ڪتاب جو نالو: مهراڻ 4/ 2010ع مهراڻ 4/ 2010ع آڪٽوبر- ڊسمبر آڪٽوبر- ڊسمبر طارق عالم ابڙو گذارش اديب، قوم جو ضمير ۽ سفير ٿيندو آهي ادب کي سياست جي تابع هئڻ گهرجي يا سياست کي ادب جي تابع…؟ جڏهن ادب ڪنهن سياسي نظريي جي ڊڪٽيشن وٺي لکيو وڃي ٿو، ته پنهنجي ادبي سڃاڻپ وڃائي ڇڏي ٿو. پر جڏهن ادب پنهنجي ديس ۾ ٿيندڙ انياءَ، ظلم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف فطري طرح آواز اٿاري ٿو ته اهو ادب، ادب جي دنيا ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، جڏهن منصور حلاج کي شهيد ڪيو وڃي ٿو. جڏهن مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهايو وڃي ٿو. جڏهن سقراط زهر جو جام شهادت نوش ڪري ٿو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ڊڪٽيٽر ڦاهي چاڙهي ٿو. جڏهن هڪ جنرل جي دؤر ۾ سنڌ جي نياڻي، چئن صوبن جي زنجير بينظير کي، راولپنڊي ۾ ٽارگٽ ڪري، شهيد ڪيو وڃي ٿو ۽ سڄي دنيا ڪنهن زلزلي وانگر ڌُٻي ٿي وڃي. تڏهن پنهنجي قلم، سوچ ۽ قوم سان سچا تخليقڪار جيڪو ادب سرجن ٿا، سو ادب، ادب جي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪيو ويندو…؟ هي ان ادب جو ذڪر آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شعور جو شاعر شيخ اياز چوي ته: مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان، مان ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن، هن سر جي گدلي سينور ۾، هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ، ۽ جو به چڪور انڌاري ۾، جي اڏري ٿو ته دروهي آ، هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جي مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ. يا جنگي صورتحال ۾ جڏهن سندس وجود زخم زخم آهي ته هو هڪ جوڌي جي احساسن کي ڪجهه هن ريت چٽي ٿو: وڃو ڪانويليو وڃو. وڃي پرينءَ کي چئو، اڃا پيو جيئان… ۽ جڏهن سنڌ جو ساڳيو مهان قوي شيخ اياز جبر خلاف آواز اٿاريندي وڏي واڪ چوي ٿو: اڄ به وري هو فاشي ڪتا مون کي قابو ڪن ٿا… ته ان ادب جي عظمت جو اندازو، قدر ۽ قيمت، حق غضب ٿيل قوم کان وڌيڪ ٻيو ڪير بهتر انداز ۾ محسوس ڪري سگهي ٿو؟ ۽ هيءُ ئي اهو اهم ۽ اُتم ادب آهي جنهن جي اڏام عقاب کان به اوچي رهندي پئي آئي آهي. ۽ جڏهن ڌرتي اهڙن عظيم تخليقڪارن ۽ ڪردارن کي جنم ڏيندي آهي، ته سياست احتراماً، ادب کان ٻه وکون پٺتي ٿي، تخليقڪار پٺيان هلڻ لڳندي آهي. انهيءَ جو هڪ زندهه ۽ مشهور مثال هيءُ به آهي ته: 1965ع ۾ جڏهن انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ زورن تي هئي ته چيو وڃي ٿو ته اها جنگ پاڪستاني فوج کان وڌيڪ پاڪستان جي شاعرن کٽي هئي، جيڪي ان وقت قومي جذبي سان سرشار ٿي ريڊيو پاڪستان لاهور جي پارڪ ۾ اچي براجمان ٿيا هئا ۽ رات ڏينهن اهڙا ته بيمثال قومي نغما لکي موسيقارن حوالي ڪيائون جو سرحد تي جنگ وڙهندڙ جوانن تائين جڏهن انهن نغمن جا آلاپ پهتا ته سندن حب الوطني جو جذبو ٻيڻو ٿي ويو ۽ سندن جوش ۽ ولولي آڏو مارٽرگنز ۽ توبن جا گولا ڪپهه جون پوڻيون ٿي پيا. هي اهي مثال آهن جيڪي ثابت ڪن ٿا ته ادب هميشه قومي ڌارا ۾ ان وقت پنهنجو ڪردار ڀرپور انداز ۾ ادا ڪيو آهي، جڏهن قوم شديد مايوسيءَ ۽ تنهائيءَ جو شڪار رهي آهي. جنهن جو هڪ وڏو سبب هيءُ به آهي ته اديب پنهنجي گذرندڙ وقت جو تاريخ نويس هئڻ سان گڏوگڏ نبض شناس به هوندو آهي. خاص طور تي شاعر پنهنجي قوم جي ڦَٽيل ۽ روڙيل روح جو ماهر طبيب هوندو آهي ۽ هر ديس جو نه فقط سفير ٿيندو آهي، پر ان سان گڏ قوم جو ضمير به هوندو آهي. اوهان جي اچڻ سان… جناب مخدوم جميل الزمان جي چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ ٿي اچڻ کان پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ بڻجي اڳ کان اڳڀرو ڪردار نڀائي رهيو آهي، جتي اداري طرفان نون ڪتابن جي شايع ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، اتي ڪتابن جي مهورت سان گڏوگڏ ٻيا به ادبي ۽ تخليقي پروگرام منعقد ٿي رهيا آهن، جن مان هڪ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ تاريخ 19- جولاءِ 2010ع تي ”ايڪيهين صديءَ ۾ عورت جو ڪردار“ جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار اهميت جو حامل آهي، ان کان علاوه اسان جي علمي ادبي شخصيتن جي مزارن تي سندن جنم ۽ وفات جي ڏينهن تي گلن جي چادر چاڙهڻ واري يادگار روايت کي پڻ اداري طرفان نڀائبو پيو اچجي. نامور مصورن جي چترن جي نمائش ۽ شيلڊ ڏيڻ جي روايت سنڌي ادبي بورڊ طرفان 22- اپريل تي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مصوري جي نمائش ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي نامور مصورن جي تصويرن جو نماءُ ڪيو ويو ۽ سنڌ جي 13 نامور مصورن: ع.ق.شيخ، ظفر ڪاظمي، گل محمد کتري، فتاح هاليپوٽو، علي اڪبر سومرو، اي.آر.ناگوري، مسرت مرزا، علي نواز ڦلپوٽو، رضوان عمراڻي، لعل محمد پٺاڻ ۽ منصور عالم ابڙي ۽ محمد وريل سومرو کي سندن ڪيل ڪم جي سلسلي ۾ شيلڊ پڻ ڏنا ويا. هيءُ پهريون اهڙو موقعو آهي، جنهن ۾ جناب جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي، سنڌي آرٽ کي ٻه وکون اڳڀرو ڪرڻ لاءِ قابلِ ستائش قدم کڻي ادب ۽ آرٽ سان عشق ڪندڙ جو ثبوت پيش ڪيو آهي، سندن اها به خواهش آهي ته مصوري جي تاريخ ڄاڻندڙ مصورن جي هڪ ڪميٽي جوڙي، سنڌي مصوري تي اداري طرفان هڪ شاندار ڪتاب آڻجي، جيڪو مصوري ۾ گهري دلچسپي رکندڙن لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿئي. ان سلسلي ۾ ادارو لاڳاپيل شعبي جي ڄاڻن سان لهه وچڙ ۾ آهي، اميد ته اهو قابلِ قدر ڪم وقت سِر اداري طرفان بيحد سُهڻي انداز ۾ پڄاڻي تي پهچندو. سيرت ڪانفرنس 13- اپريل تي اداري طرفان هوٽل انڊس حيدرآباد ۾ سيرت ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا عالم ۽ ڏاها سيرت نبوي ﷺ جن جي شخصيت تي پنهنجن معطر خيالن جو اظهار فرمائيندا. 2011 پير حسام الدين راشدي انٽرنيشنل ڪانفرنس جناب مخدوم جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ 2011 سال کي سنڌ جي برک تاريخدان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي محسن سائين پير حسام الدين راشدي جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي ويئي آهي، جيڪا 1- اپريل تي پير صاحب جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، پير حسام الدين راشدي انٽرنيشنل ڪانفرنس جا انتظام سنڀاليندي، هن شاندار پروگرام ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالم، سائين پير حسام الدين راشدي جي شخصيت ۽ سندن قلمي پورهئي تي پنهنجا مقالا ۽ مضمون پڙهندا. ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو… نئين سال جي شروعات ۾ ڪي دردناڪ ۽ دل کي ڌوڏي ڇڏيندڙ واقعا رونما ٿيا، جيڪي ملڪ جي تاريخ تي نه فقط مٽجندڙ نقش ڇڏي ويا، پر ان سان گڏ سنڌي ادب ۽ آرٽ جي دنيا جا ٻه ناميارا نانءَ به اسان کان وڇڙي ويا. 13- جنوري تي ملڪ جو نامور ترقي پسند سوچ رکندڙ مصور اي.آر.ناگوري، ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ پنهنجي ڪراچيءَ واري قديم گهر ۾ زندگيءَ جا آخري لمحا به مصوري کي ارپيندي هن جهانِ فانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات مصوريءَ جي دنيا ۾ هڪ ناقابلِ تلافي نقصان آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو، الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه فرمائي ۽ سندس پونيرن کي صبر جي توفيق ڏي. (آمين) نوجوان شاعر منٺار سولنگي، 18- جنوريءَ تي دل جي دوري پوڻ سبب گذاري ويو، الله پاڪ سندس پونيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. (آمين) طارق عالم ابڙو جيئي لطيف، جيئي لطيف جي ٻولي جبل جهاڳيندو وت، مانَ ٻاروچي کي ٻاجهه پوي، آڏا ڏونگر لڪيون، سائين ڏيندو شت، وندر جي به وڻن ۾، پاڻ رکندو پت، چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون، ڪاند بنا ڪت، ”قطب“ پير پنهون جو، نئي نهارج نت. - سيد قطب علي شاهه “قطب” وکر سو وهاءِ فقير سيد قطب علي شاهه “قطب” ]ولادت: 8- سيپٽمبر 1514ع – وفات: 23- ڊسمبر 1910ع[ حضرت فقير سيد قطب علي شاهه ”قطب“ سنڌ ۾ موجود جهانيان ساداتن جي وڏي حضرت سيد ويڌل شاهه جهانيانؒ (اول) جن جي آخري پٽ حضرت سيد فتح الدين شاهه جهانيانؒ جو فرزند هو. سندن ولادت 8- سيپٽمبر 1514ع ۾ ٿي. سندن سلسله نسب حضرت امام علي نقي عليہ السلام جن سان ملي ٿو، سندن وڏا اُچ شريف مان سنڌ ۾ نواب شاهه لڳ اچي آباد ٿيا ۽ پوءِ حضرت سيد ويڌل شاهه جهانيانؒ (اول) اتي هڪ ڳوٺ آباد ڪرايو، جنهن ڳوٺ بعد ۾ ”شاهپور جهانيان“ جي نالي سان شهرت ماڻي. ان کان پوءِ حضرت سيد ويڌل شاهه جهانيانؒ (اول) اتان حيدرآباد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. بعد ۾ اهو علائقو ”ٽنڊو جهانيان“ جي نالي سڏجڻ لڳو. حضرت سيد ويڌل شاهه جهانيانؒ (اول) جي انتقال بعد کين حيدرآباد ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، جنهن علائقي ”وڏي درگاهه“ جي نالي سان شهرت ماڻي. اهو علائقو هاڻي ”سيد دادن شاهه جهانيان ڪالوني“ حيدرآباد ۾ موجود آهي. حضرت سيد قطب علي شاهه ننڍڙي هوندي کان ئي فقيريءَ ڏانهن مائل هو. هو ڪنهن ڪنهن وقت اشعار به چوندو هو، جيڪي هن وقت سنڌي ادب جو سرمايو آهن. سندن تخلص ”قطب“ هو ۽ پاڻ 23 ڊسمبر 1910ع ۾ انتقال ڪيو، کيس ٽنڊو جهانيان ۾ دفنايو ويو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ]جنم: 1882ع، وفات: 13- ڊسمبر 1942ع[ ڪلام محبوب منهنجي دل جو حقيقي ڪتاب آهي، جو بي نظير حسن ۾ ۽ لاجواب آهي. هر صفحه جنهن جو روشن هڪ آفتاب آهي، چوڏهين جي چنڊ جهڙو پڻ منهن تي تاب آهي. محبوب جي اکين ۾ اکيون جڏهن اڙايم، سمجهيم هي عشق منهنجو بيشڪ ثواب آهي. جن جن به بدنصيبن، منهن موڙيو انهي کان، تن جو ٿيو جهان ۾ خانو خراب آهي. هرگز ”حڪيم“ جي هي ٿيندو نه ڌار دل مان، دل جي چمن جو گويا ٽڙيل گلاب آهي. محمد بخش ”واصف“ ]جنم: 1892ع، وفات: 24- نومبر 1952ع[ ڪلام جلوه فرما جو لبِ بام تي جانان ٿيندو، داغ بيشڪ دلِ شب تي مہِ تابان ٿيندو. لالہ کي باهه ڏيان يارِ گلستان ۾ وڃي، داغ دل جو دکي آتشِ سوزان ٿيندو. دوست اکڙين ۾ وهاري مان ڪريان بند اکيون، يار منظورِ نظر منهنجو جي مهمان ٿيندو. لاهه دلبر نه ڪڏهن خالِ سيہ تان پردو، ڪفر آلوده سندم دين ۽ ايمان ٿيندو. چشمِ جادو جي جدائي ۾ جي رحلت ٿيندي، سبزهء قبر چراگاهه غزالان ٿيندو. وصف دندان شڪر خنده جي ”واصف“ جي ڪرين، بي شبهه نظم ۾ مضمون درخشان ٿيندو. ”اختر“ هالائي ]جنم: 27- ڊسمبر 1917ع، وفات: 27- آڪٽوبر 1959ع[ ڪلام عزيزو رات ميخاني جي، مهمانن سان ڏاڍي ٿي، صنم خنجر ڪڍي بيٺو، ثنا خوانن سان ڏاڍي ٿي. هو سهڻو بزم شعرا ۾، سراپا شعر ٿي آيو، خموشي ڇانئجي ويئي، سخندانن سان ڏاڍي ٿي. قدوقامت ۾ محبوبه، ۽ خال و خط ۾ شهزادو، حسين حورن سان ڏاڍي ٿي، يا غلمانن سان ڏاڍي ٿي. حسينانِ جهان سڀ، سرنگون ٿيا حسنِ جانان وٽ، پرستارن سان ڏاڍي ٿي، صنم خانن سان ڏاڍي ٿي. سنڀالي پير رک ’اختر‘، گلستان جي احاطي ۾، گلن جي آرزو ۾ اڄ، گريبانن سان ڏاڍي ٿي. عبدالله ”اثر“ ]جنم: 14- جولاءِ 1920ع، وفات: 26- ڊسمبر 1976ع[ ڪلام عطا ٿيو سير گلشن جو، ڪڏهن بادِصبا وانگر، ڪڏهن پابند رهڻو پيو، چمن ۾ نقشِ پا وانگر. ستم ان جو زماني ۾، ڪرم جو پاسدار آهي، سيهه بختي به سر تي، ٿي اچي ظلّ هِما وانگر. سلامت ٿو رهي عاشق، جي دل ۾ شوقِ پابوسي، فلڪ جون ٿو سَهي سختيون، تڏهن برگِ حنا وانگر. ”اثر“ ايڏي ته مشهوري ملي، وئي، عشقِ جي صدقي، جو هر نا آشنا مون سان، ملي ٿو آشنا وانگر. بردو سنڌي ]جنم: 15- مارچ 1922ع، وفات: 26- آڪٽوبر 1988ع[ ڪلام منهنجو ڪوئي ميت نه يار، جڳ جا ڏکڙا ڳل جو هار. پنهنجا پنهنجو ڪين چون، ڌارين تي ڪا ناهه ميار. روئڻ ساڻ هِري ويا نيڻ، پل پل ڇم ڇم لڙڪ هزار. سهڻيءَ کي وئي ننڊ کڻي، منهنجو من ٿيو ميهار. راهه تڪيندي راهه کُٽي، پرهه ڦٽي وئي ڏسندي پار. اڱڻ اسان جي پير ڀري، سهڻو سائين جيءَ جيار. خوابن ۾ تون آءُ هلي، هڪڙي پل لئه هينئون ٺار. عبدالڪريم پلي ]جنم: 21- آگسٽ 1940ع، وفات: 4- نومبر 1991ع[ ڪلام هجر ۾ ايڏو زار زار نه رو، روئي ڍؤ ڪر ۽ بار بار نه رو. دور هڪڙو سدا نه رهڻو آ، نيٺ ايندي وري بهار نه رو. آرزوء وصالِ جانان تان، جان سؤ مرتبه نثار نه رو. چند گهڙين جو کيل هو ۽ ويو، ڪهڙي ڪلفت ۽ ڪهڙو پيار نه رو. آهي باقي قدم ٻه-ٽي منزل، راهرو! حوصلو نه هار نه رو. موت کان اڳ ”ڪريم“ دنيا ۾، ناهي ملڻو ڪڏهن قرار نه رو. سنڌي ٻوليءَ جي پهرين نمائنده شاعر نور شاهين ٿيون سوز فراق جون ڪاهون، دل لڇيو ڪري پيئي دانهون، ويون قرب جون بند ٿي واهون. ٿي سُڃ ويونم نگاهون، نٿيون يار لڀن تنهنجون راهون، من تون ئي اچين ڪو پاهون. ٻُڌي ”شاهين“ سڏڙا دانهون، ڪٺي دل جون قهري ڪراهون. من ڪهل پوي توکي ڪائي الا، وڃي جگر هٿئون نٿو جائي. شعر، ادب جي ابتدائي صورت آهي؛ ۽ نثر جي نشو و نما بعد جي زماني جي آهي. هينئر هيءُ سوال آهي ته جيڪڏهن نثر جي نشو و نما جو مقصد ڪنهن مضمون (Content) جو اظهار نه آهي، جو وزن جي صورت ۾ اچڻ کان ناقص آهي، ته پوءِ ان جي پيدائش عمل ۾ ڇو آئي؟ قديم يوناني دور ۾ ادب جي لاءِ هي محسوس ڪيو ويو هو ته منطقي سوچ ۽ ويچار جي پوري پوري اظهار لاءِ اهڙيون ترڪيبون مناسب نه آهن، جن ۾ وزن جو خيال رکيو وڃي. فرمندس، پنهنجي “مابعدالطبعيات” (Metaphysical) کي ڇهه- رُڪني وزن ۾ لکيو آهي، سو هڪ هٿرادو هيئت جو به سڀ کان پهريون مثال آهي، ۽ ناصحانه شاعريءَ جو به ان ۾ هڪ وڏو حصو آهي. هن طويل ۽ وڏيءَ تخليق جو نظم ۾ هجڻ جو هيءُ معمول، نفسياتي اصول آهي ته ڪنهن به حڪيمانه قول کي ياد رکڻ جو اِهوئي آسان طريقو آهي ته ان کي هڪ ئي قسم جي آواز پيدا ڪرڻ وارن لفظن ۾ آندو وڃي. مگر ڪنهن مابعدالطبعياتي دليل جي لاءِ اها ڳالهه هرگز قبول نٿي ڪري سگهجي. - احسان بدوي (مهراڻ 2/1961ع، ص 179-180) غلام حسين “مشتاق” سچاروي نــــعــــت نبي معراج تي تحفا ڏنا ورتا سلامن جا، پروڙي ڪين سگهبا راز هرگز راز وارن جا. جڏهن ارض و سما جي نور وٽ، نورِ خدا ﷺ پهتو، هٽي هڪدم ويا پردا حبيبن ﷺ سان حجابن جا. شهنشاههِ دوعالم جي سواري پهتي عرشن تي، نه کوليا ويا ڪڏهن اهڙي طرح در آسمانن جا. زمين و آسمان تي مرحبا جا گيت ڳايا ويا، ڏٺا اهڙا نه دنيا رنگ اڄ تائين فضائن جا. ڪيو هرهنڌ استقبال احمد ﷺ جو رسولن ٿي، عجب انداز ها عرشِ عظيم تي اهتمامن جا. ازل کان هو جتي ”الله هُو الله هُو“ هردم، اتي اڄ ورد جاري ها سلامن جا صلاتن جا. زمين وارن جا ٿي ويا آسمان سان رابطا قائم، هميشه لئي کُلي ويا در سندن گولن غلامن جا. سندس ئي فيض جا درياء جاري اڄ به عالم ۾، نه آهن ختم ٿيڻا سلسلا ان جي عطائن جا. مديني ۾ جڏهن مهمان پهتا مير ﷺ جي در تي، ٿيا ڪيڏا ڪرم ”مشتاق“ تي ڏس ميزبانن جا. عنايت بلوچ نظم وري جيئن سنڌ سينگاريون وڏو انسان جو رتبو، الائي ڪٿ وڃي پهتو رکيائين چنڊ تي پنهنجا قدم ۽ سوڀ ماڻيائين، ستارن تي به پهتو ۽ قدم اڳتي وڌايائين، اڃا اڳتي، اڃا اڳتي، سندس ديرو ۽ منزل ماڳ آ اڳتي، اڃا اڳتي. اَٽل آهن سندس جذبا، ۽ همت حوصلا پختا، جهالت، بُک ۽ بيروزگاريءَ کي ڀڄائيندو. ذلالت، ظلم، گمراهي، ڀڄائيندو، تڙائيندو، ۽ هرجا سرخرو ٿيندو. مگر افسوس! جو انسان اهڙو سنڌ ۾ شايد رهيو ناهي. نه اڳتي ٿو وڌي پُرجهي، پروڙي ۽ پرائي ڪجهه، ترقيءَ جو نٿو سوچي، تباهيءَ لاءِ پيو لوچي، جتي هئي روشني اڳ ۾ اُتي، اونداهه، انڌوڪار پکڙي وئي، نوان فتنا، ڦڏا ۽ جنگ جهيڙا ٿي ويا برپا. فقط هڪڙوئي ڪم شايد، بچيو آهي اسان جي لئي، ته پنهنجون مائرون ۽ ڀينرون، زالون اسان ماريون، نه جن جو ڏوهه ڪو هرگز، مگر پو ڀي، ڪُسن، تڙپن، مرن، گهُٽجن، مُٺيون مظلوم ويچاريون هي ڪاروبار ٿي ويو آ عجب وهنوار ٿي ويو آ نماڻو عرض آهي دوستن کي، شاعرن کي ۽ اديبن کي، …… ۽ …… سنڌوءَ جي سڀن سڄڻن، سمورن سنڌ واسين کي خدارا ڪجهه ڪريو! وحشي پڻي، حيوانيت جو انت جيئن آڻيون درندن جون ڇڏي رسمون، جهالت جون پٽي پاڙون، ٻڌي ايڪي ۽ محنت سان محبت مشعلون ٻاريون، وري جيئن سنڌ سينگاريون، وري جيئن سنڌ سينگاريون پروفيسر محبوب سروري غزل گلن جو حُسن ڏسو گلبدن جو حُسن ڏسو! اکين جو حُسن ڏسو ۽ چپن جو حُسن ڏسو! ڪري ٿو ڳالهه ته ڳاڙهن ڳلن جو حُسن ڏسو، نگاهه ناز ڏسو ۽ هٿن جو حُسن ڏسو! خموش آهه ته ڄڻ ڪائنات بيهو رهي! جڏهن کلي ٿو ته هن جي ڏندن جو حُسن ڏسو! زمين مرحبا صد مرحبا چوڻ ٿي لڳي! جڏهن هلي ٿو ته نازڪ بدن جو حُسن ڏسو! فلڪ جُهڪي ٿو چوي بار بار بسم الله!! قدم قدم ٿي سڄڻ سيم تن جو حُسن ڏسو! جڏهن اڱڻ تي هو چمڪي ٿو چنڊ چوڏهين جيئن! ڪکن جو حُسن ڏسو ۽ پکن جو حُسن ڏسو! اچي ٿو باغ ۾ جنهن دم ته ڄڻ بهار آيو! چمن جو حُسن ڏسو ۽ گلن جو حُسن ڏسو! سڄڻ جي آئي مديني جو ويو حُسن وڌي، درن جو حُسن ڏسو ۽ گهرن جو حُسن ڏسو! سندس شديد مخالف به واهواهه ٿا ڪن، سندس قريب ترين دوستن جو حُسن ڏسو! اگر اوهين ڏسو! مون وانگي پيا جبل جهاڳيو! پنهل جو حسن ڏسو ۽ جتن جو حُسن ڏسو! حسين مُلڪ اوهان ڪيترا ڏٺا آهن، الا الا! اوهين منهن جي وطن جو حُسن ڏسو! اوهان جي آڏو آ ’محبوب‘ سروري جو ڪلام، غزل جو رنگ ڏسو ۽ سخن جو حُسن ڏسو. يوسف شاهين دودا جوڌا ڪوهه ڪسن ٿا!؟ هڪڙي ڳالهه ته ڏَسِ ميان جا آهي نه منهنجي وَسِ ميان پنهنجا پراوا سڀ پڇن ٿا هن ڌرتيءَ تي دودا، جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا هيءَ جا پيار جي ڌرتي آهي توکي مون کي پرتي آهي هتي ڪير آيا هاڻ سڀئي سورَ کڻي ساڻ راتو ڏينهان، ڪري ڪيهان ڪندا وتن رتوڇاڻ اهڙو سورُ، پچائي پورُ، سڀ پڇن ٿا پنهنجا پراوا سڀ لڇن ٿا، اِيءُ پڇن ٿا هن ڌرتيءَ تي دودا جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا هن ڌرتيءَ تي جيڪي سڏ سان سَڏُ ڏين ٿا جيڪي واهر ڪاڻ ورن ٿا ڪڏهن ڪنڌ ڪين ڪڍن ٿا سي ئي ڪونڌر، سي ئي سوڍا سي ئي ڪانڌي، سي ئي جوڌا ڪهڙيءَ ڪاڻ، الا او هاڻ هتي سڀ ڪُسن ٿا پنهنجا پراوا هاڻ پڇن ٿا هن ڌرتيءَ تي دودا جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا. هن ڌرتيءَ تي، ماڻهو ماڻهو ماٺِ آهي ڄڻ ته پيو ڪاٺِ آهي ڪا ته اهڙي ڳالهه آهي جا هٿن مان آ ويئي ڇڏائي ڪو ته يوسفَ کي ٻڌائي هن ڌرتيءَ جو جيڪي نانءُ ڳِنهن ٿا سي ئي ڪونڌر ڪوهه ڪُسن ٿا. پنهنجا پراوا سڀ پڇن ٿا هن ڌرتيءَ تي دودا جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا! دودا جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا! ادل سومرو غزل صحن، ڪمرا، پڌر اڪيلو هو، هُن جي هوندي به گهر اڪيلو هو. روح رولاڪ ۽ ذهن آواره، جسم منهنجي کي در اڪيلو هو. هر ”خوشيءَ“ سان هجوم ماڻهن جو، ”درد“ هڪڙو مگر اڪيلو هو. ڪوبه ڳوڙهو نه خواب مرڪيو ٿي، تَنهنجي نيڻن جو ٿر اڪيلو هو. هو پکي الائي ڪٿي رهجي ويا، اُداس سانجهيءَ جو سر اڪيلو هو. لفظ هڪڙو نه آيو وچ ۾ ڪو، ساٿَ هوندي سفر اڪيلو هو. غزل سِوا تنهنجي ٻيو ڪيرُ هو منهنجو! ساري بستيءَ سان ويرُ هو منهنجو. دل جي ديوار سا لُڏي وئي هئي، ٻيو مڙيئي ته خيرُ هو منهنجو. تنهنجي اُجري ۽ پاڪ دامن تي، مان مڃان ٿو ته ميرُ هو منهنجو. سوئي رت ۾ ويو ٻُڏي سارو، جيڪو مسجد ۾ پيرُ هو منهنجو. تنهنجي ساراهه جو حق ادا نه ٿيو، ڪيڏو لفظن جو ڍيرُ هو منهنجو. تنهنجا تحفا ڇڏيا ها وڪڻي مون، پاڻ سان ئي انڌيرُ هو منهنجو. ترائيل پيار تنهنجي جو هُيو بس آسرو، سومري جو ٻيو وسيلو ڪونه هو، سمجهه ۾ آيو نه ڪوئي مامرو، پيارَ تنهنجي جو هُيو بس آسرو. ڳوٺ مان کسجي ويو هو ڇانورو، ڇو ته منهنجو ڪو قبيلو ڪونه هو، پيارَ تنهنجي جو هُيو بس آسرو، سومري جو ٻيو وسيلو ڪونه هو. مير محمد پيرزادو گيت وئي آهه مدت لنگهي پوءِ مس مس وري آهه برکا! جليا پوءِ به اُڌما! q گلابي مهارن تي رابيل ڏندڙا، گلن هار مُکڙي مان جهلڪار ڏين ٿا، ۽ گفتار جا هارمونيم ٿي ڇيڙي ته گفتا سُرنِ جا ٻهڪار ٿين ٿا، انهيءَ سحر ۾ يار راتيون رڱيون سين، برهه ۾ ڪي بي باڪ باتيون ڪيون سين، مليا پوءِ به صدما، جليا پوءِ به اُڌما! q ڀري نيڻ وٽيون جو مڌ ٿا ورهائن ته پياڪن جا ڪيئي ولر پيا اچن، سروپي ۽ ساڃاهه وٺي سونهن جي، ننگا نينهن نعرا هنيون پيا نچن، قدر تن کي قيمت سري، سونهن جي، جنين ٿڃ پيتي ڀليءَ ڀونءِ جي، امر ٿيا سي لمحا، جليا پوءِ به اُڌما! q نگاهون نگاهن سان ٻکجي وڃن ٿيون، ائين ڄڻ ڪُنڍيءَ مينهن جي پور ۾، ملن ٿيون ميارون ڏکن جا ڏوراپا ۽ سَو سَو سنيها نِگهه گهور ۾، توهان مڌ پياري، اسان ئي مڃيوسون، توهان جا مياري، اسان ئي مڃيوسون، مگر هاءِ جذبا! جليا پوءِ به اُڌما! q نه آ پيار جي پوءِ اسان جي وڃڻ سان، اُداسي اوهان تي وڃي ڇانئجي ڇو!؟ هو ڪٺور بادل پياسن بُٺنِ جي ڏسي زار حالت وڃي رانئجي ٿو! اهو پاڻ تي ۽ اسان تي پيارا، نه سونهين جبر ٿو اڃا جيءَ جيارا، ملياسون نه ڏکڙا، جليا پوءِ به اُڌما! ذوالفقار سيال غزل ڳالهه ڳالهه تي قسم کڻي ٿي، ڪيڏي سادي آهي، وڻي ٿي. ماڻهن کي ڄڻ موقعو گهرجي، ڪجهه به ناهي ڳالهه بڻي ٿي. هن جون چنچل سڀ ادائون، گهوري گهوري اک هڻي ٿي. وقت ته وهندڙ پاڻيءَ جيان آ، جيئن ڪا پِيلي شاخ ڇڻي ٿي. ايڏو ٿي هو چاهي مون کي، مون لاءِ پل پل خواب اُڻي ٿي. ذلف ائين ئي شعر لکي ٿو، ماءُ جيئن ڪا ٻار ڄڻي ٿي. غزل نوڙيءَ کي ٿا نانگ بڻائن، قانوني هي ماهر آهن. سياست جو منشور هي آهي، روز نوان اعلان مٽائن. ڪالهه جي ڳالهه وساري ڇڏيو، ڳولهي ڳولهي سچ لڪائن. هڪڙي ڳيت ۾ ملڪ ٿا ڳيهن، ڪنهن کي به هي ڪين ٻڌائن. کسڪي پير وڃن ڌرتيءَ تان، راند ٿا اهڙي هي رچائن. ذلف ڪڍي هي ساهه اسان جو، پوءِ به خيرخواهه سڏائن. سرمد چانڊيو مهان ڪوي شيخ اياز جي نانءِ اما! اما! مِٺي اما! سڄيءَ سنڌ جي اما! اياز جي مٺي اما! شڪارپور! شڪارپور! جهانَ تو گهڻا ڏٺا، هزار وارڀي سَٺا منافقيون ڏچا ڏٺا ۽ دربدر ٻچا ڏٺا اتر جي اوٽ ڀي ڪئي، ڇپر ٿي ڇانوَ ڀي ڪئي ڏنا توميت ڀي نوان، ڏنا تو گيت ڀي نوان شڪارپور! شڪارپور! نئون جهان تو اڏيو، لهو مٽيءَ سان گڏيو سِپي سِپي تو ٿڃُ جي، دعا دوا ڪري ڏني سکي سکي! به تو سڏيو، پٽيا پٽيا به تو سڏيو نوان رباب تو ڏنا، حَسين خيال تو ڏنا شڪارپور! شڪارپور! تو چنڊ ٿي کڙي چيو، تو باک جان ڦُٽي سڏيو اچو اچو اي دوستو! هي رنگ بُو ڏسي وٺو قدم قدم تي التجا، گهڙي گهڙي تون رهنما نشان تي نشان تون، جديد تر بيان تون شڪارپور! شڪارپور! ڪو خوف تو نه ڀاسيو، ولايتن کي واسيو تو برهه بانورو ڏنو، تو ساءُ سانورو ڏنو اڏول تنهنجي هوڏ تي، جليا پتنگ لوڏ تي اُڏام تي اُڏام ٿي، هليا پرين هشام ٿي شڪارپور! شڪارپور! توجيل ويل ڀي ڏٺا ۽ نينهن نيل ڀي ڏٺا اکيون اکين سان چار ٿيون، هُشار ٿيون هُشار ٿيون ونيون وهُون بهار ٿيون ۽ نينهن تان نثار ٿيون جوان جوتِ ۾ ڀريا، عميق ۾ ٻريا تريا شڪارپور! شڪارپور! ادب جو آبُ تاب تون، اڄوڪو آفتاب تون بري به تون جري به تون ۽ سون کان کري تون سنيهه سنڌ جو به تون، نقاد هند جو به تون حسين تر نظام تون ۽ پريت جو پيام تون شڪارپور! شڪارپور! گُجر جي گام گام تون، حوا جي هوڏ هام تون هزارها تضاد ٿيا، فساد تي فساد ٿيا جديد نور جي اما! اتم شعور جي اما! صبوح جي اذان تون، اسان جي آن بان تون شڪارپور! شڪارپور! غريب جو گراهه تون ۽ ساهه تون پساهه تون تون کير نير جي صدا، تون وير وير جي صدا سماءُ تون سڌير تون، سدائين باضمير تون ذهين لازوال تون، بليغ بي مثال تون شڪارپور! شڪارپور! تون موملن جا ماڻ ڀي ۽ روح جي رهاڻ ڀي ۽ سُور جو سرور تون ۽ ذوق جو ضرورتون نڪور دل جو نينهن تون ۽ ڏاهپن جو ڏينهن تون حسين تون حسان تون، مهان تون مهان تون شڪارپور! شڪارپور! ازل سندي اُساٽ تون، ڪُواٽ مان به واٽ تون اُماس ۾ اُهاءُ تون، صدين مٿان سُهاءُ تون ذري ذري لقاءُ تون ۽ چار سُو چٽاءُ تون سڳنڌ جو سڀاءُ تون، هڳاءُ ئي هڳاءُ تون شڪارپور! شڪارپور! سُهاڳڻين جي سيج تون، هنسي خوشي جا هيج تون لطيف جي تون سين آن، خداءِ جي تون دين آن اميد جو اُپاءُ تون، نياءُ ئي نياءُ تون حيات جو حياءُ تون گلاب دل جو گهاءُ تون شڪارپور! شڪارپور! اما! اما! مٺي اما! سڄيءَ سنڌ جي اما! ”اياز“ جي مٺي اما! شڪارپور! شڪارپور! روبينه ابڙو سچ ڀٽائيءَ جو تنبورو... سچ تتل ٿر- واريءَ جهڙو، جنهن تي هلندي پير سڙن ٿا، پوءِ به زوران زور کڄن ٿا. سچ ته ”شاهه عنايت“ جهڙو، جهوڪَ اندر جهونجهار ڏٺوسين، صوفين جو سردار ڏٺوسين. سچ ته پاڻ ”بلاول“ آهي، وَرُ وَرُ جو ورجايو ويندو، گهاڻي ۾ پيڙايو ويندو. سچ ڀٽائيءَ جو تنبورو، جنهن مان سُرَ سوين نڪرن ٿا، سنڌ سموريءَ ۾ پکڙن ٿا. سچ ته سچل جي سرمستي، ماٺ ٿيئي تان مشرڪ ڀانئين، ڪُڇي تان ڪافر سڏرائي. سچ قلندر جو مي رقصم، ڌرتي ۽ آڪاس ڀي رقصان، عام هجي يا خاص ڀي رقصان. سچ ته ”مائي بختاور“ جان، جنهن کي ٻڌندي هنيانوَ ڪنبن ٿا، وڏ ڌڻين جا ڪنڌ جهڪن ٿا. سچ ”ڪَنور“ جي لوليءَ جهڙو، گونجي گهٽي گهٽي هر گام، جنهن ۾ الله، ايشور، رام. سچ ”ڀُٽي“ جي ڦاهيءَ جهڙو، سارا آمر ڀُڻ ڀُڻ ڪن ٿا، جلادن جا هٿ ڏڪن ٿا. سچ ”عباسيءَ“ جي مُک جهڙو، ڳاڙهو گل گلاب ڏٺوسين، موت مهانگو خواب ڏٺوسين. سچ ته ”سيد“ جي سمجهاڻي، آجپو ايمان اسان جو، ”سنڌ پرستي“ شان اسان جو. سچ ته ”بگٽيءَ“ تي بمباري، آمر جا ايوان ڌڏن ٿا، ڀاري ڀاري بُرج لڏن ٿا. سچ ته بلڪل بينظير، ڪاري اُڀ ۾ تاري وانگي، اناالحق جي نعري وانگي. سچ ته ”سوڀي“ جي اَرڏائي، عشق اٽلتا ساڻ هلن ٿا، دنيا سان جي ڪين ٺهن ٿا. سچ ته ”نانگن“ جي ٻِرَ جهڙو، جيڪو هٿ ڏنگائڻ ايندو، سوئي نينهن نڀائڻ ايندو. هر ڪنهن واري تي ڀوڳيو آ، پر ڇا سڀني هي سوچيو آ؟ ”ڪنهن سان تن جي ياري آهي.“ سچ وڏو ڏوهاري آهي، سچ وڏو ڏوهاري آهي. بشير سيتائي غزل تنهنجي نيڻن جا ڏسندي ميخانا، ميڪدن جا ڀڳاسين پيمانا. مقتلن جي نه ڪن ٿا ڪا پرواهه، مُرڪندا ٿا وڃن هي مستانا. ماٺ ۽ مصلحتن جي موسم ۾، سچ چوندا رهن ٿا ديوانا. حسن تنهنجو حقيقت آ جانان! باقي قصا، هي ڪوڙا افسانا. دل ته دل ساڻ اعتراف ڪيو، مون چيو ”ها ها“، تو چيو ”نا نا“. پنهنجي اندر ۾ انجمن آهيون، پل ۾ آباد، پل ۾ ويرانا. سچ پڇين، اي ”بشير سيتائي“، پاڻ ئي پاڻ کان هون بيگانا. غزل ڇا خبر هئي ته ائين به ٿي ويندو، ويندي ويندي دلين جو هڪ سودو. اپسرائن جي ديس مان آيل، تو غريبن سان ڪيئن رکيو رشتو. يا ته باذوق آ نظر منهنجي، يا رکيل تو ۾ آ اُهو جلوو. آهي بي انت سحرا سورن جو، ڪيڏو دشوار عشق جو رستو. زندگي! توسان ڪيئن نڀايان مان، هر گهڙي جِتِ آ موت سان ميلو. غير موزون شعر آ جيون، نه رديف آ، نه جنهن جو آ قافيو. آزمائش جو وقت آهي ”بشير“، تون به ٿي اڄُ ته گهوٽُ گهاڻي جو. رخسانه “پريت” غزل هيءَ جا گذاريون ٿا، سا زندگي نه ٿي لڳي، هلئون ته پيرن هيٺان ڪا ڌرتي نه ٿي لڳي. هرڪوئي آ سفر ۾ پر منزل نه ٿي لڀي، ڇا لاءِ جو ڪوشش ڪا باهمي نه ٿي لڳي. بک، درد جا احساس ڪئي ان ۾ پيا ٻڙڪن، ڏاڍو اڀامي جا ڪُني سکڻي نه ٿي لڳي. هٿ، هٿ ۾ مگر دل جا ها رستا جدا جدا، ڪو ٻيوئي نانءُ ڏيوس، دل لڳي نه ٿي لڳي. جڏهن کان دوستن به آ تنها ڇڏي ڏنو، تڏهن کان تنهائي به اوپري نه ٿي لڳي. ڪا سوچ، لوڇ ۽ ڪوئي، احساس هو لکيو، ڀل چؤ اوهين مون کي ته شاعري نه ٿي لڳي. نه ياد ٿو ڪري ڪوئي، اک ڀي نه ٿي ڦَري، سِڪ پنهنجي، ڪنهن کي اڄ ڇو ايتري نه ٿي لڳي. غزل ناهن دل جا ڦول کڙيا جي، ڇا ٿي پيو!؟ سارا رشتا سرد مليا جي، ڇا ٿي پيو؟ دل ۾ هر دم نينهن جو نغمو گونجي پيو، وسريا سڀ آلاپ ٻيا جي، ڇا ٿي پيو!؟ دل جي جئاني، عُمريون ڪونه کسي سگهنديون، چاندي چاندي وار ٿيا جي، ڇا ٿي پيو! پيار ۾ هو، مدهوش سراپا ڏسجي پيو، پنهنجا ڀي ڪجهه پير ٿڙيا جي، ڇا ٿي پيو؟ هُن جي گهر ڏانهن ويندڙ رستو ياد رهي، سارا ٻيا رستا وسريا جي، ڇا ٿي پيو؟ روح ته هن جو آهه اڪيلو صدين کان، هٿ ۾ هٿ هي کوڙ مليا جي ڇا ٿي پيو؟ سمجهه، عقل ڀي، ڀلجي هن ڪاٿي ويندا، پنهنجا گر ڪجهه خواب ڀُليا جي، ڇا ٿي پيو! هڪ پل مون کي ڀانءِ، سجايو ٿئي جيون، سارا پل پو يار ڇڻيا جي، ڇا ٿي پيو! ”پريت“ اسان جا گيت گلابي رهڻا هن، رنگ نه جيون منجهه ڀريا جي، ڇا ٿي پيو!؟ محبوب ڀٽي غزل شايد ڪوئي در تي آهي، واس وسِي پيو گهر تي آهي. جنهن جو پير ابر تي آهي، ڪرندو نيٺ قبر تي آهي. قاتل آخر سامهون ايندو، نانءُ لکيل خنجر تي آهي. جهيڙو سارو زر تي آهي، بانور هٿ جي مر تي آهي. سِيرَ ٽپي آ مون هيءُ ڄاتو، خطرو صرف ڪپر تي آهي. ڪوڙ ۾ ڪهڙي طاقت آهي، ريت وڇايل جر تي آهي. جيئرا ماڻهو فٽ پاٿن تي، ڪيڏو محل قبر تي آهي. غزل ٻار ڪو اهڙو مچ، وگهري من جو ڪچ. ڪوڙ ڪروڌي آهي، سندرتا هڪ سچ. ڪوبه نه تنهنجو دشمن، پنهنجو پاڻ کان بچ. دنيا جي هيءَ دولت، پاڻيءَ ۾ جيئن گچ. منهنجي من ۾ اوندهه، چانڊوڪي ٿي اچ. اگر قلندر آهين، ٽانڊن تي تون نچ. سبق نه ڪوئي ورتم، عمر گذاريم ڳچ. ابرار ابڙو غزل جهان جو قصو قصو شمار ۾ کڻي هلو، ڪڏهن ته جستجو اوهان به پيار ۾ کڻي هلو. ڪيو دلين ۾ سوجهرو، ڪيو اکين ۾ روشني، ڪڏهن ٻه چار پل اسان کي سار ۾ کڻي هلو. ڇڏي نه ڏيو، پري نه ڪيو، اسان کي ويجهڙو رکو، سدا اسان جي نينهن کي نهار ۾ کڻي هلو. وجود هيکلو کڻي ڪٿي وڃائجي نه پَئو، سرور، ساٿ جو نشو سنوار ۾ کڻي هلو. اسان جو روح قيد آ، اسان جو جسم قيد آ، اُڏو ته پو اسان کي به اُڏار ۾ کڻي هلو. غزل نه مون ڪٿي اکيون رکيون، نه مون ڪٿي بدن رکيو، اکين ۾ جستجو رکي، وفا رکي، وچن رکيو. اصول هو ته عاشقي ڪڏهن اداس ڪين ٿئي، محبتن ۾ دوستو! اسان هٿن تي من رکيو. زمين، آسمان جون حدون ڳنڍي ڇڏيون اسان، اُڃايلن اکين مٿان اسان سدا وطن رکيو. مٽي مٽيءَ سان ملي، هڳاءُ ٿي هوا گهُلي، سرور ۽ سرير تي گُلن سندو صحن رکيو. جمال ماڳ کي مليو، ڪمال ڀاڳ کي مليو، نه ذهن کي ڳرو رکيو، نه وقت تي وزن رکيو! مفتون ڪورائي نـــظــــم کٽي کٽي ٿڪيون اکيون، ثواب انتظار جا، نه ڏي لذيذ ايترا، عذاب انتظار جا. هيءُ ٻانهون ڀاڪرن بنا، ٻُٽيون ٻُسيون، سُڃيون لڳن، بسنت رُت جون راتڙيون، رُکيون، بُکيون، اُڃيون لڳن، ڏٺا سَٺا نه ٿا ٿين، هي خواب انتظار جا. گم حواس ۽ رُٺل، ڀنل اکين جون ماڻڪيون، سڪون ۽ قرار جون، گهڙيون به اڄ اُٻاڻڪيون، چُڀن ڪنڊن جيئان پيا، گلاب انتظار جا. اڻ ڏٺل لڳن پيون، ڳليون به آسپاس جون، ڀڄي ڀري پيون نفيس، حسرتون حساب جون، ڳلي ڳلي سُرن پيا، سراب انتظار جا. اڌ کليل کڻو اکيون، کُلن اکيون بهار جون، ڀري نظر اگر کڻو، بَٺيون چڙهن خمار جون، بنا پِئي نشا پتا، شراب انتظار جا. ماڻڪ ملاح غزل ڪنارو تنهنجو چارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان، حياتيءَ جو ڪفارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! پنهنجو آ ساهه جو ڏورو، ڇِنو ڇورو رڳو گهورو، نه پنهنجو نه اُڌارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! اسان جو مال ميڙي هو، ڳِهي ويا ڳوٺ جون ڳالهيون، نه ڪي ڍوڍو نه جهارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! مٺا سڀ کوهه خالي ٿيا، رڳو کاراڻ تون ناهين، اکين جو لڙڪ کارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! ٻه ٽي گهرڙا هو واريءَ تي، اُگهاڙا ٻار ڄاريءَ تي، اونڌو پريان پيو کارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! ڏيئو ٻاريون ڪٿي ٻاريون، مندر مسجد سڌيون ڀتيون، نه کِڙڪي آ نه جارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! هزارين هانءَ ۾ هُڙٻون، نظارو ٿو نڀائي پَرَ…، اکين جوئي گذارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! سنڌو درياء جو ڪڙڪو، تنهنجي دهشت تنهنجو دڙڪو، اسان جي اک جو تارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! پنهنجو ڪِستو ڪٿي ڪِريو، پنهنجو داڻو داڻو ڪَنٺو، نه جوڳي آ نه ڍارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! اسا جي ساهه جو سڳو، صدين کان عشق اوماهيو، اڃا ”ماڻڪ“ اُڃارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان! اَمر کهاوڙ غزل هِن جو قصور ڪهڙو، پن ڇڻ ۾ هُو ڄميو؟ اِن لاءِ هُن کي واس جو، ڪوئي پتو نه هو. اڳواڻ هو به ڪهڙو، جنهن قوم کي لُٽيو! انڌي کي پنهنجي ماس جو، ڪوئي پتو نه هو. دوکا ۽ ڪجهه دلاسا، ڏيئي هليو ويو، ظالم کي قرب، قياس جو، ڪوئي پتو نه هو. برسات ۾ وئي پئي، وڌندي وڌيڪ اُڃ، درياء کي اک جي پياس جو، ڪوئي پتو نه هو. ڪلهه ميت، گيت منهنجو جهونگاريو جيئن! تنهن وقت ڪنهن حواس جو، ڪوئي پتو نه هو. چهرا نه تو سڃاتا، ڀُلجي پئين ”امر!“ توکي به روشناس جو، ڪوئي پتو نه هو. وائــــي ايندو انقلاب، ڏسجو پنهنجي ڀونءِ تي. پڄاڻي تي پهچندو، نيٺ ته ڪارو باب، ڏسجو پنهنجي ڀونءِ تي. پنهنجي رت جي ريج سان، ٽڙندا لال گلاب، ڏسجو پنهنجي ڀونءِ تي. هاريءَ ۽ مزدور جا، ساڀيان ٿيندا خواب، ڏسجو پنهنجي ڀونءِ تي. گـــيـــت مون لا کڻي کيل خوشين جا تون وري آءُ، آ، هيل وري آءُ… توريءَ ته هتي پل به سندم ڪانه سري، آءُ، آ، هيل وري آءُ… ڪا سوچ نه ڪر يار ٻڏڻ جي ۽ ترڻ جي، سڪ ساڻ کڻي واڳ وري وار ورڻ جي، ها! عشق جي تون تار مٿي تيز تري آءُ، آ، هيل وري آءُ… ڪو حال نه احوال نه ڪا سار لڌي ٿئي، نه سلام نه پيغام نه ئي تار ڪئي ٿئي، انمول جواني نه وڃي هيئن ٽري، آءُ، آ، هيل وري آءُ… ٿي ڏات رڙي ڏانءُ به سک ڪونه ستو آ، ڪو وقت ٿيو گيت به هڪ ڪونه لکيو آ، ڪا جلد خيالن جي کڻي دوست ڀري آءُ، آ، هيل وري آءُ… اَچ خوب ڪچهريون ۽ ٿين ميل نرالا، سڀ لطف اوهان ساڻ ٿين ذوق دوبالا، تون ٻاٽ ۾ ڪنهن لاٽ جيان يار ٻري آءُ، آ، هيل وري آءُ… ڪي گيت ۽ سنگيت کڻي آءُ امر ڏي، او ميت! نئين جيت کڻي آءُ امر ڏي، هيءَ دل به سندءِ چاهه ۾ ٿي خوب چري، آءُ، آ، هيل وري آءُ… تون هيل وري آءُ… عاجز اُڄڻ سُر سسئي پاهڻ ٿيو پينگهو، هاڙهو هندورو ڀانئيان، عاجز ڳوليان اُٺن جو، لڪن ۾ لينگهو، رئڻ ۽ رينگو، مون کي ڏيئي ڏير هليا ويا. هاڙهو جهڙي هنج، جيڏيون جيجل ماءُ جي، لُڏان لڙڪان لڪن ۾، ڄڻ منهن رکيءَ منجهه، سرتيون سور سُمير جا، سمجهيم سڀ سهنج، عاجز رکيم اکين تي، آريءَ جا اَهنج، ڏنا ڏيرن ڏنجهه، مون چمي چشمن چائيا. هئه هئه مُنڌ مئي، لڙڪي اڄ لڪن ۾، جبل جهوريو جندڙو، راڱا ڪيس رُئي، پو عاجز اُت هئي، هن گهورِي جند جتن تان. هوتن اڄ هونهين، سڳر ڇني سسئي، دل تي درد فراق جِي، دکي پيس دونهين، ڪيئن ڪري، ڪاڏي وڃي، عاجز اسونهين، هڪ ورهه ورونهين، ٻيو ليڙا لڪ لنگهي ويا. سورن سانگهيرا، ڪيا جيءَ جڏي ۾، هڪ لنگهڻ، ٻيو لڪ ٽيون پِرَ وڃايم پيرا، چوٿون چڙهندي چاڙهڪا، ٻوٽيون ٿين ٻيرا، پنجون پرٽياڻيءَ سان، وڙهي وئي ويرا، عاجز اَوَيرا، هئه هئه هوت هليا ويا. سسئيءَ سندا سڏ، ٻڌي ٻاروچا ٻاجهه ڪر، عاجز مون اڪيليءَ کي، هينئين نه ڇپر ڇڏ، گهِلي هلو گڏ، ته آءٌ گولي ٿي گذاريان. ڏونگر سين ڏايام، ڏاوڻ ڏينهن ازل جي، عاجز اُڄڻ آريءَ سينءَ، پيچ اُتي پايام، ڏمر ڏنجهه ڏيرن جا، چشمن تي چايام، پلئه ۾ پايام، هڙئي خاطر هوت جي. ايڏي پيڙَ پهاڙ، ڪرم جڏي جيءَ سين، اڳئي مون عاجز سين، جتن ڪئي آ جاڙ، ٻانڀڻ جا ٻوهاڙَ، ٻڌي پاهڻ ٻاجهه ڪر. سمجهيم سُکائون، سرتيون سور سُمير جا، عاجز ڪيئن انهن کي، اُديليان آءٌ، لَڪن سين لائون، مون اڳي لڌيون ازل کان. جيڏيون ٿيم نه جاڳ، هوت جڏان ٿي هليا، عاجز مون اياڻيءَ جا، ڀينر ڀُليا ڀاڳَ، ڏونگر ۽ ڏهاڳ، لکيا لوحَ قلم ۾. ڇو ٿي هڻي ڇَکَ، ڇپر ۾ او ڇيڳري، وڌ پريان جي پار ڏي، قلبئون ڪڍي ڪک، ٻيائيءَ مان ٻک، ڪڍ ته پهچين ڪيچ کي. جانب جني کي، وڌا نيئر نينهن جا، عاجز اُڄڻ سي، رويو ڪاٽن راتڙيون. جيڏيون جڏهانڪر، جتن جيءُ جڏو ڪيو، عاجز تڏهانڪر، سٺا سور سُمير جا. جيڏيون جني ڪاڻ، رئان پئي ٿي روهه ۾، سي آريچا اڳواڻ، وساري ويهي رهيا. جُهلون پائي جن، قطاريا ڪنواٽ، عاجز تن جي واٽ، روئي روڪبي ڪيتري. خليل عارف سومرو وائـــــي دل جي ڪاڳر تي، دردن ڪوتائون لکيون. يادون ڇولان ڇول ۽، نيڻن ساگر تي، دردن ڪوتائون لکيون. سنڌوءَ کان پاڻي کسيل، ڌرتي بنجر تي، دردن ڪوتائون لکيون. اُوندهه ۾ تارا رُنا، رات، امبر تي، دردن ڪوتائون لکيون. ”عارف“ دل اُٻاڻڪي، سانجهي منظر تي، دردن ڪوتائون لکيون. وائـــــي نازڪُ شيشا خواب، چوڌاري پَٿر شهر. ساٿي ڪوبه نه چنڊ جو، مُرجهائِن گلاب، چوڌاري پٿر شهر. چهرو چهرو سوال ۽، ڪوبه ناهي جواب، چوڌاري پٿر شهر. تالا هر زبان تي! ڪيڏو وقت خراب، چوڌاري پٿر شهر. دل جي نازڪ ڪَوي، ”عارف“ لاءِ عذاب، چوڌاري پٿر شهر. بخشل باغي غزل هورڙيان، هورڙيان، سڀ آستان مِٽجِي ويا، اسان جي دوستيءَ جا داستان مِٽجِي ويا. ڪچين ڇتين تي ڇانوَ ۾ ڏٺا ها جي سپنا، ڪچي مٽيءَ مان جڙيل سي مڪان مِٽجِي ويا. سدائين جن جون رهيون شفقتون شفق وانگر، اُهي محسن، مهان، مهربان مِٽجِي ويا. مٽيءَ ۾ جن سان سڄو ڏينهن راند رهبي هئي، ڀڳل، ٽٽل سي راند جا سامان مِٽجِي ويا. کِڙيا ها جن ۾ تنهنجا خواب کڙکٻيتن جيان، اُهي اکين جا قبر ۾ نيشان مِٽجِي ويا. رهيو اُهوئي جيڪو تنهنجي دسترس ۾ هو، ڇڏائي تنهنجي هٿن مان زمان مِٽجِي ويا. ڏنو آ عشق جي جوڳي يقين ياقوتي، خاڪ گمُراهيون ٿي ويون، گمان مِٽجِي ويا. امتياز عادل سومرو وائــــي وارو وارو وارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! لوڙهي ويندو سنڌ سڄيءَ جو، اڌ سراسر سارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ڪهڙي بستي بچندي بابا، ڪهڙو شهر پيارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ڪاٿان لڻبيون سُرهيون ساريون، ڪيئن ڪبو لابارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ڇَرَ ٿي ويندا راهون رستا، دڳ دڳ چارو چارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ڏيهه ڏڪر ۾ وٺجي ويندو، مور نه ملندو ڏارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ڪاٿان ايندو شهر گهمڻ لئه، واهڻ ڪو ويچارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! مشڪل ۾ ڪيئن مددون ملنديون، ڏيندو ڪير اُڌارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ڪهڙيون جاچون ٿينديون، هرڪو، اوندهه آهه ادارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ڪيئن ڪندا هن ڏيهه جا ماڻهو، گوندر منجهه گذارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ٻاجهه ڪري شل ”عادل“ سنڌ تي، پاڻ ڌڻي ٻاجهارو ڙي! ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! ڪوثر هالائي تنهنجي للڪار لوڏي وئي.... پڪاريندو پڪاريندو، گلين مان خون گذري ٿو، اسان جو هانءُ ڏاريندو، گلين مان خون گذري ٿو. سوريءَ آ ساز جو ڇيڙيو، ڏکن کي جهول ۾ ميڙيو، ڪنڊن تان من گذاريندو، گلين مان خون گذري ٿو. لڳي ٻولي لڳي گولي، نه رهزن راهه ڪا کولي، ڳاڙها لڙڪ هاريندو، گلين مان خون گذري ٿو. جنهن جي احساس کان آجا، ڪٿي آهيون ستا ناهيون، ڪچيءَ ننڊ مان اٿاريندو، گلين مان خون گذري ٿو. ڊسمبر ڊوڙندو ايندو، آهي گهايل ڪري ويندو، ظلم جا پل پچاريندو، گلين مان خون گذري ٿو. اڃان اپريل جون اکيون، ڏين ٿيون ڏيک سانوڻ جو، پنهنجي تاريخ تاريندو، گلين مان خون گذري ٿو. پلئه ٿيندو نه ڀؤ ٿيندو، پڪارن منجهه تئه ٿيندو، اداسيءَ مان نهاريندو، گلين مان خون گذري ٿو. تنهنجي للڪار لوڏي وئي، آ ايوانن جي اندر کي، اڃان ڪئين روپ ڌاريندو گلين مان خون گذري ٿو. وائي اکين جا ارمان، سونهن سندا سامان، ٻوڏ ٻهاري وئي. واٽون وارِي ٿي ويون، اچڻ جا امڪان، ٻوڏ ٻهاري وئي. اڱڻ اکيون ٿي اُگهيون، گهر جا گل گلدان، ٻوڏ ٻهاري وئي. خوابن ۾ ڏسبا هئا، نوان روز جهان، ٻوڏ ٻهاري وئي. ڇولين جيئن ڇڏي ويو، جيڪي نينهن نشان، ٻوڏ ٻهاري وئي. هير نه ڪوئي ڏس ڏنو، گسن منجهه گمان، ٻوڏ ٻهاري وئي. سُکَ اسان جي سنڌ ۾، آيا ٿي مهمان، ٻوڏ ٻهاري وئي. شاعرن جا شهر ۽، مجموعا، ديوان، ٻوڏ ٻهاري وئي. پرهه کي رنگين ڪي، ڏيڻا ها عنوان، ٻوڏ ٻهاري وئي. فراق هاليپوٽو نثري نظم خبر ناهي تنهنجو موڊ ڪهڙو هجي! مون کي ڳالهه مڃڻ گهرجي سمنڊ جي جيڪو پنهنجي گهرائي کان تنگ ٿي ڪنارن طرف ڊوڙندو آهي مون کي وڃڻ گهرجي ان پوڙهي وڻ ڏانهن جيڪو پکين جي گيتن تي اڃان به رقص ڪري ٿو مون کي وري به ڏسڻ گهرجي اُها ندي جنهن جي هُن پار وٺي وڃڻ واري ٻيڙي ۽ ملاح پاڻيءَ جون ڳالهيون سمجهندا آهن مون کي اهو گهاٽو جهنگ به ڏسڻ گهرجي جنهن جا سڀئي وڻ تيز مينهن ۽ هوائن ۾ هڪ ٻئي سان گلي ملندا آهن (بنا ڪنهن فرق جي) خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ان شاعر جو ڪتاب به پڙهڻ گهرجي جيڪو هُن بچي وڃڻ کان پوءِ لکيو آهي ۽ اها فلم به ڏسڻ گهرجي جنهن ۾ پوڙهو مصور پنهنجي نوجوان محبوبا جون پوڙهاپي جون تصويرون به ٺاهيندو آهي اڄ پهريون ڀيرو مون توسان فون تي ڳالهه ڪرڻ لاءِ پاڻ کي راضي ڪيو آهي. نثري نظم اچو نظم سان تعزيت ڪريون! اچو اُن نظم سان تعزيت ڪريون جنهن ۾ ڪا خوبصورت ڇوڪري هڪ رات لاءِ به ترسي نه سگهي جنهن ۾ ڪو ٿڪل ٽُٽل هاري ٻنپهرن جي ننڊ نه ڪري سگهي دريءَ مان ٻاهر گهوريندڙ ٻار کي چنڊ نظر نه اچي سفيد لٺ واري نوجوان کي گلن جي موجودگي جو احساس نه ٿئي ۽ مزدور کي مل جي دُونهه مان نجات نه ملي سگهي جنهن ۾ قيدي ٻاهر جي دنيا جو تصور نه ڪري سگهي ۽ آزادي جي جنگ وڙهندڙ گوريلي کي چانڊوڪي رات ۾ پهاڙن تي محبوبا جي ياد نه اچي جنهن ۾ ٽن مهينن کان سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ ملاح کي پنهنجي زال جي جواني جو احساس نه ٿي سگهي اچو ته اُن نظم سان سندس شاعر جي تعزيت ڪريون. علي اظهار غزل ڪير توتي ٿئي مهربان ڇوڪرا! ڳالهه ڪنهن سان ڪندين بي زبان ڇوڪرا! ان منزل ڏي جيڪو به هلندو رهيو، ٿي ويو سو سدا بي نشان ڇوڪرا. پير هوريان ڌري ساهه آهستي کڻ، آ پرينءَ جو پڌر ڪهڪشان ڇوڪرا. تيرَ هُن کي ڏئي تو رڳو پاڻ وٽ، بس رکي آهي خالي ڪمان ڇوڪرا. هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪيئن هن سان هلين، تون زمين آهين هوءَ آسمان ڇوڪرا. پنهنجي گهر کي ڇڏي ڪاڏي ويندي ڀڄي، سڀ دشائون اٿئي بي امان ڇوڪرا. روز آ نئون سفر، روز رستا نوان، روز آهي نئون امتحان ڇوڪرا. پشپا ولڀ تصوير اڃا نظر ڀري ڏٺو نه هيو لفظن کي چپن سان ڇهيو نه هيو ته تصوير فريم مان کسڪڻ لڳي منهنجي نه، هُن جي ٽرين آهسته آهسته چرڻ لڳي لڳو ڄڻ زندگي جي ڏور هٿ مان ترڪڻ لڳي خالي ڏول ديوارن سان ٽڪرائيندي کوهه ۾ ڪرڻ لڳي. مون سمجهيو ڌرتي منهنجي مُٺ ۾ آهي پر هي ته واري آهي ڪڻو ڪڻو ٿي هيٺ ڪِرڻ لڳي. درياء کي ٻڪ ۾ ڪيئن ڀريان پربتن مان وهندي، شور مچائيندي هڪ ندي، اکين ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي. سنڌيا شاهه تون ناهين توکان پوءِ زندگي سچ پچ بي مزي ٿي وئي آ پر پوءِ به مستقل آهي اداس ۽ اڪيلي مختلف منزلن ڏانهن ويندڙ ريل جي پٽڙيءَ جيان…! منهنجا سائين تنهنجي خاموش نهار کان پُرسُڪون مرڪ تائين پيڙا ۽ ڀوڳنا جو ڊگهو سفر جو مون ڪَٽيو آ سو آءٌ ئي ڄاڻان ۽ ”تون ئي ڄاڻين.“ تنهنجي ياد مينهوڳيءَ ۾ ڪنهن اڪيلي مسافرخاني جيان زندگيءَ جي هر اسٽيشن تي تنهنجي ياد! چانهه جي گرم ٻاڦ جيان ۽ ٿڌي پاري ۾ دونهين سان دکندڙ باهه جيان، سياري جي ڊگهي رات ۾ اڌ رات جي خواب جيان، جڏهن به ايندي آهي تنهنجي ياد بيچين ڪري ڇڏيندي آهي. ظهير زرداري چؤسٽا توسوا هڪ گهڙي چئن ناهي پرين! توسان آهن رهيون روح جون راحتون، چنڊ آهي، مگر ساڻ تون ڪونه آن! اڄ لڳن ٿيون اڌوريون ٽُـٽل چاهتون. دوست ”دشمن“ ڪڏهن ناهه ٿيندو سڄڻَ، ڇا ٿيو جي اکين کان پري ئي سهي، هي ٻه ٽي ڏينهن آهن ڏکن جا ڪَڪَر، تون نه گهٻرائجان نيٺ ويندا لهي! سادڙو سادڙو ۽ ڳهيلو رهيو! ميڙ ۾ آهيان مان اڪيلو رهيو! ها مگر تنهنجي ايندي اڱڻ تي ظهيرَ، آهيان خوشين سندو ڄڻ ته ميلو رهيو. تنهنجي ليکي ته مون کي خبر ڪانه آ، تنهنجي ڪوڙن حسابن کي سمجهان نٿو، تون ڀلي پنهنجي مستيءَ ۾ خوش رهه مٺا! پيار سمجهان، عذابن کي سمجهان نٿو. علي محمد سولنگي او -امڙ دُعا ڪا ڪر درد دور ٿي وڃن، سورَ سڀ ڀڄي وڃن. ڏينهن ڏک سندا وڃن، مينهن سک سندا وسن. لُڙڪ، مُرڪ ٿي پون، ٽهڪ ڪي ٽڙي پون. قلب ڪائنات ۾، چين ۽ قرار جي. اجڙيل حيات ۾، رُت وري بهار جي. زندگيءَ ۾ رونقون، ڪي وري وري اچن. ۽ رُٺل سي راحتون، چاهتون ملي وڃن. هٿ کڻي خدا جي در، مٺڙي مصطفيٰ ﷺ جي در. او امڙ! دعا ڪا ڪر، او امڙ! دعا ڪا ڪر. پريت گهمرو غزل اچ پرين توکي سمايان ساهه ۾، تون رهين ٿو دل سندي درگاهه ۾. هو مٺو مولا ڪري ڪاٿي ملي، اوچتو هو مَنَ ملي ڪنهن راهه ۾. رات جي هن سانت ۾ ڳوڙها وهن، جيءُ جهريو تنهنجي جاني چاهه ۾. تو ملين دولت ملي ٻيو ڇاکپي، دلربا ڪيڏو اثر هو آهه ۾. ڀروسو توتي رکي غلطي ڪيم، مان ته ڦرجي بس ويس ويساهه ۾. غزل بي رُخيءَ کي تون هٽائي ڇو نه ٿو، مُرڪ منهن تي تون سجائين ڇو نه ٿو. آهه سالن کان رهي دل بيقرار، پنهنجي ٻانهن ۾ سمائين ڇو نه ٿو. نيڻ منهنجا لڙڪ هارن ٿا پرين، نيڻ نيڻن سان ملائين ڇو نه ٿو. ڏئي به ڇڏ ڪوڙي انا هڪ وار تون، پيار جا تون گيت ڳائين ڇو نه ٿو. منهنجي دل هردم اداس آهي پريت، دل چريءَ کي تون کلائين ڇو نه ٿو. پريم پتافي غزل نيڻن مان جي نڪتا آهن، لڙڪ نه ڄڻ ڪي لاشا آهن. پنهنجا نيڻ مقامن وانگر، خواب کڻي دفنايا آهن. تو به ته وقت اسان جا سڏڙا، ٻوڙن جيئن ورنايا آهن. سياري ۾ احساس ڪنبل جو، تنهنجي ڳل تي بوسا آهن. دل جي گهر ۾ درد سمورا، اک جي رستي آيا آهن. ڪير اسان جا نيڻ سهيڙي، ڪِٿ ڪِٿ يار وڃايا آهن. رياضت ٻرڙو وائــــــي تو جيان دل لڳي تصور آ، من اندر روشني تصور آ. دشمنن جي شهر ۾ ڪجھ لمحا، درد جي دوستي تصور آ. شام جي پُر سُڪون يادن ۾، بي سُڪوني لڳي تصور آ. آءٌ بي جان بُت جيان تو لئه، منهنجِي ڪجھ زندگي تصور آ. تون وفادار، اي هوا ناهين، تنهنجِي پڻ نغمگي تصور آ. مون چيو: گيتَ ۾ ميتُ آ منهنجو، تو چيو: شاعري تصور آ. تون به ’رياضت‘ جئين ٿو سپنن ۾، تنهنجِي هر عاشقي تصور آ. غزل تو لئه دنيا مون، دل ۾ جوڙي آ، نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو! هِتان کان هُن پار ڏي، دلڙِي ڊوڙي آ، نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو! تنهنجي نالي زندگي، چُپ ۾ چوڙِي آ، نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو! مِٺِي ماني چنڊ جِي، تو بن ڪوڙِي آ، نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو! لفظن جي خوشبو پٺيان، وائي ووڙِي آ، نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو! سيف الحق سيف غزل رهگذر ۽ سفر، اسان جوڳي! دربدر دربدر، اسان جوڳي! نيٺ وڃڻو ته آ پري توکان! تنهنجو ڇڏبو شهر، اسان جوڳي! ڀوڳيون من اندر پيا هردم، هي عمر جو هجر، اسان جوڳي! جاءِ نه جوڙي ڪٿي پيا ڀٽڪون! هر شهر، هر نگر، اسان جوڳي! من ۾ موتي کڻي هلون ٿا پيا، ڪو ڏسي ديد ور، اسان جوڳي. جوءِ ساري اسان ڪان گهر جهڙي، ڇڏ اسان جو فڪر، اسان جوڳي. ”سيف“ ڄاڻون پيا سڄي جڳ کي، ٿا رکون هر خبر، اسان جوڳي. غزل مرندي ٿيندا، خالي هٿ! رهجي ويندا، خالي هٿ! ڇا ڇا ميڙيون ويٺا ٿا، هوڏي ويندا، خالي هٿ! مال متاع هتي رهندو، ڪانڌي ڏسندا، خالي هٿ! کِسڪي ويندي واري مُٺ، ساڳيا هوندا، خالي هٿ! هلجي ”سيف“ کڻي نيڪيون، ڪم ته ايندا، خالي هٿ! مِسروز ابڙو نـــظــم هٿ تي تنهنجو نانءُ لکي ٿي، پنهنجو نانءُ لکڻ کان پوءِ هوءَ. خوشبو خوشبو ٿي وئي آ ڄڻ، تنهنجو نانءُ چمڻ کان پوءِ هوءَ. ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه ڀري ٿي، تنهنجو نانءُ وٺڻ کان پوءِ هوءَ. رنگ رنگيلي ٿي وئي آهي، تنهنجو نانءُ پڇڻ کان پوءِ هوءَ. ڪيڏي سهڻي لڳندي آهي، اڪثر ننڊ پوڻ کان پوءِ هوءَ. صحرائن مان اُڪري وئي آ، تنهنجو پنڌ پڇڻ کان پوءِ هوءَ. دريائن مان لڙهندي وئي آ، لونءَ لونءَ منجهه لڇڻ کان پوءِ هوءَ. نکري پئي آ، مرڪي پئي آ، عشق جو رنگ چڙهڻ کان پوءِ هوءَ. مصور چوهاڻ غزل اکين جا لڙڪ ڳلڙن تان، سميٽي يار ٿا سوچون، سوا هيءَ زندگي توکان ڪَٽِي ڪيئن ڌارِ ٿا سوچون!! خيالن سان ڪندي ڳالهيون مڙيئي وقت پيو گذري، سوا سورن ڳنڍيون ڪنهن سان، دلين جي تار ٿا سوچون! حقيقت جي خوابن سان ڪٺن آ دوستي، پر ڇو؟ اجائي جستجو پيو ٿو ڪري، سنسار ٿا سوچون. حُسن ڄڻ تنهنجو پاڻي آ، پيئون ٿا پيا جيئون ٿا پيا، حياتِ آب ته ناهين! تولئه هر وار ٿا سوچون! وڪامي پئي محبت ڀي، ڀري بازار ۾ اڄڪلهه، ”مصور“! پيار جو خود ڀي ڪيون واپار ٿا سوچون! رحيمداد جوڳي نثري نظم مٽيءَ جا لڙڪ پاڻ مدتن کان ٿڪل اکين جيان تنهائيءَ جي ويرانن ۾ ڄڻ ته هجون صحرائن جا پکي! چپن ۾ يادن جي پياس کڻي سيني ۾ درد جون رونقون رکي لهندڙ سج جي پاڇن پويان ڇڏي بي نشان پيرا ٽهڪن جا ڊوڙندا رهياسين زندگيءَ جي روڊ تي هوائن سان گڏ! ۽ ٽاريءَ ٽاريءَ مان خزان جي مند جا ڇڻيل سڪل پن ٽهڪن جون تاڙيون ٿا وڄائن بهار اچڻ جي خوشيءَ ۾! هونءَ به سڄي عمر مٽيءَ جي لڙڪن جي ساهه کڻڻ ۾ گذري وئي! اياز جي قبر مٿان… ستارا سُرمئي اُڀ هيٺان چانڊوڪيءَ جا گيت ٿا ڳائن چنڊ- ”اياز“ جي قبر مٿان سنڌ جي دردن جا نوحا ٿو لکي! ª ايس. نسيم ميمڻ غزل تنهنجا جلوا ڳالهائن ٿا، منهنجا جذبا ڳالهائن ٿا، تنهنجا نخرا ڳالهائن ٿا، منهنجا اُڌما ڳالهائن ٿا. در دريون هي بند ڪيو ڀل، تنهن ۾ ڪوئي فرق نه ايندو، تن جي آڏو ٽنگيل جيڪي، سي سڀ پردا ڳالهائن ٿا. اوسيئڙن کي ڀي ته زبانون، الڪن کي احساس ملي ويا، روئندا ڀي هو آهن ڏاڍو، هي سڀ صدما ڳالهائن ٿا. ديوارن کي ڪن به آهن، مون به ٻڌو آهي وڏڙن کان، جنهن کي جي به مليا ويا آهن، سي سڀ درجا ڳالهائن ٿا. ڪاٿي هُو ٿيا ۽ ڪاٿي هي، راڙا روڄ شروع ٿي ويا هن، هاڻي سچ پچ پڪ ٿي وئي آ، ڊپ ۽ کٽڪا ڳالهائن ٿا. هي ته غزل تو ”سنڌو“ لکيا، تن جو ڀي ڪو مقصد آهي، جيڪي راڳين ڳايا آهن، سي سڀ نغما ڳالهائن ٿا. انور “ساگر” ڪانڌڙو غزل سفر جي عشق کي پيارا ڀُلائي ڇو نه سگهياسون، ملي ويا نيڻ، پر دليون ملائي ڇو نه سگهياسون. وُٺا هوندا، ڦُٽا هوندا، سُڪا هوندا ته ڇا حاصل؟ ٽُٽل ڏارن کي درخت سان، لڳائي ڇو نه سگهياسون. رنا هوندا، رڙيا هوندا، اڪيلا ڀٽڪندا هوندا، سوين عاشق خزائن ۾، کِلائي ڇو نه سگهياسون. نون تازن گلن وانگي، ڏسي مُرڪي ٽِڙي پياسين، اکين آڏو اهو منظر، هٽائي ڇو نه سگهياسون. کڻي وارن جي وَر وَر مان، وراڪا ڏئي لٿي خوشبو، سڄو ماحول حُسناڪي، ڀُلائي ڇو نه سگهياسون. اُٿياسين يا اٿڻ محفل به چاهيو هو ته اٿڻو پيو، اتي بدروح جو تن من، جلائي ڇو نه سگهياسون. ملڻ پهريون دفعو ٿيو، يا مَٽائي جُوڻ ملياسين، ملڻ ڪهڙي سبب ٿيو هو، ٻڌائي ڇو نه سگهياسون. کڻي هاري وساري ڇڏ، ورائي منهن نه ڏسندو ڪر، غضب راتين رهاڻين کان، نٽائي ڇو نه سگهياسون. اندر جو حال في الحال، اندر جا زلزلا ظالم، وڏي آواز سان روئي، سُڻائي ڇو نه سگهياسون. وڏو پاڻي وڏو ڀنڀٽ، وچان وڌندي ڀلا ڪيسين؟ جتي ڦاٿين توکي ”انور“، بچائي ڇو نه سگهياسون. رحمت سومرو غزل هر گهڙي انتظار، تنهائي، ديد، دل بيقرار، تنهائي. تنهنجي محفل ۾ بار بار آيس، پر ملي بار بار تنهائي. تنهنجي ٽهڪن جو ساٿ ڀي نه رهيو، دل به ڪئي اختيار تنهائي. هڪڙي حسرت جي مرتئي تي آ، مون سان گڏ سوڳوار تنهائي. ڏيڍ سٽا جنهن ڏي به ڏٺو نيڻن هر ماڻهو ۾ هڪڙو، نئون درد لڌو نيڻن. ¤ ڳالهاءِ کڻي هاڻي، لفظن کي ننڊ منجهان، جاڳاءِ کڻي هاڻي. ¤ دلجاءِ اکيون تنهنجون، جنهن جاءِ ملي راحت سا جاءِ اکيون تنهنجون. ¤ ويساهه سلامت رک، منزل به ملي ويندي، بس چاهه سلامت رک. ¤ ٿو دل ۾ عشق اڏي، هرڳاٽ اڀو آهي، پيو مقتل گاهه ڌڏي. خميسو خان خانوٺي پاند ڳچيءَ ڳَلِ پاءِ، سِر کي زمين سان لاءِ، پاڻ وڃي پرچاءِ، سڄڻ کي پاڻ وڃي پرچاءِ. ويو جي هٿن مان وقت، نيڪ ڦِٽو جي بخت، جوٽَ پٽيندي هاءِ، سڄڻ کي پاڻ وڃي پرچاءِ. جيءَ ۾ جوڳي آڻ، مَن جون مُرادون ماڻ، جلد رُٺل ريجهاءِ، سڄڻ کي پاڻ وڃي پرچاءِ. ننڊ ڦٽائي روءُ، من ۾ سمائي روءُ، ٻانهون ٻڌي ٻاڏاءِ، سڄڻ کي پاڻ وڃي پرچاءِ. عشق جي من ۾ آڳ، جهنگَ جبل پوءِ جهاڳ، عشق عيان هر جاءِ، سڄڻ کي پاڻ وڃي پرچاءِ. پتنگ جيئان سِرُ وار، نينهن جو ناتو پار، ڪونج جيئان ڪرلاءِ، سڄڻ کي پاڻ وڃي پرچاءِ. اشوڪ واجپئي(1) هڪ دري موسم بدلجي، نه بدلجي اسان کي اُميد جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ دري ته کُليل رکڻ گهرجي. شايد ڪا عورت پيلي ريشم ۾ ويڙهيل اُنهيءَ وڻ هيٺان ڪنهن لڪل ديوتا جي لاءِ ڇڏي ويئي هجي گُل، ان – داڻا ۽ ٿوري مِٺاس. ٿي سگهي ٿو ڪنهن ٻار جو کينهُو بجاءِ پولار ۾ وڃائجڻ جي اسان جي ڪمري ۾ اندر اچي ڪِري ۽ اُهو موٽائي سگهجي. فرشتي ۽ شيطان جي ويڙهه ۾ رتورت ڪو پوڙهو لفظ شايد ٻاهر جي ٿڌ ۾ ڏڪندو ڪنهن ڪِوتا جي هلڪي باهه ۾ ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ ترسڻ چاهي. (1) اشوڪ واجپئي: جنم 1941ع، تعليم: ايم.اي، هنديءَ جو ناميارو شاعر. چار ڪِوتائن جا مجموعا، ٻه تنقيد بابت ڪتاب ۽ چار ايڊٽ ڪيل ڪتاب ڇپيل، مڌيه پرديش (ڀارت) ۾ ملازمت تان رٽائر ٿيل. (ايڊيٽر) اسان پنهنجي وقت جي هارايل ڊوڙ لڳايون ۽ داءَ تي لڳائي ڇڏيون پنهنجي همت، چاهت، سڀڪجهه پر هڪ دري ته کُليل رکڻ گهرجي ته جيئن هارائڻ ۽ ڪِري پوڻ کان اڳ اسان اوندهه ۾ پنهنجي آخري هٿيار وانگر پنهنجي پوءِ به اُڇلائي سگهون چمڪندڙ باقي بچيل دعا. طارق عالم غزل گهڙي گهڙي خنجر جي ڌار، ڏکَ جو ڪوئي انت نه پار. پٿر سان ٿو سُورَ سلي، ماڻهو، ماڻهوءَ مان بيزار. پنڇي سانجهه سمي پهتو، پر ناهي، وڻ ۾ سو ڏار. شاعر، عاشق، آفيسر، ڪار بنا، هرڪو بيڪار. ديپ هان تنهنجي جاري جو، تنهنجي مرضي ٻارِ، نه ٻار. غزل مَنَ تي ڇانيو مونجهارو، عشق چوي ٿو، تنهارؤ. موسمَ، گُلَ کان اک ڦيري، پن ڇڻ ٿيو، هرڪو چارو. هر کڙڪي تي دل ڌڙڪي، آئيني تي جينءَ پارو. تون جي ناهي او- سائڻ، چَنڊُ لڳي ٿو ويچارو. درد وڇوڙي جي ماکي، دل ۾ جوڙيو مانارو. اک ۾ خواب هئس روشن، پاڻ اجهاڻل هو سارو. لهرن تي خالي ٻيڙي، ڪينجهر مان تنها تارو. وستي وستي سُن هئي، سَچُ ونڊي ٿو وڻجارو. • “اديبن کي وڏين ڀتين جي پاڇن ۾ نه، بلڪ وچ- رستي تان ئي زندگيءَ ڏانهن هلڻ کپي؛ اديب جو عوامي سياست کان پري رهڻ هڪ فرضي چيز آهي، جنهن کي سرمائيدار جنم ڏنو، ۽ پالي نپائي وڏو ڪيو آهي.” – پبلو نرودا • “فن ۽ ادب اهوئي آهي، جنهن جو ديس جي عام ماڻهن سان تعلق هجي. فن کي ضرورت کان الڳ نٿو ڪري سگهجي.” – مهاتما گانڌي • “سچا اديب ۽ شاعر جڏهن ساهه کڻڻ لڳن ٿا، تڏهن خود غرض ماڻهن جي زندگي ئي زهر بنجيو پوي؛ ۽ جڏهن اهي پنهنجي قلم کي جنبش ڏين ٿا، تڏهن ته اهڙو شور مچيو وڃي جو مئل به جاڳيو اٿن.” – لوئي اراگاؤن ارنيسٽ هيمنگوي ڪهاڻي مترجم: رشيد ڀٽي پرديس ۾ سرءُ جي موسم ۾ به جنگ اُتي ئي موجود هئي، پر اسان وري اوڏانهن منهن به نه ڪيو. هڪ ته ”مِلان“ شهر جي شام، ۽ وري ان وقت سيءَ سان گڏ اونداهه سويري ئي اچي واسو ڪيو هو. تنهن کان پوءِ، جو بجليءَ واريون بتيون ٻريون، ته درين جي نظاري گهٽين کي ويتر وڻندڙ بنائي ڇڏيو. دڪانن جي ٻاهران ڪيترائي شڪار ٿيل جانور ۽ پکي ٽنگيل هئا. ’لومڙن‘ جي وارن تي برف ڇٽڪاريل هئي، ۽ هوا انهن جي پُڇن کي پئي لوڏيو. لٽڪيل ’هرڻ‘ سخت سيٽيل ۽ وزندار هو. ننڍڙن ’پکين‘ ڄڻ ته هوا ٿي جهٽي، ۽ هوا وري انهن جي کنڀڙاٽين کي هيٺ مٿي ٿي اُٿلايو. سرد هوا سنئين سڌي جلبن کان هيٺ لهي آئي هئي. ٻنپهرن جو هر روز اسين اچي اسپتال ڀيڙا ٿيندا هئاسون. اونداهه مان شهر لتاڙي اسپتال پهچڻ جون، گهڻي ئي واٽون هيون. ٻه رستا اهڙا هئا، جي واهن سان لاڳيتا هئا، پر اهي هئا هيڪاري ڊگها. اسپتال تائين پهچڻ کان اڳ، واهن واريءَ پل تان اوَس لنگهڻو پوندو هو. رستي وارين ٽن پُلين، مان ڪنهن نه ڪنهن جو ضرور انتخاب ڪرڻو پوندو هو. هڪڙيءَ پل تي هڪ عورت سيڪيل بوهي چڻا وڪڻندي هئي. هن جي اڱرن واريءَ باهه تي بيهڻ سان گرمي محسوس ٿيندي هئي. هن جا بوهي چڻا جڏهن وٺي کيسي ۾ وجهبا هئا، تڏهن به ڪوسا ئي ڪوسا هوندا هئا. اها اسپتال هئي ته جهوني پراڻي، پر ڏاڍي خوبصورت هئي. اوڏانهن اندر وڃڻ لاءِ هڪ دروازو هو، ۽ پوءِ ان جي اڳيان هڪ کليل اڱڻ، جنهن جي سامهون ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٻيو دروازو هو. مريضن جا جنازا وغيره انهيءَ اڱڻ مان ئي کڄندا هئا. پراڻيءَ اسپتال کان پَرڀرو،نوان ۽ پَڪ سَرِا ورانڊا هئا، جتي اسين پوياڻين جو اچي گڏبا هئاسين. اتي اسين انهن مشينن تي ويهندا هئاسين، جن جي وسيلي اسان جي جسمن ۾ ڦيرو ۽ تبديلي اچڻي هئي. ڊاڪٽر مون واريءَ مشين جي ويجهو اچي، جتي آءٌ ويٺو هوس، مون کان پڇيو: ”هن جنگ کان اڳ، تون ڇا کي وڌيڪ پسند ڪندو هئين؟ ڇا تو ڪا راند روند به ڪئي؟“ ”هائو، فُٽبال راند.“ مون وراڻيو. ”واهه واهه“ هن چيو، ”ته پوءِ تون وري فٽ بال کيڏي سگهندين- اڳئين کان اڳرو!“ مون وارو گوڏو ته مُڙيو به نٿي، ۽ ڄنگهه ته ڍڪڻيءَ کان مُري تائين بس ائي ئي پئي لڙڪي. منهنجي گوڏي کي مشين تي ائين ورڻو هو، جيئن ماڻهوءَ جو گوڏو ٽِه-ڦيٿيءَ سائيڪل تي سوار ٿيڻ مهل ڦرندو آهي. پر گوڏو هو، جو اڃا وريو ئي ڪين ٿي-الٽو انهيءَ چُرڻ واري موقعي تي، مشين ڌڌَڪو ڪري بيهيو ٿي رهي! ڊاڪٽر چيو، “هيءُ دؤر گذري ويندو. نوجوانَ، تون نصيبن وارو آهين: تون هڪ بهترين رانديگر وانگر وري فٽ بال راند ڪندين!“ ڀَر واريءَ ٻي مشين تي هڪ ’ميجر‘ ويٺل هو. هن جو ننڍڙو هٿ هوبهو ٻار جهڙو هو. هن جي هٿ، چمڙي جي ٻن هيٺ-مٿي اُڇلن ڏيندڙ پَٽن جي وچ ۾ هو، جن هن جي سُڪل آڱرين کي پئي ڦَٿڪايو. ڊاڪٽر جنهن مهل هن جو هٿ تپاسڻ آيو، تڏهن ’ميجر‘ مون ڏانهن اک ڀڃندي چيو: ”ڪئپٽن، ڊاڪٽر، ڇا آءٌ به فٽ بال راند کيڏي سگهندس.“ هو هڪ تلوار باز هو، ۽ جنگ کان اڳي ته اٽليءَ جو هڪ عظيم تلوار باز هو. ڊاڪٽر پوءِ پنهنجي آفيس ۾ گهڙي ويو، جا انهيءَ ڪمري جي پٺيان هئي. هو اتان هڪ فوٽو کڻي آيو. اهو فوٽو هڪ اهڙي هٿ جوهو، جو ميجر جي هٿ جهڙو ئي پهريائين ننڍڙو هو، پر مشين جي علاج کانپوءِ قدري وڏو ٿي ويل هو. ميجر اهوفوٽو پنهنجي چڱي ڀلي هٿ ۾ کڻي چتائي ڏٺو، ۽ سوال ڪيو: ”ڦَٽُ....؟“ ”مشين جو حادثو.“ ڊاڪٽر جواب ڏنو. ”نهايت دلچسپ، نهايت دلچسپ!“ ائين چئي، ميجر اهو فوٽو ڊاڪٽر کي موٽائي ڏنو. ”ڇا، توهان کي ڀروسو آهي؟“ ”نڪو“، ميجر جواب ڏنو. ٽي نوجوان هئا، جي هتي روزٿي آيا. اهي سڀئي مون جيڏا هئا. اهي ٽيئي ڄڻا ’مِلان‘ جا هئا. انهن مان هڪڙي کي وڪيل ٿيڻو هو، ٻئي کي نقاش بنجڻو هو، ته ٽئين کي وري سپاهي ٿيڻ جو ارادو هو. جڏهن مشينن مان واندا ٿيندا هئاسين، تڏهن اسين گڏجي ’ڪورا‘ هوٽل ڏانهن ويندا هئاسين، جيڪو ’اسڪالا‘ جي چاڙهيءَ جي بلڪل ڀرسان هو. اسين ننڍي واٽ وٺي، ڪميونسٽ ڪوارٽر مان لانگهائو ٿيندا هئاسين. چارئي ڄڻا گڏ هوندا هئاسين. ماڻهو اسان کي ڌڪاريندا هئا، جو اسين آفيسر هئاسين. اسين واٽ وٺيو پيا ويندا هئاسين، ته شرابخاني مان ڪو وڏي واڪي رَڙ ڪري چوندو هو: ”کلا اَٿوَ، ميراسين جا مهندار!“ ڪڏهن ڪڏهن هڪڙو ٻيو ڇوڪرو به اسان سان گڏ موٽندو هو، ته اسين چئن مان ڦري پنج ڄڻا ٿي پوندا هئاسون. انهيءَ ڇوڪري جي منهن تي هڪ ڪارو ريشمي رومال ٻُڌل هوندو هو. هن جو نڪ خراب ٿيل هو. هن جي شڪل شباهت درست ٿيڻي هئي. هو فوجي درسگاهه کان نڪري محاذ تي ويو هو. بس، ويندي جي ويرم هئي.....ڪلاڪ به ڪين گذريو هوندو ته زخمجي پيو. هنن سندس چهرو ٺاهيو ته هو، پر هن جا مٽ مائٽ هئا وڏي مانَ مرتبي وارا، سو جيسين هن جو نَڪُ نَڪن جهڙو ٿئي، تيسين هو راضي نٿي ٿيا. اسپتال مان خارج ٿيڻ کان پوءِ، نيٺ هو ڏکڻ آفريقا جي ڪنهن بئنڪ ۾ وڃي ملازم ٿيو. خير، وقت ائين ويو گذرندو، اسان کي مستقبل جي ڪابه خبر ڪانه هئي، اسان کي رڳو اهو احساس هو ته جنگ هميشه جاري رهندي، پر اسان کي اوڏانهن وري وڃڻو ڪونه پوندو. انهيءَ ڇوڪري کان سواءِ، جنهن جي چهري تي ڪاري ۽ ريشمي پَٽي ويڙهيل هوندي هئي، اسان سڀني وٽ هڪجهڙا ٻِلا (تمغا) هئا. ڀلا هن کي ٻلو ملي به ڪيئن- هو جنگي محاذ تي ايڏو وڏو عرصو رهيو ئي ڪين هو. اهو نوجوان جنهن کي وڪيل ٿيڻو هو، تنهن جو منهن بلڪل هيڊو ٿي ويو هو. ’آر.ڊي.ٽي‘ جو ليفٽيننٽ هو. هن کي ٽي ٻلا مليل هئا. اسان ٻين کي اهڙي قسم جو رڳو هڪڙو ٻلو مليل هو. هو ڪافي عرصي تائين جنگي محاذ تي موت سان مقابلو ڪندو رهيو هو. اسين سڀيئي محاذ تان موٽيا هئاسون. هينئر اسان سڀني ۾ رڳو اهائي يڪرنگي هئي، جو ٻنپهرن کان پوءِ، اسپتال ۾ اچي گڏبا هئاسين. اسين شهر جي اڻانگي حصي مان لنگهي، ’ڪووا‘ ڏي ويندا هئاسين. اتي اوندهه به هئي، ۽ شرابخانا به هئا، جتان روشني ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ راڳ جو آواز پڻ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. اسان کي ڪڏهن ڪڏهن اهڙيءَ گهٽيءَ مان وڃڻو پوندو هو، جتي زالن ۽ مڙسن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. اتي ڪُلهي گَسَ ڪرڻي پوندي هئي. اهڙن موقعن تي اسين ويجها ويجها ٿي هلندا هئاسون، ڇو جو ماڻهن اسان کي ڄاتو سڃاتو ڪونه ٿي، هنن اسان کي ڌڪاريو ٿي. اسان سڀني کي ‘ڪووا‘ جي پوري ڄاڻ هئي، اتي دولت به هئي، ۽ زندگي به، تيز، تيز روشنيءَ کان سواءِ، هتي خاص خاص وقتن تي، گوڙ گهمسان ۽ دَونهون ڇانئجي ويندو هو. اتي ميزن تي ڇوڪريون هَڪيون تڪيون ويٺيون هونديون هيون. ڀتين تي وري ٽنگڻين ۾، مورتن واريون اخبارون پيل هونديون هيون. ’ڪووا‘ واريون ڇوڪريون پنهنجي ملڪ تان گهوري گهوري پيون ٿينديون هيون. مون ڏٺو ته ’اٽليءَ‘ جا محب وطن انسان، رڳو اهي هوٽل واريون ڇوڪريون ئي هيون. مون کي اعتبار آهي ته اڃا به وطن دوست آهن. شروعات ۾ انهن نوجوانن نهايت اخلاق سان منهنجن ٻِلن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. هنن سوال ڪيا ته اهي مون کي ڪيئن ۽ ڇا جي ڪري مليا هئا؟ مون هنن کي پنهنجا ڪاغذ پٽ ڏيکاريا، جن ۾ سهڻيءَ ٻوليءَ سان منهنجي تعريف لکيل هئي- پر انهن مان جيڪڏهن اُهي وڌاءَ واريون لفظي صفتون نظر انداز ڪري ڇڏجن، ته صاف صاف معلوم پئي ٿيوته اهي ٻلا مون کي رڳو انهيءَ ڪري ئي عنايت ٿيا هئا، جو آءٌ هڪ آمريڪن هوس. اهو ڏينهن، اهو ڏهاڙو، هنن جي روش ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. انهيءَ کان پوءِ ٻين ڌارين جي مقابلي ۾، ته جيتوڻيڪ آءٌ هنن جو اڃا به دوست هوس، پر ڪاغذن ڏسڻ بعد، آءٌ سچ پچ ته هنن جي نگاهه ۾ ڪِري پيو هوس. آءٌ هنن لاءِ، هنن جهڙو پنهنجو نه رهيو هوس. هنن جو قصو ئي اَور هو. هنن کي جيڪي ٻلا مليا هئا، سي بنهه ٻين ڳالهين ڪري مليا هئا. اها حقيقت هئي ته آءٌ ڦٽجي پيو هوس، پر اسان سڀني کي اها پوري پَروڙ هئي ته جنگ ۾ زخمجي پوڻ رڳو هڪ حادثو آهي. ’ڦيٿن‘ ملڻ ڪري مون کي پڇتاءُ ڪونه ڪرڻو پوندو هو. البت ڪڏهن ڪڏهن شراب پيئڻ مهل آءٌ ائين سوچيندو ويچاريندو هوس ته ’هنن جيڪي ڪم ڪيا آهن- اهي ڪم، جن جي ڪري هنن کي ٻلا مليا آهن- سي ته مون سڀئي پورا ڪري ڇڏيا آهن.‘ پر رات جو جڏهن گهر ڏانهن موٽندو هوس، تڏهن انهن خالي گهٽين جي سرد هوائن ۽ بند ٿيل دڪانن وٽان لنگهندي،گهٻرائجي، گهٽين جي بتين ڀرسان هلڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، اَوڏيءَ مهل مون کي محسوس ٿيندو هو ته مون کان هرگز اهڙا بهادريءَ جهڙا ڪارناما ٿي ڪونه سگهندا. مون کي مرڻ جو ڏاڍو خوف ٿيندو هو. وري جڏهن رات وڳڙي ۾ بستري تي اڪيلو ليٽندو هوس، ته موت جو ڊپ ويتر وڪوڙي ويندو هوم. آءٌ سوچيندو هوس، تعجب وچان، ته جيڪڏهن وري محاذ تي ويس ته منهنجو....منهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو!‘؟ اهي ٽيئي ڄڻا، ٻلن وارا، ڄڻ ته ڪي شڪاري بازَ هئا- ۽ آءٌ انهن جهڙو هوس ئي ڪونه. جن ڪڏهن شڪار ئي نه ڪيو هجي، انهن جي ڌيان ۾ ته آءٌ به ڪا شيءِ سمجهڻ ۾ ايندو هجان، پر هنن ٽنهي ڄڻن ته هاڻي مون کي سڃاڻي ڇڏيو هو، اهو ئي سبب هو جو اسين پوءِ ڇِڄندا پري ٿيندا وياسين. آءٌ وري انهيءَ ڇوڪري جي دوستيءَ جو دم ڀرڻ لڳس، جيڪو محاذ جي پهرئين ئي ڏينهن ڦٽجي پيو هو. هن کي پاڻ پنهنجي متعلق ڪو صحيح اندازو ٿي نٿي سگهيو ته هو اڳتي هلي ڪهڙا ڦاڙها ماري ها، نڪا وري ڪا هن ۾ اهڙي صلاحيت به هئي. مون کي پڻ اها پڪ هئي ته هو ڪڏهن به اهڙوبهادر ٿي نه سگهندو. اهو ’ميجر‘ جيڪو وڏو تلوار باز هو، تنهن جو ڪو بهادريءَ ۾ ايڏو وڏو يقين ڪونه هو. اهو وقت جيڪو اسين مشينن ۾ ويهندا هئاسين، سو هو منهنجي گرامر کي درست ڪرڻ ۾ ئي صرف ڪندو هو. هن مون کي مبارڪون ڏنيون هيون جو آءٌ ’اطالوي‘ ٻولي ڳالهائي ٿي سگهيس. اسين ٻيئي پاڻ ۾، سولائيءَ سان ڳالهائي سگهندا هئاسين. هڪ ڏهاڙي ته هن مون کي ائين به چئي ڏنو ته اطالوي ٻولي تو لاءِ اهڙي سولي ٿي پيئي آهي، جو تون ان ۾ هاڻي وڌيڪ دلچسپي وٺي نٿو سگهين. ”اڙي، هائو،“ ميجر چيو، ”تون پوءِ گرامر ڇو نٿو سکين؟“ اسان پوءِ گرامر کي ورتو. نتيجو اهو نڪتو جو اطالوي ٻولي مون لاءِ پوءِ ڏکي ۽ مشڪل ٿي پيئي. جيسين اهو گرامر منهنجي دل ۾ گهر ڪري ئي ڪري، تيسين هن سان ڳالهائڻ ۾ مون کي ڊپ پيو ٿيندو هو. مون کي جيتوڻيڪ پڪ آهي ته هن جو مشين ۾ ڪو اعتماد ڪونه هو، ته به ميجر باقاعدي اسپتال ۾ پيو ايندو هو. ڀُلجان نٿو ته هن ڪو هڪڙو ڏينهن گُسايو هوندو. ڪو وقت ته اهڙو به هو، جواسان سڀني کي انهن مشينن ۾ ڪو ڀروسو ڪونه هو. هڪڙي ڏينهن ته ميجر اِئين به چئي ڏنو هو ته: ”هي سڀ ڪجهه بيوقوفي آهي. اهي مشينون بلڪل نيون آهن، ۽ اسان تي ئي آزمايون پيون وڃن! رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي- جهڙو ڪو خيالي پلاءٌ!“ آءٌ گرامر سکي نه سگهيو هوس. هن نيٺ ڪَڪِ ٿي چيو: ”تون ته هڪ لا علاج احمق ۽ خواريءَ جو ٺڪر آهين! آءٌ به وڏو بيوقوف آهيان جو توسان خوامخواهه مغز ماري پيو ڪريان!“ هو هڪ بندرو ماڻهو هو. هو ڪرسيءَ تي سنئون سڌو ٿي ويهي، پنهنجو هٿ مشين ۾ ڦُسي، پوءِ يڪ ساهيءَ پيو سامهون ڀت کي تڪيندو هو، پٽا پيا هن جي آڱرين کي هيٺ مٿي اُٿلائيندا هئا. ”جنگ بند ٿيندي- جيڪڏهن بند ٿيڻي هوندي، ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟“ هن مون کان سوال ڪيو، ۽ ميڇَ ڏيندي چيائين، ”گرامر موجب ڳالهاءِ.“ ”آءٌ موٽي پنهنجي ملڪ ويندس.“ ”تنهنجي شادي ٿيل آهي؟“ ”نه پر اهڙو ارادو اٿم.“ ”تون ته مها مورک آهين!“ هن چيو. بلڪل گرم ٿي ويو: ”ماڻهوءَ کي بنهه شادي ڪرڻ نه گهرجي!“ ”ڇو، سينيور (مسٽر) مئگر (ميجر)؟“ ”مون کي ’سينيور مئگر‘ ڪري ڇو ٿو ڪوٺين؟... پر ماڻهوءَ کي شادي ڪنهن قضاني به نه ڪرڻ گهرجي.“ هن ڪاوڙجي چيو. ”ماڻهوءَ کي شادي نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انسان شادي ڪري ئي نٿو سگهي. ڪنهن کي جيڪڏهن سڀ ڪجهه هٿان وڃائڻو به آهي، ته به ڄاڻي واڻي پاڻ کي اهڙي ٻُوهي ۾ ڇو اڙائڻ گهرجي؟ ها، ڪنهن کي به هٿ وٺي، پاڻيهي ڦُرائڻ واري حالت پيدا ڪري، پاڻ کي ڦاسائڻ نه گهرجي: هن کي اهڙا اسباب ڳولڻ کپن جو، هو پنهنجو ڪجهه به ڦرائي نه سگهي.“ هن تمام ترش ۽ تکو ڳالهايو، ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هن سامهون ۽ پري پئي گهوريو. ”پر هن کي اهو ۽ ائين هَروڀرو ڇو وڃائڻو پوندو؟“ ”ها، هو وڃائنيدو!“ هن هاڻي ڀت ڏانهن پئي نهاريو. اتان نظر ڦيرائيندي، هن هيٺ مشين کي ڏٺو، ۽ پوءِ پنهنجو هٿ پٽن مان ٻاهر ڪڍندي، زور سان ڇڪي کڻي پنهنجيءَ سٿر تي ڦُهڪايو. هن رَڙ ڪري وري چيو، ”اڙي، هو اهو ضرور وڃائيندو، ضرور ڦُرائيندو....مون سان بحث ڪر!“ هن پوءِ مشين هلائڻ واري آپريٽر کي سڏ ڪري، اشارو ڏيندي چيو، ”هيڏانهن، هن لعنت کي بيهاري بند ڪر....“ هو مالش ۽ ٻئي مختصر علاج لاءِ وري ٻئي ڪمري ڏانهن نڪري ويو. تنهن کان پوءِ، مون هن کي ڊاڪٽر سان ڳالهائيندي ٻڌو. هن، ڊاڪٽر کان ٽيليفون ڪم آڻڻ جي اجازت وٺندي، پٺيان دروازو ٻَيڪڙي ڇڏيو. هو جنهن وقت موٽي آيو، آءٌ ٻيءَ مشين تي ويٺل هوس. هو سنئون سڌو مون ڏانهن هليو آيو، ۽ اچي مون کي ڀاڪر پاتائين. هن منهنجي ڪلهي کي چڱي ڀلي هٿ سان ٺَپريندي چيو: ”مون کي ڏاڍو ڏک آهي. مون کي... مون کي اهڙو گهرو نه ٿيڻ گهرجي ها. منهنجي زال اجهو هينئر مُئي آهي... تون مون کي معاف ڪري ڇڏ.“ ”اوه،“ مون هن لاءِ رنجيده ٿيندي چيو، ”مون کي افسوس آهي،آءٌ پڇتايان ٿو.“ هو پنهنجي هيٺين چپ کي چَڪ هڻندي اٿي بيهي رهيو. ”اهو تمام مشڪل آهي.“ هن چيو، ”آءٌ پاڻ تي ضابطو رکي نٿو سگهان!“ هو مون ڏانهن نهاري، وري دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو. تنهن کان پوءِ، هن جنسي رَڙيون ڪرڻ شروع ڪيون: ”آءٌ رضا تي راضي رهي نٿو سگهان!“ پوءِ هو ڪوڪرا ڪندو، منهن مٿي ڪري، ائين ئي تڪيندو، هڪ فوجيءَ وانگر پاڻ کي گهليندو، ڻنهي ڳلن تان ڳوڙها وهائيندو، ڏندن سان چپن کي چَٻيندو، مشينن وٽان لنگهي، دروازي کان ٻاهر هليو ويو. ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته ميجر جي زال بلڪل ننڍي نيٽي هئي. هن انهيءَ سان تيستائين شادي نٿي ڪئي، جيسائين هن کي اها خاطري ٿي چڪي هئي ته هو هاڻ جنگ ڪرڻ لاءِ، بلڪل بيڪار ۽ خارج ٿي چڪو آهي. هن جي زال نمونيا وگهي مري ويئي. هوءَ تمام ٿورڙا ڏينهن ناچاڪ رهي. ڪنهن کي به گمان ڪونه هو ته هوءَ ڪا ايترو جلد مري ويندي. ميجر ٽي ڏينهن اسپتال ۾ ڪونه آيو. تنهن کان پوءِ هو هميشه، دستور مطابق، اسپتال ۾ ايندو رهيو. هن جي ورديءَ تي ٻانهن جي مٿان ڪاري پٽي ٻڌل هئي. جڏهن هو اسپتال ۾ آيو، ته ڀتين جي چوڌاري وڏن فريمن ۾، مشين جي علاج سان ڇُٽل هر قسم جي زخمن جا فوٽا ٽنگيل هئا. ميجر واريءَ مشين جي سامهون ٽي اهڙا، هن جي ننڍڙي هٿ جهڙا، فوٽو هئا، جي بلڪل ٺيڪ ٿي ويل هئا. مون کي خبر ناهي ته هن اهي فوٽا ڪٿان آڻي اِتي ٽنگي ڇڏيا هئا. مون ته هميشه ائين ئي سمجهيو ته اسين پهريان ئي ماڻهو هئاسين، جن اهي مشينون ڪم آنديون هيون. انهن فوٽن جو ميجر تي ڪو خاص اثر ڪونه پيو، ڇو جو هو اڪثر دريءَ کان ٻاهر ئي پيو نهاريندو هو. نئون ڪتاب ڪتاب: ع.ق. شيخ: ڪوهه قاف شيخ موضوع: اينٿالاجي مرتب: نصير مرزا ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2010ع سائيز: ڊيمي صفحا: 400 قيمت: 400 رپيا حقيقت ۾ ع.ق شيخ هڪ جديد ذهن جو انسان هو. هو جدت پسند هو. هر نئين ڳالهه ۽ هر نئين شيءِ کي پسند ڪندو هو ڇو جو سندس خيال ۾ نوان انساني ذهن جي اوسر جو اهڃاڻ هو. هو پاڻ به سٺو لباس پائيندو هو ۽ ٻين کي به سٺي لباس ۾ ڏسي هنن جي تعريف ڪندو هو. هو تعليم جي ضرورت ۽ اهميت جو قائل هو. هو پاڻ به تعليم يافته هو. بمبئي جي مشهور آرٽس اسڪول سنڌ يونيورسٽي لا ڪاليج ۽ برسٽل يونيورسٽي انگلينڊ جو هو. دوستن ۽ پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه رڳو همتائيندو هو پر پاڻ به هنن سان شريڪ ٿي ويندو هو. هو انساني نفسيات جو ڄاڻو هو ۽ دوستن جي ڪيترين ئي غلطين تي کلي ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته اها انساني فطرت آهي. هو دوستن کي وندرائيندو هو. ڳالهين ذريعي هنن جا هٿ ڏسي. هنن جي مستقل جون پيش گوئيون ڪندي ۽ وري اهو به چوندو هو ته اصل ڳالهه انسان جو پنهنجو ارادو آهي. ارادي ۾ وڏي طاقت آهي. مراد علي مرزا ارنيسٽ هيمنگوي ڪهاڻي سنڌيڪار: پروفيسر سليم سهتو پُل تي ويٺل پوڙهو هڪ پوڙهو، جنهن کي لوهه جي ڪمانين واري عينڪ ۽ ڌوڙ ٿيل ميرا ڪپڙا پهريل هئا، روڊ جي ڪناري ويٺل هو. درياء تي ٻيڙين جي هڪ پُل ٺهيل هئي، جنهن تان گاڏيون، ٽرڪون، مرد، عورتون ۽ ٻار اچي وڃي رهيا هئا. بگيون پُل تان لڏنديون لمنديون درياء جي لاهيءَ واري ڪناري تي چڙهيون پئي ته سپاهي ڦيٿن تي زور لڳائي، سندن مدد ڪندا ٿي رهيا. ٽرڪون گوڙ ڪنديون مٿاهينءَ تي چڙهي ان پيهه مان نڪرنديون ٿي ويون ۽ هاري مُرن تائين ڌُڌِڙ ۾ پنڌ هلندا پئي ويا، پر پوڙهو اُتي ئي گم سُم ويٺو رهيو. هو ايترو ته ٿڪجي چڪو هو جو هاڻي ان جي لاءِ اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. مون کي پُل پار ڪري مورچي جو معائنو ڪرڻو هو ۽ اهو ڏسڻو هو ته دشمن جي فوج ڪيترو وڌي چڪي آهي، تنهنڪري مان اُهو ڪم اُڪلائي پُل تان واپس موٽي آيس. هاڻي ڪي پانڌيئڙا ۽ گاڏيون ٿوريون رهجي ويون هيون، پر پوڙهو اڃا تائين اُتي ويٺل هو. ”تون ڪٿان کان پيو اچين؟“ مون کانئس پڇيو. ”سان ڪارلوس کان.“ هن کلندي جواب ڏنو. اُهو هن جو وطن هو، وطن جو نالو وٺندي هن کي خوشي محسوس پئي ٿي ۽ کلي ڏنائين. ”مان جانورن جي رکوالي ڪندو هوس.“ هن ٻڌايو. ”يعني؟“ مان هن جي ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي ڪين سگهيس. ”ها… ۽ مان اُتي ئي ٽڪيل رهيس ۽ پنهنجي جانورن جي سارسنڀال ڪندو رهيس. ’سان ڪارلوس‘ جي سڄي ٻهراڙي خالي ٿي وئي هئي پر مان اڪيلو اُتي ترسيل رهيس.“ هو نه ٻڪرار پئي لڳو ۽ نه ئي ڌنار. مون ان جي مٽيءَ سان لٽيل ڪارن ڪپڙن، مِٽي هڻي منهن ۽ لوهه جي ڪمانين واري عينڪ کي چِتائي ڏٺو ۽ چيو: ”تو ڪهڙا جانور ڌاريا هئا؟“ ”طرحين طرحين جانور.“ هن جواب ڏنو ۽ ڏاڍي افسوس سان مٿو ڌوڻي وڌيڪ چوڻ لڳو: ”مون کي اُهي سڀ ڇڏڻا پيا.“ منهنجو ڌيان پُل جي طرف هو، ايبرو ڊيلٽا جي ان سرزمين ڏانهن جيڪا آفريقا سان مشابهت رکندڙ هئي ۽ ان ڳالهه جو منتظر هيس ته جنگ جو اشارو ڪڏهن ٿو نظر اچي ۽ انهن آوازن جي انتظار ۾ هيس، جيڪي ڳُجهن سان ڀريل واقعي جي اڳڪٿي ڪندڙ ٿيندا آهن. جنهن کي فوجن جو پاڻ ۾ ٽڪرائڻ چوندا آهن. پر پوڙهو اڃا تائين اُتي ويٺل هو. ”اُهي ڪهڙا جانور هئا، پوڙها؟“ مون پڇيو. ”ڪل ملائي ٽي هئا.“ هن وڌيڪ ٻڌايو: ”ٻه ٻڪريون ۽ هڪ ٻلي. تنهن کانسواءِ چار جوڙا ڪبوترن جا به هئا.“ ”۽ توکي اِهي سڀ ڇڏڻا پيا؟“ مون پڇيو. ”ها، توبخاني جي هئڻ سبب ڪپتان مون کي اُتان ڪڍي ڇڏيو.“ ”تنهنجو ڪٽنب ته نه آهي پوڙها؟“ مون پُل جي ٻئي ڇيڙي تي آخري ڪجهه گاڏين کي بند تان لهندي، ڏسي چيو. ”نه، رڳو اهي جانور هئا، جيڪي مون ڌاريا هئا. ٻليءَ جو ته مون کي ايترو اونو نه آهي، ٻلي ته پنهنجو انتظام پاڻ ڪري وٺندي، پر ٻين جو ڇا ٿيندو؟“ ”تنهنجا سياسي ويچار ڪهڙا آهن؟“ ”مان ته سياست ڄاڻان ئي ڪونه ٿو.“ هن جواب ڏنو. ”منهنجي عمر ڇاهتر سال آهي، مان ٻارنهن ڪوهه پنڌ ڪري آيو آهيان ۽ منهنجو خيال آهي ته هاڻي مان هڪ قدم به اڳتي نٿو وڌي سگهان.“ ”ترسڻ لاءِ هيءَ جاءِ مناسب ڪونهي.“ مون کيس ٻڌايو: ”جيڪڏهن تون وڃين سگهين ته هن روڊ کان اڳ جتي ٽارٽوزا ڏانهن دڳ نڪري ٿو، ٽرڪون هلي رهيون آهن.“ ”مان ٿوري ساهي پٽي وٺان“. هن چيو. ”۽ پوءِ هليو ويندس. ٽرڪون ڪيڏانهن وڃن ٿيون؟“ ”بار سيلونا ڏانهن.“ مون کيس ٻڌايو. ”اُن پاسي ته منهنجو ڪوبه واقفڪار ڪونهي، پر تنهنجي وڏي وڏي مهرباني، تنهنجي وڏي وڏي مهرباني…“ هن ٿڪل ۽ خالي نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ اهڙيءَ ريت جيئن هو ڪنهن نه ڪنهن کي پنهنجين پريشانين جو ساٿي بنائڻ چاهيندو هجي، چيائين: ”ٻليءَ جي باري ۾ مون کي ڪا پريشاني ڪانهي، پر ٻين جو ڇا ٿيندو، ٻين جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“ ”منهنجو خيال آهي ته انهن جو به ڪجهه نه ڪجهه انتظام ٿي ويندو.“ ”ڇا تنهنجو اهڙو خيال آهي؟“ ”ها، ڇونه؟“ مون درياء جي ٻئي ڪناري ڏانهن ڏسندي چيو، جتي هاڻي ڪابه گاڏي نظر نه پئي آئي. ”پر هو توبخاني جي هوندي ڇا ڪري سگهندا. مون کي به ته هنن توبخاني جي ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي؟“ ”تو ڪبوترن کي کولي ته ڇڏيو هو نه؟“ ”ها“. ”ته پوءِ اُهي اُڏامي ويندا.“ ”ها اُهي ته اُڏامي ويندا پر باقي. باقين جي باري ۾ ته مان سوچي به نٿو سگهان.“ هن ڏاڍي بيچينيءَ سان چيو. ”جيڪڏهن تو ساهه پٽي ورتو آهي ته هاڻي هليو وڃ.“ مون زور ڀريو. ”ٿورو اُٿ ۽ همت ڪر.“ ”مهرباني.“ چئي، هو اُٿي بيٺو پر ساڄي کاٻي لڏڻ لڳو ۽ پوءِ انهيءَ ڌوڙ ۾ ويهي رهيو. ”مان جانورن کي پالي رهيو هيس.“ مان هن جي لاءِ ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيس. اهو ايسٽر جو ڏينهن هو ۽ فسطائي ايبرو ڏانهن وڌندا پئي آيا. ان ڏينهن هوا ۾ ڌوڙ هئي ۽ ڪڪرنميل هئا، تنهنڪري سندن هوائي جهازن حملو نه ڪيو هو. اِها پوڙهي جي لاءِ خوش قسمتيءَ جي ڳالهه هئي. ها، ان کان سواءِ هڪ ٻئي ڳالهه به ته ٻليون ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجو انتظام پاڻ ڪري وٺنديون آهن ۽ بس. شرون ڪمار ورما ڪهاڻي شگفته شاهه سانت جو دائرو رجني رميش جي ڀرمان جُتيءَ سان کٽ کٽ ڪندي غسل خاني ڏانهن هلي وئي. اندر وڃي هن ٺڪاءَ سان دروازو بند ڪيو. هڪ لمحي لاءِ رميش ڄڻ موڳو بنجي ويو ۽ پوءِ غسل خاني جي ويجهو وڃي زور سان چوڻ لڳو: ”ٿڌي پاڻيءَ سان نه وهنج، آءٌ پاڻي گرم ڪري ٿو اچان، اڄ ڏاڍو سيءُ آهي.“ جواب ۾ رجني سڄو نل کولي ڇڏيو، رميش مٿي کي هلڪو جهٽڪو ڏنو ۽ اندر اچي آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هو رجنيءَ بابت سوچڻ لڳو. کيس رکي رکي اهو خيال ٿي آيو ته رجني ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجي رهي هئي، سو به ايڏي سيءَ ۾. سامهون قالين تي ڪڪو پنهنجي چاٻي واري ريل سان راند ڪري رهيو هو. ريل پٽڙيءَ جي ساڳئي چڪر ۾ ڊوڙي رهي هئي. ٿوري دير کان پوءِ رجني وهنجي نڪتي ۽ هڪ ٻانهن تي پسيل ڪپڙا سنڀاليندي اندر آئي. ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي هن زوردار ڇڪ ڏني، رميش ڇرڪي پيو. ”ڏٺئي، ٿڌ لڳي ويئي نه.“ هن چيو: تون اصل ڳالهه مڃيندينءَ ئي نه، بس ٻارن وانگر ضد پئي ڪندينءَ.“ هن اڳتي وڌي پُسيل ڪپڙا سندس هٿ مان ورتا. رجني جواب ڏيڻ لاءِ چپ چوريا ئي ٿي ته ٻي ڇِڪ آيس… پوءِ ٽين ۽ وري چوٿين. رميش ڪپڙا ڪرسي تي اُڇلي تيزيءَ سان پوئين ڪمري ۾ ويو ۽ رجنيءَ جي گرم شال کڻي آيو: ”اچي هيءَ ويڙهي ڇڏ.“ هن شال سندس ڪلهن تي وجهندي چيو. ”زڪام جون ٻه گوريون گرم گرم چانهه سان کائي ڇڏ، هتي ڪٻٽ ۾ رکيون آهن.“ ”نه… اهڙي ڪهڙي مصيبت اچي پئي آهي.“ رجني جواب ڏنو. سندس دل ۾ پنهنجي نيڪ ۽ معصوم گهر واريءَ لاءِ پيار اوتجي آيو. هن ٽيڏي نظرن سان رميش طرف ڏٺو ۽ مسڪرايو. ”اندر وڃي ڪپڙا بدلاءِ، سيءُ وڌيڪ آهي.“ رميش ڪرسيءَ تان آلا ڪپڙا کنيا ۽ ڇت تي سڪائڻ لاءِ هليو ويو. رجني ڪاوڙ مان شالَ لاهي اُڇلائي ۽ پوئين ڪمري ۾ هلي وئي. رميش هيٺ آيو ته شال کي قالين تي پيل ڏسي حيران ٿي ويو. هن پوئين ڪمري طرف ڏٺو. دروازو بند هو. هن ائين ئي ڪڪوءَ طرف ڏٺو ۽ سوچيو ته ٻار جا ڪپڙا مٽائي ڇڏي. هو کيس هٿ منهن ڌئارڻ لاءِ غسل خاني وٺي ويو ۽ واپس آڻي کيس ڪپڙا پارائڻ لڳو. هو اڃا کيس جوتا پارائي رهيو هو ته رجني اچي وئي ۽ رميش جي هٿ مان جوتا کسي پاڻ کيس پارائڻ لڳي. ”ايڏي تڪڙ ڇا جي هئي.“ هن چيو ۽ پوءِ ڪڪوءَ کي چوڻ لڳي: ”ڪڪو! ڊيڊي کي چؤ، ريڊيو تي ڪرڪيٽ مئچ جي ڪامينٽري ٻُڌنِ، ڪپڙا اسان کي ممي پارائيندي.“ هن پيار مان ٻار جي نراڙ کي چميو، کيس وري ڇِڪ اچي وئي. ”آءٌ چوان ٿو ته تون ڪنبل ويڙهي سمهي پؤ، ٿڌ جو اثر ٿي پيو ته؟ بگڙيل زڪام تمام خراب هوندو آهي.“ رميش پيار ۽ نرميءَ مان چيو: ”ماسي کي جو نمونيا ٿي پيو هو ۽ چاچيءَ جي ننهن جو زڪام ئي ته بگڙيو هو، تون سمجهين ڇو نٿي؟“ ”آءٌ ڪانه ٿي مران“، رجني ڪجهه تکو ٿي چيو: ”تون ته عورتن کان به وڌيڪ آهين.“ هن اٿندي چيو: ”هلو، تيار ٿي وٺو، آءٌ چانهه ٺاهي ٿي اچان.“ هوءَ رڌڻي ڏانهن هلي وئي. رميش کي اوچتو احساس ٿيو ته رجني ناراض ٿي وئي آهي، کيس ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇا ٿي ويندو آهي؟ هن سوچيو، کيس رجنيءَ سان بيحد محبت هئي، سندس دل ۾ ڪڏهن به ٻي عورت جو خيال نه آيو هو. شاديءَ کان اڳ ئي هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سندس تمام تر محبت، خلوص ۽ توجهه، فقط سندس ٿيڻ واري زال لاءِ آهي. سندس دوست جڏهن داغ جا گرما گرم شعر پڙهندا هئا ۽ عشق ڪندا هئا، تنهن مهل هو پنهنجي ٿيڻ واري زال کي خوش ڪرڻ جي طريقن بابت غور ڪندو هو ۽ دوست مٿس ٺٺولي ڪري چوندا هئا: ”تمام حق، زال جي حق ۾ محفوظ.“ هو رجنيءَ کي ناراض ڪري نه سگهندو هو. کيس ”شادي شده زندگي“ نالي ڪتاب جا هي لفظ ياد اچي ويا: ”زال جيڪڏهن ناراض ٿئي ته کيس نظرانداز نه ڪريو.“ هو سندس پويان رڌڻي ۾ هليو ويو. رجني چپن ۾ گيت ڳائيندي ڪم ۾ مصروف هئي. رميش کن پل لاءِ چانئٺ تي بيٺو رهيو ۽ پوءِ آهستي چيائين: ”ناراض ٿي وئينءَ رجني؟“ رجني ڇرڪجي وئي، ڀلا ڪهڙي ڳالهه ٿي. ناراضگي ڪڏهن ٿي هئي؟ آخر کين منهنجي ناراضگيءَ جي بوءِ ڪٿان ٿي اچي؟ ۽ کيس ڪاوڙ اچڻ لڳي. کيس رميش جي انهن ڳالهين تي ئي ڪاوڙ ايندي هئي. سندس دل چيو ته ڪِٽلي زمين تي اُڇلائي هڻي، ۽ رميش سان جهيڙو ڪرڻ شروع ڪري، کيس دل تي ستائي، گهر ۾ هل بکيڙو ڪري… پر هوءَ خاموش بيٺي کيس ڏسندي رهي ڇو ته رميش اهو سڀڪجهه به خاموشيءَ سان برداشت ڪري وڃي ها. هو ان ئي طرح چانئٺ پڪڙيو بيٺو رهندو. نه کيس ڪاوڙ ايندي، نه هو رڙيون ڪري ڳالهائيندو نه جهيڙو ڪندو، بس مظلوم بڻيو ٻڌندو رهندو ۽ جڏهن هوءَ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پوندي ته هو ڌيرج سان چوندو: ”پوءِ چوندي آهين؟ مٿي ۾ سور آهي.“ ۽ هوءَ خاموش ٿي ويندي، ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿيندو. ”هل، اندر هلي ويهه، آءٌ چانهه ٺاهي کڻي ٿي اچان.“ ”ناراض ته نه آهين نه؟“ هن پڇيو ته هوءَ کل روڪي نه سگهي، رميش معصوميت سان موٽي آيو. هو چانهه پِي رهيو هو ته پاڙي واري مسز اُپما سوري اچي وئي، هو پريشان ۽ گهٻرايل هئي، سندس هڪ هٿ ۾ کاڌي جو ٿانءُ هو ۽ ٻي ۾ مرداڻو ڪوٽ. هوءَ سڌي رجني وٽ اچي ويٺي. ”ڇا ڳالهه آهي؟ ايڏي گهٻرايل ڇو آهين؟“ رجني هن کي ڏسندي چيو. ”هو مون سان جهيڙو ڪري کائڻ پيئڻ کان سواءِ ئي دفتر هلي ويو ۽ چئي ويو آهي ته رات جو گهر نه ايندس.“ اُپما جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون،. ”ڇو؟“ رجني اڦراٽو تئي تي وجهندي چيو. ”ڪا ڳالهه هجي ته ٻڌايان.“ اُپما اکيون اُگهيون. ”ڪالهه ٽائيون ۽ سوٽ پريس ڪرڻ لاءِ چئي ويا هئا، آءٌ نٽائي ويس، بس پوءِ ته صبح جو ئي جهيڙو ڪرڻ لڳا ۽ چانهه داني ٽوڙي ڇڏيائين ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ بنا دفتر هليا ويا، ڪوٽ به نه پائي ويا، اڄ ايڏو سيءُ آهي.“ ”سري به ڄڻ ٻار آهي.“ رميش چيو: ”اجايو زال تي رعب ڪندو آهي، بيوقوف، پاڻ ئي پريس ڪري وٺي ها، زال نوڪرياڻي ته ڪانه آهي.“ ”ڪوٽ ۽ ماني دفتر موڪلڻي آهي نه؟“ رجني گهر واري جي ڳالهه کي لنوائيندي چيو: ”ڏئي وڃ، هي کڻي ويندا.“ ”آءٌ سوچيان پئي ته پاڻ ئي هلي وڃان نه ته هو ماني نه کائيندا.“ اُپما جواب ڏنو. ”اهو ته عورت ذات تي سراسر ظلم آهي، ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ۽ مڙس، سڀ هن ويچاريءَ تي حڪومت ڪرڻ ٿا چاهين. اسان جي شاسترن ۾ ته عورت کي ديوي چيو ويو آهي، کيس مرد جي برابري واري جاءِ مليل آهي، ڪا به پوڄا هن کان سواءِ مڪمل ٿيندي ئي ڪانهي، عورت کي ته پوڄڻ گهرجي.“ رميش کان ڄڻ چانهه پيئڻ ئي وسري وئي. ”تون هر ڳالهه ۾ شاستر واستر کڻي نه ويهندو ڪر.“ رجني چِڙي چيو. ”تون به عجيب عورت آهين.“ رميش چيو: ”آءٌ ته توهان جي طرفداري پيو ڪريان، توهان سان همدردي ڪجي ته چِڙي ٿي پئو اجايو.“ ”تون پنهنجي همدردي اتي ئي رک، اُپما کي گڏ وٺي وڃ.“ رجني فيصلو ٻڌائيندي چيو. رميش دفتر هليو ويو، رجني رڌڻي ۾ ڪم ڪندي مسٽر ۽ مسز سري بابت سوچڻ لڳي، ٻن ٻارن جي ماءُ پيءُ ۾ اڪثر ناراضگي ٿي ويندي آهي، هو ٻارن وانگر جهيڙو ڪندا آهن، پوءِ اُپما رُسندي آهي ته سري گهٻرايل گهٻرايل پيو ڦرندو آهي ۽ پاڻ ناراض ٿئي ته اُپما پريشان هوندي آهي، هوءَ مسڪرائڻ لڳي، ان ۾ ڪا برائي ڪانهي بلڪ سٺو ئي آهي… ڪجهه رومينٽڪ… هوءَ چپن ۾ گيت ڳائڻ لڳي. ”سڄڻ سان آهيان رُٺل…“ ڪم مان واندي ٿي هوءَ اندر آئي، ڪمري ۾ ايندي ئي سندس ڪاوڙ موٽي آئي. معمول مطابق رميش بسترا ڇنڊي، وڇائي ڇڏيا هئا. هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي رکيل هئي ڄڻ هن تي ٺٺولي ڪري هر شيءِ اهو چوندي هجي ته تون به اسان جي وچ ۾ ڪٿي سجي بيهي رهه، آرٽ جو ڪو نادر ۽ بيش قيمت نمونو بنجي، اچ ديوي!… هتي اچي ويهي رهه، رجني محسوس ڪيو ته هوءَ چري ٿي پوندي. پنجن سالن کان سڀڪجهه ايئن ئي ٿي رهيو هو، هڪ بي رنگ ۽ بي روح يڪسانيت هئي، هڪ بي ڪيف مختصر دائرو جنهن ۾ هوءَ چاٻيءَ واري ريل جيان ڦري رهي هئي. پنجن سالن کان هوءَ هن گهر ۾ هئي، پنهنجي ننڍڙي گهر ۾، نيڪ ۽ معصوم مڙس جي گهر ۾ ۽ هاڻي ته اڍائي سالن جو خوبصورت ۽ صحتمند ڪڪو به هو، هن ڀڳوان کان اهوئي ته گهريو هو، سندس تمنا پوري ٿي پر پوءِ به ڪٿي ڪا ڪمي رهجي وئي هئي. ڪڏهن کيس ائين محسوس ٿيندو هو ته هن گهر ۾ سندس ڪا ضرورت نه هئي، هوءَ فقط شيشي جو هڪ رانديڪو آهي جنهن کي رميش تمام احتياط سان سنڀالي رکندو هو. هوءَ رميش جي شاسترن جي ديوي آهي جنهن جي هو عزت ڪندو آهي، پوڄا ڪندو آهي، اتي بيٺي بيٺي هن لڪشمي جي خوبصورت ننڍي بت ڏانهن ڏٺو، هوءَ به ته هن مورتيءَ جيان آهي. سندس دل چيو ته هوءَ مورتيءَ کي کڻي فرش تي اُڇلائي هڻي، فرنيچر اونڌو ڪري ڇڏي، بسترو کڻي ٻاهر ڦٽو ڪري ۽ ڪمري جي هر شيءِ کي پنهنجي جاءِ تان هٽائي ڇڏي، زندگيءَ جو اهو دائرو ختم ڪري ڇڏي پر هوءَ بيٺي رهي. پوءِ هن جُهڪي ڏٺو ته شايد رميش جا جوراب پلنگ جي هيٺان پيل هجن پر هن جا بيڊروم سليپر نهايت طريقي سان رکيل هئا. هوءَ غسلخاني وئي ته شايد هن جو شيونگ جو سامان اتي پيل هجي، پر هن سڀڪجهه ڌوئي الماري ۾ رکي ڇڏيا هئا. هو رات جو جيڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو، شايد وهاڻي هيٺان هجي… پر اهو به ريڪ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکيل هو. هو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڪڏهن به نه وساريندو هو. پنهنجون شيون ته ڇا پر کيس اها به خبر هئي ته رجني جي نيري ساڙهي ڪٿي رکيل آهي ۽ اڇو بلائوز ڪٿي رکيل آهي، هن کي ڪڏهن ڪاوڙ نه آئي. هو ڪڏهن ناراض نه ٿيو، بس هن سان به ڄڻ هڪ اصولي قسم جي محبت ڪري رهيو هو. جيئن صبح ستين کان شام پنجين تائين دفتر ۾ ڊيوٽي ڪندو هو، رجني ڄڻ هن گهر ۾ مهمان هجي جنهن جي آرام ۽ آسائش جو پورو خيال رکيو ويندو هو. هوءَ وري ٻاهر اچي وئي ۽ ڪڪوءَ کي کڻي مٿي ڇت تي هلي وئي، ڇت تي ڪڪو وري پنهنجي راند ۾ مگن ٿي ويو. اهائي چاٻي واري ريل ۽ پٽڙين جو محدود دائرو، ننڍڙو دائرو رجني ائين ئي اوڏانهن ڏٺو. ڪهڙي واهيات راند آهي، ريل هڪ ئي دائري ۾ پئي هلي، نه ڪٿي پهچي ٿي، نه رڪجي ٿي. جيڪڏهن هن جي چاٻي ختم نه ٿئي ته اها اهڙي طرح ئي چڪر ڪاٽيندي رهي، هوءَ بور ٿيڻ لڳي. ڪاش! اها اونڌي ٿي وڃي. هوءَ اٿي ڀت تي جُهڪي ڏسڻ لڳي، سامهون واري گهر جي اڱڻ ۾ هڪ ٻار ماءُ جي هٿ مان سوئيٽر اُڻڻ جو سُئو کڻي ڀڄي ويو هو ۽ هوءَ کيس دڙڪا ڏئي رهي هئي. ٻار مُرڪي رهيو هو ۽ ماءُ کان به کل ضبط نه پئي ٿي. هوءَ ڀت تان هٽي وئي ۽ کٽ تي ويهي سوئيٽر اُڻڻ لڳي، هوءَ بار بار ڪڪوءَ ڏانهن ڏسڻ لڳندي هئي، هو پنهنجي راند ۾ مگن هو، هوءَ غور سان کيس ڏسڻ لڳي، بالڪل رميش جو نقشو هو، اهائي پيشاني، اهي ئي اکيون، اهي ئي لب، اهي ئي حرڪتون ۽ اهائي سنجيدگي، هن اُنَ ۽ سُئا رکي ڇڏيا، ڇت تي ٻه ڪبوتر اچي ويٺا، رجني ڪڪوءَ کي زور سان چيو: ”ڪڪو! ڪبوتر ڏس، ڊوڙي پڪڙي وٺ.“ ڪڪو سرسري نظر سان ڪبوترن کي ڏٺو ۽ انجڻ ۾ چاٻي ڀرڻ لڳو. رجني ڄڻ ٿڪجي ليٽي پئي. ڪجهه دير کان پوءِ ٿانوَن ڌوئڻ واري مائي اچي وئي ته کيس پنهنجي اڪيلائيءَ کان ڪجهه ڇوٽڪارو مليو. هوءَ ڪڪوءَ کي کڻي هيٺ هلي آئي ۽ گُلان جي ڀرسان ويهي ڳالهائڻ لڳي، اوچتو سندس نگاهه گُلان جي نراڙ تي پئي: ”اڙي! هيءَ پٽي ڇو ٻڌي اٿئي؟“ ”ڪجهه ڪونهي جيجي، بس ائين ئي.“ گُلان مرڪي. ”ائين ئي وري ڪيئن؟ ڪِري پئي هئينءَ ڇا؟“ ”نه، رامونءَ جي پيءُ ماريو هو.“ ”ڇو؟“ رجني ويجهو سِرڪي آئي. ”ڀاڄيءَ ۾ لوڻ وڌيڪ پئجي ويو هو نه.“ رجني خاموش ٿي وئي. گُلان ٿانوَ ڌوئيندي چيو: ”پهرين مار ڪڍيئين، پوءِ پٽي ڪرائڻ به پاڻ ئي هليو، پوءِ گرم گرم کير پياريئين … ۽ …“ ”۽… ڇا؟“ ”مٿي تي زور ڏنائين ۽ معافيون گهريئين.“ گُلان مرڪي پئي. ”اڳ ۾ به ڪڏهن جهيڙو ٿيو آهي؟“ رجني پڇيو. ”ٻيو نه ته، زال مڙس ۾ ڪٿي جهيڙو نه ٿو ٿئي. جڏهن رامونءَ جو پيءُ ماريندو آهي ته آءٌ پيڪن وڃڻ لاءِ تيار ٿي پوندي آهيان، پر پوءِ يڪدم پرچائي وٺندو آهي. هنن مردن کي پرچائڻ جا سؤ طريقه ايندا آهن، ۽ عورت جي دل ته هونئن به نرم هوندي آهي.“ ”تون به پرچي ويندين آهين؟“ ”نه ته ٻيو ڇا ٻارن کي ڇڏي هلي وڃان، ائين به ڪڏهن ٿيو آهي؟“ رجني ماٺ ٿي وئي. رات جي ماني تيار ڪندي رجني ڄاڻي واڻي لوڻ وڌيڪ وڌو پر رميش اطمينان سان کاڌو کائيندو رهيو. هن هڪ ڀيرو به شڪايت نه ڪئي، جڏهن هوءَ ڪم کان واندي ٿي اندر پهتي ته رميش پڙهي رهيو هو ۽ ڪڪو سمهي چڪو هو. هوءَ ائين ئي ڪمري ۾ ڦرڻ لڳي. پوءِ ڌو ڪري بستري تي ڪِري پئي ۽ سوڙ مٿان پائي ليٽي پئي. رميش پاسو ورايو ته هوءَ وري ڪاوڙجي پئي، رميش سوچيو ته آخر ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڇا ٿو ٿي وڃي؟ بالڪل ٻارن جهڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندي آهي، هن ڪتاب بند ڪري پڇيو: ”ڇا ڳالهه آهي؟ طبعيت ته ٺيڪ آهي؟ سيءُ ته نٿو لڳي؟“ رجني ڪو جواب نه ڏنو، رميش هن جا سڏڪا ٻڌا ته بستري تي وڃي ويٺو. ”ڇا ٿيو آهي؟“ رميش جي آواز ۾ درد هو. موهن ڪلپنا ڪهاڻي تنقيد جو مُلهه ڀريءَ محفل ۾ منهنجين تصويرن تي سخت تنقيد ٿي هئي. مون ته پنهنجيءَ هر تصوير کي شاهڪار ٿي سمجهيو. نقادن ڪڏهن به منهنجي دلچسپي هٿ نه ڪئي هئي. چوندو هوس: ”ڀل بڪندا رهن، هنن جي هاءِ – گهوڙا سان منهنجيءَ ڪنهن به تصوير جي ڪنهن به ڪردار جي منهن جو رنگ بدلجڻو نه آهي؛ نقاد مري ويندا، پر تصويرون امر رهنديون.“ هاڻ اونڌي منجي ڪري، نقادن تي سوچي رهيو هوس. گهڻي ۾ گهڻو غصو سيتل تي هوم. هن جي تنقيد جو انداز اهڙو ته لَي ڀريو هو جو ٻڌندڙ پئي جهوميا، ۽ رقيبن پئي ٽهڪ ڏنا. سچ ته انهن ٽهڪن جي ٻولي – رهت تنقيد به مون کي خوب ٽهڪائي ڇڏيو. گهر اچي، مون تنقيد جا ٻه_ چار _ پنج مضمون پڙهيا. انهن مان ڪي ڳالهيون نقادن جي خلاف نظر آيون، جي بروقت ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪيم. سوچيم ته هڪ ڏينهن نقادن تي، خاص ڪري سيتل تي، اهڙي ته سخت تنقيد ڪندس جو هو ۽ ٻيا سڀ ڪلاڪارن جي رچنائن مان پنهنجا مقصد ڳولڻ ڇڏي ڏيندا. يڪايڪ ويچار آيو: ’جي مون کي اِن مضمون تي داد ملي وڃي ته؟ ته ڪاميابي اوس منهنجي ٿيندي، ليڪن تنقيد جو مُلهه ته پاڻ وڌي ويندو! هيءَ تنقيد چيز ڪهڙي آهي: جيترو ان جي صحيح نموني خلاف وڃ، اوترو ان جو ملهه وڌي وڃي ــــ ڇو ته خلاف صرف غلط ڳالهه جي وڃڻ گهرجي، صحيح ڳالهه تي داد ڏبو آهي. ليڪن تنقيد جو مقصد به ته اهو ئي آهي نه! ته پوءِ، ڇا مون کي نقادن اڳيان جهڪڻو پوندو؟“ پاسو ورائي، سامهون ڀت تي ٽنگيل پنهنجي نئينءَ تصوير ڏانهن نهاريم. کجور جي وڻ هيٺان ڪرشن بنسري وڄائي رهيو هو، ۽ راڌا نچي رهي هئي. ’ڇا، اِن تان هٿ کڻڻو پوندو؟‘ تڏهن سنڌوءَ سڏ ڪيو: ”چتر ڪار صاحب!“ ’چترڪار‘ ۽ ’صاحب‘! ..... پر يڪدم ويچار آيم، سنڌو ته سيتل سان پيار ۾ آهي، سندس ’سڏ‘ تي جيڪڏهن تنقيد ڪندس ته کلي چوندي، ’تون ته تنقيد جي خلاف آهين، ڀائو، پوءِ اهو هٿيار تو ڇو کنيو آهي‘! ڀيڻ ٻيو سَڏ نه ڪري، اچي پاسي ۾ ويٺي. هن مسڪرايو ۽ مون پڇيو، ”ڪلهه سنگيت – چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪائون نمبر بيٺينءَ؟“ ”آخرين.“ ”مذاق ڇڏ.“ ”سچ پچ.“ ”جج ڪير ڪير هئا؟“ هن کليو. ”چاهي ڪهڙا به هجن. جي ڄڻي نه ڄاڻن، سي ڇا ڄاڻن ممتا!“ ”تنهنجيءَ دل تي سچ پچ چوٽ لڳي آهي، ڀائو؟“ ائين چئي، هن پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي هلڪو زور ڏنو. اڃا کن پل اڳ کِلي مسڪرائي رهي هئي؛ ۽ هاڻ سندس چهري تي ڏک جي تکي ڇايا صاف نمودار هئي. ”چوٽ؟ ڇا مطلب؟“ ”ٻڌم، ڪلهه ڀري محفل ۾ توتي سخت تنقيد ٿي هئي.“ مون هلڪو کلندي چيو: ”جا ’تنقيد‘ ٿيندي آهي، اُها سخت ته هوندي ئي. ليڪن اِهو توکي ڪنهن ٻڌايو؟“ ”ٻيو ڪير ٻڌائيندو.“ ”سمجهيم.