڌ جي آفيس ۾ ڏيندو هو. (2) هن وقت ٻئي گريڊ جي مختيارڪار جي جاءِ خالي ٿي آهي. جنهن لاءِ اوهان صاحبن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته اها جاءِ خان بهادر خداداد خان کي ڏني وڃي، ته جيئن کيس ٻه سؤ رپيا پگهار ملي سگهي. هن تجويز جي ڪري ٻئي گريڊ جي مختيارڪار جو هڪ عهدو گهٽ ٿيندو. ٽئين گريڊ جي مختيارڪارن جو تعداد ساڳيو رهندو ۽ پنجين گريڊ جي مختيارڪار جو هڪ عهدو وڌندو ۽ هن تجويز جي ڪري سرڪار جي مٿان خرچ جو بار نه پوندو. جيڪي سبب مراسلي نمبر 5526 مؤرخه 12 ڊسمبر 1891ع ۾ ڏنا ويا آهن، ته خان بهادر خداداد خان ٽئين گريڊ جي مختيارڪار جي پگهار کڻي، اهي ساڳيس بب هن تجويزلاءِ به پيش ڪجن ٿا ۽ هيء آخري موقعو آهي جو اوهان صاحبن کي درخواست ڪريان ٿو (۽ چاهيان ٿو) ته خان بهادر (خداداد خان) کي، جو تمام جهونو (ملازم) ايماندار، فرمانبردار ۽ پورن چاليهن سالن جي عرصي کان اعتماد جوڳو خدمتگذار رهيو آهي، اضافو وٺي ڏيان. خان بهادر وٽ نيڪ ناميءَ جون ڪيتريون ئي تصديقون آهن، جي ڪيترن ئي يورپي عملدارن جي طرفان سندس سچائي ۽ ايمانداريءَ جي تصديق سان ڀريل آهن. از انسواءِ هن جي پينشن وٺڻ جي مرحلي ۾ داخلي ٿين کان اول منهنجي خواهش اهي ته هڪ ڀيرو وري به هن کي زياده پگهار ڏياريان. ڇو ته هو جلد ئي پينش وٺڻ وارو آهي. مان پنهنجي سر هن کي 22 سالن کان چڱي طرح سان سڃاڻان ٿو ۽ هن جي باري ۾ اهو چوڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڪڏهن به هن جي سچائي ۽ ايمانداري يا اندر ۾ هڪ ڳالهه ۽ ٻاهر ٻي ڳالهه جي باري ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ يا گمان پيدا ڪو نه ٿيو ۽ اعتماد جي سلسلي ۾ ٻيو ڪو به هن جي برابر نه آهي. پنهنجي پنهنجي وقت جي سڀني ڪمشنر صاحبن نازڪ سياسي معاملن ۾ هن جي رپورٽ ڪرڻ تي هن جي مٿان پورو پورو اعتماد رکي، بنا ڪنهن خوف ۽ پس و پيش جي ڪارروائي پئي ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪري هن جي ايمانداريءَ تي مڪمل اعتماد پئي رکيو اٿن. بيشڪ اهو صحيح آهي ته جڏهن 16 ڊسمبر 1891ع تي خان بهادر کي اضافي ڏيڻ جي باري ۾ سرڪار کي لکيو هوم ته جيڪڏهن هن جو نالو سينارٽيءَ جي ڪري مختيارڪارن کي اضافن ڏيڻ واري لسٽ ۾ هجي ها، ته هن کي اضافو ملي ها. پر مان اضافي جي باري ۾ جيڪي سبب لکيا هئا، سي هئا. سينارٽي ۽ اضافي لاءِ هن جي انتخاب بابت، ٻن سالن جي عرصي کان مختيارڪارن کي جلد جلد اضافا ملندا رهيا آهن. خداداد خان جو سندس عمر وڌي وڃن سبب اضافي کان محروم رهڻ بالڪل مشڪل آهي. چوڏهن ڏينهن ٿيا، جڏهن مان سکر ۾ خيرپور جي مير صاحبن جي حالات معلوم ڪرڻ لاءِ رهيل هوس. جيڪڏهن (انهيءَ موقعي تي) مون سان خان بهادر خداداد خان ساڻ نه هجي ها، ته اهو ڪم جلد ۽ سهڻي نموني سان پورو ٿي نه سگهي ها. هن جي واقفيت، ماڻهن جي نالن جي يادگيري، واسطيدارن ۽ مٽن مائٽن جي باري ۾ معلومات ۽ مسلسل چاليهه سال نوڪري ڪرڻ سبب، سرڪاري پاليسيءَ جي باري ۾ هن جي ڄاڻ (منهنجي لاءِ) بالڪل مفيد ثابت ٿي. انهن ڳالهين کي پيش نظر رکڻ بعد سرڪار کي عرض ٿو ڪريان، ۽ اميد ٿو ڪريان ته خان بهادر خداداد خان جي حالت سرڪار کي چڱي طرح سان ذهن نشين ٿي ويندي. حساب ڪتاب جي معاملي ۾ ڪو به مونجهارو ڪونهي. ملاحظو ڪريو سرڪار جو حڪم نمبر 1148ع مؤرخه... فيبروري 1898ع جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. بندوبست جون يادداشتون شامل آهن. اڪائونٽنٽ جنرل جو مراسلو نمبر 1717، مؤرخه 25 جنوري 1893ع شامل آهي. سرڪاري حڪم سنڌ جي ڪمشنر صاحب جيڪا تجويز موڪلي آهي، سا بامبي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وڏي خوشيءَ سان منظور ڪئي ٿي وڃي. صحيح ڊبليو ايل هاروي صاحب (بامبي سرڪار جو ملازم) 15. سال 1310هه مطابق سال 1893ع جي شروع ۾ (ڪمشنر صاحب) پنهنجي ڪمال لياقت ۽ عام معلومات جي ڪري لاهور ويو ۽ آفيم جي واهپي تي ضابطو رکندڙ ڪميٽيءَ جي اڳيان شاهدي ڏنائين. 16. 1311هه مطابق 1844ع جي شروع ۾ سر مير علي مراد خان صاحب بهادر واليء رياست خيرپور 81 ورهين جي عمر ۾ 25 سال حڪمراني ڪرڻ بعد رحلت ڪئي. سندس جنازو مبارڪ خيرپور کان ڪراچيءَ نيو ويو ۽ ”ميري ويدر، نالي بنگلي ۽ باغيچي ۾ رکيو ويو، جتان بعد ۾ نهايت ئي شان ۽ وقار سان جهاز جي ذريعي ڪربلا معليٰ روانو ڪيو ويو. هن اندوهناڪ حادثي تي ماتمداري، ڪيمپ اسٽيسن تي يورپ جي فوجي سپاهين ۽ يورپ جي ئي اهل علم ۽ اهل قلم حضرات جي پاران جنازي جي جلوس جو انتظام ۽ ماتمداري جو، توپن جي سلامي، معزز مسلمانن ۽ هندن جي حاضري، بنگلي جي ڇتن، درين دروازن ۽ فرش کي ماتمي رنگ ۾ رڱڻ، ٽالپر خاندان جي ماڻهن ۽ جنازي سان گڏ هلندڙن جي دعوت وغيره، اهو سڀ ڪجهه هر دلعزيز حاڪم مسٽر جيمس صاحب بهادر جي حڪم سان، راقم الحروف جي هٿان ٿيو. جنهن جو تفصيلي احوال ڪتاب ”خيرپور نامي“ ۾ لکيو ويو آهي، جو مٿين سالن ۾ ڇپجي چڪو آهي. انهيءَ ڪري ٻيهر انهن ڳالهين لکڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن پڙهندڙ اهو احوال معلوم ڪرڻ جي خواهش رکندا هجن ته خيرپور نامي جو مطالعو ڪن. مرحوم مير صاحب جو جانشين سر مير فيض محمد خان صاحب بهادر مقرر ڪيو ويو ۽ قادر داد خان کي سندس وزير ڪري رکيو ويو. 17. سال 1311هه مطابق 1894ع ۾ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي محل ۾ مدرسي جي معزز ممبرن ۽ پبلڪ جي خاص ۽ عام ماڻهن، ”خان بهادر“ جي خطاب ملڻ تي هن خاڪسار راقم الحروف کي تهنيت نامو پيش ڪيو (يعني مبارڪ تي مشتمل ايڊريس). انهيءَ مسرت بخش مجسل ۾ جيڪي وهيو واپريو، ان جي ڪارروائي، جا سنڌي اخبار ”مُعاون سنڌ“ مؤرخه 5 مئي 1894ع مطابق 28 شوال المڪرم 1311هه ڏينهن ڇنڇر، جلد 3 ۽ نمبر 17 ۾ شايع ٿي آهي، ملاحظه ڪئي وڃي تاهم پـڙهندڙن جي سهولت خاطر ساڳي ڪارروائي هت درج ڪجي ٿي. اگرچه دوستن ۽ سنڌ جي باشندن وٽان خواه ٻين شهرن مان مبارڪباد جا ڪيترائي خط پهتل آهن، مگر هڪ خاص تهنيت نامو،جو انجمن جي صدر هٿو ڏنو آهي، اهو هت درج ڪيو وڃي ٿو: تهنيت نامو محب با وفا مشفق با صفا عالي درجت بلند مرتب خان بهادر خداداد خان سلمه المنان. اسين ”مجلس محمدي، جي جنرل باڊيءَ جا ميمبر، اوهان صاحبن کي سرڪار نامدار وٽان ”خان بهادر، جو لقب عطا ٿيڻ تي دل جي گهراين ۽ ڪمال مسرت سان مبارڪ ٿا ڏيون. جيئن ته سنڌ جي مسلمانن مان تمام ٿورڙاماڻهو سرڪار نامدار جي ملازمت ۾ آهن، ۽ انهن مان به ٿورڙا آهن، جي سرڪار جي خدمتگھزاريءَ ۾ ڪامياب ٿا ٿين. هن ڪري جو گهڻا ماڻهو زماني جي حادثن يا معاندانه مخالف ۽ پنهنجي قوم جي بيوقفوي، ۽ ڪنهن بهتان يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري سرڪار تائين نٿا پهچن ۽ جيئن ڪچو ميوو ناموافق هوا گُهلڻ سبب وڻ مان ڇڄي ڪري پوندو آهي، ائين ڇڄي ٿا وڃن. البت مسلمانن مان چند ماڻهو آهن، جي پنهنجي محنت، نمڪ حلالي ۽ سچائي سان سرڪار جي دلي خدمتگذاري ڪري، بي انتها آفرين ۽ عزت ڀريا القاب حاصل ٿا ڪن. جيئن اوهان صاحبن ڪيو آهي. انهيءَ ڪري اسان مسلمان انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي لاءِ فخر ٿا سمجهون. خدا جو شڪر آهي، جو اوهان پنهنجي دل جي سچائي ۽ بهترين ايمانداري جي ڪري سرڪار ۾ به ۽ عوام جي نظر ۾ به ايتريقدر مقبول ۽ مسهور آهيو. جيڪڏهن ڪو شخص اوهان صاحبن جي اهڙي نيڪ نيتي ۽ خدمتگذاريءَ کان هروڀرو ناراض ٿو ٿئي، ته انهيءَ شخص جو پنهنجو قصور آهي، نه اوهان صاحب جون. اسين اهو مناسب موقعي کي غنيمت سمجهي، پنهنجي انتها درجي جي نيڪ نيتيءَ سان پنهنجي قوم (مسلمانن) کي مفيد صلاح ٿا ڏيون ته جيڪي ماڻهو نوڪريءَ ۾ آهن يا جيڪي ماڻهو روزگار لاءِ سرڪار ۾ اميد رکيو ويٺا آهن، سي بين قومن جي گمراه ماڻهن کي ڏسي گمراه نه ٿين ۽ بُريون عادتون اختيار نه ڪن. بلڪه هر صورت ۾ گمراه ماڻهن کان پري رهن ۽ هيءُ ٽي اصول پنهنجين دلين تي نقش ڪري ڇڏين. يعني خدا ترسي، حق شناسي ۽ نمڪ حلالي. جيڪڏهن مسلمان انهن اصولن تي چڱي طرح نظر ڪري، سرڪار جي خدمتگذاريءَ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن ۽ سرڪاري نوڪري، جا محنت سان هٿ ڪن. انهيءَ جي بجا آوريءَ ۾ انهن اصولن تي عملڪن، ته هو پاڻ کي زماني جي حادثن کان محفوظ رکي سگهندا، جن جي ڪري شروع ۾ ئي هنن جي نوڪري ختم ٿي وڃي ٿي: راستي موجب رضائ خدا ست. کس نديدم که گم شد از ره راست. (سچائي خدا جي راضپي جو سبب آهي، مان ڪنهن کي به سڌي رستي تان گم ٿيندي، نه ڏٺو آهي). آخر ۾ اسين دوستاني نموني ۾ اميد ٿا رکون ته الله تعاليٰ جل شانه اها نيڪ نامي، اها تعريف ۽ اهو عزت ڀريو لقب اوهان صاحبن کي مبارڪ ڪري. آمين ثم آمين. دعا نامو اَلحَمدُ للهِ وَ حدَه وَ نُصَلي عَليَ سيدِ نِا مُحَمَدَ عِبده وَ رَسُولَه (سڀ تعريفون الله واحد جي لاءِ آهن ۽ اسين پنهنجي سردار محمد تي صلوات پڙهون ٿا، جو الله جو ٻانهو ۽ رسول آهي)، مان هن عجيب ۽ فرحت بخش موقعي تي ۽ دلپسند ۽ سٺي وقت ۾ هن جذبي ۽ اميد سان، جو سڀني انسانن لاءِ پنهنجن مقصدن ۾ ڪاميابي ۽ مسلمانن لاءِ ڪامرانيءَ جو سبب آهي، انتها درجي جي نياز ۽ انڪسار سان، بي پرواه ۽ عالي جاه شهنشاه، بي نياز بادشاه ۽ احڪم الحاڪمين جل شانه و عز برهانه (حاڪمن جو حاڪم جنهن جو شان وڏو ۽ دليل قوي آهي) جي درگاه مان هيءَ عاجزانه دعا قبوليت جي اميد سان گهران ٿو ته الله تعاليٰ، جو تمام وڏو شان وارو آهي، پنهنجين ازلي ۽ ابدي مهربانين سان اهڙيون مبارڪبادون، برڪتون ۽ حيثيتون، جن کي ڏسڻ واسطي دوستن جون اکيون، هر وقت، هميشه هميشه ۽ ڏينهن رات انهيءَ انتظار ۾ رهن ٿيون ته شال عزت ۽ احترام جي صاحبن، نعمتن ۽ انعامن جي مالڪن جي وڏي درجي ۽ عظمت وارن مسلمانن کي نصيحت فرمائي ۽ (الله تعاليٰ) اوهان صاحبن کي سال خوش و خرم رکي، جي وڏن لقبن ۽ لائق خطابن وارا آهيو، بلڪه مناسب لقبن جا سرچشما آهيو ۽ مبارڪ وجود ۽ عاقبت محمود وارا آهيو (الله تعاليٰ، اوهان کي) اڃا به ان کان زياده عام ۽ خاص ماڻهن جي ڀلائي ڏانهن متوجه ڪري ۽ ان کان به وڏن لقبن ۽ سهڻن خطابن سان سرفراز ۽ ممتاز فرمائي ۽ ان جي سڀني معزز ميمبرن کي ۽ خاص طور تي پنهنجن سڀني همعصرن کان وڏي شان مان واري، وڏي دٻدٻي ۽ خوشحاليءَ واري ۽ سهڻي اخلاق واري خان بهادر حسن علي بي افندي، مجيديءَ کي (سندس اقبال هميشه قائم رهي) الله تعاليٰ سندس عزت، مرتبي ۽ بخت سميت قائم ۽ دائم رکي. اهو ئي شخص آهي جو پنهنجن معزز ديني ڀائرن ۽ دوستن جي خير خواهي، ڀلائي، ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ ۾ گوءِ کڻي ويو آهي ۽ اڃا به کيس انسانن جي ڀلائي ۽ مسلمانن جي فائدي جي وڌيڪ توفيق عطا فرمائي. هن جي ذات فيض آيات کي، هن جي اهل عيال کي، هن جي عزيزن قريبن ۽ وفادار دوستن سميت شال خوش و خرم ۽ شاد ۽ آباد رکي ۽ معزز حاضرين کي ٻنهي جهانن ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ڪري ۽ پنهنجن رحمتن ۽ برڪتن سان نوازي. سڄي مخلوق جي شفيع، جنهن تي ڪڪر جي ڇانوَ هوندي هئي يعني حضرت محمد ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جي سڄي اُمت کي اتفاق ۽ محبت نصيب ڪري ۽ بي اتفاقي ۽ دشمنيءَ کان امن امان ۾ رکي ۽ سڀني مسلمانن جو خاتمو بالخير ڪري. باالله! امت محمديءَ جي مدد ڪر. امت محمديءَ کي غلبو عطا ڪر. امت محمديءَ کي سنئين رستي تي هلاءِ ۽ محمدي لشڪر جو جهنڊو بلند رک. يا الله! اسلام ۽ مسلمانن کي غالب ڪر ۽ مشرڪن کي نيست نابود ڪر. عظمت واري قران مجيد ۽ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه و سلم جي صديق، ۽ اي ارحم الراحمين پنهنجي رحمت سان. خان بهادر خداداد خان جي طرفان شڪريو صاحب موصوف (خان بهادر خداداد خان) جو ڪرسيءَ تي ويٺل هو، اُٿيو ۽ سروقد ٿي، سڀني صاحبن، ميمبرن ۽ ٻين معززن ڏانهن متوجه ٿيو ۽ هيٺين بينظير ۽ باتدبير تقرير زبان فصاحت بيان سان ادا ڪيائين؛ ”هن محبت ڀريل مجلس جا حاضرين! مان پهريائين انهيءَ بي مثال مالڪ جل شانه جو شڪرانو بجا ٿو آڻيان، جو پنهنجي بي پايان لطف سان هن ناقص کي اهڙي عزت ڀرئي لقب سان ملقب فرمايو اٿس. ان کانپوءِ انجمن جي جناب صدر صاحب، سڀني معزز ميمبرن ۽ حاضرين مجلس جو بي حد شڪريو ادا ٿو ڪريان. مان هن وقت پاڻ کي بختاور ٿو سمجهان، جو مون کي هن عطيه (لقب9 ملڻ تي مبارڪباد چئي، احسانمند بڻايو اٿن. مون کي شڪريه ادا ڪرڻ لاءِ وڻندڙ جملا ۽ دلپسند الفاظ نٿا ملن، جو پنهنجي عاجز زبان سان ادا ڪري سگهان، بلڪه منهنجي مٿي جا سڀ وار زبان بڻجي پون ته به مان ههڙي مهرباني ۽ مبارڪباد جي شڪريه ادا ڪرڻ کان جيڪر قاصر رهجي وڃان. مان پنهنجي مالڪ مطلق جي درگاه ۾ ڪمال عجز ۽ انڪسار سان دعا ٿو ڪريان ته پنهنجي بي پايان فضل ۽ ڪرم سان منهنجن سڀني ديني ڀائرن کي به اهڙو فخر ۽ عزت عطا فرمائي. آمين ثم امين. مان هاڻي پنهنجي پراڻي دوست آنريبل خان بهادر حسن علي (افندي) صاحب جي اجازت سان ڪجهه عرض ڪرڻ ٿو گهران ته اي طالب علمؤ (شاگردؤ!) پنهنجا سبق چڱي طرح يا ڪريو ۽ ”مدرسة الاسلام“ ۽ ان جي ”بوردنگ هائوس“ جهڙين عمارتن کي ڏسُ ۽ غور ڪريو. اهي عمارتون اوهان جي لاءِ تعمير ڪرايون ويون آهن. اوهان انهن مان فائدو وٺڻ لاءِ پان کي تيار رکو ۽ بنا سبب جي پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو. مان گذريل سال ڪيترن ئي وڏن شهرن جهڙو: بمبئي، پونو، احمد آباد، راڪوٽ، جيپور، دهلي، امرتسر، لاهور ۽ ملتان وغيره (جي ريلوي اسٽيشنن) کي ويجها اهن، جي سياحت ڪرڻ وقت چڱي طرح ڏٺو، مگر مون کي ههڙو عظيم الشان مدرسو ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آيو. انهيءَ ڪري اوهان کي ناهيت محبت سان درخواست ٿو ڪريان ته پنهنجي بهترين وقت کي ۽ فيض جي هن سرچشمي کي غنيمت سمجهو ۽ ڪوشش ڪري، ان مان فائدو حاصل ڪريو. مون وڏي تجربي بعد معلوم ڪيو آهي ته وقت جا حاڪم (انگريز) وڏا مهربان ۽ مسلمانن جا خير خواه آهن؛ تنهنڪري جيڪڏهن اوهين سچائي سان سندن خدمت ۾ ثابت قدم رهندا. ته قوي اميد آهي ته اوهين به اهڙن عزت ڀرين لقبن جا مستحق ٿيندا. مون کي انگريزيءَ ۾ ايتري مهارت ڪانهي. مگر صحبتن مان معلوم ڪيو اٿم ته جيڪڏهن انگريزيءَ جي امتحان ۾ هڪ دفعو ڪامياب نه ٿيو ته ٻيو دفعو ڪوشش ڪري امتحان ۾ داخل ٿيو. جيڪڏهن اڃا به ڪامياب نه ٿيو ته وري ٽيون دفعو داخل ٿيو. نيٺ وڃي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪندؤ. دلڪشته ۽ غمگين نه ٿيو. ان ۾ اوهان جو نقصان آهي.“ ان کانپوءِ گلن ۽ عطر تقسيم ڪرڻ بعد دعا خير گهري، مجلس برخواست ڪئي وئي. جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل احوال ۾ ڙهندڙن کي شڪ هجي ته ٻيهر لکان ٿو ته مهرباني ڪري سنڌي اخبار ”معاون سنڌ“ 5 مئي 1894ع (شوال 1311هه) جو پرچو هٿ ڪري، مطالعو ڪري. 18. سال 1311هه مطابق سال 1894ع ۾ ٺٽي جي مسجد شريف جي مرمت جو ڪم شروع ٿيو. 19. مٿئين سال جي آخر ۾ هندوستان جو فرمان فرما ۽ گورنر جنرل جناب لارڊ ايلجن صاحب بهادر ڪراچيءَ ۾ تشريف آور ٿيو ۽ ”ليڊي ڊنرن هاسپيٽل“ جو بنياد رکيائين، جا هندوستان جي پهرئين فرمان فرما ۽ گورنر جنرل جناب لارڊ ڊفرن صاحب جي بيگم صاحبه جي نالي ۾ تعمير ڪئي وئي هئي. انهيءَ وقت ملاقات فرحت آيا ۽ خاص ملاقات ٿي. اهاڳالهه هيٺين تحرير مان ظاهر ٿيندي، جا پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ضروري آهي ۽ عجائبات منجهان آهي. تصديق شده ترجمو پهريون مراسلو نمبر 1476ع، مؤرخه 18 آڪٽوبر 1894ع جو پوليٽيڪل ايجنٽ کي، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ افغانستان جي سردارن جي باري ۾ موڪليو ويو آهي، ته قنڌار جي سابق والي ۽ سردار محمد هاشم خان کي آڻڻ ۽ خاص ملاقات ڪرائڻ وغيره جو بندوبست، سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي آفيس جو وڏو منشي خان بهادر خداداد خان ڪندو ۽ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ۽ پوليتيڪل ايجنٽ هن جي هٿان نظرداري ڪندا. صحيح جي سيلڊن صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ ملاقات جي تجويز بابت تصديق شده تجويز تاريخ 10 ڊسمبر5 1894ع ڇنڇر ڏينهن، رات جو نوين بجي ويهين منٽين خاص ملاقات واري ٻي مجلس ۾. هندوستان جي فرمان فرما ۽ گورنر جنرل صاحب بهادر سان ملاقات ٿيندي. هز هائينس مير محمد حسن علي خان، هز هائينس مير نور محمد خان، هز هائينس مير ساه نواز خان، هز هائينس مير عبدالحسين خان حيدرآبادي، هز هائينس حاجي مير فتح خان ميرپورخاص ۽ سردار شير علي خان قنڌار جو پهريون والي ۽ سردار محمد هاشم خان نوين بجي پندرهينمنٽين ڪمشنر صاحب بهادر جي بنگلي تي ملاقات لاءِ ايندا. انهيءَ وقت سندن گهوڙا گاڏيون ڪمشنر صاحب جي بنگلي جي ٻاهران جاءِ ۾ ”چرچ“ واري دروازي کان داخل ٿينديون، جتي ڪجهه وقت ترسنديون. اتي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ويٽل صاحب سندن استقبال ڪندو. ان کانپوءِ ڪمشنر صاحب بهادر جي خانگي جاءِ ۾ ويهندا، ۽ سندن گاڏيون ملاقات پوري ٿي وڃن تائين ساڳئي رستي سان پٺتي موٽي وينديون. ان کانپوءِ مير صاحب ۽ سردارَ، جنهن جڳهه تي گاڏين تان لٿا هئا، اتان سوار ٿي روانا ٿيندا. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڪليڪٽر صاحب، ٿرپارڪر جو ڊپـٽي ڪمشنر صاحب ۽ سنڌ جو اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب واپس وڃڻ وقت کين الوداعڪندا. هن انتظام تي پوليس وغيره کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ته جيئن ڪا به ڳالهه انهيءَ انتطام جي خلاف نه ٿئي هن تجويز جو تصديق شده نقل خان بهادر خداداد خان ڏانهن موڪليووڃي، جو مٿين سردارن جي سڀني ڳالهين جي ذمه داري انهيءَ جي مٿان رکي وئي آهي. صحيح مسٽر جي سليڊن صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ 20 سال 1312هه مطابق سال 1895ع جي شروع ۾ مسٽر جيمس کي سندس غير معمولي دانائي ۽ لياقت سبب سرڪار جي پاران هندوستان جي سرڪار نامدار جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل تي کنيو ويو ۽ ان کانپوءِ اتان رخصت وٺي، ولايت (انگلينڊ) روانو ٿي ويو. بيشڪ، دانائي ۽ چڱائي جو اهو ئي نتيجو آهي. وڃن وقت مهرباني ڪري راقم الحروف جي باري ۾ پنهنجي رڪارڊ تي هيءُ الفاظ لکي ويو: خان بهادر خداداد خان ولد راضو خان جيئن ته تجربيڪار ماڻهو آهي، انهيءَ ڪري ڏاڍو مفيد نظر ٿو اچي. صحيح ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ [1] هيءُ صاحب انهيءَ وقت بمبئي سرڪار جو چيف سيڪريٽري هو (ن . ب). چوڏهون ڪمشنر: سر چارلس اوليونٽ صاحب (ايڪٽنگ) سال 1312هه مطابق 1895ع ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪاٺياواڙ جي معزز عهدي تان، ڪراچيءَ ۾ اچي سنڌ جي ڪمشنريءَ جو انتظام سنڀاليائين. جيئن ته هن کان اڳ ۾ به سال 95-1294هه مطابق 81-1880ع ۾ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي معزز عهدي تي رهيو هو، تنهنڪري سنڌ جي حالتن کان چڱي طرح واقف هو ۽ انهيءَ ڪري ئي سرڪاري ڪمن جي سر انجامي سهڻي نموني سان ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ سندس اسسٽنٽ مسٽر جي. سليڊن صاحب هو. ڪمشنر صاحب اگرچه دستور موجب چڱي طرح سان ڪاروبار هلائيندو رهيو، تاهم سندس ايامڪاريءَ ۾ جيڪي وڏا ڪم ٿيا، يا عجيب حالات پيدا ٿيا، سي ترتيب وار هت درج ڪيا وڃن ٿا. (1) مٿئين سال (1312هه مطابق 1895ع) ۾ سرحد سنڌ (جيڪب آباد) جو پوليس عملدار مسٽر پينٽن صاحب، عيسائي مذهب ترڪ ڪري، اسلام ۾ داخل ٿيو. انصاف پسند حاڪمن کيس ڪا به ملامت نه ڪئي، بلڪه ساڳئي ريت پوليس عملداريءَ جي عهدي تي کيس بحال رکيائون. البت هيترو ڪيائون، جو کيس سنڌ مان بدلي ڪري دکن موڪلي ڇڏيائون. بيشڪ، ائين ئي ڪرڻ کپي، جو انصاف جو بهترين طريقو اهو ئي آهي. (2) انهيءَ سال (1312هه مطابق 1895ع ۾) کپري ۽ سانگهڙ (ضلعي ٿرپارڪر) ۽ شهدادپور (ضلعي حيدرآباد) ۾ ”حُرن“ شورش، فساد ۽ خونريزي شروع ڪئي. اهو فرق زياده تر ”ڪنگري“ جي سجاده نشين پيرن جو مريد ۽ پوئلڳ آهي ۽ هن سچائي جي رستي تان ٿڙيل فرقي جو اعتقاد هيءُ آهي جو گادي نشين پير کي نعوذ با الله منها ”خدا وند علم“ سمجهندا آهن. جنهن جا اوصاف ”الصمد لم يلدولم يولد“ آهن(1). انهيءَ ڪري ڪنهن کي به هن جو مَٽُ ۽ شاني نه ڀائيندا آهن. هي گمراه ”حُر“ جي نالي سان مشهور آهن. هنن حرن جو قصور اگرچه تمام وڏو آهي، پر هت اختصار سان بيان ڪيو ٿو وڃي. ”حُر“ عربي، بلڪه ترڪي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سچو پچو پهلوان“. حر، حضور نبي ڪريم عليه الصلواة و السلام جي جگر گوشي حضرت امام حسين رضه الله تعاليٰ عنه جي ڏينهن ۾ شهيد ٿيو هو. مگر هيءُ فرقو جيئن ته بدڪار آهي، تنهنڪري ”لُرُ“ مشهور آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ بي بنياد ۽ بدڪار سڏيو ويندو آهي(1) قصو ڪوتاه، جڏهن انهيءَ فرقي جي شورش ۽ فساد جو اثر رعيت ۽ انگريز سرڪار جي پوليس آفيسرن تي پيو، تڏهن سرڪار نامدار حڪمت عملي شروع ڪئي ۽ پلٽڻ، پوليس ۽ جاسوس موڪليائين ۽ مرحوم پير علي گوهر شاه صاحب ۽ ٻين کان مدد ورتائين جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو اڪثر حر گرفتار ٿيا. ڪي مارجي ويا ۽ ڪن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو، جن ماڻهن هن حيرت انگيز معاملي ۾ (انگريز سرڪار جي) مدد ڪي، انهن کي انعام ڏنا ويا، جن جو تفصيل مناسب موقعي تي بيان ڪيو ويندو. (1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نوٽ: اهو گمان، حقيقت جي بالڪل برخلاف آهي. انگريز سرڪار جي عملدارن ڄاڻي ٻُجهي اها تهمت گهڙي ۽ هن ڳالهه کي مشهور ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائون. ته سنڌ جا مسلمان عام طرح ۽ سنڌ جا (سڀ) باشندا خاص طرح حرن جون جماعت (جا حريت پسند ۽ انگريز سرڪار جي دشمن هئي) کان بدمان آهن ۽ کين ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. [1] ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نوٽ: ”لُبِ تاريخ سنڌ“ جي مؤلف جي اها راءِ سندس وفاداري ۽ نمڪ خواريءَ جو دلدلي آهي، جو هميشه انگريز سرڪار جو خدمتگذار رهيو آهي. حُر، انگريز سامراج کي حقارتجي نظر سان ڏسندا هئا ۽ سانده ساڻس لڙائي ڪندا رهندا هئا. سنڌ ۾ حر تحريڪ جي شروعات هن ريت ٿي، جو ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ هندوستان جي اندر مغل سلطنت جو زوال ٿيو ۽ مسلمانن جي طاقت جو شيرازو درهم برهم ٿي ويو. غير مسلم قومن منجهان مرهٽن مهاراشٽر ۾ ۽ سکن پنجاب ۾ پنهنجون حڪومتون قائم ڪيون. اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ سکن سڄي پنجاب تي غلبو حاصل ڪري، اتر اولهه ڏانهن لشڪر ڪشي ڪئي، تان جو پشاور تي ڪاهه ڪيائون ۽ امڪان هو ته پختون ۽ افغان قبيلن کي مغلوب ڪري وجهن، جي پنهنجي شجاعت ۽ مردانگيءَ جي ڪري هندوستان جي مسلمانن ۾ مشهور هئا. انهيءَ صورت حال مجاهد اعظم سيد احمد بريلويءَ ۾ جوش پيدا ڪيو ۽ هن ديني غيرت ۽ حميت جي ڪري سکن جي برخلاف جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ هن پنهنجن ساٿين سميت دهليءَ کان پشاور وڃڻ جو ارادو ڪيو. پر جيئن ته پنجاب سکن جي قبضي ۾ هو انهيءَ ڪري سيد موصوف راجپوتانا جي رستي سنڌ ۾ آيو. حيدرآباد ۾ ٽالپر حڪمرانن، سيد صاحب جي خاطر تواضح ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ۽ پنهنجي معزز (ڏسو ايندڙ صفحي جو حاشيو) ترين مهمان جي پذيرائي سندس مرتبي جي مطابق ڪيائون. مگر کيس مدد ڏيڻ کان هٻڪڻ لڳا، ته متان پنجاب جو سِک راجا رنجيت سنگهه، سنڌ تي چڙهائي نه ڪري. سيد احمد بريلوي حيدرآباد کان ڪُوچ ڪري اُتر سنڌ ۾ پهتو ۽ پير پاڳاري (دستار ۽ ڪُلاه جو مالڪ) سيد صبغت الله بن مرشد انام (مخلوق جو مرشد) حضرت محمد راشد رحمت الله عليه سان مليو. سيد صبغت الله شاه هڪ حريت پسند انسان هو. هن ديني غيرت سبب سيد احمد جي مجاهدانه عزائم سان مڪمل اتفاق ڪيو ته جهاز ڪري، اتر هندوستان جي مسلمانن کي سکن جي غلاميءَ جي مصيبت کان نجات ڏيارڻ گهرجي. پير صاحب سنڌ ۾ هڪ زبردست مهم شروع ڪئي ۽ مسلمانن کي جهاد جي ترغيب ڏياريائين. درزين جي هڪ گروه کي گهرائي، حڪم ڪيائين ته مجاهدن لاءِ جنگي پوشاڪون تيار ڪن ۽ پنهنجن مريدن ۽ دوستن جي هڪ جماعت، سيد صاحب کي ساڻ ڏنائين. اها ئي اُها پهرين جماعت هئي، جا ”حُرن“ يعني احرار جي نالي سان موسوم ٿي. سيد صبغت الله شاه انهيءَ جماعت کي ساز سامان سميت سيد احمد سان گڏ روانو ڪري، پاڻ سنڌ ۾ ترسي پيو. ڪي علماءِ حق، جن حريت جي جذبي ۽ حق جي ڪلمي بلند ڪرڻ کي پنهنجو نصب العين ٺهرايو هو. اُنهن سيد صبغت الله شاه جي سڏ تي ليڪ چئي، حرن جي جماعت ۾ شرڪت پئي ڪئي ۽ کين سيد احمد جي مدد لاءِ موڪليو ٿي ويو. انهن مان هڪ قاضي عثمان سنڌ به هو، جو قاضي شوڪاني رحمت الله عليه جو شاگرد ۽ محمد بن عبدالوهاب نجديءَ جي تعليمات کان متاثر ٿي، پنهنجي وطن سنڌ ڏانهن موٽيو هو ۽ پو؟