“ هوءَ چپ. ”ٻڌ، سنڌو! نقادن کي هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪَلا صرف اَنڀـؤ ڪرائيندي آهي. انسان دنيا اندر اڃا اُهي اکر يا رنگ ٺاهي نه سگهيو آهي، جي ڪنهن ساکيات چيز يا سوکيم احساس جو هوبهو چتر چٽي سگهن يا آڻي سگهن. ڪهڙي به اوچي درجي جو چترڪار پنهنجيءَ تصوير ۾ سورج کي چاهي ڪهڙن تکن رنگن سان چٽڻ جي ڪوشش ڪري، ليڪن هو ڇا اُن سورج ۾ اصلي سورج جو هلڪو تيج به ڀري سگهندو؟ اَصلي سورج جو تاب اَسين هڪ منٽ به سهي نه سگهون، ۽ هيڏانهن تصوير واري سورج کي چاهي زندگي ڀر نهاريون، اکين کي آرام ڀريو ٿڪ برابر ٿيندو، ليڪن تاب ايندو سو ناممڪن! ۽ پوءِ نقاد چوندا: ڇا، ’يار، تون پنهنجي سورج ۾ ٿوري به روشني ڀري نه سگهيو آهين!‘ بس، هو ته چاهيندا آهن ته سورج واريءَ تصوير کي جيڪڏهن اوندهه واري ڪمري ۾ رکجي ته ڪمري ۾ روشني ٿي وڃي!“ ”اهو ٺيڪ، پر ڪوئي چترڪار جبل تي ڪمل جا گل ڏيکاري ته؟“ ”ته؟“ ”ته ڇا تون ايئن چوندين ته ان جبل جي هيٺان ڪوئي تلاءُ آهي!“ ”ڪلاڪارن کي بيوقوف سمجهڻ بذات خود هڪ وڏي بيوقوفي آهي.“ ”تون خفي ڇو ٿو ٿين، ڀائو؟“ ”ڇو ته تنقيد پيدا ئي خفا ڪندي آهي.“ مون چيو. هن هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو. اُٿي، ڀت تي ٽيڪ ڏيئي، ٻئي ٻانهون ٻڌندي چيم: ”او اَڀماني نقاد جي بيپرواهه ساهيڙي، ٻڌ“ هن گنڀير ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ”متان اهو سمجهين ته ڪلاڪارن نقادن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن ڪلاڪار خوب چيو آهي: ”جي ڪلا جي دنيا ۾ ناڪامياب ويندا آهن، اُهي ٿيندا آهن نقاد.“ ”ٿي سگهي ٿو، اهو رايو تعصب وچان ڏنو ويو هجي؛ ڪنهن نقاد جي سخت تنقيد ٻڌي، ڪنهن غصي وچان ائين چئي ڏنو هجي.“ ”جو ڪلاڪار آهي اهو تعصب رکي نٿو سگهي.“ هن مسڪرائي ڏنو. ”ڪلهه هڪ نقاد هڪ چترڪار کي چيو: ”دوست، تون هن ڇوڪري جي اکين ۾ ڪجل ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ وجهي ويو آهين. ڇوڪري پنهنجي ٻن بازن ڏانهن ائين ٿي نهاري، ڄڻ پنهنجي ڇاتيءَ ڏانهن پيئي نهاري.“ تڏهن اُن چترڪار ٺهه پهه وراڻيس: ”شڪر آهي جو توهان ڏانهن نٿي نهاري!“ سنڌوءَ ٽهڪ ڏنو؛ ۽ مون سمجهيو، هاڻ هوءَ ڪلاڪارن طرف ٿي رهي آهي. ”چڱو، سنڌو، پنهنجي نقاد صاحب کان هڪ سوال پڇندينءَ؟“ ”ڪهڙو؟“ ”پڇجانس، آخر ڪلاڪارن ۽ ڪلا_ پريمين وچ ۾ ٽنگ اڙائڻ جي توهان کي ضرورت ڪهڙي آهي؟ دنيا ۾ ڪلاڪارن جي ته عزت آهي ئي؛ ڪهڙي نقاد جي عزت آهي؟ دنيا ۾ ڪنهن نقاد جي نالي ڪٿي ڪا يونيورسٽي، ڪو هال، ڪا لئبرري، ڪو پارڪ، ڪا گهٽي_ ڪجهه به آهي؟ پري ڇو وڃجي، سنڌي ڪلا_ پريمين شاهه عبداللطيف جو عاليشان مقبرو ٺهرايو آهي، ڪيترن ئي نقادن شاهه صاحب جي شاعريءَ تي ٽيڪائون لکيون آهن، آهي ڪنهن نقاد جي نالي ڪائي بينچ، ڪائي ڪرسي؟“ هوءَ چپ. هاڻ مون کان هڪ ٽهڪ نڪري ويو. ”اِن ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڀائو!“ سندس روپ ۾ ڦيرو ڏسي، وائڙو ٿي ويس. ”تنقيد ته انساني طبيعت جو هڪ حصو آهي. ڪلاڪار زندگيءَ جي تنقيد ڪن ٿا، ۽ نقاد ڪلا جي، اصل ۾ نقاد ڪلاڪار کان وڌيڪ محنت ڪري ٿو. توهين زندگيءَ جو هڪ چتر چٽي، شان مان سان مسڪرائي خاموش ٿيو وڃو، ليڪن نقاد کي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. هڪ رچنا تي کيس ڏهن رچنائن جا حوالا ڏيڻا ٿا پون.“ ”واهه واهه، ڄڻ ڪلاڪار زندگيءَ جو گهرو اڀياس نٿو ڪري! ۽ هي نقاد، .... چوندا: تنهنجيءَ رچنا ۾ فلاڻو نقص آهي، جو فلاڻي ڪلاڪار جي فلاڻيءَ رچنا ۾ ڪونهي. اهو نه ٻڌائيندا آهن ته تنهنجيءَ رچنا ۾ فلاڻي خاصيت آهي، جا فلاڻي ڪلاڪار جي فلاڻيءَ رچنا ۾ ڪانهي.“ ”خوب!“ ”ڪيئن، ٺيڪ ٿو چوان نه؟“ ”ليڪن ان مان تنقيد جو ملهه وڌي ٿو__ اهو ڄاڻين ٿو؟“ ”ها.“ ”۽ پوءِ به تون نقادن جي خلاف آهين!“ ”ٻيو ڪجهه؟“ ”تون چوين ٿو، ڪنهن ڪلاڪار خوب چيو آهي ته جيڪي ڪلا جي دنيا ۾ ناڪامياب ويندا آهن، اهي ٿيندا آهن نقاد- ڇا، تنهنجيءَ تنقيد مان مون کي ائين سمجهڻ جو سبب نه آهي ته تون خود به پاڻ کي ڪلا جي دنيا ۾ ناڪامياب سمجهين ٿو؟“ ”پر مان ڪلاڪارن تي نه، نقادن تي تنقيد ڪريان ٿو؛ ۽ نقاد، نقادن تي نه، ڪلاڪارن تي تنقيد ڪندا آهن. اهو تفاوت توکي سمجهڻ گهرجي.“ ”تفاوت سمجهڻ سان تنقيد جو ملهه گهٽجي نٿو، ڀائو.“ مان چپ ٿي ويس. ”ڪلا - پريمي به نقاد ٿيندا آهن، ڀائو. اهو سچ آهي ته ڪلا_ پريمي اهو ڄاڻندا آهن ته حقيقت صرف اها نه آهي، جا آسپاس ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جا ڳالهه ٿي سگهندي آهي، ان کي به حقيقت چئبو آهي. ڪلا_ پريمي ٻن خاص ڳالهين ۾ خاص هوشيار ٿيندا آهن: پهرين اَسڀاويڪتا کي پڪڙڻ ۾، ٻيو ناممڪن ڳالهين کي. جيستائين چتر_ڪلا جو واسطو آهي، مان صرف ڪلا_پريمي آهيان. پر مان پڙهيل ڳڙهيل آهيان. ڀائو، تون پنهنجيءَ نئينءَ تصوير ڏانهن نهار. کجور جي وڻ هيٺان راڌا ۽ ڪرشن جا ٻه ڪردار آهن. توکي خبر آهي ته هندستان ۾ کجور جا وڻ ڪڏهن پيدا ٿيا؟__ عربن جي اچڻ کان پوءِ. تون شايد ائين ئي چوين ته اها تخليقي حقيقت نگاري آهي. __ جا نه آهي. جي چوندين ”آهي“، ”ته زوريءَ مڙهيل آهي.“ ”ڪرشن، ۽ کجور جو وڻ!“ تڏهن ياد آئي. ”جبل ۽ ڪمل گل“ جي ڳالهه! سوچيم، ”ڇا، مان پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيو آهيان؟“ چيم، ”سنڌو، مون کي فخر آهي، تون منهنجي ڀيڻ آهين!“ ”ڇو؟“ ”تو مون کي ڪيڏي نه وڏي شڪست ڏني آهي!“ ”ان داد جي حقدار مان نه آهيان.“ ”مطلب؟“ ”اهو سڀ مون کي ’هُن‘ ئي ٻڌايو.“ ”ليڪن سيتل ته هيءَ تصوير ڏٺي ئي ڪانهي.“ ”مان تنقيد جي مُلهه جي ڳالهه ٿي ڪريان.“ ”مون کي خبر آهي، تون هر ڳالهه جي ڳالهه ڪري سگهندي آهين.“ ايئن چئي، ميز جي خاني مان سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ ماچيس کڻڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ اُٿيس. ”ڪلهه سنگيت – چٽاڀيٽيءَ ۾ مان پهريون نمبر آئي هيس، ڀائو!“ مان ويهي رهيس. کيس چيم، ”خواهه مخواهه ججن کي گاريون کارايئه. وڃ، ميز جي خاني مان سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ ماچيس کڻي اچ.“ هوءَ اٿي اوڏانهن وڃڻ لڳي. ”۽ ها، سيتل کي چئج ته ايندڙ آچر تي ماني اسان وٽ کائي. کيس اهو به چئج ته جيڪڏهن مون ڪلا جي دنيا ۾ خاص درجو حاصل ڪيو ته مان ڪنهن نقاد جي نالي سان هڪ آرٽ گئلري ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندس!“ قاضي اياز مهيسر ڪهاڻي ڳـــــــولا... سرءُ جي ان نما شام جڏهن سندس ڪينوس تي بهار جي موسم ۾ چٽيل گلابن مان گلابي رنگ سڪي ويا هئا، ان گهڙي الائي ڇو سندس دل گهريو ته هو پنهنجي پينٽ هائوس ۾ موجود سمورن رنگن کي هاري ناس ڪري ڇڏي. پر ان احساس، سندس روح ۾ هڪ عجيب بي چيني پيدا ڪري ڇڏي هئي. رنگن جي موت ۾ کيس پنهنجي موت جو احساس ٿيڻ لڳو هو، موت جو احساس جنهن کان گهٽ ۾ گهٽ هن پنهنجي تخليق کي پري رکڻ چاهيو هو. هن هميشه کان اهو ئي چاهيو هو ته سندس هٿن جي جنبش مان ٺهي ويل تخليق کي ڪڏهن به ڪو به موت ڇهي نه سگهي. پر سرءُ جي ان شام کيس ان احساس ۾ گهيري ڇڏيو هو ته جڏهن تخليق جي تخليقڪار جو موت اڻٽر آهي، تڏهن تخليق سدا حيات ڪيئن ٿي رهي سگهي!! هڪ عجيب ڪرب ۾ هو پنهنجو پينٽ هائوس ڇڏي، هڪ اجاڙ ميدان جو راهي ٿي ويو هو. اجاڙ ميدان جنهن جي هر پنڌ ۽ پيچري تي سرءٌ جي موسم حاوي ٿيل هئي. هن جي اندر ۾ هڪ طوفان آيل هو، هڪ طوفان، جنهن پنهنجي اندر ۾ هزارين طوفان سمائي ڇڏيا هئا. هن پنهنجي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته هو تخليقڪارن جي تخليقڪار سان هڪ دفعو ئي سهي پر ڳالهائيندو ضرور، پوءِ ڀلي ان لاءِ کيس اوچائي تائين ئي وڃڻو ڇو نه پئي. پر اوچائي هئي ڪٿي، کيس صرف ان جي پتي جي ئي ته خبر نه هئي پر، هن اجاڙ ميدان جو جڏهن رستو وٺي ئي ڇڏيو هو ته هاڻي سندس واپسي اوسيتائين ته ممڪن ڪونه هئي جيسيتائين هو خدا سان هم ڪلام نه ٿو ٿي وڃي. پر واٽ ويندي، هن پنهنجي دل ۾ سوچيو ضرور هو ته جي هو اُوچائي تائين پڄي به وڃي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هو خدا سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي. ”ممڪن آهي،“ ان کان پهرين جو هو دل لاهي ويهي، سندس اندر ۾ ڀرجي آيل طوفان کيس جواب ڏنو هو، ”جي اهو موسى لاءِ ممڪن هو ته تو لاءِ ڇو نه؟“ ”۽ هو جيترو موسى جو خدا آهي اوترو ئي تنهنجو خدا به ته آهي!“ اهو ٻڌي سندس ارادا وڌيڪ پختا ٿي ويا هئا ۽ هو ميدانن مان ٿيندو وادين ۾ پڄي ويو هو ۽ وادين مان ٿيندو ٻين ميدانن ڏانهن مسلسل هلڻ جي ڪري سندس پيرن ۾ لڦون پئجي ويون هيون. هو پنهنجي پيرن مان رت وهائيندو مسلسل وڌي رهيو هو. کيس ان ڳالهه جو به گمان هو ته هو ڪٿي ڀٽڪي نه وڃي پر ان سان گڏ کيس ان ڳالهه جو به يقين هو ته خدا جي راهه ۾ ڀٽڪي وڃڻ به سندس راهه ۾ اڳتي وڌڻ آهي. نيٺ هڪ ڏينهن هو انهن وادين ۾ پڄي ويو جن وادين مان صدين کان ڪير به نه لنگهيو هو ۽ سندس پير انهن پيچرن کي لتاڙي رهيا هئا جن پيچرن تي موسيٰ کان پوءِ ڪڏهن ڪنهن بني بشر پير ئي نه پاتو هو. انهن وادين مان ڪوهه پري نظر ايندڙ پهاڙي کيس طورسينا جهڙي لڳي هئي. کيس پڪ ته ڪانه هئي پر الائي ڇو ان پهاڙي تي نظر پوڻ شرط ئي سندس روح سٽ کاڌي ته اها ئي اها مقدس جڳهه آهي. ڪجهه ڏينهن جي مسلسل پنڌ کان پوءِ هو نيٺ ان پهاڙي تي پڄي ويو هو جنهن کي دل ئي دل ۾ هن مقدس جڳهه سمجهيو هو. پر ان گهڙي سندس حيرت جي انتها نه رهي جڏهن پنهنجي ساڄي پاسي کيس هڪ کاهي نظر آئي هئي، کاهي جيڪا ڪنهن نور سان چمڪي رهي هئي. ”هيءَ اها ئي جاءِ هوندي،“ هن پنهنجي دل ۾ سوچيو، ”اها جاءِ جتي خدا جو نور چمڪيو هو، ۽ جنهن جي دهشت ۾ موسى بيهوش ٿي ويو هو.“ کيس پڪ ٿي وئي هئي ته هو جتي پڄي چڪو هو اِهو اُها ئي مقدس مقام هو، جنهن تي چڙهي موسى روز خدا سان ڳالهائيندو هو ۽ ان پڪ سان سندس دل تي ساڳي ئي دهشت تاري ٿيڻ لڳي هئي جيڪا ڪڏهن موسى تي طاري ٿي هئي. اوچتو، کانئس اهو وسري ويو هو ته هو خدا سان ڇا ڳالهائڻ آيو آهي، کانئس ڇا پڇڻ آيو آهي. ۽ ان کان اڳ جو هو خدا جي آواز ٻڌڻ جي همت ساري ها، هو پنهنجي سامهون هڪ ڪاري لباس واري ماڻهوءَ کي ڏسندي ئي ڏندڙجي ويو هو. هوش اچڻ تي کيس ڪا به خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهي ۽ جتي به آهي اتي ڇو آهي، کيس اهو به ياد نه هو ته هو ڏندڙجي ويو هو يا هو ڏندڙجڻ کان پهرين ئي ڏندڙيل هو ۽ ڏندڙجڻ سان ئي هوش ۾ اچي ويو هو، کيس ڪا به خبر نه هئي ته هو اتي اچڻ کان پهرين ڪٿي هو، ڪير هو ۽ ڇا ڪندو هو. بس هن پنهنجي پاڻ کي ڪنهن وجود وانگر سمجهيو هو جيڪو پنهنجي ڀرپاسي موجود شين کي جانچي، ڦلهوري، پنهنجي پاڻ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو پنهنجي حيرت ۾ ئي گم هو، ته اوچتو اهو ڪاري لباس وارو همراهه سندس ويجهو آيو ۽ کيس اکين ۾ نهاري سندس ڀرسان ويهي رهيو. ”تون ڪير آهين؟“ هن ڪارن ڪپڙن واري کان گهٻرائيندي پڇيو. ”تو کي خبر آهي ته تون ڪير آهين؟“ ڪاري لباس واري جواب ۾ کانئس ئي سوال پڇي ڇڏيو هو. ”نه!!!… توکي خبر آهي ته مان ڪير آهيان؟“ هن حيرت مان کانئس پڇيو. ڪاري لباس واري مرڪندي کيس جواب ڏنو، ”ها، مون کي خبر آهي، تون هڪ آرٽسٽ آهين!“ هو سوچ ۾ پئجي ويو هو ۽ گهڻي دير سوچڻ کان پوءِ ڪاري لباس واري کان پڇڻ لڳو، ”جي مان آرٽسٽ آهيان ته هتي ڇا ٿو ڪيان ۽ هيءَ ڪهڙي جاءِ آهي؟“ ڪاري لباس واري سندس پيرن ڏانهن نهاريندي چيو جن مان اڃا به رت وهندي نظر اچي رهيو هو، ”تون هتي ان جي ڪري آهين جو تو خدا کان ڪجهه پڇڻ پئي چاهيو ۽ تنهنجي اندر ۾ بيچيني هئي ته تخليق جو موت ڇو لکيو ويو آهي، ۽ هيءَ جاءِ اها طورسينا آهي جنهن تي چڙهي تو خدا سان ڪلام ڪرڻ پئي چاهيو!“ آرٽسٽ جي ياداشت واپس اچي رهي هئي پر هو پوري طرح اڃا به هوش ۾ نه هو. ”ها!“ هن چيو، ”پوءِ تون ئي ٻڌاءِ تخليق جو موت ڇو آهي؟“ ڪاري لباس واري مرڪندي چيو، ”تخليق جو موت ٿي ئي نه ٿو سگهي!“ آرٽسٽ حيران ٿي ويو هو، ”پر اسان ته هر وقت موت هٿان مرندا رهندا آهيون، اهو سچ ناهي!“ ”نه…!“ ڪاري لباس واري چيو، ”اهو سچ ناهي، موت تخليق کي ماري ئي نه ٿو سگهي، موت تخليق کي پنهنجي تڪميل ڏانهن وٺي ويندو آهي!“ آرٽسٽ چپ ٿي ويو هو، سندس آڏو پهريون ڀيرو حقيقت جا اسرار کلي رهيا هئا. ڪجهه دير جي خاموشي کان پوءِ آرٽسٽ وري ڳالهائڻ لڳو، ”پوءِ ايڏي پيڙا، ايڏي تڪليف، ڇو؟؟“، ڪاري لباس واري بنا ڪنهن دير جي جواب ڏنو، ”پيڙا کان سواءِ ڪا به تخليق نه جنم ٿي وٺي سگهي ۽ نه ئي مڪمل ٿي ٿي سگهي. تخليق خود هڪ پيڙا آهي، پر پيڙائن مان ٿيندي ئي پنهنجي تڪميل ڏانهن پڄي سگهندي آهي.“ آرٽسٽ جي منهن تي پهريون ڀيرو سڪون لهي آيو هو. ڪجهه دير جي خاموشيءَ کان پوءِ هو چوڻ لڳو: ”مان ان ڳالهه لاءِ پنهنجي خدا جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان ته مون کي پنهنجن سوالن جا جواب ملي ويا آهن.“ ڪاري لباس وارو اٿي بيهي رهي ٿو ۽ آرٽسٽ ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي ٿو: ”مان وڃان، هاڻي؟“ آرٽسٽ به اٿي بيهي رهي ٿو ۽ کيس ڏسندي چوڻ لڳي ٿو: ” مون کي اڄ ان ڳالهه جو اطمينان آهي ته مان پنهنجي ارادي جي سچائيءَ سان نه صرف مقدس مقام تي پڄي سگهيو آهيان، پر ان سان گڏ مون کي موسى سان ملڻ جو اعزاز به نصيب ٿيو آهي.“ ڪاري لباس وارو پٺي ڏئي اڳتي وڌڻ لڳي ٿو. ”موسى! موسى!!“ آرٽسٽ کيس سڏڻ لڳي ٿو. ڪاري لباس وارو کيس بنا ڏسڻ جي جواب ڏئي ٿو، ” موسى مان ناهيان، موسى تون آهين!“ ”موسيٰ… ۽ مان…!!!“ آرٽسٽ کان حيرت مان رڙ نڪري ٿي وڃي، ”ها !! هر اهو ماڻهو جيڪو خدا سان ڳالهائي سگهي ٿو، اهو موسى جهڙو آهي.“ ڪاري لباس وارو کيس جواب ڏئي ٿو. ”پوءِ تون ڪير آهين؟“ آرٽسٽ بي يقيني ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ کانئس پڇي ٿو. ڪاري لباس وارو آرٽسٽ ڏانهن مُرڪي ڏسي ٿو شفيق مرڪ ۽ ساڄي پاسي نظر ايندڙ نور ۾ غائب ٿي وڃي ٿو. نوان ڪتاب ڪتاب: ڀڳت ڪبير جا دوها موضوع: شاعري مترجم: پروفيسر عطاءالله ابڙو ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2011ع سائيز: ڊيمي صفحا: 200 قيمت: 250 رپيا ª ڪتاب: کرڙيءَ جي جنگ جا نامور شهيد موضوع: تاريخ تحقيق: پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي ڇپائيندڙ: ڪراڙ پبليڪيشن، ٽنڊومحمد خان 2010ع سائيز: ڊيمي صفحا: 112 قيمت: 130 رپيا پير عبيد راشدي ٻه مختصر ڪهاڻيون ته سنگهارن سُکُ ٿئي...! اخبار جي مڊويڪ ميگزين ۾ ٿر تي مضمون سان گڏ ٿر جي ماڳن، مڪانن ۽ ماڻهن جا فوٽو هئا. هڪ فوٽو ڄاتل سڃاتل لڳم. ياد پيم ته اهو فوٽو شهر جي مشهور فوٽو گرافر جو هو. فوٽوءَ جي هيٺيان لکيل هو: ”هڪ ٿريو روايتي لباس ۾ چؤنري اڳيان.“ مون پنهنجي روم ميٽ کي چيو: ”پارٽنر اعجاز ڪريم! هيءُ ڏس مشهور فوٽو گرافر، فوٽو ڇپرائڻ جي شوق ۾ ٿري لباس پاتو آهي.“ ”ٿري لباس ۾ حيثيت گهٽ ٿيندس ڇا؟“ اعجاز ڪريم اٽلندو سواليو. ”نه، پاڻ حيثيت وڌندس ڇو ته ماڻهو پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب جي ڪري سڃاتا ويندا آهن.“ ”باقي تنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد؟“ ڪيڊٽ ڪاليج جي هاسٽل مٿان ٿر ڏي ويندڙ ڪڪرن کي ڏسي چپن ۾ ڌڻيءَ پاڪ کان سنڌ ۽ ٿر وسڻ جي دعا گهريم ۽ پوءِ اعجاز ڪريم کي وراڻيم: ”ماڳ، مڪان ۽ ڀِٽن سان گڏ ڪنهن ستايل ٿريءَ جو فوٽو هجي ها ته ڪيڏو نه سٺو لڳي ها، ڇو ته مقامي ماڻهو پنهنجي علائقي جي سڃاڻپ هوندا آهن، اها ٿرين سان زيادتي آهي.“ ”هونهه، هتي ٿرين سان الائجي ڪهڙيون زيادتيون پيون ٿين، تون وري فوٽوءَ جي ڳالهه تي ٿري جي نمائندگي پيو ڪرين؟“ مون کان سَٺو نه ٿيو، آءٌ اڏامندڙ واريءَ جو دڙو ٿي پيس. منهنجا لفظ اڏامندڙ واريءَ جيان وسڻ لڳا. ڀلي ڪير به ٿرين جو لباس اوڍي اخبارن ۾ فوٽو ڇپرائي پر ڪير ٿرين جهڙو جهاڳڻ محسوس ڪري ته هو ڪهڙين حالتن ۾ آهن!!“ سِنڌ هتي آهي... پان جي پڪَ ديوار ته خراب ڪري سگهي ٿي پر سمونڊ نه! سنڌ ته آهي سمونڊ سدا جل ٿل مقدس. سنڌ جو سمونڊ، پانَ جي پِڪَ ۽ ميٽروپوليٽن سِٽي مان اٿندڙ منافقيءَ جي لڙ کي ڀاڱا راڱا ڪري ڇڏيندو. ڪلاچيءَ مان اٿندڙ دهشتگردي سادن توڙي بشني ماڻهن کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو آهي. ميلائي بشني ڪاٽڪو جن جي پويان پوليس هوندي هئي، اڄ ڪلاچيءَ ۾ ٿاڻن ۽ وٿاڻن جا مالڪ ٿيو ويٺا آهن. نوري آباد سپر هاء وي تي ويٺل اٻوجهه وزير پالاريءَ کي خبر چار ڏيڻ لاءِ ڪار مان ڳچي ڪڍندس ته پڇندو: ”ڪوهستان ته تتل باهه، سنڌ ته بهاريءَ ۾ هوندي!؟“ قسمت سانگي مٺيءَ يا ڪارونجهر وڃبو ته مسڪين ٿريا پڇندا: ”هت ته ٻارهو ئي اڻ هوندا، ماڻهو مرگهه ابر آسري، سنڌ ته جل ٿل هوندي!؟“ ڪراچي ۾ شام لڙي پارڪ ۾ واڪ دوران ٽريڪ تي ڇيڳريون جن جو ڪرڪو هونئن ڪونجن جو ورلاپ محسوس ٿيندو آهي پر جڏهن پڇنديون: ”سنڌ مان ڪڏهن آئين؟“ تڏهن سندس پڇا ڪٻرين جي لڙ جيان ڀاسندي آهي ۽ آءٌ ويچارن ۾ کامي پڄريو لڇان. سنڌ باقي ڪٿي؟ سنڌ کي ڪنهن سڃاتو، نه پنهنجن نه ڌارين!“ تڏهن ويچارن مان ساڄو هٿ کاٻي پاسي سينا ڪوبي ڪرڻ لڳندو آهي ۽ دل جو هر ڌهڪو چوندو ته: ”سنڌ ته آهي هتي، سنڌ ته آهي هتي.“ احسان دانش ڪهاڻي خــــــــــــوف جڏهن کان ماڻهن جي هجوم ۾ ٿيل خود ڪش بم ڌماڪي کان پوءِ روڊ تي ڳڀا ڳڀا ٿيل لاشَ ۽ رَتُ جا داغ ڏٺا اٿم، تڏهن کان من ۾ اچي اهڙو خوف ويٺو آهي، جو پنهنجي پاڇي کان به ڇرڪي رهيو آهيان. ڏينهون ڏينهن منهنجو خوف منهنجي وجود ۾ سرائيت ٿو ڪندو وڃي.... مسجد ۾ ڀرسان بيٺل ماڻهوءَ مان ڀؤ ٿو ٿئي، متان سندس جسم سان بارود ٻڌل هجي..... مارڪيٽ ۾ شاپنگ ڪندي آس پاس گذرندڙ هر ماڻهوءَ تي خودڪش حمله آور جو گمان ٿو ٿئي..... هوٽل ۾ چانهه نه ٿو پِي سگھان...... منهنجو ڊپ منهنجي وجود سان ڊنل ٻار وانگر چنبڙي پيو آهي.... مان جلسن ۽ محفلن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. منهنجي خوف منهنجن پيرن ۾ سنگھر وجھي ڇڏيا آهن. مون کي هر پل ائين ٿو محسوس ٿئي ته اجھو بم جو زوردار ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ سڀ ماڻهو ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي ويندا. پوليس منهنجي جسم جون ٻوٽيون به ميڙيندي.... چوڌاري رت هوندو ۽ دونهون.... ٽي. ويءَ تي بريڪنگ نيوز هلندي ” ..... خود ڪش بم ڌماڪي ۾ 13 ڄڻا فوت ..... ماڻهن جي جسمن جا ٽڪرا ٽريفڪ سگنلس ۾ اٽڪيل..... هر طرف خوف ۽ حراس.....“ مان ايڏي بي درديءَ سان مرڻ نه ٿو چاهيان..... شايد منهنجي اندر لڪل خوف ئي مون کي زندهه رکي سگھي ٿو..... پر نه، ان ته منهنجي اندر مان اعتبار جي تند ڇني ڇڏي آهي. من مان خوشيءَ جا موتيا مُرجھائي ڇڏيا آهن. اهو ڊپ ته تيزاب بڻجي منهنجي اندر کي ڳاري رهيو آهي. منهنجون صلاحيتون مفلوج ٿي رهيون آهن..... منهنجي اندر ۾ اهو خوف وڻ ويڙهيءَ جيان وڌندو آهستي آهستي منهنجي وجود تي ويڙهبو ٿو وڃي..... بس ۾ ويهان ٿو ته لڳي ٿو ڀرسان رکيل هر ٿيلهي ۾ بم آهي، بم ڄاڻ ڦاٽو.... ڌماڪي ۾ دانهون نڙيءَ ۾ ئي گھٽجي وينديون، رڳو رَتُ هوندو، ٽڪرا ٽڪرا ٿيل جسم هوندا ..... منهنجو چهرو چچرجي ويندو، بدن تي اَکٽ زخم هوندا..... منهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪيئي لاشن مان هڪ لاش طور سڃاڻپ ٿيندي...... نه مان اهڙي سڃاڻپ نه ٿو چاهيان....!! ”اڄ کان بس ۾ نه چڙهندس.“ پاڻ سان وعدو ٿو ڪيان. ”مسجد به نه ويندس.“ ”جلسن جلوسن کان به توبهه ڪئي ... نعرا نير ٿا ڏين... نه ويندس.“ ”مارڪيٽ به .....! پر مارڪيٽ ته وڃڻو پوندو ڀاڄيءَ لاءِ .....!!“ ”۽..... بس ۾ نه چڙهندس ته آفيس ڪيئن پهچندس.....؟“ ”متان آفيس ۾ منهنجي ٽيبل هيٺان ڪو بم فِٽ ڪري ويو هجي....! نوڪريءَ تان استعيفى ڏيان.....؟ ڪيئن ڏيان.... ٻار ڪٿان پاليندس.“ ”مان مري ويندس ته ٻارن جي سنڀال ڪير ڪندو، مهراڻ کي اسڪول ڪير ڇڏي ايندو، ماڻهس ته موڳي آهي، روڊ به ڪراس ڪندي ڏڪندي آهي... ڪائنات ڪنهن سان ڀاڪي پائي سمهندي....؟“ مان سوچيان ٿو ”يوٽيلٽي بلَ ڪيئن ادا ٿيندا؟ مان مري ويندس ته گھر ڪيئن هلندو؟“ ”ڪيئن...؟“ ”ڪيئن...!“ ”ڪير....!؟“ ”ڪڏهن.....!!“ ”مان ان خوف جي ڄار مان ڪڏهن نڪرندس...؟“ ”مان سڪون جو ساھ ڪڏهن کڻندس...؟“ ”مون کي ڊپ جي ڌٻڻ مان ڪير ڪڍندو....؟“ ”منهنجي اندر ۾ اعتبار جو سلو ڪڏهن ڦٽندو...؟“ سوالن جا ڏينڀو ڏنگيندا ٿا رهن، مان انهن کي چيڀاٽڻ چاهيان ٿو، پر سوالن جا ڏينڀو ڏنگ هڻي تڙپائي ڏور ڏسائن ۾ اڏرندا ٿا وڃن. خوف کان من پڄري ٿو.... ميڻ وانگر ڳرندو ٿو وڃي. وري ٽي. ويءَ تي بريڪنگ نيوز هلي آهي ”...... خود ڪش حمله آورن جي بارود سان ڀريل گاڏي عمارت سان ٽڪرائي. ابتدائي اطلاعن موجب 25 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي....“ منهنجي من تي پيٽرول هارجي پيو آهي. ڊپ اماڙون ڏئي ٻريو آهي.... ڪمرو ساھ ٻوساٽي ٿو، ٻاهر سج لهي رهيو آهي، آسمان ڳاڙهو آهي......! زمين ڳاڙهي آهي..... ۽ منهنجي دل ڪاري...... رکَ. سج زمين کان ڊڄي ويو آهي، ڊڪندو، سهڪندو، ٻڏندو ٿو وڃي..... رات ڪاري آهي منهنجي دل جهڙي...... بجلي بند آهي، ٻار ستل آهن.... اوندهه ڊيڄاري ٿي..... مان ٻار ٿي وڃان ٿو. ڏڪان ٿو. اوندهه، رات جي ماءَ ٿي لڳي.... رات جي ماءَ جا نهن وڏا آهن، وار کليل آهن، اکين ۾ رت آهي، ڏند ڊگھا آهن...... اجھو منهنجي ڳلي ۾ چڪ وجھندي، مون کي تڙپائي تڙپائي ماريندي.... منهنجون دانهون ڪوبه نه ٻڌندو. ڊپ کان، رات جي ماءُ کان مان ويڙهجي سيڙهجي سمهان ٿو.... پر خوف جي گرميءَ ۾ ننڊ اکين مان اڏامي وئي آهي.... منهنجي اندر جو خوف مون کي واچوڙي وانگر ويڙهيندو ٿو وڃي. لڳي ٿو ته منهنجي ذهن ۾ ڪو ٽائيم بم فِٽ ٿيل آهي، جيڪو اجھو ڦاٽڻ وارو آهي. منهنجي بدن ۾ ڏڪڻي اچي وئي آهي، منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي آهي....اکيون ٻوٽي لنوايان ٿو پر ڌيان نه ٿو مَٽجي. لڳي ٿو دل نه ٿي ڌڙڪي ٽائيم بم ٽِڪ ٽِڪ ٿو ڪري..... ڪوئي رمورٽ جو بٽڻ دٻائيندو ۽ مان پرزا پرزا ٿي ويندس. نئون ڪتاب ڪتاب: وکريل وَٿُون موضوع: مضمون تحقيق ۽ ترتيب: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي تصنيف: سيد عبدالحسين شاهه موسوي ڇپائيندڙ: ساهتي ادبي اڪيڊمي 2011ع سائيز: ڊيمي صفحا: 176 قيمت: 200 رپيا سنڌيا شاهه ٻه مختصر ڪهاڻيون کُليل هٿ گهڻي دير کان گئلريءَ جي دريءَ وٽ ڪرسي رکيو ويٺو هو. صبا گهر جي ڪم ڪار ۾ پاڻ کي مصروف ڏيکاريندي هڪ کان ٻيو ڪم کڻي سندس آڏو لنگهي ٿي ويئي. اسٽول رکي پردا ٽنگڻ بيٺي، ته هن اُٿي دريءَ وارو پردو کڻي ڏنس، کيس اڻ ڏٺو ڪري دريءَ تي در وارو وڏو پردو ٽنگي اسٽول تان لهي ڪمري ڏانهن هلي ويئي ۽ بيڊ تي ڍير ٿيل وهاڻن ۽ گدين کي پوش چاڙهڻ ويهي رهي. ڪاوڙيل ماءُ کان هيسيل ٻار جيان بيڊ جي ڪنڊ تي ويهي هڪ گدي کڻي پوش پائڻ لڳو ته هٿ مان کسي ورتائينس: ”مون کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ جي عادت آهي، مهرباني.“ ٻي گدي کڻي ان کي پوش پائيندي ڀڻڪيو: ”ڪوئي جي نيڪ نيتي ڏيکاري ٿو ته پوءِ ڇا آهي؟“ کانئس گدي وٺي پاڻ پوش پائيندي رکو جواب ڏنائينس: ”ڏيکاءَ واري نيڪ نيتي به قبول ڪانه پوي!“ وهاڻا بيڊ جي مٿن کان رکي گديون کڻي ڪمري مان نڪتي ته پويان ايندي چيائينس: ”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ نه، توکي ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيم.“ گديون صوفن تي رکندي وراڻيائين: ”ڄاڻ اٿم.“ کانئس گديون وٺي پاڻ صوفن تي رکندي چيائين: ”تون نه ٿي ڄاڻين.“ گهوريندي پڇيائينس: ”مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير سڃاڻي توکي؟“ مرڪي چوڻ لڳو: ”تڏهن ئي ته توکي ٻڌائڻ آيو آهيان.“ پويان ڦري اچي بيٺس. دادلي ٻار وانگي اتاولو ٿي چوڻ لڳس: ”ٻڌ ته صحيح نه، مان ڇا ٿو ٻڌائڻ چاهيان توکي.“ بنا نهارڻ جي چيائينس: ”ٻڌان پيئي.“ هٿ وٺي پنهنجي سامهون ڪندي چيائينس: ”ائين نه پوري ڌيان سان ٻڌ.“ هلڪو اونهو ساهه کڻندي چيائين: ”ها ٻڌاءِ.“ اکين ۾ روشني ڀرجي آيس، ساهن ۾ خوشبو ۽ آواز ۾ درياء ڀرجڻ جهڙو پڙاڏو. ”مون کي محبت ٿي ويئي آهي.“ پهريان حيرت مان اکيون ڦاٽي ويس ۽ پوءِ سُسي ويس. هڪ دل چيس ٽهڪ ڏيئي کلي ۽ ٻي دل چيس ته پار ڪڍي روئي. سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ لوڏيندي خوشيءَ مان ٻڌائڻ لڳس: ”ٻڌئي، مون کي محبت ٿي ويئي آهي!“ هٿ ڇڏائيندي پڇيائينس: ”اڃا گهڻا دفعا ٿيندي توکي محبت؟“ مون سان توکي آسمان جي سڀني تارن جيتري محبت هئي، هر تاري جي ڪنڊ توکي منهنجي مرڪندڙ چپن جي ڪنڊ لڳندي هئي. پوءِ توکي حرا سان محبت ٿي، هوءَ توکي مٿانهين کان وهندڙ آبشار لڳندي هئي، ايتري تائين جو هن جي سرشار محبت ۾ تون هن سان شادي به ڪري ڇڏي ۽ هاڻ ٽين!؟“ صوفي جي ڪنڊ تي ويهي مٿي کي هٿ ڏيئي پڇڻ لڳس: ”اڃان ڪيتريون دنيائون فتح ڪرڻ چاهين ٿو تون؟“ سندس آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ ڀڻڪيو: ”اها مون کي خبر نه آهي.“ صبا منهن ڦيري ڇڏيو ته هن چيو: ”مون کي خبر نه آهي ته مون سان ائين ڇو ٿو ٿئي پر، ٿئي ضرور ٿو.“ صبا سندس جهڪيل ڪنڌ ڏسي، ٿڌو ساهه کنيو ۽ چوڻ لڳي: ”شايد، تنهنجي مٽي زرخيز زمين مان کنئي وئي آهي جو تون هڪ کان پوءِ ٻي محبت ڪري سگهين ٿو ۽ مان هڪڙوئي ٻوٽو پوکي ان جي داسي ٿي ويهي رهي آهيان!“ خوش ٿيندي چيائينس: ”تنهنجي دل ڪيڏي وڏي آ، سچ، نيري آسمان جيڏي… جنهن جي جهوليءَ ۾ هڙئي چنڊ تارا ماپي ويندا آهن.“ ڦڪو مرڪي: ”سڄي ڪائنات!“ ”تون رنج ته نه ٿيندينءَ نه؟“ ڄڻ پڇندو هجيس، ”تنهنجو رانديڪو کڻان رنج ته نه ٿيندينءَ!“ صبا مرڪي پئي: ”تڏهن رنج ٿي هيم جڏهن حرا سان شادي ڪئي هئي!؟“ ”جڏهن ڪنهن تي محبت نڇاور ٿيندي هجي ته رنج نه ٿجي. ان تي گلن جون پتيون نڇاور ڪرڻ گهرجن.“ خوشيءَ مان اٿي سندس هٿ چمي ورتائين ۽ فليٽ جون ڏاڪڻيون ائين لهڻ لڳو ڄڻ پاس ٿيڻ کان پوءِ موڪل ملي وئي هجيس. صبا پنهنجي مٺ کولي هٿ جي تريءَ کي ڏٺو ۽ ڀڻڪي: ”تنهنجي زندگيءَ ۾ منهنجو وجود گرين سگنل وارو آهي جنهن کان پوءِ تون، محبت جي ڪهڙي به ڊگهي سفر تي نڪري سگهين ٿو.“ هن پنهنجو کليل هٿ ڇنڊي ڇڏيو ۽ اونهو ساهه کڻي ڀڻڪي: ”مون پنهنجا هٿ کولي ڇڏيا آهن!“ لـــــــولــــــي رات جو ادبي گڏجاڻي تان موٽندي دير ٿي وئي هيس. ٻاهرين گيٽ ٽپي اڱڻ واري در جي چانئٺ اورانگهي بيٺو، ته سامهون ئي ڏاڪڻ جي پاسي ڀت وٽ کٽ تي ليٽيل ماءُ تي اک پيس. پوڙهي ماءُ ٿڌي هوا لڳڻ ڪري ڪرونڊڙي ٿي وئي هئي، پيرن ۾ چؤڻي رکيل رلي کڻي ماءُ جي مٿان وجهندي ماءُ جي لولي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳس: ”لولي منهنجا شير الا، تنهنجو مٽ نه ڪير الا. لا اِلٰہ الا الله ﷴ رسول الله ﷺ ماڻهس گرمي محسوس ڪندي ئي جاڳي پئي ۽ پڇڻ لڳس: ”هينئر موٽيو آهين ابا؟“ ماءُ جي ڀر ۾ ويهي کيس زور ڏيڻ لڳو. ماڻهس وڌيڪ ڪجهه ڪڇڻ بدران اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ماڻهس کي ننڊ اچي وئي ته پنهنجي ڪمري ڏانهن آيو. ڀر واري ڪمري ۾ ليئو پائي ڏٺائين، وڏا ٻئي پٽ، انٽرنيٽ کوليو وندريا ويٺا هئا. مرڪندو پنهنجي ڪمري ڏانهن آيو. سندس گهر واري ننڍڙي ڌيءُ کي موبائيل جي ’ٽ- يون‘ هلائي ننڊ ڪرائي رهي هئي. ڪنن ۾ ٻيهر ماءُ جي ڏنل لولي گونجڻ لڳي: ”لولي منهنجا شير الا، تنهنجو مٽ نه ڪير الا، لا اِلٰہ الا الله ﷴ رسول الله ﷺ ننڍڙي ڌيءُ جي ڀر ۾ ويهي سندس گهنڊڙين وارن ۾ آڱريون ڦيريندي ڀڻڪيو: ”اڄوڪن ٻارن کي لولي نصيب ئي ڪانهي.“ گهر واريءَ فخر سان چيس: ”هيءُ انٽرنيٽ جو دور آهي. اڄوڪا ٻار سمجهه ڀريا ٿيڻ کان اڳ انهن شين کي سڃاڻن ٿا جيڪي اسان اڃان هاڻي ڏٺيون آهن.“ ۽ هن جي من ۾ ماءُ جي لولي هوريان هوريان گونجڻ لڳي: ”لولي منهنجا شير الا، تنهنجو مٽ نه ڪير الا…“ هن جي ڀڻڪي ۾ ڪشادگي ڀرجي وئي: ”لولي شير بڻائي ٿي، اهو احساس ڏياري ٿي ته اسان جي مَٽ ٻيو ڪوئي به ڪونهي.“ گهر واريءَ ختم ٿيل ٽيون ٻيهر هلائيندي چيو: ”انٽرنيٽ، موبائيل ٻارن ۾ Confidence ڀري ٿي.“ لوليءَ جي سُرور مان ڀڻڪيو: ”لولي، ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان پيار سيکاري ٿي.“ گهر واريءَ ٽوڪ مان کلندي چيس: ”۽ سڄي عمر روئاري ٿي!“ نئون ڪتاب ڪتاب: آجپي جي گيت جهڙي شاعري موضوع: شاعري شاعر: عبدالحڪيم ’ارشد‘ ڇپائيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/حيدرآباد سنڌ 2011ع سائيز: ڊيمي صفحا: 224 قيمت: 220 رپيا شيخ اياز نوٽ بڪ مان اها ڪا نئين ڳالهه ته ناهي... اڄ منهنجي هڪ دوست هڪ پُرلطف واقعو ٻڌايو. هن چيو ته ”تو عبداللطيف ’ساربان‘ جو نالو ته ٻڌو هوندو؛ مان ننڍي هوندي هن جا نظم سنڌي رسالن ۾ پڙهندو هوس. هن جي اسلامي تخيل مون کي بيحد متاثر ڪيو هو؛ ۽ هن جي هر سٽ پڙهي منهنجين رڳن ۾ خون جي گردش تيز ٿي ويندي هئي ۽ جوشِ ايمانيءَ سبب منهنجو گلو ڀرجي ايندو هو. مون هن کي ڏي ڏٺو ڪونه هو، پر اهو ٻڌو هوم ته هو روهڙيءَ جي ڪنهن پاڙي ۾ رهندو آهي. هڪ ڏينهن هن سان ملاقات جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ روهڙيءَ ويس. رستي تي مون هن جي شڪل شباهت جو تصور ڪري سوچيو ته هن جا خالد بن وليد ۽ طارق بن زياد جهڙا چَوڙا ڪُلها هوندا؛ هن جي اکين ۾ مجاهدينِ اسلام جو نور هوندو؛ ۽ هن جي چپن جي هر جنبش نعرهء تڪبير جي ياد ڏياريندي؛ هو لنبي ڪُڙتي ۽ شلوار ۾ واقعي اسلامي حرّيت ۽ غيرت جو شاهڪار نظر ايندو. روهڙيءَ پهچي، مون هن جي گهر جي پُڇا ڪئي ۽ ڏَس تي اُتي پهتس، ته آءٌ هن جي گهر کي ڏسي بيحد متاثر ٿيس. گهر لڳو ته پراڻو ٿي، پر ان جا محرابَ ۽ طاقَ مغليه فنِ تعمير جا يادگار ٿئي لڳا؛ ۽ گهر جي ٻاهران ڪيتريون ئي کجيون فاتحانِ عرب جون نشانيون ڏيئي رهيون هيون. مون دل ئي دل ۾ خوش ٿي چيو ته واقعي، شاعرِ اسلام جو غريبخانو هجي ته اهڙو هجي! مون در جو ڪڙو کڙڪايو ته ٿوريءَ دير بعد هڪ بيحد حسين ۽ وجيهه ڪرڙوڍ پريان نظر آيو. مون کي تعجب آيو، ڇو ته هو منهنجي تصور جو پورو مجسمو ٿي لڳو- چَوڙا ڪُلها، دلڪش ڏاڙهي، ڀريل بدن، ڊگهو قد، رعبدار مڇون، منهن تي قلندرانه شان، ۽ اکين ۾ والهانه تجلي! ”مون ڪجهه مرعوب ٿي، هٻڪي چيو، ’ننڍي هوندي کان وٺي اوهان جي ڪلام کان بيحد متاثر رهيو آهيان. منهنجي نظر ۾ اوهين ”فردوسيء اسلام“ آهيو! اوهان جو ڪلام حق ۽ صداقت جو آواز آهي، جنهن مرده مسلمانن ۾ نئين جان پيدا ڪئي آهي! واه، ڇا جوش ۽ خروش آهي اوهان جي ڪلام ۾! ڇا…‘ ”’اوه، اوهين عبداللطيف ’ساربان‘ سان ملڻ آيا آهيو؟ ها، انهيءَ جو گهر منهنجي پاسي ۾ آهي. مان ته سونو خان حجم آهيان.“ ”مان سوني خان حجم کي حيرت سان تڪيندو رهيس، جيستائين هو گهر اندر هليو ويو.“ مون پنهنجي دوست کي مرڪي چيو، ”تو انهيءَ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ انگريز اديب، ’سمرسيٽ ماهم‘ تان چورايو آهي.“ ”چريو آهين ڇا؟ مان انگريزي ڪٿي ڄاڻان! افسانه نويس تي پلاٽ جو نزول ٿيندو آهي: ممڪن آهي ته اهو ساڳيو پلاٽ سمرسيٽ ماهم تي به ٿوريءَ ڦيرگهير سان نازل ٿيو هجي! آخر اها ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي، صدين کان مختلف مذهبن جي مقدس افسانن ۾ ان جو ثبوت ملي ٿو.“ “سنڌي موسيقي هڪ نهايت سهڻي، دلپذير، فني ڪمالات واري، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي انفرادي حيثيت رکندڙ موسيقي آهي، جا پنهنجي فن جي لحاظ سان دکن، پنجاب، آگري ۽ مرهٽا اسڪول کان جداگانه رنگ رکي ٿي. افسوس اهو آهي ته ان تي ڪا مستقل تاليف سنڌي زبان ۾ ڪانه ڪئي ويئي آهي.” “اها به ضرورت آهي ته سنڌي راڳ جي نه فقط تاريخ مرتب ڪجي، پر ان جي حاصلات ۽ تربيت لاءِ ڪو معياري اسڪول ۽ ادارو به قائم ڪجي، جنهن ۾ قابل ۽ استاد ڳائڻا رکجن، جي هن فن کي سيکارين.” “اسان جا فنڪار ڏاڍين سهڻين صلاحيتن وارا آهن، پر افسوس اهو آهي جو فن ۾ ڪنهن به قسم جي جدت نٿا پيدا ڪن. اڪثر پراڻيون طرزون، پراڻي نموني ۾ ڳايون وڃن ٿيون. اگر اهو سلسلو قائم رهيو ته پوءِ اسان جو سنڌي راڳ ڪابه ترقي نه ڪري سگهندو.” “شاعر وقت جي زبان آهي، ته ڳائڻو شاعر جي زبان آهي؛ تنهنڪري ڪوشش ڪري، شاعرن جو نئون ڪلام نين طرزن ۾ ڳايو وڃي ته بهتر.” “اڪثر ڪلام غلط حيثيت سان ڳائجي ٿو، حالانڪ شاعر جو ڪلام سندس صحيح لفظن ۾ ڳائڻ گهرجي، عام ماڻهن جي غلط لفظن جو نقل نه ڪرڻ گهرجي.” - مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (مهراڻ 2/1962ع) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تاثر رئيس مرحوم ضياءالدين ضياء’بلبل‘ جي ياد ۾ جڏهن پوي ٿي ياد، صحبت سپيرين جي، فريادون فرياد، ناگهه وڃن نڪرئو. اهي پيارا سڄڻ جيڪي لڏي ڇڏي ويا، پر پنهنجين مهربانين جون مهرون دل تي ثبت ڪري ويا تن مان هڪ رئيس ضياءالدين ضياء بلبل به هو. سندس والد رئيس شمس الدين بلبل (1919-1857ع) پنهنجي دؤر جو وڏو ’اديب‘، تعليمي اڳواڻ، سياسي مفڪر، محب وطن، بيباڪ صحافي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’بلبل‘ هو ميهڙ شهر جي هڪ معزز زميندار گهراڻي مان هو. رئيس شمس الدين بلبل جي نالي سان مشهور ٿيو. اُن ساڳي مناسبت سان، سندس فرزند ”رئيس ضياءالدين ضياء بلبل“ مشهور ٿيو. رئيس شمس الدين بلبل هڪ سنڌ دوست سياسي اڳواڻ هو. وقف علي الاولاد ۽ دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ جهڙا قانون پاس ڪرائي سنڌ سان لاڳو ڪرايائين. جنهن مان بلبل جي دورانديشي ۽ سياسي بصيرت نمايان نظر اچي ٿي. بلبل جديد صحافت جو سرواڻ هو. سنڌي نثر ۽ نظم جو اڳواڻ هو. سنڌ جي بدلجندڙ سماج تي تنقيد ڪيائين ۽ پنهنجي ظرافت ۽ خوش طبعيءَ سان، ان وقت جي نون انگريزي پڙهيل فيشنئبل نوجوانن جو پنهنجي ڪلچر کان بيگانگي ڏانهن ڌيان ڇڪايائين ته: گهر کان نڪتا نيٽو نيچر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا، سر تي ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا، سيٽي ۽ سگريٽ سدائين، گٽمٽ گٽمٽ وات ۾ وائي، ”يوسي“ ”آءِ سي“ مسٽر مسٽر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا. ٻيو سندس طبعزاد موضوع ”تيرنهن ڄار، مڪرن جا مار“ هو جيڪو اسين سنه 1930ع ڌاري هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز جي لئبرري ۾ دلچسپيءَ سان پڙهندا هئاسون. ان ۾ ”وڪيلن جو ڄار“ ۽ ٻيا اهڙا تنقيدي موضوع آهن. خاص دلچسپ سندس تصنيف ڪيل ”ڪريما نيچرل“ هئي جنهن ۾ شيخ سعدي جي ڪريما جي فارسي سٽن سان تنقيد طور سنڌي سٽون ملايل هيون: پيارج ڪو اڄ بِيرَ وسڪيءَ جو پا ڪريما به بخشاي بر حالِ ما ڪُتي پستڙي کي تون ڪج ڪُور ڪُور نباشي ز گلزار فردوس دور سندس اهي شعر ڪن شاگردن کي ياد هوندا هئا. ان دؤر ۾ حيدرآباد مان مولوي نورمحمد نظاماڻيءَ جون هفتيوار اخبارون ”طيرن ابابيل“ ۽ ”مرغ فلڪ“، ۽ ميرپورخاص مان محمد هاشم مخلص جي اخبار ”مسلمان“، هندو اخبارن ۾ ڇپيل جملن جا مقابلا ڪندي ظريفانه شعر شايع ڪري رهيون هيون. ڪاليج ۾ اچڻ بعد، رئيس ضياءالدين ضياء جو نانءُ اسان جي ڪن تي پيو پر ملاقات ڪانه ٿي. 1949ع ۾ اعليٰ تعليم پوري ڪري آيس ته ٻئي سال لاڙڪاڻي وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اُتي 24-22 آڪٽوبر 1950ع تي ڏهين آل سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿيڻي هئي جنهن ۾ مون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان مضمون پڙهيو. ان بعد ترڪي ٽوپي سان هڪ سهڻي صورت وارو اديب مون سان وڏي مرحبا سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايائين. حافظ محمد احسن چنا ۽ ٻين کان معلوم ٿيو ته هو سنڌ جي مشهور شخصيت مرحوم شمس الدين بلبل جو فرزند ارجمند آهي. رئيس ضياءالدين ضياء بلبل ان وقت شايد پبلڪ پراسيڪيوٽر هو. چيائون ته هن مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. انهن خوبين جي ڪري منهنجو ڏانهس گهڻو توجهه ٿيو ڇاڪاڻ ته آءٌ به مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ پڙهيو هئس. ان ڪانفرنس کان پوءِ رئيس ضياءالدين ضياء بلبل سان ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ پاڻ هميشه وڏي پيار سان ملندو هو. ڪانفرنس ۾ منهنجو پڙهيل مضمون، پوءِ ”تحفة لاڙڪاڻه“ ۾ شايع ٿيو. ان بعد مئي مهيني 1958ع جي رسالي ”نئين زندگي“ ۾ رئيس الدين ضياء بلبل جو منهنجي باري ۾ لکيل مضمون (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) پڙهيم ۽ سندس دلنوازيءَ کي محسوس ڪندي نهايت خوشي ٿي جو منهنجي لاءِ وڏي شاباس ۽ آفرين وارا جملا لکيائين. آءٌ کانئس عمر ۾ ننڍو هئس پر ان جي قطع نظر رئيس صاحب مون کي دل کولي داد ڏنو. اڄ مرحوم کي ياد ڪندي، پنهنجي مڃتا طور، سندس مضمون ۾ آيل ڪي جملا نقل ڪريان ٿو (جيڪي اسان جي ادبي تاريخ جو سرمايو آهن). ڪانفرنس ۾ منهنجي پڙهيل مقالي بابت رئيس صاحب لکيو ته: ”اهو هو سنڌي زبان بابت مشهور مقالو، جنهن سنڌي زبان جي اصل ۽ نسل واري پراڻي پر نه ختم ٿيندڙ بحث جي بحر ۾ جنب اڇلي. اهو مشهور مقالو ”تحفة لاڙڪاڻي“ جي سونهن ۽ سينگار ٿيو آهي. هيءُ پهريون دفعو هو جو دليلن ۽ انگن اکرن سان هڪ محقق اها ڳالهه چٽي ڪري ٻڌائي ته سنڌي زبان پاڻ هڪ مڪمل زبان آهي. تنهن تي ايراني، آريائي، سامي ٻولين جا اثرات پيا پر جنهن کي سنسڪرت ڄائي چوڻ غلط آهي. هن جي اثر هيٺ سنڌي ثقافت، فنڪاري ۽ سگهڙائپ جو سر اوچو ٿيندو.“ سنه 1958ع ۾ چيل اهي جملا، منهنجي تعريف کان وڌيڪ مرحوم جي پنهنجي قابليت تي شاهد آهن. سندس هن مقالي بعد آءٌ دلي محبت ۽ نيازمنديءَ سان ساڻس ملندو رهيس. ان دؤر ۾ تحقيق جي سلسلي ۾ منهنجو دادو ضلعي ڏانهن اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. دادو شهر ۾ مرحوم شفيع محمد ميمڻ سان منهنجو ناتو هو جو اسين جهوناڳڙهه ڪاليج ۾ گڏ پڙهيا هئاسون. سندس اوطاق ۽ آفيس، رئيس صاحب جي اوطاق ۽ آفيس سان لڳ هئا ۽ رئيس صاحب سان ملڻ جا موقعا ملندا رهيا. مرحوم رئيس ضياءالدين ضياء بلبل کي ياد ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته هو سڀني وصفين سهڻو هو، شڪل صورت جو سهڻو هو، خوش کينڪار ۾ سهڻو هو، پنهنجي خوش گفتار ۾ سهڻو هو ۽ سندس ڪردار ۾ سهڻو هو. اعجاز علي بيگ تعارف مرحومه دلشاد بيگم بنتِ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحومه دلشاد بيگم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ٽن نياڻين مان ٻيو نمبر نياڻي هئي. سندس ولادت ٽنڊي ٺوڙهي ۾ 8 نومبر 1910ع تي ٿي. مرزا صاحب هڪ رباعيءَ ۾ ڄاڻايو آهي: سَتَ پٽ هئا بابي کي، هيون پڻ ٻه ڌيئون، سَتَ پُٽ ٿيا مون کي پڻ، ڌيئون پر ٽي ٿيون، هي بُرج ٿيا ٻه ڄڻ ته منهنجي گهر جا، جيئن بُرج فلڪ جا ٿيا، ٻه ٽيڙو ۽ ڪَتيون(1). -’موتين جي دٻلي‘ ص: 75، رباعي: 171 خوش قسمتيءَ سان مون پنهنجن 17 چاچن مان 9 چاچا ۽ ٽي پڦيون ڏٺيون. سندن صحبت ۾ رهيس ۽ منجهائن گهڻو ڪجهه پرايم. الحمدلله اهي سڀئي محبت ڪندڙ خوش طبع، مهربان، بهترين دوست، رهنمائي ڪندڙ ۽ بي انتها خوبين جا مالڪ هئا. اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ماهر ۽ يڪتا هئا، جن مان اڪثريت علم و ادب ۽ شعر و سخن جي ميدان ۾ پنهنجون تصنيفون يادگار ڇڏيون آهن ۽ تاريخِ ادب ۾ اڄ به سندن ذڪر موجود آهي. ساڳي طرح ٽئي پڦيون تعليم جي زيور سان آراسته هيون. عربي، فارسي، اردو، سرائڪي، سنڌي ۽ انگريزي زبانن تي دستَرس رکنديون هيون، پر افسوس ته سندن ادبي پورهيو اڄ تائين منظرِ عام تي اچي نه سگهيو آهي. اسان جي وڏي پڦي فخر النساء بيگم، مرزا قليچ بيگ جي اولاد ۾ سڀني کان وڏي هئي ۽ 93 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. عربي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ انگريزيءَ جي ڄاڻو هئي. هُوءَ پنهنجي والد بزرگوار جي آداب و اخلاق و اطوار جي آئينه دار ۽ هم شبيهه هئي. ساڻس گڏ رهڻ جو مون کي گهڻو موقعو مليو. ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران آءٌ گهڻو وقت سندس صحبت ۾ گذاريندو هئس. اڪثر ساڻس انگريزيءَ ۾ گفتگو ٿيندي هئي، جو گهر ۾ سڀ گهڻو ڪري انگريزي ڳالهائيندا هئا. سندس وجود نعمت ڄاڻي، کانئس ڏاڏا مرزا قليچ بيگ جي زندگي، سندس عادتن، طبعيت، اولاد سان محبت، مهمان نوازي، علمي ادبي سرگرمين، رهڻي ڪرڻي ۽ ٻين انيڪ مسئلن تي معلومات حاصل ڪندو رهندو هئس. خوف رهندو هو ته متان ڪڏهن بيزار نه ٿئي پر هن ڪڏهن اهڙو تاثر به نه ڏنو. بلڪل خوشيءَ سان منهنجن سوالن جا جواب ڏيندي رهندي هئي. البته اُهي واقعا ۽ يادگيريون دهرائيندي سندس اکيون آب الوده ٿي وينديون هيون. ان تاريخي ۽ اهم معلومات کي محفوظ ڪرڻ ۾ مرحوم ممتاز مرزا منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ 74-1973ع ڌاري پڦي وڏيءَ کان، ’قليچ‘ جي حوالي سان هڪT.V انٽرويو منهنجي موجودگيءَ ۾ 16MM جي فلم تي، تقريباً ٽن ڪلاڪن جو رڪارڊ ڪيو، جنهن ۾ قليچ جي زندگيءَ جو ڪو پهلو تشنه نه ڇڏيو ويو. ان انٽرويو جو ڪجهه حصو T.V تان ”يادِ قليچ“ جي عنوان تحت Telecast پڻ ڪيو ويو. هيءُ انٽرويو هڪ تاريخي ۽ مستند ‘First hand information’ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. اميد ته اها فلم P.T.V لائبريريءَ ۾ محفوظ هوندي. اسان جي ٽيون نمبر ننڍي پڦي شهزاد بيگم مرحومه به مٿي ڄاڻايل سڀني زبانن تي دسترس رکندي هئي. سندس ڪُليات ان جو ثبوت آهي، جنهن ۾ سلام، منقبت، قصيدا ۽ غزلَ، سنڌي، اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾ نهايت سليس، پُر معنيٰ ۽ درد انگيز انداز ۾ چيل آهن. هن ڪربلا جي دل ڏاريندڙ واقعن کي مختلف عنوانن تحت ذاڪريءَ جي انداز ۾، سرائڪي زبان ۾ بيان ۽ ڏوهيڙن سان مُزيّن ڪري، تاريخ وار مجلسون پڻ جوڙيون، جي ايّامِ عزا ۾ زنانين مجلسن لاءِ خاص طرح لکيون ويون آهن. مٿين تمهيد کان پوءِ هيٺ مختصر طرح مرحومه ”دلشاد بيگم“ متعلق پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين مان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر چند ياداشت پيش ڪندس، جيڪي سندس سوانحي خاڪي کي مرتب ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.. جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته دلشاد بيگم 1910ع ۾ تولد ٿي. سندس ابتدائي تعليم خانداني رسم و رواج موجب قرآن مجيد پڙهڻ سان شروع ٿي، پوءِ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو پنهنجي قابل پيءُ ۽ وڏن ڀائرن جي صحبت ۾ سکي. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مرزا صاحب هڪ قابل استاد، الله بخش نالي پڦي دلشاد ۽ ٻين ٻارن کي گهر ۾ پڙهائڻ لاءِ پڻ رکيو هو، جيڪو سندس موجودگيءَ ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو. اُهو استاد 51-1950ع ۾ پيريءَ تائين هر سال پڦي دلشاد ۽ سندس ڀائرن سان ملڻ ايندو هو ۽ ماکي، مکڻ، گيهه ۽ موسمي ميوه جات وغيره تحفي طور آڻيندو هو. کيس ايتري عزت ڏني ويندي هئي، جو محسوس ٿيندو هو ته ڪا اهم ۽ بزرگ شخصيت آئي آهي. پڦي وڏي، بابا (اسد بيگ مرزا) ۽ چاچا افضل بيگ، استاد صاحب سان دير تائين ڪچهريون ڪندا هئا ۽ هُو ڏاڏا مرحوم جون ڳالهيون ياد ڪري روئيندو هو ۽ اسين ٻار تعجب ڪندا هئاسين. هڪ ٻن ڏينهن جي قيام کان پوءِ جڏهن هُو روانو ٿيندو هو ته، پڦي پنهنجي هٿن سان سبيَل نوان جوڙا، اجرڪ، آچار، چٽڻيون، پنجيريون ۽ ٻيون انيڪ شيون تحفو ڪري ڏيندي هئي ۽ پوءِ کيس بابا يا ڪو ٻيو ڀاءُ موٽر يا وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ چاڙهي اسٽيشن تائين روانو ڪري ايندا هئا. اُهو استاد محترم مون کي چِٽو ياد آهي. بُلند قامت پر پيريءَ سبب قمرخميده، پاٺو بدن، متشرع، نوراني چهرو، گفتگو نهايت عالمانه ۽ آواز جهيڻو هوندو هئس. رات جو جڏهن بابا ۽ پڦي وغيره ساڻس محوِ گفتگو هوندا هئا ته آءٌ سندس هڙون ۽ ٻيون دٻليون وغيره کولي پيو ڏسندو هئس ته، منجهن ڇا آهي؟ منهنجون اهي حرڪتون بابا کي سخت ناگوار گذرنديون هيون ۽ هُو بيزار ٿي دڙڪو به ڏيندو هو ته استاد محترم ”بابا کي منع ڪندو هو ۽ چوندو هو ته، ”ابا اسين ته ڳالهين ۾ مشغول آهيون، پوءِ هي ٻالڪ ڇا ڪري، ڇڏيوس ته پنهنجي وندر پيو ڪري.“ پوءِ اجرڪ يا صدريءَ مان اڪثر الاچيون يا 999 واريون جنهور (Peppermint)جون ٽڪيون ڪڍي مون کي ڏيندو هو ۽ آءٌ بابا جا دڙڪا وساري خوش ٿي ويندو هئس. والله استاد جو ادب مون پنهنجي وڏن کان سِکيو. بابا اڪثر چوندو هو ته سندن استادن مان ڪوبه جيڪڏهن ڏاڏا (مرزا قليچ بيگ) سان ملڻ ايندو هو ته، پاڻ کيس وڏو مانُ ڏيندو هو ۽ پذيرائي پنهنجن هٿن سان ڪندو هو. موڪلائڻ وقت پاڻ ٻاهرئين وڏي گيٽ تائين ويندو هو ۽ پوءِ پنهنجي سواريءَ ۾ ان استاد کي سندس گهر تائين ڪوچوان هٿان پهچائيندو هو. اڪثر هڪ ٻه پنهنجا ڇپيل ڪتابَ پڻ اُن کي تحفي طور پيش ڪندو هو. 1920ع ۾ پڦي دلشاد کي سندس ننڍي ڀيڻ، شهزاد بيگم سان گڏ ڪراچيءَ ۾ هڪ انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ مرزا صاحب جي روزنامچه يا ڊائريءَ ۾ 8 جولاءِ 1920ع مطابق 20 شوال 1338ع جي تحت لکيل آهي ته، ”دلشاد ۽ شهزاد کيMiss Rose Sister واري اسڪول ۾ داخل ڪيوسين ۽ اسد بيگ ۽ افضل بيگ کي سولجر بازار واري اردو اسڪول ۾ موڪليوسين.“ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا صاحب کي پنهنجي نياڻين جي پڙهائيءَ جو ڪيترو نه اونو رهندو هو ۽ سو به ان زماني ۾، جڏهن مسلمان انگريزي پڙهائڻ ۽ نياڻين کي اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ کي عار سمجهندا هئا، پر پاڻ انهن فرسوده ڳالهين کان بالاتر ٿي سوچيندو هو. مرزا صاحب نياڻين جي تعليم جو عَلَمبردار هو. زناني تعليم لاءِ سندس ڪئين ڪتاب موجود آهن، جي اڄ به اوترا ئي مفيد آهن جيترا ان زماني ۾ هئا. جڏهن دلشاد بيگم جي عمر 14 سال ٿي ته سندس شادي پنهنجي سئوٽ حيدر قلي بيگ مرزا ابنِ خانصاحب صادق علي بيگ مرزا سان طئي ٿي. فيملي بُڪ (Family book) موجب شاديءَ جي تاريخ 3 جولاءِ 1924ع مطابق 29 ذوالقعد 1342هه بروز پنج شنبه (خميس) تي انجام پذير ٿي. هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو لکڻ بي جا نه ٿيندو ته اُهو خط، جيڪو مرزا صاحب پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ کان چند ڏينهن اڳ کيس لکيو هو، جنهن ۾ ڪي اهم نصيحتون ڪيل آهن. اهو خط هتي پيش ڪجي ٿو ته ڀلي پڙهندڙن کي به معلوم ٿئي ته عقلمند والدين جي فرائض ۾ اهو به هڪ اهم فرض آهي ته نياڻين کي رخصت ڪرڻ کان اڳ کين هر اڇي ڪاري کان آگاهه ڪن ۽ سندن آسوده زندگيءَ لاءِ مفيد مشورا ۽ نصيحتون پڻ ڏين، اڄ اهڙين ڳالهين جو ڪنهن کي ايترو وقت آهي ۽ ڪنهن کي ان جو فڪر آهي جو ويهي نياڻين کي ڏاج سان گڏ اهڙو خط به ڏين؟ خط ملاحظه آهي: تاريخ: 29 جون 1924ع ٽنڊو ٺوڙهو پياري ڌيءُ دلشاد بيگم طول عمره! بعد از سلام- هيءُ خط لکان ٿو ته تو وَٽ رهي. هن هفتي اندر تون اسان کان رخصت ٿي ٻئي گهر ۾ رهڻ واري آهين. جيتوڻيڪ اهو گهر به ڄڻ اسان جو ئي گهر آهي. اهو گهر وچ ۾ آهي ۽ ان ۾ به دري آهي ( اَچ وڃ لاءِ ) تون وڏن ڀاڳن واري آهين، جو تنهنجي شادي تنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي جيئري سندن هٿن ۾ ٿي رهي آهي. اسان جي سڄي خاندان ۾ اهڙي خوش نصيب نياڻي ڪابه ٻي نه ٿي، سواءِ مرزا علي اشرف مرحوم جي نياڻيءَ جي. ٻي طرح به هيءَ شادي سڀاڳي آهي جو جيڪي عزيز اڳي رٺل هئا، اُهي هاڻ پرچي ويا آهن. جيڪي هن شاديءَ ۾ شريڪ ٿين پيا. هاڻي آءٌ توکي ڪجهه نصيحتون ڪريان ٿو، جن کي تون منهجي وصيت سمجهي پاڻ وٽ سنڀالي رکجئين ۽ مٿن عمل ڪجئين. آءٌ به (هاڻ ) مهمان آهيان ۽ عنقريب هليو ويندس. اميد ته توکي هن نصيحت مان فائدو حاصل ٿيندو. پهرين ته تون جنهن گهر ۾ وڃي پئي اتي اهڙي تجويز سان هلجئين جو سڀ تو منجهان راضي رهن ۽ ڪڏهن به رنج نه رهن. پنهنجي خاوند سان ادب سان هلجئين ۽ ڳالهائجئين ۽ ان جي ڀيڻن ۽ ٻين عزيزن سان نهايت خوش خلقيءَ سان پيش اچجئين. جيڪي لکين يا پڙهين اهو مخفي طرح سان نه ڪجئين، ائين نه ٿئي ته هو ڏسن ۽ کين ڪو رنج پهچي. نماز ۽ قرآن بلڪل تاڪيد ۽ پابندي سان پڙهندي رهجئين. ڪابه نماز قضا نه ڪجئين، نه گهڻو ڳالهائجئين ۽ نه ئي گهڻو کِلجئين. اهڙي تجويز سان هلجئين جو تنهنجا ساهُرا هڪدم سمجهن ته تون تمام سٺين عادتن واري ڌيءُ آهين. اسان (والدين) جي عزت ۽ ذلت سڀ تنهنجي روش، طبعيت ۽ عادتن تي منحصر آهي. ان جو بيحد خيال رکجئين. اسان کان جيترو ٿي سگهيو آهي تنهنجي پرورش، تربيت ۽ تعليم واسطي ڪيو اٿئون. (ٻاراڻي عمر ۾ به) جيڪڏهن ڪا سختي يا نصيحت ڪئي هونديسين، ته اها به تنهنجي فائدي لاءِ، جنهن مان اميد ته توکي فائدو حاصل ٿيندو. ڪوشش ڪري فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جي سٺن ڪتابن جو مطالعو ڪندي رهجئين، پنهنجن ساهرن کي چئجئين ته توکي انگريزي، سُئيءَ جي ڪم (ڀرت وغيره) سيکارڻ جو بندوبست ڪن ۽ انگريزيءَ تي دسترس لاءِ پڻ ڪوشش ڪندي رهجئين. جيڪي به ڪرين اهو پنهنجن ساهرن جي خوشيءَ ۽ اجازت سان ڪجئين. اسان جي گهر به سندن خوشي ۽ اجازت کان سواءِ نه اچجئين. کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ جيڪي ڪجهه هجي، ان تي راضي رهجئين. عمدن کاڌن وغيره جو شوق نه رکجيئن. اهو عقلمنديءَ جو ڪم آهي. جيڪڏهن تون سٺي ٿي هلنديئن ته تنهنجو نالو (تعريف) ٿيندو ۽ اسين (والدين) خوش ٿينداسين ۽ جيڪڏهن ڪا شڪايت ٿي ته اسان کي گهڻو رنج ٿيندو . ڪا به تڪليف پيش اچي ته ان کي صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪجئين ۽ ڪنهن مناسب وقت تي پنهنجي پريشانيءَ جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. ائين نه ٿئي ته تنهنجي شڪايت ڪرڻ تي ڪو تڪرار يا فساد پيدا ٿي وڃي. هاڻ وڌيڪ ڇا لکان. والسلام؛ - قليچ بيگ هاڻ جڏهن اهي حقيقتون مطالعي ۾ آيون آهن تڏهن انهن کي پنهنجي ننڍي هوندي جي يادگيرين سان ڀيٽجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته والدين جي بهترين تربيت ۽ پرورش ڪيتري اهميت جي حامل آهي ۽ اِها اولاد جي زندگيءَ ۾ ڪيتري قدر ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي. دلشاد بيگم بي انتها خوبين سبب خاندان ۾ هڪ انفرادي حيثيت ۽ ڪردار جي مالڪ هئي. جهڙي هئي حسن ۾ سَرس ۽ سگهڙ، تهڙي اخلاق و آداب و تواضع، همدردي، علم ۽ حلم ۾ بي مثال. قليچ جهڙي پيءَ جي تربيت ۽ پرورش ۾ هن 14 سال علم و ادب جي ماحول ۾ گُذاريا. ان ڪري مٿين خوبين جو منجهس هئڻ ڪا تعجب جي ڳالهه نه آهي. ان بنيادي پرورش ۽ سندس ذاتي صلاحيتن هن کي اڳتي هلي ڪُندن ڪري ڇڏيو ۽ سڄي خاندان ۾ ”دلشاد“ اهڙين خوبين سبب هر ڪنهن جي دل پسند رهي. پيءُ جي نصيحتن تي هُوءَ هميشه سختيءَ سان عمل پيرا رهي ۽ ساهراڻي گهر ۾ سندس وجود، جسم ۾ روح جي مثل هو. هن پنهنجي وڏي چاچي ۽ خاوند جي گهر کي ڄڻ نئين سر آباد ڪيو. ان کي گلزار ڪري خاندان ۾ هڪ مثالي گهر بڻائي، سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻايو. سندس خاوند حيدر قلي بيگ مرزا جو پڻ اخلاق و اطوار، هنرن، ڪاريگرين ۽ رفاعِ عامه جي ڪمن ڪري هردلعزيز هو، تنهن پڻ پنهنجي رفيقِ حيات جو، گهر جي آرائش و آبادڪاريءَ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. هڪ مثالي زميندار هئڻ جي ناتي گهر ۾ چئوطرف ساوڪ، گلزاري ۽ قسمن قسمن جي پکين ۽ جانورن جي موجودگيءَ سبب، هيءُ وڏو ۽ ڪشادو گهر Zoo يا تفريحگاهه وڌيڪ محسوس ٿيندو هو. شاديءَ کان پوءِ ”دلشاد بيگم“ جي پنهنجن ساهرن، سئوٽن، ماساتن، ڀائرن، ڀائٽين ۽ ٻين اوري پري جي عزيزن ۽ پاڙيسرين سان همدردي، ڏکئي سکئي وقت ۾ سندن مدد ۽ امداد ڪرڻ، هن کي هردلعزيز هستي بڻائي ڇڏيو هو. هوءَ پنهنجي خاوند جي حياتيءَ ۾ خواهه ان کان پوءِ پنهنجن ويجهن عزيزن جي گهر، باقاعدگيءَ سان هر هفتي، ڏهين ڏينهن سندن احوال پرسيءَ لاءِ ضرور ويندي هئي. ڇا مجال! جو ڪنهن جي اَگهائيءَ جي خبر پوي، هُوءَ اَگهي کان وڌيڪ فڪرمند رهندي هئي ۽ سندس باقاعده تيمارداري پڻ پئي ڪندي هئي. ڀائرن ۽ چاچن يا سئوٽن جي گهر جا ڀاتي سندس آمد جا منتظر رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته همدرديءَ کان علاوه هُوءَ بيحد خوش مزاج ۽ مزاحيه طبعيت جي مالڪ پڻ هئي. سندس ڪچهري، پُرڪشش شخصيت ۽ طبعيت، عزيزن جا گوندر گنوائي ڇڏيندي هئي. جيتريقدر مون کي ياد آهي ته سيارو هجي يا اونهارو شام جو 4-5 بجه کان ڀائر، سئوٽ، ڏيرَ، انهن جو اولاد، نوجوان خواهه بزرگ، سڀ پڦي دلشاد وٽ شام جو چانهه تي بلاناغه پهچي ويندا هئا ۽ پوءِ هيءَ ڪچهري ڀرپور انداز ۾ رات تائين جاري رهندي هئي. چانهه کان علاوه کائڻ جو Menu به هو، ڪڏهن ڪچوريون، پڪوڙا، چڻا، دال پُوري وغيره به ضرور پيش ڪيا ويندا هئا ۽ اهي شيون هُوءَ پاڻ يا سندس وڏي نياڻي بلقيس مرحومه تيار ڪنديون هيون. ڀلا اهڙي مهمان نوازيءَ کي ڪير وساري پُٺ ڏيندو! ان ڪچهريءَ جي روح روان پڦي دلشاد ۽ سندس وڏي نياڻي بلقيس مرحومه هونديون هيون. هاڻ جنهن ڪچهريءَ ۾ خانبهادر سڪندر بيگ، قنبر علي بيگ حيدري، نادر بيگ، اختر بيگ، همايون بيگ فائق، اجمل بيگ اجمل، افضل بيگ افضل، مرحوم ناصر علي بيگ، مرحوم آصف علي بيگ آصف، جي سڀ گهڻو ڪري شاعر ۽ اديب يڪجا هڪ هنڌَ تي موجود هجن ته اهڙي ڪچهريءَ جو دلپذير تصور ذهن ۾ آسانيءَ سان اچي سگهجي ٿو. ظاهر آهي هيءَ ڪچهري ڪا عام رواجي ڪچهري ته نه هوندي هئي. ننڍي هوندي ته ڪَلَ ڪانه پوندي هئي بلڪه هڪ رؤنشو معلوم ٿيندو هو، پر درحقيقت اها ڪچهري، هڪ درسگاهه هئي. ننڍا ته ان مان گهڻو ئي ڪجهه پِرائيندا هئا. هن ڪچهريءَ ۾ شعر و شاعريءَ کان علاوه بيت بازي، ادبي بحث مباحثا، سياسي خبرون ۽ گهر گهر جي احوال وغيره جا ذڪر ٿيندا هئا، پر ڪنهن به صورت ۾ ڪا گِلا، غيبت يا دل آزاريءَ جو تصور به نه هو. سُهماڻيءَ کان اڳ هن ڪچهريءَ مان هر ڪو خوش ٿي، پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽندو هو ۽ جيتري قدر ياد ٿو اچيم ته ادي بلقيس انهن ڏينهن ۾ روزانهDairy لکندي هئي، جنهن ۾ اِهي سڀ ڪاروايون ۽ يادگيريون هُوءَ محفوظ ڪندي رهندي هئي. اها ڊائري خاندان جو اهو اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ تاريخ وار احوال درج آهي جيڪو سندس وارثن وٽ محفوظ آهي. مون کي به جڏهن پنهنجين هُوٿراين کان فرصت ملندي هئي، ته ڪچورين، پڪوڙن ۽ پُورين وغيره جي شوق ۾ ان ڪچهريءَ ۾ دير سوير ضرور پهچندو هئس. شروع ۾ وڏن جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون، پر رفته رفته انهن لطيفن، بيت بازين ۽ پڦيءَ جي مزاحيه اشعار مان مزو ايندو هو ۽ گهڻو کِلندا هئاسين. پڦي دلشاد في البديهه اشعار چوڻ جي ماهر هئي. ڪو به ننڍو يا وڏو قصيدو يا غزل اک ڇنڀ ۾ تيار ڪري وٺندي هئي. فقط ڪاغذ ۽ قلم کڻڻ جي دير هوندي هئي. مجلسن لاءِ اُتي جو اُتي رباعيون يا قصيدا تيار ٿي ملندا هئا. 52-1951ع ڌاري ياد اٿم ته اوطاق تي Cooperation Day International لاءِ والد مرحوم جي لکيل ڊرامي جي ريهرسل هلي رهي هئي ۽ سڀني پنهنجا پنهنجا پارٽ نظم ۾ پئي، اسٽيج تي ادا ڪيا. مون ضد ڪيو ته مون کي به پارٽ ڏنو وڃي. ان لاءِ رُنس ۽ سڀني کي Disturb ڪرڻ لڳس، ته بابا... ٻانهن کان وٺي مون کي گهر ڇڏي ويو ۽ دروازن کي امان ڪڙا چاڙهي ڇڏيا. اتفاق سان پڦي اُتي آيل هئي. منهنجو ضد، ۽ هاءِ گهوڙا ڏسي ۽ ٻُڌي نهايت شفقت سان پرڀائي، مون کي پاڻ سان گڏ گهر وٺي وئي. چيائين تنهنجو پارٽ، آءٌ ٿي تو کي لکي ڏيان، پر انجام ڪر ته هينئر ئي ياد ڪري ٻڌائيندين. مون شوق ۾ وعدو ڪيو، هن دير ئي ڪا نه ڪئي. پنو ۽ پين کڻي پينگهي ۾ وهاڻو گوڏن تي رکي هڪ اٺن يا ڏهن شعرن تي مشتمل ڊرامي واري ساڳئي بحر وزن تي منٽن ۾ شعر لکي ڏنائين ۽ ويهي ياد به ڪرايائين، جڏهن اهو ڪلاڪ ٻن ۾ پڪو ڪري ٻڌايومانس ته پاڻ هڪ چٺي بابا ڏانهن ڪنهن جي هٿان موڪليائين ۽ تاڪيد ڪرايائين ته: ”اعجاز کي ڊرامي جي آخر ۾ اهو شعر پڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.“ آءٌ رات جو دير سان ڪپڙا مٽائي چڱو مڙس ٿي. پٽڪو ٻڌي وڃي ٻين اداڪارن سان ويٺس ۽ بيقرار رهيس ته مون کي به جلدي وارو ملي. آخر منهنجو وارو آيو. هاڻ سڀ واندا هئا ۽ منهنجي شعر ٻڌڻ لاءِ منتظر. منهنجو شعر پڙهڻ ۽ سڀني ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ سڀ واهه واهه ڪرڻ لڳا. آءٌ خوش ٿيس ته منهنجي محنت صاب پئي. خبر پوءِ پيم ته اهو شعر منهنجن ڪرتوتن ۽ هُو ٿراين جو ڪچو چِٺو هو، پوءِ کِلَ به آيم ۽ پشيمان به ٿيس. ان شعر جا ڪي بند اڃا به ياد اٿم. ملاحظه ڪريو: آهيان آءٌ شيطان سڀ کان وڏو، هڻي ڌڪ ڪريان آءٌ سَڄن کي جڏو. نه گهر کان ڪو منهنجي سلامت لنگهي، لنگهي جي ته پوءِ سارو ڏينهن پيو رنڀي. فقيرن کي اُڇلي آءٌ پٿر هڻان، لٽا ڪن جا ڦاڙيان ۽ چولا کڻان. نه مارڻ کان ڪو مون کي سگهندو جهلَي، ڪري آزمودو ڪو منهنجو ڀلَي. خبردار منهنجي ڪو ويجهو اچي، متان پوءِ سُورن ۾ پنهنجي پَچي. چڱا ڪارناما ڪيا پڻ مون آهن، وسارڻ جي قابل ڀلا ڪٿ سي آهن. وڏا ٿيو ۽ مون سان ڪريو ڪا محبت، ته الله ڏيندو اوهان کي به عزت. وڏي پنهنجي تعريف ڪهڙي ڪريان، اَٿَوَ نانءُ منهنجو به اعجاز خان. اهڙيءَ طرح سندس في البديهه چيل مزاحيه شعر اڄ به گهڻن عزيزن کي ياد آهن. چاچا اجمل بيگ مرحوم چوندو هو ته شعر گوئيءَ ۾ سندس همشيره دلشاد بيگم مرحومه پنهنجو مَٽُ پاڻ هوندي هئي. هن گهڻو ئي شعر چيو جنهن ۾، سلام، منقبت، قصيدا ۽ غزل اچي وڃن ٿا. شعر ۾ سندس تخلص ’عاصي‘ ۽ ’بُوترابي‘ ڪتب آيل آهن. مرحومه دلشاد بيگم صوم و صلوات جي پابند ۽ محبتِ محمد و آلِ محمد ۾ سرشار هئي. 1947ع مطابق 1366هه ۾ ايران و عراق، ڪربلا معليٰ، نجف اشرف، ڪوفه وسامره، ڪاظمين ۽ مشهد مقدس جي زيارتن کان مشرف ٿي. پاڻ خاندان جي 56 افراد تي مشتمل قافلي سان هي سفر ڪيائين، (جنهن ۾ آءٌ به شامل هئس ۽ منهنجي عمر اٽڪل 3 سال هئي) ۽ ان سفر کي ”يادگار سفر“ بنائڻ خاطر، هُن روزِ اول کان ئي سفرنامو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو سندس طبعيت، خلوص، احساسات، طرزِ تحرير، ڳُوڙهي اڀياس، شائسته مزاج، ادراڪ، قوت تخيل، مشاهدي ۽ سڀاءَ جو آئينه دار آهي، جنهن جي مطالعي مان پڙهندڙ ائين محسوس ٿو ڪري ته هُو ساڻس ان سفر ۾ گڏ آهي ۽ ڪٿي به هن جي دلچسپي ختم نه ٿي ٿئي، بلڪه هُو اڳتي پڙهڻ لاءِ بيقرار ٿو رهي. جِن، اِنهن مقدس ماڳن جو سفر ڪيو هوندو، اُنهن لاءِ ته ڄڻ هي سفرنامو هڪ فلم رول آهي، جو هُو وري وري ڏسي سگهن ٿا. هن سفرنامي جو ڪمال اهو آهي ته سفر جو ڪو به پهلو تشنه ڇڏيو نه ويو آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب ۾ ههڙن دلچسپ سچن ۽ حقيقي سفرنامن جي گهڻي اڻاٺ آهي. 1952ع مطابق 1371هه ڌاري مرحومه دلشاد بيگم زندگيءَ جي پهرئين ۽ آخري حج جِي سعادت پڻ حاصل ڪئي ۽ ان مقدس سفر بابت لکيل سندس ٻيو سفرنامو ’سفرنامهء حج‘ به مذڪوره بالا سفرنامي جهڙو ئي دلچسپ ۽ دلپذير آهي. دلشاد بيگم بنت مرزا قليچ بيگ (نثرنگار)، فيروزه بيگم زوجه شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، محترمه شهزاد بيگم بنت مرزا قليچ بيگ (شاعر/نثرنگار) نصير مرزا اڀياس مسافر ڪربلا جا! موت ۽ زمانن جا فاصلا جيئن هر شئي کي هڪڙيءَ نامعلوم ڌُنڌ ۾ گم ڪري ڇڏيندا آهن، زيارت نامي جي هِن مسودي کي به، وقتَ اسان جي اکين کان ايئنءَ ئي اوجهل ڪري ڇڏيو هو ۽ اِهو ٿيو هيئنءَ، جو 4- مارچ 1953ع تي زيارتن بابت هن سفرنامي جي مصنفه، دلشاد بيگم (بنت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ) جيئن ئي، بلند شاهه واري اباڻي قبرستان ۾ پنهنجيءَ لحد ۾ ابدي آرامي وڃي ٿي. هيڏانهن سندس پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪربلا معليٰ بابت لکيل، هيءُ پهريون زيارت نامو به سندس ٻئي سموري سامان سان گڏ، وقت جي اُونَهن تَهَن ۾ لهي، گوشهء گمناميءَ ۾ هليو ويو... پرهي جو چئبو آهي... ته شعاع ۽ خوشبو ڏيندڙ شيون اکين کان وقتي طور اوجهل برابر ته ٿي سگهن ٿيون پر اوندهه ۽ اوجهڙ ۾، ڪٿي گم ٿي ئي نٿيون سگهن. ها! ائين شايد ضرور هوندو آهي ته، وقت جي تهخانن ۾، وڃائجي ويل اهڙين شين کي ظاهر ٿيڻ لاءِ خالقِ ڪائنات وٽان ڪوئي وقت مقرر هوندو ضرور آهي! خوش نصيب! جولاءِ 2010 جي، هڪ شام جو، نما شام وقت... هن زيارت نامي جو مسودو مون کي ڏسڻ ۽ مطالعي لاءِ بلاآخر ميسر ٿي ئي ويو. تڏهن ان اهم تحرير کي محبت ۽ عقيدت سان اُٿلائيندي پُٿلائيندي، پويان مُڙي جو نهاريم، ته مئي 1947ع کان وٺي، آگسٽ 2010ع تائين، منهنجي ۽ هِن لکت جي وچ ۾ ٽيويهه هزار، ايڪانوي ڏينهنَ جا پورا ٽيهٺ سالن جيترا طويل تر فاصلا وڇايل نظر آيم. اگرچه مرزا خاندان جي هڪ فرد ۽ اديب هئڻ جي حيثيت ۾، شروع ڄمار کان ئي، هِن زيارت نامي جي، مسودي بابت، مون کي سُڻس هئي ضرور، پر انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ اُن کي آءٌ گهران ته ڪنهن کان؟ ڏسان، ته ڪئينءَ! جو سچي ڳالهه آهي ته، منهنجي ’محجوب طبيعت‘، عزيزن کان هِن ڪتاب جي مسودي ڏسڻ ۽ پڙهڻ واري خيال جي وچ ۾، ڪنهن اُڀي ديوار جيان حائل هئي. ها! ياد آيم ان جي ملاحظي لاءِ ڪي ٿورا ورهيه اڳ، اهڙي خواهش هڪ عزيز سان مون ڪئي ضرور هئي، پر ڀانيان ٿو، پنهنجي پُرحجاب طبيعت سبب، اهڙي همٿ آءٌ ڪري نه سگهيو هئس يا شايد ائين هو جو منهنجي خواهش جي پورڻتا جو، اڃان وقت نه آيو هو يا متان قدرت اڳ ئي ان ڪم لاءِ ڪا ئي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي هئي، جنهن مطابق هن مسودي کي منهنجي گهر ۽ هٿن تائين هر حالت ۾ پاڻهيئي پهچڻو هو ۽ منهنجا وڏا ڀاڳ! جو قدرت پاران مقرر ٿيل اها تاريخ سال ٻه هزار ڏهه عيسويءَ جي 10هين جولاءِ ثابت ٿي ۽ اهو ڏينهن هو ڇنڇر جو... * هاڻي پڙهو هيءَ ڳالهه: ادب جي دنيا ۾، ادبي معجزه رونما ٿيندي، اسان اڪثر ئي ڏٺا آهن، جيئن گذريل صديءَ ۾ شِري هيري ٺڪر کي گجرات ڀارت جي ڳوٺ راڻيلا جي مَٺَ (مندر) مان، قاضي قادن جا وڃايل ڪيئي املهه بيتَ هڪ پوٿيءَ مان هٿ چڙهيا هئا، جيڪي اتي ورهين جا ورهيه مقدس شلوڪن سان گڏ، اگُهور ننڊ سُتا پيا هئا، جن کي اسان جي محقق دوست هيري ٺڪر جاڳائي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪيو هو ۽ ائين سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي هڪ عظيم الشان ريفرنس ملي ويو. سنڌي ٻوليءَ جي، بلڪل پهرئين جديد ترين افسانه نگار نادر بيگ مرزا جا سنه 1930ع ڌاري لکيل ڪيئي خوبصورت افسانا، هن جي اڪيلي نياڻيءَ، شيرين فيروز نانا (عرف ادي بيبيءَ وٽ) پٽيل ڪورٽ ڪراچيءَ واري فليٽ ۾، عرصي کان هڪ ڪٻٽ ۾ بند هئا ۽ اتان منهنجي مدد سان دريافت ٿي، سنڌ الاجيءَ پاران، مجموعي جي صورت ۾ جڏهن شايع ٿيا، ته سنڌي افساني کي فخر سان چوڻو پيو، ته ننڍي کنڊ ۾، منشي پريم چند سان گڏ، سنڌيءَ ۾ ڪو نادر بيگ مرزا به هو، جنهن ڀٽائي صاحب جي ٻوليءَ ۾ شاهڪار افسانا ويٺي لکيا. ڏٺو وڃي ته ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۽ حيات بابت انگريزي ٻوليءَ ۾ پهريون مربوط ڪتاب به، ان ئي نادر بيگ مرزا جي والد، عظيم قلمڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1887ع ڌاري لکيو هو: Life Of Shah Abdul Latif Bhitai. افسوس! سٺ واري ڏهاڪي ۾، مرزا صاحب جي مسودن جي هڪ نمائش دوران، هي اهم مسودو... ’اُڙن ڇُو‘ ٿي ويو، جيڪو بعد ۾ هڪ عالم جي بي بها ڪتابي خزاني مان دريافت ٿيو ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران 1980ع ڌاري ان کي اشاعت پذير ڪيو ويو . خير... هيءُ ته ائين ئي وچ ۾ منظرِعام تي ايندڙ ڪن ناياب ڪتابن جو قصو، نهايت ئي اختصار سان مون اوهان جي آڏو آندو، جو ڪتابَ ته ڇڏيو! مون ته ورهين کان ڪن لاپتا (مرحوم تصور ڪيل) انسانن کي به اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ڪُنڊ مان نمودار ٿيندي ڏٺو آهي. معنيٰ ته ناممڪنات جي دنيا ۾ ڪجهه به ممڪن ٿي سگهي ٿو... بس رڳو انهن جي ممڪن ٿيڻ جو وقت اچي... ۽ آگاهه رهو ته ورهين کان ڪنهن تهخاني ۾ رکيل هِن گمنام مسودي کي، ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو فرض... برابر ته مون ئي ادا ڪيو آهي، پر ان ڪم لاءِ، مون کي آڀارڻ واري معزز هستيءَ جو نالو آهي: ادي فيروزه بنتِ اسد بيگ مرزا ۽ هيءُ ناياب مسودو فراهم ڪرڻ واري جيڪا هستي آهي، ان جو اسمِ گرامي آهي: ادي انيس بيگم بنتِ دلشاد بيگم حيدر قلي بيگ مرزا... ۽ هي ڪم، برابر ته مون ئي ’الف‘ کان ’ي‘ تائين پايهء تڪميل تي پهچايو آهي... ۽ جنهن جو اَجُر، مون کي پڪ آهي ته، دلشاد بيگم وٽان ملندم به ضرور، پر هتي چوڻ صرف هيءُ پيو چاهيان، ته هن ڪتاب لاءِ شڪريي جون اصل مستحق منهنجون اهي ئي ٻه پياريون ڀينرون آهن يعني ادي فيروزه بنتِ اسد بيگ مرزا ۽ ادي انيس بنتِ دلشاد حيدر قلي بيگ ولد خانبهادر صادق قلي بيگ مرزا... جن جي آڀارڻ ۽ اجازت سان، هيءُ ڪتاب هاڻي منظرِعام تي اچي چڪو. * ڪهاڻي ڪتاب جي: اسان جي دلشاد بيگم يعني ڪربلا معليٰ متعلق، سنڌيءَ ۾ لکيل هن پهرئين سفر نامي جي مصنفه جي، پيدائش جا سن و سال جڏهن فيملي بوڪ ۾ تلاش ڪيم ته خبر پئي، پاڻ اٺين نومبر 1910ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ جنم ورتو هو... يعني سندن والد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، جنهن وقت 55 ورهين جا بزرگ هئا، انهيءَ وقت کين پنهنجي ٽِئين گهر واريءَ فيروز بيگم (بنتِ ڊپٽي ڪليڪٽر مرزا ڪلب علي جاگيردار) منجهان هيءَ نياڻي پيدا ٿي. نهايت دلي محبت سان مرزا صاحب سندس نالو تجويز ڪيو: دلشاد بيگم. دلشاد بيگم، سمجهه ڀرِي ٿي ته عظيم پيءُ، اول ته گهر ۾ هن جي لاءِ هڪ استاد (Tutor) جو انتظام ڪيو ۽ بعد ۾ جنهن وقت پاڻ ڪراچي وڃي ڪجهه عرصي جي لاءِ رهائش پذير ٿيو، تڏهن اتي، هڪ انگريزي اسڪول ۾، دلشاد بيگم کي تعليم ڏيارڻ لاءِ داخل ڪرايائين. انهيءَ نسبت سان پنهنجي روزنامچي ۾ ڌار ڌار هنڌن تي مرزا صاحب لکيو آهي: · منهنجون نياڻيون فخرالنساء، دلشاد بيگم ۽ شهزاد بيگم چڱيءَ طرح پڙهي لکي ڄاڻن. انگريزي به ڄاڻن، سُئيءَ جو ڪم ۽ ٻيا هنر به کين اچن ٿا. 8 جولاءِ 1920ع تي مرزا صاحب پنهنجي روزنامچي ۾ لکيو: · دلشاد ۽ شهزاد کي مِس روز سسٽر واري انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيوسين. آگاهه هجي ته ٽنڊي ٺوڙهي ۾، دلشاد بيگم جي پيدائش وارو هنڌ، ڪنهن عام هستيءَ نه، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ صاحبِ قرطاس و قلم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو گهر هو ۽ هي گهر اعليٰ کان اعليٰ وڪٽورين اسٽائيل جي فرنيچر، مغرب ۽ مشرق جي ناموَر ليکڪن جي انگريزي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ لکيل ڪتابن سان پڻ ٽمٽار هو... دهلي، ڪلڪتي، لکنوءَ ۽ لاهور مان جاري ٿيندڙ سڀ اخبارون رسالا... الهلال، ساقي، ڦُول، عصمت ۽ تهذيبِ نسوان وغيره وغيره... سڀ قليچ صاحب جي ڪُتب خاني ۾ پهچندا هئا. ٽئگور، خواجه حسن نظامي، مولانا محمد حسين آزاد، مُلا واحدي، علامه اقبال، ڊپٽي نذير احمد، مرزا هادي رُسوا ۽ آغا حشر ۽ ٻين به الائي ڪيترن اردو نثرنگارن ۽ شاعرن جا شاهڪار ڪتابَ ’قليچ لائبريري‘ تائين هر حالت ۾ پهچندا هئا... ۽ جنهن زماني ۾ نوجوان دلشاد بيگم انهن ليکڪن جو لکيل ادب، پنهنجي گهر ۾ پڙهندي رهندي هئي ۽ هي اهو ئي زمانو هو، جڏهن سروجني نائيڊو، نذر سجاد (والده قرة العين حيدر) حجاب اسماعيل، عطيه فيضي، شائسته اڪرام الله... ۽ رشيده جهان وغيره جهڙيون ليکڪائون، ان زماني جون مشهور عورت قلمڪارائون سڏبيون هيون، پر آءٌ هتي هيءَ 1947ع کان اڳ جي ڳالهه پيو ڪريان، جڏهن سنڌ ۾، سواءِ دلشاد بيگم جي - روشن آرا مغل، بادام ناتوان ۽ زينت عبدالله چنه وغيره جهڙيون اوائلي سنڌي مسلمان ليکڪائون، اڃا منظرِعام تي، آيون ئي نه هيون. (بلڪ اُهي نِڪري نروار ئي سٺ واري ڏهاڪي ۾ ٿيون هيون) ۽ اهي سڀ مٿيون اردو ليکڪائون... پنهنجي دور ۾ غيرمعمولي سڏبيون هيون يا الائي نه، البته قابلِ ذڪر هستيون ضرور سڏبيون هونديون... ته مون چيو پئي، انهن خواتين ۽ حضرات قلمڪارن جي لکيل ڪتابن جو، دلشاد بيگم خوب خوب ۽ دل کولي مطالعو ڪيو پئي ۽ سنڌيءَ ۾، خطن ۽ ڊائرين جي انداز ۾ نثر لکڻ سان گڏوگڏ ’عاصي‘ تخلص اختيار ڪري، سنڌي ــ اردوءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي پئي... عجب اتفاق، ٽنڊي ٺوڙهي جو هيءُ سڄو ئي مرزا خاندان، شروع کان ئيMulti-Lingual رهندو اچي، ۽ ڌار ڌار مذهبن جو پڻ مٿن اثر رهندو اچي... ان کان علاوه سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردو انگريزي ۽ فارسي ڳالهائڻ جو رواج پڻ هن خاندان ۾ اڄ تائين رائج آهي... جيتوڻيڪ مجموعي طرح سان هيءُ خاندان ’شيعه‘ آهي پر جيڪي ٻاهران آيل خواتين سُني يا ڪي مرد به - سُني فقهه روا رکن ۽ هٿ ٻَڌي نماز پڙهن ٿا، ته کين اجازت آهي ته هُو ڀلي ائين به ڪري سگهن ٿا. پنهنجي خودنوشت، ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾ ميرزا قليچ بيگ صاحب لکيو آهي: ’آءٌ شيعو به آهيان، جو اسين مرزا ٽنڊي ٺوڙهي وارا شيعا آهيون يعني جعفري يا اثنا عشري. سُني به آهيان جو سنڌ ۾ رهندي بابو (فريدون بيگ مرزا) سُنين سان گڏ به نماز پڙهندو هو. آءٌ سڀني مذهبن جو آهيان ۽ سڀني جا اصول ڄاڻان ٿو ۽ انهن تي ڪتابَ به لکيا اٿم ۽ سڀني سان بنا ڪنهن تعصب جي رهندو آهيان.‘ هڪ ٻئي ڪتاب، بعنوان، ’يادگيريون‘ ۾ مرزا صاحب لکي ٿو: ’اسان منجهان ڪي سخت شيعا ٿيا آهن. جيئن ناني مرحوم جي اولاد مان مرزا محمد رحيم بيگ (جسٽس ظفر حسين مرزا جو ڏاڏو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو پڙ ڏاڏو) ۽ ان جا پٽ سخت شيعا آهن. اسان منجهان ادو مرزا صادق علي بيگ (مرزا صاحب جو وڏو ڀاءُ) سخت شيعو آهي ۽ سندس پٽ به جن جا نالا آهن: مرزا فرخ بيگ بارايٽ لا، خانبهادر سڪندر بيگ مرزا، سنڌ جو پهريون مسلمان ايڊوڪيٽ جنرل ۽ مرزا حيدر قلي بيگ، ننڍن منجهان ناصر علي بيگ (مرزا صاحب جو سڳو ڀاڻيجو ۽ راقم الحروف جو والد صاحب) سخت شيعو آهي.‘ 3 جولاءِ 1924ع ڌاري دلشاد بيگم چوڏهَن ورهين جي ڄمار ۾ ان ئي پنهنجي ڪٽر شيعه چاچي صادق علي بيگ جي نُنهن بڻجي، ٽنڊي ٺوڙهي جي اهڙي گهر ۾ پرڻجي آئي، جيڪو گهر... خانداني گهرن جي بلڪل مرڪز ۾ محسوس ٿيندو هو ۽ عجب اتفاق! جيئن هن جو نالو دلشاد هو، هُوءَ بلڪل اهڙي ئي خوشحال گهر ۾ نُنهن بڻجي آئي هئي. ويهين صديءَ جي اوائل کان وٺي، ٽنڊي ٺوڙهي جي هن مرزا خاندان کي حيدرآباد سنڌ جي Royal خاندانن مان هڪ ڄاتو ويندو هو ۽ واليء سنڌ، مير ڪرم علي خان ٽالپر جي ايام ڪاريءَ ۾ ايران کان مرزا خسرو بيگ گُرجي 1805ع ۾ ۽ مرزا فريدون بيگ 1815ع ۾ سنڌ پهتو هو، انهن جي آمد کان پوءِ سندن پيڙهيءَ مان اعليٰ دماغ هستيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويون، جن خاص طرح سان سنڌي علم ادب جو مانُ مٿانهون ڪري پاڻ کي ملهايو ۽ ملهائيندا اچن. اهڙين هستين مان شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان ريٽائر ٿيو، دلشاد بيگم جو وڏو چاچو مرزا غلام رضا بيگ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو، سهرو مرزا صادق علي بيگ پهريون مسلمان گريجوئيٽ پوءِ شڪارپور هاءِ اسڪول جو پهريون مسلمان هيڊماستر ۽ ”سنڌ سڌار“ اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ پوءِ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر پڻ ٿيو، دلشاد بيگم جو ننڍو چاچو، يعني مرزا علي قلي بيگ پڻ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هن صاحب 1903ع ڌاري سچل سرمست جي شاعريءَ جو پهريون رسالو پڻ مرتب ڪيو هو. جديد سنڌي افساني جو باني بارايٽ لا نادر بيگ مرزا ۽ مرزا همايون بيگ فائق، دلشاد بيگم جا وڏي ۾ وڏا ڀائر هئا، جڏهن ته سندس ننڍن ڀائرن مان، مرزا اسد بيگ ۽ اجمل بيگ مرزا پڻ اعليٰ پايي جا شاعر ٿي گذريا آهن. دلشاد بيگم جي وڏي پُڦي زيب النساء (همشيره مرزا قليچ بيگ) نهايت اعليٰ پايي جي شاعره هئي ۽ فارسيءَ ۾ نهايت پخته شاعري ڪندي هئي. دلشاد بيگم جو هڪڙو ٻيو ننڍو چاچو، ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ مرزا پهريون مسلمان ايف.آر.سي.ايس هو ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي دوست، ساڌو هيرانند جي ساٿ ۾ سنڌ واسين لاءِ مفت طبي ڪئمپس جو انتظام ڪندو هو. دلشاد بيگم جا ٻه سڳا سؤٽ (۽ وڏا ڏير) فرخ بيگ مرزا ۽ سڪندر بيگ مرزا بار ايٽ لا هئا، جن مان مرزا فرخ بيگ ورهاڱي بعد نوابشاهه لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ خانبهادر سڪندر بيگ مرزا 1940ع ڌاري سنڌ جو پهريون ايڊوڪيٽ جنرل بڻيو. سندس هڪ ٻيو وڏو سؤٽ، منوچهر بيگ مرزا پڻ بارايٽ لا هو (جنهن جو فرزند قنبر علي حيدري، سٺ واري ڏهاڪي ۾ پورِي ڪراچيءَ جو سيشن جج بڻيو. هن صاحب جو فرزند ذاڪر حسين مرزا ويهين صديءَ جي آخري ڏهي تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري رهيو). دلشاد بيگم جي خانداني پس منظر ۾ اڃا به جي پويان وڃبو ته خبر پوندي ته سندن لائق والد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو سڳو نانو مرزا خسرو بيگ عيسوي سن 1805ع ۾ جارجيا، گُرجستان، ايران مان نهايت شان شوڪت سان سنڌ پهتو هو ۽ پاڻ ترڪ نسل جي Royal خاندان جو، خوبرو چشم و چراغ هو، جنهن کي پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ جي لاولد بادشاهه، مير ڪرم علي خان ٽالپر پنهنجي پٽ طورAdopt ڪيو ۽ دربار ۾ وڏو منصب پڻ عطا ڪيو. دلشاد بيگم جو ڏاڏو، مرزا فريدون بيگ پڻ 1815ع ڌاري جارجيا مان مرزا خسرو بيگ جي خواهش تي آندو ويو. جنهن ارڙهين صديءَ جي اڌ ڌاري پنهنجي نياڻي سڪينه سان کيس پرڻايو. فريدون بيگ ۽ سڪينه صاحبه کي مرزا غلام رضا بيگ، مرزا صادق علي، قليچ بيگ ۽ علي قلي بيگ سميت، ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون، يعني علاوه زيب النساء ٻي شرف النساء (جيڪا راقم الحروف جي ڏاڏي ٿي) دلشاد بيگم جي انهيءَ سموري وچور ۽ خانداني پس منظر ڏيڻ جو مقصد هتي، صرف ايترو، ته هو پنهنجي حيثيت ۾ اعليٰ تعليم يافته، جاگيردار گهراڻي ۽ اعليٰ منصبن تي فائز فردن جي وچ ۾ پيدا ٿي هئي، يعني هڪ اهڙي خاندان ۾، جنهن کي ان وقت علم ادب جي دنيا جو نمائنده ترين خاندان سڏيو ويندو هو. منهنجي پنهنجي والده سميت جن جن بزرگ خاندان جي مستورات... دلشاد بيگم کي روبرو ڏٺو هو، اُهي سڀ يڪ راءِ گواهه آهن ته دلشاد بيگم، نهايت نفيس، خوبصورت، باوقار، وضعدار، باهنر، سليقه مند، سليقه شعار، همدرد ۽ پُرمزاح سڀاءُ واري، هڪڙي زندهه دل خاتون هوندي هئي، (۽ 10 جولاءِ تي سندس هي زيارت نامو مطالعي لاءِ ڏيڻ وقت سندس نياڻي ادي انيس، مون کي چيو پئي؛ نصير؛- امان دلشاد بيگم، منهنجي ماءُ آهي، ان ڪري نه پئي چوان پر سچ ٿي ٻڌايانءِ، ته امان جهڙي وضعدار خاتون، ٽنڊي ٺوڙي جي سڄي مرزا خاندان ۾، مون اڄ تائين ڪا ٻي نه ڏٺي آهي) ۽ ان ڏينهن ادي انيس، مون کي پنهنجي والده بابت، هيءُ به ٻڌايو هو ته خاندان ۾ خوشين جون محفلون هجن يا غمن جا موقعا، محرم جون مجلسون يا عيدون برادون، ماتمداري هجي يا عزاداري. نذر نياز جون مانيون هجن يا ضيافتون، هُوءَ انهن سڀني ۾ دلچسپيءَ سانInvolve رهندي هئي ۽ اهڙين محفلن ۾ هُوءَ مزاحيه طنزيه، شعر يا هِجوَ پڻ ويٺي لکندي هئي... ۽ اهڙي ڪجهه لکڻ تي ته هن کي وڏو درڪ به حاصل هوندو هو. گهر ۾ يا گهر جي آس پاس ڪا عجب جهڙي ڳالهه ٿئي يا سيشن جج مرزا قنبر علي حيدري (دلشاد بيگم جي سڳي سؤٽ منوچهر بيگ جو فرزند) وڏي ساز سامان ۽ ڊنبلي سان ڪراچي يا ڪنهن ٻئي شهر سفر تي روانا ٿئي يا پنهنجي سڳي ڀائيٽي، اعجاز اسد بيگ مرزا جي ڪا چلولائي ڏسَي، زندهه دل دلشاد بيگم هڪدم ئي ان بابت مزيدار ۽ پُرمزاح نظم لکي وٺندي هئي (اهڙا ڪي شعر اعجاز بيگ مرزا جي هن ڪتاب لاءِ لکيل تحرير ۾ ملاخطه ڪري سگهو ٿا) بقول ادي انيس جي، مٽن مائٽن، حالتن ۽ واقعن جي باري ۾، هو ڪي شعر ۽ مزاحيه نظم، ڪافيون ۽ غزل... جنهن وقت چاهيندي هئي، هلندڙ محفل ۾ هٿ آيل ڪاغذ تي، لکڻ شروع ڪري ڏيندي هئي. هن جو حافظو بيپناهه سٺو هو، ڪوئي سُٺو شعر ته هُو ٻڌڻ ۽ هڪ نظر ڏسڻ سان ئي جهٽَ ۾ ياد ڪري وٺندي هئي ۽ گفتگو ۾ موقعي مهل جي مناسبت سان انهن جو استعمال به، هُوءَ خوب خوب پئي ڪندي هئي. بقول اعجاز بيگ مرزا... ”شعر وزن ۾ موزون ڪرڻ جي اِها ڏات والد صاحب وٽان ۽ ادبي انداز واري نثر لکڻ جي صلاحيت قدرتي طرح سان هُن ۾ موجود هئي.“ ۽ مون کي يقين آهي ويهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ جڏهن روزنامچي جي اسلوب ۾ ئي سهي، جنهن وقت سنڌيءَ ۾ هن هيءُ نثر لکيو پئي، تاريخ ۾ ڪنهن به سنڌي مسلمان خاتون نثرنگار جو نالو، مون کي نظر ئي نٿو اچي ۽ ڇاڪاڻ ته پنهنجي پرده دار پُڦي زيب النساء وانگر، هن به گمنام رهڻ پئي چاهيو، ان ڪري ڪابه تحرير يا ڪوبه شعر ڪٿي ڇپرائڻ کان، هُن سدائين پرهيز ڪئي. (۽ هتي آءٌ هي وري به دهرايان ٿو ته روشن مغل، بادام ناتوان، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ زينت عبدالله چنا وغيره جهڙيون سڀ خواتين ليکڪائون، دلشاد مرزا کان پوءِ ئي سنڌ ۾ ظاهر ٿيون هيون.) دلشاد بيگم جي عظيم والد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کي هونئن ته ٻيون به گهڻيون ئي ادبي فضيلتون حاصل آهن، پر سندن ڪريڊٽ تي، خاص ڳالهيون هي آهن ته، هن صاحب ئي 1880ع ڌاري سڀ کان اول سنڌيءَ ۾ اسٽيج ناٽڪ ليليٰ مجنون لکيو. ان کان علاوه 1890ع ۾ پهرئين طبعزاد ناول ’زينت‘ لکڻ جو به کين ئي فخر حاصل ٿيو. شاهه لطيف بابت انگريزيءَ ۾، جامع ڪتاب Life of Shah Abdul Latif Bhitai به 1897ع ڌاري، هِن ئي صاحب لکيو. سنه 1885ع ڌاري، هُو اُٺن تي سوار ٿي ’ڏاڙهياري جبل‘، ’ڪُتي جي قبر‘ (موجوده قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو) ڏسڻ ويو ۽ موٽي آيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون سفرنامو به هِن ئي صاحب لکيو: ’ڏاڙهياري جبل جو سير‘... جنهن کي مسٽر پوڪرداس پبلشر، فيبروري 1900ع ۾ شايع ڪرايو. ۽ انهيءَ تسلسل ۾ ڏسبو، ته هيءُ به عجب حسنِ اتفاق... جو 1947ع ڌاري، سنڌي ٻوليءَ ۾، بلڪل پهريون ڀيرو ڪربلا معليٰ ۽ ايران بابت نثر ۾ ڪنهن هستيءَ کي جي ههڙو سفرنامو لکڻ جي سعادت حاصل ٿي، ته اُها به ڪنهن ٻئي کي نه، قليچ صاحب جي نياڻي، دلشاد بيگم کي ئي حاصل ٿي. ۽ ايئن به برابر آهي ته کانئس اڳ ’ڪربلا جو سفرنامو‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود هو، پر اهو ’نثر‘ بجاءِ ’نظم‘ جي صورت ۾ هو، جيڪو مرثيه جي عظيم شاعر، سيد ثابت علي شاهه مشهدي و ڪربلائي 1793ع ڌاري، مقدس مقامات جي زيارتن دوران لکيو هو، جنهن جو عنوان پاڻ تجويز ڪيو هئائين- ’زيارت نامو‘ دلشاد بيگم، خاندان جي معزز ۽ وڏن منصبن وارن مرد حضرات، مستورات، ٻارن ۽ خدمتگذارن جي ساٿ سان ايران ۽ عراق جو هي سفر، مئي، جون، جولاءِ، آگسٽ 1947ع ڌاري ڪيو هو ۽ ان زماني ۾ رائج، سفر جي سهوليتن مطابق خاندان جي پنجاهه کان وڌيڪ زائرين سان گڏجي، بسن ۽ ريل جي ذريعي ڪيو هو، بعد ۾ هيءُ قافلو واپسيءَ وقت، پاڻيءَ واري جهاز ذريعي بصره کان ڪياماڙي بندر ڪراچيءَ تي اچي لٿو هو ۽ غالباً اهو آگسٽ جو مهينو هو ۽ عيسوي سال هو- 1947ع ۽ هجري سن هو- 1366. هن زيارت نامي جي وڏي ۾ وڏي خوبي، هيءَ آهي، ته اُهو... سفر تان واپس اچڻ کان پوءِ نه، پر سفر دوران ئي روزنامچي جي انداز ۾ هُن لکيو ويو، يعني سفر هُن بس ۾ ڪيو پئي يا ريل ۾، هُوءَ ان جي دريءَ لڳ ڊائري گڏ کنيو ويٺل ٿي نظر اچي ۽ سفر رات جو هجي يا ڏينهن جو، سفر ۾ ٿيندڙ هر ڳالهه ۽ هر واقعي ۽ هر اهڙي مشاهدي کي Sense of humour سان هُوءَ لکندي وئي آهي، جنهن جي لاءِ هُوءَ سمجهي پئي ته ان جو لکجڻ نهايت ضروري آهي. قدرت... دلشاد بيگم کيVideo taping memory عطا ڪئي هئي، ان ڪري پنهنجي روان دوان نثر ۾، هن موقعي مهل جي مناسبت سان جيڪي شعر ۽ محاورا پنهنجي نثر ۾ جَڙيا آهن، اهي ڄڻ ته منڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر ٿا محسوس ٿين. سفر دوران اهو طئه آهي ته هن جيڪو ڪجهه لکيو پئي، قلم برداشته لکيو پئي، (۽ ان جو ثبوت هي ته هن جي هٿ اکر لکيل سموري نوٽ بوڪ ۾، ڪٿي به ’ڪاٽ- ڪُوٽ‘ نظر نه آئي اٿم ۽ اها خوبي ان ڳالهه جي ساک پئي ڀري ته خيال کي لفظ لَڙهي ۽ نثر بڻائڻ تي هن کي ڪيڏو نه عبور حاصل هو. ڇاڪاڻ ته کيس اردو سنڌي ۽ ڪِي قدر فارسي ادب جو به مطالعو هو، ان ڪري هن، اِنهن سڀني ٻولين جي شعرن ۽ محاورن سان، پنهنجي نثر کي خوب خوب سينگاريو ۽ سهڻو بڻايو آهي. دلشاد بيگم جي هن مسودي کي مون پيرائتي انداز ۾ جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو ته اُٿندي ئي، هُوءَ مون کي وک وک تي هڪ باخبر، صاحبِ حال ۽ بصيرت واري خاتون نظر آئي ۽ سندس نثر کي پڙهندي مون اِهو به ڄاتو ته هُوءَ پنهنجي تهذيب، خانداني وضعداري، اسلامي تاريخ، هندو - مسلم ڪلچر، فقهه، واقعهء ڪربلا ۽ دنيا جي جديد ترين ايجادن ۽ ننڍي کنڊ جي ۽ دنيا جي سياسي ۽ سماجي صورتحال بابت پڻ، چڱو ئي ادراڪ رکي پيئي. ۽عزيز پڙهندڙؤ...! هاڻي هتي هيءُ به عرض ڪندو هلان، ته هِن تحرير توڻي دلشاد بيگم صاحبه جي سفرنامي اندر به جڳهه جڳهه تي جيڪي فوٽ نوٽس ۽ ڪي ضروري حوالا مون ڏنا آهن، اُهي سڀ اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافي واسطي ئي لکيا ويا آهن، ان ڪري جيڪڏهن اصل ڪتاب پڙهندي انهن تي به نظر وجهندا هلندؤ ته يقينن اوهان کي فائدو ئي رسندو. * سفر جي ابتدا هيئن ٿي: دلشاد بيگم لکي ٿي: · حيدرآباد اسٽيشن تان ساڍي پنجين بجي گاڏي، خدا خدا ڪري روانا ٿي(1)، زالون سڀ ٻن گاڏن ۾ هيون، اسان واري گاڏي جو ته خدا حافظ هو، ڪنهن پنساريءَ جو دڪان به اهڙو ڀرپور ڪِينَ هوندو، مطلب ته هيٺ مٿي پير رکڻ جي به جاءِ ڪا نه هئي، سمهڻ ته ناممڪن هو. انشاء پرداز دلشاد بيگم، دلچسپ پيرايي ۾، اُٿندي ئي اسان کي هتي آگاهه ڪري پئي ته هيءُ سفر، ظاهر آهي ته اڳتي به آسان نه هوندو ۽ وِک وِک تي هُن کي مشڪلاتون ئي مشڪلاتون اَوَس پيش اچڻيون آهن. همسفرن جي وڏي ڊنبلي ۽ ٻارن جي ڪَٽڪَ ساڻ هجڻ سبب ۽ مٿان سفر جي ابتدا ۾ ئي، ايترو هنبس ۽ ايتري سوڙهه... جو ڳڻتيءَ منجهان هُوءَ لکڻ تي مجبور ٿي ٿئي ته: · اسين ته ٺهيو، پر هي ويچارا ننڍڙا ٻار ڪٿي ۽ ڪيئن سمهي رات گذاريندا، لاچار، هڪڙي سِيٽَ جيئن تيئن واندي ڪري، چئن ٻارن کي ڦُسڙي سمهاريوسين پر هر وقت، انهن جي ڪِرڻ جو ڊپ هو، پاڻ ته سڄي رات ويٺا هئاسين، بس ناصر علي(1) سو ٿورو اکين جو زهر ماريو. دلشاد بيگم پنهنجي تحرير جي هن پهرئين ئي پئراگراف ۾، جيڪو، مِٺو، تُرش ۽ پُرمزاح لهجو اختيار ڪيو آهي، ته انهيءَ محاوري جي پس منظر ۾ مون وٽان اڳواٽ ئي هتي آگاهه ٿيو، ته ٽنڊي ٺوڙهي جي حويلين اندر مستورات، اڄ به ان ئي محاوري ۾ سنڌي ڳالهائينديون آهن، جيئن هي دلشاد بيگم ان پئراگراف ۾ لکيو آهي، خاص ڪري، ان ابتدائي پئراگراف ۾ هُن جيڪي مزي مزي جهڙا جملا ۽ محاورا قلم برداشته لکيا آهن. مثال طور اُهي آهن: جهڙو پنساريءَ جو دڪان... گاڏيءَ جو ته خدا ئي حافظ... اکين جو زهر... ڪُڪڙن واريون پنڪيون، ڪاوڙ نڪئون تار وغيره جهڙا محاورا اڄ به ٽنڊي ٺوڙهي ۾ عام جام گفتگوءَ ۾ ڳالهايا ويندا آهن... سو اهڙن محاورن سبب، جهڙوڪر هُن جي تحرير، اُتساهي به ٿي، ته ان کي اڳتي به پڙهجي... هيءَ ريل!! جنهن تي دلشاد بيگم مع خاندان سوار آهي ۽ جيڪا ڏينهن رات پئي ڊوڙي، ان جي ڌِڏڪن بابت، هن جي هيءَ زبردست تشبيهه پڙهو: · گاڏي هلڻ ۾ ايئن ڌِڏڪا ٿي ڏئي، جيئن زالون اَنُ ڇنڊڻ مهل، ٻه ٽي سَٽڪا ڏئي وري ڪچري کي اُڇلڻ لاءِ، ڇَڄَ کي ٿورو ڌڪ هڻي، اڳتي ڪنديون آهن، بلڪل اهڙو ئي ڪم ريل جو به اسان سان آهي... ۽ اها ئي ريل، سنڌ جي حدن سرحدن مان نڪري، ڪوئيٽا بلوچستان جي ريگزارن ۽ پهاڙي سلسلن ۾ جڏهن داخل ٿئي ٿي، ته ريل جي دريءَ سان ويٺل دلشاد بيگم کي ٻاهرئين ماحول جا ههڙا پُراسرار ۽ پُرلطف منظر Portray ڪرڻ جو وجهه ملي ٿو وڃي. هُوءَ لکي ٿي: · هوا به ڪجهه ٿڌي ٿيڻ لڳي آهي، زائرين جن کي سيءَ جي سيڪَ ساڙي ۽ گُهٽي ماريو هو، انهن جي مُنهن تي ڪجهه تازگي ڏسڻ ۾ آئي (۽ ان کان پوءِ) جڏهن اوچتو ريل جبلن جي غارن ۽ سرنگهن مان لنگهڻ شروع ڪيو ته هر طرف ڪاري رات ٿي وئي، ٻارن ته اهڙيون وٺي رڙيون ڪيون، جو خدا جي پناهه، جيڪي پيرسن هئا، انهن به سمجهو ته شايد قيامت اچي وئي ۽ آفتاب غروب ٿي ويو. هتي آگاهه رهجي ته ٽنڊي ٽوڙهي جي معزز مرزا خاندان جي فردن مان، غالباً مرزا منوچهر بيگ(2) پهريون زوار هو، جيڪو پنهنجي خاندان سميت 1926ع ۽ مئي 1929ع ڌاري ڪربلا جو زوار ٿي چڪو هو، پر هيڏانهن دلشاد بيگم سميت، خاندان جي باقي فردن کي ڇاڪاڻ ته ڪوئيٽا ڏانهن وڃڻ ۽ رستي ۾ ايندڙ اهڙين سُرنگهن ۽ غارن جي خبر نه هئي، ان ڪري دلشاد بيگم اهڙن منظرن ۽ غارن جو بيان، ڄڻ پوءِ ويندڙ مسافرن جي خبرداريءَ لاءِ تحرير ڪري ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ريل ۾ ڪوئيٽا ڏانهن ويندي، ريلوي ٽريڪ سان اهڙا غارَ، صرف هڪڙو ڀيرو ئي نه، بار بار پئي آيا، ان ڪري اهڙو ذڪر دلشاد بيگم وري ٻيو ڀيرو هن انداز سان ڪيو آهي: · ڳچ ڀيرا اونداهي ٿي، وري اوچتي ئي اوچتي، روشني ٿيڻ تي، هاڻي ٻار ٻچا سڀ پيٽاري ويا هئا، پاڻ، اونداهيءَ ۾ خوشيءَ مان ڪُوڪريا وٺي ٿي ڪيائون. غارن ۽ سُرنگهن جي اهڙي بيان دوران دلشاد بيگم ڏاڍي ذهانت سان اسان جي معلومات ۾ به اضافو ڪندي ٿي هلي ۽ ائين ڪري, هُوءَ جهڙوڪر اسان تي اِهو به عيان ٿي ڪري، ته ڪنهن به وقت هُو سفر جي مشاهدي کان غافل قطعي نٿي رهي. لکي ٿي: · ڪوئيٽا ويندي، رستي ۾ اهڙيون 25 سرنگهون آيون ۽ لنگهي ويون. ۽ هاڻي دلشاد بيگم جي هن تحرير ۾ ٿورو ڪوئيٽا شهر جي وڻن جو ذڪر ڏسو، پر ترسو، پهرين مون وٽان ايترو به آگاهه ٿيو ته جنهن وقت هُوءَ هن مقدس سفر تي روانا هئي، تنهن وقت ٻي مهاڀاري جنگ کي ختم ٿئي اڃا ڪي ٿورا ئي سال ٿيا هئا، ڏسو هُو اِن جنگ ۽ اِن جنگ جي سپاهين کان به ڪيڏو نه آگاهه هئي ۽ جي ڀلا آگاهه نه هجي ها، ته ڪوئيٽا جي وڻن بابت هيءَ تشبيهه ڏئي ڪيئن سگهي ها؟ · شاهي رستي جي ٻنهي پاسي وڏا وڏا ۽ ساوا وڻ هئا، جي دست به دست ڄڻ جرمن جي وڏي فوج جا تنومند سپاهي، پريڊ لاءِ بيٺا آهن ۽ منجهن اهڙي ڇانوَ ۽ ٿڌڪار هئي، جهڙي سانوڻ جي جُهڙ ۾ ٿيندي آهي. ڪوئيٽا شهر ۾ هنن جي عارضي رهائش وارو اِهو مُدو پورو ٿيو ته هيءُ قافلو هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ريل ۾ سوار آهي ۽ وڃي پيو ايران زاهدان ڏانهن. حسبِ دستور هن ڀيري به دلشاد بيگم ريل جي دريءَ ڀرسان موجود آهي ۽ اسان توهان جي مطالعي لاءِ ڊائري ۾ويٺي لکي: · ٿوري ٿوري پنڌ کان پوءِ، هڪڙو ڳاڙهو، بلڪل لال ۽ ڪو سائو هوبهو زمرد... ڪو اڇو ۽ ڪو پِيلو گلن جو ٻوٽو... اهڙيءَ طرح لڳل هو، ڄڻ ڪنهن صراف مُنڊين ۾ قيمتي نگينه جَڙي... برسرِعام نمائش لاءِ رکي ڇڏيا هجن ته خريدار ڏسن، هنن کي پسند ڪن ۽ انهيءَ ڪامل صراف جي محنت، بي مثال ڪاريگريءَ جي هر هنڌ ۽ هر ملڪ ۾ وڃي ڳالهه ڪن. گلن ڦلن جي مشاهدي کان پوءِ ريل جي دريءَ مان دور پري ريگستاني ميدانن ڏانهن ڏسندي، هاڻي هُوءَ، هيءُ ڪيڏو نه تخليقي منظر، نوٽ بوڪ جي صفحن تي چِٽيندي ٿي وڃي: · ڪن ڪن هنڌن، وري زمين مان گول گول واچوڙن وانگي... (ڪي بگولا) ايئن پئي نڪتا، ڄڻ ڪو جَنڊُ ڦرندو هجي يا جيئن درياء جي ڪُن ۾ پاڻي گول ڦرندو آهي... پري کان ايئن سمجهه ۾ پئي آيو ته ڪو دُونهون آهي، جو زمين تان نڪري آسمان تي منتشر پيو ٿئي. اوهان ملاخطه ڪيو... ڪيڏي نهKeen Observer آهي اسان جي هيءَ دلشاد بيگم! جيڪا ڪشٽن ڀريي سفر جي باوجود پنهنجن حواسن کي جائتو ۽ ذهن کي سجاڳ ٿي رکي، يا شايد هُوءَ پاڻ کي ان ڪر ي به سجاڳ ٿي رکي، جو هُن چاهيو پئي ته هُن کي سڀ ڪجهه نوٽ ڪرڻو ۽ لکڻو به آهي. ان کان علاوه ازين، زمين، گلن ڦلن، پهاڙن، ريگستانن، واچوڙن جي ... جو اهي سڀ ته عارضي شيون هيون، سفر ۾ هُن ته آسمان جي وشالتا ڏانهن ڏسڻ کي به ڪونهي وساريو ۽ جي ڀلا هُوءَ آسمان کي ڏسڻ وساري ويهي ها، ته ڏک منجهان ههڙا احساس ڪيئن لکي سگهي ها: · اسان هيتري مسافريءَ ۾ اڃا ڪو به پکي آسمان تي اُڏامندي ڪونه ڏٺو آهي، اگرچه رستي ۾ ڪي ٻنيون گهر ۽ جهوپڙيون ڏسڻ ۾ به اچن پيون. ۽ ايئن سفر ۾ سڄي رات جاڳي، رات جو اٺين کان ٻئي ڏينهن رات جو اٺين وڳي تائين، چوويهن ڪلاڪن دوران، هُن جيڪي ريلوي اسٽيشنون رستي ۾ ڏٺيون، انهن جو اندراج به هُوءَ پنهنجي هن سفرنامي ۾، باقاعده انهن جي نالن سان ڪندي وئي آهي. · مستونگ، ڪانڪ، شيخ واصل، ڪردگان، گلنگور، ڪشنگي، نشڪي، احمد وال (بقول سندس جي هر اسٽيشن تي، گاڏي، ڪلاڪ ڏيڍ ضرور بيٺي ٿي) رستي ۾ ريلوي اسٽيشنون ڪي ٻيون به آيون، پر رات جي اونداهيءَ يا ننڊ جي جُهوٽي سبب، انهن جا نالا آءٌ نوٽ ڪري نه سگهيس. هاڻي هن زيارت نامي ۾، دلشاد بيگم جي دل شاد ڪري ڇڏيندڙ اسلوب ۾، صبح جي نمودار ٿيڻ جو دلفريب منظر ڏسو: · جبلن تي طلوعِ آفتاب جو نظارو... ڏسڻ جهڙو هو. ڄڻ ڪنهن ناهموار زمين تي، ڪنهن زرين (سونهري) گلم وڇائي ڇڏيو هو. صبح جي ان فرحت ڀري هوا ۾ هاڻي ريل جڏهن ’نوڪنڊي‘ ريلوي اسٽيشن تي اچي بيهي ٿي، ته هُو بي پناهه خوشيءَ منجهان، ڊائريءَ ۾ لکي ٿي: · شڪر... هتي ڪي ته پکي ڏسڻ ۾ آيا، شايد ڪانگ هئا، پر تمام ڪارا ۽ وڏا. مکيون به هيون ۽ فقير به تمام گهڻا هئا، جن کي شايد مانيءَ کان وڌيڪ، پئسن جي ضرورت هئي، جو اڪثر پئسن جي طلب ٿي ڪيائون. مکيون، ڪارا ڪانگ، فقير ۽ ڊگهو سفر درپيش هجي، ته ڪنهن نه ڪنهن وقت، مسافرن کي بيزار ته ٿيڻو ئي هو، اهڙيءَ صورتحال تي، هم سفرن جي حالت تي هُوءَ هيئن ٿي تبصرو ڪري: · ڪِن ڪِن ماڻهن جي مُنهن مان ته يتيمي اُڌما ڏيو پئي نڪتي، ماڻهن جو ڳالهائڻ، سامان جي پِيهه، ٻارن جو روڄ راڙو... مطلب ته واويلا لڳي پئي هئي. ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن(1) تي پهچڻ ۽ اتان ٻئي ڊگهي سفر تي روانو ٿيڻ لاءِ، سواري هٿ ڪرڻ ۽ اتان روانو ٿيڻ کان اڳ، اتي عارضي رهائش وارا جيڪي مرحلا آيا پئي، انهن جو بيان به... بلڪه حُسنِ بيان، دلشاد بيگم جي دلپذير لفظن ۾ ملاحظه فرمايو: · اگرچه خبر هئيسين ته، منزل ۽ فرحت ٻئي، اسان کان گهڻو پري آهن، نيٺ گاڏي ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ۽ قيامتِ صغرا جو نقشو، اکين جي اڳيان ڦِري ويو. اسان کي ويٽنگ روم ۾ ويهاري، هم سفرَ سامان لاهڻ لڳا. جڏهن سامان لهي چڪو، تڏهن اَٺ ٽانگا اسان لاءِ آيا ۽ هر هڪ ۾ ٽي ماڻهو، سامان کان سواءِ چڙهي ويٺا. زاهدان ڏانهن وڌندي ۽ شوزگي ريلوي اسٽيشن وٽان لنگهندي پنهنجي برٿ تي ويهي، هن هيءُ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ به ڪيڏي نه دل ڇُهندڙ منظر نگاري ڪئي وئي آهي: · آءٌ مٿئين سيٽ تي ويٺي لکان ۽ (2)ناهيد (ڌيءَ) منهنجي ڀر ۾ سُتل آهي، اسين ديارِ محبوب جي آهسته آهسته ويجها ٿيندا وڃون ۽ پنهنجي سرزمينِ پيدائس کان آهسته آهسته پري... انهيءَ دوران سفر ۾ رات جي اونداهي ۾ بنتِ قليچ کي رات جي نِپُٽ ڪاراڻ ڏسي، اجنبي ديار ۾ هيءُ ڏسو ڀٽائي صاحب... هيءُ ڏسو ڪيئن نه ياد پيو آهي: · چوطرف اونداهه آهي... ۽ اونداهي به 29 هين تاريخ جي، جنهن جي باري ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي: ڪاري رات ڪچو گهڙو، اوڻٽيهن اونداهِي. زاهدان(3) اڃا پري هو ۽ اونداهي رات جي اوندهه ۾ جاڳندڙ دلشاد بيگم کي اوچتو... سفر دوران تارن ڀريل، ان اداس رات ۾، ٺيڪ هڪ سال اڳ وڇڙي ويل اُن ساٿيءَ جي ياد ٿي اچي، جنهن سان 3 جولاءِ 1924ع تي هن لانئون لڌيون هيون... هيءُ ڏسو ڪيڏيءَ نه اداسيءَ منجهان هُن لکيو آهي: · انڌيري ۾ جبلن ڏي نهاريندي، نگاهه آسمان ڏي به وئي ۽ هلالِ رجب المرجب (1366هه) 1947ع نظر آيو، طبعيت اڳي ئي پريشان هئي، پر ياد رفته رفته دل کي زير و زبر ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ خنجر نما هلال جو خنجر دل جي گهِراين ۾ پيوست ٿي ويو. ڇو ته انهيءَ ئي مهيني ۾ مون پنهنجي زندگيءَ جو اصل ۽ سچو وفادار ساٿي (حيدر قلي بيگ مرزا)(1) وڃايو. هلال رجب سڄي سال جي ڦيرن گهيرن ۽ نشيب و فراز ۽ زماني جي ناسازگار حالتن کان پوءِ زاهدان جي ٽرين مان ويندي، جبل جي چوٽيءَ تان ڏسبو، اِها خبر يا ڪو خواب خيال به اڳي ڪونه هو. هن دلي خيالات جي بيان جو سفر سان ڪوبه واسطو ڪونهي، پر انسان ته مجبور آهي ۽ دل جي ڳالهه زبان تي اچيو وڃي نيٺ... رات جو بيگاهه مهل ۽ ماحول جي سناٽي ۾ لکندي لکندي هاڻي هڪ نئين صورتحال، دلشاد بيگم جي آڏو ٿي اچي... ۽ اُها صورتحال هيءَ!! ته ريل جي ڪمپارٽمينٽ ۾ اوچتو ڪي چورَ ٿا چڙهي پون. تڏهن اداسيءَ ڀريا اِهي مٿيان جملا لکندي لکندي، هاڻي هُن جي قلم مان ههڙا پريشانيءَ ڀريا جملا ٿا لکجي وڃن: · گاڏي آهسته آهسته پئي هلي. زاهدان هاڻي ويجهو هو. اوچتو گوڙ... گڙ ٻڙ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ائين پئي سُجهيو ته اڪمل بيگ (ننڍو ڀاءُ) جن واري گاڏي ۾ ڪو ڌڪا ڏئي ڪنهن کي لاهي پيو. شايد ڦورو ڇوڪرن مان ڪو ٻاهران گاڏيءَ کي چنبڙيل هو ۽ هُنن ٽارچون ٻاري سڏَ ڪري پئي چيو ته انهيءَ جو سماءُ ڪجو. قنبر علي (ليکڪا جي سؤٽ جو پٽ) جن واري گاڏيءَ مان به هڪلون ۽ ٽارچ جون روشنيون ڏسڻ ۾ آيون.. انهن روشنين ۾ اسان به ڏ ٺو ته هڪڙو ماڻهو ڳوڻيءَ جهڙي شئي کنيو ڊوڙندو پيو وڃي... ۽ هڪڙي هنڌ ڌڪو کائي ڪِرِي پيو. دلشاد بيگم جي مٿئين پيراگراف کي پڙهندي اوچتو لڳيم ٿو... هيءُ ڪنهن گهريلو خاتون جي روزنامچي ۽ زيارت نامي بدران، آءٌ ڄڻ ’اَلف ليليٰ‘ جي ڪنهن قصي کي پيو پڙهان... ڦورُو، هڪلون، ٽارچون، اونداهي، ڪارا ڀوائتا ڪانگ... ۽ وک وک تي چورن جو ڊپ... (۽ باوجود خبرداريءَ، چوڪيداريءَ ۽ وڏي اٽالي جي، سامان هُنن جو پوءِ به هنڌَ هنڌَ تي چوري ٿيندو ٿو رهي) ريل جي انهيءَ پُرخطر سفر کان پوءِ، زاهدان جي جنهن مسافرخاني ۾ هُو اچي قيام ڪن ٿا. سخت خوف دلشاد بيگم کي ته اُتي به محسوس ٿئي ٿو ۽ ڀلا ڇا جو خوف؟ ۽ ڪنهن کان خوف...؟ ته اِهو، خود ليکڪا جي پنهنجن لفظن ۽ اسلوب ۾ پڙهي ڏسو: · سراءِ (مسافرخاني) جي جانچ ڪئيسين ته اُتي هر هڪ گهر ۾ کُوهه هو. وري در کان ٻاهر به هڪڙو وڏو کُوهه هو. اسان کي ته ننڍڙن ٻارن(2) جي ڪري تمام خوف هو . سو گهر جي اندر واري کُوهه کي ته پيٽين ۽ ڪرسين سان بند ڪري ڇڏيوسين پر ٻاهريان ته چؤطرف کان کُليل ئي هئا. هتي هاڻي، حاضر دماغ دلشاد بيگم جي پُرلطف ۽ پُرمزاح مشاهدي جو هيءُ هڪڙو ٻيو انداز به ڏسو. لکي ٿي: · سڀ ٽانگا پِيلي رنگ جا نوان نڪورا ۽ هڪجهڙا هئا. جڏهن سڀ مسافر چڙهي ويٺا، ته گاڏيون قطار ڪري هلڻ لڳيون ۽ ٽانگن وارا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا هليا، ته ههڙو وڏو لشڪر، گڏ مسافري ڪندي، اسان ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي يعني چشمِ بدور... ههڙي وڏي فيملي؟(3) ۽ ان کان پوءِ مسافرخاني ۾ قيام پذير ٿيڻ وقت هن فيمليءَ سان جيڪو ڪجهه پيش اچي ٿو، دلشاد بيگم جي اسلوب ۾ ٿورو ان جو پُراسرار بيان به پڙهندا هلو: · ڪوئيٽا ۾ اسين عارضي رهائش لاءِ ينگ مسلم ائسوسيئيشن (انجمن) ۾ پهتاسين. اسان جي رهائش واريءَ جاءِ ڀرسان ٻي به ڪوٺڙي هئي، جتي اسان وانگر ڪي لکنوي زائر لٿل هئا. اندر لنگهڻ سان پهرين نظر هڪ ڪافن (تابوت)... مطلب ته لاش تي پئي. اسين ڊڄي وياسين ته خدا خير ڪري، سؤڻ سٺو نه ٿيو. منجهس ڪنهن زال جي لاش پيل هو ۽ ڪن ماڻهن اهو لاش ڪربلا معليٰ ڏي دفن ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مائيءَ کي گُذرئي ڇهه سال ٿيا هئا ۽ هتي به انهيءَ لاش کي آئي ڇهه مهينا ٿيا هئا. هاڻي سگهو ئي اُهو اُتان روانو ٿيڻو هو. زاهدان کان ايران ڏانهن وڃڻ لاءِ هنن مسافرن هاڻي بسن جي ذريعي سفر شروع ڪيو ۽ ان سفر ۾ هن قافلي کي جنهن خشڪ ۽ سپاٽ دشتَ مان گذرڻ جو مشاهدو ٿيو ، ٿورو اُن دشتِ لوط جو به ذڪر ٿي وڃي: · رات جي 12 بجي جو ٽائيم هو. اوچتو عجب قسم جي گرمي ۽ حبس پيدا ٿيڻ لڳو ، آتشي جهولو پئي لڳو، ٻانهن ٻاهر ڪڍڻ سان ائين ٿي سمجهه ۾ آيو، ته ٻرندڙ باهه جي مٿان بيٺا آهيون. معلوم ٿيو ته دشتِ لوط جي زمين تان گذرون پيا. مقدس مقامات جي زيارتن جي سلسلي ۾، عزمِ سفر هنن زائرين جي پهرين منزل هئي؛ مشهد مقدس جتي شيعن جي اٺين امام حضرت امام رضا عليه السلام جو روضهء اقدس(1) آهي. هنن مسافرن جي بس، جيئن ئي ان روضهء مبارڪ کي ويجهي ٿي ٿئي . هوءَ لکي ٿي: · اوچتو اسان جي لاريءَ جو ڪلينر سيد محمود اٿي بيٺو ۽ زور سان صلوات جو نعرو بلند ڪري، مبارڪ مبارڪ جو شور ڪيو . اسان ڪو نه سمجهو ته ڇا آهي! پر هن اشارا ڏئي ٻڌايو ته روضهء اطهر جي نِيل مبارڪ ڏسڻ ۾ پئي اچي، اسان مان سڀني جون اکيون اشاري ڏي ويون ۽ پري پري زمين ۽ آسمان جي وچ واري گَهرائي ۾ عيد جي چنڊ وانگي نيل مبارڪ کي ڳولڻ لڳيون . هتي پڙهندڙ حضرات، هِن ڳالهه کان به آگاهه رهن ته شيعه ٽالپر بادشاهن جي ايامڪاري کان وٺي، ٽالپر خانوادي ۽ خود ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزائن جا مشهد ۽ مولا ڪربلا ۾ موجود، مقدس روضن جي خُدامن سان ، اڄ تائين خصوصي تعلقات رهندا پيا اچن . ان ڪري حسبِ دستور دلشاد بيگم جي خاندان جي مَردن، مشهد ۾ روضهء اقدس جي خُدامن کي پنهنجي آمد جو اطلاع اڳواٽ ئي ڏئي ڇڏيو هو. ان بابت هوءَ لکي ٿي: · ٽن چئن ميلن جي پنڌ کان پوءِ، اسان جون لاريون مشهد مقدس جي بازارن مان گذرڻ لڳيون ۽ آخري منزل تي اچي بيٺيون . اتي جو خدام ، اسان کي وٺڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن يا رشتيدارن سوڌو موجود هو ۽ جاءِ ڏيکارڻ لاءِ ”رئيسن“(2) کي وٺي ويو. هيءُ 1947ع جو سن هو. اسلامي مهينو رجب . گويا اِن سن ۽ مهيني تائين مشهد جي مسافرخانن ۾ اڃا بجلي (لائيٽ) جو رواج نه هو، ۽ اهڙي معلومات دلشاد بيگم هن طرح پنهنجي روزنا مچي ۾ اسان کي ڏني آهي: · مسافرخاني ۾ بجليون ڪونه هيون. رات جو سويري ساجهر ٽيبل ليمپ... گهر جو سنڀالندڙ نوڪر... ٻاري هر ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ رکي ويندو هو. انهيءَ مسافرخاني ۾ پهتل، هنن مسافرن جي تذڪري ۾، دلشاد بيگم جي بيان جو ٿورو هيءُ رنگ ۽ ٻولي به ڏسو: · سڀ ٿڪل ٽُٽل ماڻهو... چار ڏينهن لارين جا ڇاڇوليل ۽ ولوڙيل... زالون... مڙس... ٻار... ٻچا... نوڪر چاڪر، سڀ ”فنا“ ٿي سمهي رهيا. هاڻي ان ديار ۾ صُبح جو، پرده دار خاندان سان تعلق رکندڙ، دلشاد بيگم، جڏهن سراءِ ۾ سجاڳ ٿئي ٿي، تڏهن سراءِ کان ٻاهر، بازار ۾، هن کي 1947ع وَاري ماڊرن ايران جا ههڙا مشاهدا ٿا ٿين: · ايراني زال، ڪنهن کي به نقاب ڪونه هو. رڳو هڪڙي چادر ويڙهيو پئي هليون. سڀني جا مُنهن اَڌ کليل هئا ۽ مڙسن، کي انگريزي سوٽ هئا. زالن جو لباس به انگريزي گون جهڙو هو. جوراب به عام خاص کي پيل هئا. وار به ڪتريل هئن. ڪي ڪي زالون ته اصل انگريز زالن وانگر مٿي اگهاڙيون به پئي هليون. بعد ۾ اهي ئي ايراني عورتون، جڏهن هنن سان ملڻ اچن ٿيون ته هوءَ انهن بابت ٻڌائي ٿي: · ايراني زالون به سراءِ ۾ ملڻ اچن پيون، پهرن جا پهر ويٺيون ڳالهيون ٻوليون ڪنديون آهن. هنن ايراني زالن کي شيشي جون چوڙيون تمام پسند آهن، اتي شايد اصل ڪو نه آهن، اسان سڀني، هنن کي چوڙيون ڏئي ڇڏيون آهن. ۽ هاڻي ذڪر، ان هستيءَ جي مقدس مزار ۽ صحن امام جو، جنهن جي شوق زيارت لاءِ هيءُ قافلو ٽنڊي ٺوڙهي مرزا پاڙي حيدرآباد مان ڪيئي ڏينهن اڳ روانو ٿيو هو ۽ هن منزل تي پهچڻ بعد ،جيڪو نظارو هنن کي هاڻي نصيب هو. ان جو بيان دلشاد بيگم جي قلم-اک سان ڏسو: · زيارت لاءِ اندر ويندي (ٻين سڀني وانگر) اسان کي به انهيءَ قيامت جي شور، غوغاء ۽ انسانن جي گذرندڙ سيلاب ۾ لڙهي وڃڻو پيو. ڪابه پنهنجي پرائي جي خبر ڪانه ٿي پئي، نه ڪنهن کي ڪنهن ڏٺو يا سڃاتو ٿئي، نه ڪو ٻار ٻچو ئي نظر ٿي آيو، نه ڪنهن جو ڳالهائڻ ٻڌي ۽ سمجهي ٿي سگهيو. هڪڙو زيارتين جو آواز، صلواتن جو شور ۽ ڪڏهن گريه و زاري جا آواز... هزارين ماڻهو رُنا پئي ۽ دانهون به پئي ڪيائون... والله !! هڪڙو عجيب منظر ۽ عجيب وقت هو. اسين به ڦرندا گهرندا، ماڻهن جي جانڊاهه ۾ اٽي وانگي پِسندا، اهڙي جاءِ تي پهتاسين، جتي گهٽيءَ جهڙو سوڙهو رستو هو... عطر، روضي تي لائڻ لاءِ گهران کڻي آيا هئاسين. اُهو هٿن ۾ وجهي ضريح کي مليندا اڳتي پئي وياسين. هن، روضهء اقدس جي چپي چپي جي زيارت ڪندي ۽ ايراني فن نقاشيءَ جو جائزو وٺندي ، ان ساڳي ئي بيان ۾ ، اڳتي هلي لکيو آهي: · هر طرف اهڙا عجيب ڪم ٿيل هئا جو آءٌ ته ڇا، پر انهن جو بيان وڏا وڏا مصنف، شاعر ۽ قصه گو ۽ آرٽسٽ به ڪري ڪونه سگهندا. اسان وارن مان... گهڻا ماڻهو، جي هميشه تاج محل ۽ آگري جي عمارتن جي تعريف مان ڍاپندائي ڪين هئا ته دنيا ۾ بي مثال عمارت آهي، سي به دم بخود رهجي ويا. ۽ هاڻي، دلشادبيگم جي ”حسنِ بيان“ ۾ ”صحنِ امام(1)“ جو هي دلپذير منظر ملاحظه فرمايو: · نماز ۾ هزارين ماڻهو سجده ريز پيا هئا، ۽ خاڪِ شفا جي ٽڪين جا به هر طرف انبار لڳا پيا هئا. ماڻهو جاءبجاء ائين پکڙي پيا هئا، جيئن سمنڊ جي ڪنارن تي سِپُن جو ڳوڙهه پيو هوندو آهي يا چادرِ آسمان ، ستارن سان پئي چمڪندي آهي. صحنِ امام رضا ۾، ستارن جي هيٺان ٽنڊي ٺوڙهي جون جيڪي خواتين نياڻيون ۽ ٻارڙيون، اُتي 1947ع ۾ موجود هيون. خوشا قسمت! انهن ۾ 12 ساله ثريا بيگم بنت ناصر علي به هئي. خدا ڄاڻي ان وقت هن جي ذهن ۾، اِنَ صحنِ اقدس ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش هئي يا الائي نه؟ پر 1997ع ڌاري 62 ورهين جي ڄمار ۾ وفات کان ٿورو وقت اڳ هن ضرور اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو هو، جيڪا بلا آخر هُن جي ورَ عابد حسين مرزا بهرحال پوري ڪئي. عجب اتفاق هُوءَ جنهن امام بارگاهه ۾ امانتاً دفن هئي، اُن جو نالو به ”صحنِ قدس“ ئي هو ۽ جُون 1947ع ڌاري جنهن وقت دلشاد بيگم ۽ ثريا بيگم زندهه و پائنده ان ”صحنِ امام“ ۾ موجود هيون، ان بابت دلشاد بيگم لکي ٿي: · سنگِ مرمر جي پلين (plane)، رنگين ۽ لهرن وارا... عجيب نقش و نگارن سان وڏن چورس ٽڪرن جي فرش تي جاءبجاء تاريخون ۽ نالا لکيل ڏٺاسين. پوءِ معلوم ٿيو ته جنهن وسيع ۽ عريض صحن تان اسين گذرون پيا، انهن ۾ هزار ها مومن مدفون ٿيل آهن. خبر پئي، هڪڙي ماڻهوءَ جي مدفن لاءِ اٺ هزارن کان وٺي پنجن ۽ ٻن هزارن تائين موقوف آهي . جئين ويجهو زمين هوندي تيئن قيمت به گران هوندي. 1947ع ۾، ”صحنِ قدس“جي فرش تي هلندي ، اسان جي هن 47 ساله ليکڪا، دلشاد بيگم جي دل ۾ به ان صحن ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش ۽ حسرت ضرور پيدا ٿئي ٿي ۽ ان جو اظهار هوءَ هيئن ٿي ڪري: · بحرِ سخا جي شفاعت ۽ حمايت کان اسين نا اميد ڪو نه آهيون . اسان جو جسم خاڪ ٿي وڃي ٿو ، پر روح زندهه جاويد آهي . انشاءالله! صحنِ امام ۾ چُڳندڙ ڪبوترن وانگي (جي هزارن جي تعداد ۾ اندر ٻاهر بلڪه ضريح اطهر تي پرواني وانگي اڏامندا نثار ٿيندا وتن)، هڪ ڏينهن اسان جو روح به اُتي مصروفِ طواف هوندو. مشهد مقدس ۾ امام رضا عليه السلام جي ضريح مبارڪ ۽ ٻين مقدس زيارتن جو شرف حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن خاندان جي هاڻي، ٻي منزل هئي- ”عراق“ ! · اسان هتان ڪربلا ڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جا لاري ڊرائيور به سڀ ويٺا آهن، جو ڪربلا ڏي وڃڻ لاءِ انهن سان ئي معاملو طئه ڪيو ويو آهي: ڪربلا معليٰ ڏانهن بسن ۾ سوار ٿي ايران کان عراق ڏانهن اُسهڻ کان پهرين ، دلشاد بيگم اسان کي هي به اطلاع ڏئي ٿي: · اسان مان گهڻيئي (يعني ان سفر ۾ شامل خان بهادر منو چهر بيگ جو خاندان، جيڪو 1926ع ۽ 1929ع ڌاري پڻ زيارتون ڪري آيو هو) اڳئي وَيلَ به موجود آهن، انهن ٻڌايو پئي ته امامِ مظلوم، شهيدِ ڪربلا جو روضو مبارڪ به ايران ۾ موجود روضن وانگر، بي مثال ۽ لاجواب آهي. ايران جي حد ختم ۽ جتان عراق جي سرحد شروع ٿئي ٿي، اُتي پهچڻ بعد، پري کان، دريءَ مان، هُن عراق طرف جو اِجهو، ههڙو منظر ڏٺو آهي: · هتان ئي کجين جا وڏا باغ ۽ تمام وڏا وڏا صحرا ۽ انهن جي ڪنارن تي تمام پري جبلن جو سلسلو ... رڳو دونهين وانگي نظر پئي آيو. ۽ ايران کان عراق ڏانهن ويندي، رستي جي ڪيترين ئي سفر وارين اذيتن کان پوءِ ، بغداد شهر پهچڻ تي ، هو بيحد خوش ٿي لکي ٿي: · ويران پنڌ کان پوءِ، شهر بغداد جي عاليشان باغن ۽ خوبصورت رستن، بازارن هوٽلن ۽ پارڪن کي ڏسندا، اسين بغداد ۾ داخل ٿياسين، شيخ ڪاظم (اسان جو ميزبان) جنهن کي اسان جي اچڻ جي اڳئي خبر هئي، بيٺـو هو ۽ اسان جي جاءِ قيام جو به، اڳ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو هئائين. بغداد ڪاظمين پهچڻ بعد، دلشاد بيگم اُتي جي مقدس زيارتن جو احوال ڏاڍو خوبصورت رقم ڪيو آهي: · رات جو زيارت لاءِ روضي ۾ وياسين. ضريح مقدس سون جي چمڪندڙ ڄاريءَ سان هئي. ضريح جي اندر ٻه مزار شريف هئا:(1) امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جو ۽ ٻيو امام محمد تقي عليه السلام جو. اتي مينا ڪاري، شيشي، ڪاشيءَ ۽ بلور جا سون چاندي جا .. بيمثال نمونا هئا. بيان جي طاقت ناهي. خدا شَل سڀ مومن کي همٿ ۽ استطاعت ڏي ته وڃي پنهنجي اکين سان ڏسي، دل خوش ڪن ، ۽ ڏسن ته هنن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ دنيا ۽ دنيا جي ناقدر شناس بندن ڪو به ظلم ۽ ڪا به سختي نظرانداز نه ڪئي هئي، پر هنن جي ابدي حڪومت، الله پاڪ جي حڪومت لازوال جي دوش بدوش اڄ به جلوه فگن آهي. دلشاد بيگم ۽ ان جا هم سفر ڪاظمين(1) ۾ پنجَ ڏينهن رهيا، انهيءَ کان پوءِ وري سفرن بابت، هن لکيو: · اسين سامري به وياسين، جتي رستي ۾ امام مهدي آخر زمان جي ڀاءُ حضرت جعفر عليه اسلام جي زيارت ڪئي سين. پوءِ سامري شريف ۾ يارهين امام، امام حسن عسڪري عليه السلام ۽ جنابِ نرجس خاتون (والده امام مهدي) جي مزارن جي به زيارت کان مشرف ٿياسين، هيءُ روضو به حقيقت ۾ سجده گاهِه ملائڪان آهي.امام آخر الزمان جنهن غار ۾ غائب ٿي ويو آهي.(2) انهي جي زيارت به هيٺ تهه خاني ۽ اونداهيءَ ۾ هئي، اتي به وياسين، انهن سڀني زيارتن مان فارغ ٿي، تڪڙ پڪڙ ڪري لارين ۾ چڙهياسين، جو اسان جي لارين کي دجله ندي جي وڏي پُل، جيڪا ٻيڙين سان ٻڌل آهي، اُنهيءَ تان لنگهڻو هو. ۽ اها سَرِ شام بند ٿَي ٿِيو- وئي . ڪاظمين ۽ سامره جي انهن مقدس زيارتن بعد ، هوءَ دلي حُبَ ۽ اندر جي سمورين عقيدت کي، خيالن ۾ سميٽي ، هنن اکرن ۾ پاڻ کي اظهاري ٿي: · اسين هاڻي امامِ مظلوم... جنهن سان اسين گهڻو مانوس آهيون... ڪربلا زيارت لاءِ وڃي رهيا آهيون. جيئن مون مٿي به ڄاڻايو آهي ته خوش قسمتيءَ سان، هن سرزمين ۽ هن ديار جي، خدامن سان ٽنڊي ٺوڙهي جي هن مرزا خاندان جا، نسل در نسل ديرينه تعلقات پئي رهيا آهن سو اِن نسبت سان هُوءَ هِتي لکي پئي: · شيخ ڪاظم جو ننڍو ڀاءُ اسان کي ڪربلا تائين اماڻڻ آيو هو ۽ اڄ صبح جو ڪربلا جو خدام ، سيد عبدالحميد شاهه اسان کي ڪاظمين مان وٺڻ آيو هو ۽ موٽي، اسان سان گڏ... ڪربلا هليو هو. ۽ هاڻي منزلِ مقصود تي پهچڻ کان اڳ، اِن رستي ۾ ايندڙ، ڪجهه ٻين زيارتن جو ذڪر به، دلشاد بيگم جي زباني ٻڌو: · 3 بجي ڌاري اسين حضرت امير مسلم بن عقيل(3) جي معصوم صاحبزادن حضرت محمد ۽ جناب ابرهيم جي روضي تي پهتاسين. ضريحون، هڪ ٻئي جي برابر هيون. اسان ضريح مان مزارن کي هٿ لائي ۽ چمي به سگهياسين . هنن معصوم شهزادن جي روضه وٽ، هڪ ديوار تي، دلشاد بيگم ڪربلا جي ڪوس بابت، ڪن ايراني آرٽسٽن جون ٺاهيل ڪي خيالي تصويرون، زندگيءَ ۾ شايد پهريون ڀيرو ڏٺيون هيون سو انهن بابت هُن اجهو ههڙن لفظن ۾ انهن جي منظر نگاري ڪئي آهي: · سَرِ اطهر جي جاءِ.. نور جو روشن هالو هو ۽ هيءُ اُهو جسم مبارڪ هو، جنهن جي پرورش ۽ نشونما، شِير جنابِ فاطمه سانئڻ تي ٿي هئي ۽ جنهن جي جسم کي خود رسول الله ﷺ بار بار پنهنجو جسم مبارڪ سڏڻ فرمايو هو. انهيءَ تي بي شمار تير لڳل هئا ۽ لباس سڄو رت ۾ ڳاڙهو ٿيل هو. پري پري خيامِ اهلبيت به بيٺل هئا ۽ ذوالجناح به ڪنڌ جهڪايو، خالي بيٺو هو. ٿورو پري فوجِ حسيني جي ڪمانڊر سقاء سڪينه حضرت عباس علمدار جو لاش مبارڪ به، بي سَر پيل هئي ۽ بازو به ٻئي جدا پيل هئا . اگرچ هيءَ هُئي ته هڪڙي خيالي تصوير، پر ان مهل ڏسڻ ۾ دل ۾ اصلي واقعات جي نقش سان عجيب اثر ٿي ڪيائين . هتان روانگي بعد... ٿورو سفر ڪري دلشاد بيگم، هاڻي جنهن درياء جي ڪناري سان سفر ڪري ٿي، انهي جو نالو آهي: ”نهرِ فرات!“ (1) · هلندي هلندي اسان نهرِ فرات ڏٺي. وڏي نهر هئي. پاڻيءَ ڇوليون پئي هنيون. دل تي هڪڙو تير لڳو . اي خدا ! هيڏي وڏي درياء تان تنهنجو پاڪ ۽ برگزيدو بندو، ۽ تنهنجي محبوب جو محبوب حسين عليه السلام ئي هو، جيڪو پنهنجي رفقاء جي همراهيءَ سان، هن آبِ روان تان سيراب نه ٿيو. فرات جي ڪناري ڪناري هلندا... پنجين بجي ڌاري هاڻي اسين ”ڪربلا شهر“ ۾ داخل ٿياسين، اگرچ امام حسين عليه السلام جي روضهء پاڪ جون نيلون ۽ گنبد لاريءَ مان لنگهندي ڏسي، روح خوش ٿي ويو آهي ۽ گوهرِ مقصود، دامنِ تمنا ۾ اچي چڪو آهي ۽ توقع آهي ته عنقريب، زيارت لاءِ اتي وينداسين ۽ نهايت جلد اسان جي ڪُل محنت، ڪشالا انشاء الله! ساب ٿيندا. ۽ ڪربلا قتل گاهه جي زمين تي بس منجهان اکيون پير ڪري لهڻ بعد، فوراً ئي، دل ۽ دماغ ۾ بيپناهه عقيدتون ۽ لڙڪن جو نذرانو کڻي، هي قافلو هڪدم ئي صحنِ امام ۾ داخل ٿئي ٿو: · اسين اندر داخل ٿيڻ سان روضهء پاڪ جي بيروني عاليشان دروازي مان لنگهياسين، دربار عاليءَ ۾ عام دربار لڳي پئي هئي. جت شاهه و گدا، امير ۽ فقير، خاص ۽ عام کي، بنا روڪ ٽوڪ اچڻ جي اجازت هئي. اسان جون اکيون، اندروني دروازي جي ديده زيبيءَ ۾ غلطان هيون ۽ قدم جلدي ۾ خود به خود ڪفش بردارن ڏي وڃي رهيا هئا. ڪفش بردار، زائرين کان جيئن عقيدت سان جُتيون وٺي رکي رهيا هئا، دلشاد بيگم کي سندن اهڙي انداز به ڏاڍو متاثر پئي ڪيو، هوءَ لکي ٿي: · ڪفش بردار... امام جي زائرين جون جُتيون اکين تي ڪريو رکن ۽ اسين انهن جي اڳيان، جُتي لاهيندي عرقِ ندامت ۾ غرق ٿيو وڃون. هنن جي چهرن ڏي ڏسندي ۽ جُتيون پيش ڪندي تمام خجالت ٿي ٿئي. اسين... لحاظ جي ڪري پنهنجي جنهن نوڪر کي فقط اُونڌي پيل جُتي سَنئين ڪرڻ جي لاءِ چوڻ به، شرمندگي ۽ بد تهذيبي سمجهندا آهيون. ياد رهي ، ته امام عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام جي روضهء مبارڪ ۾ اندر داخل ٿيڻ جا روايتي آداب هئا ۽ اڄ به آهن ۽ اُهي ڀلا ڪهڙا ! ؟ ۽ ان جو بيان به دلشاد بيگم جي لفظن ۾ پڙهو: · وڏا صحن لتاڙي اندرئين دروازي تي پهتاسين. خدام َ، خوش الحاني سان زيارت پڙهائڻ شروع ڪئ ۽ اندر داخلي لاءِ اجازت طلب ڪئي: السلام عليڪه يا اباعبدالله... السلام عليڪه يا ابنِ رسول الله ۽ ائين زيارت پڙهي، بابِ عالي تي. سرِ نياز خم ڪري اسين ضريح مقدس ڏي هليا وياسين. روضهء اطهر امام حسين عليه السلام ۽ ان ئي ضريح مبارڪ ڀرسان شهزادي علي اڪبر ۽ شهزادي علي اصغر(2) جي زيارت بعد، دلشاد بيگم هاڻي اسان کي روضهء مبارڪ جي سموري اندرِين ۽ آس پاس واري صورت حال کان آگاهه ڪندي لکي ٿي: · امام حسين عليه السلام جي ضريح مبارڪ جي پاسن کان، ٻنهي شهزادن جا ٻه ضريح مبارڪ هئا. ڪجهه ٿورو پري، گنجِ شهيدان (ڪربلا جي شهيدن جو گڏيل مرقد) انهي کان پوءِ فديئه امام... حضرت حبيب ابن مظاهر (امام حسين عليه السلام جو بهترين بزرگ دوست) جي ضريح... ان کان اڃا ڪجهه پري، قتل گاههِ حسين ابنِ علي... ۽ هي سڀ، ائينءَ پکڙيا پيا هئا ۽ اهڙا منتشر پئي لڳا، جيئن اونداهي رات ۾ چادرِ آسمان تي ستارن جي دنيا نظر ايندي آهي. بي ساخته دل مان آواز آيو: ڏٺم، ماڻهو ضريح مبارڪ کي ائين چنبڙيا پيا هئا، ڄڻ سڄي دنيا جي ”غرقِ دريا“ انسانن جو ”سفينهء نوح“ ۾ هٿ پئجي ويو هو ۽ هاڻي پڪ ئي پڪ سلامتي سان ڪناري تي پهچڻ ۾ ذري به دير ڪا نه هئي. هر طرف هڪڙو ئي آواز هو: ”ياحُسين!“... جو چؤطرف کان ٿي آيو. روشني ايتري هئي جو، رات جو خيال، ديوانگي هئي. سوَن جهاڙن ۽ قنديلن ۾ هزارين شمعون پئي ٻريون ۽ بي شمار بجلين جا بلب به روشن هئا. ڏيڍ کن ڪلاڪ ترسي اسين اٿياسين، جو آهسته آهسته چراغ گُل پئي ڪيائون ۽ سگهو ئي انسانن جي چارج مان نڪري، روضهء مبارڪ تي، آسماني پهريدارن جي ڊيوٽي اچڻي هئي . خير... خير سان، ڪربلا ۾ هنن مسافرن جي اها پهرين رات گذري ۽ صبح نمودار ٿيو ته ديارِ محبوب ۾ صبح جي نظاري جو منظر، دلشاد بيگم هن طرح سان ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪيو: · اسان جو مرڪز ۽ ڪئمپ، امامِ مظلوم جي روضي کان ٿوري فاصلي تي آهي، ۽ اسين سندس سايهء عاطفت ۾ آهيون. صبح جو اکين کولڻ سان پهرين نظر، نيل مبارڪ تي پوي ٿي، جا ڪڏهن خواب ۾ به نظر نه آئي هئي. ۽ ان ئي صبح جو هن قافلي کي، هاڻي حضرت عباس علمدار جي روضي تي وڃڻ جي سعادت حاصل ٿئي ٿي. ان زيارت جو احوال، هوءَ هن طرح رقم ڪري ٿي: · امامِ عالي مقام (حسين عليه السلام) جي زيارت ڪري اسين (هاڻي) حضرت عباس علمدار جي روضي مبارڪ تي وياسين. پنڌ ٿورو پري هو پر تمام گهڻو نه . ٻاهران ئي روضهء مبارڪ جو شان و شڪوه ۽ اداء بي نيازي ظاهر هو. وڏي دروازي تي ڪنڌ جُهڪائي اڳتي هلياسين. بيان جي طاقت آهي نه ضرورت. سڀني کي خبر آهي ته: هر طرف نور جي بارش هئي ۽ اکين کولڻ جي جُريَت ڪا نه ٿئي ٿي. ضريح اطهر، نهايت عمدي آهي. هيٺ مٿي چوڌاري بلور... آرسيون ڏسڻ سان تعلق آهن .رات جي وقت، جاروب ڪشن چانديءَ جي ڊگهي ڳن سان کجيءَ جي جاروب ٻڌل کڻي، رواقن ۾ صفائي پئي ڪئي ۽ ماڻهن انهن کان وٺي وٺي، پاڻ به جاروب ڪشن ۾ نالو پئي لکايو. اسين پوءِ انهيءَ جاءِ تي به وياسين، جتي حضرت عباس علمدار جا بازوء مقدس ڪپيا ويا هئا. اُهو هنڌ غار وانگي هيٺ هو. دروازي کولڻ جو حڪم ڪونهي. ٽارچن جي روشنيءَ جي مدد سان، اسان انهيءَ ارضِ پاڪ جي به زيارت ڪئي. روضهء حضرت عباس جي زيارت بعد، ديارِ محبوب ۾، هڪ ٻئي سنڌي خاندان کي اُتي هُوءَ ڏسي ٿي، ته ان جو تذڪرو ڪرڻ کان سواءِ به رهي نٿي سگهي: · صحنِ امام ۾ اسان کي خيرپور رياست جا سنڌي ماڻهو به گهڻا گڏيا. جن زالن کي نَٿُون ۽ سنڌي (اڇا شٽل ڪاڪ) برقعا پيا هئا. رستن تي پنهنجن ملڪن جا خواجه ۽ بوهري زائر به ڏٺا هئاسين. مطلب ته دنيا جي چئني ڪنڊن کان خلقت هنن هفت اقليم جي شهنشاهن جي بابِ عالي تي فيضياب ٿيڻ لاءِ اچي پئي ۽ اهو سلسلو هڪڙي زنجير وانگي ڳنڍيو هلي. حضرت امام حسين عليه السلام ۽ غازي حضرت عباس علمدار جي پُرشڪوه روضن جي زيارتن کان پوءِ ٽنڊي ٺوڙهي مرزا محله جي هن معزز مرزا خاندان جي خواتين و حضرت جو هي قافلو، جنهن روضي جي زيارت لاءِ عزمِ سفر آهي. انهي ءَ شخص جو تعارف پهرين ڀٽائي صاحب جي لفظن ۾: هئي هدايت حُر کي، ازل ۾ اصلا، چڙهي آيو جنگ تي، هلي هُن پارا، ايندي چيائين امام کي، گهوريس آءٌ مٿاءِ، لايڪلف الله نفساً الا وسعها، جيڪا پُڄندم سا، گهوٽ کي لڳا گهاءِ، هي به شير شهيد ٿيو. دلشاد بيگم لکي ٿي: · صبح جو ٽيڪسين ۾ چڙهي اسين حُر(1) شهيد جي زيارت لاءِ وياسين. حضرت حُر جو روضو امام پاڪ جي آرام گاهه کان ٽي ميل پري هو. رستي ۾ وڏا وڏا بيابان ۽ غيرآباد صحرا هئا، جي سڀ واقعهء ڪربلا جي وقت، ملعون دوزخي ڪافرن جي جمِ غفير سان سٿيل ٻڌايا وڃن ٿا. انهيءَ مقام ڏانهن ويندي دلشاد بيگم کي مُڙي ڪربلا ڏانهن ڏسڻ جو به شوق دل ۾ جاڳي ٿو، تڏهن هُوءَ مُڙي اهڙو روح پرور نظارو ڏسي ٿي... ۽ ڏسي ٿي ته ان کي بيان ڪرڻ کان سواءِ به رهي نٿي سگهي: · اسان کي رستي ۾ هلندي (مُڙي ڏسڻ تي) حضرت امامِ مظلوم ۽ حضرت عباس جا روضا .. ٻيئي ڪڏهن هڪ ٻئي جي مقابل ۽ ڪڏهن هڪ ٻئي جي ارد گرد ڦرندا نظر پئي آيا. لڳم پئي ٻنهي روضن کي قيامت تائين هڪ ٻئي جو تصدق ٿيڻو آهي. ۽ هاڻي جڏهن... نيڻ نهار تان... پري کان نظر ايندڙ حضرت حُر جي فيروزي گنبد واري مزار ۾ هوءَ جڏهن داخل ٿئي ٿي، ته اسان کي ٻڌائي ٿي: · روضي ۾ پهتاسين ته ڏٺو سين، لشڪرِ امام جي شهيدِ اَول جو روضو... مٿان ڪاشيءَ جو ۽ اندران اڇي چُن ۽ ڪاٺ جو هو. ضريح ٽامي جي آهي. پر شَرف اهو حاصل اٿس. جو بادشاهن کي به رشڪ اچو وڃي. ڪو به حضرت امام مظلوم جو زائر، جي حضرت حُر جي زيارت نه ڪري ۽ سندس سلامي نه ڀري، ته زيارت کي شرفِ قبوليت به نه ملي. حضرت حُر جي زيارت کان پوءِ، هاڻي هن قافلي کي ڪربلا مان نجفِ اشرف ڏانهن روانا ٿيڻو آهي پر اهڙي سفر اختيار ڪرڻ دوران، هن قافلي کي سخت ڳڻتي آهي ته هنن جو هڪ خاص خدمتگذار، سخت عليل ٿي پيو آهي. اهڙي پريشاني کي هوءَ هيئن اظهاري ٿي: · ڇهين بجي ڪربلا کان نجف اشرف روانا ٿياسين لونگ (نوڪر) اڃان به سخت بيمار آهي ۽ ابو (ننڍڙو نوڪر محمد صالح ڀٽي) به گڏ آهي، پنجن ڪلاڪن جي مسافريءَ کان پوءِ، اسان جون لاريون ”واديء سلام“ جي مشهور قبرستان مان گذرڻ لڳيون. تمام وڏو قبرستان آهي. هتي جي مدفون ٿيل خوش قسمت ماڻهن تي (بعد وفات) باز پُرس ۽ فِشارِ قبر قطعي معاف آهي. قبرون لکن ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد ۾ آهن.نجف ۾ پهچي... اسين پهرين ئي ڏينهن پنهنجي موليٰ ۽ آقا جي زيارت لاءِ وياسين. روضي مبارڪ جي عاليشان دروازي مان اندر لنگهياسين ۽ سرڪار حيدري نظر آئي. حضرت آدم عليه السلام ۽ حضرت نوح عليه السلام، هم جليسيءَ جو شرف حاصل ڪري چڪا آهن. جناب موليٰ علي مشڪل ڪشا جي ضريح مبارڪ، گويا نور اعليٰ نور آهي. علي المرتضيٰ، مؤليٰ علي مشڪلڪشا جي روضه جي زيارت بعد، هُوءَ لکي ٿي: · هاڻي ڪوفي(1) جي بازارن مان اسان جون موٽرون هلنديون هليون (جتان 61 هجري يارهين محرم الحرام 680 عيسوي به مطابق 11 هين آڪٽوبر... قيدي امام زين العابدين ۽ شهزادين جو قافلو، پا پياده لنگهيو هو.) · هلندي هلندي اسان جون لاريون اچي مسجدِ ڪوفه وٽ بيٺيون. مسجد جو ته شايد نالو هو، هڪڙو وڏو قلعو هو. حضرت نوح جو تنُور، جنهن مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿيو هو. اهو به گول ديوار جي اندر اُتي موجود هو. ۽ نجف اشرف ۾ ڪجهه عرصي جي قيام کان پوءِ، گويا هنن مسافرن جي زيارتن جو عمل پورو ٿيو ۽ اتان ئي، قافلي جي واپسيءَ جا سانباها ٿيڻ شروع ٿيا. 56 جي لڳ ڀڳ هنن مسافرن مان سفر دوران اڪثر ته هلڪا سلڪا بيمار ٿي، ٺيڪ به ٿي ويا، پر ٻه مسافر شديد عليل رهيا. هڪ، زوجهء قليچ بيگ مرزا (يعني فيروز بيگم والده دلشاد بيگم) ۽ ٻيو خدمتگذار ”لونگ“ ! محترما فيروز بيگم کي ته في الحال صحت ۽ حياتي ملي وئي، پر جيڪو هن دنيا ۾ زندهه حيات نه رهيو ۽ ان ديار ۾ ئي وفات ڪري ويو، اُهو هو لونگ خدمتگذار. درد ڀريي نوح ۾ انهيءَ جي وفات تي هُوءَ لکي ٿي: · اسين پنهنجي هڪڙي ساٿيءَ جي لاش کي بصري (بغداد) جي اسپتال ۾ ڇڏي البت غمگين ۽ پريشان لارين تي چڙهي بغداد جي بندر ڏي روانا ٿياسين... ٿوريءَ دير کان پوءِ (پاڻيءَ وارو) جهاز ڏسڻ ۾ آيو ۽ ور وڪڙ ڏئي اسانجون لاريون به اچي بيٺيون... جتان جهاز 12 کن والن جي پنڌ تي بيٺو هو. اوڏي مهل، ڏينهن جا ساڍا چار لڳا هئا، اسين آچر جي ڏينهن، واسووا جهاز ۾ چڙهياسين. جهاز پهرئين سيٽي هنئين ته آغا حسين علي شيخ ۽ خواجه حبيب (جيڪي هن سفر جا رهنما ۽ ميزبان هئا) موڪلائي وڃڻ لڳا ۽ دعائون ڪندا هيٺ لهي ويا. جهاز بنا ڪنهن آواز جي آهسته آهسته هلندو هليو. رڳو ڪناري وارن کجي جي وڻن ۽ گهرن جي درجي به بدرجي غائب ٿيڻ سان جهاز جي هلڻ جو شڪُ پيو ٿئي. جهاز پنجين بجي هلڻ شروع ڪيو ۽ فرات نديءَ کي چيريندو اڳتي هلندو پي ويو. رات جو يارهين بجي قرمساق بندر تي جهاز بيٺو ته چيائون هاڻي صبج جو اٺين بجي هلندو. صبح ٿيو ته ڪيئي جهاز ايندي ويندي نظر آيا. جي پنهنجي يادگار هڪڙي اڇي لڪير پٺيان ڇڏيندا پئي ويا- جا به، جلدي فنا ۾ تبديل ٿي پئي وئي. پاڻي جي انهيءَ جهاز جي ڊيڪ تان، هوءَ لهرن جي مدو جزر کي ملاحظه ڪري ٿي، ته هُن جي تخليقي ذهن ۾ ههڙي شاندار تشبيهه جُڙي اچي ٿي: · جهاز پنهنجي مخصوص رفتار سان زير زبر ٿيندو هلندو هليو. ”فرات ندي“ تان هلندي، جهاز هاڻي جڏهن، ٻي رات... اٺين بجي، خليج فارس مان لنگهيو، ته سمنڊ جي بدلجندڙ پاڻي ۽ رنگ بابت دلشاد بيگم، هيءَ ڳالهه خاص طرح سان نوٽ ڪئي: · پاڻي به آهسته آهسته رنگ مٽائڻ لڳو ۽ جهاز به ڪجهه ڪجهه رواني سان هلڻ شروع ڪيو. هيٺ سائي رنگ جو پاڻي، مٿي ڦڪي آسماني رنگ جو آسمان. وچ ۾ اسان جو واسووا... هڪڙي ننڍي محدود دنيا بردوس کنيو عروَت الوثقيٰ جو لنگر سنڀالي، خدا تي توڪل رکي ، هلندو هليو. جهاز جي اهڙي هل هلان دؤران، دريءَ مان مُڙي پويان جيڪو ڪجهه هوءَ ڏسي ٿي، ان بابت... هُن هي ڇا ته، شاهڪار سٽ سرجي ورتي آهي: · جتان جهاز هلندو وڃي، گِجي، ڪپهه جي مَڻن وانگي پکڙي پئي آهي... يا لڳي پيو ڄڻ ڪروڙين هيرا اڇلجو وڃيو پيا پري پون. سفر زندگيءَ جو هجي، ريل بس جو، هوائي جهاز يا وري پاڻيءَ جي جهاز جو، هميشه پُرخَطر ئي هوندو آهي. سو اڌ سفر ۾، هنن مسافرن جي، واسوواءَ کي به هڪڙي مقام تي سامونڊي طوفان اوچتو وڪوڙي ٿو وڃي. زندهه دل دلشاد بيگم، اهڙي صورتحال ۾ به، زندگي موت بابت، مالڪ جي وس تي ويساهه رکندي، سفر جي ان اهنج کي به، ڏاڍو سڀاويڪ ٿي وٺي، اهڙي صورتحال کي قلمبند ڪندي هُوءَ لکي ٿي: · جهاز ۾ تيز هوا سبب ان وقت ايترا ته لوڏا هئا جو اٿڻ ويهڻ جو به حوصلو ڪو نه هو. اهڙي حالت ۾ رات، جيئن تيئن گذري ۽ صبح ٿيو، پر حالتون اڃان به خراب ٿينديون ويون . جهاز ڏيڍ وال کن هيٺ مٿي ٿي، وري رول پيو ڪري. سمنڊ کي گهڻو غصو ٿو ڏسجي. ڇوليون ۽ لهريون ذري گهٽ جهاز جي ڊيڪ تي پهچڻ لاءِ، جدوجهد پيون ڪن. جيڪي ماڻهو (ان وقت) هليا چليا پئي، تن کي به بيلنس سنڀالڻ لاءِ ٽنگون ڦاڙي هلڻو ٿي پيو، يا وري ايئن پئي هليا، جيئنءَ مِينهن ۾ (گپَ مٿان) ماڻهو هلندا آهن. ۽ يارو... عزيزو... پڙهندڙو... اسان جي دلشاد بيگم جي ايران عراق جي زيارتن وارو هي بَرِي ۽ بحري سفر، بلاآخر پنهجي پڄاڻيءَ کي اچي پهتو ۽ ان سفر جي پڄاڻي، بهرحال ان ئي هنڌ اچي ٿي، جتي ان کي ٿيڻ گهرجي ها. هُوءَ لکي ٿي: · آخر سفيده سحر نمودار ٿيو ۽ رات گذري وئي. خلاصين گوڙ ڪري بندر ڪياماڙي ڪراچيءَ جا آواز بلند ڪيا. ماڻهو ڊوڙي ڊوڙي جهاز جي جنگلي تي ٽُٽڻ لڳا، جيئن ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿي وئي هجي. اندران ٻاهران نڪري، جهاز جي هر طرف ڏسڻ لاءِ پکڙجي ويا. تمام پري کان ڪناري جا موهوم نشان ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. آخر... نوين بجي (صبح جو) جهاز خدا جي فضل ۽ ڪرم سان، صحيح سلامت اچي، ڪراچي بندر تي لنگر انداز ٿيو. جهاز جي لنگر انداز ٿيڻ سان، پريان بندر تي بيٺل عزيزن قريبن کي سڃاڻي، هاڻي هُوءَ انهن بابت، جلد از جلد، ڊائريءَ ۾ لکي ٿي: · اسان وارن مان رئيس سڪندر بيگ، فرهاد بيگ (ڀاڻيجو) افضل بيگ، اجمل بيگ (ڀائر) ۽ ٻيا به ٻار ٻچا هئا، جن کي اسان سڃاتو، ڏٺو ۽ خوش ٿياسين، اسين (ان وقت) جهاز تي مٿي ۽ هُو هيٺ بيٺا هئا ۽ خوشيءَ مان سڏَ ڪري، هڪٻئي سان ڳالهايائون به پئي ۽ مزاج پُرسي به پئي ڪيائون ۽ اتان ئي مبارڪباد جا آواز به پئي ڏنائون. مسافرن جي لهڻ لاءِ، جڏهن واسووا جهاز جا دروازا کولي ٿا ڇڏيا وڃن، ته دروازن کُلڻ ۽ مسافرن جي ٻاهر نڪرڻ جا دلفريب منظر به، دلشاد بيگم ڏاڍي انشاء پردازي سان رقم ڪيا آهن: · جيئن بند ٿيل پڃري جي دروازي کُلڻ سان چِيها اڏامندا آهن، چشم زدن ۾ جهاز خالي ٿي ويو، نيٺ جهاز تي الوداعي نظر ڦيرائي، اسين به پنهنجن همراهن سان هيـٺ لٿاسين. ڪيئي موٽرون ۽ لاريون بيٺيون هيون. اسان جي پنهنجِي ۽ فرهاد بيگ جن جي موٽر به موجود هئي. اسين بنا ترسڻ جي موٽرن ۾ چڙهي روانا ٿياسين. ڏينهن ٿڌو ۽ فرحتي هو. رستي تي مِينهن جون بوندون به پيون پي ۽ آلي زمين مان معلوم ٿيو، ته ڪالهه مِينهُن وٺو هو. رستي تي ٺٽو... مڪلي... جهرڪ... ۽ ميرن جي خاندان جي ڪن فردن جا مقبرا پريان ڏسندي، ڪوٽڙيءَ مان ٿيندا، اسين حيدرآباد... يعني پنهنجي سرزمينِ پيدائش ۾ پهتاسين. سرزمينِ پيدائش ڏانهن وڌندي، يعني حيدآباد جي حدن ۽ جنم هنڌ ٽنڊي ٺوڙهي ڏانهن ويندڙ رستي ۽ گهرن واري گهٽي ڏانهن مُڙندي، هُوءَ هڪ هڪ شئي جو، بي پناهه حُبَ ۽ سِڪ منجهان اظهار ڪندي ٿي وڃي: · شهر لتاڙي... ويچاري مائي ڦليليءَ جي پُل کي پار ڪري، ٽنڊي ٺوڙهي ۾ داخل ٿياسين ۽ اِن رستي جي خاص نشاني، رئيس علي نواز بيگ (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي تعمير ڪرايل، مسجد شريف کي پريان ئي سلام ڪري، اسين بخير و عافيت پنهنجي ’جاءِ پناهه‘ يعني پنهنجي گهر اندر داخل ٿياسين... ۽ عزيزؤ... پڙهندڙؤ... عزادارؤ... هن مقدس سفر تان موٽڻ جي، ٺيڪ ڇهن سالن بعد... ان ئي گهر ۽ ان ئي حاويليءَ ۾، افسوس، چوٿين مارچ 1953ع تي، منجهند وقت، اسان جي هن دلشاد بيگم وفات ڪئي ۽ سفرِ آخر تي، روانا ٿي وئي: رِضاً بقضائه وتسليماً لامره دلشاد بيگم جي تدفين، بِلند شاهه واري اباڻي قبرستان ۾، سندس محبوب ورَ ، حيدر قلي بيگ مرزا جي پيراندي کان ڪئي وئي. ۽ عزيزؤ... بِلند شاهه ۾، پڦي دلشاد بيگم جي تُربت تي... فاتح خوانيءَ لاءِ جڏهن جڏهن به هاڻي آءٌ وڃي بيهندو... يا خانداني حاويلين جي مرڪز ۾، هن جي گهرَ ـ ديوار وٽان ڪڏهن جي لنگهندو پيو آهيان ته دل ۾ ضرور پيو سوچندو آهيان ته ويچاري انسان جِي زندگي... هيءَ آخر... آهي ئي ڇا!؟ واريءَ تي لڪير، هوا جو جُهوٽو، جَرَ تي ڦوٽو، گُل جو ٽِڙڻ، گُل جو ڇَڻڻ، سمنڊ جي عارضي لَهرَ... يا رڳو بس هڪ قبرَ!؟ زيارتن جي هڪ يادگار تصوير (ڪربلا معليٰ (عراق ۾) 1947ع) ڪربلا جا خُدام، منظور علي مرزا (عربي لباس ۾)، غالب اسدبيگ (ڪڇ تي)، نوجوان محبن (علي قلي مرزا)، عبدالله (خدمتگذار)، واجد علي مرزا، انيس بيگم، ذاڪر حسين مرزا، مختيار علي مرزا، اعجاز علي بيگ مرزا ۽ ٻيا. (1) هن قافلي جي روانگيءَ جي تاريخ آهي: 17 مئي 1947ع بمطابق 1366هجري. (1) ناصر علي: ليکڪا جو سڳو پڦاٽ، جيڪو دلشاد بيگم کي سڳيءَ ڀيڻ جو درجو ڏيندو هو. (2) منوچهر بيگ مرزا (بارايٽ لا) ليکڪا دلشاد بيگم جو سڳو سئوٽ ۽ قليچ بيگ صاحب جو ڀائيٽو هو. قليچ صاحب پنهنجي 1929ع واري روزنامچي ۾ لکن ٿا: ’30 مئي، مرزا منوچهر بيگ ۽ ٻيا سڀ خير سان ڪربلا جي سفر تان موٽي آيا، ٻنپهرن جو سڀ گڏجي خوش ٿياسين.‘ (1) ڪوئيٽا واري هيءَ ريلوي لائين 1886ع ۾ وڇائي وئي هئي، جنهن جي سروي ٽيم ۾ ’اُمراء جانِ ادا‘ ناول جو مصنف مرزا هادي رُسوا به شامل هو. 31 مئي 1935ع واري ڪوئيٽا جي شديد زلزلي ۾ هِن اسٽيشن جا 154 ڪارڪن دٻجي مري ويا هئا. جن جا نالا اڄ به ريلوي اسٽيشن جي هڪ ديوار تي درج آهن. (2) وفات ناهيد، 4 مارچ 1953ع- دلشاد بيگم جي وفات جي به اها ئي تاريخ ۽ سال آهي. قدرت جي عجب ستم ظريفي ڏسو، جو ليکڪا ان وقت اهو ڪٿي ڄاتو هوندو ته هنن ٻنهي جي وفات جي تاريخ به هڪڙي ئي هوندي ۽ هُو ساڳئي ئي ڏينهن ساڳي ئي زمين ۾ هڪ ٻئي جي ڀر سان سپردِ خاڪ ٿينديون. (3) ڪوئيٽا کان زاهدان تائين اِهو ساڍن ستن سؤ ڪلوميٽرن جو ريلوي ٽريڪ وڇايل آهي ۽ هيءَ ريلوي لائين، پهرين مهاڀاري جنگ وارن ڏينهن جي يادگار آهي. ان ٽريڪ کان پهرين ڪوئيٽا کان زاهدان، ماڻهو، اُٺن تي سوار ٿي ويندا هئا ۽ اهڙا ٽي هزار اُٺ اُتي ڪرائي تي هر وقت ميسر هوندا هئا. چون ٿا اُن زماني ۾ پوءِ ڪا اهڙي بيماري پئي جو اُهي سڀ جا سڀ اُٺ رستي ۾ مرندا ويا ۽ جن بابت پوءِ ماڻهو چوندا هئا ته، هاڻي جي ڪنهن مسافر کي ايران وڃڻو هجي ته، مئل اُٺن جي ڍانچن تي پيرَ رکي ٻرانگهون ڀري هُو ايران پهچي سگهي ٿو. (1) وفات حيدر قلي فرزند صادق علي مرزا، 1946ع. (2) ان وقت جيڪي ننڍڙا ٻار اتي هئا، انهن جا نالا ۽ عمريون هن ريت هيون: مختيار اسد بيگ - عمر 5 سال، اعجاز اسد بيگ - عمر 3 سال، منوچهر (مَنو مرزا) عمر 9 مهينا، غالب اسد بيگ مرزا- عمر 8 مهينا. (3) دلشاد بيگم پنهنجي دلچسپ اسلوب ۾، رڳو هي انگريزي لفظ (1947ع ۾) فيملي ئي نه ٻيا لفظ به عام جام استعمال ڪيا آهن، مثال طور؛ ايسوسيئيشن، ايڪسڪرشن، پڪنڪ ۽ ڪٽلس وغيره وغيره. (1) ولادت امام رضا عه 10 ذوالقعد 765ع، هنڌ: مدينو شريف، حيات الدنيا: 55 سال، شهادت: 23 ذوالقعد، مرقد: مشهد مقدس. (2) رئيسن: رئيس مرزا علي حسين بيگ پڳدار مرزا خسرو بيگ، خان بهادر سڪندر بيگ مرزا، مرزا قنبر علي حيدري ۽ ٻيا رئيسَ. (1) خاڪِ شفا: ميدانِ ڪربلا جي مقدس مِٽي، جنهن لاءِ مخدوم طالب الموليٰ فرمايو: جتان جي خاڪ ٿي خاڪِ شفا، اي طالب الموليٰ، اها دنيا مان هڪڙي سرزمين ڪربلا نڪتي. (1) ولادت امام موسيٰ ڪاظم عه 7 صفر 128هه. ولادت جو هنڌ: مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ هڪ مقدس مَقام. کين هارون رشيد زهر ڏياريو. 25 رجب 183 هه تي شهادت ماڻيائون. (1) ڪاظمين (بغداد) ستين امام مؤلا موسيٰ ڪاظم عليه السلام ۽ نائين امام مؤليٰ محمد تقي عليه السلام جون مزارون مبارڪ آهن۽ ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي تربتون هڪ ئي مقبري ۾ آهن، ان نسبت سان هن علائقي کي ڪاظمين جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. (2) سياح ابنِ بطوطه پنهنجي جڳ مشهور سفرنامي ۾ ساڍا ڇهه سؤ سال اڳ لکيو هو ، ’هي اُهو ئي هنڌ آهي جتان هڪ روايت مطابق شيعن جو آخري امام... امام مهدي هادي قائمِ آلِ محمد ﷺ غيب ۾ هليو ويو هو.‘ روايت هيءَ به آهي ته، روز شام جو شيعانِ علي اُتي گڏ ٿي آهه و بقا ڪندا ۽ چوندا آهن اُخرج يا صاحب الزمان... اُخرج يا قائم المنتظر (ظاهر ٿيو اي زماني جا امام... منتظر آهيون اسين توهان جا...) (3) شهادت حضرت مسلم بن عقيلؓ 8 ذوالحج 60هه بمطابق 10 سيپٽمبر 680ع، هنڌ: ڪوفه. هن شهادت کان ٺيڪ هڪ مهينو بعد 10 آڪٽوبر 680ع تي امام حسين عه شهادت جي منصب تي فائز ٿيا. (1) قره العين حيدر لکيو آهي: لڙڪن جو هيءُ فرات، چوڏهن سؤ سالن کان وَهندو اچي ۽ سڄي دنيا ۾ وِکريل ’غلامانِ اهل بيت اطهار‘ مجلسن ۾ يادِ امامِ ۾ ائين گِريو ڪندا ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئندا آهن، ڄڻ ڪربلا جو سانحو اڃا اڄ ئي رونما ٿيو آهي. ان ئي فرات نديءَ بابت مير انيس لکيو هو: پياسي جو تھي سپاهه خدا تين رات ڪي، ساحل سڳ سر ڀٽڪتي تھين موجين فرات ڪي. (2) ولادت: شهزاده علي اصغر معصوم 10 رجب 60هه بمطابق 15 اپريل 680ع هنڌ مدينو: والده: بيبي اُمِ رباب. (1) حُر: حُر جي لفظي معنيٰ آهي، ’آزاد‘ ڪربلا جي هن پهرئين شهيد امام حُسين عليه السلام جي هنج ۾ پويان پساهه کنيا هئا. مير انيس جو خيال آهي ته، موليٰ حُسين جي هنج ۾ حُر پڪ سان ته ههڙا ئي لفظ کين مخاطب ٿي چيا هوندا: ڪُوچ نزديڪ هڳ، اڳ بادشهِه عرشِ نشيڻ، ليجئڳ تن سڳ نڪلتي هڳ، ميري جانِ حزيڻ، بات اب تو زباڻ سڳ نهيڻ ڪي جاتي هڳ، ڪچھه اُڙھا ديجئڳ مؤليٰ، مجھڳ نيند آتي هڳ. (1) ڪوفه: نهايت اذيت جهڙو لفظ آهي. هتان جي زمين ريتيءَ جهڙي ۽ پٿرائين آهي، انهيءَ ڪري اُن کي ڪوفو سڏيو وڃي ٿو. درياء فرات هتان کان صرف ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي وهي ٿو. 36هه ۾ شام جي گورنر، صوبي جي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ته، مڪي ۽ مديني تي حملا آور ٿيڻ جي انديشي سبب حضرت علي عه پاران ڪوفي کي اسلامي سلطنت جو دارالخلافه بنايو ويو. 22هين رجب 60 هه تي امير معاويه جي مرڻ ۽ 25هين رجب 60هه تي يزيد جي تخت نشينيءَ بعد امام حُسين عه کان بيعت جو مطالبو دمشق مان اُڀريو. يزيد جي بيعت واري مطالبي ۽ ڪوفي جي گورنر ابنِ زياد جي ظلمن سبب نيٺ ڪربلا جو سانحو رونما ٿيو. هيءُ ئي اُهو شهر آهي جنهن جي مسجدِ ڪوفه ۾ 19هين رمضان 40هه تي موليٰ علي سائين پنهنجي زندگيءَ جي آخري نماز ادا ڪئي. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو سفرنامو سمرقند، بخارا ۽ تاشقند جو سير ۽ سفر اگر آن ترڪ شيرازي بدست آرد دل مارا بخال هندوش بخشم سمرقند و بخارا را ]جيڪڏهن شيراز جو محبوب منهنجي دل کي راضي ڪري ته جيڪر آءٌ سندس ڪاري تر مٿان سمرقند ۽ بخارا کي گهوري ڇڏيان.[ جڏهن کان فارسي زبان جي مشهور شاعر حافظ شيرازيءَ جو اهو شعر پڙهيو هئم، تڏهن کان وٺي سمرقند ۽ بخارا ڏسڻ جو شوق دل ۾ رهندو ٿي آيو. آخر اهو موقعو تاريخ 21- جولاءِ 2010ع تي آيو، جڏهن ازبڪستان جي اڏام ذريعي لاهور کان تاشقند روانو ٿيس. اڏام جو ڪل وقت ٻه ڪلاڪ ۽ چند منٽ هو. بهرحال جڏهن ڇهين بجي شام جو آءٌ تاشقند ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتس ته اتي پاڪستاني سفير مسٽر وحيدالحسن جي معرفت ٽيڪسيءَ جو اڳيئي بندوبست ٿيل هو ۽ سندس ماڻهو به مون کي وٺڻ لاءِ آيل هئا. رٿيل پروگرام موجب مون کي سڌو هوائي اڏي تان سمرقند لاءِ روانو ٿيڻو هو. تاشقند کان سمرقند چار پنج ڪلاڪن جو سفر آهي ۽ اها هڪ مکيه شاهراهه آهي. روڊ ڪافي ڪشادو ۽ ٻن سڙڪن وارو آهي ليڪن پراڻي طرز جو ٺهيل آهي جيڪو ايڏو آرامده نه آهي، انهيءَ ڪري آءٌ ڊرائيور سان گڏ اڳئين سيٽ تي ويهي رهيس، جيڪو تجربيڪار ۽ سمجهدار ٿي لڳو، ليڪن انگريزيءَ جي هائو ۽ نهڪر کان وڌيڪ ڪجهه نٿي سمجهيو. تاشقند کان سمرقند جو اهو رستو کليل ۽ سرسبز وادين ۽ آباد کيتن مان گذري ٿو. رستي جي ٻنهي طرفن کان ڪپهه جا پوکيل فصل ۽ باغ ئي باغ نظر اچي رهيا هئا، جيڪي اکين کي راحت ۽ فرحت، دماغ کي تازگي ۽ طراوت ڏئي رهيا هئا. رستي جي ٻنهي پاسن کان چپي چپي تي ميوات جا ٺيلها ٿي نظر آيا، جن تي عورتون ويٺل نظر آيون. اتي مون کي ياد آيو ته مغل شهنشاهه بابر بادشاهه جو تعلق به هن خطي سان هو ۽ جڏهن هندستان فتح ڪيائين ته سندس هڪ وڏي شڪايت اها هئي ته هندستان ۾ اهڙي قسم جا لذيذ سردا ۽ ميوا موجود نه هئا، اهو ذڪر هن پنهنجي سوانح ’تزڪ بابريءَ‘ ۾ ڪيو آهي. اهو خيال ايندي مون ڊرائيور کي اشارو ڏنو ته ميوو وٺڻ گهرجي. ائين اسان انگور ۽ آڙو وغيره خريد ڪيا جن جي ذائقي ۽ لذت باقي سفر جو ساٿ ڏنو. اٽڪل ساڍي يارهين وڳي اسان سمرقند جي هڪ وچولي هوٽل تي پهتاسين. جتي اڳئي بڪنگ ٿيل هئي، جيئن ته اسان رات جي ماني نه کاڌي هئي تنهنڪري مون هوٽل جي مئنيجر کان پڇا ڪئي. جنهن چيو ته شهر جي مرڪز ۾ ڪي ريسٽورنٽ کليل هوندا. اتي پهتاسين ته رات جا ٻارنهن ٿي رهيا هئا ۽ ريسٽورنٽ بند ٿيڻ شروع ٿي چڪا هئا. پر اسان کي آسرو مليو ۽ مٿين منزل تي هڪ ٽيبل تي وڃي ويٺاسين. خبر پئي ته اهو ڪنهن ايرانيءَ جو هوٽل آهي، اتي سمارٽ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سروس ڪري رهيا هئا. کاڌي آرڊر ڏيڻ وقت خبر پئي ته ڊرائيور به ٿوري گهڻي فارسي سمجهي ٿو ۽ اتان جا ڪي بيرا به فارسي سمجهن ٿا. ائين اسان جي آرڊر ڏيڻ جو مسئلو حل ٿيو ۽ ماني کائي واندا ٿياسين. اتي آيل ماڻهن جي هلت چلت مان معلوم ٿيو، ته هو ماڻهو نهايت شائسته ۽ مهذب آهن، بلڪ ٻاهر بيٺل ڪن جوڙن مان اتي جي آزاديءَ واري ماحول جو به اندازو ٿيو ۽ سمرقند جي حسن ۽ خوبصورتيءَ جي جهلڪ به نظر آئي. ٻئي ڏهاڙي صبح جو ناشتي ڪرڻ کان پوءِ بيگ کڻي اچي ڪار ۾ رکيم ته جيئن سڄو ڏينهن سمرقند کي ڏسڻ بعد سڌو بخارا جو رخ رکجي. سمرقند تاريخي شهر آهي جيڪو 326قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم فتح ڪيو هو، بلڪ شاهراهه ريشم تي اهو نهايت اهم شهر ۽ تجارتي مرڪز هو، جتان چين، هندستان، ايران، عربستان ۽ يورپ ڏانهن قافلا ويندا هئا. سورهين صدي عيسوي تائين جيستائين يورپ وارن ايشيا ۽ ٻي دنيا سان سامونڊي رستو دريافت نه ڪيو هو ته ايستائين شاهراهه ريشم تي دنيا جي تجارتي گذرگاهه هئي ۽ ان لحاظ کان وچ ايشيا (Central Asia) جي بيهڪ واري حساب سان مشرق ۽ مغرب درميان تهذيبي رابطي جو اڪيلو ذريعو پڻ هئي. پهرين صدي هجري يا ستين صدي عيسوي جي شروع ۾ عربن خراسان کي فتح ڪيو ته ان سان گڏ هن خطي ۾ اسلامي فتوحات جو آغاز ٿي ويو ۽ 711ع ۾ قتيبه ابن مسلم سمرقند کي اسلامي سلطنت جو حصو بنائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ڏهين صدي عيسوي تائين ترڪستان جا اهي علائقا مڪمل طور اسلام جي سلطنت هيٺ اچي چڪا هئا ۽ انهيءَ نئين تهذيب جي اثر هيٺ اسلامي علوم ۽ فنون جا مرڪز بنجي چڪا هئا. اهوئي سبب آهي جو اسلامي دنيا جون وڏيون هستيون جن ۾ خاص طور امام اسماعيل بخاري (870-810ع) ٽين صدي هجريءَ ۾، ۽ بوعلي سينا (1037-980ع) چوٿين صدي هجريءَ ۾ پيدا ٿيا، اهڙيءَ طرح الخوارزمي توڙي البيروني جو تعلق هن خطي سان هو. فقه حنفي جي مشهور ڪتاب هدايه جو مصنف مرغيناني پڻ هن علائقي جو هو. ستين صدي هجري/تيرهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ منگولن جو طوفان به وچ ايشيا مان اٿيو ۽ چنگيز خان 1220ع ۾ هن علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪيو. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن مشهور مغربي سياح مارڪو پولو شاهراهه ريشم رستي چين ويو ته هن سمرقند کي ’شاندار شهر‘ جي لقب سان ياد ڪيو ۽ بخارا کي ”عاليشان“ ڪوٺيائين. ابن بطوطه چوڏهين صديءَ ۾ منگولن جي حملي کان پوءِ 1330ع ۾ سمرقند آيو ته ان جي عظمت کي بيان ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. بهرحال سمرقند کي اصل عروج تڏهن حاصل ٿيو جڏهن 1370ع ۾ امير تيمور يا تيمورلنگ ان کي فتح ڪيو ۽ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. گور امير: سمرقند ۾ اسان جي انتخاب جو پهريون ماڳ ’گورامير‘ يعني تيمور لنگ جو مقبرو هو جيڪو وچ شهر ۾ آهي. اها هڪ عاليشان عمارت آهي جيڪا امير تيمور پنهنجي پٽ محمد سلطان جيڪو عثماني ترڪن سان وڙهندي مري ويو هو، ان جي آخري آرامگاهه طور پنهنجي نگرانيءَ ۾ وڏي شوق ۽ محبت سان ٺهرائي هئي. بلڪ چون ٿا ته جڏهن اها عمارت اڃا ٺهي تيار نه ٿي هئي ته هڪ دفعي جڏهن تيمور ان جي معائني لاءِ آيو ته کيس پسند نه آئي، ته اها سموري ڊهرائي پٽ ڪيائين ۽ ان کي ٻيهر ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائين. ليڪن 1405ع ۾ جڏهن امير تيمور جي عمر 69 سال هئي ته هو پنهنجي زندگيءَ جي آخري معرڪي طور چين فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ليڪن اوچتو سرديءَ جي موسم ۾ اترار جي شهر ۾ سخت بيمار ٿي پيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين جنهن ڪري سندس لاش کي هتي آڻي دفن ڪيو ويو. گورامير اٺ پاسائين بلند و بالا عمارت آهي جنهن جي اوچائي 120 فوٽ ٻڌائي وڃي ٿي، ان جو عاليشان گنبد نيري ۽ ٻين رنگن جي ڪاشيءَ جي سِرن سان جڙيل آهي جيڪو ڏينهن جي وقت سج جي روشيءَ ۾ هر طرف کان چمڪندي ۽ تجلا ڏيندي نظر اچي ٿو. گنبد جي چوڌاري هيٺين ڪناري تي ڪلمو لکيل آهي جيڪو طرز تحرير جو نادر نمونو آهي. مقبري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ اوچو باب ٺهيل آهي جنهن جي پاسي ۾ هينئر ٽڪيٽ گهر آهي. گور اميريا امير تيمور جو مقبرو- سمرقند مقبري جي اندر نقش و نگار ۽ سون جي پاڻيءَ جو ڪم ٿيل آهي. جنهن جي خوبصورتي ۽ زيبائش هينئر به ترو تازه ۽ عقل کي حيران ڪندڙ آهي. هتي ڪل ست قبرون آهن. امير تيمور جي قبر مٿان ڪاري سنگ مرمر (Jade) جو پورو هڪ بلاڪ رکيل آهي، جنهن تي عبارتون لکيل آهن، مون وقت جي ڪميءَ جي پيش نظر انهن کي پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي. مون هڪ انگريزي ڪتاب ۾ پڙهيو ته ان تي اميرتيمور جو شجرو لکيل آهي. امير تيمور جي قبر سان گڏوگڏ سندس استاد شيخ سيد برڪت جي قبر آهي جنهن مان تيمور جي پنهنجي استاد لاءِ غير معمولي عزت ۽ عقيدت جي خبر پوي ٿي. ان کان سواءِ تيمور جي ٻن پٽن ۽ ٻن پوٽن جون قبرون آهن جن ۾ شاهه رخ ۽ سندس پوٽو الغ بيگ هتي دفن ٿيل آهن. مقبري جي هڪ طرف تهه خانا به آهن جن مان هڪ جي اندر آءٌ گهڙي ويس ته سياحن لاءِ سوکڙين ۽ خريداريءَ جون شيون نظر آيون. هونئن چون ٿا ته امير تيمور توڙي ٻين جون اصلي قبرون هيٺ تهه خاني ۾ آهن. امير تيمور کي چئن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جو اولاد هو، جن جا نالا هن ريت آهن: عمر شيخ، جهانگير، ميران شاهه، شاهه رخ ۽ آغا بيگي، ميران شاهه جي پڙپوٽي جو نالو عمر شيخ هو ۽ ظهيرالدين بابر ان جو پٽ هو، جنهن 1526ع ۾ هندستان فتح ڪيو. تيمور جي اوائلي زندگيءَ جي باري ۾ ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هن جو تعلق برلاس قبيلي سان هو ۽ هو ان قبيلي جي سردار طرغائي جي گهر ۾ 736هه/1336ع ۾ سمرقند کان ڏکڻ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ شڪري سبز جي ڀرسان ڪش ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍپڻ کان غيرمعمولي صلاحيتن وارو هو، جيئن چون ٿا ته هو ٻنهي ٻانهن ۽ هٿن کان ساڳي قوت سان ڪم وٺي سگهندو هو ۽ انڪري هو جنگ ۾ ٻنهي هٿن سان ترار هلائي سگهندو هو. هن جوانيءَ ۾ ماوراء النهر جي منگول حڪمران تغلق تيمور سان تعلق قائم ڪيو، ليڪن جلد ئي ان سان اختلاف ٿي پيس ۽ آخر نوبت لڙائي تائين پهتي. تيمور بلخ جي حڪمران امير حسين سان اتحاد ڪري 1366ع ۾ پهريون دفعو سمرقند تي قبضو ڪيو. اڳتي هلي امير حسين سان پڻ سندس اختلاف ٿيو ۽ آخر 1370ع ۾ هن کي شڪست ڏئي بلخ تي قبضو ڪيائين ۽ سندس زال سرا ملڪ خانم سان شادي ڪئي جيڪا چنگيز خان جي نسل مان هئي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي لاءِ ’گورگان‘ جو لقب اختيار ڪيو جنهن جي معنيٰ آهي: وڏي خان جو نياڻو. اهڙي طرح انهيءَ شاندار فتح بعد خوشبختي جي وڏي نشاني طور ٻيو لقب ’صاحبقران‘ اختيار ڪيائين، جنهنڪري خانداني تاريخن جهڙوڪ ’ظفرنامه‘ ۾ کيس ان لقب سان ياد ڪيو ويو آهي. ترڪي زبان ۾ ’تيمور‘ لفظ جي معنيٰ ’لوهه‘ آهي. هوڏانهن تزڪ تيموريءَ جي روايت موجب تيمور تي اهو نالو قرآن پاڪ جي سورة ملڪ جي هڪ آيت مان ورتل آهي، جتي لفظ ’تمور‘ آيل آهي. تيمور جي حڪمرانيءَ جو عرصو ڇٽيهه سال شمار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ هنڌ ويهي حڪمرانيءَ هلائڻ جو عرصو تمام گهٽ آهي. هن اهو سمورو عرصو جنگي مهمات ۽ فتوحات ۾ صرف ڪيو آهي. سندس حڪومت جون حدون هڪ وقت ۾ ديوار چين کان وٺي روس جي سرحدن تائين ڦهليل هيون، ٻئي طرف هندستان، شام، مصر ۽ عرب عجم جا ڪيترا علائقا سندس قلمرو ۾ شامل هئا. ان وقت جي دنيا جا ستاويهه ملڪ سندس زيرنگين هئا ۽ هو پاڻ نون حڪمرانن جو مڃيل بادشاهه هو. انهيءَ ڪري گهڻن تاريخدانن امير تيمور کي دنيا جي ٽن عظيم فاتحن ۾ شمار ڪيو آهي. جنهن ۾ باقي ٻه سڪندراعظم ۽ چنگيز خان آهن. تيمور جي زندگيءَ ۾ فتوحات ۽ قتل عام جا ڪجهه اهم واقعا هن ريت آهن: سال 789هه/1386ع ۾ تيمور ايران جي شهر اصفهان ڏانهن پيش قدمي ڪئي جنهن جو سبب اهو هو ته اتان جي حڪمرانن تيمور جي ايلچيءَ کي قيد ڪري رکيو هو، ان ڪري تيمور هن مهم جي پاڻ سربراهي ڪري رهيو هو، جڏهن هو اصفهان پهتو ته اتان جي حاڪم آڻ مڃي حاضر ٿيو ۽ تاوان ڀرڻ جي حامي ڀري، پر جڏهن تيمور جا سپاهي شهر ۾ اڳاڙيءَ لاءِ داخل ٿيا ته معاملو ئي ٻيو ٿي پيو، يعني اصفهان جي شهرين اُلٽو سپاهين کي قتل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. تيمور کي جڏهن اها خبر پئي ته هن قتل عام ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ائين جيستائين ستر هزار انساني سرن جو انبار گڏ نه ٿيو هو تيستائين بس نه ڪئي وئي. چون ٿا ته ان کان پوءِ ايران جي آل مظفري حڪمرانن هر هنڌ تيمور جي تابعداري کي عليٰ الاعلان تسليم ڪيو. تيمور اصفهان کان ٿيندو شيراز پهتو جتي عيد جي ڏهاڙي سندس نالي جو خطبو پڙهيو ويو، مظفري شهزادا اچي حاضر ٿيا جتي کين حڪمراني جي سند عطا ڪئي وئي. ’تذڪره دولت شاهه سمرقنديءَ‘ جو مصنف لکي ٿو ته حافظ شيرازي پڻ سيد زين العابدين گنا آباديءَ جي معرفت ملاقات لاءِ حاضر ٿيو. امير تيمور سندس هن مقالي جي شروع ۾ ڏنل انهيءَ مشهور شعر جنهن ۾ محبوب جي تر تان سمرقند ۽ بخارا قربان ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، بابت آڏي پڇا ڪئي. حافظ وراڻيو: اي اميرن جا امير! بيشڪ اهو شعر منهنجو آهي. تيمور چوڻ لڳو: اسان سالن جا سال محنت ڪري سمرقند کي خوبصورت بنايو ۽ ان لاءِ مون دنيا جا هنرمند ۽ ڪاريگر گڏ ڪري وڏي دولت خرچ ڪئي آهي ۽ اهو هينئر گاديءَ جو هنڌ آهي، پر تو وٽ ان جي ايڏي گهٽ وقعت ڇو آهي؟ اهو ٻڌي حافظ نهايت عقلمنديءَ وارو جواب ڏنو. اي اميرٰ منهنجي انهن فياضين يا سخاوت جو ئي نتيجو آهي ته منهنجا اهي حال ٿيا آهن، يعني افلاس ۾ رهندو اچان. چون ٿا ته امير تيمور کي اهو جواب پسند آيو ۽ انعام اڪرام ڏئي حافظ کي روانو ڪيائين. ’ظفرنامه‘ موجب هندستان تي تاريخي حملي ڪرڻ کان اڳ تيمور پنهنجي وزيرن، پٽن، مشيرن ۽ ساٿين سان ڪافي وقت صلاح مشورو ڪيو. حملي ڪرڻ کان اڳ خط لکي خراج ۽ تابعداريءَ جي تقاضا ڪيائين پر ديپالپور جي حاڪم سارنگ خان کيس کُتو جواب موڪليو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو تيمور پهريائين پنهنجي پوٽي پيرمحمد کي هراول دستي طور موڪلي ڏنو جنهن اچي مارچ 1398ع ۾ ملتان کي گهيرو ڪيو. آخر جڏهن تيمور پنهنجي نوي هزار سپاهه سان بلخ، ڪابل کان ٿيندو سنڌوءَ کي اُڪري ملتان پهتو تڏهن اتان جي حاڪم قلعو سندس حوالي ڪيو. دهليءَ جي حڪمران سلطان محمود جيتوڻيڪ وڏو لشڪر گڏ ڪيو هو، جنهن ۾ بيشمار هاٿي به شامل هئا، پر تيمور جهڙي تجربيڪار سپهه سالار جو مقابلو نه ڪري سگهيو، صلح جا شرط طي به ٿي ويا پر اوچتو سپاهه ۽ دهليءَ جي شهرين ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. تيمور ڪل ٻه هفتا دهليءَ ۾ ترسيو پر ان دوران خون جون نديون وهي هليون، ۽ اها ڦُرلٽ ٿي جنهن جو تاريخ ۾ ٻيو مثال نٿو ملي. اٽڪل هڪ لک انسان قتل ٿي ويا. آخر تيمور دهلي جي سيد خاندان جي فرد خضر خان کي دهليءَ جي تخت تي ويهاري پاڻ وطن واپس وريو. هندستان جي خزانن مان تيمور جي سپاهه کي گهڻو ئي مال غنيمت هٿ آيو، آخر ڪيترا هنرمند ۽ ڪاريگر گڏ وٺي ڪشمير جي رستي، هڪ ڏينهن ۾، روزانو ٻن ڪوهن جو سراسري فاصلو طي ڪندي سمرقند پهتو. تيمور کي دهلي مان موٽي اڃا هڪ سال جو عرصو ٿيو هو جو هڪ ٻئي وڏي قتل عام ۽ ڦُرلٽ جو واقعو دمشق ۽ بغداد جي تباهيءَ جي صورت ۾ سامهون آيو، بلڪ ان کان اڳ هن آڪٽوبر 1400ع ۾ حلب کي فتح ڪري اتي چار ڏينهن قتل عام ڪيو. دمشق پهچڻ بعد تيمور سفارتي ذريعن سان ڪوشش ڪئي ته وقت جو حڪمران سندس تابعداريءَ جو اعلان ڪري. اهوئي موقعو هو جڏهن مشهور مؤرخ ابن خلدون تيمور جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ۽ پنهنجي قابليت جا جوهر ڏيکاريائين ۽ تيمور به کانئس متاثر ٿيو، پر بغداد جو حڪمران سلطان احمد پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو ۽ پاڻ دمشق مان ڀڄي مصر ۾ وڃي پناهه ورتائين. آخر تيمور جي فوجن جون 803هه/1401ع ۾ بغداد فتح ڪيو ۽ تيمور فرمان جاري ڪيو ته مسجدن ۽ خانقاهن کان سواءِ ٻي هر شيءِ کي تلف ڪيو وڃي. چون ٿا ته چاليهه ڏينهن ساندهه باهه ٻرندي رهي. دمشق جي اموي مسجد جو گنبد به انهيءَ باهه جي نذر ٿي ويو. هوڏانهن بغداد ۾ نوي هزار انساني کوپڙين جا ڪيئي مينار تعمير ٿي ويا. دمشق، بغداد ۽ مصر جي فتح کان پوءِ تيمور جو مقابلو عثماني ترڪن جي سلطان بايزيد يلدرم سان اڻٽر ٿي پيو، خاص طور جڏهن بغداد جي حڪمران سلطان احمد جلائر ۽ قرا يوسف کي بايزيد پناهه ڏني. هن سلسلي ۾ پهريائين ٻنهي جي وچ۾ زوردار خط و ڪتابت ٿي جيڪا تاريخ جو حصو آهي پر آخر نوبت جنگ و جدل تائين پهتي. هن جنگ لاءِ تيمور پاڻ کي پوريءَ ريت تيار ڪيو بلڪ هڪ لک فوج سان هزارين ميلن جو فاصلو طيء ڪري عثماني ترڪن جي مرڪز انگوره ۾ پهچي جولاءِ 1402ع ۾ بايزيد کي شڪست ڏنائين. بايزيد کي زندهه گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو، آخر هڪ سال جي عرصي اندر بايزيد انهيءَ حالت ۾ وفات ڪري ويو. ترڪيءَ جي عثماني سلطانن جي ٽن سؤ سالن جي تاريخ ۾ اها پهرين شڪست هئي. ان کان اڳ عثماني ترڪ يورپ جي اندر ڪافي پيش قدمي ڪري چڪا هئا، بلڪ بلغاريا ۽ ڪوسوو سندن حڪمرانيءَ ۾ داخل هئا. اهو وقت هو جڏهن يورپ وارن کي سڀ کان وڏو خطرو عثماني ترڪن کان هو. سورهين صديءَ جي آخر ۾ مشهور انگريز شاعر ۽ ڊرامانويس ڪرسٽوفر مارلو پنهنجي تاريخي ڊرامي ‘Tamburlaine the Great’ (عظيم فاتح تيمور لنگ) ۾ انهيءَ احساس کي چڱيءَ طرح اجاگر ڪيو آهي. جتي هو هڪ طرف تيمور کي ’خدائي عذاب‘ ڪوٺي ٿو ته ٻئي طرف بايزيد جي شڪست ۽ ذلت تي درپرده خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو. مارلو جو اهو ڊرامو پنهنجي جاءِ تي هڪ فني شاهڪار آهي، سندس چند سٽون هن ريت آهن: جن ۾ هو تيمور کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ بايزيد جي تحقير ڪري ٿو: “The ages that shall talk of Tamburlaine even from this day fo Plato’s wondrous years, shall talk how I have handled Bagazeth”. ترجمو: ايندڙ زمانا تيمور لنگ جا ترانا ڳائيندا رهندا، بلڪ هن گهڙي ۽ هن ڏينهن کان وٺي افلاطون جي وقت سوڌو سڀني کي خبر پوندي ته مون بايزيد جي باري ۾ ڇا ڇا نه چيو!؟ عثماني ترڪن جي شڪست کان پوءِ تيمور گويا اڌ دنيا فتح ڪري چڪو هو ۽ هاڻي هن جي آڏو دنيا جا باقي ٻه علائقا فتح ڪرڻ لاءِ بچيا هئا، هڪ هو چين جو ملڪ ۽ ٻيو يورپ جنهن ۾ هڪ وقت روس جي ولگا نديءَ تائين سندس فوجون پهتيون هيون، بهرحال تيمور جو يورپ جي حڪمرانن طرف مفاهمت وارو رويو هو، ان جو هڪ سبب عثماني ترڪن سان سندس اختلاف به ٿي سگهي ٿو. بايزيد يلدرم جي شڪست کان پوءِ تيمور سمرقند ۾ ٻه مهينا فتح جو جشن ملهايو، ان ۾ اسپين جي بادشاهه جو ايلچي ڪلاويجو مهمان طور شريڪ هو جنهن اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪيو آهي، انهيءَ جشن ۾ چين جو سفير به شريڪ هو، مجلس هلندي اسپين جي سفير کي امير تيمور جي ويجهو ويهاريو ويو. دراصل انهيءَ جشن جي خاتمي تي تيمور اعلان ڪيو ته هن سڄي ايشيا کي فتح ڪيو آهي، باقي چين بچيو آهي. ڪلاويجو جي لکڻ موجب ان وقت جيتوڻيڪ تيمور ڪافي پوڙهو ٿي چڪو هو. سندس عمر ستر سالن جي لڳ ڀڳ هئي پر سندس ارادا مضبوط هئا. سمرقند ۾ سرديءَ جي موسم شروع ٿي چڪي هئي ليڪن تيمور پنهنجي فوج کي چين جي مهم لاءِ روانگيءَ جو حڪم ڪري چڪو هو، رستي ۾ درياءَ ڄمي برف ٿي چڪا هئا ۽ برفاني طوفان سپاهه لاءِ وڏي مشڪلات جو سبب هئا، ليڪن ايڏين مشڪلاتن باوجود اهو لشڪر قازقستان جي اترار شهر ۾ جنوري ۾ پهتو ته امير تيمور بيمار ٿي پيو. آخر انهيءَ سردي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ 18- فيبروري 1405ع تي وفات ڪئي. تيمور جي زندگي ۽ ڪارنامن تي هڪ نظر وجهڻ سان هو هڪ متنازع شخصيت يا هيرو طور سامهون اچي ٿو. بلڪه عام تاريخ جي ڪتابن موجب کيس ظالم ۽ سفاڪ جهڙن لفظن سان ياد ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس حملن ۽ لڙاين جي نتيجي ۾ لکين انسانن جون جانيون ضايع ٿيون. پر سوال اهو آهي ته ڇا تيمور کي ويهين صديءَ جي انساني اقدار ۽ معيار تي پرکيو ويندو يا تيمور جي زماني ۾ جيڪي انساني قدر هئا، انهن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويندو. اها به گهڻي حد تائين حقيقت آهي ته تيمور پنهنجي حملن ۽ لڙاين کي مذهبي رنگ نه ڏنو، جنهن ڪري ڪنهن به مؤرخ مٿس مذهبي تعصب ۽ انتهاپسنديءَ جو الزام نه لڳايو آهي. بلڪ جديد مؤرخن اهو تسليم ڪيو آهي ته تيمور جا حملا سياسي اقتدار ۽ قوت حاصل ڪرڻ لاءِ هئا. بلڪ تازي نئين ڪتاب ’تيمور: اسلام جي تلوار ۽ دنيا جو فاتح‘ ۾ جسٽن مروزي لکي ٿو ته تيمور جا قتل عام ذاتي شوق يا بغض و عناد جو نتيجو نه هئا بلڪ اهي ان ڪري هئا ته جيئن مخالف يا دشمن تي هيبت ۽ دٻدٻو طاري ٿئي يا جيئن اسرندڙ بغاوت کي ڪُچلي سگهجي. ان کان اڳ هيرالڊ ليمب جنهن تيمور بابت معتبر ڪتاب- ‘Taimur: The Earth shaker’ تيمور جنهن دنيا کي لوڏي ڇڏيو لکيو. ان ۾ پڻ تيمور کي هنن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪري ٿو: ”تيمور جي عزم ۽ ارادي کي سمجهڻ خاطر ان انسان جي زندگيءَ تي غور ڪرڻ گهرجي جنهن پاڻ اهو ارادو ڪيو هو. انهيءَ غور واسطي ضروري آهي ته يورپ جي تاريخن کي هڪ طرف رکيو وڃي ۽ موجوده تهذيب و تمدن جي تعصبات جي عينڪ کي پڻ هٽائي ڇڏجي ۽ پوءِ تيمور کي انهن ماڻهن جي نظر سان ڏسڻ گهرجي، جيڪي گهوڙن تي هر وقت ساڻس گڏ هلندا هئا.“ هڪ ٻي وڏي ڳالهه طرف پڻ هيرالڊ اشارو ڪيو آهي ته تيمور پاڻ کي ڪڏهن شهنشاهه يا خاقان نه چورايو، بلڪ کيس هميشه ’امير صاحب قرآن يا امير تيمور گورگان‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هن جا ارادا محدود قسم جا هئا. هڪ لحاظ کان امير تيمور تي انهيءَ قسم جي تنقيد تمام گهڻي ڪئي وئي آهي، پر هن جو هڪ ٻيو پهلو جيڪو علم ۽ فن جي قدرداني آهي ۽ هڪ نئين تهذيبي ورثي جي پرورش آهي، ان کي ايترو اجاگر نه ڪيو ويو آهي، همعصر تاريخن ۽ ’تزڪ تيموريءَ‘ مان پتو پوي ٿو ته هو عالمن ۽ هنرمندن جو وڏو قدردان هو. هو جتي به ويو ته اتان جي عالمن ۽ اڪابرن جي عزت افزائي ڪيائين. انهن جي سفارش ۽ وچ ۾ پوڻ تي ڪيتريون سزائون معاف به ڪيائين ۽ ڪيترا حڪم ناما واپس به ورتائين. ڪيترن عالمن کي پاڻ سان گڏ سمرقند ۾ وٺي آيو جن ۾ مير سيد شريف جرجاني جهڙي عالم فاضل کي شيراز مان وٺي آيو ۽ اهڙيءَ طرح صاحب مطول عمر تفتازانيءَ کي سرخس مان وٺي اچي سمرقند ۾ رهايائين. صاحب قاموس لغات فيروز آبادي جو تعلق پڻ شيراز سان هو. شاعرن ۾ لطف الله نيشاپوري ۽’تيمورنامه‘جو مصنف احمد ڪرماني کي وڏي عزت ڏيندو هو. تيمور ذاتي طور نقشبندي سلسلي جي صوفي شيخ سيد برڪت جو ان وقت کان وڏو عقيدتمند بنجي ويو، جڏهن هن جي ترمذ ۾ 1391ع ۾ ساڻس اوچتو ملاقات ٿي جنهن جي دعا سان کيس ان ڏکي مهم ۾ فتح ۽ ڪامراني حاصل ٿي. تيمور جي غيرمعمولي شخصيت ۽ ڪردار جو اهو نتيجو نڪتو جو هو پنهنجي موت کان پوءِ ديومالائي حيثيت اختيار ڪري ويو. اهو عام عقيدو هو ته جيڪو شخص تيمور جي قبر جي بي حرمتي ڪندو ته انهيءَ ماڻهوءَ جي پنهنجي ملڪ تي تيمور کان وڏي مصيبت نازل ٿيندي. سمرقند ۽ بخارا سال 1868ع ۾ زار روس فتح ڪري پنهنجي ملڪ جو حصو بنائي ڇڏيا. روس ۾ اشتراڪي انقلاب کان پوءِ تيمور جي شخصيت بابت سائنسي کوجنا خاطر سندس قبر کي کولي لاش جو معائنو ڪيو ويو. انهيءَ ڪم جي نگراني ميڪائيل گيراسيموف ڪري رهيو هو ۽ اهو 22- جون 1941ع جو ڏهاڙو هو، هيڏانهن اها ڪاروائي جاري هئي ته روس تي هٽلر جي جرمن فوجن ٻي عالمگير جنگ جو وڏي ۾ وڏو حملو شروع ڪري ڏنو...!! انهيءَ تحقيقات جي نتيجي ۾ خبر پئي ته تيمور جو قد پنج فوٽ ست انچ هو ۽ هو بت ۾ سگهارو انسان هو. اهو به پتو پيو ته هو ساڄي ٽنگ کان انڪري منڊو هو جو سٿر جو هڏو سندس گوڏي سان ٻيڻايل هو. جنهن ڪري کاٻي ٽنگ جي مقابلي ۾ سندس ساڄي ٽنگ ننڍي هئي ۽ ان ڪري هو ساڄي ٽنگ کي گهلي هلندو هو. ان کانسواءِ اهو به معلوم ٿيو ته سندس کاٻو ڪلهو ساڄي جي مقابلي ۾ مٿي نڪتل يا اُڀو هو. سندس ساڄي هٿ ۽ ٺونٺ تي زخمن جا نشان به مليا، سندس کوپڙيءَ تي ڳاڙها نشان به ڏسڻ ۾ آيا. ريگستان چوڪ: هيءُ سمرقند جو مرڪز آهي جتي رستي جي هڪ پاسي هڪ وڏي ميدان جي ٽن طرفن کان خوبصورت مدرسا ۽ مسجدون آهن. سڀ کان شاندار ۽ عظيم الشان عمارت الغ بيگ جو مدرسو آهي. الغ بيگ شاهه رخ جو پٽ ۽ تيمور جو پوٽو هو، هو علم رياضي ۽ هيئت جو ماهر هو. ريگستان چوڪ- سمرقند هن مدرسي جو بنياد 823هه/1417ع ۾ رکيو جيڪو ٽن سالن ۾ ٺهي پورو ٿيو. هنن عمارتن جي اهم خصوصيت داخل ٿيڻ جو دروازو ۽ ان جي مٿان ٺهيل پيش طاق آهن ۽ انهن جي ڪنڊن تي ٺهيل بلند و بالا مينار آهن، جن جي اوچائي 45 ميٽر آهي. انهن تي نيري يا آسماني رنگ جي ڪاشي ۽ ٻين مختلف رنگن جي ڪاشيءَ جو تمام سهڻو ۽ نفيس ڪم ٿيل آهي. اڪثر مينارن تي ور وڪڙ ۽ گولائي ۾ ڪاشيءَ جون ڦيريدار ننڍيون ننڍيون سرون يا ٽڪر لڳل آهن پر اهي ايڏي ته ڪاريگري ۽ مهارت سان لڳل آهن جو انهن ۾ ڪٿي به گهٽ وڌائي ڏسڻ ۾ نه ايندي، وري مناسب هنڌن تي قرآني آيتون ۽ ٻيون عبارتون نهايت خوبصورت خطاطيءَ ۾ رقم ٿيل آهن. مدرسي جي عمارت چورس ۽ ٻه ماڙ آهي ۽ ڪل اٺيتاليهه ڪمرا آهن، هر ڪمري جو دروازو ننڍي اوچائي وارو آهي ته جيئن ان ۾ نِوِڙي داخل ٿِجي ۽ ائين ٻاهر نڪرجي. هر ڪمري جي دروازي مٿان خط ثلث ۾ عربي عبارتون، حديثون ۽ اقوال لکيل آهن. هڪ دروازي جي مٿان هڪ عبارت هن ريت هئي: الفقير اشد علي الشيطان من الف عابد يعني: هڪ فقير هزارعا بدن جي مقابلي ۾ شيطان تي وڌيڪ ڳرو آهي. هڪ ٻئي هنڌ هيءَ عبارت هئي: قيّدو العلم بالکتاب يعني: علم کي ڪتابت يعني لکڻ ذريعي قيد يعني ياد ڪريو. تيمور کان پوءِ سندس روشن دماغ ۽ عالي ظرف پوٽي الغ بيگ 814هه/1409ع کان 855هه/1449ع تائين چاليهه سال حڪومت ڪئي. هو پاڻ رياضي ۽ هيئت جو ماهر هو بلڪ پاڻ انهيءَ مدرسي ۾ پاڙهيندو هو. هو شاعري ۽ فنون لطيفه جو دلداده هو. سندس دور علم ۽ فن، سائنس ۽ فلڪيات جي بيمثال ترقيءَ جو زمانو ثابت ٿيو. اهوئي سبب آهي جو کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ انهيءَ مدرسي جي اندر هڪ ايوان هيٺ چار مجسما ٺاهيل آهن جن جي آڏو دنيا جو گولو رکيل آهي. الغ بيگ پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺل آهي، سندس چار ساٿي جيڪي ڏيکاريل آهن انهن جا نالا هن ريت آهن: قاضي زادهء رومي (الغ بيگ جو استاد) مولانا غياث الدين جمشيد مولانا معين ڪاشي مولانا صلاح الدين موسوي ويٺل الغ بيگ بيٺل قاضي زاده رومي، غياث الدين جمشيد، معين هاشمي ۽ صلاح الدين موسوي مدرسي جا ڪمرا جيڪي طالب علمن جي رهائش لاءِ هئا، هينئر اتي سوونيئر شاپ ٺهيل آهن ته جيئن سياح تاريخي عمارت کي ڏسڻ سان گڏ خريداري به ڪري سگهن. مدرسي جي ڪن ڪمرن اندر نوادرات ۽ ڪي آثار جن ۾ قلمي ڪتاب وغيره شامل آهن شوڪيسن ۾ رکيل آهن، هڪ شوڪيس ۾ الغ بيگ جي تيار ڪرايل زيج گورگاني (1448ع) جيڪا سورهين صدي يعني 1652ع ۾ آڪسفورڊ مان لاطيني زبان ۾ ڇپيل آهي، ان جو عڪس پڻ رکيل آهي. هن جو وڏو ڪارنامو شمسي سال جي وقت جي لحاظ کان پوري پوري پيمائش آهي. اها قسمت جي عجيب ستم ظريفي آهي ته الغ بيگ جهڙو روشن دماغ حڪمران پنهنجي پٽ ميرزا عبداللطيف جي هٿان قتل ٿي ويو. ان کان اڳ هن پنهنجي ڀاءَ عبدالعزيز کي به مارايو، ليڪن ڇهن مهينن بعد جڏهن عبداللطيف چنار باغ کان سمرقند اچي رهيو ته الغ بيگ جي هڪ نمڪ خوار بابا حسين عبداللطيف کي قتل ڪري سندس سر الغ بيگ جي مدرسي ٻاهران دروازي تي لٽڪائي ڇڏيو. جيئن تصوير نمبر ٻي مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ريگستان جي ميدان تي ٽي مدرسا آهن. الغ بيگ جو مدرسو جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو، سامهون يا وچ واري عمارت مسجد ۽ مدرسه طلاڪاري آهي ۽ الغ بيگ مدرسي جي آمهون سامهون مدرسه شيردار آهي. مدرسه طلاڪاري جيتوڻيڪ فن عمارتسازيءَ جي لحاظ کان ساڳئي قسم جو آهي پر ان جي گنبد ۽ ديوارن تي سون جي پاڻي ۽ ٻين رنگن جي ميلاپ سان تزئين ۽ آرائش جو جيڪو ڪم ٿيل آهي اهو حيران ڪندڙ آهي، اسان ان جي اندر ڪيمرا سان جيڪي فوٽا ڪڍيا آهن اهي جيتوڻيڪ ايترا صاف نه آهن پر انهن سان هڪ اندازو ٿي سگهي ٿو. ٻئي مسجد توڻي مدرسه طلاڪار ۽ مدرسه شيردار ازبڪ حڪمران امير يلنگتوش يارهين هجري سترهين صدي عيسويءَ ۾ تعمير ڪرايا جڏهن سمرقند تي ازبڪ قابض ٿي ويا. اهي ٻئي مدرسا ٽيهن سالن جي عرصي ۾ ٺهي پورا ٿيا. بلڪ مدرسه طلاڪاري 1647ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1660ع ۾ مڪمل ٿيو. ان جي پيش طاق جي اوچائي به سو فوٽن کان مٿي آهي. مدرسه شيردار 1619ع کان 1636ع ڌاري تعمير ٿيو. هن جو به اهوئي ساڳيو فن تعمير آهي. هن کي ’شيردار‘ ان ڪري چون ٿا جو پيش طاق جي مٿين ڪنڊن وٽ چيتي جون تصويرون ٺهيل آهن ۽ چيتي جي اڳيان هرڻ به ڏيکاريل آهي، چيتي کي سج جي تيز ڪرڻن ۾ انساني مهانڊن جي آڏو خاص انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هي ٻئي مدرسا جيتوڻيڪ مدرسه الغ بيگ کان ٻه صديون پوءِ تعمير ٿيا آهن ۽ وسعت ۾ وڌيڪ آهن، پر انهن ۾ اصل خوبصورتي ۽ توازن جو اهم سنگم ناپيد آهي جيڪو مدرسه الغ بيگ جي خصوصيت آهي. مان جڏهن مدرسه الغ بيگ جي اندر گهمي رهيو هوس ۽ جيئن هڪ ڪنڊ واري حجري ۾ گهري ليئو پاتم ته فوراً اتي بيٺل پهريدار مون ڏي وڌي آيو ۽ چيائين ته ٻه ڊالر ڏي ته توکي مٿي ان مينار تي چڙهڻ ڏيان ۽ تون مٿي وڃي سمورو نظارو ڪر. مون اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هن مون کي ان طرف کان جتي مرمت جو ڪم هلي رهيو هو، وٺي ويو ۽ مون کي مينار جي ڏاڪڻ ۾ چڙهڻ لاءِ چئي لوهي ڄاريءَ جو دروازو بند ڪري ڇڏيائين ته جيئن ٻئي ڪنهن کي خبر نه پوي. آءٌ پهريائين ته شوق ۾ ڪافي ڏاڪا چڙهي ويس پر چوٽيءَ تي پهچڻ کان اڳ ئي لهي آيس جومٿي ڏاڪا ڪافي سوڙها هئا ۽ وڌيڪ وقت لڳي رهيو هو. انهن مدرسن جا حجرا جيڪي شاگردن لاءِ گويا هاسٽل جا ڪمرا هئا، ڏسي مون کي ياد آيو ته آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج ۾ پراڻين هاسٽلن يا ڪورٽن جا نقشا به ائين آهن ته پهريائين هڪ وڏي گيٽ مان داخل ٿيو ته اندر چئني طرفن کان هڪ ٻه يا ٽه ماڙ ٺهيل ڪمرا نظر ايندا. ليڪن سوال اهو هو ته ڇا اهي به ايڏا خوبصورت ۽ سهڻا ٺهيل هئا. هرگز نه. ان مان هن ڳالهه جو اشارو ٿي مليو ته ڪو وقت هو جڏهن مسلمانن وٽ تعليم جي سڀ کان وڌيڪ اهميت هئي ۽ اهوئي دور سندن ترقيءَ جو دور هو. جنهن جو ثبوت الغ بيگ جي اها علم هيئت ۾ زيج يا جدول (Table) آهي جيڪا الغ بيگ جي مرڻ کان ٻه صديون پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ لاطيني زبان ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي آهي. هن مان ان جو پڻ واضح ثبوت ملي ٿو ته اهو وقت هو جڏهن وڌ ۾ وڌ خرچ يا موجوده دور جي اصطلاح ۾ بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ٿيندو هو. مسجد بيبي خانم: ريگستان چوڪ ۾ انهن ٽنهي مدرسن جي ٻئي طرف هيءَ شاندار عمارت آهي جيڪا هڪ روايت موجب تيمور هندستان جي فتح کان واپس ٿيڻ بعد 801هه/1399ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي. هڪ ٻي روايت موجب ته جڏهن تيمور اڃا هندستان ۾ هو ته هيءَ مسجد سندس گهر واري بيبي خانم جيڪي چيني نسل جي هئي، ان ٺهرائڻ شروع ڪئي. بهرحال ان مسجد جي تعمير ۾ اهو تصور ڪار فرما هو ته اها هر حال ۾ اڳئين عمارتن کان وسيع، بلند ۽ منفرد هوندي. ان جي تعمير ۾ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان آيل ڪاريگرن، انجنيئرن، ڪاشيگرن ۽ سنگتراشن حصو ورتو. ’ظفرنامه‘ جي لکڻ موجب هندستان مان آندل هاٿين مان پنجانوي هاٿي آذربائيجان، ۽ ايران مان سنگ مرمر ۽ ٻيا پٿر ڍوئڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا. ليڪن 1404ع ۾ جڏهن امير تيمور هڪ ڊگهي جنگي مهم کان واپس آيو ۽ هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيائين ته مسجد جي پيش طاق جي گهٽ اوچائيءَ تي کيس غصو آيو ۽ اهو يڪدم ڊهرائي ڇڏيائين. بلڪ روايت موجب جيڪي ان ڪم جا نگران هئا انهن کي مارائي ڇڏيائين ۽ ان کان پوءِ پاڻ سڄي ڪم جي نگراني ڪرڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ اسپين جي رياست قسطليه جو سفير ڪلاويجو امير تيمور جي درٻار ۾ آيل هو جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ اهو سڄو احوال ڏنو آهي ته ڪيئن تيمور پاڻ ان ڪم جي نگراني ڪندي هدايتون ڏيندو هو. هن اهو به لکيو آهي ته ڪيئن تيمور گوشت جون ديڳيون رڌرائي اهي پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ڪم ڪندڙ رازن ۽ مزدورن کي کارائيندو هو. مسجد جي پيمائش ڊيگهه پنج سو فوٽ ۽ ويڪر ساڍا ٽي سو فوٽ آهي، ان جو پيش طاق (portal) هڪ سئو فوٽن کان مٿي آهي ۽ ان جو مينار ڏيڍ سو فوٽن کان وڌيڪ اوچو آهي. مسجد جي اندر چار سئو ٿنڀا ۽ انهن تي چار سئو گنبد آهن. مسجد جي وڏي گنبد تي قرآن جون آيتون ايڏي وڏي خط ۾ لکيل آهن جو پري کان پڙهڻ ۾ اچن ٿيون. اها ايڏي ساري تعمير پنجن سالن جي اندر يعني 1404ع ۾ 806 هجريءَ ۾ مڪمل ٿي. اهو سن مٿي دروازي تي لکيل آهي جتي امير تيمور گورگان جو نالو ۽ سندس ابن ڏاڏن جا نالا به اُڪريل آهن. هن مسجد جي صحن جي وچ ۾ ٿلهي تي سنگ مرمر جو هڪ وڏو رحل ٺهيل آهي جتي شايد ڪنهن وقت قرآن شريف رکيل هوندو. چون ٿا ته جيئن هيءَ مسجد ٺهي راس ٿي ته ان جا ڪي حصا ڪِرڻ لڳا، شايد ان جو سبب اهو هو ته اها تمام گهڻي جلدي ۾ ٺاهي وئي هئي. اڻويهه صديءَ ۾ وڌيڪ نقصان آيل زلزلي سبب ٿيو جنهن ڪري هيءَ مسجد اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي ۽ دروازو بند آهي جنهن تي قفل لڳل آهي. وڏي محنت کان پوءِ ٻاهريون دروازو يا گيٽ بحال ٿيو آهي. پر مون جڏهن ان کي ڪنڌ مٿي کڻي گهڻي غور سان ڏٺو ته ان جا ڪي حصا اڃا تائين پوري طرح مرمت نه ٿي سگهيا آهن. تاهم ان دروازي جي پيش طاق جو جاهه و جلال ڪنهن حد تائين واپس آندو ويو آهي. مسجد جي اتر طرف جتي پراڻي زماني ۾ ڪي دڪان يا بازار هوندي اتي هينئر جديد قسم جو مارڪيٽ ٺاهيو ويو آهي جيڪو هر طرف کان کليل نظر اچي ٿو. البت ان ۾ وڪڻڻ لاءِ ٿلها ٺاهي ڏنا ويا آهن. اتي هر قسم جو خشڪ ميوو وڪري لاءِ موجود هو ۽ وڪرو ڪندڙ عورتون هيون. مسجد بي بي خانم جي سامهون روڊ جي ٻئي طرف بيبي خانم جو مقبرو آهي، جنهن کي لڳي ٿو مڪمل طور مرمت ڪري نئين رنگ ۾ آندو ويو آهي. مان جڏهن ان ۾ اندر داخل ٿيس ته ڏٺم ته قبرون هيٺ آهن جن لاءِ الڳ ڏاڪڻ هئي. ايتري ۾ اتي ويٺل عورتن مان هڪ مون کي اشارو ڏنو ته تون هيٺ وڃي سگهين ٿو. ائين آءٌ هيٺ لهي زيارت ڪري ٻاهر نڪري آيس. شاهه زندهه: هڪ ننڍي پهاڙيءَ تي هيءَ تاريخي قبرستان آهي. جنهن جي اصل شهرت جو سبب حضرت قثم بن عباس جي مزار ۽ مقبرو آهي. هو پيغمبر اسلام ﷺ جو سؤٽ هو. تاريخي روايت آهي ته هو حضرت عثمانؓ جي دور حڪومت سال 676 هجريءَ ۾ اسلام جي تبليغ خاطر هن علائقي ۾ آيو پر مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو. ليڪن اها روايت مشهور ٿي وئي ته هو شهيد ڪونه ٿيو بلڪه هڪ وڏي پٿر صخره ۾ اندر هليو ويو جنهن ڪري مقامي روايت موجب هو ”شاهه زندهه“ آهي. ابن بطوطه جڏهن 1331ع ۾ سمرقند آيو ته کانئس ذري گهٽ هڪ صدي اڳ چنگيز خان سمرقند کي تباهه ڪري چڪو هو، پر قثم بن عباس جو مقبرو صحيح سالم هو ۽ مقامي ماڻهو هر خميس ۽ آچر تي ان جي زيارت لاءِ ويندا هئا. بلڪه هو وڌيڪ لکي ٿو ته تاتاري خود اتي رڍون، ٻڪريون ۽ ڳئون ۽ روڪڙ نذراني طور ڏيڻ اچن ٿا. تيمور جي وقت ۾ ”شاهه زندهه“ جي اهميت ان ڪري وڌي وئي جو هن پنهنجي خاندان جا ڪيترا فرد جن ۾ سندس ٻه ڀينر شامل آهن، کي هتي دفن ڪرايو. اهڙي طرح ٻيا ڪيترا امير ۽ شاهي خاندان جا فرد هتي مدفون آهن. انهن سڀني جا الڳ الڳ ننڍا وڏا خوبصورت رنگين ڪاشيءَ جي سرن سان ٺهيل مقبرا آهن جيڪي خوبصورتيءَ جو اعليٰ نمونا آهن. اڄ به انهن جي ڪاشيءَ جي رنگن ۾ ڪو فرق نه آيو آهي، انهن جي تازگي ۽ چمڪ اڄ به اها ساڳي آهي پوءِ ڀلي ڪٿان اکڙي ويون هجن. مٿي پهاڙيءَ جي آخر ۾ حضرت قثم بن عباس جو قديم طرز تي ٺهيل مقبرو آهي جنهن سان گڏ ٽن گنبدن واري ننڍي مسجد آهي. وچ تي ننڍڙي زيارتگاهه به موجود آهي. جنهن تي 1331ع جو سن لکيل آهي جيڪو ظاهر آهي ته تيمور کان اڳ جو آهي. مزار تي پهچڻ لاءِ وروڪڙ برآمده آهي جنهن ۾ گهٽ روشني ڪرڻ لاءِ هيٺ ميڻ بتيون ٻاريل هيون ۽ مزار وٽ به ائين مڌم روشني هئي. آءٌ جڏهن اتي پهتس ته هڪ ٻه ماڻهو هئا جيڪي پڻ اٿي وڃڻ لڳا. آءٌ جلديءَ ۾ دعا گهري ٻاهر نڪري آيس. رصدگاهه الغ بيگ(observatory): شاهه زندهه کان جيئن آءٌ ٻاهر نڪتس ته مون ڊرائيور کي چيو ته هاڻي رصدگاهه تي هلڻو آهي. پر هن الائي ڇو ضروري سمجھيو ته مون کي پراڻي سمرقند يعني افراَسياب جي هڪ ڪنڊ تي ٺهيل مزار تي وٺي وڃي جيڪا اتان گهڻو پري نه هئي. مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ چڙهڻي پوي ٿي. آءٌ جڏهن اتي پهتس ۽ جوتا لاهي اندر داخل ٿيس ته مجاور مون کي ڏسي زور زور سان تلاوت شروع ڪئي. منهنجي آڏو هڪ ڊگهي ڪمري ۾ قبر مٿان اٽڪل 35 فوٽ ڊگهو پڙ پيل هو. ٻئي طرف ٻه ٽي نوجوان عورتون ويٺل هيون. جڏهن تلاوت ڊگهي ٿي وئي ته آءٌ اٿي قبر جي چوڌاري گهمي ٻاهر نڪري آيس ۽ نذراني طور ڪجھ پئسا اُن مجاور کي ڏنم. هڪ عام روايت موجب اها قبر حضرت دانيال پيغمبر جي چون ٿا جيڪا غلط ڳالهه آهي. دراصل اها هڪ ٻي ولي جنهن جو نالو دانيال هو، جي قبر آهي. هاڻي اسان سڌو رصدگاهه پهتاسين. جيئن آءٌ ان جي ڏاڪن تي قدم رکي رهيو هوس ته پري کان بيٺل هڪ شخص مون کي اشارو ڪيو ته نه اچ. اتي هڪ ٻيو ماڻهو ويجھو آيو جنهن چيو ته مقرر ٽائيم ختم ٿي چڪو آهي. مون کي ان ڳالهه جو گهڻو افسوس رهندو ته آءٌ ان کي نه ڏسي سگهيس. الغ بيگ هيءَ رسدگاهه پنهنجي دور حڪومت 832هه/1420ع ۾ تعمير ڪرائي جنهن جي نگراني مولانا علي قوشيجي جي هٿ هيٺ هئي. الغ بيگ جي شهيد ٿيڻ واري سال 1449ع ۾ ڪن عقل جي انڌن ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بابر پنهنجي تزڪ ۾ الغ بيگ جي رصدگاهه جو سرسري ذڪر ڪيو آهي. سمرقند تي روس جي قبضي کان پوءِ ويهين صديءَ جي شروع ۾ يعني 1908ع ۾ هڪ روسي ماهر آثار قديمه کوٽائي ڪري ڌرتيءَ هيٺ ٺهيل زاويه ماپ سدس (Sextant) کي نروار ڪيو جيڪو اڄ سوڌو قائم آهي. انهيءَ اوزار ذريعي الغ بيگ ۽ سندس ساٿين هڪ هزار کان وڌيڪ تارن جو مشاهدو ڪري انهن جي وقت ۽ مقام جو تعين ڪيو هو. مسجد حضرت خضر: سمرقند شهر جي ٻاهران قلعه افراسياب چڙهائي تي هيءَ مسجد واقع آهي جيڪا هونئن ته ننڍي آهي پر ان لاءِ روايت آهي ته اها پهرين مسجد آهي جيڪا امام قتيبه حضرت خضر عليه السلام جي اشاري ملڻ تي ٺهرائي. مان جڏهن هن مسجد وٽ پهتس ته دروازي جي ڏيڍيءَ اندر ويٺل ٻن عورتن مان هڪ مون کي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ چيو. آءٌ ٽڪيٽ وٺي اندر ويس ته مسجد جي هڪ طرف دالان ۾ صندل تي ننڍي قد سان بت ۾ هلڪو، مٿي تي پڳ، نهايت مختصر سونهاري سان هڪ بزرگ شخص ويٺل هو. جنهن جي پيرانديءَ کان وري هڪ ٻيو ماڻهو ويٺل هو. انهن جي سامهون ٻه ٽي بينچون پيل هيون جن تي ڪي عورتون ۽ مرد ويٺا هئا. مان مسجد ۾ اندر داخل ٿيڻ بجاءِ هنن ڏانهن رخ رکيو ته بزرگ سان ويٺل شخص اٿي مون کي کيڪاريو ۽ پڇڻ لڳو ته ڪٿا آيا آهيو. اهو شخص چڱيءَ ريت فارسي ڳالهائي رهيو هو. مون هن شخص کي پنهنجي باري ۾ فارسيءَ ۾ ٻڌايو ته امالڪ حافظ شيرازيءَ جا شعر پڙهڻ لڳو ۽ مون کي چوڻ لڳو ته توکي به حافظ جا شعر ياد آهن. مون فوراً سمرقند ۽ بخارا وارو شعر کڻي پڙهيو. پر مون ڏٺو ته کيس اها ڳالهه نه وڻي ۽ سمرقند جي بجاءِ ڪو ٻيو لفظ وجھي. حافظ جو ترميم شده شعر پڙهڻ لڳو. ان کان پوءِ هن ٻيا به ڪيترا شعر ٻڌائڻ لڳو ۽ مون کي به چوندو رهيو. ايتري ۾ اهو خواجه خضر جهڙي شڪل صورت وارو بزرگ ماٺ ڪري ويٺو رهيو. اتي سندن آڏو پيالي ۾ سردي جون ڪٽيل ڦاڪون پيون هيون، جيڪي مون کي کائڻ لاءِ چوندو رهيو ۽ مون ڪجهه کڻي کاڌيون جيڪي ڏاڍيون لذيذ هيون. مون کي جو بخارا وڃڻ جي تڪڙ هئي ته مان وڌيڪ ترسڻ بنا اٿي کڙو ٿيس ۽ جڏهن وري دروازي تي پهتس ته اها عورت مون کي اشاري سان مسجد جي ٻي پاسي کليل ميدان طرف وٺي آئي ۽ مسجد جي پويان سرن سان ٺهيل قبر جهڙي جاءِ طرف اشارو ڪري چوڻ لڳي ته اها امام قتيبه جي قبر آهي. ان کان پو هن مون کي اڱڻ ۾ موجود هڪ پراڻي کوهه جي منهن تي آڻي بيهاريو، اتي مون کانئس موڪلايو جو مون کي وڌيڪ دير ٿِي رهي هئي. خواجه عبيدالله احرار: سمرقند شهر جي ٻاهران نقشبندي سلسلي جي بزرگ خواجه عبيدالله احرار جو مدرسو، مسجد، خانقاهه ۽ مزار آهي. جيئن ماڻهو اتي پهچي ٿو ته پهريائين مدرسي جو عاليشان باب نظر اچي ٿو جنهن ڪري آءٌ ان ۾ اندر گهڙي ويس. اها هڪ وڏي عمارت آهي جيڪا زبون حالت ۾ آهي ۽ مرمت طلب آهي بلڪل ڀڙڀانگ پئي آهي، آءٌ جيئن اندر داخل ٿيس ته هڪ مرد ۽ عورت تي نظر پئي جيڪي شايد رکوالي ڪري رهيا هئا. مان اڳتي وڌي هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳس ته اها اڌڙوٽ عمر جي عورت منهنجي ويجهو اچي پهتي، مون کيس ڪيمرا هٿ ۾ ڏئي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. هن ٽڪ به ڪيو پر پوءِ خبر پئي ته فوٽو ڪونه آيو. مدرسي جي ٻاهر ٻئي طرف لڳو لڳ خانقاهه آهي، هاڻي مان ان طرف هليو آيس، ۽ جلدي جلدي ڪمرن ۾ واجهائڻ لڳس ته مزار ڪٿي آهي. ايتري ۾ آءٌ هڪ ڪمري ۾ دروازي تي پهتس جتي هڪ ماڻهو ڪجهه تبرڪات ۽ ڪيسٽون رکي ويٺو هو. مون کانئس پڇا ڪئي ته تو وٽ فارسيءَ ۾ ڪا شيءِ آهي. جواب ڏنائين ته نه! مون کانئس پڇيو ته ڀلا خواجه احرار جي مزار ڪٿي آهي. اشارو ڪري چيائين ته اڱڻ ۾ بيٺل هن وڏي وڻ جي ٻئي طرف ٿلهي تي جيڪي قبرون آهن انهن ۾ آهي. مان هاڻي انهيءَ وڻ جي هيٺان گذري رهيو هئس. مون ڏٺو ته اتي ڪي سن وغيره لکيل هئا جن مان اندازو ٿيو ته اهو وڻ خواجه احرار جي وقت جو يعني گهٽ ۾ گهٽ چار صديون اڳ جو آهي. مان جڏهن انهيءَ ٿلهي وٽ پهتس ته هڪ ٻه ٻيا ماڻهو باقي هئا جيڪي واپس وڃي رهيا هئا. اهو ٿلهو جنهن تي خواجه احرار جي مزار آهي، زمين کان پنج فوٽ کن مٿي ٿيندو جنهن تي ٻيون به ڪيتريون قبرون آهن. مون غور سان نهاريو ته هڪ قبر تي پنج فوٽ ڊگهي لوح سنگ مرمر تي وڏي عبارت لکيل آهي جيڪا ٻين قبرن کان منفرد هئي ۽ اهائي خواجه احرار جي قبر هئي. مان جلدي فاتحه پڙهي ٻاهر نڪري آيس. خواجه عبيدالله احرار نائين صدي هجري جي شروع ۾ خواجه محمد شاشيءَ جي گهر ۾ 806هه/1404ع ۾ پيدا ٿيو. ان زماني ۾ شاش عربيءَ ۾، ۽ چاچ فارسيءَ ۾ تاشقند کي چوندا هئا. هن اڻانوي سالن جي عمر ۾ سمرقند جي ننڍڙي ڳوٺ ڪمانگران ۾ 895هه/1490ع وفات ڪئي. هن سلطان ابوسعيد جيڪو خواجه احرار جو وڏو معتقد هو، جي چوڻ تي 855هه/1451ع ۾ تاشقند کي ڇڏي اچي سمرقند ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. خواجه احرار يعقوب چرخي کان فيض حاصل ڪيو جيڪو وري بهاءُالدين نقشبنديءَ جو خليفو هو. ليڪن ان کان علاوه هن خواجه علاؤالدين عطار جيڪو بهاءُالدين جو جانشين ٿيو، جي صحبت ۾ پڻ رهيو. خواجه احرار کي ’ولي سمرقند‘ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو جو تاريخي طور وقت جي حڪمرانن سان سندس سٺا تعلقات هئا جيڪي سندس وڏي عزت ڪندا هئا. دراصل تيمور جي پٽ شاهه رخ کان وٺي اڪثر حڪمران نقشبندي صوفين جا معتقد هئا. بابر بادشاهه جيڪو تيمور جي پنجين پيڙهيءَ مان هو، ’تزڪ بابريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته سندس پيءُ خواجه احرار جو مريد هو ۽ اڪثر ان جي حاضريءَ ۾ ويندو رهندو هو. بابر جڏهن 906هه/1500ع ۾ سمرقند فتح ڪيو ته ان کي خواجه احرار جي برڪت سمجهيو هئائين. بلڪ لکي ٿو ته ان کان اڳ هن خواب ۾ خواجه احرار کي ڏٺو جنهن مون کي فتح جي بشارت ڏٺي هئي. بابر پاڻ 935هه/1582ع ۾ خواجه احرار جي هڪ ننڍي رساله ’والديه‘ جو ترجمو ترڪيءَ ۾ ڪيو هو. عثماني سلاطين مان سلطان محمد فاتح دوم (1462ع-1451ع) غائبانه طور خواجه احرار جو عقيدتمند بنيو جنهن ڪري ڪي تحفا تحائف به موڪلي ڏنائين. اڳتي هلي ان جو اهو نتيجو نڪتو جو خواجه احرار جو خاص خليفو بابا حيدر استنبول ۾ وڃي قيام ڪيو ۽ اتي نقشبندي سلسلو قائم ٿيو، جيڪو اڄ تائين ترڪيءَ ۾ مقبول عام سلسلو نقشبندي آهي. مولانا عبدالرحمان جامي (817هه/989هه) خواجه احرار جو ننڍو معاصر آهي، ۽ نقشبندي سلسلي يا طريقي سان وابسته شخصيتن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. مولانا جامي فارسي زبان جو وڏو شاعر ۽ نثر نويس آهي، کيس خواجه احرار سان وڏي عقيدت هئي ۽ ان ڪري 870هه/1465ع ۾ خاص طور خواجه جي زيارت ۽ ملاقات لاءِ سمرقند جو سفر ڪيائين. مولانا جاميءَ مثنوي ’تحفه الاحرار‘ ۾ خواجه احرار سان والهانه عقيدت جو اظهار ڪيو آهي جنهن جي هڪ بند ۾ چوي ٿو: زد به جهان نوبت شاهنشاهي ڪوڪبه فقر عبيد الاهي. ترجمو: جهان ۾ شهنشاهيءَ جي نوبت وڄي چڪي جيڪا عبيدالله (احرار) جي فقر جي چمڪندڙ تارن جو نتيجو آهي. امام بخاريءَ جي مزار: سمرقند جي اُتر ۾ ٽيهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اسلام جي هڪ وڏي شخصيت امام محمد بن اسماعيل بخاريءَ جي مزار آهي. هو 196هه/810ع ۾ بخارا ۾ ڄائو ۽ 256هه/870ع ۾ وفات ڪيائين. سندس عظيم ڪارنامو سورهن سالن جي ڏينهن رات جي محنت کان پوءِ حديثن جي مجموعي صحيح بخاري کي مرتب ڪرڻ آهي، جنهن کي قرآن کان پوءِ معتبر ترين ڪتاب مڃيو وڃي ٿو. صحيح بخاريءَ ۾ ڪل 2762 حديثون آهن. بشرطيڪ ورجايل حديثن کي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو وڃي. امام بخاريءَ جي مزار جو ميدان وسيع و عريض ايراضيءَ تي ڦهليل آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه دير هلڻ بعد سنگ مرمر جو چار پنج فوٽ اوچائي تي ٺهيل چبوترو آهي جيڪو چئن طرفن کان کليل آهي يعني چئني ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ان جي اندر پنج فوٽ اوچي ٿلهي تي امام بخاريءَ جي مرقد آهي جيڪا ڪاري سنگ مرمر جي آهي، اهو سڄو ڪم نهايت نفيس نموني ۾ ٿيل آهي. مزار جي مٿان ڪو وڏو قبو يا گنبد ناهي. قبر کان ويهه فوٽن تي پري ٻه ٽي بئنچون پيل آهن جن تي زائرين ويهي دعا گهرائن ٿا ڇو ته ان ڪم لاءِ اتي اڳيئي هڪ امام ويٺل نظر اچي ٿو. مون به اتي ويهي دعا گهري ۽ قبر جي چوڌاري ڦري ٻاهر نڪرڻ لڳس ته هڪ طرف مسجد نظر اچي وئي. مون مسجد جي دروازي تي بيهي اندر نظر وڌي ته مسجد نئين تعمير ٿيل نظر آئي. مسجد جي سامهون ٻئي طرف ڪجهه ڪمرا ڏسي آءٌ ان طرف هليو ويس، خبر پئي ته اهي ميوزيم جا ڪمرا آهن. اتي موجود نگران مون کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني. مون اندر وڃي ڏٺو ته صحيح بخاريءَ جا ڪجهه ڇپيل نسخا رکيل هئا، يا ان جون ڪي شرحون موجود هيون، جيئن ته صحيح بخاريءَ جون سون جي تعداد ۾ شرحون لکيون ويون آهن، ان لحاظ کان هتي رکيل تعداد بلڪل ناڪافي معلوم ٿيو. مزار کان جڏهن آءٌ ٻاهر نڪري رهيو هوس ته مون ڏٺو ته ڪي نوان شادي شده جوڙا گهوٽ ڪنوار جي ڪپڙن ۾ ملبوس مزار تي حاضري ڏئي ٻاهر اچي رهيا هئا ۽ پنهنجن مائٽن سان فوٽو ڪڍرائڻ ۾ مشغول هئا، مون ڪنهن کان پڇا ڪونه ڪئي پر محسوس ٿيو ته اهي ماڻهو ائين ضرور خير و برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندا هوندا. بخارا سمرقند کان بخارا 270 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اسان اٽڪل ساڍي نوين بجي اچي بخارا هوٽل ۾ پهتاسين جتي اڳيئي بڪنگ ٿيل هئي. هي ڏهه ماڙ عمارت آهي ۽ شهر جي وچ ۾ آهي جتي وڏو تعداد غير ملڪي سياحن جو ڏسڻ ۾ آيو. بخارا نهايت تاريخي شهر آهي جيڪو 54هجريءَ ۾ اسلامي سلطنت جو حصو بنيو ۽ 91هجريءَ قتيبه بن مسلم باهلي هتي جو حڪمران ٿيو، ان کان پوءِ بخارا اسلامي علوم ۽ فنون جو اهم مرڪز رهيو آهي. جيتوڻيڪ 1220عيسويءَ ۾ منگول سردار چنگيز خان جي هٿان اهو تباهه ٿيو پر جلدئي وري ساڳيو عروج حاصل ڪري ويو. ڪو وقت هو جڏهن بخارا ۾ 360 مسجدون ۽ 80 مدرسا هئا جن ۾ ڏهه هزار کان وڏيڪ طالب علم هئا. اهڙيءَ طرح شهر ۾ 118 حوض هئا. بخارا ٽين ۽ چوٿين صدي هجري يا نائين ۽ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ ايراني نسل جي ساماني حڪمرانن جي تسلط هيٺ رهيو، جيڪي بغداد جي عباسي خليفن جي مرضيءَ سان حڪمران بنيا هئا. اهوئي فارسي زبان جي ترقي ۽ اوسر جو دور آهي جڏهن فردوسي جهڙي شاعر ’شاهنامه‘ لکڻ جو آغاز ڪيو. بخارا جو شهر ۽ ان جي ماڻهن جي خوبصورتي ۽ حسن به ملڪان ملڪ مشهور هو، ايران جي شاعر حافظ شيرازيءَ کي بيشڪ شيراز جو حسن وڌيڪ پسند هو، ليڪن کانئس ٻه صديون اڳ مولانا رومي پنهنجي جڳ مشهور مثنوي جي ٽئين دفتر ۾ هڪ اهڙي عاشق جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو معشوق بخارا ۾ رهي ٿو. مولانا رومي پهريائين بخارا شهر جي تعريف هن ريت ڪري ٿو: اين بخارا منبع دانش بود پس بخارا ايست هرکه آنش بود ترجمو: اهو بخارا ئي آهي جيڪو علم ۽ ڏاهپ جو سرچشمو آهي انڪري بخارا جي خبر ان کي پوندي جيڪو ان جي حسن ادا کي ڏسي. حڪايت ته ڊگهي آهي پر محبوب جي حسن کي بيان ڪندي چوي ٿو: در سمرقند ست قند، اما لبش از بخارا يافت و اَن شد مذهبش اي بخارا، عقل افزا بوده اي ليک از من عقل و دين بربوده اي. ترجمو: جيتوڻيڪ سمرقند ۾ کنڊ ۽ شڪر آهي، پر ان جي چپن جو مٺاس کيس بخارا ۾ مليو ۽ اهوئي هن جو سڀ ڪجهه هو. اي بخارا، تون عقل ۽ ڏاهپ کي وڌائڻ وارو آهين، ليڪن مون کان ته عقل به ويو ته دين ۽ مذهب به ويو! اهڙيءَ طرح فارسي زبان جو ٻيو اوائلي شاعر رودڪي به ساماني دربار سان وابسته هو. انهيءَ دور ۾ اسلامي دنيا جو ڏاهو فيلسوف ۽ حڪيم بوعلي سينا (980هه/1037ع) پڻ بخارا جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هو ڪجهه وقت لاءِ ساماني حڪمران جو صلاحڪار ۽ مشير ٿي رهيو. اتي ئي هن پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب ’القانون في الطب‘ تصنيف ڪيو جيڪي ايندڙ پنجن صدين تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو. بوعلي سينا پنهنجي مختصر خودنوشت سوانح ۾ لکيو آهي ته بخارا ۾ ڪيڏي وڏي پيماني تي ڪتابن جي بازار لڳندي هئي ۽ ڪيئن هڪ ڏينهن هن کي منطق ۽ حڪمت تي هڪ اهڙو ڪتاب هٿ آيو جنهن سان سندس چوڏنهن طبق روشن ٿي پيا هئا. بخارا ۾ جڏهن آءٌ صبح جو تيار ٿي ٻاهر نڪتس ته ڊرائيور مون کي سڀ کان پهرين حضرت خواجه بهاءُالدين نقشبنديءَ جي مزار ڏانهن وٺي آيو جيڪا شهر کان ڪجهه فاصلي تي آهي پر بخارا ايئرپورٽ جي نزديڪ آهي. قصر عارفان جو هڪ عام نظارو- بخارا بهاءُالدين نقشبنديءَ جي مزار وسيع و عريض علائقي ۾ ڦهليل آهي ۽ ان جو تاريخي نالو ’قصر عارفان‘ آهي. مان جيئن اڃان بلڪل ٻاهرين گيٽ تي پهتس ته ڏٺم ته ڪيترائي فوٽو ڪڍرڻ وارا ۽ مووي ٺاهڻ وارا بيٺا هئا. ان کان اڳ اسان ڪار روڊ جي ٻئي طرف اسٽينڊ تي بيهاري جتي ميلي جو سمان هو، ڇو ته اتي ئي خريداري ڪرڻ لاءِ تبرڪات ۽ ٻيون شيون موجود آهن. مان اتي پهريائين مٿي ڍڪڻ لاءِ مقامي رنگ واري ٽوپي خريد ڪري مٿي تي پائي ڇڏي. آءٌ جڏهن گيٽ جي سامهون بيهي پنهنجي ڪيمرا سان فوٽو ڪڍڻ جو سوچي رهيو هئس ته هڪ فوٽوگرافر اڳتي وڌي آيو. مون کيس چيو ته هو منهنجو فل سائيز فوٽو ڪڍي. قصر عارفان جي مين گيٽ ٻاهران ان کان پوءِ هو فوٽوگرافر منهنجو دوست بنجي ويو ۽ مون کيس چيو ته تون منهنجي ڪيمرا سنڀال ۽ مون سان گڏ هل ته جيئن منهنجي مووي به ٺاهي سگهين ۽ فوٽا به ڪڍي سگهين. هن اها ڳالهه قبول ڪئي. ان کان پوءِ اسان اندر آياسين. ’قصر عارفان‘ هڪ قسم جو ڪامپليڪس آهي جتي ڪيتريون عمارتون آهن جيڪي هاڻي گهڻي ڀاڱي نهايت محنت سان مرمت ڪري بحال ڪيون ويون آهن، جن لاءِ ترڪيءَ جي حڪومت گهڻي مدد ڪئي هئي بلڪ هڪ اطلاع موجب ايوان، خانقاهه، مدرسي ۽ مسجد وغيره جي بحاليءَ جو مڪمل خرچ ترڪي حڪومت برداشت ڪيو هو. ان نئين مرمت شده ايوان جو افتتاح بهاءَالدين نقشبندي جي 675 ساله ورسيءَ جي موقعي تي ٿيو. جيئن اسان اندر داخل ٿياسون ته منهنجي نظر هڪدم پنج ڇهه فوٽ اوچائي تي ٺهيل ٿلهي تي وڃي پئي جنهن تي قبرن جا ڪتبا بلڪل واضح نظر اچي رهيا هئا. مون ويجهو وڃي ڏٺو ته انهيءَ پنج ڇهه فوٽ اوچي ٿلهي تي کليل آسمان هيٺان سنگ مرمر جي لوح سان خواجه بهاءَالدين جي قبر هئي. سمرقند ۾ هن کان اڳ آءٌ خواجه احرار جي قبر به بلڪل ائين ڏسي آيو هئس. معلوم ٿئي ٿو ته نقشبندي حضرات قبرن جي مٿان مقبرو يا روضو ڪونه ٿا ٺهرائن، بلڪ اهڙيءَ طرح جو قبرن جي ويجهو وڃڻ به مشڪل آهي. قبرن جي مٿان به ڪاشيءَ رکيل نظر ڪونه آئي. هاڻي مون وارو فوٽوگرافر