ءِ حرن جي هڪ گروهه ۾ جهاد لاءِ شريڪ ٿيو هو. هن حقاني عالم جي هٿيارن مان هڪ خنجر اڃا تائين سندس اولاد وٽ محفوظ اهي ۽ هن جي ڪتابن مان هڪ قلمي مجموعو امام بن تيميه جي رسالن جو آهي، جن مان ڪي گهڻو ڪري اڃا تائين نه ڇپيا آهن ۽ مٿن شيخ محمد بن عبدالوهاب جي فرزند عليءَ جي مُهر لڳل آهي. اهو مجموعو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. سيد احمد کي پهريائين هن جهاد ۾ فتوحات حاصل ٿيون، مگر پوءِ حالتون بدلجي ويون ۽ هو سال 1246هه جي ذوالقعد ۾ شهيد ٿيو سندس تاريخ وفات جو قطعو، جو بالاڪوٽ جي قلعي ۾ سندس تربت جي مٿان لکيل آهي ۽ منهنجن دوستن ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ حضور احمد سليم، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن جي ذريعي مون کي مليو آهي، ان مان سيد احمد جي شهادت جي تاريخ ۽ سال جو پتو پوي ٿو: سيد احمد بريلوي غازي هست مدفون اندرين مرقد مؤمن و متقي ولي الله بُد مجاهد به راس سيزده صله آمد از هند با گروه کثير بهر امداد مردم سرحد جنگ با سکهه نمود و گشت شهيد بود راضي از و خدائ احد بيست و چارمُ بُد ازمه ذي قعد سال غم گر بداني از ابجد کاف جو جارا کشيد گو يوسف ”رحمت رب بود باين مرقد“ (1269-32=) 1246هه غازي سيد احمد بريلوي هن تربت ۾ دفن ٿيل آهي. هو تيرهين صديءَ جي اوائل جو هڪ مؤمن، متقي، ولي الله ۽ مجاهد هو. صوبه سرحد جي ماڻهن جي امداد لاءِ هندوستان کان وڏي جماعت سان آيو. سکن سان جنگڪندي، شهيد ٿي ويو. الله واحد هن کان راضي هو. اُها ذوالقعد جي چوويهين تاريخ هئي. جيڪڏهن غم وارو سال ابجد جي ذريعي معلوم ڪرڻ چاهين ته... يوسف، ڪاف ۽ جيم (جي عددن کي مادهء تاريخ مان) ڪڍيو آهي (جو هيءُ آهي ته) ”رحمت رب بود باين مرقد“ (يعني هن رتبت تي پروردگار جي رحمت هجي) 1269-23= 1246هه (”يوسف“ شايد قطعئه تاريخ لکڻ واري شاعر جو نالو هو. مادهء تاريخ جا عدد 1269 آهن. انهن مان ڪ (20) ۽ ج (3) جا عدد (23) ڪڍڀا، ته 1246 بچندا (مترجم)). سيد احمد جي شڪست جي سببن مان هڪڙو سبب هيء هو جو سيد صبغت الله شاه سنڌ ۾ پهرين رمضان 1246هه تي وفات ڪئي، ۽ حر مجاهد جماعتن ۽ ساز سامان جي امداد، جا سيد صبغت الله شاه جي طرفان هڪ ٻئي پٺيان سيد احمد کي پهچندي پئي رهي، سا بند ٿي وئي. بلڪه سيد صبغت الله شاه جي وفات سبب سيد احمد جو هڪ بازو ڀڄي پيو. ڇو ته سيد احمد، سيد صبغت الله شاه کي سنڌ ۾ پنهنجو قائم مقام ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي اهل عيال کي ه سندس حفاظت ۾ ڇڏي ويو هو. جيئن سندس خط مان ظاهر آهي، جو سيد صبغت الله شاه کي لکيو اٿس: ”بسم الله الرحمٰن الرحيم. امير المؤمنين سيد احمد جي طرفان ارشاد ۽ تلقين جي محفلن جي سجاده نشين جي خدمت با برڪت ۾ جو صدق ۽ يقين وارن جو رهنما، استفادو ڪندرن جو مرڪز، هدايت حاصل ڪندڙن جي پناه گاه ۽ الله جي واٽ ڏانهن رهبري ڪندڙ آهي، منهنجو مخدوم شاه صبغت الله صاحب، الله تعاليٰ سندس هدايت جو سايو قيامت تائين مريدن جي سرن تي قائم رکي. سلام مسنون ۽ دعاءِ مقبول کانپوءِ واضح هجي، ته اوهان جا مبارڪ خط مليا، جي ملت مسلمه کي بيدار ڪرڻ، سنت محمديءَ کي جيارڻ، جهاد کي قائم رکڻ ۽ ڪفر ۽ دشمنيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ انتها درجه جي اشتياق، بلند همتي ۽ اراده جي پختگيء تي مشتمل هئا. منجهن درج ٿيل احوال خطن جي بليغ بعادت مان اخصار سان، ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي واتان تفصيل سان معلوم ٿيو. بيشڪ، ههڙي عظيم ڪم جي سر انجامي ۽ ايڏي اهم ترين مُهم جي تڪميل ڏانهن توجه ڏيڻ اوهان جهڙن هدايت يافتن، معززن ترين ۽ مقبول انسانن، بي مثال رهنمائن ۽ همت ۽ حوصلي جي صاحبن کي سونهي ٿو. اين کار از تو آيدو مردان چنين کنند“ (اهو ڪم توکان پڇي سگهندو ۽ مرد ائين ئي ڪندا آهن). جيڪڏهن جنگ جهر لتاڙي هيڏانهن تشريف اور ٿيڻ چاهيو ۽ اسان فقيرن جي محفل کي پنهنجي شاهانه تشريف آوريءَ سان بهشت جي باغيچن ۽ گل ياسمين ۽ ريحان کان به زياده رونقدار بنائڻ چاهيو، ته اها ڳالهه اوهان جي بلند همتي ۽ بلند حوصلگيءَ کان بعيد ناهي. مگر وقت جي مصلحت انهيءَ ۾ نظر ٿي اچي ته پنهنجن مخلص دوستن کي خاص طرح ۽ ٻين سچن مؤمنن کي عام طرح ترغيب ڏياري ۽ اتان جي مشهور ماڻهن، بلڪه اتان جي عوام کي ساٿي بڻائي (ساڻ ڪري) اهڙي جڳهه تي اچي رهو ۽ هن فقير جي اهل عيال کي به پنهنجي دشمنن جي ايذاء رساني ۽ سندن پهچ کان محفوظ هجي ۽ سک ڪافرن جي حد کي ويجهي مگر انهن ظالمن جي رسائيءَ کان پري هجي يعني دشمنن جي قلمرو جي اندر نه هجي. اتي رهي پَر پَرُ واز کوليو، ڪافرن ۽ فتنه انگيزن جي خلاف دانائي ۽ شجاعت سان جهاد جو ميدان تيار ڪريو ۽ اوسي پاسي وارن علائقن ڏانهن همت جو هٿ وڌايو ۽ ڪافرن جي شهرن کي مجاهدن جي قدمن ۽ دين متين جي جلوه افروزين سان مشرف فرمايو ۽ جيتريقدر ٿي سگهي، جهاد جو نالو بلند ڪريو ۽ ڪفر ۽ فساد جو شورو شر ختم ڪريو (بحوالئه ”سوانح احمدي“ از مولانا محمد جعفر ٿانيسري صفحه 282- 219). هن خط مان ظاهر آهي ته مجاهد اعظم سيد احمد جي دل ۾، سيد صبغت الله شاه جي لاءِ ڪيڏا نه غير معمولي احترام جا جذبا هئا ۽ هو ڪيئن نه کيس ميدان جهاد ۾ پنهنجو همدم ۽ همقدم سمجهندو هو. ”حُر تحريڪ“، جيئن مٿي ڄاڻايل احُلا مان ظاهر ٿيو، هن برصغير جي مسلمانن پنهنجي وڃايل آزاديءَ کي دوباره حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون، انهن ۾ پهرين ڪوشش هئي، ان کانپوءِ سيد صبغت الله جي جانشينين، ”پير پاڳاري“ جي لقب سان مشهور آهي ۽ سندن مريدن ۽ معتقدن هميشه پنهنجون دليون جهاد ۽ حريت پسنديءَ جي جذبي سان سرسار رکيون، جنهن جو نتيجو نيٺ حرن 96-1895ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي غاصبانه قبضي جي کانپوءِ سامراج جي خلاف کنيو ويو. انهيءَ صورت ۾ اها فطري ڳالهه آهي. جو هن تاريخ جو مولف، ”حُر تحريڪ“ کي حقارت سان ڏسي ۽ ان جي مذمت ڪري. ڇو ته هو (انگريز سرڪار جو) نمڪ خوار ۽ وفادار نوڪر آهي. هت هن ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته حرن جي جدوجهد هميشه جاري رهندي آئي ۽ ڪنهن به وقت بالڪل بند نه ٿي، 1942ع ۾ سيد صبغت الله شاه ٿاني (ولد سيد شاه مردان شاه ولد سيد حزب الله شاه ولد سيد علي گوهر شاه ولد سيد صبغت الله شاه اول رحمهم الله) پي پاڳاري نمبر پنجين جي هٿان ٿيو. اها پهرين بغاوت هئي، جا ٻي انهيِ زماني ۾ هندوستان ۽ پاڪستان (متحده هندوستان) جي اندر ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هلي رهي هئي. انهيءَ بغاوت جي نتيجي ۾ سنڌ سان ”مارشل لا“ لاڳو ڪيو ويو ۽ پورن ٻارهن مهينن تائين جاري رهيو، غازي ۽ مجاهد سيد صبغت الله شاه ثانيءَ کي ظالم انگريزن مارچ 1943ع ۾ ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙهي شهيد ڪيو. فوجي ڪورٽ (جنهن ۾ سڀ فوجي آفيسر هئا) پنهنجي فتويٰ ۾ لکيو هو ته ”سيد موصوف“ شهنشاه جارج ڇهين جي خلاف هڪ فوج تيار ڪئي هئي.“ مگر بهادر ۽ مجاهد حرن انگريزن جي خلاف هميشه ۽ مسلسل جنگ جاري رکي ۽ ڪنهن به قوت آڻ نه مڃيائون، تان جو آگسٽ 1947ع ۾ انگريزن کي متحده هندوستنا ڇڏڻو پيو ۽ پاڪستان جي مملڪت قائم ٿي. پاڪستان جي حڪومت اهڙي پاليسي اختيار ڪئي، جنهن جو بنياد حرن دوستيءَ تي رکيل هو، ۽ سيد صبغت الله شاه شهيد (رحمت الله عليه) جو فرزند سيد سڪندر شاه، جو هاڻي ”پير پاڳارو“ آهي، پنهنجي سموري قوت ملڪ ۽ ملت جي استحڪام لاءِ صرف ڪري رهيو آهي.“ (3) سال 1312هه مطابق 1895ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر لارد سينڊ هرسٽ صاحب بهادر، مرحوم مسٽر ايس. مينسفيلڊ صاحب سابق ڪمشنر سنڌ جو ڀائٽيو هو. پهرئين ئي ڏينهن، سرچرلس اليونٽ صاحب ڪمشنر سنڌ جي اطلاع ڏيڻ تي، گورنر سان راقم الحروف جي ملاقات ٿي. سندس چاچي جي جيڪا تحرير مون وٽ موجود هئي (جنهن جو ترجمو هيٺ درج ڪجي ٿو) سا کيس ڏيکاريم. ان کي ڏسي اکين ۾ پاڻي اچي ويس ۽ فرمايائين ته توکي خبر آهي ته منهنجو چاچو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. جواب ۾ عرض ڪيومانس ته ”ها، مون کي معلوم آهي“. پوءِ فرمايائين ته ”جيڪڏهن چاچو زنده هجي ها ته کيس لکي موڪليان ها، ته مان اوهان جو وڏو منشي ڏٺو ڏاڍو تندرست ۽ خوش و خرم آهي.“ بيشڪ، عزازت قرابت جي ڪري حسن سلوڪ ڪرڻو پوي ٿو. مسٽر مينسفيلڊ سابق ڪمشنر سنڌ جي تحرير جو ترجمو جو مٿي به سندس ڪار گذارين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، دوباره عام واقفيت لاءِ هت پيش ڪيو ٿو وڃي: هيءَ تحرير سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جي منشي خداداد خان جي شناخت لاءِ آهي. هو وڏو محنتي ۽ هر ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ وارو آهي. گذريل پنجن سالن ۾ هن شخص سرڪاري ڪمن ڪارين کي سگهڻي نموني سان سرانجام ڪيو آهي. تاريخ 18 فيبروري 1897ع صحيح مسٽر ايس مينسفيلڊ صاحب ڪمشنر سنڌ ان کانپوءِ گورنر صاحب بهادر، سر چارلس اليونٽ صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ سان گڏجي، ڪراچيءَ کان ريل گاڏيءَ رستي سکر روانو ٿي ويو ۽ اتي سر مير فيض محمد خان صاحب بهادر والي ولايت خيرپور سنڌ، ساڻس هڪ خوشگوار ملاقات ڪئي ۽ وري موٽ ۾ گورنر صاحب، مير صاحب موصوف سان سندس قيام گاه ”پير صبريه“ ۾ وڃي ملاقات ڪئي. گورنر صاحب شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ دربارون منعقد ڪيون. خصوصيت سان ڪوئٽاه (شال ڪوٽ) پهچي، سياحت ڪيائين ۽ پوءِ بمبئيءَ روانو ٿي ويو. شڪارپور واري دربار ۾ فوج جي پينشر سپاهين جي وڏي قطار ڏسڻ ۾ آئي گورنر صاحب پهريائين انهن سان ڳالهايو ۽ سندن حال احوال همدردي ۽ شفقت سان ٻڌائين ۽ سهڻي نموني ساڻن ملاقات ڪندي، کين فرمايائين ته ”مان فوجي سپاهين جو وڏو قدر ڪندو آهيان. هنن پنهنجون پياريون جانيون اسان جي ملڪ، مال ۽جان تان قربان ڪيون آهن. مان پاڻ به فوجي آهيان ۽ اسان جو خاندان به“. گورنر صاحب جو اهو اشارو غالباً پنهنجي وڏي ڏانهن هو، جو انگريزن جي شروعاتي زماني سڄي هندوستان جو جنرل هو) (4) مٿئين سال (1312هه مطابق 1895ع) ۾ آخر ۾ افغانستان جي والي امير عبدالرحمٰن خان صاحب بهادر جو ٻيو نمبر فرزند سردار نصر الله خان انگلينڊ جي سير ڪرڻ بعد واپسيءَ تي جهاز جي ذريعي ڪراچي بندر تي اچي پهتو. شهزاده صاحب سان اٽڪل هڪ سؤ معزز ۽ مخصوص ماڻهن جو مختصر عملو ساڻ هو. سندن پهچڻ کان اڳ ۾ بمبئيءَ سرڪار جي منظوريءَ سان سنڌ جي ڪمشنر صاحب معزز مهمانن جي مرحبا ۽ استقبال لاءِ هيٺين چئن ماڻهن کي مقرر ڪيو: (1) مسٽر ليوڪس صاحب ڪليڪٽر ڪراچي (2) مسٽر جي سليڊن صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ (3) مسٽر ميڪيور صاحب ڪراچي پوليس جو عملدار ۽ (4) خان بهادر خداداد خان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جو وڏو منشي. هيٺ ڄاڻايل سرڪار لکپڙهه جي اقتباسن مان انهيءَ ڳالهه جي صدارت معلوم ٿيندي. اگرچه سردار صاحب جي تشريف آوريءَ وقت سر چارلس اليونٽ صاحب بهادر هڪ مهيني جي موڪل تي ڪلڪتي ويل هو ۽ سندس جاء تي ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ڪرنل ڪرافورڊ صاحب ڪم ڪري رهيو هو. تاهم اهو سڄو بندوبست انهيءَ جي پاران ئي هو. انگريز خط نمبر 2820، مؤرخه 21 سيپٽمبر 1895ع جي ٽئين نمبر فقري جي اقتباس جو ترجمو،پاران ڪليڪٽر صاحب ڪراچيءَ جي، جو انهيءَ وقت سنڌ جو ايڪٽنگ ڪمشنر هو: منهنجو خيال آهي ته جڏهن سردار نصير الله خان صاحب پنهنجن ماڻهن سان گڏجي، ڪراچيءَ ۾ اچي قيام ڪري، ته کيس سرڪاري مهمان سمجهڻ گهرجي ۽ انهيءَ صورت ۾ اهو بهتر ٿيندو ته جنهن وقت ڪرنل غلام رسول خان (هيءُ شخص افغانستان جي والي عبدالرحمٰن خان صاحب بهادر جي پاران هندوستان جي حڪمران جناب گورنر جنرل صاحب بهادر جي ماتحت رهندو هو) ڪراچيءَ پهچي، انهيءَ وقت پنهنجي ملڪ جو آفيسر خان بهادر خداداد خان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جو وڏو منشي ساڻس گڏ رهي، ضروري شين ۽ ٻئي ساز سامان جي موجودگي ۽ سڀني ڪمن جي سر انجاميءَ جو بندوبست ڪري ته جيئن ڪنهن به قسم جي بي بندوبستگي نه ٿئي ۽ سڄو انتظام سهڻي نموني سانٿي وڃي. انگريزي خط نمبر 432ع مؤرخه 24 سيپٽمبر 1895ع جي فقري نمبر چوٿين جو اقتباس، جو سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر ڏانهن، بمبئيءَ جي سرڪار جي وزير اعظم لکيو ته: جنهن وقت سردار صاحب بندرگاه تي لهي، انهيءَ وقت استقبالي جماعت وڃي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر صاحب، اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب، ڪراچيءَ جو پوليس سپرنٽنڊنٽ ۽ خان بهادر خداداد خان وڏو منشي هجي. تار: سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي پاران بمبئي سرڪار ڏانهن، مؤرخه 24 سيپٽمبر 1895ع ”مراسلي نمبر 427، مؤرخه 21 سيپٽمبر 1895ع جي فقري چوٿين ۾ استقبالي جماعت جي باري ۾ جيڪي تجويز ڪيو اٿو، سو منظور آهي.“ ايجنٽ جنرل صاحب (ڊپٽي جنرل) سنڌ، مراسلي نمبر 2454، مؤرخه 3- آڪٽوبر 1895ع جي فقري نمبر 2 تنبن (خيمن) جي باري ۾ لکي ٿو ته ”ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر صاحب ڏانهن. جيڪڏهن وڏو منشي خان بهادر خداداد خان، تنبن جي انچارج ڏانهن لکندو ته هو سردار صاحب جي ماڻهن لاءِ مناسب تنبن جي نشاندهي ڪندو.“ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر صاحب پنهنجي مراسلي نمبر 1658، مؤرخه 4 آڪٽوبر 1895ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر صاحب کي لکيو ته ”ايجنٽ جنرل صاحب (ڊپٽي جنرل) جي خط جي ڪاپي مناسب فيصلي جي لاءِ موڪلجي ٿي ۽ انگريزي مراسلي نمبر 495، مؤرخه 30 سيپٽمبر 1895ع جي ڪاپي به، جو انهيءَ جي جواب ۾ خان بهادر خداداد خان جي خواهش تي لکيو هوم.“ ڪمشنر صاحب بهادر پنهنجي مراسلي نمبر 495 مؤرخه 5 آڪٽوبر 1895ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر صاحب ڏانهن سندس مراسلي نمبر 1658، مؤرخه 4 آڪتوبر 1895ع جي جواب ۾ لکيو ته ”سردار نصر الله خان جي ماڻهن لاءِ تنبن جي باري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب سمجهي ٿو ته حضور ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب ڪراچيءَ کي سڄوڪم پاڻ تي هموار ڪري، سموري بندوبست جي لاءِ زمه دار ٿيڻ گهرجي. خان بهادر خداداد خان کي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر صاحب جي ماتحت سڀني ڪمن ۽ ضروريات وغيره جي سر انجاميءَ لاءِ رکيو ويو آهي.“ 5. مٿئين سال (1312هه مطابق 1895ع) ۾ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ڪرنل ڪرافوڊ صاحب ڪيترائي سال نوڪري ڪرڻ ۽ گهڻين ئي ڪار گذارين ۽ وڏين خدمتن بجا آڻڻ بعد، پينشن وٺي، ولايت روانو ٿيو. روانگي کان اڳ ۾ سندس اعزاز ۾ يورپ وارن خواه سنڌ جي باشندن جي پاران ميونسپالٽيءَ جي باغيچي ۾ جيڪي رونقدار جلسا منعقد ڪيا ويا، سي ڏسڻ وٽان هئا. 6. مٿئين سال ۾ مرحوم خان بهادر محمد حسن علي صاحب افندي مجيدي صدر ”انجمن اسلاميان سنڌ“ وفات ڪئي انا الله وا انا اليه راجعون. 7. سال 1314 هه مطابق 1896ع جي شروع ۾ سر چارلس اليونٽ صاحب پنهنجي حسن ڪارڪردگيءَ سبب پهريائين بمبئي سرڪار جي وزير اعظم جي عهدي تي ۽ پوءِ ”ڪائونسلر“ جي وڏي عهدي تي مقرر ٿيڻ بعد (ڪراچيءَ کان بمبئي) روانو ٿيو ۽ پنهنجي ذمه داري چند ڏينهن لاءِ حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر روڊ برن صاحب جي سپرد ڪري ويو. جيئن ته هن آفيسر (مسٽر ووڊبرن) جي حڪومت جو عرصو مختصر آهي، تنهنڪري سندس ڪار گذاريون نه ٿيون لکجن سواءِ هڪ ڳالهه جي، ته بمبئي سرڪار جي حڪم سان سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي توشاخاني مان هڪ عمده سوني ترار، هڪ شاندار قيمتي خلعت ۽ هڪ آفرين نامو مرحوم پير علي گوهر شاه کي پهچائي ڏيڻ لاءِ، راقم الحروف جي سپرد ڪيا ويا ۽ راقم الحروف پير صاحب موصوف جي شهر ۾ پهچي، هڪ مختصر دربار ۾ کيس هٿو هٿ ڏنا. مسٽر ايڇ اي ايم جيمس (ڪمشنر) جو ٻيو دفعو اچي چارج وٺڻ سال 1314هه مطابق 1896ع ۾ انريبل مسٽر جيمس موڪل تان موٽڻ بعد سنڌ جي ڪمشنريءَ جون ذمه داريون سنڀاليون. اگرچه حُرن جو فساد، شورشون ۽ خونريزيون گهڻو ڪري بند ٿي چڪيون هيون، مگر انهيءَ ڳالهه جو تحريري اطلاع بمبئي سرڪار کي هاڻي ڏنو ويو. ”بچو“ موچي، جو نالي وارو هو ۽ هن گمراه فرقي جو سرڪردو هو [1] چڪو هو. کيس ضلع ٿرپارڪر جي شهر سانگهڙ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ”شادي پلي“ نالي هڪ ڳوٺ ۾ دربار منعقد ڪري، اڪثر عملدارن، پوليس آفيسرن ۽ زميندارن کي ترارون ۽ لونگيون وغيره عطا ڪيون ويون ۽ سندس (ڪمشنر صاحب جي) لکڻ ۽ سفارش ڪرڻ تي مرحوم پير علي گوهر شاه صاحب کي ”شمس العلماء“ ۽ خان بهادر محمد يعقوب خان کي ”سردار جي لقب سان مسرور ۽ سرفراز ڪيو ويو ۽ هن خاڪسار راقم الحروف کي خدمتگذاري ۽ مددگاريءَ جي ڪري آفرين ۽ شاباد جو مستحق ٺهرايو ويو. بيشڪ، هر که خدمت کرد، او مخدوم شد. گهڻو ڪري چڱي ڪم جو نتيجو چڱو نڪرندو آهي. سال 1314هه مطابق 1896ع جي آخر ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ کاتيدارن جي ملڪيتن جي واگذاريءَ جو قاعدو، جنهن جو نالو ”قاعدو نمبر 2، سال 1886ع“ آهي، انريبل مسٽر جيمس جي سفارش سان سرڪار جي پاران بحال ڪيو ويو ۽ قرض ۽ وياج جي ڪيس فيصل ڪرڻ لاءِ هڪ عملدار مقرر ڪيو ويو، جنهن کي ”مئنيجر“ سڏيو ويندو، جو قرض ۽ وياج جا فيصلا ڪندو. انهيء مفيد ۽ سهڻي تجويز جي ڪري سمورا جاگيردار، زميندار ۽ کاتيدار بي حد خوش ٿيا. نه ته (ان کان اڳ ۾) هندو، قرض ۽ سود در سود جي چڪر ۾ سندن ملڪيتن (زمين) جا مالڪ ٿي ويندا هئا. انهيءَ ڪري هو (جاگيردار ۽ زميندار) آنريبل مسٽر جيمس جي تعريف ٿا ڪن جو انهيءَ جي ئي ڪوشش سان کين ايڏي سهولت ملي آهي. بيشڪ هيءُ قاعدو تمام ضروري هو. اگرچه سال 1290هه مطابق 1875ع ۾ سر وليم ميري ويدر صاحب (ڪمشنر سنڌ) جي ايامڪاريءَ ۾ ساڳئي مسٽر جيمس جي ڪوشش سان، جڏهن هو اڃا ڊپٽي ڪليڪٽر هو، اهڙو قاعدو جاري ڪيو ويو هو. مگر دعوائن جي شنوائي جو عرصو تمام ٿورو يعني فقط ڇهن مهينن جيترو هو. جيئن ته موجوده قاعدي جي مدت وڌائي، ويهه سال ڪئي وئي آهي، تنهنڪري سڀئي قرضدار آزاد ٿي سگهندا. سال 1314هه مطابق 1896ع ۾ پير علي گوهر شاه صاحب وفات ڪئي. انا الله و انا اليه راجعون. مرحوم پير صاحب بي اولاد فوت ٿيو، جنهنڪري سندس ٽيون نمبر ڀاءُ شاه مردان شاه سندس جانشين ٿيو. مٿين سالن ۾ ٽيون ڀيرو آنريبل جيمس صاحب کي ڪلڪتي ڏانهن سخت قحط ساليءَ جي معاملن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ منتخب ڪري موڪليو ويو،. بيشڪ، سڄي هندوستان مان اهڙي مدبر ۽ سياڻي عملدار جو انتخاب سندس غير معمولي دانائي ۽ ديانتداريءَ جي ڪري ڪيو ويو ۽ سچ پچ اهڙن نازڪ ۽ اهم ترين ڪمن لاءِ اهڙو ئي سياڻو ۽ لائق عملدار منتخب ٿيڻ گهربو هو. مٿين سالن ۾ درياء مهراڻ (سنڌو ندي) جي مٿان ڪوٽڙيءَ وٽ (اولهائين پاسي کان) ۽ گدو بندر وٽ (او ڀارين پاسي کان) سرڪار پل تعمير ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي، جنهن جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ۽ اميد آهي ته سال 1318هه مطابق 1900ع ۾ ٺهي راس ٿيندي، ۽ سندس افتتاح ٿي ويندو. پندرهون ڪمشنر: مسٽر ونگيٽ صاحب (ايڪٽنگ) سال 1314هه مطابق 1897ع جي آخر ۾ بمبئيءَ کان ڪوٽڙي (سنڌ) ۾ وارد ٿيو. سندن اسستنٽ پهريائين مسٽر جي. سليدن صاحب هو ۽ پوءِ مسٽر لارينس صاحب ٿيو. ونگيٽ صاحب ڏاڍو بردبار هو. ڪمشنريءَ جو ڪاروبار نهايت بردباري، ڌيرج ۽ سياڻپ سان سر انجام ڪندو رهيو. دستور ۽ معجول وارا ڪم تمام سهڻي نموني سان ادا ڪندو هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ طاعون يا هيضي جي بيماري ڦهلي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ پليگ سڏيندا آهن. زياده تر بيماريءَ جو زور ڪراچي، ٽي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر ۽ شڪارپور شهرن ۾ هو. انگريز سرڪار جي ملازمن، يورپي ڊاڪٽرن جي صلاح سان بيماريءَ جي مدافعت ۽ خاتمي لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون ڪوششون ڪيون. ڊاڪٽرن جي راءِ گهڻو ڪري هيءَ هئي ته هيءَ منحوس بيماري غلاظت، گندگي ۽ بدبوءِ جي ڪري ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري ان جي علاج وقت صفائي، تازي هوا ۽ ڪُشادو ۽ خلاصو ٿي رهڻ لاءِ زور ٿي ڀريائون ۽ خوشبودار دوائون ٿي ڏنائون، جنهنڪري ڪجهه نه ڪجهه مڙئي بيماريءَ جي اثر ۾ هلڪائي پئي ٿي ۽ اهڙي ريت مٿي ڄاڻايل شهر هن منحوس بيماريءَ کان آزاد ۽ پاڪ صاف ٿيا. بيماريءَ ۾ هزارها ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون يعني سڄي سنڌ ۾ پنج هزار ماڻهو بيماريءَ جو بک ٿيا [2] ۽ اٽڪل هڪ لک رپيا سرڪار ۽ ميونسپالٽين جا خرچ ٿي ويا. انگريز سرڪار جي ملازمن کي آفرين، بلڪه هزار آفرين هجي. جو رعيت جي خاطر، جا الله جي مخلوق آهي، ايتر5يو خرچ ڪيائون ۽ ايڏي ڪوشش ورتائون، جنهن جو نتيجو آخرڪار چڱو نڪتو. اگرچه هن بيماريءَ جي تدارڪ ۽علاج وغيره جي باري ۾ يورپ جي ڊاڪٽرن جي راءِ اها هئي، جا مٿي بيان ڪئي وئي، تاهم صحيح روايتن موجب هيءَ بيماري ”آسماني آفت“ آهي، جا حضرت موسيٰ عليه السلام جي خواهش ۽ دعا سان بني اسرائيل جي گمراه ماڻهن جي مٿان سندن بُرن افعالن جي ڪري نازل ٿي هئي ۽ اسان جي نبي آخر الزمان صلي الله عليه و آله وسلم جي زماني ۾ به ڪيترائي ڀيرا ٿي آهي. هن وبائي بيماريءَ پيدا ٿيڻ وقت اُن کي ٽارڻ لاءِ هيٺيون تسبيحون پرهڻ گهرجن، جي بالڪل مجرب آهن: (1) لاَ اِلٰهَ اِلا اَنتَ سُبحَانَڪَ اِني ڪُنتُ مِنَ الظاَلِمِينَ. (2) سُبحَانَ اللهِ وَ الحَمدُ للهِ وَلاَ اِلٰه اِلا اللهُ وَ اللهُ اَڪبَرُ وَلاَ حَولَ وَلا قُوة اِلا بِاللهِ العَلي اِلعَظِيم. (3) سُبحانَ اَللهِ وَ بِحَمدِه، سُبحَانَ اللهِ. العظيم وَ بِحَمدِه. اَستَغفِرُ اللهَ رَبِي مِن ڪُل ذَنب وَ اَتُوبُ اِلَيهِ. درود شريف: اَللهُم صَل عَليٰ سيَدِ نَا وَ مَولاَ نَا مُحمدِ وَ عَليٰ آلِ سَيدِ نَا وَ مَولاَ نَا مُحمد. بِعَدَدِ، ڪُل دَاءِ وَ دَوَاءِ وَ بِعَدَدء ڪُل مَرَض. وَ شِفَاءِ. وبا جي بيماريءَ جي باري ۾ انگريز سرڪار جي عملدارن جون تجويزون گهڻو ڪري اسان جي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حڪم ۽ حديث جي مطابق آهي. حديث شريف ۾ آهي ته فَاِ ذآاسَمِعتُمِ اِنَ الطاعُونَ وَ قَعَ بِاَرض فَلاَ تَدُ خُلُو هَا، فَاِ ذَا وَقَعَ بِاَرض وَ اَنتُم بِهَا فَلاَ تَخرُ جُوا مِنهاَ. (يعني اوهان جڏهن ٻڌو ته فلاڻي ملڪ ۾ طاعون جي بيماري پئي آهي ته اتي نه وڃو ۽جتي اوهان رهو ٿا، اتي بيماري پوي، ته اتان نڪري ٻئي هنڌ نه وڃو) اهڙيءَ ريت اسلامي ڪتابن ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جي يورپ جي ڊاڪٽرن جي طريقهء علاج سان مشابهت رکن ٿيون. ائين ڇو نه ٿئي، جو يورپ جا ڊاڪٽر وڏي عقل ۽ سمجهه وارا ۽ زماني جا آزمودگار آهن. اگرچه ظاهر ۾ سنڌ جي اندر تندرستن ۽ بيمارن کي هڪ ٻئي کان الڳ رکڻ ۽ گهرن، ڪپڙن ۽ ٻئي گهريلو سامان وغيره جي صفائي ڪرڻ ۾ ماڻهن کي وڏيون تڪليفون پهتيون، تاهم يورپي ڊاڪٽرن جون سموريون تجويزون بي مقصد ۽ بي معنيٰ نه ٿيون ۽ نه وري بي مقصد ٿي سگهن ٿيون. البت ايڏي افرا تفريءَ جي زماني ۾ ماڻهن جي ملڪيت جي سنڀال بالڪل مشڪل هئي، جا اوباش ماڻهو موقعي مان فائدو وٺي ڦري لٽي ويا. 2. سال 1314هه مطابق 1897ع ۾ ڪن يورپي صاحبن خواه مخواه راقم الحروف جي خلاف فرياد داخل ڪيو ته سندس ڪراچيءَ واري گهر جي ٻاهران گندگي موجود رهندي آهي. جنهن تي آخري تحرير نمبر 2212، مؤرخه 67 آگست 1898ع ۾ لکيو ويو ”خانبهادر خداداد خان پنهنجي حسن اخلاق، ايمانداري ۽ سهڻي نموني سان خدمتن بجا آڻڻ سبب نيڪ نامي حاصل ڪئي اهي، انهيءَ صورت ۾ ههڙو فرياد بنا ڪنهن سبب جي مٿس ڪرڻ نه گهرجي.“ گويا اهو فرياد منهنجي لاءِ مفيد ثابت ٿيو. 3. سال 1314هه مطابق 1897ع ۾ قنڌار جو سابق والي مرحوم سردار شير علي خان، جنهن کي ڪراچيءَ ۾ پنج هزار رپيا پينشن ملندي هئي، انتقال ڪري ويو. انا الله و انا اليه راجعون. 4. سال 1315هه جي شروع ۾ ۽ 1897ع جي آخر ۾مسٽر ونگيٽ، اُنهن خدمتگذارين جي صله ۾، جي هن صاحب طاعون ڦهلجڻ واري زماني ۾ ڪيون هيون، بمبئي جي وزارت عظميٰ (چيف سيڪريٽري) جي عهدي تي مقرر ٿيڻ بعد بمبئيءَ روانو ٿيو، ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جون ذمه داريون ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر مسٽر آر جائيلس جي سپرد ڪري ويو، جيستائين آنريبل جيمس صاحب هندوستان ۾ پيدا ٿيل قحط ساليءَ جي معاملن کي منهن ڏيڻ بعد واپس اچي. مسٽر جيمس جو ٽيون ڀيرو اچي چارج وٺڻ سال 1315هه مطابق 1898ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر لارڊ سينڊ هرسٽ صاحب بهادر جيڪب آباد (سنڌ) ۾ دربار منعقد ڪئي، جنهن ۾ سر فيض محمد خان صاحب بهادر والي رياست خيرپور به پنهنجي اولاد ۽ معزز دربارين سميت تشريف آور ٿيو. انهيءَ دَربار دُربار ۾ سمورا مير صاحب ۽ سڄي سنڌ جا معزز جاگيردار ۽ نامور زميندار مدعو ڪيا ويا هئا. ڇا ڪاڻ ته انهيءَ دربار ۾ مير فيض محمد خان صاحب کي لارڊ موصوف جي هٿان ”جي سي آءِ اي“ (يعني ”سر)) جو خطاب هڪ تمغي ۽ عالي شان جنبي سميت عطا ٿيو. جنهنڪري مير صاحب موصوف بي حد خوش ٿيو. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته هيءُ اهو ئي شاندار خطاب آهي، جو مير فيض محمد خان جي والد بزرگوار مرحوم سر مير علي مراد خان کي پنجاه سال حڪومت ڪرڻ بعد ۽ بهترين ۽ هر قسم جي خدمتن بجا آڻڻ بعد سرڪار نامدار وٽان عطا ٿيو هو، مگر آنريبل مسٽر جيمس صاحب، سر مير فيض محمد خان، صاحب کي فقط پنجن سالن جي حڪمرانيءَ بعد وٺي ڏنو. بيشڪ، اها سموري همت، سياڻپ ۽ مهرباني آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر جي هئي، جو هميشه سرڪار سان وابسته ماڻهن ۽ پنهنجن زيردستن جي ڀلائيءَ جو خواهشمند هوندو آهي. انهيءَ دَربار دُربار جو بندوبست هن خاڪسار راقم الحروف جي هٿان ٿيو، جنهن جو پتو پڙهندرن کي هيٺين لکپڙهه مان پوندو: نمبر 204 انگريزي مراسلي نمبر 647، مؤرخه 16 ڊسمبر 1898ع (پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ) جو تصديق شده ترجمو مهربان ڊپٽي ڪمشنر صاحب اپر سنڌ (جيڪب آباد) ڏانهن. انهيءَ اطلاع جو نقل موڪليو وڃي ٿو، جو هن کان اڳ ۾ مرحوم سر مير علي مراد خان صاحب کي جي سي آءِ ايس جو لقب عطا ٿيڻ وقت مهربان ڪليڪٽر صاحب شڪارپور ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب رياست خيرپور وٽان پهتو هو، ۽ اهو اطلاع به مراسلي نمبر 234 سان گڏ هلندر مهيني جي 14 تاريخ هن آفيس جي طرفان موڪليو ويو آهي. انهن ٻنهي اطلاعن کي ڇپارائي، سڀني ضلع آفيسرن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ جيڪي سردار ۽ معزز هن دربار ۾ حاضريءَ جا خواهشميد هجن، انهن جا نالا مسٽر ميڪنزي صاحب (ڊپٽي ڪمشنر) کي موڪليا وڃن. (2) خان بهادر خان ڪمشنر صاحب جي آفيس جي وڏي منشيءَ کي حڪم ڏنو وڃي ته مسٽر ميڪنزي صاحب سان گڏ رهي، سندس مدد ڪري. جيڪي ماڻهو دربار ۾ اچن، انهن کي انهن جاين تي ويهاري، جيڪي هنن جي لياقت آهر هنن جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. مهربان ڪليڪٽر صاحب شڪارپور ۽ پوليتيڪل ايجنٽ (خيرپور) کي لکيو وڃي ته نون ڏينهن جي موڪل پوري ٿيڻ بعد، فوراً اسستنٽ ڪليڪٽر روهڙي ۽ مئجسٽريٽ صاحب شڪارپور کي موڪلي ته هو هت اچي بندوبست رکڻ ۾ مدد ڪن. جناب گورنر صاحب بهادر بمبئيءَ جي تشريف آوريءَ تي جيڪو به خرچ اچي، ان جو حساب پوري خبرداريءَ سان رکيو وڃي ۽ ادائگي لاءِ بل هن آفيس کي موڪليو وڃي ته انهيءَ موجب ادائگي ڪرڻ ۾ اچي. ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جي حڪم سان صحيح مسٽر جي سليڊن صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ انگريزي مراسلي نمبر 59 (پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ) آفيس ڪمشنر صاحب (ڪيمپ جيڪب آباد) مؤرخه 12 جنوري 1898ع جو تصديق شده ترجمو هز هائينس مير حاجي نور محمد خان حيدرآباد، سڀاڻي، 13 جنوري 1898ع 12 بجي گورنر صاحب بهادر بمبئيءَ جي ملاقات لاءِ ايندو ۽ ڪمشنر صاحب جي ڪيمپ ۾ هڪ تنبوءَ ۾ قيام ڪندو، ۽ وري ٿوري دير بعد جناب گورنر صاحب، مير صاحب موصوف جي جوابي ملاقات لاءِ ايندو، خان بهادر خداداد خان، هز هائينس حاجي مير نور محمد خان سان گڏجي ڪمشنر صاحب جي تنبوءَ ۾ اچي پوءِ اتان مير صاحب کي حيدرآباد جو ڪليڪٽر وٺي ويندو. ڪمشنر صاحب جي حڪم سان صحيح مسٽر جي سيلڊن صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جيڪب آباد جي دربار جي باري ۾ راقم الهروف کي جيڪو حڪم جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽان پهتو هو، ان جو اختصار هيٺينءَ ريت آهي: منهنجا دوست خان بهادر خداداد خان! جيڪب آباد جي دربار جو بندوبست ڪمشنر صاحب بهادر جي حڪم موجب اوهان جي ذمي رکيو ويو آهي، تنهنڪري اوهان وڏي ڏاکڻي دروازي تي پاڻ حاضر رهي، اهڙو خيال رکو جو ڪنهن به قسم جي ڪا گهٽ وڌائي نه ٿئي. فقط. تاريخ 13 جنوري 1899ع. صحيح ميڪنزي صاحب ڊپٽي ڪمشنر سرحد سنڌ (6) سال 1318هه مطابق 1898ع ۾ آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر کي ”اسٽار آف انڊيا“ (هندوستان جو ستارو) جو معزز لقب مليو. بيشڪ، جيمس صاحب سڄي هندوستان ۾ منهنجن همعصرن جي وچان ڄڻ ستارو هو، جنهنڪري کيس اهڙي وڏي شاندار خطاب سان نوازيو ويو. ان کانپوءِ صاحب موصوف هندوستان ۾ پيدا ٿيل قحط ساليءَ جي باقي رهيل معاملن جي تصفيه لاءِ جيڪب آباد کان ڪلڪتي روانو ٿي ويو، ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جو انتظار ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر مسٽر آر. جائيلس جي سپرد ڪيائين. سورهو ڪمشنر: مسٽر آر جائيلس صاحب (ايڪٽنگ) سال 1315هه مطابق 1898ع ۾ ڪراچيءَ کان جيڪب آباد آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جون ذمه داريون سنڀاليائين. جيئن ته هيءُ صاحب ڪيترن ئي سالن تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر، شڪارپور ۽ ڪراچي ضلعن جو ڪليڪٽر ۽ اپر سنڌ (جيڪب آباد) ۽ ٿر پارڪر ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر رهي چڪو هو ۽ تمام سهڻي نموني سان حڪومت جو ڪاروبار هلايو هئائين، ان ڪري نهايت ئي همت ۽ عقلمنديءَ سان ڪمشنريءَ جي ذمه دارين کي نباهيائين. پهريائين مسٽر جي سيلڊن صاحب سندس اسسٽنٽ هو. جائيلس صاحب معمول مطابق جيڪي روز مره جا ڪم سر انجام ڪيا، انهن کان قطع نظر، جيڪي نازڪ ۽ وڏا ڪم ڪيائين يا سندس ايامڪاريءَ ۾ جيڪي عبرت آموز هالات پيدا ٿيا، هت انهن کي قلمبند ڪيو وڇي ٿو: مٿن سالن (1315هه مطابق 1898ع) ۾ وري طاعون جي منحوس بيماري ڪراچيءَ ۾ واپس آئي ۽ ايڏي شدت سان آئي، جو گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ماڻهن جي مرڻ جو تعداد وڌي ويو. انهيءَ صورت حال جي پيش نظر صفائي، رهائش ۽ خلاصائي ۽ دوادرمل وغيره جو اهڙو انتظام ڪيائين، جو ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي بئي ڪنهن شهر ۾ هڪڙو ماڻهو به نه مئو. اگرچه ڪراچي شهر جي ”پشاوري نانوائين“ جي محلي ۾ فساد جهڙيون حالتون پيدا ٿيون، مگر وقت جي حڪمران (مسٽر جائيلس) جي حسن اخلاق جي ڪري ۽ راقم الحروف کي حالتن سڌارڻ جو حڪم ڏيڻ ڪري، شورش ختم ٿي وئي، حالتون سڌري ويون ۽ ماڻهو راضي ٿي ويا. انهن سالن ۾ وري ”حُر فرقي“ جي شرير ماڻهن مٿي ڄاڻايل سرحدن تي گمراهي ۽ بدڪاري ڦهلائي (شورش برپا ڪئي). مگر وقت جي حڪمران جي سهڻين تجويزن ۽ سهڻي بندوبست سبب امن امان قائم ٿيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ پير شاه مردان شاه کان جيڪا مدد ورتي وئي، ان جو نتيجو سٺو نڪتو. مسٽر جيمس جو چوٿون ڀيرو اچي چارج وٺڻ سال 1315هه مطابق 1898ع جي آخر ۾ وري آنريبل مسٽر جيمس صاحب قحط ساليءَ جي معاملن کان فارغ ٿي، دارالحڪومت ڪلڪتي کان ڪراچيءَ آيو ۽ ڪمشنريءَ جي عهدي جون واڳون ورتائين ۽ نهايت ئي هوشياري ۽ داندائي سان خلق خدا جي ڀلائي لاءِ، جيئن شروع کان سندس عادت هئي، ڪوششون ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ مسٽر ڪينڊل صاحب سندس اسستنٽ هو، جنهن سندس خوب مدد ڪئي. طاعون جي منحوس بيماري اڇا پوري طرح دفع نه ٿي هئي. مگر آنريبل جيمس صاحب جي اچڻ بعد سندس سهڻين تجويزن سان هڪدم دفع ٿي وئي. بيسڪ، بزرگن جو چوڻ آهي ته ”هر انسان جي قدم ۾ زمين ۽ آسمان جي مالڪ (الله) جي فضل سان چڱو اثر هوندو آهي“. جيڪڏهن قارئين ڪرام بُرو نه ڀانئين ته اها ڳالهه واضح ڪئي وڃي ته ”لُبِ تاريخ“ جي هن مؤلف مسٽر جائيلس، آنريبل مسٽر جيمس صاحب ۽ پنهنجن عزيزن قريبن ۽ معزز دوستن جي صلاح جي باوجود پنهنجو بنگلو نه ڇڏيو ۽ قدم ٻاهر نه رکيائين، بلڪه الله تي توڪل ڪري، درود شريف ۽ تسبيح پاڪ ۾ مشغول رهيو. الله جي حڪم ۽ تسبيحن جي برڪت سان خير جي گذري وئي. اهڙيءَ ريت سکر ۾ منهنجا جيڪي عزيز ۽ دوست هئا، اهي به منهنجي نقش قدم تي هلي، گهر کان ٻاهر نه نڪتا. قرآن پاڪ جو ارشاد آهي ته فَاِز اجاءَ اجلهم لاَيَستَا خيرُ ونَ سَاعَةَ وَ لاَ يستَقدِ مُونَ (يعني جڏهن هنن جو موت اچي ٿو ته هڪڙي گهڙي به اڳي پوءِ نه ٿا ٿين). پوءِ انهيءَ آيت سڳوري جي مصداق هن خاڪسار جي جنا به ۽ عزيزن دوستن جي جان به ڪراچيءَ ۾ خواه سکر ۾امن امان ۾ رهي. آخر ۾ هيءُ چند سٽون آنريبل مسٽر جيمس صاحب جي خصوصيتن جي بيان ۾ قلمبند ڪيون وڃن ٿيون. پڙهندڙ هيءَ ڳالهه نهايت ئي تعجب ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندا: جيمس صاحب کي جڏهن ڪائونسل جي معزز عهدي تي مقرر ڪيو ويو، ته هن رومزره (ڪمسنريءَ جي عيهدي) جا فرائض معطل ڪري ڇڏيا. يعني هاڻي کيس اڳين ڊيوٽي ڏيڻي ڪا نه هئي. مگر انهيءَ هوندي به جيمس صاحب سرڪار کان گهٽ پگهار سان پندرهن ڏينهن جي موڪل وٺي، چند نازڪ سرڪاري ڪم، جي رهجي ويل هئا، پورا ڪيا. راقم الحروف سترهن ڪمشنرن جي ماتحت رهيو آهي ۽ هميشه پنهنجي ڊيوٽي تي موجود رهيو آهي، مگر ڪڏهن به ڪنهن اعليٰ عملدار کي ائين ڪندي نه ڏٺو اٿس ته پنهنجي پگهار جو نقصان سهي، سرڪار جو ڪم سر انجام ڪري. اِهو سرڪار سان خير خواهيءَ جو عجيب مثال آهي. سال 1312هه مطابق 1898ع جي شروع ۾ بمبئي سرڪار کي راقم الحروف جي باري ۾ سفارش ڪيائين ته کيس ”پينشن“ جي طور تي سموري پگهار خصوصي نموني ۾ عطا ڪئي وڃي ۽ انهيءَ سفارس ۾ نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان ۽ سهڻي لهجي ۾ سهڻا الفاظ درج ڪيائين ۽ راقم الحروف جي محنت، هوشياري ۽ سرڪاري معاملا ت ۾ 45 سالن کان ايمانداريءَ سان خدمتگذاري وغيره جو ذڪر ڪيائين. جيئن ته اها سفارشي لکپڙهه ”نيم سرڪاري“ قسم جي هئي، انهيءَ ڪري ان جو تفصيلي احوال لکڻ ۽ هر خط ۽ جوابي خط جو حوالو ڏيڻ بالڪل مشڪل آهي ۽ نه وري راقم الحروف کي انهيءَ لکپڙهه جو نقل ئي مهيا ڪيو ويو آهي، جو ان جو تصديق ٿيل ترجمو پيش ڪري سگهجي. مگر الله تعاليٰ جي بارگاه ۾ قوي اميد آهي ته بلند اخلاقيءَ کان ڪم وٺي ۽ عمومي ڀلائي جو خيال ڪري، راقم الحروف جو ذڪر سهڻي انداز ۾ ڪيو ويو هوندو. جنهن ٽيهن سالن کان عوامي ڀلائي جا ڪم ڪندي ۽ عوام جي نگاهن جي اڳيان سهڻو وقت گذاريو آهي. سال 1316هه مطابق 1898ع جي شروع ۾ جڏهن بامبي ڪائونسل جي معزز عهدي تي فائز ٿيڻ بعد، بمبئيءَ تشريف نيئي رهيو هو، ته ڪمشنريءَ جي ايوان ۾ پنهنجن سڀني ماتحت آفيسرن سان گڏجي تصوير (فوٽو) ڪڍايائين، جنهن ۾ پاڻ وچ ۾ تشريف فرما آهي. ڪمشنر صاحب جي بنگلي ۽ آفيس ۾ بلڪه سڀني زيردست ملازمن وٽ انهيءَ مبارڪ تصوير جون ڪاپيون موجود آهن ۽ اِهو کيس ياد ڪرن ۽ سندس حق ۾ دعا ڪرڻ جو ذريعو آهي. سال 1316هه مطابق 1898ع ۾ تشريف نيڻ وقت پنهنجن سڀني ماتحت آفيسرن ۽ ملازمن کي سندن ڪار گذارين ۽ لياقتن آهر نيڪ ناميءَ جا پروانا عطا ڪيائين ۽ راقم الحروف کي هيٺئين مضمون تي مشتمل پروانو ڏنائين: ”خان بهادر خداداد خان جي باري ۾ تازو (بمبئي) سرڪار کي (جيڪي) لکيو ويو آهي (اهو ڪافي آهي) وڌيڪ لکڻ جي ضرورت ڪانهي. تاهم هت ڪجهه لکجي ٿو ته هو پنجيتاليهن سالن تائين ايمانداريءَ سان (انگريز) سرڪار جي بهترين خدمتگذاريءَ بعد هاڻي آرام ڪرڻ (پينشن تي وڃن جو ارادو رکي ٿو ۽ جڏهن ويندو ته سر بارٽل فريئر صاحب جي حڪمرانيءَ جي زماني جا راز (يعني انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين جا راز) ۽ علم ۽ معلومات جي خزاني جون صندوقون پاڻ سان کڻي ويندو. جولاءِ 1898ع. صحيح آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ روانگيءَ وارن ڏينهن ۾ راقم الحروف کي ٻن هزار رپين جي سوني ترار سان نوازيائين ۽ هڪ تمغو عطا فرمايائين، جنهن تي انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ هيءَ عبارت اُڪريل هئي: ”سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي پاران ، خان بهادر خداداد خان کي سندس بهترين ۽ گهڻي عرصي تائين ڪيل خدمتن سبب عطا ڪيو ويو. جولا3 1898ع مطابق صفر المظفر 1316هه.“ بيشڪ، هيءُ سڀ ڪجهه الله جي فضل ۽ سندس خاص مهربانين جو اثر آهي ۽ آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر جي شفقت. نه ته راقم الحروف ڪهڙي شيءِ آهي. راقم الحروف کي پنهنجي باري ۾ پاڻ معلوم آهي ته هن جي قيمت تِر جيتري به نه آهي. جيڪڏهن الله جو فضل و ڪرم ائين ئي جاري رهيو ته راقم الحروف جي قيمت جو ڪاٿو ئي نه رهندو. سال 1316هه جي شروع ۾ (سال 1898ع جي وچ ڌاري) جنهن ڏينهن آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر روانو ٿي رهيو هو، تڏهن مهرباني فرمائي راقم الحروف جي باري ۾ پنهنجي آفيس ۾ هيٺيون نوٽ ڇڏي ويو: ”مان سنڌ ۾ هجان يا نه هجان، خان بهادر خداداد خان کي، جو هاڻي پينشن تي وڃن جو ارادو رکي ٿو، سندس لياقت، گهڻي عرصي جي ملازمت ۽ 45 سالن تائين ايمانداريءَ سان بهترين خدمتگذاريءَ جي عيوض ٽي سؤ ايڪڙ ٽئين نمبر جي جاگير ڏني وڃي.“ جيمس صاحب جي روانگيءَ وقت ڪياماريءَ جي بندرگاه تي عام ۽ خاص ماڻهو اچي گڏ ٿيا، جن ۾ يورپي، ڪراچي شهر ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن جا باشندا به هئا، انهيءَ موقعي تي جيمس صاحب کي الوداع دعوت ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. شربت، چاءِ ۽ خوردو نوش جو سهڻو انتظام هو. انگريزي بئنڊ وڄي رهي هيئ. جيمس صاحب کي جيڪا الوداعي ايڊريس پيش ڪئي وئي، ان ۾ سندس ڪار گذارين جو ذڪر خير ڪيو ويو هو. اهڙي الوداعي مجلس هن کان اڳ ۾ ڪنهن به ڪمشنر جي اعزاز ۾ منعقد نه ڪئي وئي هئي. جيمس صاحب ٻيڙيءَ تي سوار ٿيڻ کان اڳ ۾ وڏي خوشيءَ سان سڀني سان هٿ ملائي موڪلايو. راقم الهروف سان به وڏي خوشيءَ سان هٿ ملايائين، ڇو ته مون تي ڏاڍو مهربان هو. موڪلائڻ وقت بي اختيار منهنجي واتان هيءُ بيت نڪتو: بهرجا که باشي خدا يار تو، خداوند گيتي نگهدار تو. (تون جتي به هجين، الله تنهنجو مددگار هجي ۽ زماني جو مالڪ (الله) تنهنجو نگهبان ٿئي). سچ پچ، مون اهو بيت خوشامد ڪري نه چيو، بلڪه بي اختياريءَ جي عالم ۾ منهنجي واتان نڪتو. مسٽر جائيلس ٽيون ڀيرو ايڪٽنگ ڪمشنر ٿيو انهيءَ ئي سال (1616هه مطابق 1898ع ۾) مسٽر آر. جائيلس ٽيون ڀيرو سنڌ جو ايڪٽنگ ڪمشنر ٿيو. هيءُ عملدار جيئن ته وڏو هوشيار ۽ سنڌ جي حالات کان چڱي طرح آگاه هو، انهيءَ ڪري وڏي هوشياريءَ سان سرڪاري معاملات ۽ روزمره جو دستوري ڪاروبار هلائڻ شروع ڪيائين. سندس اسسٽنٽ شروع ۾ مسٽر ڪينڊل صاحب، پوءِ مسٽر ريو صاحب ۽ ان کان پوءِ مسٽر وان صاحب هئا. هن جي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي اهم ڪم ٿيا يا عجيب و غريب حالات پيدا ٿيا، اهي هت درج ڪيا وڃن ٿا: مٿي جھاڻايل سالن (1316هه مطابق 1898ع) ۾ ڪراچيءَ جي انهن باشندن ۽ سرڪاري ملازمن کي لونگيون ۽ گهڙيون انعام طور ڏنيون ويون، جن پليگ جي منحوس بيماريءَ وقت مدد ڪئي هئي. بيشڪ، هرکه خدمت کرد، او مخدوم شد. انهيءَ ئي سال، آنريبل مسٽر جيمس صاحب جي نوٽ ملاحظه ڪرڻ بعد، جو راقم الهروف کي ٽي سؤ ايڪڙ زمين ڏيڻ جي باري ۾ هو، بمبئي سرڪار کي سفارش ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي ڪريمانه اوصاف سبب از راه مهرباني جيڪي مشفقانه الفاظ لکيائين، پڙهندرن کي انهن جو پتو هيٺين خط مان پوندو جو بمبئي سرڪار کي موڪليائين: مراسلي نمبر 1316، مؤرخه 22 آڪٽوبر 1898ع جو تصديق شده ترجمو، جو سنڌ جي ايڪٽنگ ڪمشنر مسٽر جائيلس صاحب بمبئي سرڪار کي لکيو پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ نمبر 1616 تاريخ 22 آڪٽوبر 1898ع منهنجا سائين! آنريبل مسٽر جيمس صاحب پنهنجي آفيس ۾ جيڪو نوٽ ڇڏي ويو آهي، انهيءَ کي ملاحظه ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سندس ارادو هو ته سرڪار کي سفارش ڪري، ته سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جو وڏو منشي خان بهادر خداداد خان، جو جلد پينشن تي وڃاڻ جو ارادو ٿو رکي، کيس ٽي سؤ ايڪڙ ٽئين درجي جي جاگير عطا ڪئي وڃي. اها زمين کيس تعلقي سکر ضلعي شڪارپور ۾ ڏيڻ گهرجي. ڇو ته خانبهادر موصوف پوري پوري ديانتداري ۽ ايمانداريءَ سان سرڪار جي خدمت ڪئي آهي ۽ اڃا تائين ڪندو رهي ٿو. (2) خان بهادر خداداد خان جي بهترين خدمتن جو اهوال ڪيترائي ڀيرا ڪيترن ئي ڪمشنر صاحبن وقت بوقت سرڪار جي ڌيان تي پئي آندو آهي، انهيءَ ڪري اُنهن ڳالهين کي وري وري دُهرائڻ جي گهڻي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن سندس سموريون ڪار گذاريون قلمبند ڪيون وينديون، ته دفتر ڀرجي ويندا. انهيءَ ڪري هن جي متعلق جيڪا استدعا ڪئي پئي وڃي، هو اُن جو لائق به آهي ۽ حقدار به. (3) خان بهادر خداداد خان، آنجهاني سر وليم ميري ويدر صاحب جي ماتحت، ڪيترن ئي نازڪ سياسي معاملن سان واسطو رکندو رهيو آهي ۽ ميري ويدر صاحب هن جي باري ۾ هيٺيون نوٽ لکيو آهي. سال 1846ع جي انهيءَ رپورٽ ۾ جا هندوستان جي سرڪار کي موڪلي هئائين ۽ جنهن ۾ خان بهادر خداداد خان کي نيڪ ناميءَ جي پرواني ڏيڻ لاءِ به لکيو هئائين، ميري ويدر صاحب لکيو هو ته: هيءُ منشي (خان بهادر خداداد خان) گهڻي عرصي کان سرڪار جون بهترين خدمتون ڪندو رهيو آهي. هيءُ شخص پهريون دفعو سر ايف. جي گولڊ اسمڊ صاحب سان گڏجي سال 1858ع ۾ جيسلمير ۽ پوڪران ڏانهن ويو هو ۽ سال 1861ع ۾ ساڳئي صاحب سان گڏجي هڪ خاص خدمت جي سلسلي ۾ مڪران جي ساحل کان لنگهي، اڳتي ويو هو ۽ انهن ٻنهي خاص خدمتن جي لاءِ کيس ئي منتخب ڪيو ويو هو جنهن زماني ۾ مسٽر ايس مينسفيلڊ صاحب خليج فارس ۽ دجلي کان اڳتي وڌي بغداد ويو هو، تڏهن به انهيءَ مخصوص خدمت جي لاءِ خان بهادر خداداد خان کي ئي پاڻ سان ساڻ کنيو هئائين. مسٽر هيولاڪ صاحب، جو اُن کان اڳ ۾ ڪمشنريءَ جي عهدي تي فائز هو، خان بهادر خان کي سندس سهڻين خدمتن سبب هڪ ترار انعام ۾ ڏني هئائين. خان بهادر خداداد خان ڪيترائي ڀيرا فارسي، عربي، مڪراني ۽ بلوچي زبانن جي مترجم جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي. از انسواءِ هيءُ شخص ڪراچيءَ جي ممتحنن جي جماعت جو ممبر به آهي، جا تعليم کاتي جي ماتحت آهي ۽ ٻين به ڪيترن ئي اهم سياسي معاملن ۾ وڏو بهترو وٺندو رهيو آهي، جن جي اظهار جي هت ضرورت نه آهي. انهن ڳالهين جي پيش نظر منهنجو خيال آهي ته خداداد خان جي لاءِ نيڪ ناميءَ جي پرواني ڏيڻ جي جيڪا تجويز پيش ڪئي وئي آهي، ان تي عمل ڪيو وڃي ڇو ته هو بالڪل لائق ۽ ان جو حقدار آهي“. ان کانپوءِ جڏهن سر وليم ميري ويدر صاحب سنڌ مان وڃڻ لڳو، گه کيس هڪ سٺي ولايتي ترار انعام طور ڏئي ويو هو. [1] ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نوٽ: ”بچو“ ذات جو خاصخيلي هو. مگر هن تاريخ جي مؤلف هڪ مشڪوڪ ڳالهه ڪئي آهي. دراصل ”موچي“ هن جو هڪ دوست هو، جنهن جو نالو ”گُلو“ هو. سنڌ ۾ حرن جي پاران انگريز سرڪار جي خلاف ٻيو ڀيرو بغاوت (96- 1895ع ۾) ٻارهن اڳواڻن جي همت سان برپا ٿي. اهي ٻارهن باغي ”ٻارهن ڄڻا ٻهروٽيا“ جي نالي سان مشهور ٿيا. در حقيقت هو انقلابي هئا. انهن مان اٺن ڄڻن جا نالا ملي سگهيا آهن، جي هيءُ آهن: (1) بچو خاصخيلي جنهن جو لقب ”بادشاه“ هو (2) پير بخش وساڻ، جنهن جو لقب ”وزير“ هو (3) گلو موچي (4) تڳيو چانگ (5) ڀلو ڳاهو (6) خميسو وساڻ (7) فتلو قاضي ۽ (8) فلاڻو (؟) قاصائي. [2] اهو انگ صحيح نه آهي. جن ماڻهن هيءَ مهلڪ بيماري ڏٺي هئي ۽ انهن مان جيڪي اڃا تائين زنده آهن، انهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هن بيماريءَ جي وگهي ٻن لکن کان زياده ماڻهو مري ويا ۽ وڏن شهرن کان ٻاهر، خاص طور تي ڳوٺن ۾ سرڪار جي پاران صحت جي اُپائن ۽ دوا درمل جو ڪو به بندوبست ڪو نه هو. (ن .ب). (4) سال 1866ع ۾ مسٽر ميلول صاحب هيٺينء ريت لکيو هو. ”مون کي منشي خداداد خان جي باري ۾ هيءُ نوٽ لکندي، بي حد خوشي ٿي ٿئي ته هو وڏو ذهين منشي ۽ هڪ بهترين ورڪر آهي. هو مسافريءَ کان خواه سخت ڪمن کان نٿو ٿڪجي. هن جون خدمتون نهايت ئي مفيد آهن. بنسبت هندو منشين جي، جيڪي بالڪل بي ڪار آهن. هيءُ شخص هڪ سفر ۾، جو بالڪل ڏکيو هو، ڪرنل گولڊ اسمڊ صاحب سان گڏجي مڪران ڏانهن ويو هو ۽ پوءِ ڪمشنر صاحب (گولڊ اسمڊ) ۽ مون سان گڏجي خليج فارس ۽ بغداد هليو. ان کانپوءِ اسان سان گڏجي سنڌ جي اولهائن جبلن ڏانهن هليو ۽ اتي اسان سان پنج مهينا گذاريائين ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪمشنر جي آفيس جا سمورا معاملا به سهڻي نموني سان نباهيائين. جيتوڻيڪ انهن معاملن جي سر انجاميءَ ۾ هن کي وڏيون تڪليفون پهتون، مگر هن انهن کي انتها درجي جي صبر، تحمل ۽ سياڻپ سان برداشت ڪري، پاڻ کي سرخرو ڪيو. (5) سال 1881ع ۾ مسٽر ارسڪين صاحب هنجي لاءِ سفارش ڪئي ته کيس ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪيو وڃي ۽ انهيءَ سفارش ۾ لکيائين ته: ”خان صاحب خداداد خان 1853ع کان سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو آهي ۽ سڀني عملدارن (ڪمشنرن) جن جي ماتحت منشيءَ جي حيثيت ۾ خدمتون بجا آنديون اٿس، هن جي بي حد تعريف ڪئي آهي، سال 1855ع ۾ سر ايف جي گولڊ اسمڊ صاحب جي ماتحت جاگيري ۽ سياسي ڪم ڪندو رهيو. ان کانپوءِ خاص خدمتن جي سلسلي ۾ ساڻس گڏجي مڪران ۽ جيسلمير ويو. سر ايف جي گولڊ اسمڊ صاحب سر ليوس پيلي صاحب، سر هنري گرين صاحب، مسٽر هيولاڪ صاحب، مسٽر ميلول صاحب ۽ سر وليم ميري ويدر صاحب سندس سهڻين عادتن، چڱي چال ۽ بهترين خدمتن جي تعريف ڪئي آهي ۽ کيس اضافو ڏيڻ جو لائق ٺهرايو اٿن. سال 1868ع ۾ سندس حسن خدمت سبب کيس دريار عام ۾ هڪ عمدي ترار انعام طور ڏني وئي، ۽ سر وليم ميري ويدر صاحب سنڌ کان روانگيءَ وقت هن جي لاءِ هيء نوٽ ڇڏيوهو. ”مان ڏاڍو خوش ٿيان ها، جيڪڏهن هن کي (خداداد خان کي) ڪنهن وڏي منصب تي سٺي پگهار کڻندڙ ڏسان ها. مگر بدقسمتيءَ سان مون کي اهڙو مناسب موقعو ملي نه سگهيو: تنهنڪري مان پوري خاطريءَ سان اها ذمه داري پنهنجي جانشين جي مٿان رکي ٿو وڃان.“ (6) سال 1883ع ۾ خان بهادر خداداد خان کي (انهن ڏينهن ۾ هن کي اڃا ڪو به لقب نه مليو هو) هڪ خاص خدمت سپرد ڪئي وئي يعني سنڌ جي جاگيرن جي تواريخ جي تياري، جنهن ڪري کيس پراڻي فارسي رڪارد جي پوري پوري ۽ اعتماد جوڳي واقفيت آهي. (7) سال 1888ع ۾ کيس ”خان صاحب“ جو لقب ڏنو ويو. انهيءَ وقت (2 آگست 1888ع) سر چارلس پرچرڊ صاحب (ڪمشنر سنڌ) چيو ته ”خان صاحب خداداد خان سرڪار جو جهونو ملازم آهي. هن جي ملازمت 35 سالن جي عرصي کان زياده آهي ۽ سندس ملازمت جو گهڻو عرصو ڪمشنر صاحب جي افيس ۾ گذريو ويو آهي. جوانيءَ جي زماني ۾ ڪن سياسي معاملن جي سلسلي ۾ چڱي مسافري ڪئي اٿس. انهن مان ڪي معاملا اهڙا به هئا، جن ۾ سندس حياتيءَ کي نقصان پهچڻ جو انديسو هو. انهن ڳالهين کان قطع نظر، مون کي هن جي گذشته ملازمت جي باري ۾ انتها درجي جي خوشي ٿي ٿئي (جڏهن مان ڏسان ٿو) ته هن جي هٿان ڪهڙا ڪهڙا نازڪ ڪم سر انجام ٿيا آهن. حالانڪه هن جو واسطو فقط سياسي ڪمن سان هو. ملڪه معظمه ۽ قيصرهء هند (وڪٽوريه) جي جبليءَ جي زماني ۾ هن کي انهيءَ لقب ڏيڻ واسطي درخواست ڪئي وئي هئي پر انهيءَ لقب جو انعام هن جو آخري انعام نه آهي. ڇو ته هن جي خدمتن جو سلسلو (ملازمت) اڃا جاري آهي. اهو انعام محض هڪ علامت آهي هن جي ڊگهي ۽ بهترين خدمات جي اعتراف جو. (8) سال 1892ع ۾ آنريبل مسٽر جيمس صاحب سرڪار کي سفارش ڪري، هن کي ”خان بهادر، جو خطاب انهيءَ ڪري ڏياريو، جو هو گهڻي عرصي تائين (ڪمشنر جي آفيس ۾ رهڻ سبب سنڌ جي معززن کان چڱي طرح واقف آهي ۽ اهي ماڻهو، جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ايندا رهن ٿا، انهن جي شرافت، لياقت ۽ سندن خدمتگذارين جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ اهڙين نازڪ ڳالهين کان باخبر ڪرڻ سبب ڪمشنر جي آفيس ۾ هن جو رهڻ بي هد قيمتي آهي، ايڏو قيمتي، جو اُن جو اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي. (9) 1896ع جي اپريل جي آخر ۾ آنريبل مسٽر جيمس صاحب هڪ ارادو ڪيو هو، جو هن سرڪار کي بروقت لکڻ مناسب نه سمجهيو، پر اُن جي متعلق پنهنجي آفيس ۾ نوٽ ڇڏيائين ته”جڏهن خان بهادر (خداداد خان) پينشن تي وڃي ۽ اُنهيءَ وقت، مان سنڌ جو ڪمشنر نه هجان، ته به سندس ايمانداري ۽ بهترين خدمتگذاريءَ سبب، جي نهايت ئي مفيد ثابت ٿيون آهن، هو خاص انعام جو لائق ۽ حقدار آهي، بشرطيڪ آخر تائين ساڳئي نموني نوڪري ڪندو رهي، جيئن هن وقت تائين ڪندو رهيو آهي“ وري جولاءِ 1898ع ۾ پنهنجي آفيس ۾ هيءَ نوٽ ڇڏيائين ته ”خان بهادر خداداد خان جڏهن پينشن تي ويندو ته سر بارٽل فريئر صاحب جي حڪمرانيءَ جي زماني جا راز (يعني انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين جا راز) ۽ علم ۽ معلومات جي خزاني جون صندوقون پاڻ سان کڻي ويندو.“ (10) انهن ڳالهين جي مان اميد رکان ٿو ته بمبئيءَ سرڪار، هند سرڪار کي سفارش ڪندي، خان بهادر خداداد خان کي جاگير ڏيڻ جي باري ۾ جنهن جي سفارش هتان ڪئي وئي آهي. هن کان اڳ ۾ به خان بهادر فيض محمد خان ڊپٽي ڪليڪٽر کي جاگير ڏني وئي هئي، جڏهن هن پينشن ورتي هئي. ملاحظه ٿئي سرڪار جو حڪم نمبر 5186 مؤرخه 23 فيبروري 1892ع. (11) خان بهادر فيض محمد خان جي نوڪريءَ جو عرصو 36 سال هو ۽ خداداد خان جو 45 سال آهي. فيض محمد خنا کي هڪ هزار ايڪڙ جاگير عطا ڪئي وئي هئي ۽ خداداد خان جي لاءِ مان فقط ٽي سؤ ايڪڙن جي سفارش ٿو ڪريان ۽ هونئن به تجويز ڪيل زمين سندس قبضي ۾ آهي. (12) مان اميد ٿو ڪريان ته بمبئي سرڪار منهنجي تجويز کي پسند ڪري، هند سرڪار کي سفارش ڪندي. صحيح آر. جائيلس ايڪٽنگ ڪمشنر سنڌ 5.سال 1312هه مطابق 1898ع جي آخر ۾ (مسٽر جائيلس) ڪراچيءَ کان مختصر عملو ساڻ ڪري نڪتو ۽ سنڌ جي اڪثر ضلعن جو دورو ڪيائين. پهريائين نوشهروفيروز ۾ پهتو. سڄي ضلعي جا ڳوٺ ۽ گهر پنهنجين اکين سان ڏٺائين ۽ هر شيءِ آباد، غير آباد، ڪلر، نهري پاڻي ۽ هُرلن ۽ کوهن وغيره جي پاڻي جو معائنو ڪرڻ بعد، سرڪاري ڍل بست ڪرڻ جي باري ۾ تجويزون تيار ڪيائين. پوءِ سکر ۽ شڪارپور ويو ۽ اتي به اهڙيون ئي تجويزون تيار ڪيائين. اها سڄي محنت ۽ ڪوشش رعيت جي ڀلائي خاطر، جا خالق اڪبر جي مخلوق آهي، پاڻ تي هموار ڪيائين. راقم الحروف، سواءِ هڪ ڪمشنر کي اهڙو جفاڪش ۽ محنتي نه ڏٺو آهي، سواءِ هڪ ڪمشنر مسٽر جيمس صاحب جي جڏهن هو روهڙيءَ ويو ته اتي رهي، روهڙي تعلقي جي ڳوٺن جو بالڪل اهڙيءَ ريت ئي معائنو ڪيائين ۽ ائين ئي سرڪاري ڍل مقرر ڪيائين. نه ته وڏا عملدار (ڪمشنر) جي گويا سنڌ جا بادشاه هئا، پنهنجي سر ايڏي محنت ۽ مشقت ڪرڻ پسند نه ڪندا هئا. (حقيقت هي آهي ته) خدا ترسيءَ نيڪ نيتيءَ ۽ رعيت پروريءَ جو راز اهڙي ئي محنت ۽ مشقت ۾ پوشيده آهي (جهڙي جيمس صاحب ۽ جائيلس صاحب ڪئي) ۽ حاڪمن تي رعيت جو اهڙو حق به آهي، جو کين ادا ڪرڻو آهي. سال 1316هه مطابق 1899ع جي شروع ۾ طاعون جي بيماريء ڪراچي جي شهر جي مٿان ٽيون دفعو اچي ڪڙڪي. جائيلس صاحب هن منحوس بيماريءَ جي مقابلي ۽ خاتمي لاءِ خوب ڪوشش ڪئي ۽ تمام زبردست اُپاءَ ورتائين، جنهنڪري بيماري ڪراچي شهر کان ٻاهر نه نڪتي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ نه پکڙي. البت ڪراچيءَ ۾ ماڻهن کي لڏ پلاڻ سبب تڪليفون پهتيون ۽ پئسو به خرچ ٿيو، مگر هنن جي صحت ۽ حياتي بچي ۽ حڪمرانن جو اصلي مقصد به اهو ئي هو. آنريبل جيمس صاحب جو پنجون ڀيرو اچي چارج وٺڻ 27 ذوالقعد 1312هه مطابق 6 اپريل 1899ع بامبي ڪائونسل جي ممبريءَ کان فارغ ٿيڻ بعد ڪجهه ڏينهن هندوستان جي وڏن شهرن جو سير سياحت ڪيائين ۽ اتان جون عجيب و غريب شيون ڏسي، ريل گاڏيءَ جي رستي ڪراچيءَ آيو ۽ ڪمشنري بنگلي کي پنهنجي قيام پذيريءَ سان رونق بخشيائين، انهي موقعي تي ايڪٽنگ ڪمشنر مسٽر آرجائيلس صاحب، جيمس صاحب جي شخصيت جي اهميت سبب ڪراچي شهر جي اڪثر معززن مثلاً يورپين (جي ڪراچيءَ ۾ رهندا آهن) پارسين، مسلمانن ۽ هندن کي دعوتناما موڪلي، ڪمشنر صاحب جي بنگلي جي ايوان ۾ هڪ شاندار جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ هر قسم جي جي کاڌي پيتي، ميوي، مٺائي، برف ۽ شربت وغيره جو بندوبست ڪيل هو. اگرچه راقم الحروف به دستوريءَ ريت دعوتنامي جي ذريعي مدعو هو، تاهم مسلمانن کي کارائڻ پيارڻ جو سڄو انتظام راقم الحروف جي هٿ ۾ هو. هيءَ هڪ سٺي مجلس هئي. انهيءَ موقعي تي مسٽر جائيلس صاحب پنهنجي اسستنٽ مسٽر وان صاحب ۽ راقم الحروف سميت دروازي تي موجود هو ۽ دعوت تي آيل معزز مهمانن جو جيمس صاحب سان تعارف ڪرائي رهيو هو. سڀئي مهمان نهايت ئي خوش ٿيا ۽ خورد نوش، انگريزي ساز ٻڌڻ ۽ ٻين عجيب و غريب تماشن ڏسڻ بعد ستين بجي شام جو پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. اهو دلي محبت جو هڪ شاندار مظاهرو هو، جو انهيءَ مجلس ۾ ڪيو ويو. 1. ذوالقعد 1316هه جي آخري تاريخ، جا مطابق هئي 12 اپريل 1899ع جي، ڪراچي جي فريئر هالم هڪ تمام وڏو جلسو منعقد ٿيو، هن مقصيد سان ته، سنڌ جي باشندن کي اها ڳالهه چڱي طرح ذهن نشين رهي ته آنجهاني سربارٽل فريئر صاحب سال 1268هه مطابق 1851ع کان سال 1276هه مطابق 1859ع تائين سنڌ جي ڪمشنريءَ جي عهدي تي فائز هو ۽ هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جي سڌاري، تعمير ۽ ترقيءَ جي لاءِ تمام چڱا ڪم ۽ نهايت ئي سهڻا بندوبست ڪيا، جن مان گهڻن جو احوال مٿي سندس دور حڪومت جي زڪر ۾ ڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي سرڪاري فرض ادائي جو عرصو پورو ڪرڻ بعد ولايت ويو ۽ اتي راه رباني وٺي ويو. انهيءَ موقعي تي فريئر صاحب جي اهليه محترمه، سندس هڪ خوبصورت قد آدم تصوير فريئر هال ۾ يادگار طور رکڻ لاءِ موڪلي. 2. آنربيل جيمس صاحب ڏاڍو سياڻو ۽ اهڙين تقريبن منعقد ڪرڻ جو شائق هوندو هو. جنهنڪري انهن معزز ماڻهن کي به جي فريئر صاحب کي سڃاڻندا هئا، ڪراچيءَ جي ايڪٽنگ ڪليڪٽر مسٽر جي. سليڊن صاحب جي معرت ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي پاران دعوتناما ارسال ڪرائي، مدعو ڪيائين ۽ انهيءَ يادگار تقريب ۾ سڀني معزز مهمانن کي ڪرسين تي ويهاريائين، جنهن کي جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. آنريبل جيمس صاحب، ايڪٽنگ ڪمشنر جائيلس صاحب، ڪن معزز يورپين ۽ نامور شخصيتن سان گڏجي ڊائيسن تي ويٺو، جا ٻين حاضرين جي نشست گاه کان ٻه هٿ کن بلند ٺاهي وئي هئي. پوءِ جيمس صاحب اٿي، حاضرين مجلس کي خطاب ڪيو ۽ آنجهائي فريئر صاحب جي ڪار گذارين جي واکان ڪيائين. فزيئر صاحب سان جن ماڻهن جي دوستي ۽ ڄاڻ سڃاڻ هئي، انهن جو ذڪر به ڪيائين ۽ سندن نالن کڻڻ وقت راقم الحروف جو نالو به کنيائين. جيمس صاحب جنهن وقت تقرير ڪري رهيو هو، انهيءَ وقت راقم الحروف هن جي بلڪل ويجهو ۽ سندس اکين آڏو بيٺل هو. راقم الحروف، فريئر صاحب کي چڱي طرح سڃاڻندو هو ۽ سندس ماتحتيءَ ۾ ڪيتريون ئي خدمتون سر انجام ڪيون هئائين. انهيءَ ڪري جيمس صاحب، راقم الحروف ڏانهن اشارو ڪندي، چيو ته خان بهادر، جو هت حاضر آهي ۽ منهنجو پراڻو دوست آهي، انجهاني فريئر صاحب جي حڪمراني جي زماني کان وٺي هن وقت تائين وڏو منشي آهي ۽ پنجيتاليهن سالن کان وٺي تمام سهڻي نموني سان نوڪري ڪري رهيو آهي. جيمس صاحب کانپوءِ ٻين صاحبن به تقريرون ڪيون ۽ پوءِ فريئر صاحب جي اهليه جي موڪليل تصوير، فريئر هال جي ديوار تي لڳائڻ بعد جلسو برخاست ڪيو ويو. هن جلسي منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ معزز ماڻهن جي نالن ڏيڻ ۽ کين دعوتنامن موڪلڻ ۾ راقم الحروف کان مدد ورتي وئي (ملاحظه ڪريو اپريل 1899ع جون انگريزي اخبارون). 3. پهرين ذوالحج 1316هه مطابق 13 اپريل 1898ع پنجين بجي شام جو جيمس صاحب سڀني زيردست آفيسرن کي ڪمشنريءَ ۾ گهرائي، انهن مان معززن سان موڪلاڻيءَ جو هٿ ملايو، جن ۾ راقم الحروف به شامل هو ۽ باقي ملازمن کي زبان سان ”خدا هافظ“ چئي ۽ گهوڙا گاڏيءَ تي سوار ٿي، ڪياماڙيءَ ڏانهن روانو ٿيو ۽ ڪياماڙيءَ جي بندرگاه کي رونق بخشي، وڌيڪ رونقدار بڻايائين. اگرچه راقم الحروف سان اڳ ۾ ئي هٿ ملائي خدا حافظ چيو هئائين. تاهم راقم الحروف جو سندس مروت ۽ شفقت سبب سندس ٿورائتو هو، پنهنجي گهوڙا گاڏيءَ کي سندس گهوڙا گاڏيءَ جي پٺيان آڻي، ٻين يورپي ۽ سنڌي معززن سان گڏجي کيس دوباره خدا حافظ چيو. سنڌ جا باشندا جيئن ته سندس حسن سلوڪ جي ڪري سندس احسانمند هئا، انهيءَ ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪري، کيس ڏاڍو خوش ڪيائون ۽ راقم الحروف به سڀني معززن جي روبرو وڏي اشتياق ۽ جوش خروش سان هيءُ بيت پڙهيو: بسفر فتنت مبارکباد، بسلامت روي و باز آئي. (تنهنجي سفر تي روانگي شال مبارڪ ثابت ٿئي، خير سان وڃين ۽ خير سان موٽي اچين). بيشڪ، اهڙو رعيت نواز، زيردستن تي مهربان ۽ عوام مان ايڏي مروت ۽ خوش خلقيءَ سان پيش اچڻ وارو ٻيو ڪو به حاڪم نه هوندو. سر دست هو (جيمس صاحب) سرچارلس اليونٽ صاحب جي جاءِ تي بامي ڪائونسل جو ايڪٽنگ ميمبر مقرر ٿيو آهي. مگر الله تعاليٰ جي بارگاه مان قوي اميد آهي ته هو انهيءَ دل گهرئي عهدي تي مستقل طور تي فائز رهندو (آمين ثم آمين). مسٽر جائيلس چوٿون ڀيرو ايڪٽنگ ڪمشنر ٿيو (1) ذوالحج 1316هه مطابق مئي 1898ع ۾ حضرت پير بابرڪت مولانا و مرشدنا مرحوم پير غلام محي الدين صاحب جيلاني عليه الرحمت راڻيپور (رياست خيرپور) ۾ رحلت فرمائي (انا الله وا انا اليه راجعون). پير صاحب وصوف سنڌ ۾ رهندڙ جيلانين جو سردار هو. سندس جانشين سندس وڏو فرزند پير محمد صالح شاه صاحب ٿيو ۽ پنهنجي آبائي مسند تي رونق افروز ٿيو. (2) هلندڙ سال (1616هه مطابق 1899ع) ۾ بمبئي سرڪار وٽان انهيءَ سفارش جو جواب آيو، جا راقم الحروف جي پينشن بابت هئي ۽ جنهن جو احوال مٿي آنريبل جيمس صاحب بهادر جي ڪار گذارين ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ته سرڪار نامدار جي جاري ڪيل قانون موجب ضروري آهي ته جنهن وقت سرڪاري ملازم، سرڪاري ملازمت کان رٽائر ڪري، انهيءَ وقت سندس حقن ۽ خدمتن تي نظر ڪئي وڃي. (3) محرم الحرام سال 1317هه مطابق جون 1899ع ۾ راقم الحروف، سرڪاري خدمت ۽ ملازمت کان سبڪدوشي (رٽائرمنٽ) جي درخواست ڪئي. جنهنڪري مسٽر جائيلس صاحب ايڪٽنگ ڪمشنر دوباره پينشن جي باري ۾ سفارش ڪئي، جا سندس پهرين سفارش کان بهتر، بلڪه تمام بهتر هئي ۽ ان ۾ اهڙا قوي ۽ مضبوط دليل ڏنائين. جو ڪنهن به طرح پينشن ۾ ذري جيتري ڪمي به نه ٿئي. سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڪيل خدمتن جي نشاندهي ڪيائين ۽ لکيائين ته جيڪڏهن خان بهادر خداداد خان پندرهن سال کن اڳ پينشن يج لاءِ درخواستٿ ڪري ها ته سرڪار کي تمام گهڻي رقم ڏيڻي پوي ها. راقم الحروف کي اگرچه انهيءَ سفارشي تحرير جو نقل نه ڏنو ويو آهي، تاهم جائيلس صاحب جي مردم شناسي ۽ لائقيءَ ۾ اميد آهي ته تمام سٺو لکيو هوندائين، جو گهڻي عرصي کان هن خاڪسار راقم الحروف کي سڃاڻي ٿو ۽ الله ۾ وڏي اميد آهي ته اها سفارس، جا خاص سفارش آهي، ڪارائتي ثابت ٿيندي. (4) جمادي الاَخر 1317هه مطابق آڪٽوبر 1899ع جي آخر ۾ هندوستان جي سرڪار نامدار وٽان بمبئي سرڪار جي معرفت دوپُشتي جاگير يعني ٽئين درجي جي جاگير جي منظوري پهتي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. سرڪار نامدار جو حڪم نامو بالڪل انهيءَ سفارش جي مطابق آهي، جا ايڪٽنگ ڪمشنر صاحب ڪئي هئي، بلڪه حڪمنامي ۾ مهرباني فرمائي گناگون خدمتن سبب، جي سنڌ جي اندر ۽ سنڌ کان ٻاهر بجا آنديون اٿس ۽ سندس سچائي ۽ ڊگهي ملازمت سبب، جا پنجيتاليهه سال ڪيئ اٿس، خصوصي منظوري ڏني وڃي ٿي مگر هن کانپوءِ ڪنهن به آفيسر کي جاگير ڏيڻ لاءِ سفارس نه ڪئي وڃي. سرڪار جو ٺهراء، جو راقم الحروف کي مليو آهي، ان جو ترجمو لکيو وڃي ٿو. جاگير جي منظوري اچڻ شرط سنڌ جي ڪمشنر وٽان مسٽر وان صاحب جي صحيح سان مبارڪباد جو هيٺيون خط پهتو. منهنجا پيارا خان بهادر! شايد اوهان کي اطلاع مليو هوندو ته سرڪار وٽان ٽي سؤ ايڪڙ جاگير جي منظوري اچي وئي آهي. جنهن ڪري ايڪٽنگ ڪمشنر مسٽر آر جائيلس صاحب اوهان کي مبارڪباد ٿو چوي. اميد آهي ته اسان جو دوست خوش هوندو. 10 آڪٽوبر 1899ع. اوهان جو مخلص دوست جي پي وان اسسٽنٽ ڪمشنر از انسواءِ ڪيترن ئي مخلص ۽ گهاٽن دوستن وٽان به، جن ۾ يورپي به شامل آهن ۽ سنڌي به، مبارڪباد جا خط مليا، جن جا نالا طوالت جي انديشي جي ڪري درج نٿا ڪيا وڃن. جاگير جي منظوريءَ بابت انگريزي حڪمنامي جو ترجمو منتخب فقرا: نمبر پهريون ۽ نمبر ٽيون. بمبئي سرڪار جي مراسلي نمبر 22، مؤرخه 6 جنوري 1899ع منجهان، جو هند سرڪار جي امور خارجه جي سيڪريٽري صاحب (وزير) کي موڪليو ويو. (فقرو پهريو) مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان هند سرڪار جو ڌيان مبارڪ سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي مراسلي نمبر 938، مؤرخه 12 آڪٽوبر 1898ع ڏانهن مبذول ڪرايان، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته خان بهادر خداداد خان، جو سندس آفيس جو وڏو منشي آهي ۽ هاڻي ملازمت سبب، جا پنجيتاليهن سالن کان زياده عرصي تائين رهي آهي، کيس ٽي سؤ ايڪڙ رعيتي زمين، جا تعلقي سکر ضلع شڪارپور ۾ آهي، عطا ڪئي وڃي ۽ جيڪا هاڻي به سندس ئي نالي آهي. (فقرو ٽيون) مان ڪمشنر صاحب جي تجويز کي خيال ۾ ٿو آڻيان، جا خان بهادر فيض محمد ولد ڌڻي ڏني سابق ڊپٽي ڪليڪٽر ضلعي ٿرپارڪر جي باري ۾ هئي ته کيس انهيءَ ضلعي جي اندر هڪ هزار ايڪڙ غير آباد زمين ڏني وڃي. اها تجويز هند سرڪار جي روينو ۽ ايگريڪلچر کاتن جي پاران جاري ڪيل حڪمن نمبر 132 ۽ 1118 مؤرخه 7 جون 1896ع جي ماتحت منظور ڪئي وئي هئي. انهيءَ مثال کي مد نطر رکي، ڪمشنر صاحب سفارش ڪئي آهي ته جيڪڏهن هيء جاگير منظور ڪئي وڃي ته ٽئين درجي جي دستوري جاگير شرطن موجب منظور ڪرڻ ۾ اچي، يعني پهرئين شخص کي (جنهن کي جاگير ڏني وڃي ٿي) ڍل معاف ڪئي وڃي. ٻئي شخص کان (هن جي اولاد کان) ڍل جو چوٿون حصو وٺجي ۽ ان کانپوءِ جيئن مناسب، هجي اونئين ڪيو وڃي. اها زمين حقاب جي سڀني لوازمن جي ادائگيءَ کان معافيءَ جي لائق هوندي. منتخب فقرو پهريون. مراسلي نمبر 881 ۽ 892، مؤرخه 25 اپريل 1899ع منجهان، جو هند سرڪار جي روينيو ۽ ايگريڪلچرل کاتن جي سيڪريٽري (وزير) بمبئي سرڪار جي پوليٽيڪل سيڪريٽري (وزير) کي موڪليو: مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان مراسلي نمبر 32 مؤرخه 6 جنوري 1899ع جي رسيد موڪليان،جو امور خارجه جي کاتي کي لکيو ويو هو ۽ جنهن ۾ سفارش ڪيل هئي، ته خان بهادر خداداد خان ڪمشنر سنڌ جي آفيس جو وڏو منشي، جو عنقريب ملازمت کان سبڪدوش ٿي، پينشن تي وڃن وارو آهي، ان کي ٽي سؤ ايڪڙ رعيتي زمين جاگير ڪري ڏني وڃي، جا هن وقت تعقلي سکر ضلعي شڪارپور ۾ سندس نالي آهي. ڇا ڪاڻ ته هن پنجيتاليهن سالن کان به زياده عرصي تائين ملازمت ڪئي آهي، جا نه صرف ڊگهي عرصي واري ملازمت آهي پر نهايت سٺي ۽ نهايت ئي مفيد به. اها سفارس منظور ڪئي ٿي وڃي ۽ اهو به منظور ڪيو ٿو وڃي ته اها زمين جنهن کي ڏني ٿي وڃي، ان جي حياتيءَ ۾ روينيو ڍل کان آزاد هوندي ۽ ان کانپوءِ سندس پٽن کان ڍل جو چوٿون حصو ورتو ويندو. نمبر 208، مؤرخه 7 مارچ 1900ع. پوليتيڪل ڊپارٽمنٽ. ڪمشنر صاحب جي آفيس ڪيمپ سکر. خان بهادر خداداد خان کي انتخاب موڪليو ٿو وڃي، سندس معلوميت جي لاءِ. حسب الحڪم مسٽر جي بيوان صاحب ايڪٽنگ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب سنڌ مسٽر جيمس جو بامبي ڪائونسل جي ميمبريءَ تان موٽي اچڻ بعد ڇهون ڀيرو چارج وٺڻ جمادي الاول 1317هه مطابق آڪٽوبر 1899ع جي آخر ۾ جيمس صاحب بمبئي کان ڪراچيءَ آيو ۽ سندس تشريف آوريءَ تي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ معزز يورپي ۽ سنڌي آفيسرن سندس استقبال ڪيو، جن ۾ راقم الحروف به شامل هو. جيمس صاحب ڪمشنريءَ جي ڪرسيءَ تي جلوه افروز ٿي، پنهنجي عهدي جو ڪاروبار دستور موجب هلائڻ شروع ڪيو، جنهن کان هو پوري طرح آگاه هو. (1) انهيءَ سال (1317هه مطابق 1899ع ۾) جناب لارڊ ڪرزن صاحب بهادر هندوستان جو فرمان فرما (گورنر جنرل ۽ وائسراء) ٿيو، جو هڪ مشهور روشن دماغ حڪمران هو. (2) رجب المرجب 1317هه مطابق نومبر 1899ع ۾ بمبئي جو گورنر جناب لارد سينڊهرسٽ صاحب بهادر ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي يورپين، پارسين، مسلمانن ۽ هندن کي ڪمشنريءَ جي ايوان ۾ مدعو ڪيو، جن ۾ مرد به هئا ۽ عورتون به. مجلس ۾ قسم قسم جا ميوا به موجود هئا ۽ شربت چاءِ وعيره به، جي پڻ تناول ڪيائون ۽ لارڊ موصوف سان به مالقات جو شرف حاصل ڪيائون. انهن ئي ڏينهن ۾ فريئر هال ۾ هڪ دَربار دُربار منعقد ٿي ۽ سر چارلس پرچرڊ صاحب سابق ڪمشنر سنڌ جي هڪ دلپذير تصوير لڳائي وئي. انهيءَ ئي موقعي تي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي پريزيڊنٽ راءِ بهادر ٽهلرام کي، جنهن طاعون جي بيماريءَ وقت مدد ڪئي هئي، هڪ تمغو ۽ سي آءِ اي جو لقب ڏنو ويو. ڪن ماڻهن کي نيڪ ناميءَ جا پروانا عطا ڪيا ويا ۽ ٺٽي جي ماڻهن کي به خوش ڪيو ويو، جن طاعون جي بيماريءَ وقت خدمت ڪئي هئي. انهن سڀني دربارن ۽ مجلسن ۾ راقم الحروف به مدعو ۽ شريڪهو. جناب گورنر صاحب، جو راقم الحروف کان چڱي طرح واقف هو ۽ جنهن جو احوال ڪيترائي ڀيرا مٿي بيان ڪيو ويو آهي، پنهنجي طويل ملاقات سان راقم الحروف کي خوش ڪيو. (3) رجب المرجب 1317هه جي وچ ۾ نومبر 1899ع جي آخر ۾ بمبئي جو گورنر جناب لارڊ سينڊهرسٽ صاحب بهادر، ڪمشنر صاحب ۽ پنهنجي مختصر عملي سان گڏجي حيدرآباد ويو، جتي دربار منعقد ڪري، حيدآباد جي مير صاحبن، سرڪاري ملازمن ۽ نامور ۽ معزز ماڻهن سان ملاقاتون ڪيائين. ”جمڙاؤ واه“ تي پهچي، هڪ دربار منعقد ڪري، واه جو افتتاح ڪيائين. پوءِ رياست خيرپور سان ملاقات ڪيائين، ۽ هر قسم جي جانورن جو شڪار به ڪيائين. ان کانپوءِ هڪ اسپيشل ٽرين ۾ سوار ٿي سکر کي پنهنجي تشريف آوريءَ سان رونق بخشيائين. سکر ۾ يورپي معززن، سرڪاري آفيسرن، خيرپور جي مير صاحبن ۽ ٻين جاگيردارن کي ملاقات جو شرف عطا ڪيائين. انهيءَ وقت سڀني معززن ۽ آفيسرن کان اول راقم الحروف سان هٿ ملائي شڪر گذاريءَ جو موقعو ڏنائين، ۽ ڏيڍ ڏينهن اتي رهڻ بعد ڪراچيءَ جي رستي بمبئيءَ روانو ٿي ويو. انهيءَ ملاقات جو ثبوت هيٺين خط (نمبر 2788، مؤرخه 13 نومبر 1899ع) مان ملندو، جو جناب ڪليڪٽر صاحب ضلعي شڪارپور جو لکيل آهي: عزت پناه خان بهادر خداداد خان ساڪن سکر، سلامت هجو جناب گورنر صاحب بهادر بمبئيءَ، صبح جو نوين بجي سکر اسٽيسن تي رونق افروز ٿيندو ۽ سندس خوش آمديد ۽ استقبال لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ٻين معزز ماڻهن جو اڳواٽ اچڻ ضروري آهي. انهيءَ ڪري لکجي ٿو ته اوهان به پاس وٺي، گورنر صاحب جي سلام ۽ ملاقات جو شرف حاصل ڪندا. صحيح مسٽر ميلس صاحب بهادر ڪليڪٽر ضلع شڪارپور (4) شعبان المعظم 1317هه مطابق ڊسمبر 1899ع جي آخر ۾ جناب پير شاه مردان شاه صاحب سجاده نشين ساڪن ديهه پير صاحب تعلقوي روهڙيءَ، جي باري ۾ هڪ مقدمي ۾ فتحيابيءَ جي فتويٰ جي خبر مشهور ٿي. سندس وڏي ڀاءُ پير ظفر علي شاه، ضلعي ڪورٽ ۾ هن جي خلاف بي واجبي ۽ ناحقي دعويٰ داخل ڪئي هئي، پر جيئن ته انصاف جي نظر ۾ مدعيءَ جي دعويٰ بالڪل بي واجبي هئي، انهيءَ ڪري رد ٿي وئي. انهيءَ فتويٰ جي ڪري گهڻائي خير خواه دوست ۽ مريد خوش ٿيا. انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي راقم الحروف کي پير صاحب موصوف وٽان هيٺيون خط موصول ٿيو: خان صاحب مهربان اميد گاه دعا گويان عالي جاه رفيع جائگاه چاچا سائين خان بهادر خداداد خان سلمه الرحمٰن. مسرت ڀريل سلمان جي سوکڙين موڪلڻ ۽ مقدس دعائن ڪرڻ بعد، اوهان جي خلوص ڀريءَ دل تي نيڪ روشن هجي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو ٻنهي طرفن ڏانهن (اسان ڏانهن به ۽ اوهان ڏانهن به) خيريت آهي. مطلب ته گادي ۽ پڳ جي تڪراري مقدمي جي فتويٰ جي تاريخ ضلعي ڪورٽ جي پاران 23 ڊسمبر 1899ع مقرر ٿيل هئي. انهيءَ انتظار ۾ هوس ته مٿين تاريخ 3 ۽ 4 بجي ڌاري شام جو مريدن ۽ وڪيل جي پاران موڪليل تار پهتي. جنهن ۾ مختصر طور تي درج هو ته ”مدعيءَ جي دعويٰ رد ٿي ۽ پير شاه مردان شاه کي مبارڪباد هجي، جو مقدمي جو فيصلو سندس فائدي ۾ ٿيو آهي“. تار جو مطلب معلوم ڪرڻ شرط پروردگار جا شڪرانا بجا آندم. اهڙي ئي تار روهڙي ڊويزن جي مهربان اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب بهادر جي پاران به آئي. جنهنڪري ڏاڍي خوشي ٿي. انهيءَ ڳالهه جو اطلاع هي خاندان جي سڀني دوستن ۽ خير خواهن کي ڏنو ويو آهي ۽ مبارڪباد به. فقط. تاريخ 21 شعبان المعظم 1317هه صحيح سيد پير شاه مردان شاه پاڳارو سجاده نشين درگاه مبارڪ (5) شعبان المعظم 1317هه مطابق 1899ع ۾ مارواڙ، ريگستان ۽ انهيءَ پاسي جي ٻين علائقن ۾ هڪ بن سالن تائين برسات نه پوڻ ۽ ڏڪار پيدا ٿيڻ سبب، انهيءَ ملڪ جا ماڻهو بک کان لاچار ٿي، سنڌ ۾ اچي حيران پريشان ڦرندا ٿي وتيا. جنهنڪري صاحب موصوف (جيمس صاحب) سڀني ضلع عملدار ڏانهن احڪام جاري ڪيا، ته پنهنجي ضلع جي باشندن کان سندن حيثيت آهر چندو وصول ڪري، اطلاع ڏين. جنهنڪري چندي جي وصولي شروع ڪئي وئي. سکر شهر ۾، شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر ميولس صاحب جي حڪم سان معزز ماڻهن جو اجتماع ٿيو، جنهن ۾ ميوليس صاحب هڪ موثر ۽ نهايت ئي سهڻي تقرير ڪرڻ بعد چندو وصول ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ راقم الحروف جو به ڪجهه حصو شامل هو. سيولس صاحب اهڙي دلنشين ۽ انتها درجي جي اثرائتي تقرير ڪئي، جو ڪيترائي ماڻهو چندي ڏيڻ جو وعدو ڪري، پوءِ وپنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا. پراڻي سکر مان چندي وصول ڪرڻ لاءِ راقم الحروف کي مقرر ڪيو ويو. مون چندو وصول ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو. سمورو چندو، جو سڄي سنڌ مان وصول ڪيو ويو هو. پنجاه هزار کن رپيا ٿيو. پوءِ جيمس صاحب جي صلاح سان عمرڪوٽ ۾ هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ هڪ مختيارڪار مقرر ڪيا ويا، جن جي مٿان مارواڙ ۽ ريگستان جي مصيبت زده ماڻهن ۾ امداد تقسيم ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو. ان کان علاوه ڪيترائي ضروري خواه غير ضروري تعميراتي ڪم شروع ڪيا ويا جهڙوڪ واه کوٽائڻ، بند ٻڌائڻ ۽ عام رستا ٺهرائڻ وغيره. اهي ڪم سرڪار ۽ ميونسپالتين جي خرچ سان ڪيا ويا ته جيئن انهيءَ ملڪ جي قحط زده ماڻهن کي مزدوري ملي ۽ سندن شڪم پُري ٿئي. بيشڪ، غريب پرور حاڪم ائين ئي ڪندا آهن. (6) شعبان المعظم 1317هه مطابق 1900ع ۾ هڪ تار جي ذريعي، افريقا ۾ بورين کي نگ ۾ فتححاصل ٿيڻ جي خبر مشهور ٿي. (7) انهن ڏينهن ۾ پير شاه مردان شاه سجاده نشين کي ”حُرن“ عرف لُرن کي گرفتار ڪرائڻ جي صله ۾ ”شمس العلماء“ جو لقب ڏنو ويو، ۽ خان بهادر سردار يعقوب خان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿرپارڪر کي طاعون جي بيماريءَ وقت مدد ڪرڻ جي صله ۾ ”سي اي آءِ“ جو لقب ڏئي مسرور ۽ سرفراز ڪيو ويو. بيسڪ هرکه خدمت کرد، او مسرور شد. اهي جيمس صاحب جون مهربانيون سمجهڻ گهرجن. انهن ئي ڏينهن ۾ لارڊ نارٿ ڪورٽ صاحب بهادر، بمبئي جي گورنريءَ جي عظيم عهدي تي فائز ٿيو ۽ بمبئي جو سابق گورنر لارڊ سينڊ هرسٽ صاحب بهادر پنهنجي عهدي جا پنج سال پورا ڪري، ولايت روانو ٿي ويو. آنريبل جيمس صاحب بهادر جو اڳئين گورنر جي الوداع ۽ نئين گورنر جي استقبال لاءِ بمبئيءَ وڃڻ ٿيو. (10) شوال المڪرم 1317هه جي 27 تاريخ مطابق فيبروري 1900ع 28 تاريخ مسٽر ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر سي ايس آءِ ۽ آءِ سي ايس ڪمشنر سنڌ پنهنجي اسسٽنٽ مسٽر وان صاحب ۽ ٻين واسطيدار انگريز ۽ سنڌي آفيسرن سميت پاڻيءَ جي جهاز رستي سکر جي بندرگاه تي لنگر انداز ٿيو ۽ ان جي ٻئي ڏينهن بندر تي تنبو کوڙي، قيام پذير ٿيو ۽ سکر ۽ روهڙيءَ جي سير سياحت ۾ مشغول رهيو. ذوالقعد 1317هه جي نائين تاريخ (مارچ 1900ع جي ڏهين تاريخ) راقم الحروف جي نياز مندانه دعوت تي پراڻي سکر ۾ منهنجي بنگلي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر وان صاحب سان گڏجي تشريف اور ٿيو ۽ مون کي، منهنجن عزيزن، دوستن ۽ خير خواهن کي مسرت ۽ عزت بخشيائين ۽ انهيءَ موقعي تي پنهنجي حيثيت آهر بنگلي کي ۽ ان جي فرش فروش کي سينگارڻ ۽ ڪرسين جي مٿان ڪيمخواب وجهڻ وغيره جي سلسلي ۾ مون کان جيڪي ٿي سگهيو هو، ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ناشتو، چاءِ ۽ ميوو وغيره تناول فرمايائين. ڪلاڪ کن ترسيو. سڄي بنگلي جو سير ڪيائين ۽ سامان اسباب، تصويرون ۽ لائبريري وغيره ڏنائين. ان کانپوءِ پنهنجن تنبن ڏانهن روانو ٿيو ۽ روانگيءَ وقت منهنجي ڀائٽي نصير علي خان سان ملاقات ڪيائين، جو زميندار آهي. اهڙيءَ ريت منهنجي ننڍي فرزند عبدالحميد خان سان انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪيائين ۽ کيس تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جو تاڪيد ڪيائين. الله تعاليٰ اهڙن حاڪمن کي، جي زيردستن جي مٿان رحم ٿا ڪن، هميشه عزت ۽ عظمت جي ڪرسيءَ تي جلوه افروز رکي. موڪلائڻ وقت راقم الحروف جي هٿ ۾ هٿ ڏئي فرمايائين ته ”تون جيئن ته سهڻي نموني ۽ آرام سان گذارين ٿو انهيءَ ڪري تنهنجي حياتي هڪ سؤ سال کان زياده ٿيندي.“ (11) ذوالقعد 1617هه جي يارهين تاريخ (مارچ 1900ع جي ٻارهين تاريخ) سکر ۾ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽرن جي بنگلي جي هيٺان ميدان تي هڪ دَربار دُربار منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اڪثر معزز مير صاحب، پير صاحب، جاگيردار، زميندار ۽ ارباب وغيره هڪ هزار جي تعداد ۾ مدعو هئا، جي ترتيبوار پنهنجين مقرر ڪيل ڪرسين تي ويٺل هئا. راقم الحروف پهرين صف ۾ ٽئين نمبر ڪرسيءَ تي ويٺل هو. جڏهن دربار مهمانن جي اچڻ بعد چڱي طرح سان رسي وئي، تڏهن مسٽر ميولس صاحب ڪليڪٽر شڪارپور، چند معززن سان گڏجي، جن ۾ يورپي، فوجي سپاهي ۽ ملڪي ماڻهو به شامل هئا، ڪمشنر صاحب کي وٺي اچڻ لاءِ تنبن ڏانهن روانو ٿيو. جناب ڪمشنر صاحب بهادر پنهنجي اسسٽنٽ سميت دربار ۾ تشريف آور ٿيو ۽ ڪيمخواب جي ڪرسيءَ تي رونق افروز ٿيو، جا ٻين ڪرسين کان مٿڀرو رکي وئي هئي. انهيءَ وقت سلاميءَ جون تيرهن توبون ڇوڙيون ويون ۽ دربار جي سڀني حاضرين پنهنجين ڪرسين تان اُٿي. تعظيم ۽ تڪريم بجا آدني. پوءِ مسٽر ايڇ پي ميولس صاحب ڪليڪٽر سڪارپور پنهنجي ڪرسيء تان اُٿي، دربار وارن کي خطاب ڪيو ۽ جيمس صاحب جي ڪار گذارين جي تعريف ڪيائين، جيڪي صاحب موصوف سنڌ جي اندر ٽيهن سالن جي عرصي تائين رهي، بجا آنديون هيون ۽ هزار ها ماڻهن کي فائدو پهچايو هئائين. ڪليڪٽر صاحب جي انهيءَ تقرير جو اختصار، جا انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿي هئي، هت پيش ڪيو وڃي ٿو: حاضرين دربار! مون کي يقين آهي ته اوهين ههڙي سهڻي موقعي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. جيمس صاحب سان ملاقات جو هيءُ موقعو بَيَڪ وقت خوشيءَ جو به آهي ۽ غم جو به. خوشي هن ڪري جو جيمس صاحب هن دربار ۾ مير مجلس آهي ۽ هن ضلعي جا سڀئي معزز هت گڏ ٿي. سندس تعظيم ۽ تڪريم ڪري رهيا آهن. ڇو ته صاحب بهادر سنڌ وارن جي ڀلائي لاءِ وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون آهن، جي اڃا تازيون آهن ۽ سنڌ جي باشندن جي دلين تي نقش آهن؛ ۽ غم جي سبب هيءُ آهي جو اسين اهڙي لائق فائق ڪمشنر صاحب بهادر کي هن مسرت بخش مجلس ۾ آخري دفعو ڏسي رهيا آهيون. ڇو ته جيمس صاحب هاڻي ئي هتان رخصت ياب ٿي ولايت اُسهي رهيو آهي. صاحب بهادر پورا ٽيهه سال سنڌ جي اندر حڪمران ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ طويل عرصي ۾ سنڌ کي ڪيترن ئي قسمن جا فائدا پهچايا اٿس. صاحب بهادر پهريائين اسستنت ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هو. جنهنڪري سنڌ جي حالات کان چڱي طرح واقف آهي ۽ شروع کان ئي سنڌ جي بهبودي ۽ بهتريءَ لاءِ هزارها تجويزن تي عمل ڪيو اٿس. هاڻي مان سندس گذشته ڪار گذارين کان قطع نظر ڪندي، سندس تازين ڪار گذارين جو زڪر ٿو ڪريان. (سمورين ڪار گذارين بيان ڪرڻ سبب) هڪ طويل داستان ٿي ويندو. ”جمڙائو واه“ ڏسو، جو داناءَ ۽ تجربيڪار انجنيئرن کان وڏي خرچ سان کوٽايو اٿس. اهڙيءَ ريت اپر سنڌ ۾ ”شاهي واه“ ۽ ٻيا به ڪيترائي واه کوٽايا اٿس. از انسواءِ عام ۽ خاص ماڻهن جي ڀلائيءَ خاطر موزون ۽ مناسب هنڌن تي مردن لاءِ جدا ۽ عورتن لاءِ جدا اسپتالون تعمير ڪرايون اٿس. تعليم جي حصول لاءِ ”سنڌ مدرسة السلام“ ۽ سنڌ ڪاليج“ (ڊي جي سنڌ ڪاليج) کان علاوه ڪيترائي (پرائمري ۽ سيڪنڊري) اسڪول کوليا اٿس: اسين الله تعاليٰ کان دعا ٿا گهرون ته جيمس صاحب جهڙيءَ ريت سنڌ ۾ ڪوششون وٺي رعيت کي فائدو پهچايو آهي، اهڙي طرح پنهنجي ملڪ (انگلينڊ) ۾ پهچي، خوشي ۽ اطمينان سان وقت گذاري. آمين.“ ان کانپوءِ خان بهادر مير گل حسن خان ٽالپر، جيمس صاحب جي بهترين ڪار گذارين، عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ سندس ذاتي اخلاق بابت چند ڳالهيون چيون، جن جي حاضرين تصديق ٿي ڪئي. آخر ۾ جيمس صاحب پاڻ اٿي تقرير ڪئي، جنهن جو اختصار هت درج ڪيو ٿو وڃي: ”مان ميولي صاحب ڪليڪٽر شڪارپور ۽ خان بهادر مير گل حسن خان ٽالپر جي تقريرن کان بي حد محظوظ ٿيو آهيان ۽ هن دربار جي معزز حاضرين کان تمام خوش آهيان، جن مون کي پنهنجي سلام سان شڪر گذار بنايو آهي.مان هاڻي اوهان سڀني کي ”خدا حافظ“ چئي ولايت وڃي رهيو آهيان ۽ اميد اهي ته جتي به هوندس، اتي اوهان جي خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهندس. مان اها به اميد ڪريان ٿو ته مسلمان پنهنجي اولاد کي تعليم ۽ تربيت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا. ڇو ته سرڪار کي مسلمانن سان هميشه دلچسپي رهي آهي. سرڪار کي يورپي خواه هندو تمام وڏي تعداد ۾ ملازمت لاءِ ملن ٿا، مگر افسوس آهي جو مسلمان تعليم يافته بالڪل ٿورا آهن. انهيءَ موقعي تي جيمس صاحب کي وري منهنجي فرزند عبدالحميد خان جي يادگيري آئي ۽ چيائين ته ”افسوس آهي جو خان بهادر خداداد خان جهڙي لائق آفيسر جو فرزند چڱي طرح تعليم حاصل نٿو ڪري. وغيره.“ پوءِ جناب پير شاه مراد شاه صاحب کي ”شمس العلماء“ جي خطاب جي سَنَدَ ۽ ڪيمخواب جي خلعت عطا فرمائي، سندس تعريف ۾ چند الفاظ چيائين، جو پير صاحب موصوف حرن جي معاملي ۾ (جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي) سرڪار جي مدد ڪئي هئي. ان کانپوءِ راقم الحروف کي پنهنجي روبرو سڏي ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي تقرير ڪيائين ۽ ٽي سؤ ايڪڙ جاگير جي سَنَدَ ڪيمخواب جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي، ڪيمخواب جي شاندار خلعت سان گڏ عطا ڪيائين. جيمس صاحب جي اها تقرير هت درج ڪئي وڃي ٿي، جا اڪثر انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿي چڪي آهي: ”مسٽر خداداد خان سال 1853ع ۾ سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو ۽ سال 1855ع ۾ جاگيري ۽ سياسي شعبي ۾ ميجر سر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب (اسستنٽ ڪمشنر جاگيرات) جو ماتحت مقرر ٿيو. هندستان جي غدر (1857ع واري آزاديءَ جو انقلاب) واري زماني ۾ گولڊ اسمڊ صاحب سان گڏجي بيابان ۽ ريگستان (ڪڇ جو رڻ) لتاڙي، خفيه مشن تي مخصوص مقصد جي حصول خاطر جيسلمير ۽ پوڪران (مارواڙ) ويو. سال 1861ع ۾ بلوچستان جي پوليتيڪل ايجنٽ سرهنري گرين صاحب بهادر سان گوادر ۽ اورماڙه (مڪران) ويو جو ڪن نازڪ ۽ مخفي معاملن جي سلسلي ۾ کيس گرين صاحب سان گڏجي وڃڻ لاءِ منتخب ڪيو ويو هو. سال 1862ع ۾ ڄام صاحب لس ٻيلي ۽ خان قلات جي ملڪن (بلوچستان) ۾ ٽيليگراف لائين جي انتظام ۾ سرڪار کي مدد ڏنائين. ان کانپوءِ ٻئي سال سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايس مينسفيلڊ صاحب سان گڏجي هندوستان ۽ يورپ جي درميان ٽيليگراف لائين نصب ڪرڻ جي انتظام جي سلسلي ۾خليج فارس ۽ دجله درياء عبور ڪري بغداد ويو. سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر (ڪمسنر سنڌ) مٿس مڪمل اعتماد رکي، ڪن مخفي ۽ نازڪ معاملن جي جوابداري کيس سپرد ڪئي. جاگيري ۽ سياسي معاملن کان پوري واقفيت رکڻ سبب ائين مناسب سمجهيو ويو ته جاگيرن جو رڪارڊ اصلاح ۽ تڪميل جي واسطي سندس سپرد ڪيو وڃي، جو 1882ع ۾ سندس سپرد ڪيو ويو. قوت حافظه جي تيزي، گذشته زماني جي ڳالهين ياد رکڻ، تاريخي معاملن کان واقفيت، سهڻين اسڪيمن ۽ وقت سِر مناسب انتظامن ڪرڻ سبب خان بهادر خداداد خان جي ملازمت بي مثال ۽ بي بها هئي. هو گذشته مئي ۾ پنجيتاليهن سالن تائين سهڻي نموني ۽ ايمانداريءَ سان ملازمت ڪرڻ بعد سبڪدوش ٿيو آهي ۽ هاڻي پينشن وٺي پنهنجي گهر (سکر) ۾ رهڻ لڳو آهي. اميد آهي ته هو آرام ۽ آسائش سان وقت گذاريندو.“ جاگير جي سَنَد جو نقل مُهر نمبر. پوليٽيڪل اعليٰ مراب جناب ڪمشنر سال 1900ع مطابق صاحب بهادر سنڌ سال 1317هه عاليجاه رفيع جايگاه حشمت و شوڪت دستگاه خان خداداد خان خوش هجو شال جيئن ته هندوستان جي سرڪار نامدار مهرباني فرمائي پنهنجي حڪم نمبر 1777 ۽ 489، مؤرخه 3 آگسٽ 1899ع جي ذريعي، جو بامبي سرڪار جي حڪم نمبر 6209،مؤرخه... ڊسمبر 1899ع سان گڏ جاري ٿيو آهي. ٽي سؤ ايڪڙ رعيتي زمين جو عطيو بطور جاگير جي تعلقي سکر ضلع شڪارپور ۾ اوهان جي واسطي منظور فرمايو آهي، انهيءَ ڪري هيءَ سَنَد اوهان کي عطا ڪئي وڃي ٿي، ته جيئن مٿي ڄاڻايل عطيو، جناب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جي آفيس ۾ طويل ۽ قميتي ملازمت ڪرڻ ۽ هاڻي انهيءَ ذمه داريءَ کان سبڪدوش ٿيڻ بعد جڏهن پينشن ورتي اٿوَ، ته قائم رهي. (2) مٿي چاڻايل انعام اوهان جي قبضي ۾ ٽئين درجي جي جاگير جي شرطن مطابق رهندو، يعني اوهان جي حياتي تائين سموري ڍل معاف رهندي. اوهان کان بعد اوهان جي پهرئين وارث جي حياتيءَ تائين چوٿون حصو ڍل ورتي ويندي ۽ ان کانپوءِ سموري ڍل بست ٿيندي. (3) هن زمين تان حقبو ۽ ٻيا لوازما ٽي سؤ پنج رپيا اسڪولن ۽ رستن جي خرچ لاءِ، جي اهڙي قسم جي جاگير کان ورتا ويندا آهن، اوهان کان به ورتا ويندا ۽ پٽه داريءَ جي حق جي ادائگي، جا هن زمين سان لاڳو آهي، اوهان جي مٿان رهندي. (4) هن انعام جو جو برقرار رهن اوهان جي ۽ اوهان جي جانشين جي نمڪ حلالي ۽ چڱي چال تي منحصر رهندو. (5) هن جاگير جي ايراضي جون حدون هيٺينءَ ريت آهن: ... ... ... ... ... ... ... آفيس جناب ڪمشنر صحيح صاحب بهادر سنڌ مسٽر ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر تاريخ 122 مارچ 1900ع سي ايس آءِ ۽ آءِ سي ايس مطابق 11 ذوالقعد 1317هه ڪمشنر سنڌ ساڳئي مضمون جي ٻي هڪ سَندَ انگريزيءَ ۾ به (ساڳئي سند جي انگريزي ڪاپي) هن سان گڏ جدا ڪاغذ تي ۽ جدا ڪپڙي ۾ ويڙهيل شامل هئي. پوءِ ڪن معزز زميندارن کان ترارون، بندوقون، دوربينيون ۽ لونگيون عطا ڪيائين، ۽ سڀني کي ”خدا حافظ“ چئي، پنهنجن تنبن ڏانهن روانو ٿيو ۽ وري ساڳئيءَ ريت کيس تيرهن توبن جي سلامي ڏني وئي. ان کانپوءِ 15 ذوالقعد 1317هه مطابق 16 مارچ 1900ع سکر جي بندر تان پاڻيءَ جي جهاز ۾ روانو ٿي، دارالحڪومت ڪراچيءَ ڏانهن روانو ٿيو. راقم الحروف جهاز جي لنگر کڻڻ وقت موڪلاڻيءَ لاءِ اتي حاضر ٿيو ۽ جيمس صاحب نهايت ئي مسرت سان پنهنجو هٿ هن عاجز جي هٿ تي رکي ٽي دفعا خدا هافظ چيو. الله تعاليٰ پنهنجي لطف ۽ ڪرم سان اهڙن فراخدل حاڪمن کي شال پنهنجي امن ۽ حفظ ۾ رکي. (12) ذوالحج 1317هه مطابق اپريل 1900ع هندوستان جو فرمان فرما ۽ گورنر جنرل جناب لارڊ ڪرزن صاحب بهادر ستين بجي شام جو اسپيشل ٽرين جي ذريعي بکر جي لينسڊائون پل تان لنگهي، ڪوئٽه (شال ڪوٽ) ويو. اتفاق سان راقم الحروف موئ مبارڪ جي زيارت فيض بشارت لاءِ چند دوستن سان گڏ (روهڙيءَ وڃڻ لاءِ) لينسڊائون پل تي موجود هو، جو اسپيشل ٽرين کي اتان تڪڙو لنگهندو ڏٺو ويو. صاحب موصوف ڪوئٽه ۾ دربار منعقد ڪري، خان صاحب واليء قلات، ڄام صاحب لس ٻيلي ۽ افغانستان ۽ بلوچستان جي سردارن اڳيان ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي سلسلي م جيڪا تقرير ڪئي، سا اخبارن ۾ ڏسي، صاحب موصوف جي دانائي، تدبر، تحمل برجستائي ۽ روشن دماغيءَ جو پتو پوي ٿو. ائين ڇو نه هجي. ڇو ته ايڏي اعليٰ عهدي جي لاءِ اهڙو ئي باوقار حڪمران هجڻ گهرجي ٿو. (13) ذوالحج 1317هه مطابق اپريل 1900ع جي آخر ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر مسٽر ميولس صاحب، راقم الحروف کي شڪر گذاريءَ جو خط لکيو جو مسڪين مارواڙين ۽ ريگستاني ماڻهن جي امداد لاءِ چندي جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس مدد ڪئي هيم، جنهن جو زڪر مٿي به اچي چڪو آهي. انهيءَ خط جو ترجمو هت درج ڪيو ٿو وڃي: نمبر 3090، ڪليڪٽر صاحب ضلع شڪارپور جي آفيس جي جنرل ڊپارٽمنٽ، ڪيمپ سکر، تاريخ 25 اپريل 1900ع بابت نمبر 2266 مؤرخه 10 اپريل 1900ع ڪليڪٽر صاحب صاحب جي آفيس. خان بهادر خداداد خان جي خاص شڪر گذاري ڪئي ٿي وڃي، جو چندي جمع ڪرڻ ۾ نهايت مفيد مدد ڪئي اٿس. صحيح مسٽر ميولس صاحب ڪليڪٽر ضلع شڪارپور محرم الهرام 1317هه مطابق مئي ۽ جون 1900ع ۾ انگلينڊ کان آيل تار جي ذريعي بورين جي هٿان ”ميفڪنگ“ ۽ ”ٽرانسوال“ جي فته جي خبر سنڌ ۾ مشهور ٿي، جنهنڪري خير خواه ماڻهو بي حد خوش ٿيا، جو دراصل اها فتح انگريز سرڪار کي نصيب ٿي هئي، جا ڳالهه مسرت جو باعث آهي. (15) محرم الحرام 1317هه جي 25 تاريخ مطابق مئي 1900ع جي به 25 تاريخ مهراڻ درياء (سنڌو ندي) جي پل جو افتتاح ٿيو، جا ڪوٽڙي بندر ۽ گدو بندر جي سامهون حيدرآباد جي نزديڪ آهي ۽ جنهن جي تعمير جي ڪم شروع ٿيڻ جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. هن پل جي ڪري هڪ طرف واپار کي فائدو رسندو ۽ ٻئي طرف ايندڙن ۽ ويندڙن کي آرام ۽ آسائش ٿيندي. (16) صفر المظفر 1317هه جي پهرين تاريخ ۽ مئي 1900ع جي 31 تاريخ هلندر سال جي واسطي رياست خيرپور جي پاران راقم الحروف کي هنري اسڪول جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي باري ۾ ٻيو دفعو تجويز پهتي. بهرحال (ميمبر شپ قبول ڪري) هلندڙ سال پورو ڪيو ويندو، جو والي رياست جي خوشي انهيءَ ۾ آهي. جيئن ته هيء ”لُبَ تاريخ سنڌ“ اٽڪل ٽن سالن جي وڏي محنت ۽ مشقت بعد مڪمل ٿي آهي ۽ عنقريب ڇپجڻ واري آهي، تنهنڪري ضروري نظر ٿو اچي ته محرم الحرام ۽ صفر المظفر 1317هه مطابق مئي ۽ جون 1900ع جي مهينن ۾ جيڪي جشن ۽ هر قسم جي دعوتن جون مجلسون ۽ محفلون راقم الحروف جي بنگلي تي پراڻي سکر ۾ ڪن خاص دوستن جي بلديءَ جي سلسلي ۾ منعقد ٿيون جهڙوڪ راءِ بهادر ڏيون مل راءِ بهادر هشمتراءِ جي بدليءَ سکر کان ڪراچيءَ ڏانهن، راءِ بهادر نارائڻداس جي بدلي ڪراچيءَ کان سکر، ۽ سيد پناه علي شاه معصوميءَ جي انسپيڪٽر پوليس جي عهدي تي مقرري وغيره. انهن الوداعي تقريبن ۾ هر درجي جا اٽڪل پنج سؤ معزز مهمانن شريڪ هئا. جيڪڏهن انهن جو ذڪر هن ڪتاب جي آخر ۾ ڪيو وڃي ته يادگيريءَ جو سبب ٿيندو. الله تعاليٰ شال اهڙيون مسرت بخش دعوتون مبارڪ ڪري. هيءُ ڪتاب ”لُبِ تاريخ سنڌ“ پورو ٿيو، الله قادر قدير جي حڪم سان، وڏي محنت ۽ مشقت کانپوءِ، حقير پُر تقصير احقرالعباد خان بهادر خداداد خان افغان ترين ولد رضا محمد خان عرف راصو خان افغان ترين، اصل ساڪن پشنگ ۽ حال رهندڙ پراڻو سکر ضلع شڪارپور سنڌ، سابق وڏو منشي آفيس ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ ۽ پينشن بردار جي هٿان، جناب آنريبل ايڇ اي ايم جيمس صاحب ڪمسنر سنڌ جي خواهش جو اهڙين ڳالهين سان دلچسپي رکندو آهي. بيت يلوح الخط في القرطا دهرآ، وڪاتبه رميم في التراب. (تحرير ڪاغذ ۾ هميشه جي لاءِ محفوظ رهي ٿو، جڏهن ته ان جو لکندڙ مٽيءَ جي اندر ڳري ٿو وڃي). بيت هر که خوانده دعا طمع دارم، زانکه من بندهء گنهگارم. (مان هر پڙهندڙ کان دعا جي اميد ٿو رکان، ڇو ته مان هڪ گنهگار انسان آهيان). بيت نوشته بماند سيه بر سفيد، نويسنده را نيست فردا اميد. (هر تحرير جي مس ڪاغذ جي سفيديءَ جي مٿان قائم رهندي آهي، جڏهن ته لکڻ واري کي سڀاڻي تائين زنده رهڻ جي اميد به نه هوندي آهي). اي قادر مطلق خداداد خان جون خطائون معاف ڪر ڪتاب جو اختتام ربيع الاول 1318هه ستين تاريخ جمعي جي مبارڪ ڏينهن، مطابق جولاءِ 1900ع جي پنجين تاريخ ٿيو. ڪن دوستن وٽان ”لُبِ تاريخ سنڌ“ جي اختتام تي تاريخي قِڀعا پهتا آهن، جي سندن خواهش موجب درج ڪيا ٿا وڃن. ته دوستن جي يادگيريءَ جو باعث ٿين. جناب پير رفيع الدين صاحب ”رفيع“ سرهندي شڪارپوري از عنايات خدائ بحر و بر هم ز افضال رسول راهبر نسخهء تاريخ لُنب گشته تمام از توجه خان بهادر نامور گشت ظاهر يا هزاران رمزها هر طرف شد تهنيت از اين خبر کرد دريا رادرون کو زهء آفرين بر دانش والا گهر چون خداداد ست او رابخت و علم هر کجا اواز جاهش بيشتر ”کلک مرغوب“ آمده تاريخ لُب (1318) هم ”مخازن بخشش“ آمد در نظر (1900) ”ازغواني مئي“ بخوان تاريخ لُب (1318) اي رفيع الحق که آمد مفتخر. ترجمو: بحر ۽ بر جي مالڪ جي مهربانيءَ سان، پڻ رهبر رسول جي لطف ۽ ڪرم سان ڪتاب ”لُب تاريخ“ پورو ٿيو. معزز خان بهادر (خداداد خان) جي توجه سان. هزارن رمزن سان نڪري نروار ٿيو ۽ انهيءَ خبر جي ڪري چوڌاري مبارڪ مبارڪ ٿي وئي. درياء کي ڪُوزي ۾ بندڪيو اٿس. هن شريف ۽ نجيب انسان جي عقل تي آفرين هجي. جيئن ته هن کي بخت ۽ علم الله ڏنو آهي. (انهيءَ ڪري) هر هنڌ جي هن جي مرتبي جو چرچو آهي. ڪتاب ”لب تاريخ“ جي تاريخ آهي ”ڪلڪ مرغوب“ پڻ منهنجي نظر ۾ هن جي ٻي تاريخ آهي ”مخازن بخش“. ”لب تاريخ“ جي ٽئين تاريخ آهي ”ارغواني مئي“. ڇو ته اي رفيع! هيءُ ڪتاب فخر ڪرڻ جي لائق هي. ”ڪلڪ مرغوب“ (سهڻو قلم) 1318 عدد. ”مخازن بخشش“ (سخا جا خزانا) 1900 عدد. ”ازغواني مئي“ (ڳاڙهو شراب) 1318 عدد. از: جناب سيد غلام مرتضيٰ شاه صاحب مرتصائي رضوي ٺٽوي (1) خان زمان جناب خداداد نامدار آن شيردل، کريم و قوي پنجه، خوش بيان تاريخ سند کرد بنا،ني عجب که زو راحت رسد کثير بدلهائ قابلان سالش ز ختم جستم و خوش گفت هاتقم ”از بهر يادگار تماشائ سند“ خوان 1318 ما مرتضائي قطهء تاريخ گفته ايم اميد آنکه خوش بنمايد بدوستان. (2) بود خان خانان خداداد خان که مشهور قابل به اقليم سنڌ کتابي بتاريخ سندي نوشت که مطبوع عالم بهرجا پسند سنش جستم و از خرد يافتم بخوان ”بي سر رنگ تاريخ سند“ 1318 =7 - 1325 مبارک دهد مرتضائي به او خدايا بهرجا بود بهره مند (3) جناب خان بهادر که خود خداداد ست وجود او به همين وقت ابر گوهر بار زکلک گوهر ريزش عجيب شد تاريخ حيات داد دگر چون مسيح در امصار چو خود مسيح شد و قول او مسيحائي سروش گفت سنش بينظير رنگ بهار گل مضامين آورد خوش بگلشن سنڌ به مرتضائي مسرت نما بود اظهار ب م س ر ت ن ا ا ظ هه ا ر = 1900 (4) آن خداداد خان بهادر دهر لاَ تُعحَد ديده ايم توصيفش گفت تاريخ سند را زيبا که در و اندراج تحريرش آن مسيح زمانه ثاني شد زنده شد مرده دل ز تقريريش عيسوي سال دوش گفت خرد ”نوبت اختتام“ تاريخش 1900 مرتضائي مبارک است کتاب شد ملذذ بکام تسطيرش. (5) تاريخ سد کرد چو تصنيف خوش بيان خان زمان جناب خداداد در زمان جستم سحر زغيب ندا داد خوش بگفت تاريخ او سروش ”شجر خاص خاندان“ 1900 در باغ سند رونق ديگر بهار داد وه مرتضائي سند دگر يافت زيب زان ترجمو: زماني جو خان، جناب خداداد، نالي وارو، شير دل، سخي، بهادر، خوش گفتار. سنڌ جي تاريخ مرتب ڪئي اٿس، جيڪڏهن ان مان فاصل انسانن جي دلين کي خوشي حاصل ٿئي، ته اها عجب جهڙي ڳالهه نه آهي. ڪتاب جي خاتمي جي تاريخ ڳولڻ لڳس ته فرشتهء غيب ڏاڍي سهڻي ڳالهه ٻڌائي ته ”از بهر يادگار تماشائ سند“ جو فترو پڙهي ڏس. مرتضائي! مون قطعهء تاريخ چيو آهي. اميد آهي ته دوستن کي وڻندو. (”از بهر يادگار تماشائ سند“ (يادگار جي خاطر سنڌ جو نظار) انهيءَ فقري مان 1318 عدد ٿا نڪرن.) (2) خداداد خان، خانن جو خان آهي ۽ سنڌ جو هڪ مشهور فاصل. سنڌ جي تاريخ تي هڪ ڪتاب لکيو اٿس. جو دنيا ۾ مقبول آهي ۽ هر هنڌ پسنديده. سندس سال جي تلاش ڪيم ۽ عقل کان جواب حاصل ڪيم ته ”زنگ“ جي”ز“ جا عدد ڪڍي، ”تاريخ سند“ جا الفاظ پڙهيم. مرتضائي کيس مبارکباد ٿي چوي. مولا سائين! هُو جتي به هجي، اتي ڪامياب هجي. (تاريخ سند“ جي عددن (1325) مان ”ز“ جا عدد (7) ڪريا ته 1318 رهندا). (3) جناب خان بهادر، جو پاڻ خداداد (خدائي ڏات جو مالڪ) آهي. موجوده وقت ۾ هن جو وجود هڪ ڪَڪَر وانگر آهي، جنهن مان موتي وسندا آهن. هن جي گوهر بار قلم منا هڪ عجيب تاريخ نڪتي آهي. جنهن حضرت مسيح وانگر ڪيترن ئي شهرن کي ٻي حياتي بخشي آهي. جيئن ته هو پاڻ مسيح آهي، ان ڪري هن جو قول به مسيحائي آهي. غيب جي فرشتي هن جو سال ٻڌايو ”بهار جي بي مثال رنگ.“ سنڌ جي گلشن ۾ مضمونن جا سهڻا گل آندا اٿس. مرتصائي جي لاءِ انهيءَ حقيقت جو اظهار مسرت بخش آهي. ”ب م س ر ت ن م ا ا ظ هه ا ر = 1900“ (شاعر، آخري مصرعه جي مٿي ڄاڻايل مفرد حرفن مان عيسوي سنه (1900) ڪڍيو آهي). خداداد سڄي دنيا جو خان بهادر آهي. اسان هن جا بي حساب اوصاف ڏٺا آهن. سنڌ جي هڪ سهڻي تاريخ مرتب ڪئي اٿس، جنهن ۾ هن جون سهڻيون لِکتون آهن. هو دنيا جي لاءِ ٻيو مسيح آهي، جنهن جي تقريرن سان مرده دليون زنده ٿي پيون آهن. رات عقل (ڪتاب جو) عيسوي سال ٻڌايو ته هن جي تاريخ ”نوبت اختتا“ آهي. اي مرتضائي! هيءُ مبارڪ ڪتاب آهي. جنهن جون تحريرون زبان کي لذت ٿيون بخشين. (”نوبت اختتام“ تاريخ آهي، جنهن جا عدد 1900 آهن). جڏهن خوش گفتار، دنيا جي خان، جناب خداداد تازو سنڌ جي تاريخ تصنيف ڪئي. (تڏهن) هن جي تاريخ جي جستجو ڪيم ته غيبي فرشتي اسر جو سڏ ڪري ٻڌايو ته ”شجر خاص خاندان“. بهار، سنڌ جي باغ ۾ نئين رونق پيدا ڪئي آهي. اي مرتضائي! سنڌ دوباره انهيءَ بهار جي ڪري حسن و جمال حاصل ڪيو آهي. (”شجر خاص خاندان“ ماده تاريخ آهي، جنهن مان عيسوي سال 1900 ٿو نڪري)[1] از: جناب مولانا محمد عاقل صاحب ”عاقل“ ساڪن ڳوٺ عاقل تعلقو لاڙڪاڻو درين عهد منشي خداداد خان که مردي ست دانا و فرخند خو کتابي بتاريخ بنمود جمع، که مثلش نيابي بصد جستجو به ”لُب التورايخ“ موسوم کرد چه پاکيره اسمي ست و نامي نکو ز تصنيف اين نسخه صد منقش بر اهل جهان است بي گفتگو پئي سال تاريخ ”عاقل“ بگفت ”عجب لب تاريخ“ تاريخ او. 1318 ترجمو: منشي خداداد خان، جو هن دور ۾ هڪ سياڻو ۽ سهڻي اخلاق وارو انسان آهي. تاريخ جي فن ۾ هڪ ڪتاب مرتب ڪيو اٿس، جنهن جهڙو سؤ ڀيرا به به ڳوليندين ته به لهي نه سگهندين. اُن کي ”لب تاريخ“ جو نالو ڏنو اٿس، ڪهڙو نه سهڻو ۽ پاڪيزو نالو آهي. هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهيءَ ڪتاب تصيف ڪرڻ سبب سڄي دنيا تي احسان ڪيو اٿس. عاقل هن ڪتاب جي تاريخ لاءِ ”عجبلب تاريخ“ چيو آهي. (”عجب لب تاريخ“ جي فقري مان ڪتاب جي تاليف جو هجري سال 1318 نڪري ٿو). ڪتاب جي طرفان اختتامي نوٽ هن ڪتاب ”لُب تاريخ سنڌ“ جي قارئين ڪرام کي نيڪ روشن هجي ته هڪ ڏينهن هن فقير حقير پُر تقصير اَحقر العباد عبيدالله فقير ولد مرحوم حاجي محمود قوم گاد (الله بخشيس ساڪن ڳوٺ ڪيهر) (الله فتني کان محفوظ رکيس) تعلقو ۽ ضلعو لاڙڪاڻو، عالي شان بلند مڪان جناب اعليٰ خليفي صاحب خليفي ميان محمد احسان خان صاحب زميندار (الله تعاليٰ هن جو بخت بلند ڪري ۽ سندس سايو قائم رکي) جي حضور ۾ حاضريءَ جو شرف حاصل ڪيو. سندس مسرت بخس ۽ بلند مرتبت مجلس ۾ هر قسم جي علمي گفتگو ٿيڻ لڳي. صاحب موصوف کي هر قسم جي علم تي مشتمل ڪتابن مثلاً طب، تاريخ ۽ تصوف جي مطالعي جي بي حد اشتياق هوندو آهي. هن خاڪسار کي جو اصل کان وٺي سندس معزز خاندان جو پاليل آهي، فرمايائين ته ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“، جو جناب خان بهادر خداداد خان جاگيردار ولد رضا محمد خان افغان ترين ساڪن پراني سکر جو لکيل آهي ۽ صحيح، عمدي ۽ سليس فارسيءَ جي مختصر عبارت ۾ سنڌ جي حڪمرانن جي احوال ۾ آهي ۽ مرحوم مصنف اڪثر جاين ۽ عمارتن کي پنهنجين اکين سان ڏسي تصنيف ڪيو آهي، مون کي پسند آيو آهي. اها اوهان جي مهرباني ٿيندي، جو پنهنجي هٿ اکرين صاف ۽ واضح نموني سان لکي ڏيو. هيءُ حقير سندس حڪم مطابق الله تعاليٰ (سبحانه و جل شانه) جي لطف ۽ ڪرم ۾ اميد رکي، ڪتاب لکڻ ۾ مشغول ٿيو ۽ سندس مدد ۽ مهربانيءَ سان اڄ تاريخ ستين ربيع ال آخر 1323هه نبوي (عليه و عليٰ آله الصلواة و السلام) مطابق يارهين تاريخ جون 1905ع آچر ڏينهن خير خوبيءَ سان لکي پورو ڪيم ۽ خليفي ميان محمد احسان خان صاحب ولد مرحوم و مغفور ميان محمد پناه صاحب، ولد رئيس محمد احسان، ولد گل محمد، ولد شير، ولد شهه بيگ (الله تعاليٰ جي مغفرت هجين) کي هٿو هٿ وڃي ڏنم. صاحب موصوف ”لب تاريخ سنڌ“ جو هٿ اکرين لکيل نقل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ راقم الحروف کي پنهنجي انتها درجي جي نوازشن سان خوب نوازيائين. الله تبارڪ و تعاليٰ جل شانه ڪتاب جي مالڪ کي ۽ سندس اولاد کي هميشه هميشه جي لاءِ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان سلامت رکي. آمين ثم آمين. لا الٰه الا الله محمد رسول الله صلي الله تعاليٰ عليه و آله اجمعين. ڪتاب جي تصحيح الحمد لله. اڄ تاريخ 27 رجب المرجب 1324هه نبوي عليه الصلواة، مطابق تاريخ 17 سيپٽمبر 1906عيسوي عليه السلام، سومر ڏينهن، مبارڪ ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“ جي تصحيح جو ڪم، هن ڪتاب جي مالڪ جناب فيض ماَب عالي همت والا مرتبت ذي شان رفيع مڪان خليفه صاحب خليفه ميان محمد احسان خان ڪيهر زميندار تعلقو لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو (الله تعاليٰ کيس وڏي حياتي ۽ وڏو بخت عطا ڪري) ڪتاب جي نقل ڪندڙ عبيدالله فقير گاد ۽ آخوند ميان علام نبي ڪلهوڙو جي طرفان چڱي طرح سان نظرثاني ڪرڻ بعد پورو ٿيو. جيڪي لفظ يا جملا پهرين لکڻيءَ وقت ڀُل کان غلط لکجي ويا هئا، اُهي هاڻي ڪتاب جي اصلي نسخي مطابق درست ڪري لکيا ويا آهن. نياز الوجود غلام النبي قوم ڪلهوڙو 27 رجب المرجب 1324هه حمد خداي پاک که همت ازو رسيد تصحيح اين کتاب بدرجه اتم رسيد بي عيب آمد است خداوند ذوالجلال مان آن نوشته ايم که اندر نظر رسيد. ترجمو: الله تعاليٰ جو شڪرانو، جنهن همت ڏني ۽ هن ڪتاب جي چڱي طرح تصحيح ٿي وئي. بي عيب الله تعاليٰ جي ذات پاڪ آهي. اسان اهو لکيو آهي، جو اسان کي نظر آيو آهي. عبده عبيدالله فقير قوم گاد ضميمو سال 650 هجريءَ جي شعبان المعظم جي 21 تاريخ حضرت مخدوم لعل شهباز (الله تعاليٰ سندس تربت کي روشن رکي) وفات ڪئي. حضرت مخدوم لعل شهباز جو روضو پاڪ پهريائين ملڪ اختيار الدين، جو سلطان فيروز شاه کان اڳ ۾ سيوستان (سيوهڻ) جو حاڪم هو، 757هجريءَ ۾ تعمير ڪرايو ۽ روضي جي تعمير جي تاريخ بابت جيڪو قطعو قبي جي پٿر (مُنهاڙيءَ) تي اُڪيرايو هئائين، سو هيءُ آهي: بعهد دولت فيروز شهه سلطان دين پرور که خاکه در گهش سازند شاهان جهان افسر از آن گاهي که بر تخت شهنشاهي نشست آن شهه سراسر گشت گيتي از شعاع دولتش انور عمارت شد مقام شيخ عثمان پير مروندي ولي الله که او بازسفيد بحر بود و بر چه زيبا بارگاهي شد بهشتي طاق بر گنبذ که رنگُ نُه فلک گشته ز رنگ بام او اخضر اگرچه اوليا اندر زمان شيخ بس بود ند و ليکڪن در کرامت بود او از همگان برتر بروز هفتم از ماه رجب مبني شد اين روضه بسال هفتصد پنجاه و هفت از هجرت مهتر بنايش کرد والي اختيار الدين ملڪ ارشد امير عادل و باذل، تهمتن، ثاني اسڪندر ڪه تابود است سيوستان نمود. اينچنين والي سخي و مشق و مکرم، تقي پاڪ و دين پرور اميد آنست مي يابد جزايء اينچنين خيري هزاران فيض در جنت ز فضل ايزد اکبر ترجمو: سلطان فيروز شاه دين پرور بادشاه جي حڪومت ۾، جنهن جي بارگاه جي مٽيءَ کي، دنيا جا بادشاه پنهنجو تاج ٿا بڻائين. جڏهن کان وٺي اهو بادشاه شهنشاهيءَ جي تخت جلوه افروز ٿيو آهي، سڄي دنيا سندس بادشاهيءَ جي نور سان منور ٿي وئي آهي. حضرت عثمان مرونديءَ جو روضو تعمير ٿي ويو آهي، جو ولي الله هو ۽ بحر ۽ بر جو باز سفيد. ڪهڙي نه سهڻي درگاه تعمير ٿي آهي، جنهن جو گنبد بهشت جهڙن محرابن سان سينگاريل آهي ۽ نون ئي آسمانن جو رنگ، سندس بالا خانه جي رنگ اڳيان ڦِڪو آهي (يا بالاخانه جي رنگ جي ڪري سائو نظر اچي رهيو آهي). جيتوڻيڪ حضرت قلندر جي زماني ۾ ٻيا اوليا به گهڻائي هئا، پر قلندر سڀني کان وڏي درجي وارو هو. هيءُ روضو مبارڪ رجب مهيني جي ستين تاريخ تعمير ٿيو ۽ اهو سال 757هه هو. هيءُ روضو حاڪم ملڪ اختيار الدين تعمير ڪرايو، جو منصف مزاج حاڪم، سخي، بهادر ۽ رُتبي ۾ سڪندر جهڙو آهي. جڏهن کان سيوهڻ شهر آباد ٿيو آهي، اهڙو حاڪم ڪو نه ٿيو آهي، جو سخي، مهربان، بخششون ڏيڻ وارو، پرهيزگار ۽ خوش اعتقاد ديندار آهي. اميد آهي ته کيس اهڙي خير جي ڪم جي عيوض، الله تعاليٰ جي فضل سان بهشت ۾ هزارين محلات ملندا. حضرت مخدوم لعل شهباز عليه الرحمة جي روضيجي تڪميل کانپوءِ، سيد عليءَ جو مقبرو تعمير ڪرايائين، جو حضرت لعل شهباز جو خادم ۽ وزير هو ۽ ولايت ۽ هدايت جي درجي تي پهتل هو. انهيءَ مقبري جي تعمير جي تاريخ بابت هيءُ قطعو چيو ويو آهي: شد بناي مرقد عالي بعهد شر يا ساه فيروز آنکه بگر فته است زو گيتي قرار مي سزد گر بنده درگاه آن گيتي پناه تا کند در سرفرازي بر سلاطين افتخار بر سر قبر ولي الله علي الحق علي بود از بغداد اندر صف پاکان شهسوار هفتم ماه صفر مبني شد اين مرقد بسال هفتصد پنجاه و هفت از هجرت احمد شمار کرد بنيادش ملکڪ ارشد که او در عهدما هست اندر عدل و بزل و خُلق و احسان نامدار چونکه ذات او درين شهر سوستان آمد. تازه از سر گشت آن بقعه بسان نو بهار ترجمو: هيءُ عاليشان مقبرو فيروز شاه جي زماني ۾ تعمير ٿيو آهي. جنهن جي طفيل دنيا امن ۽ سڪون حاصل ڪيو آهي. جيڪڏهن هن بادشاه جهان پناه جي دربار جو ڪو غلام پاڻ کي ٻين بادشاهن کان برتر سمجهي ته ٺهي ٿو. هڪ ولي الله جي تربت تي جنهن جو نالو علي آهي، جو اصل ۾ بغداد جو آهي ۽ اوليائن جي گروه جو شهسوار. هيءُ مقبرو 7 صفر 757 هجريءَ ۾ تعمير ٿيو آهي. هيءُ مقبرو ملڪ ارشد تعمير ڪرايو آهي، جو اسان جي زماني ۾ عدل، سخا، اخلاق ۽ احسان ۾ مشهور آهي. هو جڏهن کان سيوهڻ ۾ آيو آهي، هيءُ علائقو نئين سر باغ و بهار بڻجي پيو آهي. ان کانپوءِ مرزا جاني بيگ ترخانيءَ کي پنهنجي سلطنت جي زماني ۾ انتها درجي جي عقيدتمنديءَ جي ڪري اها توفيق نصيب ٿي، جو حضرت مخدوم لعل شهباز جي روضي کي نئين سر تمام مٿانهون ڪري تعمير ڪرايائين ۽ حقيقت هيءَ آهي ته سڄي سنڌ ۾ اهڙو موزون ۽ خوبصورت روضو ٻيو ڪو نه آهي. مرزا جاني بيگ جي وفات کانپوءِ سندس فرزند مرزا غازي بيگ جو دنيا ۾ سخا ۽ جوان مرديءَ جي ڪري پنهنجو مت پاڻ هو، بادشاه نور الدين محمد جهانگير (الله تعاليٰ سندس قبر کي سُرهو ڪري ۽ سندس جاءِ جنت ۾ هجي) جي حڪومت جي زماني ۾ روضي پاڪ جي اڳيان خانقاه تعمير ڪرائي، مگر سندس عمر وفا نه ڪئي ۽ تعمير جو ڪم مڪمل ڪرائي نه سگهيو. پوءِ 1039 هجريءَ ۾ جڏهن نواب والا جناب معلي القاب امير السادات سيد بهره عرف نواب ديندار خان بخاري سيوهڻ کي پنهنجي تشريف آوريءَ جو شرف بخشيو ته خانقاه جي تعمير به مڪمل ڪرايائين ۽ خانقاه جي صحن کي، جو اٽڪل جريب کن ٿيندو ڪاشيءَ جي رنگين سِرن سان مُزينُ ڪرايائين ۽ آرائش ۽ زيبائش لاءِ جيڪي به ضروري هو سو سڀ پورو ڪرائي، صحن ۾ هڪ ننڍڙي مسجد به ٺهرايائين. صحن ۾ فرش جي تعمير جي تاريخ ڪنهن شاعر ريت چئي آهي: بدوران شهاب الدين جهان شاه جهان از عدل او خُرَ سند و آباد شده تعمير فرش عرش مسند حسيني سيد شهباز را ياد قبول آمد بنائ خان يندار در آن حضرت بعون طالم شاد چه گويم و صف آن صحن مقدس بجائ خشت، انجم چيده استاد چو خواهي سال آن با چشم دانش بمقطع بين که آمد سال بنياد يکي باشد ز ”فرش مسند شاه“ 1040 دگر باشد ز ”فرش جنت آباد“ 1041 ترجمو: بادشاه شهاب الدين شاهجهان جي دور حڪومت ۾ جنهن جي عدل جي ڪري دنيا خوش ۽ آباد آهي. فرس، جيڪو رتبي ۾ عرش جي برابر آهي، ان جي تعمير جي يادگيري حسيني سيد شهباز کي آئي. ديندار خان جي ڪرايل تعمير، سندس بخت جي يا وريء سان قلندر جي حضور ۾ قبول پئي مان انهيءَ مقدس صحن جي ڪهڙي تعريف ڪريان، ڪاريگر سِرن جي بجاءِ ستارا سجايا آهن. جيڪڏهن تون ان جو سال معلوم ڪرڻ ٿو گهرين، ته مقطع تي نظر ڪر، جنهن مان سندس تعمير جو سال نڪري ٿو هڪڙو سال آهي ”فرش مسند شاه“ ٻيو آهي ”فرش جنت آباد.“ (خانقاه جي) دروازي جي ٻاهران هڪ شاندار مسجد تعمير ڪرايائين، جنهن جي اڳيان هڪ وڏو چبوتڙو ۽ ان جي هيٺان فقيرن جي لاءِ حجرو ٺاهيو اٿن. حقيقت هيءَ آهي ته اهڙي هوادار، فرحت بخش ۽ دلڪشا جاءِ هن ملڪ ۾ ٻي ڪا نه هوندي. هن دارالامان ۾ زماني کي فيض، وڏي ڪاميابي ۽ بي حساب روحاني راحت حاصل ٿي ٿئي. سندس تعمير جي تاريخ لاءِهيءُ قطعو چيو ويو آهي: بدور شهنشاه شاهجهان جهان از نوالش چو باغ بهشت چو مسجد بنا کرد ديندار خان بدرگاه شهباز عالي سرشف خرد گفت سالش ”چو بيت العتيق“ 1042 دگر ”مسجد از شيخ بهوه“ نوشت [2] 1043 ترجمو: شهنشاه شاهجهان جي دور حڪومت ۾، جنهن جي سخا جي ڪري دنيا بهشت جو باغ بڻجي پئي آهي. جڏهن ديندار خان قلندر شهباز جي درگاه ۾ مسجد تعمير ڪرائي. ته عقل سندس تعمير جو سال ”چو بيت العتيق“ ٻڌايو ۽ ٻيو ”مسجد از شيخ بهوه“ لکيائين. اهو احوال هڪ ننڍري ڪتاب ”تذڪرهء مشائخ سيوستان ۾ لکيل آهي، جو سيد حاجي حسين علي شاه سيوهاڻيءَ جو تصنيف ڪيل آهي ۽ هت وڏي بنگلي ۾ ويهي 7 مئي 1905ع تي ان مان نقل ڪري، اڄ 14 جون 1905ع تي هن ڪتاب ۾ درج ڪيو ويو. هر که خواند يا به بيند اِبن کتاب ياد دارد با دعائي مستجاب قار يا برمن مکن چندين کتاب گر خطائي رفته باشد در کتاب آن خطائي رفته را تصحيح کن از کرم و الله اعلم بالصواب. ترجمو: هيءُ ڪتاب جيڪو شخص پڙهي، اهو دعا ڪري. اي پڙهندڙ! جيڪڏهن ڪتاب ۾ ڪا غلطي رهجي وئي هجي، ته مون کي ميار نه ڏي. مهرباني ڪري انهيءَ غلطيءَ کي درست ڪر. و الله اعلم بالصواب. مخدوم شيخ ڇُٽي عمراڻي (رحمت الله عليه) جي والد جو نالو عمران هو، جنهنڪري عمران مشهور ٿيو. عمران تعيم قوم جي حاڪمن مان برهمڻ آباد جو هڪ حاڪم هو، جو سنڌ ۾ ”با ڀرواه“ جي نالي سان مشهور آهي. چيو وڃي ٿو ته عمران کي ٻه پٽ هئا هڪ دلو راءِ، جو بدڪار ماڻهو هو ۽ ٻيو ڇُٽو، جنهن جي پيشانيءَ ۾ ننڍپڻ کان وٺي سعادت ۽ هدايت جو نور چمڪندو هو ۽ پنهنجي حياتي درويشن جي صحبت ۽ خدمت ۾ گذاريندو هو. جڏهن عمران فوت ٿيو، ته سندس جانشين دلو راءِ ٿيو ۽ مخدوم ڇٽو حرمين شريفين (زادها الله) شرفر و تعظيما) ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ اتي پهچي بيت الله جي طواف ۽ روضئه اقدس جي زيارت کان مشرف ٿيو. انهيءَ مقدس ملڪ ۾ هڪ مرشد ڪامل جي صحبت ۾ رهي، گهڻو وقت سندس خدمت ۾ گذاريائين، تان جو ڪماليت کي وڃي رسيو ۽ خلافت جو خرقو ۽ هدايت جي اجازت حاصل ڪري، مرشد جي حڪم سان روم ڏانهن ويو، جتي درياء جي ڪناري تي ويهي قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو هو. هڪ دفعي هڪ ٻانهي اتان پاڻي ڀرڻ آئي ۽ ڏٺائين ته درويس (مخدوم ڇٽو) قرآن مجيد جي تلاوت اهڙيءَ ريت ڪري رهيو آهي، جو پاڻيءَ جو وهڻ به بند ٿي ويو آهي ۽ پکين جي اُڏامڻ به روڪجي پيو آهي، ٻانهي حيران ٿي وئي ۽ وڃي پنهنجي مالڪياڻيءَ کي ٻڌايائين جنهن جو نالو فاطمه هو ۽ پنهنجي وقت جي پرهيزگار بي بي هئي. بي بي صاحبه کي مخدوم جي زيارت جو شوق ٿيو ۽ وڏي عزت ۽ تعظيم سان کيس گهرائي، پنهنجي گهر جي ڀرسان هڪ جاءِ ۾ رهايائين ۽ ڳچ عرصي کانپوءِ غيبي اشاري جي مطابق مخدوم سان نڪاح ڪيائين. چڱي عرصي گذرڻ بعد مخدوم پنهنجي پاڪدامن بي بي سان گڏجي برهمڻ آباد ۾ موٽي اچي رهڻ لڳو. دلوراءِ کي، جو بُرن ڪمن ۾ مبتلا هو، گهڻيون ئي نصيحتون ڪيائين، پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. تان جو هڪ دفعي مخدوم کي اِلقاءُ (غيبي اشارو) ٿيو ته ”هن شهر جي مٿان دلوراءِ جي برين حرڪتن جي ڪري مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي“. جنهنڪري مخدوم پنهنجي اهل عيال ۽ ڪن معتقدن سميت برهمڻ آباد کان لڏي، سيوستان (سيوهڻ) ۾ اچي رهيو ۽ مخلوق جي هدايت ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ڪن سالن کانپوءِ وفات ڪيائين. چيو وڃي ٿو ته مخدوم ڇٽي جو دور، مخدوم لعل شهباز جي دور کان آڳاٽو هو. وڌيڪ خدا کي خبر. شروع ۾ مخدوم ڇٽي جي تربت تي هڪ ننڍو قبو هو. پوءِ ڪنهن شخص کي توفيق نصيب ٿي، جنهن مٿس وڏو قبو ٺهرايو. ان کانپوءِ نواب ديندار خان [3] اوٻاورين پاسي کان قبي جي ڀرسان وڏي مُهاڙي ۽ وڏي عمارت ٺهرائي ۽ مسجد، خانقاه، خاطر ۽ دروازو به مختصر، مگر سهڻو ٺهرايائين. دروازن، ديوارن، مهاڙي، مسجد ۽ خانقاه کي ڪاشيءَ جي رنگا رنگ سرن سان سجايائين ۽ مسجد ۽ خانقاه جي وچ واري صحن کي فرش لڳارايائين. تعمير جي تاريخ هيٺين قطعه مان نڪري ٿي: بدور شهنشاه شاهجهان خديو خرد مند صاحبِ قران چو خلد برين روضه شاه ڇهته بنا کرد نواب ديندار خان ز سال بنايش طلب داشند ”بهشتي برويء زمين“ گفت آن 1043 ترجمو: سهنشاه شاهجهان صاحب قرآن جي عهد حڪومت ۾، جو هڪ داناء بادشاه آهي. نواب ديندار خان، شاه ڇٽي جو روضو بهشت وانگر ٺهرايو. جڏهن سندس تعمير جي سال جي پڇا ڪئي وئي، ته چيو ويو ته ”بهشتي برويء زمين (دنيا ۾ بهشت آهي). سيوهڻ شهر جي باشندن جو خيال آهي ته جنهن ماڻهوءَ جي مٿان ڪو الزام اچي ۽ کيس قسم ڏيڻو هجي، ته مخدوم ڇٽي جي روضي تي وٺي وڃجيس ۽ سندس تربت جي مٽيءَ جو ذرو پاڻيءَ ۾ وجهي پيارجيس. جيڪڏهن الزام ڪوڙو هوندو ته خير، نه ته اهو ماڻهو ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿي پوندو. مخدوم ڇٽي جي روضي جي اڳيان بي بي فاطمه جي تربت هڪڙي ننڍڙي قبي جي اندر آهي، جو هڪ ديوار ۽ محراب جي پٺيان آهي. مردن کي ۽ بي پرده عورتن کي انهيءَ حجري ۾ وڃڻ جي اجازت نه آهي. احقر العباد عاصي عبيدالله فقير گاد تاريخ 20- ذوالقعد 1323هه. rule in Sindh (2); as such, he has devoted nearly half of the book (159-303) to the British Period. The author has mentioned chronologically the important events from the British consequent of Sind in 1843 A.D. to 1900 A.D. He was himself a witness to most of the events from 1853 A.D., when he first entered the Government service, to 1899 when he finally retired. Thus, Lubb-e-Tarikh becomes a contemporary source of information for nearly 50 years of British rule in Sind. Being one of the key persons employed in the Political Department of the Commissioner’s Office which was the nerve ce4ntre of the British rule in Sind, he has recorded an eye witness account of many events of political importance. References to the secret missions led by the British Officers from Sind to the neighboring countries (e.g. Jesalmer & Marwar, Las Bela & Kalat, and Persian Gulf & Iraq), in which the author himself had also participated, should be useful for the study of the expansion of British political power in those times further north-west in the sub-continent. Besides, many other important events have been mentioned by the author, which indicate the development of the revenue and administrative policies as well as the system of irrigation and communication in the Province. So far as the history of Sind prior to the British conquest is concerned, the author has used, though often indifferently, the well-known Provincial histories, such as Chach-Nameah, Tarikh-e-Sind by Mir Masum, Tarikh-e-Tahiri by Mir Tahir Muhammad Nisyani, Arghun-Namah (or Turkhan-Namah), Beglar-Namah and Tuhfat-al-Kiram. The author’s owns contribution consists in his use of the inscriptions on (i) the mausoleum of Qalandar Shahbaz and the Shah Jehan’s mosque at Sehwan (9-11), (ii) Miraza Isa, Mirza Baqi and Mirza Jani Beg’s tombs at Makli (82-86, 89), (iii) Shah Jehan’s mosque at thatta (99-100), (iv) the Bakhar Fort (125), and mausoleum of Shah Muhammad Makki at Hyderabad (133). On the basis of the inscription on Mirsza Jani Beg’s bomb, he suggests a correction in the year of his death erroneously recorded in Tuhfat-al-Kiram (89). His mention of the inscription is in all probability lost to us. The information recorded by the author about the persons known to him and the places visited by him is original and, therefore, valuable one. He had seen the descendants of the last Mughal Governor of Bakhar (126), and also mentions the names of the Sardar (chief) of the Channas (22), the Sardar of the Likhis (120), and the Sardars of other important communities who once wielded power in the northern Sind (110-116). In his official capacity, he met many important personages, such as Amir Sher Ali Khan ruler of Af;ghanistan (184), his son Sardar Muhammad Ayyub Khan (217), Sayyid Shah Mardan Shah ‘Pir Pagaro’, the Talpur nobles and other dignitaries of Sind. He was in direct contact with the Commissioners in Sind and even some of the Gov ernors of Bombay knew him personally. His personal remarks about these contemporary figures are original and interesting once. But for the information about the contemporary persons and events, the present work should merit little attention by any serious student of sind history. Being a loyal servant, the author’s presentation of the contemporary events is almost that of an official historian of the British Government in Sind. As such, the author’s viewpoints are identical with official viewpoints, and hence, lack objectivity. The chronology of th events given by the author is often confused due to his attempt at giving both the Hijra and the Christian years for each item and event. It is perhaps safer to rely on the years of the Christian era which was being officially used in those times. His expression and style are also very defective. Having been schooled after the British occupation of Sind when the quality of Persian instruction in the indigenous schools had deteriorated, his knowledge and use of Persian idiom remained weak and defective. Lubb-e-Tarikh was completed by the author on Friday 7, Rabni I, 1318/July 5, 1900 (305). The news items dated Safar 25, 1318 A.H. June 24, 1900 A.D. are the last events mentioned in it (302). The book was printed in litho at the Riyaz-e-Hind Press, Amratsar in 1318 A.H./1900 A.D. The Present Edition. For preparing the present edition, the lithographed copy of the work was the only available source which was used till nearly two thirds of the book were printed. At that stage, a manuscript copy of the book, transcribed on June 11, 1905 A.D. was received from the Secretary, Sindhi adabi Board. This copy was identical with the lithographed copy except that it was helpful in correcting the printing mistakes of the litho edition. The scribe’s completion note (309-311) and the appendix (312-317) in the present edition are taken from the manuscript copy, and are not to be found in the lithographed copy. So far as the first part of the book dealing with the Pre-British period of Sind history is concerned, the reader will be well advised to consult the original sources which have been used by the author rather indifferently. A few important corrections have been provided in inaccuracies, that a correction note at each point would have swelled the bulk of this volumel. The author has used the Persian language so indifferently that his expressions are not only confusing but frequent annoying. Without detracting from the author’s ideas or style, the sentence structure has been modified to make the present edition readable as far as possible. The summary that follows this introduction is taken from the lithographed edition to which it is appended. It has been corrected as far as possible, and to facilitate reference to the original text the pages of the present edition have been indicated against each chapter. University of Sind, N. A. BALOCH. Hyderabad Sindh, 8th June 1959. AN EDITED SUMMARY OF THE CONTENTS IN ENGLISH APPENDED AT THE END OF THE ORIGINAL (PRINTED) COPY [CHAPTER-I: INTRODUCTORY, (pp. p-22)] 1. Praise of the almighty God and the changes in the administration &c. of the Province by His decree &c. &c. 2. Praise of the Prophet Muhammad and his four friends, who with his advice and by order of the All-powerful Providence preached religious doctrine and laid down rules &c. for the conduct of wordly affairs &c. 3. Praise of the British government, their equity and justice, the security of person and property and liberty enjoyed by the subjects &c. &c. 4. Brief account of the Author regarding his acquaintance with the general-history of each town of Sind &c. 5. The book is entitled “Lubb-e-Tarikh-e-Sind”. It comprises the pieces selected from the following histories of Sind: Chach Nama, Masumi, Tahiri, Beglar Nama, Tuhfatul Kiram &c., including some general notes kept by author from time to time since 50 years &c. 6. The ancient and modern boundaries of Sind, its administration by the rulers, with their names and castes and the places from which they came &c. their capitals inSind and the character of each ruler. The present condition of their descendants, the tribes they are now mixed with and how far they are in existence any longer &c. The state of their capitals (whether ruined or flourishing) &c. 7. Compilation of the book at the desire of the Honourable Mr. H.E.M. James, C.S.I., I.C.S., Commissioner-in-Sind, who himself knowing much of histories, takes the greatest interest in historic facts &c. 8. Historic events commence from Hijri year 92=711 A.D. up to H. 1318=1900 A.D. (i.e. up to the administration of the present Commissioner-in-Sind, the Honourable Mr. H.E.M. James, C.S.I., I.C.S. &c.). 9. a) How the Sind Province was denominated &c. b) Boundaries &c. of Sind in ancient times. c) A brief account of Alexander the Great, 3218 B.C. &c. d) Old capitals and divisions, chief seats of Governors. e) Brief account &c. &c. of the Arabs and their attacks over some portions of Sind before 92 H. year==711 A.D. [CHAPTER—II: PRE-BRITISH PERIOD (pp.13-158)] I. The Brahman Dynasty after the reign of the Rai Dynasty in H. year 7==628 A.D. &c. (pp. 13-16). II. Conquest of Sind by Arabs of the Bani Umayyid family H. 92==711 A.D. 93==712 A.D. &c. (pp. 16-30). The advent of the Bani Abbas family rulers H. 132=750 A.D. (pp. 31-33). The conquest of Sind by Mahmud of Ghazna H. 416=1025 A.D. &c. (pp. 33-35). V. (a) The Ghur Dynasty rule H. 591=1194 A.D. &c. (b) Account of the seven Ranas, the rulers of Sindh, who paid tribute to Nasiruddin Kubacha. 610 H. == 1213 A.D. &c. (pp. 35-45). VI. The Soomra Dynasty H. 801-1398 (pp.45-50). VII. The Jams of Sammas H. 875-1470 A.D. (pp. 50-62) VIII. The Arghun Dynasty H. 927-1521 A.D. &c. (pp. 62-72) IX. The Mughul Tarkhan dynasty. (pp. 72-110). (a) Account of Kokal Tash Dynasty H. 962-1554 A.D. (b) The Nawabs of akbar the Great, who came after Kokal Tash to Bakhar with their names and periods of their rule. (c) The Mughul Tarkhanis who reigned from Laki (i.e. close to Sehwan) downwards in lower Sind up to the sea shore, with capital at Thatta. (d) The Nawabs, rulers &c. who ruled over Thatta under the sovereignty of akbar, the Great (H. 1090=1679 A.D.) with their periods &c. X. The Rulers in Sindh, Jagirdars, Pirs, Chiefs and their tribes, ruling over different parts for about a century &c. &c. (pp. 110-116). XI. The Abbasi or Kalhoro Dynasty, H. 1131==1718 A.D., (pp. 116-140). XII. The Talpur Dynasty, H. 1199-1784 A.D., (pp. 140-158). [CHAPTER—III: SIND UNDER BRITISH RULE, (pp. 159—303] Names of Governors and Commissioners and their time of governing. Chief events and reforms or any other occurrences during their administration. H. 1259 or 1260==1843 A.D. up to the present times H. 1318=1900 A.D. (the date of the Honourable Mr. H.E.M. James, C.S.I., I.C.S., Commissioner-in-Sind). Sir Charles Napier (pp. 159-161) 1843—1847 A.D. Conquest of Sind by Sir Charles Napier and his appointment Governor of the province by Lord Ellenborough, the then Viceroy of India. Karachi made the capital of Sind. All the Talpur ruling Mirs of Sind except the late Sir Mir Ali Murad Khan Talpur deprived of their territories and sent to Bombay as State prisoners &c. Mir Ali Murad Khan left in undisturbed enjoyment of his dominions in consideration of the help he had rendered to Sir Charles Napier in the war &c. &c. 1. Land assessment ordered to be paid to the British Officers instead of to the Talpur Officers &c. &c. 2. Enforcement of law to punish the offenders against Government with execution and confiscation of property &c. &c. 3. Presentation of Salami Parwanas to Jagirdars, grantees &c. on the Queen’s Birthday &c. &c. 4. Capture of the Late Mir Muhammad Khan Talpur &c. &c. 5. Appointment of Major Henry Preedy as Collector and Magistrate of Karachi, Captain rothburn of Hyderabad and Major Galdeni of Upper Sind (Shikarpur) &c. &c. 6. Appointment of European Deputy Collectors, and Native Sazawalkars and Kardars under the three District Officersw &c. &c. 7. Organization of the Police, Capitain now General Marston appointed Commanding Officer of the whole province over three Captain &c. &c. 8. Death of Sardar Muhammad Akbar Khan, the eldest son and Prime Minister of Late H.H. Amir Dost Muhammad Khan of Afghanistan (H. 1233 == 1847 A.D. &c.). 9. Retirement of Sir Charles Napier in the same year when there was peace all over the Province &c. IST COMMISSIONER Mr. Pringle (pp. 161—162) H. 1263==1847 A.D. Sind reduced to Commissionership, was joined with the Bombay Presidency under Sir George Clarke, Governor of Bombay. Many were the ordinary works done in his days, but some of the chief of the them were as under: (1) Enquiry was instituted and Accessory possessions of late Mir Sir Ali Murad Khan reported to Government. (2) Lord Dalhousic passed through Sind by the Indus in Hijri 1266==1849 A.D. (3) Organization of 1st and 2nd Sind Baloch Regiments in the aforementioned year. (4) Annexation of the fortress of Multan and the Punjab to the English dominions (same year). In 1267==1850 A.D. Mr. Pringle retired. 2ND COMMISSIONER Mr (afterwards Sir) Bartle Frere (pp. 162-165) Arrived from Bombay and took charge of Commissionership in H. 1268==1851 A.D. His Assistants were Messers Ellis and Bellasis. H. 1269==1852 A.D. (1) Certain accessory possessions of Mir Sir Ali Murad Khan of Khairpur about which report was made by Mr. Pringle, were decided upon to be restored to the English. A proclamation was received to the effect from Lord Dalhousic and the possessions restored to the English and Mir Sir Ali Murad Khan was reduced from Rais-ship &c. (2) By the exertions of Mr. Ellis under orders from the Commissioner, the system of Persian character and language was replaced by Arabic Sindhi in Government offices and Sindhi Schools were started &c. (3) Appointments of Tapadars, Kardars, Mukhtyarkars and Daftardars for the convenience of ryats &c. (4) Death of Nawab Bahawal Khan of Bahawalpur. (5) Establishment of civil courts &c. (6) Establishment of municipalities in accordance with Act 26 of 1852 &c. Excavation of the Eastern Nara &c. H, 1270==1853 A.D. Certain Mirs of Hyderabad and Mirpur Khas who were political prisioners at Calcutta, Hazaribagh, Poona, Lahore &c. were allowed to return to Sind and granted pensions &c. H. 1271==1854 A.D. (8) Institution of inquiry into the Jagir system &c. H. 1273==1856 A.D. (9) Departure of Sir Bartle Frere to England on leave for eighteen months for change. 3RD COMMISSIONER Colonel (afterwards General) Jacob (pp. 166—171) H. 1273 == 1856 A.D. His assistants were Mr. (afterwards Honourable) Gibbs and Mr. Shaw Stuart. Some of the chief events: H. 1273 == 1856 (1) Abolition of forced labour and arbitrarily fixing of Bazar rates &c. (2) Late Mir Sir Ali Murad Khan left for England to obtain redress of grievances, but was not successful &c. (3) Captain Mac Donald came from the Punjab with establishment to Sind to carry on survey work in Sind &c. In the beginning of 1274 H. == 1857 A.D. (4) Colonel Jacob with Sir Lews Palley started for the Persian Gulf to suppress insurrection near Bushire and left Mr. Ellis who arrived from Deccan in charge of the province &c. Return of Sir Bartle Frere from leave H. 1274 == 1857 A.D. (10) Indian Multiny 1274 H. == 1857 A.D. &c. It took place also at Karachi, Hyderabad, Shikarpur and Jacobabad, but it was soon put down and those who helped in putting it down were rewarded, &c. Mr. Bartle Frere was honoured with the title of “Sir” &c. (11) Sir Bartle Frere laid the foundation stone of Sind Railway. The construction of First Railway in Sind started between Karachi and Kotri &c. H. 1274 == 1857 A.D. Death of Sayed Sweni, Imam of Muscat &c. (13) 1276 H. == 1858 A.D. Major (Now Sir) Frederic Goldsmid left with the author on a secret mission, for Jessalmir and Pokran via Umerkot &c. (14) End of year 1276 H. == 1859 A.D. Sir Bartle Frere appointed member of the Supreme Council. He wrote 150 letters to Chiefs in Sind, copies of the said letters are incorporated in the book as is also an account of examples of his popularity i.e. his visit to a Brahman, a fisherman and a tailor &c. Address gien to Sir Bartle Frere and a grant Hall named after him, built by the people of Sind &c. (15) 1276 H. == 1859 A.D. Death of General Jacob &c. 4TH COMMISIONER Mr. Inverarity (pp. 171—178) His Assistant were Messers Shaw Stuart and Honourable Mr. Gibbs, Some of the chief events of his times. (1) 1277 H. == 1860 A.D. Railway communication between Karachi and Dabheji started by Sir George Clarke, governor of Bombay. Some account of the latter’s knowledge of Persian &c. (2) 1278 H. == 1861 A.D. Starting of Sir Hernry Green and Colonel William Green with the author on a special mission, for Gwadur and Ormara &c. (3) 1279 H. == 1862 A.D. Establishment of telegraph line through the territory of the Jam of Las Bela and the Khan of Kalat &c. &c. (4) Beginning of 1279 H. == 1862 A.D. Insurrection by Ranas and Sodas of Nagarparkar and its suburbs &c. (5) 1279 H. == 1862 A.D. Begari Canal widened and extended and Mithrao Canal excavated and breakwater onstructed at Manora (Karachi) &c. &c. 1279 H. == 1862 A.D. Arrival of 3 European Photographers in Sind and their photographs of various Sindhis &c. &c. Appointment of Mr. Inverarity as a member of the Governor’s Council. (7) 1279 H. == 1862 A.D. Compilation and publication of Makran-namah by the author &c. &c. 5TH COMMISSIONER Mr. Mansfield (pp. 178—1840 He arrived in the end of the year 1279 H. == 1862 .A.D from Bombay. His assistants were Max Melvile and Mr. Erskine and after the departure of the latter Mr. John Moore. Some of the chief events of his time. (1) Examination of taluka records through Rao Bahadur Waman Rao, who is famous for his “girdi” (high-handedness). (2) 1280 H. == 1863 A.D. started for Persian Gulf and Baghdad with the author in connection with the Indo-European Telegraph &c. &c. (3) Same year. Death of Amir Dost Mohammad Khan of Kabul &c. (4) 1281 H. == 1864 A.D. Touring excursion of Messers Mansfield, Max Mclvile and John Moore with the author in the hills of Dahrara and visit to Kuteji Kabar (Dog’s Tomb) west of Sind &c. (5) 1282 H. == 1865 A.D. Abolition of Judicial Assistant Commissionership and opening of Sadar Court under a Judicial Commissioner &c. The author’s pay was raised to Rs. 80/- per month and he took over charge of the head munshi’s post in Revenue and Registration Department &c. (6) Same year. Excavation of Umarwah Tharwah and Mithrau in Thar to meet the long flet want of the people &c. (7) Same year. Sir5 Bartle Frere, Governor of Bombay visited Sind &c. (8) Same year. Passing of the Local Fund Act 1865 &c. (9) Same year. Grant of a salute of 15 guns for the Khairpur State &c. End of 1283 H. == beginning of 1867 A.D. Late Sardar Sher Ali Khan, ex-Walee of Kandhar arrived at Rahamki Bazar in the Thar-Parkar District with a letter from Late Amir Sher Ali Khan of Afghanistan for the Commissioner. Same year. Departure of Mr. Mansfield on leave for 6 months. 6th COMMISSIONER Mr. A.D. Roberison (pp. 185—188) Assistant Mr. John Moore. There being now only one assistant. (1) 1283 H. == 1867 A.D. Holding of a grant Darbar in the Frere Hall on the occasion of conferring the title of C.I.E. on late Seth Naoomal and speech of the Commissioner in praise of the former and translated by the author. (2) Same year arrival of Haji Malbari, Governor of Kokan, in Turkey in Asia, en route to Constantinople and was author’s guest &c. Return of Mr. Mansfield from leave. Same year. Holding of aDarbar at Umerkote to confer the title of Star of India on late Mir Sher Muhammad Khan of Mirpur Khas &c. Same year. Compilation and publication of Khalij Namah, i.e., a book on Persian Gulf by the author. 7TH COMMISSIONER (ACTING) Mr. Havelock (pp. 188—194) H. 1283 == 1867 A.D. His Assistant Mr. John Moore. Some of the chief events of his time: H. 1283 == 1867 A.D. Old system of Police was changed and new one introduced in its place by which remuneration of Police officers was increased and the Persian and Urdu names of their official designations were changed to the present English ones &c. Falling of shooting stars one morning at 6 o’clock &c. Reward of an English sward given to the author K.B. Khudadad Khan by the Commissioner in a durbar, for his meritorious services &c. 8TH COMMISSIONER Sir William Mereweather (pp. 194—206) Arrived in 1284 H. == 1868 A.D. after the Victory of Abyssinia &c. He was an old officer and had taken part in the wars in Sind, Punjab, Balochistan and Abyssinia &c., and was an able Political as well as Military officer. His Assistant was Mr. John Moore. Some of the chief events of his time: H. 1284 == 1868 A.D. (1) Grant of sanad in connection with the award of a sword as mentioned in the events of the 7th Commissioner. (2) The Sind Official Gazette started &c. (3) Boats plying between Sukkur and Rohri were reply beaed steamers. H. 1285 == 1869 A.D. (1) Severe famine in Marwar so much so that people sold their children. He went to Umerkote and started relief works. Famine allowance was granted to the Government servants &c. (5) The author was appointed Mir Munshi on promotion, viz., his pay was increasd from Rs. 80 to Rs. 135 per month &c. (6) Industrial exhibition at Frere Hall for one week &c. (7) The author was ordered to write an account of the famous ruined places in the province of Sind. The account was written, translated into English and published and sent to Sir Bartle Frere in England, and copies were distributed among other officers in Sind &c. H. 1286 == 1870 A.D. (8) Dispute between the Sardars and merchants of Baluchistan was satisfactorily settled by the Commissioner. He was ordered by the Government of India to do so. He had to reside at Jacobabad for about 4 months for the purpose &c. (9) “Jirga” laws were introduced for the Frontier people and they continue still &c. (10) Sukkur or Shahdad-wah was excavated and its source changed &c. H. 1287 == 1871 A.D. (11) Hav ing left his establishment at cashmore, the Commissioner accompanied by Mr. Palley (who was then assistant Commissioner) and the author, went to the Chachran (Bahawalpur) and had an interview with the Lieutenant Governor of the Punjab at Mithankote and settled the boundaries of Sind and the Punjab &c. (12) Accompanied by Mr. H.E.M. James who was then his assistant and several Head officers of different departments and also the author, the Commissioner went to Mooltan to accost Lord Northbrooke, viceroy of India, to Sind &c. The programme of Viceroy’s journey was altered owing to dangur fever which then prevailed in Sind. He came to Sind by river instead of by land, and visited Kan of Kalat and Mir of Khairpur at Sukkur whence he went to Bombay, visiting Hyderabad and Karachi on the way &c. H. 1288 == 1872 A.D. (13) The news of the assassination of Lord Mayo, Viceroy of India, reached Sind &c. (14) Jam Mir Khan of Las Bela fled after his defeat from Shah Ghazi Mula Walli Mahmomed, Vazir of the Khan of Kalat, and came to Karachi to take refuge and was made a State-prisoner &c. H. 1289 == 1873-74 A.D. Hitherto Baluchistan was under the Commissioner in Sind since its conquest. Lord Lytton, Viceroy of India, arrived in Sind and separated Baluchistan from Sind and appointed a special Agent to the Governor General for it &c. (16) Sir Phillip Woodhouse, Governor of Bombay, arrived in Cashmore from Punjab, and visiting different noted places in Sind by land went to Bombay by sea &c. (17) Construction of rail-road between Kotri and Mooltan on the left of the Indus started &c. H. 1290 == 1875 A.D. (18) Passing of the Encumbered Estates Act. Mr. H.E.M. James had a hand in this work &c. (19) Departure of late Mir Sir Ali Murad Khan Talpur to Bombay to pay respects to the Prince of Wales &c. H. 1291 == 1876 A.D. (20) The author was recommended for the award of a certificate of merit from the Government of India as per letter No. 746 dated 26th September, 1876. (21) Sir Richard Temple, Governor of Bombay, arrived in Sind via Tharparkar en-route to Kandhar and break-fasted at a place which was since then named after him as Temple Dero. He opened the water-works at Karachi on his return &c. H. 1292 == 1877 A.D. (22) Late Mir Sir Ali Murad Khan went to Delhi at a gathering of the Nawabs and Rajas on the occasion of the Queen Victoria becoming Empress of India &c. (23)(a) The Commissioner retired and was appointed a member of Parliament in token of his meritorious services. He present valuable sword to the author and left several good notes on record as to his service &c. (b) Mereweather Tower fund started and the tower was subsequently built at Karachi. (c) The Government Garden was named after him as Mereweather Garden in which Mirs put up when they go to Karachi &c. (d) Mereweather pier at Keamari (Karachi) was erected. His Assistant was Mr. Lce Warner at the end. 9TH COMMISSIONER (ACTING) Mr. Melville (pp. 206—207) H. 1292 == 1877-78 A.D. His Assistant was Mr. W Lee Warner. Mr. Melville was first Judicial Commissioner and Sadar Court Judge. Chief event of his time was third war in Khurasan. He interested himself in supplying animals, fodder and other necessaries &c. 10TH COMMISSINER Mr. H.N.P. Erskine (pp. 207-216) H. 1293 == 1879 A.D. His Assistant were the following one after another:- (1) Mr. (now Sir) Charles Olivant, (2) Dr. Pollen, and (3) Mr. Edgerly. Mr. Erskine, having been before Assistant Commissioner and Collector of Karachi, was well acquainted with the province. Some of the chief events of his time. H. 1293 == 1879 A.D. (1) News of the death of Amir Sher Ali Khan of Afghanistan reached Sind. (2) The work of old and new Jagirdars was started and the author was appointed Extra Assistant Collector in this connection, havin been recommended by the Commissioner that there was no one else in Sind so able for the work &c. H. 1295 == 1881 A.D. (3) Re-arrangement of Assistant Collectors, Deputy Collectors, and Mukhtiarkars and their pay and grades &c. (4) Issue of circulars on revenue matters &c. (5) Late Sardar Sher Ali Khan, ex-Walee of Kandhar, visited Karachi. H. 1297 == 1883-84 A.D. (6) Increment of 2 guns in the salute for late Mir Sir Ali Murad Khan was sanctioned making the total number 17 &c. (7) The author was entrusted with the important work of arranging and compiling the Jagir records and was given an increment in his pay &c. (8) Death of K.B. Murad Khan, jagirdar of Habb at Karachi. H. 1298 == 1884 A.D. (9) Arrival in Karachi of Syed Amir Ali, Barrister at Law, from Calcutta in connection with the case of Bajarai Sayeds &c. (10) The Madrasat-ul-Islam and Dayaram Jethmal Sind Collect opened. H. 1300 == 1887 A.D. (11) Queen Jubilee festivities in the Province of Sind &c. (12) The author was recommended for the title of ‘Khan Sahib’ &c. Lord Reay, Governor of Bombay, and Mir Sir Ali Murad Khan and other famous Jagirdards arrived at Shikarpur during the day of Shikarpur Horse Show, and there were great festivities in the town &c. Mr. Erskine retired and went home in this year; a garden in the town of Karachi and also a wharf at Keamari (Karachi) were named after him. 11TH COMMISSIONER Sir Charles Pritchard (pp. 217—231) H. 1301 == 1888 A.D. His Assistant was Dr. J. Pollen, then Mr. Mules and then Mr. Edgerly. Some of the chief of his time. (1) Arrival in Karachi of Lord Dufferin, Viceroy and Governor General of India &c. (2) Arrival in Karachi of Sardar Mahomed Ayub Khan, 2nd son of late Amir Sher Ali Khan of Afghanistan from Persia. The author was his host by the orders of the Government and he went upto Rawalpindi with him. H. 1302 == 1888 A.D. (3) Darbar held at the Denso Hall, at Karachi, to grant sanad of ‘Khan sahib’ to the author &c. (4) Mr. Parumal, late Deputy Collector Upper Sind Frontier, was tried for bribery and dismissed from service &c. (5) Abkari system was put on proper basis, &c. (6) Increment of two guns in the salute for the late Mir Sir Ali Murad Khan, making the total number 19 &c. (7) The author was appointed ‘4th Grade Mukhtiarkar’ on a salary of Rs. 150 per month with permanent traveling allowance and was to act as ‘Mir Munshi’. H. 1304 == 1889 A.D. (8) Lord Reay, Governor of Bombay, arrived at Karachi for the third time and accompanied by the Commissioner and the author went to Sukkur and opened he Lansdowne bridge for traffic, thence to Quetta, Shalabagh and Chaman. On his return, he held a levee at Karachi where he was given addresses by all the communities, and in reply to the address of the Mahmoedan community he said to Mr. Hasanali; “You Mr. Hasanali and Mr. Ghulam Dastgir were made ‘Khan Bahadur’ and Mr. Khudadad Khan, Commissioner’s faithful Assistant, was made ‘Khan Sahbi’” &c. (9) Commissioner accompanied by the author went from Umerkote upwards in connection with the Shadipali Railway line. On return he was promoted to be a member of the Governor’s Council &c. 12TH COMMISSIONER Mr. (now Honourable) Trevor (pp. 231—232). Arrived end of H. 1304==middle of 1889 A.D. His Assistant were first Mr. Moore and then Mr. Jenkins. Some of the chief events of his time: (1) Grant of sanads of new Jagirdars to the Baloches of Upper Sind Frontier and Larkana &c. 13TH COMMISSIONER Mr. (now Honourable) H.E.M. James (pp. 232==254) Arrived in H. 1307==1891 A.D. from Bombay. His Assistant were in turn (1) Mr. Jenkins, (2) Mr. Lucas, and (3) Mr. J. Sladen. Having been previously Assistant Collector and Assistant Commissioner in Sind, he had thoroughly mastered the needs of the Province, and during his commissionership carried out many things, all for the public goods. Some of the chief events and occurrences of his time were as under:- H. 1308 == 1891 A.D. (1) Late Mir Sir Ali Murad Khan of Khairpur was granted the title of G.C.I.E. by the Queen Empress and it was conferred upon him by Lord Harris at Shikarpur &c. (2) The author was promoted to be ‘3rd Grade Mukhtiarkar’ on Rs.175 with usual permanent traveling allowance and was to act as ‘Mir Munshi’ &c. H. 1309 == 1892 A.D. (3) Mr. James opened the Railway Line between Gidu Bunder and Shadi Pali and delivered a good speech on the occasion &c. (4) Went to Calcutta as an additional member of the Supreme Council, giving over charge of commissionership to Colonel Crawford &c. (5) The author went on leave for change to Bombay, Poona, Kathiawar, Ahmedabad, Ajmer, Jaipur, Delhi &c. and visited Lord Harris, Mr. (now Sir) W. Lee Warner Chief Secretary, Sir Charles Pritchard (Councillor), Mr. Edgerly Private Secretary and Sir Charles Olivant Political Agent Kathiawar &c. (6) Hon. Mr. James came back to Sind and took charge of the Commissionership. A grant meeting was held on the Commissioner’s steamer at Gidu Bunder to discuss the advisability of excavating Jamrau Canal. Many officials, Engineers and Zamindars were present. The engineers and several of the officials were first against the scheme but the zamindars were in favour, and Hon. Mr. James by his able reasoning succeeded in convincing the officials and Engineers as to the good that would accrue to the public and to the state by the excavation of Jamrau Canal. The Canal was excavated and opened by Lord Sandhurst in the last year, viz., H. 1317 == 1899 A.D., and in the speech he delivered at the opening ceremony he mentioned exactly the same benefits as were shown by Mr. James to accrue to the public and to the Government &c. H. 1310 == 1893 A.D. (7) A large meeting was held at Karachi to commemorate the Jubilee of the English conquest of Sind. General Marston who had taken part in the Sind war, presided &c. (8) Hon. Mr. James arrived at Rohri with a part of his establishment in the hot season, and after having personally traveled and enquired into the affairs as regards water, good and bad land &c. in the Rohri Taluka, re-assessed the land revenue in such a way as was beneficial to the public as well as to the Government. This work was below his position but he took the trouble for the good of the poor zamindars &c. (9) He assisted the people of Sind in their being represented in the Governor’s Council by the appointment of an additional member of the council for Sind. (10) At the end of the year during the Horse Show he held a Darbar at Jacobabad and granted the sanad of ‘Khan Bahadurship’ to the author and conferred the title of C.I.E. on K.B. Kadirabad Khan. Both of these were granted to the recipients at his recommendations &c. (11) Arrived at Sukkur with the author to make special enquiry into the state of Talpur families of Khairpur as to their expenses of living, marriage &c., and made a report to the government with his recommendations, many of which were sanctioned; some of the Talpurs got the right of hereditary pension; some got pension for 2 lives, some for 1 life, and others got land, Jagirs, and arrangements were made for the education of their sons at the Sind Madresa-tul-Islam, Karachi at the cost of the Government. In the report he showed the needy circumstances of the Hyderabad and Mirpur Khas Mirs’ families also. The Mirs and general public are well pleased with this arrangement and bless Honourable Mr. James. (12) At the end of his tour, having left the establishment at Kambar (Larkana Division) he went with the author, Mr. Lucas then Assistant Commissioner in Sind, and Mr. Pinton Superintendent of Police Upper Sind Frontier, to see Kuteji Kabar (dog’s Tomb) on Dahrara Hill &c. (13) Death of Pir Muhammad Hizbullah Shah the famous Pir (Pagaro) in Sind. He was succeeded by his son late Pir Ali Gohar Shah &c. (14) The author’s pay was increased from Rs. 175 to 200 by the kidness of the Commissiner. He was made ‘2nd Grade Mukhtiarkar but was to act as ‘Mir Munshi’ as usual &c. (15) Went to Lahore to give evidence before the Opium Commission. He was selected because he was the fittest person H. 1311 == 1894 A.D. (16) Death of Mir Sir Ali Murad Khan Talpur at his estate, conveyance of his corps to Karachi en route to Kerbela. Good and satisfactory arrangements about the condolence gathering, salute of guns &c. made by the author under or ders from the Honourable Mr. James. Succession of Mir Sir Faiz Muhammed Khan Talpur, the second son of the late Mir Sir Ali Murad Khan to the throne of Khairpur State, and appointment of K.B. Kadirabad Khan as his Wazir &c. (17) The author was given an address at the Sind Madresa-tul-Islam by the Muhammadan community to congratulate him on the occasion of his being granted the title of Khan Bahadur and speeches delivered there &c. (18) By the kind order of Honourable Mr. James, the Shah Jehan’s Masjid at Thatta was repaired, an account of which is given on pages 99-100 of this book. (19) Arrival of Lord Elgin at Karachi and laying of the foundation stone of the Lady Dufferin Hospital and the holding of a levee, receiving visits from Mirs, Sardars &c. H. 1312 == 1895 A.D. (20) Hon. Mr. James was appointed member of the Supreme Council of Calcutta and gave over charge of Commissionership to Sir Charles Olivant. Departure of Hon. Mr. James to England. He placed the following remakrs on record regarding the author. “His very long experience made him most useful.” 14TH COMMISSIONER Sir Charles Olivant (pp. 254—263 Arrived from Kathiawar in H. 1312 == end of 1895 A.D. His Assistant was Mr. J. Sladen, some of the chief events of his time: H. 1312 == 1895 A.D. (1) Convention of Mr. Pinton to Mahomedanism and his transfer to Deccan in consequence. (2) Dacoity of Hurs in some parts of the Hyderabad and Tharparkar Districts &c. (3) Arrival at Karachi of Lord Sandhurst, Governor of Bombay. He was nephew of late mr. S. Mansfield. When he saw the certificate granted to the author by Mr. Mansfield, he greeted the author well &c. (4) Arrival at Karachi of Prince Nasrullah Khan, 2nd son of H.H. Amir abdul Rahman Khan, from Engtland. A deputation consisting of Mr. Lucas, Acting Collector, Mr. J. Sladen, Assistant Commissioner, Mr. Maclver Superintendent of Police and KB. Khudadad Khan, Mir Munshi, went to received him, and Khan Bahadur Khudadad Khan was his host up to Quetta. It was a hard task for the host as the Prince’s men were rough &c. (5) Colonel Crawford retired – grand parties held in his honour at Municipal gardens Karachi &c. Death of K.B. Hasanali Effendi, President of Mahomedan Association in Sind &c. (6) Death of K.B. Hasanali Effendi, President of the Mahmomedan Association in Sind &c. (7) Appointment of Sir Charles Olivant as Chief Secretary and afterward Councillor to the Governor of Bombay, and his having given over charge of Commissionership to Mr. Woodburn, then Collector of Hyderabad &c. The period of service of Sir woodburn being short, the principal event of his time was that he entrusted the author with the work of handing over a sword and sanad and Kimkhab to late Pir ali Gohar Shah, who had helped in the arrest of Hurs of Hyderabad and Tharparkar. The author did so in a Darbar held at the Pir’s Village &c. Honourable Mr. James Returned to Sind (pp. 263—265) H. 1313 == 1896 A.D. After taking charge he made a report to the Government as regards the dacoity of Hurs. Bachu Pasha their leader was sentenced to death. Pir Ali Gohar Shah who had helped in the arrest of the dacoits was conferred the title of Shams-ul-Ulma, in a public darbar; K.B. Mahomed Yacoob was given the title of Sardar and other who had helped were given rewards of swords &c. H. 1314 == 1896 A.D. (2) Passing of the encumbered Estates Act of 1896 by which long period is allowed for the coming of Jagirs under act and the Zamindars are pleased. (3) Pir Ali Gohar Shah died without issue and was succeeded by his 3rd brother Pir Shah Murdan Shah &c. (4) Honourable Mr. James was appointed member of the Supreme Council in connection with Famine &c. (5) Construction of the bridge between Kotri and Gidu Bunder started. 15TH COMMISSIONER Sir A. Wingate (Acting) (pp. 266—268) H. 1314 == 1897 A.D. Arrived at Kotri from Bombay. His Assistant was Mr. J. Sladen and later Mr. Lawrence. Some of the chief events of his time: (1) First plague appeared in Karachi, Thatta, Kotri, Hyderabad, Sukkur and Shikarpur. He made proper arrangements and spent a deal of money to eradicate it &c. (2) The plague committee made groundless report against the author about the filthiness of his neighbourhood but the decision given by the Commissioner was not only satisfactory but exhonorating for the author &c. (3) Death of Sardar Sher Ali Khan, ex-Walee of Kandhar, who used to get Rs. 5000 as pension &c. (4) Depature of Sir Wingate, having been appointed Chief Secretary to the Governor of Bombay &c. 16th COMMISIONER Mr. Giles (Acting) (p. 268) H. 1315 == 1898 A.D. He was Collector of Karachi when received charge of the Commissionership from Hon. Mr. James at Jacobabad. He is an experienced officer having served in succession as Assistant Collector, then as Deputy Commissioner Tharkarpar, Deputy Commissioner Upper Sind Frontier, Collector of Shikarpur and Collector of Karachi. His assistant was Mr. Sladen. Some of the chief events of his time: (1) Second visitation of plague at Karachi. Mr. Giles took proper measures to put it down &c. (2) The Hurs committed dacoities again &c. Return of Honourable Mr. James (pp. 269—271) H. 1315 == 1898 A.D. He was made C.S.I. His Assistant now was Mr. Cadel. (1) Lord Sandhurst arrived at Jacobabad and conferred the title of G.C.I.E. on H.H. Mir Faiz Mahomed Khan Talpur, Ruler of Khairpur State, in a Public Darbar &c. (2) Hon. Mr. James went back to Calcutta to finish the Famine work and gave over charge to Mr. r. Giles, Collector of Karachi &c. (3) The plague had not subsided yet. He adopted measures in the connection &c. (4) The author notices some of the good features of Hon. Mr. James’s career viz., his love for the performance of his duty well. As an instance, when he was appointed Acting Councillor, he had some work in arrears, and he took leave without pay for 15 days and completed the work. No other out of the 17 Commissioners under whom the author served, ever did so. H. 1316 == 1898 A.D. (5) The author was recommended for full pay pension. Hon. Mr. James gave strong reasons for the same &c. (6) Appointed Councillor. A Group photo was taken with his establishment as a token of esteem they had towards him. Each member of the Establishment possesses one copy as momento &c. (7) He left the following note on record as regards the author: “Abdul Khan Bahadur Khudadad Khan, I have recently written to Government and need say little more here. After 45 years of service he is about to retire, the last link with the administration of Sir Bartle Frere (2nd Commissoner) and a treasury of knowledge will go with him.” (8) Awarded a golden sword worth Rs. 2000 to the author with the following inscription on it in English as well as Persian. “Presented to Khan Bahadur Khudadad Khan on account of faithful and good service,-- by the Commissioner inSind.” (9) He made the following note on record with a view to recommend the author for Jagir &c. “He quite considers that Khan Bahadur Khudadad Khan’s faithful and useful service is deserving of the exceptional rewards, if it continued to the end as it has been I the past.” &c. Departure to Bombay as Councillor. Farewell party given by him by the Europeans as well as natives. Mr. R. Giles, Acting Commissioner (pp. 272—273) H. 1316 == 1898 A.D. He took charge of Commissionership. His Assistant were, one after another, Messers Cadel, Rein and Vaughan. Some of the chief events: (1) After the plague subsided, those who had done good service were rewarded with Lungis, watches &c. (2) He recommended the author for Jagir of 300 acres at the strength of Hon. Mr. James’s note &c. H. 1316 == 1898 A.D. (3) He toured through the whole divisions of Noushero Feroze and Sukkur with his establishment with a view of see the state of lands, water &c. in order to give redress to the people &c. (4) The third visition of Plague. He took such precaution that it did not go beyond Karachi &c. Return of Honourable Mr. James (pp. 273—276) (1) Completed the arrangements to put down the plague &c. During the time the plague was raging at Karachi, the author did not remove from his premises to any segregation camp but believing in God, he passed all the time there as well as in Sukkur &c. H. 1316 == 1899 A.D. (2) Honourable Mr. James presided at the ceremony of unveiling the portrait of Sir Bartle Frere at the Frere Hall. And in the speech he delivered there, he said as follows pointing towards the author:- “There stands also my old friend Khan Bahadur Khudadad Khan who has been 45 years in the office of the Commissioner in Sind, Mir Munshi to Sir Bartle Frere. He is still the Commissioner’s Mir Munishi.” (3) Honourable Mr. James was appointed Councillor. Mr. R. Giles took charge of Commissionership (pp. 276—289) H. 1316 == 1898 A,D. (1) The report regarding the author’s pension that waws submitted to the Government with recommendation was returned with reply that according to rules the pension question will be considered at the time of the officer retires &c. (2) The author applied for permission to retire from service and submitted the petition in Muharram. H. 1317 == 1899 A.D. It was submitted to Government with strong recommendation by the Commissioner who amongst other things also stated that if the author had retired 15 years ago he would have received such: and such amount by this time. But as he was detained inservice by government he deserves being paid full pension &c. Jamadul Akhir H. 1317 == October 1899 A.D. (3) The author was given Jagir for two generations under the sanction of the Government of India received through the Government of Bombay. The Government stated that no more recommendations should be made for Jagir. As the author has served for 45 years in Sind and foreign service, he is granted the Jagir for his long, faithful and valuable services &c. Return of Honourable Mr. James (pp. 289—303) (1) When Honourable Mr. James returned he was received with enthusiasm by people at Keamari &c. (2) H.E. Lord Cuizon arrived as Governor of India. Rajjab H. 1317 == 1899 A.D. (3) Arrival in Sind of Lord Sandhurst who unveiled the portrait of Sir Charles Pritchard at Frere Hall, and conferred the title of C.I.E. on R.B. Tahelram Khemehand and that of Rao Bahadur on Seth Vishindas Nihalchand and gave certificates of merit to several gentlemen of Karachi and Thatta &c. (4) Lord Sandhurst accompanied by Honourable Mr. James proceeded to Hyderabad where he convened a Darbar and thence went to Jamrau and performed the opening ceremony of the canal of that name, thence came to diji Fort where he visited the Mir of Khairpur, and thence to Sukkur where he was received by the elite of the District and he shook hands with the gentlemen present, the author being the first with whom he did so. News was received of the decision in the case of Pir Shah Mardan of Kingri in his favour &c. Sha’ban H. 1317 == 1899 A.D. (5) Mr. Mules, Collector of Shikarpur, convened a large meeting in connection with famine relief and large amount of donations were promised on the spot; author helped the Collector much in the collections and was given the following certificate:-- “The Collector of Shikarpur begs to express his particular thanks to K.B. Khudadad Khan for the very valuable assistance given by him in collecting the funds.” (6) Same month, the news of the victory of the British over the Boers in the Boer War was received and people observed holiday in its connection &c. (7) Pir Shah Mardan Shah of Kingri was conferred the title of ‘Shamsul-Ulama’ in consideration of the help he gave in connection with the capture of Hurs. K.B. Sardar Mahomed Yacoob was given the title C.I.E. for his good services in connection with the plague. This was all owing to the kindness of Hon. Mr. James. Shawwal H. 1317 == end of February 1900 A.D. (8) Makhdoom Mahomed Zaman of Hala was tried for murder and was sentenced with capital punishment &c. (9) Same month, arrival of H.R. Lord Northcote as Governor of Bombay and departure of H.E. Lord Sandhurst. Honourable Mr. James proceeded to Bombay to greet the former and bid farewell to the latter &c. (10) On the 27th Shawwal 1317 H. == 28th February 1900 Honourable Mr. James accompanied by Mr. Vaughan and Establishment—English as well as Vernacular—arrived at Sukkur and pitched their tents on the camping ground. On the 9th Ziqa’d H. 1317==12th March 1900 A.D., a Darbar was held near the Collector’s Bungalow where about 1000 persons including Mirs, Jagirdars, Zamindars &c. were present. Mr. Mules enumerated in a short and well worded speech all the good deeds done by Hon. Mr. James who then returned an appropriate reply. Then the Commissioner began the ceremony of giving presents &c. to the deserving gentry. He commenced with kimkhab. Then the author was given a sanad in connection with the Jagir. The sanad was on golden paper written in English and Persian and covered with kimkhab, & also khila’t of kimkhab. Mention was made as regards the author’s services to the following effect: Mr. Khudadad Khan entered the service of Government in 1853, and in 1855 he was employed in the Jagir and Political Department under Major (now Sir) G. Goldsmid. He accompanied Major Goldsmid during the Mutiny on a secret mission to Jesalmir and Pokran through the Great Desert, and was again selected in 1861 to accompany Sir Henry Green on a mission in Gwadur and Ormara. In 1862 he assisted in establishing the telegraph line through the territory of Jam of Las Bela and the Khan of Kalat. He went with mr. Mansfield the next year up the Persian Gulf and the Tigris to Baghdad in connection with the Indo-European telegraph. Sir W. Mereweather entrusted him with several delicate missions. He knowledge of Jagir and political matters especially qualified him for the important work of arranging and compiling the Jagir record with which work he was entrusted in 1873 and 1882. His vivid memory of events of remote date and of the notions therein, and his tact and of manner, combined to make the Khan Bahadur a valuable officer of the Government. He retired in May last, after an arduous and faitful service of 45 years, to his home in Sukkur to enjoy a well-earned rest &c. In addition to the above the following were also the author’s special duties which have been included in the book: (i) With Sir George Clarke, Governor of Bombay, from Karachi to Thatta, thence to Sehwan and thence to Hyderabad. (ii) With Sir Frederic Goldsmid to Bombay. (iii) With Mr. Mansfield to Dahrara Hill where there is kuteji kabar (dog’s tomb). (iv) With Sir Mereweather to Jacobabad in connection with the disputes between the Sowdagars and Sardars and to Mithankote in the Punjab to settle the boundaries of sindh and the Punjab, and to Mooltan where sir Mereweather went to meet Lord Nrothbrooke, Viceroy of India. (v) As extra Assistant Collector in connection with the Jagirat work, which was cleared. (vi) With Sardar Mahomed Ayub Khan, second son of late Amir Abudl Rahman Khan who arrived from England to Karachi, and went from Karachi to Quetta. (11) Muharram and Safar H. 1318==May & June 1900. a telegram announcing the capture of Maifking inTranswal reached Sindh. (12) In the same months, Bridge between Kotri and Gidu Bunder was completed and opened for traffic. Ist Safar H. 1318==May 1900 A.D. The author was elected as member of the V.J. Technical Institute to represent Mir of Khairpur. 25th Safar H. 1318 == 24th June 1900 A.D. The decision of capital punishment in the case of Makhdum of Hala was reverted &c. Just as the book was nearing completion, fortunately 3 occasions acrose for the author to hold tea parties at his bungalow viz., (i) in honour of R.B. Diwan Dewanmal Khemchand. (2) R.B. Diwan Hashmat Rai transferred to Karachi and (3) R.B. Diwan Naraindas Motiram arrived from Karachi and Sayid Panah Ali Shah having been promoted to be the Inspector of Police &c. OLD SUKKUR Jamada I, 1318/ KHAN BAHADUR KHUDADAD KHAN, September 1900 Jagirdar. Statement of Temporary Commissioners whose administration lasted for less than six months. The other Permanent & Temporary commissioners who were in office over six months have already been mentioned in the Book. S. No. Name of the Officer. The Rank from which he Rose &c. Period of Administration In What Year. Particulars &c. 1. Mr. Belasis Assistant Commissioner in Sind. 3 months H.1268=1852 A.D. During the absence of Sir Bartle Frere. 2. Mr. Ellis Inam Commissioner Deccan 40 days H.1274=1857 A.D. During the absence of John Jacob to Bushire in Persia. 3. Major Henry Green Political Agent Baluchistan 3 months H. 1287=1862 A.D. During the absence of Mr. Inverarity. 4. Sir Charles Peile ---do--- ----do---- H. 1294=1880 A.D. During the absence of Mr. Ershine. 5. Colonel Lamberk Collector, Karachi. ----do--- H. 1295=1883 A.D. ----do---- 6. Colonel Boulton ---do--- ----do--- H. 1300=1885 A.D. ----do---- 7. Colonel Trevor Collector, Hyderabad. 4 months H. 1301=1890 A.D. During the absence of Mr. Trevor. 8. Colonel Crawford. Collector Karachi. 5 months By interval. H. 1308-9=1891; 1893; 1894; 1895 and 1896 A.D. During the absence of Sir Charles Olivant and Hon. Mr. H.E.M. James. 9. Mr. Woodburn Collector, Hyderabad. 50 days. H. 1305=1895; 1897 A.D. During the absence of Sir Charles Olivant and Hon. Mr. H.E.M. James. [1] مرتضائي صاحب پنج قطعا چيا آهن مگر پنج ئي غير دلچسپ آهن. شعر جي حيثيت تُڪ بندي کان زياده نه آهي. تاريخ جا مادا فضول ۽ غير متعلق آهي. ٽئين نمبر قطعه جي ٽئين نمبر شعر جي آخري مصرعه جي نحواي ڪلام ڏسجي ٿو ته سمجهجي ٿو ته مادهء تاريخ ”بي نظير رنگ بهادر“ جو فقرو آهي. مگر دراصل اهو تاريخي مادو نه آهي. ڇو ته ان جا عدد 1900نه، 1650 آهن. چوٿين شعر جي پهرئين مصرعه غير موزون آهي ۽ ٻي مصرعه، جا هڪ لغو ۽ مهمل مصرعه آهي. ان مان ڪي مفرد ۽ بي ترتيب حرف ڪڍي ۽ انهن مان هڪ بي معنيٰ فقرو ٺاهي ان کي مادهء تاريخ ٺهرايو اٿس. حالانڪه انهن جي مادهء تاريخ سان ڪا به نسبت ڪانهي. خبر نه ٿي پوي ته مرتضائي صاحب اها صنعت ڪيئن ۽ ڪهڙي قاعدي سان اختراع ڪئي آهي؟ چوٿين قطعه جا قافيا قطعي طور تي غلط آهن. تاريخي مادن جي باري ۾ مان هڪ دفعو وري چوندس ته بالڪل فضول ۽ غير متعلق آهن. مرتضائي صاحب جيڪڏهن پنجن قطعن جي بدران فقط هڪ صحيح ۽ مناسب قطعو چوي ها ۽ مادهء تاريخ به با معنيٰ ۽ درست هجي ها ته اهو بهتر هو. (مترجم). [2] پهرئين ماده تاريخ جا عدد ”1033“ اهن، نه 1042 (مترجم). ڊاڪٽر نبي بخش جو نوٽ: ”ٻنهي تاريخن جا عدد درست نه آهن.“ [3] ديندار خان نه، بلڪه ٻيو ڪو شخص هو (ن . ب) قطعه مان معلوم ٿو ٿئي ته ديندار خان هو (مترجم).