منهنجو گائيڊ ٿي ڪم ڪري رهيو هو. ۽ هو مون کي تاريخي مسجد وٽ وٺي آيو جنهن کي پڻ تمام سٺي نموني بحال ڪيو ويو آهي. مسجد مان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ٿوري پنڌ ڪرڻ بعد مون ڏٺو ته ڪي سڪل وڻ جا ٿڙ آهن يا پورا ڪريل وڻ آهن، جن جي هيٺ مٿان اتان جا ماڻهو خاص ڪري عورتون گذري رهيون هيون، مون کي محسوس ٿيو ته اهي شايد ڪنهن مراد يا منت حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪري رهيا هئا. ائين اسان گهمندي گهمندي ميوزيم وٽ پهچي وياسين جتي اندر داخل ٿيڻ سان مون اتان جي نگران سان پنهنجو تعارف ڪرايو ته هو اتي مون سان گڏ هلڻ لڳو ته جيئن منهنجي رهنمائي ڪري سگهي. هن ميوزيم ۾ نقشبندي سلسلي جي اڪثر بزرگن جي ذاتي استعمال جي شين يا انهن جي آثارن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ ڪجهه قلمي ڪتاب وغيره به شوڪيسن ۾ رکيل آهن. اتي رکيل هڪ شوڪيس ۾ مون جڏهن هڪ قلمي نسخي جي نالي تي نظر وڌي ۽ وري اصل ڪتاب جي عبارت تي غور ڪيم ته معاملو اُلٽو نظر آيو. مون نگران جو توجهه ڇڪايو، خبر پئي ته هو فارسي عربيءَ کان نابلد هو، ليڪن چيائين ته هو اها ڳالهه ڄاڻو حلقن تائين ضرور پهچائيندو. نقشبندي سلسلي جي باري ۾ هتي ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بهاءَالدين نقشبنديءَ کان اڳ ۾ هيءُ سلسلو ’طريقه خواجگان‘ سڏبو هو جيڪو خواجه يوسف همداني (وفات 535هه/1140ع) کان شروع ٿئي ٿو. هن جيتوڻيڪ بخارا ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي پر پوءِ ارڙهن سالن جي عمر ۾ بغداد هليو ويو، جتي ابوعلي فارمدي کان بيعت ٿيو ۽ جڏهن واپس موٽي آيو ته سندس ڪيترا مريد ۽ خليفا پيدا ٿيا جن مان عبدالخالق غجدواني (وفات: 575هجري) جيڪو بخارا جي ويجهو غجدوان جو هو، خاص طور قابل ذڪر آهي، ان جو جانشين وري خواجه عارف ريوگري ٿيو. هو پڻ بخارا جي پسگردائيءَ جو هو. ان جو جانشين خواجه محمود انجير فغنوي ۽ ان جو جانشين عزيزان علي راميتني هو جيڪو پڻ ولايت بخارا جي ڳوٺ راميتن جو هو. راميتني کان پوءِ ان جا جانشين خواجه محمد بابا سماسي ۽ ان جو جانشين امير ڪلال (وفات 772هجري) ٿيو ۽ خواجه بهاءُالدين نقشبند انهن ٻنهي کان فيض حاصل ڪيو. بهاءُالدين سال 718هه/ 1318ع ۾ بخارا ۾ پيدا ٿيو ۽ 792هه/1389ع ۾ وفات ڪيائين. ابجد جي حساب موجب ’قصر عارفان‘ منجهان ئي وفات جو سال 792 نڪري ٿو. خواجه بهاءُالدين کان اڳ هن سلسلي ۾ پڻ قادري سلسلي وانگر ذڪر ’جهر‘ يعني وڏي آواز سان ذڪر ڪرڻ جو رواج هو، ليڪن خواجه بهاءُالدين مخفي يعني هوريان ذڪر ڪرڻ ۽ دل ۾ لفظ الله جي نقش ويهارڻ تي زور ڏنو جنهن ڪري پاڻ ’نقشبند‘ جي لقب سان ۽ کانئس پوءِ هيءُ سلسلو نقشبندي نالي سان مشهور آهي. خواجه نقشبندي جي وفات کان پوءِ هيءُ سلسلو برصغير ۽ ترڪيءَ ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هندستان ۾ هيءُ سلسلو خواجه باقي بالله جيڪو ڪابل جو هو جي معرفت پهتو ۽ ان وقت پنهنجي عروج تي پهتو، جڏهن شيخ احمد سرهندي دهليءَ ۾ باقي بالله کان بيعت ڪري هن سلسلي کي دين جي تجديد خاطر اڪبر بادشاهه جي غير اسلامي عقيدن خلاف استعمال ڪيو، ان ڪري کيس مجدد الف ثاني سڏيو وڃي ٿو. لب حوض خواجه بهاءُالدين نقشبنديءَ جي مزار کان پوءِ ڊرائيور سڌو ’لب حوض‘ وٺي آيو جيڪو بخارا جو گويا مرڪز آهي ۽ جتي تاريخي حوض آهي. قديم بخارا ۾ اهڙا سوين حوض هئا. حوض جي ٽن طرفن کان بلند عمارتون آهن، اوڀر ۾ نادر ديوان بيگي مدرسو آهي جيڪو 1622ع ۾ مڪمل ٿيو. اولهه ۾ نادر ديوان بيگي خانقاهه آهي، اهي ٻئي عمارتون عبدالعزيز خان جي وزير نادر بيگ ٺهرايون هيون. حوض جي اتر ۾ رستي جي ٻئي طرف ڪوڪلتاش مدرسو آهي جيڪو وڏي ۾ وڏو چيو وڃي ٿو. حوض جي ڏکڻ ۾ بخارا جي يهودين جو پراڻو محلو قائم هو. هتان کان اڳتي بخارا جي قديم بازار يا ڪاروان سرايون شروع ٿين ٿيون، انهيءَ ڪري مون پاڻ پنڌ هلڻ شروع ڪيو. مون گذريل ٻن ڏينهن کان ڪوشش پئي ڪئي ته ڪٿي ڪتابن جو دڪان نظر اچي ته اهو شوق به پورو ٿئي. آخر اتي منهنجي نظر هڪ اهڙي جڳهه تي پئي، آءٌ اندر گهڙي آيس ۽ پڇا ڪيم ته ڪو فارسيءَ ۾ ڪتاب آهي. خبر پئي ته نه، تنهن هوندي به مان اتي رکيل ڪتابن کي وري به غور سان ڏسڻ شروع ڪيو. آخر مون کي اتي ڪافي وقت اڳ ڇپيل نظامي جي خمسه ۽ امير خسرو جي ’شيرين فرهاد‘ بابت آرٽ پيپر تي مصوري وارا ڪتاب هٿ لڳا. اتي ٻئي دڪان جي ٻاهران عربيءَ ۾ هڪ ننڍڙو پمفليٽ به هٿ آيو جيڪو تاشقند ۾ 2007ع ۾ ٿيل تقريب بابت هو. جنهن ۾ تاشقند جي حست امام متعلق مواد ڏنل هو. گهڻي پڪائيءَ کان پوءِ اهي ٻئي ڪتاب مون کي پنجاهه ڊالرن ۾ مليا جيڪي مون محسوس ٿي ڪيو ته مهانگا آهن، پر آخر بخارا مان ڪو ڪتاب ته وٺڻو هو. هاڻي مان جيئن اڳتي هلندو ويس ته هڪ ٻئي پٺيان ڪاروان سراءِ جا نالا نظر ايندا ويا. هينئر انهن جي اندر سياحن جي خريداريءَ لاءِ شيون رکيون اٿن. هن کان اڳتي ڍڪيل بازار شروع ٿي وئي. ڪجهه فاصلي تي هڪ قسم جو دالان ٿي آيو، جيڪو وسيع و عريض هو ۽ ان جي مٿان وچ تي هڪ وڏو گنبد ۽ انهيءَ گنبد جي پاسن ۾ ننڍڙا اڌ گنبد آهن، انهن جي هيٺان چؤطرف وڪري جي شين رکڻ لاءِ ٿلها يا پليٽ فارم ٺهيل آهن. پهرين طاق صرافان، پوءِ طاق زرگران ۽ ان کان پوءِ طاق تلپڪ فروشان اچن ٿا. طاق انهيءَ ڍڪ بازار کي ئي چئجي ٿو جيڪي ان لاءِ ٺاهيون ويون هيون ته جيڪي قافلا بخارا ۾ ايندا هئا ۽ اچي انهن ڪاروان سراين ۾ قيام ڪندا هئا، اهي پنهنجو وکر ۽ سامان انهن بازارن ۾ وڪرو به ڪندا هئا ته خريد به ڪندا هئا. طاق صرافان جو مطلب جتي سڪا مٽائي سگهبا هئا. زرگران معنيٰ سون ۽ چاندي وغيره جو ڪاروبار. تلپڪ فروشان جو مطلب، ٽوپيون ٺاهيندڙ هئا. وڏي ديوار مير عرب مدرسي جي آهي، سامهون طاق ڌلپڪ فروشان- بخارا ڍڪ بازار جا گنبد ڪافي اوچا آهن ۽ اهي سرن جي ونگن تي ڪمال ڪاريگريءَ سان بيهاريا ويا آهن. انهن جي ٺاهڻ جو اهو به مقصد هو ته اهي گرميءَ کان گهڻو محفوظ هوندا هئا. جتي اها بازار ختم ٿئي ٿي ته ان جي ٻئي ڇيڙي تي ’مينار ڪلان‘ ۽ ’مسجد ڪلان‘ موجود آهن. مينار ڪلان کي بخارا جي سڃاڻپ چيو وڃي ٿو جيڪو قراخاني حڪمران ارسلان خان 1127ع ۾ ٺهرايو هو. هن کي ڏسي مون کي دهلي جو قطب مينار ياد اچي ويو. ڪلان جي فارسيءَ ۾ معنيٰ ئي آهي وڏو يا اوچو ۽ ان جي بلندي ستيتاليهه ميٽر آهي ۽ ان جو زمين تي بنيادي گهيرو ڏهه ميٽر آهي، جيتوڻيڪ اهو صرف پڪل سرن جو ٺهيل آهي. پر ان ۾ ڪاريگريءَ جو ڪمال نظر اچي ٿو. ان کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ڪيترن قسمن جا گولا ۽ گولايون ڏنل آهن جيڪي تعداد ۾ چوڏهن آهن. چون ٿا ته گذريل نون صدين ۾ انهيءَ مينار کي ڪنهن خاص مرمت جي ضرورت نه پئي آهي. تيرهين صديءَ جي شروع ۾ جڏهن چنگيز خان بخارا کي تاراج ڪيو ۽ هن مينار وٽ پهتو ته ان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. انهيءَ ڪري مينار کي ڪجهه نه ڪيائين البت ان جي ڀرسان جيڪا مسجد هئي، ان کي ڊهرائي ڇڏيائين. طاق زرگران جي پاسي ۾ الغ بيگ مدرسو آهي جيڪو هن پنهنجي ايامڪاري ۾ 1417ع ۾ ٺهرايو. الغ بيگ هڪ ٻيو اهڙو مدرسو غجدوان ۾ پڻ ٺهرايو هو جيڪو مشهور نقشبندي صوفي عبدالخالق غجدواني جو مسڪن هو جيڪو بخارا کان پنجيتاليهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. ساڄي کان: مسجد ڪلان، مينار ڪلان ۽ مير عرب مدرسو- بخارا الغ بيگ مدرسي جي سامهون عبدالعزيز مدرسو آهي جيڪو هن 1652ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪيو هو. عبدالعزيز استرخاني حڪمراني هو، سمرقند جي ريگستان ميدان وانگر بخارا ۾ پڻ مينار ڪلان ۽ ان جي سامهون ميدان اهم تاريخي ورثو آهن. مينار ڪلان جي ڀرسان مسجد جنهن کي چنگيز خان تباهه ڪيو. سورهن صديءَ ۾ وڏي جامع مسجد جي صورت ۾ تعمير ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏهه هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. مسجد جي سامهون مير عرب مدرسو آهي، جيڪو 942هه/1535ع ۾ مڪمل ٿيو. اهو واحد مدرسو آهي جيڪو اشتراڪي روس جي وقت ۾ ڪجهه وقت لاءِ بند رهيو، پر پوءِ 1941ع ۾ اسٽالن جي حڪم سان کوليو ويو. ۽ ان ۾ 80 کان وڌيڪ طالب علمن کي پڙهڻ جي اجازت نه هئي. هينئر ان ۾ ٻه سؤ طالب علمن لاءِ بندوبست آهي. مير عرب لاءِ چون ٿا ته هو اصل ۾ يمن جو عرب هو جيڪو نقشبندي سلسلي سان وابستگي سبب هتي آيو ۽ شيباني حڪمران عبيدالله خان هن لاءِ هيءُ مدرسو تعمير ڪرايو. هن مدرسي جي پيش طاق تي نهايت خوبصورت ڪاشي ۽ گلڪاري جو ڪم ٿيل آهي. مان جڏهن هن مدرسي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته اتي بيٺل ماڻهو مون کي اندر اچڻ کان اهو چئي منع ڪئي ته مدرسي ۾ پڙهائي ٿي رهي آهي. چون ٿا ته روسي اقتدار جي زماني ۾ ترڪستان يعني وچ ايشيا جي پنجن ملڪن ۾ ڇويهه هزار مسجدن مان صرف چار سو کليل هيون ۽ انهيءَ پوري علائقي ۾ هڪ مير عرب مدرسو بخارا ۾ ٻيو تاشقند ۾ مرڪزي درسگاهه کليل هئا. مينار ڪلان ميدان ۽ ان جي آسپاس ٻيا به ڪيترا تاريخي آثار ۽ ماڳ مڪان آهن، پر اتي ئي منجهند جو وقت اچي ٿيو هو، سو مون ڊرائيور کي موبائيل تي فون ڪري اچڻ لاءِ چيو. هاڻي اسان لب حوض جي چوڌاري ٺهيل هڪ ريسٽورنٽ جي ٻاهران پيل صندل تي طول وهاڻن تي چڙهي ٽيڪ ڏئي ويٺاسين ۽ پلاء جو آرڊر ڏنوسين، سامهون حوض ۾ ننڍڙا ڦوهارا به هلي رهيا هئا ۽ اسان ان تاريخي توت جي وڻ هيٺان ويٺا هئاسون جيڪو پنج سؤ سال کان وڌيڪ پراڻو هو ڇو ته ان تي سال 1441ع لکيل هو. دراصل اتي ڪل چار پنج توت جا وڻ هئا جيڪي حوض جي چئني طرفن کان لڳل هئا، اسان جنهن توت جي وڻ جي هيٺان ويٺا هئاسون ان جي هڪ ٻه شاخ سائي آهي. نه ته باقي سڪل هو. بهرحال سڄي رونق لب حوض ۽ اتي اهڙن ٻين ننڍن ريسٽورنٽ يا چاءِ خانن جي آهي جتي هر وقت چڱي خاص رش رهي ٿي. حوض جي هڪ ڪنڊ تي ملا نصر دين جو مجسمو ۽ ان جي پٺيان اٺن جي قطار ٺهيل آهي جن مان ڪي ويٺل به ڏيکاريا ويا آهن. ملا نصردين جيڪو پنهنجن لطيفن سبب مشهور آهي، تنهن لاءِ چون ٿا ته جڏهن امير تيمور، عثماني ترڪن کي شڪست ڏئي واپس وريو هو ته ملان کي پاڻ سان وٺي آيو هو. ماني کائي آءٌ وري لب حوض جي اتر طرف ڪوڪلتاش مدرسي ۾ اندر گهڙي ويس ته معلوم ٿيو ته ان جي اندر حجرن ۽ برآمدن ۾ سياحن لاءِ سوکڙين پاکڙين جا اسٽال ئي آهن. مان پورو چڪر ڏئي هڪ ٻه شيون ورتيون. بهرحال مان جڏهن اتي گهمي رهيو هوس ته ڪاروان سان گڏ هلندڙ قافلن جي روانگي واري مڌر موسيقيءَ جو آواز ڪنن تي پيو. مان ان اسٽال تي وڃي ٻه سي.ڊيون ورتيون جن تي ڪاروان لکيل هو. مينار ڪلان کا ايندي رستي ۾ منهنجي نظر بخارا جي تاريخي قلعي ارگ بخارا تي پئي هئي تنهنڪري هاڻي ڊرائيور کي چيم ته ان طرف هل. قلعي ۾ جنهن طرف کان داخل ٿجي ٿو، ان ديوار ۾ مين گيٽ کي مرمت ڪري بحال ڪيو ويو آهي. هونئن هن قلعي جا بنياد ٻه هزار سال کان وڌيڪ پراڻا آهن، بهرحال پنجين صديءَ کان 1920ع تائين اهو قلعو آباد هو جڏهن روسي فوجن ان تي بمباري ڪئي، هينئر ان جو گهڻو حصو ۽ جايون تباهه برباد ٿي چڪيون آهن، چند باقي بچيون آهن. دنيا جي ڪنهن به قديم قلعي وانگر ان ۾ داخل ٿيڻ جو لنگهه چاڙهي ۽ ور وڪڙ آهي جنهن جي ٻنهي طرفن کان چوبدارن لاءِ ڪوٺيون يا جڳهون آهن، اتان نڪري اڃا مس مٿي پهچجي ٿو ته کاٻي طرف شروع ۾ ڪاٺ جي ٿنڀن تي بيٺل ننڍي مسجد آهي، جيڪا زير مرمت هئي. مان ان جي دروازي تي بيهي اندر نظر وڌي ته شوڪيسن ۾ قلمي ڪتاب رکيل معلوم ٿيا، جيتوڻيڪ دروازي جي سامهون رسي ٻڌي پئي هئي ته جيئن ڪو داخل نه ٿئي ۽ يونيفارم ۾ هڪ ماڻهو بيٺل هو جيڪو نگراني ڪري رهيو هو. پر اهو ماڻهو منهنجي پڪي ارادي ۽ نيت کان متاثر ٿي ويو ۽ مون کي اندر وڃڻ ڏنائين. مون ڏٺو ته ڪي قرآن شريف جا قلمي نسخا ۽ ٻيا فارسيءَ جا ڪتاب جن ۾ مثنوي رومي ۽ ڪي ٻيا ڪتاب رکيل هئا. مسجد سان لڳ تاجپوشي يا ڪرنش ايوان جا ڪي آثار باقي آهن، جتي بادشاهن جي تاجپوشي ٿيندي هئي يا هو ٻاهر ان آيل سفيرن سان ملندا هئا انهيءَ جڳهه تي بخارا جي آخري حاڪم عالم خان 1910ع ۾ تخت تي ويٺو هو. ائين ڊٺل ۽ ڦٽل آثارن مان هلندي آءٌ قلعي جي آخري ڇيڙي تي پهتس جتي مون ڏٺو ته هڪ ڪمري تي تالو لڳل آهي ۽ ڪا پهر ڪونه هئي. مون کي الائجي ڇو افسوس ٿيو ته جيڪر اهو ڪمرو کليل هجي ها. اتان آءٌ واپس ٿيڻ لڳس ۽ جڏهن آءٌ قلعي جي مين گيٽ وٽ پهتس جتي پاسي وارن ننڍن ڪمرن اندر توڙي رستي ۾ ٺيلهن تي وڪري لاءِ ڪيتريون شيون رکيون هيون. اتي مون ڏٺو ته فارسي يا عربيءَ ۾ ڪن قلمي ڪتابن جا صفحا جن تي تصويرون ۽ شڪليون ٺهيل هيون، ديوار تي پوسٽر وانگر لڳل هئا. مان ويجهو وڃي انهن کي غور سان چتائي ڏسڻ لڳس ته ايتري ۾ هڪ نوجوان منهنجي طرف وڌي آيو ۽ مون کي اڌوگابري انگريزيءَ ۾ پڇڻ لڳو ته قلمي ڪتابن ڏسڻ يا وٺڻ ۾ دلچسپي رکان ٿو. مون هائوڪار ڪئي ۽ چيم پر پهرين مون کي اهي ڏسڻ ڏي. ائين چئي هو مون کي وري مٿي وٺي آيو ۽ اچي ان ڪمري کي کوليائين جنهن تي تالو لڳل ڏسي مون کي افسوس ٿيو هو. هن مون کي ٻڌايو ته هو اتان جو انچارج آهي. ائين چئي هن پاسي واري ڪٻٽ مان قلمي ڪتاب ڪڍي منهنجي آڏو رکڻ شروع ڪيا. پهريائين چند قرآن شريف جا نسخا ڏيکاريائين. اتي مون کيس چيو پر آءٌ تصوف جي ڪتابن ۾ دلچسپي رکان ٿو. هن باقي ڪتاب ڪڍي منهنجي آڏو رکيا. آءٌ اهي ڏسندو هن کي انهن جا نالا وغيره ٻڌائيندو ويس جو مون محسوس ڪيو ته هن کي فارسي وغيره جي ڪا خبر ڪونه هئي. هن مون کي ويهارو کن ڪتاب ڏيکاريا. جن مان گهڻا قرآن جا نسخا جيڪي پڻ غير مڪمل هئا جو انهن جا ڪجهه صفحا کٽل هئا، باقي فقه يا حديث بابت هئا. ليڪن هڪ ڪتاب جي نشاندهي ڪندي مون کيس ٻڌايو ته اهو يعقوب چرخيءَ جو فارسيءَ ۾ تفسير آهي، يعقوب چرخي خواجه بهاءالدين نقشبنديءَ جو خاص خليفو ۽ خواجه عبيدالله احرار جو مرشد هو ۽ نقشبندي سلسلي ۾ اهم مقام والاري ٿو. اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، پر مون کيس ٻڌايو ته اهو پاڪستان ۾ فارسي بلڪ ان جو اردو ترجمو به ڇپيل آهي. مان ڏيڍ ڪلاڪ کن هن سان گڏ گذاريو ۽ آخر ۾ قرآن شريف جي هڪ مڪمل نسخي بابت پڇا ڪئي جنهن بابت هن چيو ته اهو پنج سو ڊالرن يعني چاليهه هزار روپين جو ٿيندو. ايتري ۾ مون هن کان سندس مشغولين بابت پڇيو. هن چيو ته هو پاڻ ليکڪ آهي ۽ تازو عمر خيام جي رباعين جو مجموعو روسي، ازبڪ ۽ انگريزيءَ ۾ ترتيب ڏنو اٿس، ائين چئي اهو ننڍڙو ڪتابڙو مون کي پيش ڪيائين. مون کيس چيو ته ان تي پنهنجو آٽوگراف يعني دستخط ڪري ڏئي. هن ائين ڪيو ۽ ائين اسان اتان روانا ٿياسين. ارگ قلعي جو ٻاهريون دروازو هڪ وڏي چوڪ ۽ مين روڊ تي آهي، روڊ جي ٻئي طرف بلڪل سامهون بالا حوض آهي ۽ ان حوض جي ٻئي ڪناري تي مسجد ٺهيل آهي جيڪا اصل ۾ 1718ع ۾ تعمير ٿي. ان جو اڱڻ ڪاٺيءَ جي ويهه ٿنڀن تي بيٺل آهي، ان جي ڇت به ڪاٺيءَ جي آهي، پر ديوارن تي رنگين ڪاشڪاري ۽ گلڪاري موجود آهي. مسجد جو اڱڻ گويا اهو حوض آهي. مسجد بالاحوض- بخارا مسجد جي آڏو ڪيترن وڻن جو جهڳٽو آهي ۽ انهن جي هيٺان ننڍڙا دڪان يا ٺيلها هئا. مان جڏهن اتان گذري رهيو هئس ته اتي ٺيلهن تي رکيل ڪتابن تي نظر پئي جن ۾ ڪي قلمي ڪتاب به هئا، مان اهي کڻي ڏٺا پر اهي يا ته ڪي ورق هئا يا ٻين موضوعن مثلاً: طب وغيره بابت هئا. هينئر شام جا ڇهه ٿي چڪا هئا، ۽ بخارا ۾ ڏسڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه هو، پر رات جو ئي ساڍي نوين وڳي منهنجي بخارا مان تاشقند لاءِ فلائيٽ هئي، جنهنڪري مون ڊرائيور کي چيو ته سڌو ايئرپورٽ ڏانهن هلڻ کپي، اتان ايئرپورٽ گهڻو پري نه هو ۽ اسان جلدئي ايئرپورٽ پهچي وياسين. تاشقند ۾ جنهن هوٽل ۾ آءٌ ترسيس، اهو وچ شهر ۾ هو. صبح جو طي ٿيل پروگرام موجب پاڪستاني سفير ڪار سان گڏ پنهنجي آفيس جي هڪ خاتون اُماڻي، جيڪا انگريزي سمجهي رهي هئي ته جيئن اها مون کي تاشقند جون اهم تاريخي جڳهون ڏيکاري سگهي. هوءَ مون کي سڀ کان پهرين ’امير تيمور ميوزيم‘ تي وٺي آئي، اها هڪ نهايت شاندار عمارت آهي جنهن جو افتتاح تيمور جي ڇهه سؤ سٺ ساله ورسيءَ جي موقعي تي 1996ع ۾ ڪيو ويو. ميوزيم ۾ داخل ٿيڻ سان پهرين هڪ وڏو حال اچي ٿو جنهن جي مرڪز ۾ ٿلهي تي هڪ وڏي رحل تي حضرت عثمانؓ جي مرتب ڪرايل مصحف يعني قرآن شريف جو عڪس رکيل آهي. هيٺ مٿي گيلريون آهن جن ۾ ڪي آثار ۽ ڪي مخطوطا رکيل آهن، پر گهڻي ڀاڱي وڏيون تصويرون (Murals) ٺاهيل آهن جيڪي نهايت متاثر ڪن آهن. انهن ذريعي جنگي منظر ۽ تيمور جي ٺهرايل عمارتن يا ازبڪستان جي ٻين تاريخي عمارتن جي تصويرڪشي ڪئي وئي آهي. اميرتيمور ميوزيم- مصحف عثمان جو عڪس- تاشقند تاشقند جو اهم تاريخي ۽ ثقافتي مرڪز ’حست امام‘ آهي جيڪو شهر جي وچ ۾ آهي. روس کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد هتي جي عمارتن کي اصلي رنگ ڍنگ ۽ شان مان سان بحال ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ آئسيسڪو (Isesco) جو وڏو هٿ آهي. هڪ وسيع و عريض ميدان ۾ هڪ طرف مدرسه براق خان آهي جيڪو 1502ع ۾ قائم ٿيو ۽ ڪيترين صدين تائين وچ ايشيا يا قديم ترڪستان ۾ اسلامي علوم جو وڏو مرڪز هو. ٻي عمارت مسجد تلاشيخ آهي جنهن جو بنياد 910هجريءَ ۾ رکيو ويو. انهيءَ مسجد جو ٻيو نالو حست امام پڻ آهي. انهيءَ مسجد جي ڀرسان هڪ الڳ عمارت ۾ جنهن ۾ هڪ وڏو ڪمرو آهي ۽ ان جي چوڌاري ننڍا ڪمرا يا ڪوٺيون آهن. ان وڏي ڪمري جي وچ ۾ شيشي جي باڪس ۾ ’مصحف حضرت عثمان‘ رکيل آهي. اهو قرآن شريف روس جي قبضي کان پوءِ روسي حڪومت پيسٽرسبرگ کڻي وئي جيڪو روس کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد 1989ع ۾ ازبڪستان جي موجوده حڪومت واپس کڻي آئي. مان ان جي چڱيءَ طرح زيارت ڪئي. شيشي جو باڪس موسمي اثرات کان محفوظ ٺاهيو ويو آهي جنهن جي آڏو هڪ پني تي هيءَ معلوم هئي، مصحف جي ورقن جي ماپ 53x68 س.م آهي ۽ ان ۾ لکيل متن جي ماپ 36x46 ۽ 33x39 آهي، صفحن جو ڪل تعداد 338 آهي، مڪمل مصحف ۾ 353 ورق هئا ليڪن موجوده مصحف ۾ 15 صفحا کٽل آهن. انهيءَ ميدان ۾ اُتر طرف امام اسماعيل بخاري اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جي شاندار عمارت آهي، بخارا جي مير عرب مدرسي کان علاوه اهو ٻيو مدرسو هو جتي روس جي قبضي دوران به اسلامي تعليم کي بند نه ڪيو ويو. ان جي اولهه ۾ ابوبڪر قفال شاشيءَ جو مقبرو آهي، جنهن کي پڻ بحال ڪيو ويو آهي. آءٌ ان ۾ اندر وڃي فاتحه پڙهي آيس، ان مقبري سان لڳ تاشقند يونيورسٽيءَ جون عمارتون شروع ٿين ٿيون. قفال شاشي پندرهين صدي عيسوي/ ڏهين صدي هجري (976-904) ۾ ٿي گذريو هو. هو فقه، حديث، اصول ۽ لغت جو وڏو عالم هو. مان اڃا تاشقند جو اهو مرڪز ئي ڏسي پورو نه ڪيو هو ته منجهند جو هڪ ٿي ويو ۽ تاشقند ۾ پاڪستاني سفير جنهن جو آءٌ مهمان هئس، اتي اچي پهتو ڇو ته اسان کي منجهند جي ماني گڏ کائڻي هئي. مون کي هو هڪ سٺي هوٽل ۾ وٺي هليو جتي مقامي کاڌي جي فرمائش سبب اسان کي ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳي ويو. آخر جڏهن اسان ماني کائي نڪتاسين ته مون سندس مهمان نوازيءَ جو شڪريو ادا ڪندي کانئس موڪلايو ڇو ته شام جو منهنجي فلائيٽ هئي. پر جيئن ته اڃا ٻه ڪلاڪ کن گهمي سگهجي پيو تنهنڪري مون وري ان خاتون کي چيو ته مون کي شهر جي قديم حصي يا محلي يا بازار ۾ وٺي هل. ائين اسان تاشقند جي اصلي مرڪز ’چورسو بازار‘ اچي پهتاسون، هونئن ته اها شهر جي پراڻي بازار هئي پر هينئر اتي تمام وسيع ايراضيءَ ۾ ڦهليل هڪ عاليشان مارڪيٽ ٺاهيل آهي، جنهن جي ڇت تمام گهڻي اوچي آهي، اسان ان ۾ داخل ٿي جلد ئي نڪري آياسين. چورسو بازار جي مهڙ ۾ ڪوڪلتاش تاريخي مدرسو آهي جيڪو سورهين صديءَ ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. ان جو طرز تعمير به اهوئي بخارا ۽ سمرقند وارو ٿي لڳو. بهرحال وقت جي ڪمي سبب آءٌ ان جي اندر نه وڃي سگهيس. آخر تاشقند مان روانگيءَ جو وقت اچي ويو ۽ آءٌ جيئن هوٽل مان نڪري ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿيس ته منهنجي نظر روڊ جي ٻئي طرف سامهون هڪ وڏي عمارت تي وڃي پئي جنهن تي امير علي شير نوائي لٽرري ميوزيم لکيل هو. نوائي نائين صدي هجري/پندرهين صدي عيسوي جي وڏي علمي شخصيت هو جيڪو حسين بايقرا جهڙي علم دوست حڪمران جو وزير خاص هو. علي شيرنوائي جو تعلق هرات سان هو ۽ مولانا عبدالرحمان جاميءَ کي پنهنجو مرشد سمجهندو هو ۽ تيموري خاندان سان سندس خاص تعلق هو. هو پاڻ عالم ۽ شاعر هو. فارسي ۽ ترڪيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا اٿس، شايد انهيءَ علمي عظمت سبب تاشقند ۾ روسي حڪومت سندس نالي پٺيان علي شير نوائي اوپيرا ۽ بيلي ٿئيٽر پڻ تعمير ڪرايو جنهن جي نگراني لينن جي مقبري ٺاهيندڙ ڪئي هئي. مان جڏهن ايئرپورٽ تي ويهي انتظار جون گهڙيون ڪاٽي رهيو هوس ته مون کي بار بار اهوئي خيال اچي رهيو هو ته ڪيتريون اهم تاريخي شيون اڃان ڏسڻ کان رهجي ويون آهن. منهنجي ذهن ۾ هر وقت اهي عاليشان مدرسا ۽ انهن جون خوبصورت عمارتون گردش ڪري رهيون هيون، اهو انڪري به ته مان پنهنجي دوري ۾ اڃا تائين ڪنهن بادشاهي محل يا محلات کي ڏسي نه سگهيو هوس. هونئن به تيمور جو ٺهرايل محل ۽ ان جا آثار شڪري سبز ۾ آهن ۽ اهو شهر سمرقند کان 80 ميل ڏکڻ طرف هو ۽ اهو منهنجي پروگرام ۾ شامل نه هو. بهرحال منهنجي ذهن تي اهي عاليشان مدرسا ۽ الغ بيگ جون شاندار علمي ڪاوشون ئي غالب رهيون ۽ مان اهو سوچي رهيو هوس ته اسان پنهنجي دور ۾ جڏهن اهو حساب ڪتاب ڪندا آهيون ته سرڪار تعليم تي پنهنجي بجيٽ جو ڪيترو سيڪڙو خرچ ڪري رهي آهي ته ان لحاظ کان تيموري خاندان جي حڪومت ۾ اهو پڪ سان اڄ جي مقابلي ۾ گهڻو هوندو. مان جڏهن پاڪستان مان ازبڪستان وڃڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو هئس ته منهنجي ذهن ۾ سمرقند، بخارا ۽ تاشقند کان علاوه خوارزم يا خيوا پڻ هو، جيڪو خوارزمي ۽ بيروني جو وطن آهي. ليڪن ظاهر آهي ته ٽن ڏينهن جي پروگرام ۾ ان جي گنجائش نه هئي، جيئن جهاز رن وي تان مٿي اڏامڻ لڳو ته آءٌ اهوئي سوچي رهيو هئس ته قسمت وري ڪڏهن هن حسين ۽ سونهن ڀريي ديس ۾ وٺي ايندي ۽ آءٌ خوارزم به ڏسي سگهندس. مددي ڪتاب 1. Central Asia Braddy Mayhew Lonely Planet 2. Samarkand & Bukhara John Lawton London 3. Justin Marozzi Tamerlame: Sword of Islam, Conqueror of world London 4. The Malfuzat Timury Major Charles Stewart Sang-e-Meel, Publishers, Lahore, 200 5. آثار تاريخي ورارود و خوارزم، جلد اول، سمرقند و بخارا، تاليف دکتر منوچهر ستوده، تهران 1384 شمسي 6. ظفرنامه مولانا شرف الدين علي يزدي بتصحيح و اهتمام محمد عباسي امير کبير مطبوعات تهران 1336 شمسي 7. امير تيمور هيرالڊ وليم مترجم محمد عنايت الله بک کارنر، جهلم، پاڪستان 8. تزڪ تيموري، سيد ابوالهاشم ندوي، سنگ ميل پبليڪيشن لاهور، 2006ع 9. تزڪ بابري، ترجمه رشد اختر ندوي، سنگ ميل پبليڪيشن لاهور، 2009ع 10. خواجه احرار، عارف نوشاهي، پورب اکادمي، اسلام آباد 2010ع شڪيل احمد سومرو يادگيريون جڏهن کان اک لڳي توسان… 5 اپريل 1931ع تي بيل گاڏيءَ جي سفر دوران جنم وٺندڙ ٻالڪ سنڌ جو ناميارو شاعر بڻيو، جيڪو حاجي فقير شُغلي جو احمد خان مدهوش جي صورت ۾ ٻيو نمبر پٽ هو. مدهوش 12 سالن جو هو ته سندس والد فوت ٿي ويو ۽ پوءِ پرورش سندس والده (سومري) ڪئي. 19 سالن جي عمر ۾ مدهوش انٽر آرٽس ۾ ڪري ورتي. جيستائين ڪو روزگار مليس اوستائين مدهوش، ’جوهي‘ شهر ۾ فروٽ جو دڪان کوليو ۽ هڪ ڏينهن انب ۽ ڦاروا ويٺي کپايائين ته ٽپاليءَ پرائمري استاد جي نوڪريءَ جو آرڊر اچي ڏنس. سندس پهرين پوسٽنگ (ڳوٺ سَڄڻ جي پئي) واقع ”نئين گاج“ جي ڪپ تي ٿي. مدهوش پنهنجي ڊيوٽيءَ تي جوهيءَ کان پنڌ ويندو هو. سندس والده تمام گهڻي پريشان رهندي هئي ته سندس پٽ جبل جو پنڌ جهاڳيندي 51 ڪلوميٽر پري ڊيوٽيءَ تي وڃي ٿو ۽ ڏهن پندرهن ڏينهن بعد واپس ٿو موٽي. ڪيترائي دفعا والده چيس ته: ”اَبا مون کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي ٿئي ته تون ايڏو جبل جو پنڌ ڪري وڃي ”نئين گاج“ پهچي ڊيوٽي ٿو ڪرين. الاءِ ڪجهه کائين به ٿو الاءِ نه؟ الاءِ رهڻ ۾ ڪا ڏکيائي ٿي ٿيئي الاءِ ڇا…؟“ پر مدهوش چوندو هُيس ته: ”امان تڪليف ۾ مشڪل پسند انسان ڪڏهن به پريشان ناهن ٿيندا.“ هن پنهنجي ڊيوٽيءَ جا 6 سال ’سڄڻ جي پئي‘ ۾ نهايت پابنديءَ سان گذاريا ۽ اُتان جي علائقي جو بهترين اُستاد ثابت ٿيو. مدهوش پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي. هميشه ڊيوٽيءَ جو پابند رهيو. ٻين اُستادن کي به هدايتون ڪندو هو ته: ”بابا ڊيوٽيءَ جا پابند رهو. سن 1955ع ۾ وينگس سان نينهن جو ناتو جوڙي ويٺو ۽ 58-1957ع کان لکڻ شروع ڪيائين. سندس پهريون شعر 1960ع ۾ ’نئين زندگي‘ رسالي ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ڪيئي رسالن، اخبارن ۾ مدهوش جي شاعري ڇپجندي رهي ۽ آهسته آهسته ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن تي مدهوش جي شاعري پهچي وئي. مدهوش جا ڪيترائي پروگرام پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ٿيا ۽ ساڳي ريت ريڊيو وارن پڻ مدهوش جا ڪيئي انٽرويو ۽ پروگرام پئي نشر ڪيا، ان ريت سنڌ جي جهرجهنگ ۾ احمد خان مدهوش مشهور ۽ معروف ٿي ويو. 1961ع ۾ مدهوش پنهنجي مائٽن جي مرضيءَ سان شادي ڪئي. جتي پاڻ شادي ڪرڻ ٿي چاهي اُتي ڪن ماڻهن بدگمانيون ڦهلائي ڇڏيون ۽ پنهنجي پسند جي شادي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. شاعريءَ جو سلسلو هلندو رهيو. مشاعرا ۽ محفلون ڪرائيندو رهيو ۽ پاڻ به سڄيءَ سنڌ جي مشاعرن ۾ ويندو رهيو ۽ پنهنجي شاعري پڙهندو ۽ داد وٺندو رهيو. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد حافظ احسن چنا ۽ فيض بخشاپوري هُئا. جن مدهوش کي وزن بحر جو پڪو پختو شاعر بنائي ڇڏيو. احمد خان مدهوش هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي لکيو پر غزل تي کيس وڏو عبور حاصل هو. سنڌ جا ڪيئي اهِل قلم مدهوش کي غزل جو اربيلو شاعر ڪري ڪوٺيندا آهن. حرف تجنيس تي به وڏو درڪ حاصل هُئس. جنهن جو مثال هنن شعرن مان ملي ٿو. ”نهاري ناز مان نازڪ نماڻي دل نهوڙي وئين انهن خوني نگاهن سان جگر ۾ تير کوڙي وئين“ يــــا دلاور، دادلا، دلدار، دلبر، دلربا، دِلڪَش، دِل دلگير کي تنهنجي نيڪ نانء کان وِٿي ناهي. يا اهڙا ٻيا ڪيترائي شعر سندس ڇپيل شعري مجموعي ”دل جون ڳالهيون“ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڀيرو 1993ع ۾ ڇاپيو، ۾ موجود آهن. مدهوش جا ٻه شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جا ٽي ٽي ڀيرا ايڊيشن به اچي چڪا آهن. (1) ”دل جون ڳالهيون“ 1993ع پهريون ڇاپو. 2000ع ٻيون ڇاپو. 2007ع ٽيون ڇاپو. (2) ”نظر ۾ نظربند“ هيءُ ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ 1997ع ۾ ڇاپيو ۽ مقبول ٿيڻ تي مدهوش کي خوشي ٿي ۽ وري 2001ع ۾ هن جو ٻيو ايڊيشن به سنڌيڪا وارن ڇاپيو. 2005ع ۾ ٽيون ايڊيشن پڌرو ٿيو. احمد خان مدهوش کي سنڌ جي تمام گهڻن فنڪارن ڳايو آهي جن ۾ اُستاد خورشيد علي خان، حسين بخش ڍانڍي، عابده پروين، ممتاز لاشاري، منظور سخيراڻي، حميرا چنه، صنم ماروي، ڪوثر ماروي، تعمير حسين، سوڍل فقير لغاري، غلام شبير شاهاڻي، صادق فقير، زيب النساءِ، غلام شبير سَمون، آصف چارڻ، واجد چارڻ، حبدار سخيراڻي، برڪت علي ڀٽ ۽ وحيد علي جا نالا قابل: ذڪر آهن. مدهوش کي پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن. (1) خليل عارف سومرو، جيڪو پڻ شاعر آهي، (2) شڪيل احمد سومرو (هن مضمون جو ليکڪ): سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم آهي. 4 اپريل 1991ع تي احمد خان مدهوش سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿي ويو ۽ گهڻو ڌيان پنهنجي شاعريءَ تي ڏنائين. سندس اڻڇپيل مجموعا هن طرح آهن: (1) ”اکين جا سنيها“، سنڌي ادبي بورڊ وٽ ڇپائيءَ لاءِ موجود. (2) ”مقالاتِ مدهوش“- نثر (اڻ ڇپيل) (3) ”ديس ڌرتي لاءِ“- شاعري (اڻ ڇپيل) (4) ”وطن خاطر“- شاعري (اڻ ڇپيل) (5) ”مدهوش جي آتم ڪٿا“(اڻ ڇپيل) مدهوش ’جوهي‘ شهر جي سياسي سماجي ڪمن ڪارين ۾ به سرگرم هو، سياسي طرح پيپلز پارٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن هو، هن پنهنجا 50 سال سنڌي ٻوليءَ ۽ علم و ادب کي ارپي ڇڏيا. مدهوش جو پهريون ڪلام جيڪوصادق فقير جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هليو، اُهو آهي: هن دل جي حقيقت ڇا ڪريان جا شاد به آ ناشاد به آ، غم ۽ خوشي واري هَستي آباد به آ برباد به آ. آڪٽوبر 2008ع ۾ احمد خان مدهوش کي سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ڪيو ويو. نومبر 2008ع تي مدهوش کي ڪينسر جي مرض آخري اسٽيج تي پهچائي ڇڏيو. 23 ڏينهن راجپوتانا اسپتال ۾ ٽائيفائيڊ بخار ۾ گذاريائين، ڊاڪٽرن کيس ڪراچي ”SIUT“ اسپتال ۾ وڃڻ لاءِ مشورو ڏئي ڇڏيو. معاشي طور ڪمزور هئڻ ڪري مدهوش ڪجهه ڏينهن گهر ۾ مالڪ سائينءَ جي رحم ڪرم تي گذاريا. پر پوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا سندس گهر پهچي خبرون هلايون. جنهن سبب ڪجهه ثقافت کاتي وارن ۽ ڪجهه سينئر وزير، وزير تعليم ۽ ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب پير مظهر الحق صاحب جي تعاون سان ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي اسپتال ”SIUT“ ۾ داخل ڪيو ويو. جتي هڪ هفتي اندر غدود جو ڪينسر هڏن تائين پهچي چڪو هو. ڊاڪٽرن ان جي تصديق ڪئي ۽ پوءِ ڪينسر جو علاج شروع ڪيو ويو. ان علاج صرف مدهوش جي ڪينسر کي ڪنٽرول ڪيو، پر ختم نه ڪري سگهيو. جهوني هجڻ سبب علاج سندس ڦڦڙ ۽ دل جا وال ڪمزور ڪري ڇڏيا ۽ ٻيون بيماريون وڌي ويون. هڪ دل ڪمزور ٻيو ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، 78 سالن کان 80 سالن جي عمر جا ٻه سال مدهوش انهن خطرناڪ بيمارين سان جنگ ڪندو رهيو. کيس دل ۾ هزار خواهشون هُيون جيڪي پوريون نه ٿي سگهيون. ڊاڪٽر مرلي ڌر، سرجن اديب الحسن رضوي، ڊاڪٽر عبدالقيوم ، ڊاڪٽر ناديه ۽ ڊاڪٽر عليءَ مدهوش جو ”SIUT“ ۾ ٻه سال مسلسل دوستاڻي ماحول ۾ علاج ڪندا رهيا. ڪڏهن ته مدهوش ٺيڪ ٿي ويندو هو ته ڪڏهن وري اوچتو طبعيت خراب ٿي ويندي هُئس ۽ جوهيءَ مان پاڻ کڻائي ڪراچي اچي ”SIUT“ ۾ داخل ٿيندو هو. اهڙيءَ خطرناڪ بيمارين جي دوران به مدهوش جي قلم کي ماٺِ نه آئي ۽ هُو لکندو رهيو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي تي به هڪ شعر لکي کيس ڏنائين، جنهن تي ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو خوش ٿيو هو. هر ماڻهو سان پيار ڪندڙ هيءُ شاعر ارڏي طبعيت جو مالڪ هو. وقت جي ستمگرن سان پنهنجي قلم ذريعي مزاحمت ڪندو رهيو. مظلومن لاءِ همدرد ۽ حوصله ڏيندڙ شخص هو. ڪوڙ کان سخت نفرت ڪندڙ شاعر سادگيءَ واري زندگي گذاري ويو. پنهنجي خوداري تي کيس وڏو ناز هو ۽ پنهنجي اولاد کي به خوداريءَ جو سبق ڏيندو رهيو. مٽيءَ جو رنگ بي حد پسند هُئس ۽ برسات کان پوءِ جيڪا مٽيءَ ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي، ان جو ديوانو هو. جوهي شهر ۾ ڪير به پنهنجون نياڻيون نه پڙهائيندو هو. مدهوش ان عمل جي شروعات ڪئي، جنهن سبب سڄي شهر ساڻس بغاوت ڪئي ۽ شهر وارا طعنا مهڻا ڏيندا رهيا. مدهوش جون نياڻيون ماشاءالله سڀ تعليم يافته آهن. سندس وڏي نياڻي ضلع دادو جي ڪائونسلر آهي. ٻه نياڻيون ٽيچر آهن، جيڪي پڻ پوسٽ گريجوئيٽ آهن، مدهوش جون ٻه ننڍيون نياڻيون به b.a پاس آهن. پنهنجي زندگي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان گذاريندڙ هن انسان پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾، پنهنجي اولاد جي اکين اڳيان رهڻ جو فيصلو ڪيو. پر اولاد وري به ان اميد تي، ته ”اسان جو بابا ٺيڪ ٿي ويندو.“ ‘SIUT’۾ واپس وٺي آيا. خاص ڪري مدهوش جي آخري ڌيءُ ”مهوش“ جيڪا تمام گهڻي خدمت ڪندي هُيس، کي اسپتال ۾ گهڻو ياد ڪندو هيو. ڇو ته هوءَ ڏينهن رات خدمت ڪندي هيس، وقت تي دوا کارائيندي هيس. مدهوش پنهنجي ٻنهي پٽن کي ”مهوش“ جي پارت ڪندو هو ۽ چوندو هو: ”هيءَ منهنجي ڌيءُ فقيرياڻي آهي، هن جي پارت هُجيوَ.“ مدهوش پنهنجي پٽ خليل عارف کي پنهنجو ادبي وارث ۽ هڪ ڌيءُ کي گهر ڌياڻي چوندو هو. جنهن جو نالو ڪوثر پروين آهي. سندس پٽ شڪيل احمد (راقم) کي ان جو نسلي وارث چوندو هو. پنهنجي اولاد جي خوشين لاءِ مدهوش پنهنجي سڄي ڄمار محنت ڪئي ۽ اولاد کي خوش رکيو. مدهوش پنهنجي زندگيءَ جي آخري رات، شام 4 بجي کان صبح 7 بجي تائين پنهنجي پٽ شڪيل احمد (راقم) سان ”SIUT“ اسپتال ۾ گذاري. جنهن ۾ هن شڪيل سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو، پر شڪيل کي ساڻس ڳالهائڻ جي خواهش ئي رهي ته شايد بابا ڪنهن مَهل ڪجهه ڳالهائي ته مان به اندر اور ڪريانس. پر ائين ڪونه ٿيو. نيٺ مدهوش 26 جون 2010ع تي 12:16 منٽن تي پنهنجي پٽ ۽ سندس ادبي وارث خليل عارف جي موجودگيءَ ۾ ڪينسر، ساهه جي تڪليف، هيپاٽائٽس ”بي“ ۽ دل جي ڪمزور ٿي وڃڻ سبب ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين انهن خطرناڪ مرضن سان جنگ وڙهندي وڙهندي زندگيءَ جي جنگ هميشه لاءِ هارائي ڇڏي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جائزو عَبديءَ جو رسالو عبدالقادر عبديءَ جو ڪلام پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ قادرالڪلام شاعر آهي ۽ زبان ۽ بيان ۾ يگانو آهي. سندس ڪلام عشقيه ۽ نعتيه موضوعن جي ڀرپور جذباتي اَپٽار ڪري ٿو. اسان جي هن شاعر جا وڏا اصل اُتر سنڌ جا هئا. هن جي ڪلام جا ڪي قلمي نسخا ترتيب ڏيندڙ جناب لياقت علي جوڻيجي کي هٿ آيا. انهن قلمي رسالن جي ڀيٽا ڀيٽيءَ سان هن هيءُ رسالو ترتيب ڏئي ”خليفو عبدالحئي جوڻيجو ميموريل ڪميٽي عمرڪوٽ“ پاران 2010ع ۾ شايع ڪيو آهي. هيءُ ڪلام بلاشبه هڪ قادرالڪلام شاعر جو آهي. ڪلام معياري شاعرن جي رسالي واري ترتيب ۾ آهي. جيڪڏهن ان کي شاهه ۽ سچل جي رسالن جي سُرن سان ڀيٽجي ته انهن مڙني موضوعن جو احاطو ڪري ٿو. عبديءَ جي رسالي ۾ 34 سُرَ آهن. رسالي جي ترتيب به ڪلياڻ سان ڪئي وئي آهي. شاهه جي رسالي سان موضوعن جي هم آهنگي آهي. نالن ۾ فرق آهي، اُهي سُر آهن، گندري، لاکو، جوڳ، ڪونسيو، وهاڳڙو ۽ تلنگ. سُرن جي آخر ۾ مولود، نعت، منقبت، غزل، مثنوي ۽ نظم شامل ڪيل آهن. رسالي جو روح وري به سُرَ آهن. اڪثر سرائڪي ڪلام کي هندي به سڏيو اٿس. رسالي ۾ بيت ۽ وايون/ ڪافيون شامل آهن. ڪي سُر مختصر به آهن ۽ ڪن ۾ بيت شامل نه آهن، ڪي ڪافيون غزل جي هيئت ۾ به آهن. اڪثر ٻين شاعرن به ائين ڪيو آهي، مصري شاهه انهن ۾ نشانبر آهي. مولوي عبدالقادر عالم هو اُن ڪري سندس ڪلام ۾ فارسي ۽ قرآن مجيد جي آيتن جا اشارا به ملن ٿا. هن جو ڪلام عشقيه هجي، نعتيه هجي يا ناصحاڻو، جذبات سان پُر، زبان ۽ بيان جو بهترين مثال آهي. جي مثال وٺجن ته هر قسم جا مثال سندس رسالي ۾ موجود آهن. مطالعي خاطر چند مثال وٺون ٿا. منهنجي خيال ۾ عبديءَ تي شاهه عبداللطيف جي رسالي جو اثر نمايان آهي، سُر حسينيءَ ۾ چوي ٿو: ڀينر ڀاڱي آئيا، مون سُورَ هزارَ، ڏني درد پنهون جي، مارن مٿان مارَ، برهه بيقرار، ڪيس ڪيچ ڌڻيءَ جي. -- ڪيچان ڪيچي آئيا، ڀري کٿوري بار، ايندي عنبر مشڪ سين، واسائين وڻڪار، لٿو ڏيهه ڏڪار، آئي احمد ڄام جي. ٽيهه اکريءَ ۾ سسئيءَ جي درد، جدائي ۽ ورلاپن جو مؤثر ذڪر ڪري ٿو: شيئون شور مچايو، مون کي پنهونءَ جي شوق، فاينما تولو افتم و بہ الله، ڇا تحت ڇا فوق، زهر ٿيا سڀ ذوق، ڏسي حسن هوت جو. --- طوئي طوق عشق جي ڳل پئي ڳاري، ڪل شيء يرجع اليٰ اصلي، باهه، برهه ٻاري، ڪُوڪان ڪامڻ جون سڻي، اوري آءُ آري، وسائي واري، توريءَ پرتي پنڌ ۾. ڪافيءَ جي مقبول انگ ۽ زبان ۾ عبدي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري ٿو، اُن ۾ وارفتگي ۽ محبت جي تند تنوار نمايان آهي، محبوب کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو: منهنجا محب مٺا منٺار وو، اچي مل تون جيءَ جيارا. دم جدا هڪ جالڻ مشڪل، مون کي توريءَ، پي پيارا وو. سڪندي سڪندي توهان لئه سهڻا، منهنجي گذري سڀ ڄمارا وو. لاهي حجاب هيڻن سان مل تون، منهنجا پارس پير پاڳارا وو. سڪ تنهنجي ۾ سروا سهڻا، نت نيڻ وهائن نارا وو. پاڻ ڀلائي پاڻان سائين، ڪاريو دوست ديدارا وو. عبدالقادر جو پرين توسان آهي، لوڪئون نينهن نيارا وو. سنڌ ۾ اڪثر غزل جي هيئت ۾ موزون ڪيل ڪافين کي ڪافيءَ جي طرز ۾ ئي ڳائجي ٿو. اڪثر ڳائڻن کي غزل جي گائڪيءَ جو شعور ئي ڪونهي، ان ڪري شاعر جي محنت به وڃايو ڇڏين. عبديءَ جون ڪي ڪافيون غزل نما آهن، ٻين لفظن ۾ انهن کي غزل ئي چئبو، اهڙا ڪئين مثال آهن: دل کسي دلدار مون ديوان ڪري ويو، پسائي حسن مون هيڪار حيران ڪري ويو، ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان آءٌ ڪنهن کي سڻايان، پنهنجي عشق جي آزار جي ڪريان ڪري ويو. -الخ شاهه جي رسالي کان نالن ۾ مختلف سُرن ۾ به اُها تنوار آهي جا شاهه جي رسالي ۾ آهي. سُر ڪاموڏ (نوري ڄام تماچي) کي عبديءَ جي رسالي ۾ ”گندري“ نالو ڏنل آهي، ڄام تماچيءَ جي اچڻ جو ذڪر هيئن ڪري ٿو: تڙ تماچي آئيو، پکي ۾ پيهي، فڪان قاب قوسين، او ادنيٰ، ڳجهيون ڳرهي ويهي، اُتي عبدالقادر چئي، دل رمز سندن ريهي، پر ڳالهه ڪريان ڪيهي، سمي جي سهاڳ جي. عبدالقادر عبديءَ مختلف شاعرن جي مقبول راڳن وارن سُرن، جهڙوڪ: ڪلياڻ، کنڀات، سارنگ، سورٺ ۽ رامڪلي وغيره سان گڏ ڪي ٻيا به سُر چيا آهن، جن جو راڳ وديا ۾ مقام آهي، مثلاً: جوڳ، تلنگ، ڪونسيو ۽ وهاڳڙو. هن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته راڳ جي علم کان چڱي طرح واقف هو، سُر ”ڪونسيو“ ۾ محبت مجاز، مئي ۽ مئخاني جو تذڪرو ڪري ٿو، فرمائي ٿو: اي مئخانا ڪنهين بنايا، ايها مڙهي، ڪنهين بنائي، هو الظاهر هو الباطن، محبت پرايا، ڪنهين بنايا، ڪون موسيٰ، ڪون روح الله ڪون هي، ڪون آذر، خليل الله ڪون هي، ڪون آدم، ڪون رسول الله ڪون هي، وحي قرآن ڪنهين بتايا. - الخ ائين مختلف سُرن ۾ محبت ۽ مجاز، رندي ۽ روحاني ڪلام عبديءَ جي شاعرانه مزاج کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. هن اعليٰ شاعر بابت مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ۽ شاعر جي سوانح ۽ ٻيو ضروري مواد سهيڙيندڙ خود لکيو آهي. نه رڳو ايترو بلڪ رسالي کي سهڻي انداز سان ترتيب ڏنو اٿس ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي الف- ب وار معنيٰ به ڏني اٿس. هن محنت ۽ شوق تي لياقت علي جوڻيجي کي لک لک مبارڪون هجن. هيءُ هڪ اعليٰ معيار جو ڪم آهي. شرف الدين ٽالپر تبصرو زنبيل مقالن، تاثرن، تبصرن، سفرنامن ۽ ملاقاتن تي مشتمل هيءُ ضخيم مجموعو سنڌ جي نالي واري اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي ڪاوشن جو نتيجو آهي. هنن ليکن ۾ ڪي پراڻا ته ڪي نوان به شامل آهن. انهن جو دور 1954ع کان 2000ع تائين آهي. ليک زبان ۽ بيان جي لحاظ کان اصل متن وارا ئي آهن. انهن ۾ لفظي درستين کان سواءِ ٻي ڪا ڦيرگهير ڪيل نه آهي. تنهن ڪري مصنف جي اسلوب ۽ طرز بيان جي ارتقاء جو به نمونو پيش ڪن ٿا. موضوعن جي گوناگونيءَ سبب اهي عام لاءِ دلچسپ به آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب 1954ع کان ئي سنڌي ادب جي خدمت ۾ مشغول آهي. هن زندگيءَ جا مختلف رنگ ڏٺا آهن. سياسي اٿل پٿل، ورهاڱي جا سنڌي ادب تي اثر، سنڌ سان ون يونٽ ۽ مسلسل مارشل لا جهڙا ٿيندڙ ڪلور ۽ عالمي سائنسي ترقيءَ جا نرالا روپ سندس نظرن جو مرڪز رهيا آهن. علم ۽ ادب جي قديم انداز جي پڄاڻي يعني هر ڳالهه کي اکيون پوري قبول ڪرڻ واري روايت کي ختم ڪرڻ ۽ ادب جي جديد انداز يعني هر شيءِ کي تحقيقي، تنقيدي ۽ عقلي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ابتدا ۽ ترقي سندس ئي دور جو حصو آهن. هيءُ ان دور ۾ ڄائو، نپنو، پڙهيو ۽ وڏو ٿيو جنهن دور ۾ ادب جي جديد لاڙن ۽ رجحانن جو بنياد پئجي چڪو هو. جديد سنڌي شاعريءَ جي ترقيءَ جو درياء ’شيخ اياز‘ نه رڳو هن جو همعصر هو پر سندس اڪيڊمڪ هيڊ پڻ رهيو هو ۽ گهڻ گهرو ساٿي ۽ محسن به هو. جنهن جو اثر پڻ هن جي علمي پورهئي تي چڱي طرح ڇانيل آهي. جديد سنڌي ادب جي گوناگوني واري دور جي ابتدا ۾ رڳو اعتدال پسند اديب هئا، مگر ڪيترن ئي انتها ۽ رجعت پسند ماڻهن جو ٽولو علمي ۽ ادبي ادارن ۾ سرگرم عمل هو پر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ترقي پسند ادب ۽ اديبن جو نه رڳو حمايتي رهيو، مگر ان کي ترقيءَ وٺائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار پڻ ادا ڪيو ۽ پنهنجو نالو جديد ادب جي گهڻ گهرن جي لسٽ ۾ نمايان طور بيهاريو. هن شاهه، سچل، سامي، بيدل ۽ بيڪس کي به جديد طرز سان توريو ۽ تڪيو. اياز، تنويز ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙن عالمن ۽ شاعرن جو به گهرائيءَ سان مطالعو ڪري سندن ڪم ۽ ڪردار تي خود لکيو. لکڻ جو انداز بلڪل پڪو ۽ پختو، ڪٿي به جهول نظر نه ايندو. اهڙي ڪابه ڳالهه نه لکندو، نه چوندو، جنهن جو پڪو پختو دليل يا بنياد کيس معلوم نه هجي. مون ڪيترائي دفعا سندس گفتگو ۾ ائين چوندي ٻڌو آهي ته ”هن دور ۾ ويهي ڪو ٽي سؤ سال اڳ جي ڳالهه پاڻ مرادو ڪيئن ٿو ڪري ۽ لکي، جنهن جو ڪٿي به ڪو تحريري احوال ۽ دليل موجود نه هجي يا ڪنهن دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪي آثار نه مليا هجن.“ ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي ماڻهن جون اهڙيون بي بنياد ڳالهيون پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ رد ڪندو آيو آهي. حالانڪ اهڙي عمل سان سندس مخالفت ۾ به ڪافي اضافو ٿيو آهي، پر هيءُ عالم پنهنجي صحيح ڳالهه تي اٽل رهيو آهي. حق خاطر ان مخالفت کي قبول ڪيو آهي ۽ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي اٿس. پنهنجي خاموش مزاج سان ڪم ۾ رڌل رهيو آهي. سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جنهن گهڻي کان گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ سنڌي ادب جي سمورن شاگردن، استادن ۽ اديبن پڙهيو آهي. ان مان هڪ اهڙو مثال هت پيش ڪريان ٿو: ڊاڪٽر صاحب سنڌي نثر جي ابتدا بابت عالمن جي هن راءِ کي سرعام دليل ڏئي رد ڪيو آهي ته سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ راجا ڏاهر جا خط ۽ ٻيو اهڙو بنا دليلن وارو مواد آهي. هن اهو محسوس ڪرايو ته اکيون بند ڪري اهڙين ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ ڪم عقلي جي نشاني آهي. سنڌي نثر جي ابتدائي اهڃاڻن بابت راجا ڏاهر ۽ ان کان پوءِ واري سموري عرصي کي ڊاڪٽر عبدالجبار حوالن کان سواءِ حتمي طور هرگز قبول ڪونه ڪيو۽ هن سنڌي نثر جي شروعات عزيزالله مٽياروي واري قرآن شريف جي سنڌي ترجمي کي تسليم ڪيو، جنهن جو تحريري دستاويزي ثبوت اڄ به موجود آهي. شروع کان وٺي هن وقت تائين ڊاڪٽر عبدالجبار جي لکڻ ۽ ڳالهين کي پرکڻ وارو اهڙو منفرد انداز سندس ڪتابن ۽ مختلف تحريرن ۾ ته اڳئي موجود آهي، مگر اهڙين هزار خوبين سان ڀريل ”زنبيل“ ڪتاب تازو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي منظرعام تي آيو آهي. جنهن ۾ پڻ ڪيترائي ادب جا جديد لاڙا، تحقيق ۽ تنقيد جا منفرد طريقا شاگردن، ليکڪن ۽ عام پڙهندڙن جي دلين تي نقش چٽيندڙ آهن. ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جا ڪيترائي تجربا ۽ مشاهدا هن ڪتاب ”زنبيل“ جي زينت آهن. پڙهندڙ هڪ ئي وقت هڪ ئي ڪتاب مان ڪيترائي سبق سکي ۽ معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪتاب جو سهڻو ٽائيٽل، پڪو جلد، پنو ۽ سائيز ڏاڍي سوبر آهي. اهڙي خوبصورت ڪتاب ڇپائڻ تي سنڌي ادبي بورڊ جس لهڻي. سنڌي ادبي بورڊ ڪافي عرصي کان سنڌ جي تاريخ، تمدن، تهذيب، ادب ۽ شاعريءَ جهڙن مختلف موضوعن تي مختلف اديبن جا ڪتاب ڇپائيندو رهيو آهي. پبليڪيشن جي حوالي سان سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو واحد ادارو آهي جنهن سڀني سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کان گهڻي خدمت سرانجام ڏني آهي. ”زنبيل“ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ”زنبيل“ عربي ٻولي جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي- ”ڳوٿري“. ڊاڪٽر صاحب جي هن ڳوٿريءَ ۾ اڌ صديءَ جي زندهه تاريخ پيل آهي. جنهن ۾ سندس ئي نظر سان ڏٺل ۽ ڪنن سان ٻڌل داستان ۽ واقعا درج آهن. باقي ٻي تحقيقي مواد ۾ ٻولي، ادب، سماجيات ۽ انهن موضوعن تي ٻين عالمن جي ڪيل ڪمن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس، جديد ادب جي اصولن ۽ تحقيق جي نئين گهُرجن مطابق ٿيل آهي. پاڻ وڏي عمر جو اديب ۽ محقق آهي مگر جذبا جوان اٿس. دنيا جي جديد ۽ تحقيق جي نون طريقن ۽ رنگن روپن کان نه رڳو واقف آهي پر انهن کي اپنائيندي ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿو ڪري، جنهن ڳالهه يا واقعي جي تهه تائين نٿو پهچي ته اها سندس تحرير کان محروم هوندي آهي. هر ڳالهه دليلن سان بيان ڪيل آهي. اهڙا ڪيترائي مثال هن حسين تصنيف ”زنبيل“ ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ادب جي هر موضوع تي لکي چڪو آهي. سندس اهم ڪم ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۽ مختلف شخصيتن جي هڪ مطالعي وارا ڪتاب آهن. انهي کان سواءِ ٻيو اهم ڪم مذڪوره ڪتاب آهي ۽ ساڳئي سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”ڪٺمال“ پڻ اڳ ۾ ڇپيل آهي. اڃا هڪ ڪتاب ”قنديل“ اڻڇپيل صورت ۾ آهي. جنهن کي پڻ ڇپائڻ جي ضرورت آهي. گهڻا ڪتاب ۽ مضمون ڇپجن، پاڻ ان ڳالهه جو قائل بلڪل ڪونهي. هن ڪڏهن به تعداد کي ترجيح نه ڏني آهي. شيءِ جي معيار کي مقرر ڪرڻ سندس خاصيت آهي. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جي شاهڪار تصنيف ”زنبيل“ 578 صفحن تي مشتمل آهي. فهرست کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون شخصيتون ۽ جائزا آهن انهن جو تعداد 63 آهي. ٻيو سفرنامو ۽ ملاقاتون آهن انهن جو تعداد 14 آهي. ٽيون تاثر ۽ تبصرا آهن تن جو تعداد 30 آهي. جملي 107 آهن. هن کان اڳ ”ڪٺمال“ ۾ 68 مضمون ۽ مقالا درج آهن. ائين چڱي خاصي مواد جو سنڌي ادب ۾ اضافو ٿيو آهي. ”زنبيل“ ۾ ڊاڪٽر صاحب لسانيات، شاعري، موسيقي، پهاڪا، اصطلاح، لوڪ ادب، مختصر سفرناما، خط ۽ انٽرويو شامل ڪيا آهن. ٽيهه- پنجٽيهه شاعرن، شخصيتن ۽ اديبن جي ڪم ۽ ڪردار تي روشني وڌي آهي. لاڙ ۽ بدين جي تهذيب، شاعري ۽ ثقافت کي به مختصر بلڪ خصوصي جاءِ ڏني آهي. شاعرن ۽ شاعريءَ جي صنفن جا موضوع گهڻا شامل ڪيا اٿس ڇو ته شاعرن کي پنهنجو رهبر سمجهندو آهي. مون شروع ۾ ئي عرض ڪيو هو ته پاڻ جدت ۽ تبديلي پسند اديب آهي. سندس ادبي خدمت وقت جي ضرورتن ۽ تحقيق جي عالمي اصولن مطابق آهي. سندس لکڻ وارو عام طريقو ته جديد آهي پر وقت جي ضرورتن جي پورائي، عام پڙهندڙ ۽ شاگردن جي سکيا لاءِ ادب، زبان ۽ تحقيق جي فن کي ترقي وٺائڻ لاءِ ”زنبيل“ ۾ ٻه الڳ مضمون لکي سمجهاڻي ڏني اٿس. جيڪي هي آهن: پهريون ”سنڌي ادب، زبان ۽ ايڪيهن صديءَ جون گهرجون“ ٻيو ”تحقيقي مواد جي فراهمي ۽ سماج جو سڌارو“. وڌيڪ هن ڪتاب ۾ سندس ئي ڏنل ٻه انٽرويو شامل آهن. جيڪي پڻ هن سلسلي ۾ رهبري ڪن ٿا. مون هر وقت سائين عبدالجبار جي شخصيت ۽ سندس ڪم ۽ ڪردار کي عشق جي نگاهه سان ڏٺو آهي، اها سڀني محبت ڪندڙ ماڻهن کي خبر آهي ته عاشق جي اکين کي محبوب جي هر ادا خوبي، خوشنصيبي، چڱائي ۽ رهبري ڏسڻ ۾ ايندي آهي. تنهنڪري ”زنبيل“ سارو سچ ۽ سون آهي. علمي ۽ ادبي نقطهء نگاهه کان ڪنهن شيءِ تي لکڻ ۽ ان کي پرکڻ لاءِ تارازي جي هڪ پُڙ ۾ ڪيل ڪم ۽ ٻي پُڙ ۾ پرکيندڙ دليل رکيا ويندا آهن. جنهن جو پڻ هي اديب ۽ محقق وڏو قائل آهي. سندس ڪم کي به اهڙي تنقيدي نگاهه سان پرکڻ ئي ساڻس انصاف ڪرڻ آهي. ائين ئي سندس مجموعي ڪم کي تنقيد جي تارازيءَ ۾ توربو ته هن خاموش مزاج محقق ۽ اديب جو ڪم سڄي سنڌ ۾ صاف، شفاف ۽ نمايان نظر ايندو. ڊاڪٽر صاحب موضوعن ۽ صنفن جي لحاظ کان هر فن مولا يا چئجي ته آل رائونڊر آهي. مقالن، مضمونن، تاثر ۽ ٻين صنفن وارا اسم ”زنبيل“ ۾ موجود آهن. ٻئي ايندڙ مجموعي ”قنديل“ ۾ طنزيه مضمون آهن. سندس افسانن جا ٽي مجموعا اڳ موجود آهن ۽ باقي افسانا ايندڙ مجموعي ۾ ايندا جو پڻ ايڊٽ ڪري رکيو اٿس. سنڌي ادبي بورڊ هيءُ ڪتاب شايع ڪري هڪ منفرد علمي ڪم ڪيو آهي، جنهن لاءِ کيس جس هجي. انور ساگر ڪانڌڙو تحقيق مارئي جي تاريخي ڪردار، ڪتاب ويجها ٿيا وصال ۾ پڙاڏا (هڪ تحقيقي ۽ تاريخي جائزو) اهو 2009ع ۾ مارئي جي ميلي جو پهريون ڏينهن هو، اسان يعني هيءُ بندو ۽ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري گڏجي مٺي آيا هئاسين. هيءُ ميلو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ملهائجي رهيو هو. اسان هونئن ته ثقافت کاتي جا دعوتي هئاسين پر منهنجي گهري دوست نور احمد جنجهي پاڻ وٽ ترسائڻ تي اصرار ڪيو. مٺيءَ ۾ ڪجهه وقت پروفيسر فيض سوڍو به اسان سان گڏ هو ۽ پوءِ اسان نور احمد جنجهيءَ وٽ رات ترسڻ جو فيصلو ڪيو ۽ رات جو ثقافت کاتي جو پروگرام به ڪجهه دير ٻڌوسين ۽ پوءِ نور احمد جي اوطاق تي آياسين، اتي اوطاق ۾ ويٺل هڪ بزرگ شخص جو تعارف نور احمد هن طرح ڪرايو. سائين هيءُ منهنجو والد محترم غلام محمد جنجهي آهي. خوش خير ڪرڻ کان پوءِ اسان کانئس عمر ۽ صحت بابت پڇيو. عمر 88 سال ٻڌايائين، ۽ صحت بابت چيائين ته انگريزي دوائن سان گهٽ وچڙندو آهيان، پر هلڪي ڦلڪي اهنج ۾ پنهنجي طب جون دوائون وٺندو آهيان، هن وقت 88 سالن جو اچي ٿيو آهيان پر انگريزي دوا ورلي ورتي هوندي. هن بزرگ بابت نور احمد ٻڌايو ته بابا، جاگرافي، تاريخ، اينٿراپالاجي، فلڪيات، ادب ۽ طب جي علمن جو پارکو آهي. اهوئي سبب هو جو اسان هن بزرگ کان ڪجهه ٻڌڻ پئي چاهيو. مون تڙتڪڙ ۾ هن بزرگ آڏو ڪجهه سوال رکيا: شاهه عبداللطيف، ٿر، مارئي جو ڳوٺ ۽ ڪجهه ٿر جي جاگرافيائي حالت بابت منهنجن ڪيل سوالن جا مختصراً پر تُز جواب ڏيندو ويو ۽ آءٌ اهو سڀ ڪجهه ذهن ۾ نوٽ ڪندو ويس. افسوس جو اها آخري ملاقات ثابت ٿي، واپسيءَ مهل رڳو هٿ لوڏي هڪٻئي کي خدا حافظ چيوسين. پاڻ اوطاق ٻاهران ڪجهه لکڻ واري عمل ۾ مستغرق هئا، ۽ اسان کي حيدرآباد واپس پهچڻو هو. مان پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان، جو سنڌ جي تاريخ بابت ايتري گهڻي معلومات رکندڙ هن بزرگ سان منهنجي پهرين اهم ۽ آخري ملاقات ٿي، جنهن کي آءٌ وساري نه ٿو سگهان. هاڻي هلون ٿا، شاعر جي سوانح طرف، جنهن کي سمجهڻ کان سواءِ سندن شاعري تي ڪجهه چوڻ مناسب نه ٿيندو. غلام محمد جنجهي ٿرپارڪر ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ڳوٺ وڪڙيو ۾ محمد عثمان جنجهيءَ جي گهر سنه 1921ع ۾ ڄائو. سندس وڏا جيسلمير جا ڀاٽي هئا. هندستان جي سنڌي محقق ۽ تاريخدانن ڊاڪٽر جينت ريلوائي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”سنڌ ڪڇ ڪاٺيا واڙ جا سڀيتڪ ناتا“ ۾ لکي ٿو، ”ڀاٽيا ۽ ڀاٽي جيسلمير جي ڀاٽي راجپوت مان آهن. هو جادو ونسي آهن ۽ جادو ونسي جي گهرو لڙائي بعد دوارڪا مان سندن زور ٽٽو، جادو الڳ الڳ هنڌن تي هليا ويا، حڪومتون پئي ڪيائون ۽ شهر ٻڌائون، سنه 70ع ۾ ساڪ، سٿين پنجاب ۽ سنڌ تي ڪاهي آيا. جادو ونسين سيالڪوٽ، جيسلمير ۽ غزني جهڙا شهر ٻڌايا. تاريخ واضح ڪيو آهي ته جنجهي جنهن نسل مان آهن، انهن صوبن کان وٺي، ثقافت ۽ تهذيب جي رکوالي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن دشمنن کي به پئي للڪاريو آهي. مان هتي هن ڪتاب يعني ”ويجها ٿيا وصال“ جو ذڪر ڪندي، واضح ڪندو هلان ته صاحبِ ڪتاب مرحوم غلام محمد جنجهي، جهڙيءَ طرح هن ڪتاب وسيلي ڪلاسيڪل ۽ لوڪ روايتن کي زندهه ڪندي، سنڌي شاعريءَ جا سهڻا شهر ٻڌائي، پنهنجي هاڪ جي ساک بيهاري آهي، اهڙي طرح سندن لائق فائق فرزند نوراحمد سنڌي، انگريزي ۽ هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ نهايت خوبصورت ترجما ڪري پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي، هاڻي ته 2100 صفحن تي آڪسفورڊ انگريزي- سنڌي ڊڪشنريءَ جي سنڌيڪارن ۾ سندس نالو پڙهي آءٌ ته حيرت ۾ پئجي ويو آهيان ۽ اميد اٿم ته سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ جي درست ڪم جي حوالي سان ايندڙ نسلن لاءِ هيءَ ڊڪشنري هڪ مشعل طور استعمال ٿيندي. مان هن موقعي تي سراج ميمڻ، بدر ابڙي، قلندر شاهه، نوراحمد جنجهي سميت سڀني محققن کي دل جي گهرائيءَ مان مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو. هيءَ تمام وڏي ڪاميابي آهي. تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، اهي مبارڪن جا مستحق آهن، هنن جس لهڻو. هن موقعي تي مان وڏي فخر ۽ احترام سان مرحوم غلام محمد جنجهي جي شاعريءَ جي واکاڻ ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته سندن شاعريءَ ۽ سندن ڏات مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي، منهنجي مطالعي ۽ معلومات موجب مارئي ۽ سسئي جي ڪردار تي پهريون ڀيرو ٿر جي ڪنهن شاعر وڏي پيماني تي طبع آزمائي ڪئي ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ ته هڪ جهلڪ آهي. پويان شايع ٿيڻ لاءِ ٻيو جهجهو مواد موجود آهي. شال اهڙو واءُ وري جو مرحوم جا سڀئي شعري مجموعا شايع ٿي پون. وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ٿر جو هيءُ ساڃاهه وند شاعر 16هين جون 2010ع تي ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ کي ڏسڻ جون حسرتون کڻي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏيندو، ”آمين“. غلام محمد جنجهي جي شخصيت ۾ تمام وڏي حشمت، ڏيا ۽ اٽلتا سمايل هئي. بظاهر ته هو هڏڙن جي هڪ مُٺِ مثل هو. ٿري هونئن به، اڪثريت ۾ هڏڙن جي مٺ ئي هوندا آهن. سندن جسم تي لَحم (گوشت) گهٽ هوندو اٿنِ، شايد ٿر جي ويراني ڏسي کِلندا به گهٽ هجن، ۽ کائيندا به گهٽ هجن. پر هڪ ڳالهه واضح ڪريان ته ٿلهو ڳالهائڻ، ۽ ٿلهو هنڍائڻ، سندن وٽان ڪو سِکي، اسان جو ناميارو مترجم، اديب ۽ محقق نوراحمد جنجهي شڪل و صورت ۾ هوبهو پنهنجي پيءُ جهڙو آهي. بس رڳو مرحوم جا ڀرون ايترا ته گهاٽا هئا ڄڻ ڪو ٻيلو هجي، جنهن ۾ لوڪ روايتن جا ڪيترائي اسرار لڪل هجن. ٿوري دير بعد سندن اڀريل گهاٽا ڀرون مون کي ايئن چمڪندا نظر پئي آيا ڄڻ وسڪاري کان پوءِ ٿر جون ڀِٽون چمڪي پيون هجن! ياد رهي ته جيئن پنهنجي ماتر ڀوميءَ سان هر ماڻهو پيار ڪري ٿو، بلڪل ائين ٿرين جو ٿر سان پيار ڪجهه وڌيڪ لافاني آهي، ان جو پتو اسان ٿر کان ٻاهر ويٺلن کي تڏهن پوندو آهي، جڏهن حيدرآباد، ڪراچيءَ ۾ نوڪريون ڪندڙ ٿريا مينهن جو ٻُڌي، پنهنجون سڻڀيون توڙي اڻڀيون نوڪريون ڇڏي، ٿر جي ڀِٽن جا نظارا ڏسڻ لاءِ ٿر پهچي ويندا آهن. هڪ تقريب ۾ اڳوڻي سيڪريٽري ڪلچر، حڪومت سنڌ، عبدالقادر منگيءَ ڪيڏو نه خوب چيو هو ته، ”وسڪاري جي مند ۾ جڏهن ٿر تي ڪارا ڪڪر گرجي ڀَرجي وسندا آهن، تڏهن شهرن ۾ رهندڙ ٿرين کي ڀلي ڪوٽن ۾ بند ڪيو وڃي، پر هو اُهي ڪوٽ ڀڃي ٿر پهچندا آهن.“ سو ٿرين جو، جيئن ٿر سان والهانه عشق آهي، اهڙو ئي عشق مرحوم شاعر غلام محمد جنجهيءَ جو شاعريءَ سان هو. شاعري به اُها جيڪا ٿر جي ست سيل جي حمايت ۾ هجي، ۽ وري بار بار ڀٽن جي نظارن جي ڳالهه ڪجي يا وري ڀٽن جي ڀرسان ڪنهن پراڻي تاريخي ڳوٺ ملير جي ڳالهه ڪجي، هاڻي ته ملير ناهي رهيو ته ڀالوا جي ڳالهه ڪبي، جي ڀالوا جي ڳالهه تڪراري ٿيندي، ته مارئي جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي ته هڪڙي هئي مارئي ۽ هڪڙو هو شاهه ته ڳالهه سون تي سهاڳو ٿي بيهندي. سنڌي ماڻهن کي اٺ سؤ سالن کان پوءِ هڪ بهادر عورت نظر آئي، جنهن پنهنجي جان جو نذرانو پوين جي لاءِ مثال ۽ عبرت خاطر ڏنو. سو سنڌ جا ماڻهو هاڻي ان کي شهيد راڻي چوندا آهن، سو ان شهيد راڻي تي کڻي نعرو ٺاهيائون ”مارئي ملير جي بينظير بينظير!“ سو سنڌ جي تاريخ ۾ مارئي جي نالي ۾ وڏا حوالا، اشارا، ڪنايا ۽ علامتون ظاهر ٿينديون آيون آهن، ان جو هڪ ثبوت سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيل شخص يعني شاعر اعظم حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. جنهن نه رڳو مارئي کي ڳائي سندس ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو آهي، پر ٿر جي عظمت کي سلام پيش ڪيو اٿس. نه ته مارئي جو قصو شاهه صاحب کان، ڪئي سال اڳ به ڳايو ويندو هو. مَيون شاهه عنايت اُهو پهريون شاعر هو، جنهن مارئيءَ تي بيت ۽ وايون چيون. پر شاهه عنايت جي شاعريءَ کي اُها پذيرائي نه ملي، ۽ مارئي جو ڪردار توجهه لائق نه بڻجي سگهيو. ٿر جي ڳڻ ڳائيندڙن، عشق ڪندڙن ۾، جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مارئي، روپلي ڪولهي ۽ مسڪين جهان خان کوسي ۽ ٻين اهم سورمن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي اتي رائچند هريجن کي به ضرور ياد ڪيو وڃي ٿو. جيئن استاد رائچند هريجن ”تاريخ ريگستان“ جي ٻنهي جلدن ۾ ورجايو آهي ته مان هڪ ماستر مسڪين ماڻهو ٿر بابت ڇا ٿو لکي سگهان، ان جي ابتڙ شاهه جا بيت ٿر جي عظمت جا روشن مينار بڻيو بيٺا آهن. نه ته ڪٿي مارئي ٿر جي عام سادي ڇوڪري، ڪٿي ماستر رائچند هريجن ۽ ڪٿي غلام محمد جنجهي، پر هنن سڀني کي امر ڪندڙ سونهون ۽ سرواڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ئي آهي. چيل ڳالهه جي گواهي هيٺيون بيت ضرور ڏيندو: شاهه سائين فرمائي ٿو: ڪَرِيو مُهاڙ ملير ڏي، اُڀيا ئِي آهي، جا مٿي ڏنيس مارُئين، سا لوئِي نه لاهي، سومرا ساهي، سَتيءَ وِجهه مَ سنگهرُون. (سر مارئي) سر مارئي ’تاريخ ريگستان‘ جي احوال ۽ هاڻي اسان جي سپورنج شاعر مرحوم غلام محمد جنجهيءَ جي ڪلاسيڪل شعري مجموعي ”ويجها ٿيا وصال“ کي گذريل ڏينهن کان بار بار پئي پڙهيو اٿم، جڏهن سندن شعري ڪارنامن تي نظر ڊوڙايم ته علم عروض جي تارازي به هٿ ۾ کنيم ته جهمٽمل خوبچند جي، 1953ع ۾ لکيل ڪتاب ”ڇند سڳند“ جا ماترڪ اصول به ميدان ۾ لاٿم، پر هڪ ڳالهه جيڪا شاعر جي حوالي سان ضروري آهي، اهو آهي وزن بحر وزن اهڙي شيءِ آهي جيڪو شاعريءَ لاءِ لازمي آهي. شاهه عبداللطيف جهڙي عظيم شاعر تي ميرزا قليچ بيگ تنقيد ڪئي ته شاهه جي شاعري فارسي بحر وزن کان عاري آهي ۽ نامياري محقق جهمٽمل خوبچند پنهنجي مشهور ڪتاب ”ڇند سڳند“ ۾ لکيو هو ته جنهن ٿر جي تاريخ تي سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ”تاريخ ريگستان“ جي مصنف جتي جتي ٿر جي جاگرافيائي حدن جو ذڪر ڪيو آهي، يا وري ٿر جي حسن ۽ وطن دوستي جي ڳالهه ڪڍي آهي، تڏهن رائچند صاحب تمام معدبانه انداز ۾ ٿر کي ”شاهه جو ٿر“ ڪري لکيو آهي. بلڪل ائين جيئن انگريز مستشرق رچرڊ برٽن پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌ مون ٻيهر ڏٺي“ (Sindh revisited) ۾ سنڌ جو جتي جتي ذڪر پئي ڪيو آهي، اتي احتراماً سنڌ کي ”ڏکويل ماٿري“ چئي مخاطب ٿيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ماڻهن تي ڪجهه طنز به ڪئي اٿس. شاهه بابت لکندي رائچند وڏي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. رائچند هريجن وڌيڪ لکي ٿو ته ”جيتوڻيڪ مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، پر آهيان پرائمري ماستر، سو به ڊزرٽ ڊويزن ۾، جتي به رڳو ڏيکاريل تڪليفون، پر ٻيون به انيڪ مشڪلاتون آهن(1). رائچند هريجن جو ذڪر ان لاءِ ڪيم جو اُن کي جڏهن به، ۽ جتي به ٿر جي عظمت لاءِ ڪنهن آڌار جي ضرورت پئي آهي، ته هن تاريخ مان هٿ ڪڍي، شاعريءَ جو سهارو ورتو آهي، ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پنهنجي اظهار جو سهارو بڻايو اٿس. شاهه عبداللطيف کي ڇند جي آدي نِيهن جي ڄاڻ نه هئي، نه پارسي ۽ عربي عروض کان واقف هو. امر لعل جڳتياڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي واضح ڪري چڪا آهن ته شاهه جي شاعري موسيقيءَ جي ماترڪ وزن تي رچيل آهي. ان ۾ اهو نٿو چئي سگهجي ته شاهه فقط موسيقي جهڙي ڏکئي وزن جو ته ماهر ٿي سگهيو پئي، باقي علم عروض ۽ ڇند وديا نه ڄاڻندو هو، اها ڳالهه سراسر غلط آهي. شاهه فارسي ۽ عربي گرامر جو به ماهر هو، سندن شعر چيل ڳالهه جي جواب لاءِ ڪافي آهن. سو غلام محمد جنجهي جي شاعري به ڇند وديا ۽ علم عروض کان چڙهيل هئي. پاڻ ڇند وديا کان واقف هو. پر پاڻ به اهو ئي شاهه عبداللطيف وارو رستو اختيار ڪيائون. حالانڪ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ نارائڻ شيام جي شاعري جيڪا هڪ لحاظ کان علم عروض تي پوري بيٺي هئي ته ٻي طرف بيت ۽ وائين لاءِ ڇند وديا جي علم مان پورو پورو فائدو ورتو ويو آهي. شاهه عبداللطيف، شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي، سائينداد ساند، حاجي ساند، جمن دربدر، امر ساهڙ ۽ ٻين شاعرن ٿر کي خوب ڳايو آهي، پر ڪلاسيڪل سرن تي شهر چوڻ يعني پنهنجي لوڪ روايتن کي زندهه ڪرڻ جي سلسلي ۾ يقين ڪريو ته ٿر بابت، مون هي پهريون شعري مجموعو پڙهيو آهي، جنهن جو معتبر نالو ”ويجها ٿيا وصال“ آهي، جنهن جو انتساب به ڏاڍو سهڻو يعني ٿري ماروئڙن جي نالي ڪري، مارو ماڻهن جي مڃتا کي امرتا بخشي وئي آهي. صدِ آفرين آهي، هن مرحوم شاعر کي جنهن فقط 13 سالن جي ننڍي عمر ۾ شعر شروع ڪيا ۽ شعر به اهڙا جو ٿري داستانن سان ڀريا پيا آهن. مٽ ۾ بند ٿيل شاعري جو ڍڪڻ اڃا هاڻي لٿو آهي، خوشبوءِ اڃا هاڻي آئي آهي، نشا ته اڃا هاڻي چڙهيا آهن. شاهه عبداللطيف کان پوءِ ٻين شاعرن سان گڏ شيخ اياز به ڪلاسيڪل سرن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر کيس ان شاعريءَ تي اها خاص موٽ نه ملي آهي جيڪا شهرت کيس جديد ۽ انقلابي شاعريءَ جي صورت ۾ ملي آهي. ان سڄي پيرائتي ڳالهه ڪڍڻ جو مقصد اهو آهي ته صاحب ڪتاب مرحوم غلام محمد جنجهي جي شاعري، معيار ۽ مقدار ۾ ڪٿي پهتل آهي؟ سندس ڪيل شاعريءَ جا انگ اکر ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ ۾ ڪجهه هن طرح آهن: 1. سرڪلياڻ ۾ 32 بيت 2. سر آسام 35 بيت 3. سر رامڪلي ۾ 45 بيت 4. سر مارئي ۾ 235 بيت (هن ۾ ڪاپائتي ۽ سسئي جا بيت به آڻي سگهجن ٿا. شاهه لطيف سر مارئي ۾ 132 بيت چيا آهن.) 5. سر سسئي ۾ 182 بيت 6. سر ڪوهياري ۾ 44 بيت 7. سر ديسي ۾ 29 بيت 8. سر سارنگ ۾ 48 بيت 9. سر سامونڊي ۾ 27 بيت 10. سر بردو سنڌي ۾ 35 بيت 11. سر ڪاپائتي ۾ 46 بيت 12. سر سهڻيءَ ۾ 14 بيت 13. سر ليلا چنيسر ۾ 17 بيت 14. سر سورٺ ۾ 31 بيت 15. سر نوريءَ ۾ 19 بيت 16. نانوَ ڳنڍڻ ۾ 03 بيت (متفرقه) 17. دانائن جي حقيقت ۾ 03 بيت 18. ياد رکڻ جهڙيون ڳالهيون ۾ 02 بيت 19. نور احمد جي ولادت با سعادت تي شڪريه ادائي ۾ 03 بيت 20. صبر ڪرڻ ۾ 03 بيت 21. ساکيءَ ۾ 01 بيت 22. آهه مالڪ اڳيان ۾ 04 بيت 23. عقيدت جو اظهار ۾ 02 بيت 24. حمد 02 عدد 25. نعت 01 عدد 26. ڪلام، ڪافيون ۽ گيت ڪالنگڙو 114 عدد 27. غزل فقط هڪ عدد 28. نظم فقط هڪ عدد 29. مارئي تي چيل ڪافيون، 46 عدد نوٽ: وڏي ۾ وڏي ڪافي به 24 بندن واري مارئي تي چئي اٿن. 30. سسئي تي 44 ڪافيون چيون اٿن. انگ اکر پيش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته شاعر ڪيئن نه ثابت قدميءَ سان پنهنجي نيت، ارادي ۽ احساسن کي پيش ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، پاڻ ته اُتي هليو ويو آهي جتان ڪوبه واپس نه وريو آهي، پر ڪتاب جي صورت ۾ سندن نالو پيو ڳائجي، جيستائين ٿري شاعريءَ جا قدردان موجود آهن. شاعر غلام محمد جنجهيءَ جو نالو به گونجندو رهندو. شاهه عبداللطيف پنهنجين سورمين مان سسئي تي پنج سُر چيا آهن. غلام محمد به سسئي بابت تمام گهڻا بيت چيا آهن، پر جڏهن تارازيءَ ۾ توربا ته مارئي جي چيل بيتن جو پُڙُ ڳرو رهندو. ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ ۾ جنجهي صاحب پنهنجي وطن جاڳڻ ڳائيندي چوي ٿو: سدا، سادا سڦرا، مون اباڻا آهين لٽا، لهاتا لڱن تي، پنهوار ٿا پائين پاڙيچن کي پرت سان، چاهه رکي چاهين وڙهيل جيڪي ويڙهه ۾، تن ٺاهه ڪري ٺاهين سڱن بندن کي ساڻيهه ۾ لياقت سان لاهين غلام محمد آهين، ماروئڙا ملير ۾، منهنجي خيال ۾ ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ ۾ خاص طور تي سر مارئيءَ ۾ ٿر جي ٻوٽن، وڻن، پکين ۽ جيتن جا ايترا ته نالا فنڪارانه انداز ۾ استعمال ڪيا ويا آهن، جيترا شاهه عبداللطيف ڀٽائي به استعمال نه ڪيا آهن، ان مان فقط هڪ لفظ جو مثال ڏيندي مان جامع سنڌي لغات ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنديانا وارن کي گذارش ڪندس ته ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ کي سورس مٽيرل طور استعمال ڪن، ورنه ٿر سان وڏي ناانصافي ٿيندي. هتي ڪتاب مان هڪ بيت پيش ڪريان ٿو: ماروئڙا ملير ۾، کائن ٻگري جي ٻاٽي، پيئن جهڻ جنهن مٿان، گهمري سان گهاٽي، ڪُل ائين ڪاٽي، عمر اباڻن سومرا. ٻگرو لفظ جيڪو شاهه به استعمال نه ڪيو آهي. ان بابت ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي جلد پهرين ۾ لکيل آهي ته ٻگرو للر يا مريڙي کان گهڻو ٿڙيل هوندو آهي.(1) ڊاڪٽر بلوچ به جامع سنڌي لغات ۾ ٻگري بابت اڻپوري داخلا ڪئي آهي، فقط لکيو ويو آهي ته ٻگرو گاهه جو قسم آهي.(2) ڪتاب ويجها ٿيا وصال ۾ صفحي 11 تي لکيل آهي ته ٻگرو مريڙي جهڙو هڪ ٻوٽو آهي جيڪو فولاد جي سگهه سان ڀرپور آهي. هاڻي توهان پاڻ غور ڪيو ته ٻگري بابت ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ ۾ اڻپوري داخلا رکي آهي، ٻيو ته ٻگري جا فائدا به نه لکيا ويا آهن. هاڻي فقط توهان جو ڌيان هڪ لفظ ڏانهن ڇڪايم، ان بابت اسان جي محققن اڻپورو مواد ڏئي، بس خاناپوري ڪئي آهي، ان ڪري وري به چوان ٿو ته ڪتاب ويجها ٿيا وصال جي ٻولي تي توجهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، مثال طور اڄ ڏينهن تائين اسان وٽ بحث هلندو پئي آيو آهي ته مارئي ڪٿان جي هئي، ته ان جو حل به جيڪڏهن هن ڪتاب جي هيٺئين بيت جي روشنيءَ ۾ ڪڍيو وڃي ته بهتر ٿيندو ۽ جيئن شاهه عبداللطيفؒ ملير بابت واضح ڪيو آهي تيئن رائچند هريجن، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام محمد جنجهي به واضح ڪري ٿو ته ملير به ڀالوا ڀرسان هڪ ڪچو ننڍڙو ڳوٺڙو هو، ۽ ان کي مارئي جو اصل ڳوٺ تسليم ڪيو وڃي. ڀالوا بابت ثبوت ڏيندي شاعر چوي ٿو: سي ڪيئن وساريان سومرا جي رهن منجهه ريلن، پهون چارين پنهنجون ٻاٻاڻان ٻيلن، ڀالوا جي ڀيڻي تي، ڇانگو رکن ڇيلن، غلام محمد اهڙن اياڻن، آءٌ ڪيئن وساريان سومرا. هاڻي توهان آڏو هن شاعري جي جوهر ۾ جيڪا ٺهر ۽ لهر سمايل آهي، ان جا ٻه مثال پيش ڪندس. ٿورو توهان کي ٻڌايان ته شهرن ۾ ٺهندڙ ڀاڄين کان منهن موڙيندڙ ٿرين جي ترجماني ڪندي سورمي مارئي جنجهي صاحب جي تخيل وسيلي چوي ٿي ته: چاهَئون چَٽينِ سومرا، مکڻ قنداليون، پيرون ولوڙي پارن ۾، چکن چنگهاليون، داڳي هُو داليون، ساڻيهه نه کائن سومرا. آخر ۾ فقط هن بيت ۾ چيل دعا سان شاعر جي تعارف کي پڄاڻيءَ تي پهچائيندس. داتا سڀ دور ڪر، منجهان ڏيهه ڏڪار، ٿين سدا ٿر تي مينهن ميگهه ملار، پکي رهون پنهنجي، چاري ڌڻ ڌڻار، کيٽن کراکوڙيون، انن جا انبار، گهاريئون غلام محمد چئي آ سودا آپار، اسان سڀ پنهوار، گهرج گهرون ٿا ايتري. (1) غلام محمد جنجهي، ”ويجها ٿيا وصال“، ڇاپو پهريون، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد سال 2010ع. (ص بيڪ ٽائٽل) (1) جينت ريلوائي، ”سنڌ ڪڇ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا“، اشاعت اول، سنڌو ڀارتي پبليڪيشن، سنڌو 4/9 شاستري نگر، راجڪوٽ 360001 اشاعت جو سال 2008ع ص.224 (1) رائچند هريجن، ”تارخ ريگستان“ (حصو پهريون) ڇاپو پنجون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2010ع ص 11. (1) فهميده حسين ڊاڪٽر چيف ايڊيٽر: ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“، (جلد پهريون) ڇاپو پهريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ سال اشاعت 2009ع ص. 565 (2) ڊاڪٽر بلوچ، ”جامع سنڌي لغات“، (ڇاپو ٻيون) جلد پهريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2007ع، ص 407. عبدالرزاق ڪلهوڙو اڀياس سنڌ سڄي آ سونُ پهاڙي (سعيد سومري جي شعري مجموعي ”مينهن ڪڻي جو سڏ“ جو اڀياس) سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ شاعر پنهنجي منفرد انداز سان مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندا پئي رهيا آهن. پر طويل غزلن تي تجربا تمام ٿورڙن ۽ گهٽ شاعرن ڪيا هوندا. ويجهڙ ۾ نئين ٽهي جي معروف شاعر سعيد سومري فني ۽ فڪري ڌارا سان طويل غزلن تي تجربا ڪندي پنهنجي ڪتاب ”مينهن ڪڻي جو سڏ“ ۾ شعرن جون بارشون وکيري سنڌي ادب کي طويل غزلن جي روپ ۾ هڪ نئين شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شعر، شعور جي مشق آهي، شاعر جيتري قدر جذبي ۾ فڪر جي شدت رکندو ۽ مشق ڪندو اوتريقدر سندس شعر پنهنجو اثر ڏيکاريندو. دلڪش نظارن يا سماجي خلفشارن کان شاعر متاثر ٿي لکي نت نون مسئلن کي پنهنجي تخليقن ۾ سمائي ٿو. هن شاعر به پنهنجي طويل غزلن ۾ درجي به درجي سماجي پهلوئن تي ڪٿي جمالياتي حِظ ته ڪٿي جذباتي اُڇلَ سان اشارتاً نشاندهي ڪئي آهي: سنڌ سڄي آ سون پهاڙي، حال تڏهن ڀي پينوءَ جهڙو. سموري سنڌ آسودي ۽ خوشحال هئڻ باوجود وري به ڪنگالپڻي جو ڳٽ سنڌ ۽ سنڌ ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ....! ٽانڊا ٿي ويون آهن اکڙيون، شايد ڪوئي خواب سڙي ٿو. ڳهلي دل جو گهرو سپنو ڪيئن چئجي ڪيئن اجرو ٿيندو مرڪي منهنجو نانءُ وتو تو جهرڻي ۾ ڄڻ چنڊ لٿو ڪو برکا کان پوءِ، باک لياڪو سپني جو آ سنسار چٽو هن مجموعي ۾ سعيد بنيادي طرح موضوعن واري شاعري تخليق ڪئي آهي. طويل غزلن ۾ هن داخلي موضوعن کي به اختيار ڪيو آهي، ته خارجي موضوعن کي به نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. جيئن سندس خارجي موضوعن جا ڪجهه شعر آهن ته: بنگالڻ جو ٻار اگهاڙو، ڪنهن تي ننگي گار ٿڦي ٿو. واچ کپائيندڙ جهوني وٽ، وقت نه شايد ملهه رکي ٿو. ميگهه پڄاڻا باغيچي ۾، مالهي ڌوتل گل ڏسي ٿو. داخلي موضوعن جا شعر: احساسن جا شيشا ميڙي، ڪو به نه هاڻي روح ڦٽي ٿو. منزل جي دوکي پنهنجو، جنمن کان هيءُ روح رلي ٿو. گهر ۾ آهي بس تنهائي، گهر ڏي ڪوه سعيد وڃي ٿو. شاعري هر دور جو اهو آئينو آهي، جنهن ۾ ان دور جي ريتن رسمن ۽ حالتن جو چهرو هوبهو انهيءَ صورت ۽ پس منظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ اهي بروقت ۽ انهيءَ حالت ۾ هُجن ٿيون. شاعر لفظن جو اهو وينجهار آهي، جنهن وٽ مختلف فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جا لفظ، خيال ۽ احوال هجن ٿا. جنهن جي معرفت هو شاعريءَ جي خوبصورت عمارت جوڙي ٿو. سعيد سومري جي هن شعري مجموعي کي پڙهندي مٿيون ڳالهيون سندس شعر ۾ جا بجا نظر اچن ٿيون. سعيد سومرو بنيادي طرح پيار ، محبت ۽ انسانيت جو شاعر آهي. سندس آڏو جيڪو ويجهو ۽ پيارو رشتو آهي، اهو محبت ۽ پيار جو رشتو آهي ۽ انهن سڀني رشتن ۽ ناتن جو محور انسانيت آهي ۽ انسانيت جي ڳالهه رڳو اسان جا شاعر حضرات نه پيا ڪن پر اهو الهامي پيغام آهي، جنهن لاءِ قدرت پاران سوا لک پيغمبر سڳورا آيا، جن انسانيت جي پرچار ڪئي ۽ اڄ جا شاعر به سعيد سومري سميت انهيءَ پيغام جا سفير آهن. سعيد جي شاعري سنڌي سماج جي نه رڳو عڪس آهي پر هن سماج جي ترجمان به آهي. سعيد سومري جي شاعريءَ کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن لغت يا ڪنهن ٻوليءَ جي ماهر جو سهارو وٺڻو نه ٿو پئي. هن جي شاعري ايتري ته سليس ۽ عام فهم آهي جو عام ماڻهو به سندس مقصد ۽ پيغام کي هڪدم سمجهي وڃي ٿو. شاعر يا تاريخدان جو رتبو منهنجي نظر ۾ هڪ ئي آهي، فرق صرف اهو ئي آهي ته شاعر لفظن جي نفاست ۽ شعر گوئيءَ ۾ حالات ۽ واقعات کي چٽي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه به لفظن جي رومال ۾ ويڙهي بيان ڪري ٿو. پر تاريخدان ٽٽل حالتن ۽ واقعن کي گڏي هڪ ئي تسلسل ۾ بيان ڪرڻ جي روشِ کي پنهنجائي ٿو. شاعر جي اندر جي ڪائنات مان جيڪي نغما اُسرن ٿا، اهي ورقن ۾ تاريخ بڻجي رهن ٿا ۽ هو عام ماڻهن جي ذهنن ۽ ضميرن کي جاڳائن ٿا: سوڀ ڏسي محڪوم هٿن جي، رابيل هوا ۾ جهومن ٿا، بند ڪري ڇڏ ڳڙکي شاعر، اڏريا اڏريا گيت وڃن ٿا، منهنجي دل آ پياس پکيءَ جي ، تنهنجا نيڻ نديءَ جا سڏ ها. سعيد سومري جي شاعريءَ ۾ نوان استعارا، خوبصورت تشبيهون، امنگ ۽ خوشين جا رنگ به آهن ته وڇوڙي جو درد به آهي. سعيد سومرو اندر جي ڪائنات ۾ ادب سان لاڳو سڀني مرحلن، زاوين ۽ دائرن ۾ سچائيءَ جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جو قائل رهيو آهي. سگهاري سوچ رکندڙ هن شاعر ۾ هڪڙي خوبي اها به آهي ته هو تنقيدي رويي کان ڪڏهن به خائف ناهي رهيو پر هو تنقيد کي خوشيءَ سان قبول ڪندو پئي رهيو آهي. سندس ٻي خوبي اها رهي آهي ته هو لفظن جي پس منظر، ماحول ۽ حسناڪيءَ جو قائل ۽ گرامر کان واقف آهي، البت ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي هلڪيون ڦلڪيون پروفن جون چُڪون رهجي ويون آهن. اسان کي اميد آهي ته هيءُ محبتي ۽ محنتي شاعر پنهنجن جوان جذبن ۽ سگهارين سوچن سان ادبي کيتر ۾، پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائيندو رهندو. جتي من ۾ ڊپ ناهي، ۽ ڳاٽَ اُوچا رهن ٿا، جتي علم کي آزادي آهي، جتي دنيا کي تنگ نظرين سان ورهائي ٽڪرا ٽڪرا نٿو ڪيو وڃي، جتي لفظَ سچ جي اونهائين مان اُڀرن ٿا، جتي اڻٿڪ محنت پنهنجيون ٻانهون ڪمال ڏانهن ٿي ڦهلائي، جتي عقل جي شفاف نهر، قنوطيت جي وارياسي رڻ پَٽَ ۾ ڀٽڪي، پنهنجي راهه نٿي وڃائي، جتي مَنُ سدا اُسرندڙ فڪر ۽ عمل سان توڏانهن ئي وک وڌائي ٿو، - او سائين، شال منهنجو وطن آزاديءَ جي انهيءَ جنت ۾ اکيون کولي! ]مهاڪَوي ٽئگور جي هڪ نظم جو ترجمو[ استاد لغاري تحقيق “ڪلام گرهوڙي” جو هٿ آيل نئون قلمي نسخو مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد جي سوانح، ڪلام ۽ سندس شهادت بابت ڪافي احوال دستياب ٿي چڪو آهي. شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو سهيڙيل ڪتاب ”ڪلام گرهوڙي“ اسان وٽ موجود آهي. بلاشڪ هيءُ هڪ جامع، مفصل ۽ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ”ڪلام گرهوڙي“ کي سهيڙڻ لاءِ، ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جن 14 قلمي ۽ ڇاپي نسخن جو ذڪر ڪيو آهي، اُهي هن ريت آهن: (1) (ل) – لنواري شريف وارن پيرن جو نسخو. (2) (ج) – لنواري درگاهه هاڻوڪي سجاده نشين خواجه گل حسن صاحب وارو نسخو. (3) (خ) – مرحوم مير خان محمد ٽالپر، ساڪن ٽنڊي جان محمد جو لکيل نسخو. (4) (جهه) – جهنڊي وارن بزرگن جي ڪتب خاني مان هٿ آيل نسخو. (5) (ڄ) – مرحوم نواب ڄام ڪانڀو خان جي اهتمام سان ڇپايل نسخو. (6) (ح) – حامد الله ازقوم لنجو ساڪن پارڪر وارو نسخو. (7) (ق) – قاضي پير بخش ولد قاضي محمد حسن نصرپوري جو لکيل نسخو. (8) (ن) – دين محمد سومري جي معرفت، حاجي عبدالحي نقيچ وارو مليل نسخو. (9) (الف) – حافظ ابوالحسن جو لکيل نسخو. (10) (ڏ) – ابوبڪر نصرپوري وارو نسخو (ڪاتب الهه ڏنو سهتو) (11)(م) – استاد مولوي عبدالرحيم مگسي وارو ڇاپو. (12) (ر) – شيخ عبدالرحيم صاحب، روهڙي واري جو نسخو. (13) (ع) – ميان عبدالله آخوند جي سوٽ مرحوم حافظ ميان علي احمد آخوند هالائيءَ وارو نسخو. (14) (.......) – الله بخش وارو نسخو.(1) ان بعد سڀني کي آڏو رکي جيڪو دائود پوٽي صاحب نسخو تيار ڪري ڇپايو، اُن جي اهميت نهايت ئي اهم آهي. مذڪوره 14 نسخن کان علاوه مون وٽ هڪ اهڙو نسخو آڏو آهي، جنهن ۾ گرهوڙي صاحب جو ڪلام درج ٿيل آهي. هيءُ هڪ قلمي نسخي جي صورت ۾ آهي، جيڪو رجسٽر تي تحرير ٿيل آهي. هِن نسخي ۾ هٿ اکر مرحوم حاجي محمد بخش ڪُٻر جا آهن. هيءُ نسخو حاجي محمد بخش ڪُٻر سنه 1357هه کان لکڻ شروع ڪيو ۽ مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 1- ربيع الاول سنه 1360 هجري درج ڪيل آهي. ٻين پنن تي ڪي ٻيون تاريخون به ڏنل آهن، پر هِن نسخي کي مڪمل ڪرڻ جي حتمي تاريخ 1- ربيع الاول واري ئي ٿي سگهي ٿي. حاجي محمد بخش ڪُٻر جو ڳوٺ، کپري شهر کان ٻه ٽي ميل اولهه طرف، ميرپور خاص روڊ جي ڀرسان واقع آهي. حاجي محمد بخش ڪُٻر جو شجرو ڪجهه هن ريت آهي: حاجي محمد بخش بن محمد صديق بن اسد الله بن غلام محمد بن نصرالله بن ميان ڀليڏنو ڪُٻر. هيءُ قلمي نسخو مون وٽ ميان عزيز الله ولد حاجي سليمان ڪُٻر، زيارت خاطر وڏي مهربانيءَ سان کپري شهر ۾ کڻي آيو ۽ مون کي هڪ مهيني تائين مطالعي ۽ استفادي لاءِ مُهيا ڪيائين. بقول سندس، ته هيءُ نسخو کيس پنهنجي وڏن جي طرفان امانت طور مليو آهي. هِن نسخي ۾ گرهوڙي صاحب جن جو ڪلام موجود آهي. ڪاتب حاجي محمد بخش ڪُٻر، لڳي ٿو ته هِن نسخي کي لکڻ مهل مڪمل پاڪائي اختيار ڪئي آهي ۽ باوضو ٿي پوءِ لکيو آهي. هُن جيڪا مس استعمال ڪئي آهي، اُها پنهنجي هٿ سان تيار ڪئي آهي، جنهن کي برسات جو پاڻي ۽ زماني جي گردش به ڊاهي نه سگهي آهي. مس جي تياريءَ ۾، پاڻي کان علاوه مُشڪ عنبر به ملايو ويو آهي. ان کان علاوه پوري نسخي ۾ هر هڪ اکر جي هيٺان مٿان جيڪي به زبرون، زيرون، پيش وغيره ڏنل آهن، اُهي سڀ جو سڀ ۽ پوري متن ۾، جِتي جِتي به ڪلام پاڪ جون آيتون آيون آهن، سموريون، زعفران سان تحرير ڪيل آهن. ڪاتب جا هٿ اکر، نه ڏاڍا سهڻا آهن ۽ نه ڪو ڏاڍا سادا، بلڪِ درميانا آهن. سنڌي صورتخطي، پُراڻي ابوالحسن واري، استعمال ڪئي اٿس. جهڙي شاهه جي رسالن ۽ بمبئي ڇاپن ۾ ڪم آندل آهي. هِن نسخي کي کولڻ سان، هڪ اعليٰ قسم جي خوشبو ۽ محسوس ٿئي ٿي. رجسٽر کولڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هِن جا پهريان ۽ آخري ٻه ٽي پنا اڳ ۾ خالي ڇڏيل هئا. جن تي بعد ۾ ڪاتب يا ڪِن ٻين معتقدن طرفان پين سان مولود شريف، مداحون ۽ ڪافيون لکيون ويون. شروعاتي پنن تي حضرت پير سائين پاڳارا سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح جن جو هڪ خط مبارڪ نقل ڪيو ويو آهي. جيڪو حضرت روضي ڌڻيؒ جن ميان تاج محمد نالي ڪنهن بزرگ ڏانهن ڪنهن بياض جي حصول لاءِ لکيو آهي. هِن نسخي ۾ ميان تاج محمد نالي بزرگ جي ڪٿي به وضاحت ٿيل نه آهي ته هيءُ ڪهڙو بزرگ آهي. البت قوي گمان آهي ته هيءُ اُهو بزرگ آهي، جنهن جي ديني درسگاهه سيواري ۾ هوندي هئي ۽ پاڻ، حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيؒ جن جا خاص خليفا به هئا(2). بزرگ ميان تاج محمد ڪيريو جي پونيئرن جي بقول ته اهو خط مبارڪ اصلي صورت ۾ وٽن موجود آهي، پر راقم کي ان جي زيارت في الوقت نصيب نه ٿي سگهي آهي. ميان تاج محمد ڪيريو، ميين محمد مُبين ڪيريي چوٽياري واري جو همعصر ۽ عزيز هو. چوٽياري ڪنهن زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هئي. 1851ع ۾ مشهور ۽ معروف انگريز اديب ۽ ليکڪ ”رچرڊ برٽن“ سنڌ ۾ آيو هو، ان ٽالپر دور جي هيٺين ڇهن مدرسن کي ڪاليجي سطح جي درسگاهن ۾ شمار ڪيو آهي. يعني- سيوهڻ، کُهڙا، مٽياري، ٽپٽ، ولهار ۽ چوٽياري (3). ميون محمد مبين ڪيريو (ٿرائي) چوٽياريون وارو، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ چوٽياري درسگاهه (ضلع سانگهڙ) جو باني هو. ڀٽائي صاحب اڪثر سانوڻ جي موسم ۾ وٽس ايندو رهندو هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويٺا ته گهڻو ويهي ويا ۽ دير ٿي ويئي. جڏهن شاهه صاحب موڪلايو ته ميين محمد مبين چيو ته ”جهُڙ ڦڙ آهي، ترسي پئو.“ تنهن تي شاهه صاحب بيت ۾ جواب ڏنو: ”رداءِ جا رضا جي، سا اوڇڻ آديسين.“ پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. هيءَ ملاقات غالباً 1160- 1155هجري ڌاري ٿي. مخدوم ميون عبدالرحيم گرهوڙي ان وقت درسگاهه چوٽياريون ۾ طالبِ علم هو. چون ٿا ته گرهوڙي صاحب قبول صورت ۽ جسم ۾ ڏٻرو هوندو هو. ٻيا طالبِ علم کيس پاڻ سان گڏ کاڌو کائڻ نه ڏيندا هئا. ميون محمد مبين صاحب کيس سڏي پاڻ سان گڏ ماني کارائيندو هو. انڪري گرهوڙي صاحب، ميين صاحب کي ابو ڪري سڏيندو هو. شايد ڀٽائي ۽ ميين صاحب جي ماني کائڻ وقت گرهوڙي صاحب خدمت ۾ موجود هو، جو جنهن پيالي ۾ شاهه صاحب پاڻي پيتو سو گرهوڙي صاحب سنڀالي رکيو. (ٻي روايت موجب اهو پيالو شاهه صاحب پاڻ کيس ان موقعي تي يا ڪنهن ٻي موقعي تي ڏنو هو). جيڪو هِن پوئين ويجهي دور تائين گرهوڙ شريف ۾ سيدن وٽ حفاظت سان رکيل هو(4). سرينواري به ڪنهن زماني ۾ چوٽياري وانگر علم جو وڏو مرڪز هُئي. هِن درسگاهه جي زيارت لاءِ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيؒ جن آيا هئا. واگِهين (تعلقي سانگهڙ) واري ڀٽ تي شاهه صاحب جو تڪيو موجود آهي، واگِهين واري ڀٽ سرينواري کان ٻه ٽي ميل اولهه طرف، اولياء بهرم بري سان لڳو لڳ آهي. منجيري جعفر خان لغاري پنيري وارو روايت ڪندي ٻڌائي ٿو ته ”شاهه صاحب گيڙو ويس ۾، ڪنٺ مالا پاتل، هن درسگاهه ۾ داخل ٿي، اندر ويهي رهيو ته طالبِ علمن کيس ڪو غير مسلم (جوڳي يا سامي) سمجهي هِتان نڪري وڃڻ لاءِ زور ڀريو، پر پاڻ ٻاهر نه ويا ۽ مسڪرائيندا ويٺا رهيا. تان جو طالبِ علمن اهڙو اطلاع درسگاهه جي مهتمم ميان تاج محمد ڪيريي کي ڏنو، جيڪي جلدي درسگاهه اندر پهتا ۽ اهڙي ويس واري مسافر کي ڏسي يڪدم سڃاتائون ۽ هي بيت ڏنائون: ڪُوڙو تُون ڪُفر سين، ڪافَر مَ ڪوٺاءِ، هِندو هَڏَ نه آهيين، جَڻِيو تو نه جُڳاءِ، تِلڪ تِنين کي لاءِ، سَچا جي شِرڪ سين. ته ڀٽائي صاحب به مسڪرائي وراڻيءَ ۾ هيءُ بيت ڏنو: ڪافَر ٿي ته اُبهين، بابَ شَرع جا ڇَڏ، مَنَ مُشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿين وِصالَ کي. پوءِ ٻيئي ڄڻا ڀاڪر پائي مليا ۽ حال احوال اوريائون.“ جيئن ته درسگاهه سرينواري، گرهوڙ شريف ۽ چوٽياري جي وچ تي آهي، انڪري ايندي ويندي ميون عبدالرحيم گرهوڙي صاحب هن درسگاهه ۾ ڪافي دفعا آيو ويو چئي سگهي ٿو. هِن درسگاهه ۽ مسجد شريف جو ڀڙو ۽ قبرستان سرينواري ۾، پُراڻي ڍوري (ڪاري ناري) جي ڀر ۾، ٻيلي ۾ موجود آهن. قبرستان ”تاجا طُريل“ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. هِتي مائي ڄامان جي جوڙايل مسجد شريف به هوندي هئي، جيڪا هِن وقت شهيد ٿي چُڪي آهي. حضرت پير سائين روضي ڌڻي رح ، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي شهادت وقت 21 سالن جا هئا ۽ هيءُ خط گرهوڙي صاحب جي شهادت کان ست سال پوءِ سن 1199هجري ۾ لکيو ويو آهي. غالب گمان آهي ته ميان تاج محمد ڪيريو وٽ ميان عبدالرحيم گرهوڙي جن جو ڪو بياض ( يا ڪو ٻيو اهم ڪتاب به ٿي سگهي ٿو. موجود هو، جنهن جي حصول لاءِ، حضرت پير سائين روضي ڌڻيؒ جن اِهو خط ارسال ڪيو هجي ۽ اُن اصلي بياض تان بعد ۾ حاجي محمد بخش ڪُٻر به هيءُ قلمي نسخو تحرير ڪيو هجي. ميان تاج محمد جي پونيرن وٽ قرآن پاڪ، احاديث مبارڪ، فقه ۽ ٻين ديني ڪتابن جا سوين ناياب قلمي نسخا موجود هوندا هئا، هيٺ حضرت پير سائين روضي ڌڻيؒ جي نقل ڪيل خط جو عڪس ڏجي ٿو: (خط جو ترجمو) ”وصيت هي ته ڪوبه ساهه، پيدا ڪندڙ جي نالي کانسواءِ نه کڻجي. پوءِ هِن سال هِي حقيقت ثابت ٿي حقيقتاً. ڪا گهڙي خدا جي ياد ۾ هجڻ، سُليمان عليہ السلام جي بادشاهيءَ کان بهتر آهي. (نوٽ ۾ هيٺيان اکر لکيل آهن). مگر هي ته جيڪڏهن بياض (ڪتاب) فارغ آهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ اُڌارو ڏيندا ته ان مان ڪجهه شيون نقل ڪري واپس موڪلينداسون. انشاء الله تعاليٰ“ (مُهر سنه 1199 هجري. حضرت پير سائين روضہ ڌڻي رحمة الله عليہ و برڪاتہ.) مٿي ڏيکاريل خط کان پوءِ مضمونن ۽ ڪلام جي فهرست اچي ٿي جيڪا پاڻيءَ سان ايتري ته پسيل آهي جو اُها صحيح پڙهڻ ۾ نٿي اچي. متن شروع ٿيڻ کان اڳ ڪي مُستجاب دعائون ۽ وظيفا درج آهن جيڪي ڪاتب پنهنجي پڙهڻ ۽ استفادي لاءِ شايد لکيا آهن. متن جي شروعات الله تبارڪ و تعاليٰ جي اسم مبارڪن سان ٿئي ٿي. هر اسم مبارڪ جي هيٺان اُن جي صفاتي معنيٰ سنڌيءَ ۾ درج ڪيل آهي. شروعات هِن طرح آهي: اسما‍ء الحسن تسعين تسعان. بسم الله الرحمٰن الرحيم. الله ﷻ الرحمٰن ﷻ الرحيم ﷻ اُن بعد حضرت ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن جا اسماء مبارڪ درج آهن ۽ ان کان اڳتي هلي، حضرت مِٺي ﷴ الڪريم، سيد المُرسلين، شفيع المُذنبين، رحمت اللعالمين، راحت العاشقين، مذداد المشتاقين، شمس العارفين، سراج السالڪين ﷺ جن جي حُليه مبارڪ جن جو بيان، صحيح ڪتابن مان ڏسي لکيل آهي. اُن کان اڳتي هلي، رجسٽر جي صفحي نمبر 25 تي هڪ خاص حوالو درج ڪيل آهي. جيڪو هِن قلمي نسخي بابت ۽ ڪاتب ۽ تحرير ٿيڻ جي تاريخن جي ذمري ۾ نهايت گهڻي اهميت رکي ٿو. اُهو حوالو هِتي هُوبهو نقل ڪجي ٿو: بسم الله الرحمٰن الرحيم. قوت العاشقين، في ولادت سيد المُرسلين، تصنيف ڪيل- جناب مولانا مولوي حاجي الحرمين والشريفين الحاج مولوي گل محمد عفاهُ الله (هيءُ مولوي گل محمد ڀٽي آهي. جنهن جا پونير هينئر ڳوٺ مورهڏي، تعلقه کپري ۾ رهن ٿا.) ماڪانَ مِنہُ سنَدَ يافته لاهور، انجمن خدام الدين، ساڻ سعيي ۽ شوق ميان محمد بخش قوم ڪُٻر، جي تيار ٿيو. مؤرخه 22 صفر المظفر سن 1360 هجري. (عرض حال) هِي ميلادالنبي سيد المُرسلين ﷺ جو تمام معتبر ڪتابن ۽ تفاسيرن مان چونڊي عرق ڪڍيو ويو آهي. مهٰذا هڪ عالم رباني مرحوم و مغفور جنتِ مقام ميان محمد بچل مشائخ پوٽه جو ٻُڌل ۽ پسند ڪيل آهي. هِن بندي، هِن نسخي کي 1357هجري ۾ شروع ڪيو هو. پر قضا اِلاهي، ميان محمد بچل مرحوم، جمعي جي رات 12 وڳي، بتاريخ 12 شوال سن 1358 هجري ۾ انتقال ڪري ويو ۽ ڪو معاون مددگار ڪونه رهيو ۽ عربي طالبن جي اسباقن جي مشغولي گهڻي هئي، تنهنڪري ميلادالنبي ﷺ خادمِ حرمين، پياسي حوضِ ڪوثر جو، حامي الحرمين الشريفين، حاجي محمد بخش صاحب ازحد تاڪيد ڪئي ته ميلادالنبي ﷺ جلد تيار ڪيو وڃي. بعون الله ساڻ مددگاري الله تعاليٰ جلشانہ اَمن وآلہ جي، ڪم پايهءِ تڪميل تي پهتو. پياري عزيز، عُشاق حضرت سيد المُرسلين ﷺ جا هِن ڪمتر ۽ ڪهسر ناقص ۽ ناچيز جو عرض آهي ته الانسان مُرڪب من الخطاءِ والنسيان. ’انسان خطا ۽ ويسر جو گهر آهي.‘ هِن بندي جي ڪابه لغزش يا خطا ڏسڻ ۾ اچي ته بي حجاب صحيح ڪري ڇڏيندا ۽ دُعا خير کان فراموش نه ڪندا. بقلم- محمد بخش قوم ڪُٻر. بتاريخ 25 صفر المظفر سن 1360 هجري. روز دوشنبه. هن کان هيٺ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي ولادت ۽ سيرت پاڪ جو اقتباس نثر ۾ تصنيف ڪيو ويو آهي. هِن تصنيف جي لکي مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 1- ربيع الاول سن 1360 هجري، بقلم حاجي محمد بخش ڪُٻر عفي عنه لکيل آهي. هِن کان پوءِ ڪلام گرهوڙي شروع ٿئي ٿو. (اول ڪلمو شريف بر زبان سنڌي) پهرين ويسہ سک تون، علم ايمانا. ويسہ صحي اِيءَ ٿيو، جيئن وسهين هِن معنا. (ٻيو ڪلمو طيب توحيد) جوڳو عبادت جو، ڪونهي رب سوا. ڪنهن کي روا ناههِ ڪا، پرور رِي پوڄا. (حقيقت محمديءَ جي بيان ۾) اسم ساڻ الله جي، سڀئي ٿوڪ ٿِئا. جو خالق مخلوقن جو، رهبر رحيما. (قل هو الله احد) محمّد ﷺ چئو ماڻهن کي، ته هِن پر ڳالهه ٻُڌن. الله آهي هيڪڙو، جهڙس ڪونه ڪهن. (ساراهه بسم الله ۽ سورت فاتح) ساراهه صاحب کي ڪجي، جو عالم ڪُل علمن. سڀ ڪِين ڄاڻي مون ڌڻي، بخشي علم بندن. (بسم الله جي معنيٰ) پهرين معنيٰ بسم الله جي، اندر روح رکن. جا آهي ماءُ الحمد جي، آيت اِيءَ لَکن. (تبارڪ الذي در بيان توڪل) چونڊ شعر اُونهي برڪت اُن کي، جنهن هٿ جهانا. اُڀ، ڀُون، عرش، ڪُرسي، ننڍا ٿوڪ وڏا. ڄيري کامڻ ناههِ ڪو، پاڻي ٻُڏڻ ناهه. موت نه آهي مرض ڪري، ٻُڪي صحت نه ڪا. قوت ناههِ ڪڻن ۾، پاڻي اُڃ نه لاهه. سڀوئي صاحب هٿ ۾، نفع زيانا. ڪي اگهاڙا ئي ڍڪيا، ڪي ڍڪيل اگهاڙا. ڪي پيادا ئي بادشاهه، ڪي ڏولي ۾ ڏکيا. ڪِن دائم ديڳ چڙهي، ڪسب ڪل نه ڪا. ڪي سُتائي سرفراز ٿئا، ڪي روُندا ئي رهيا. ڪاڪ ڪنڌيائي ڪينَ وڻي، ڪا سُتيائِي سيباءِ، ڇڏي اٽڪل عقل جي، ڪُوڙا قياسا. مڇين پاڻي ۾ پُڇي، پکين منجهه هوا. وهٽن ڪارڻ وڻ مِٺا ڪري، ققنس ڪارڻ باهه. اڏوهي کي آب ڏي، جتي آب نه آ. ڪيئين کي پهڻ سخت ۾، رساڻي رزقا. جِن نه قُدرت قُوت جِي، فاقي فقيرا. سي تون ڪيئن سڏين بادشاهه؟ گهوڙا ڙي گهوڙا! (تفسير انا اعطينا جو) پرور پانهنجي نام سين، قادر ٿوڪ ڪِئا. جو خالق مخلوقن جو، هادي، ڪنين لا. (ست صفت ايمان جون) سَتَ صفت ايمان جون، سِکي صحي ڪجن. جن نه مڃي هيڪڙي، ڪُفر ٿِئو تن. (سنڌي مُلڪي) ساراهه ڪريان سبحان جي، اول عطائي. جوڙي جوڙ سڀڪا، جنهن آگي اُپائي. (سنڌي ترڪي واري) جيڪي ٿوڪ جهانَ ۾، ڳجها ۽ پڌرا. اسم ساڻ الله جي، تِن جو ظهورا. (سنڌي سَتَ فرض) سَتَ فرض انسان تي، لازم لکن ٿا. جن ڇڏيو هيڪڙو، تنين عذابا. هِن کان پوءِ بيتن جو باب شروع ٿئي ٿو. بيتن ۾ ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان سواءِ، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لنواري واري ۽ ٻين صوفي بزرگن جا بيت به ڪٿي ڪٿي شامل ٿيل آهنِ. اِهو مسئلو ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ به موجود آهي. ڇو جو اُن وقت جا شاعر معرفت جا صاحب هوندا هئا ۽ ڪم و پيش هڪ جهڙي، پُرجمال شاعري ڪندا هئا. ۽ ٻيو ته اُن زماني ۾ ڪلام کي ڀيٽڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، ڌار ڪرڻ جون ڪي خاص سهوليتون موجود نه هيون(۽ اڄ ڪلهه وري اهڙي ڪلام کي ڌار ڪرڻ سان اختلاف پيدا ٿين ٿا) لهاذا، هِن نسخي ۾ درج ڪيل 270 بيت، جيئن آهن، جتي آهن ۽ جيڪي به آهن، انهن مان فقط چند بيت مثال طور شامل ڪجن ٿا: بيت (1) عارف ۽ عُشاق، پسڻ گهرن پرين جو. جنت جا مشتاق، اڃا اورانهان ٿئا. (2) آئون اُن ڏينهان، سِڪان سُپيرين کي. جيئن اوڏا ٿئا اَن کي، آدم ۽ حوا. محب مڙندم ماءَ! شال! موٽي ماڳِيتيِ ٿيان. (3) تان سِين تون نه فقير، جان سِين سانگ سِسِي جو. ماڻيو تن ملير، جن جُسو مال مُباح ڪِئو. (4) سامي! ڪنڌ ڪپاءِ، ڪنَ ڪپايا خير. هِي تنين جي جاءِ، جنين ٻئي جڳ ڇڏيا. (5) پل پل پوءِ پچار، مُلڪ ۾ ميثاق جي. ڪک پن ڪن اقرار، ”اسين ٻانها، تون ڌڻي“. (6) تنهنجي واٽ وجود، ٻهر پُڇ مَ پيچرا. مڙوئي تون معبود، جي قريب رهين ”ڪِين“ جي. (7) جڏهين ”ڪِين“ لڌوءِ، تڏهن لڌوءِ سپرين. جانسين لهين نه ”ڪين“ کي، تانسين هوت نه هوءِ. اِنَ رَبيِ عَليٰ صِرَاط مُستَقِيم، زندان راهه اِهوءِ. ڪلمون تِت ڪُفر ٿيو، هوت جِتهين هوءِ. نفي ۽ اثبات کان، پرين پاڪيزوءِ. لالڻ سندي لوءِ، تِر تناقص ناههِ ڪو. (8) پريان جي پچار ۾، اچي جن آرام. دنيا تن کي دام، پُڇن موسم موت جي. (9) اندر انڌي آرسي کي، منهن ڏونُهن ڪٽ ناههِ. آرسي کي آههِ، واهيپو ويسار سين. (10) سرتيون! سُٽ ڪياهه، ماريو مَ منصور کي. ٿي ترڪيب تباهه، وحدت وائي وات ۾. (11) تنين غم ڪِهو؟ ڪم جنين جو ”ڪِينَ“ ۾. جَنينِ ايڏاهين پير پيو، تنين ”هُوند“ حرام ٿي. (12) تِڪ ڏيڻ توحيد ۾، وجهلڻ وصالت. مون جيڏيون ملير ۾، پِيئن ماکي معرفت. پِرتِئان پنهواريون پِين، شربت شريعت. هادي حقيقت، مولا! مون کي ميڙيين. هڪ نصيحت ڀريو نظم شروع ٿئي ٿو جنهن جو عنوان آهي- ”راند جو بيت“. هِن نظم جا پهريان ٻه ٽي لفظ آهن- ”ٽِڪ ڏِنگڙِي هَلي، کڙا پاسڙِي جهلي“. ۽ پڇاڙي وارا لفظ آهن: ”ڪِين کائجي، ڪِين اوبارجي. جي سڄڻ سڄا ئي ٻانهن ڏي، سڄا ئي نه ڳِهجي“. وغيره. هي نظم رجسٽر جي ٻن صفحن تي محيط آهي. هِن کان اڳتي فارسي ۾ هڪ مدح شريف رقم ٿيل آهي جيڪا پڻ رجسٽر جي لاڳيتو ڇهن صفحن تي درج ڪيل آهي. ميون عبدالرحيم گرهوڙي صاحب، سلطان اولياء حضرت خواجه محمد زمان لنواري وارن جا مريد هئا(5). اِن ڪري هِن نسخي ۾ پنهنجي مرشد جي سلسلهءِ طريقت کي درج ڪيو اٿن. جيڪو هُوبهو هتي نقل ڪجي ٿو: (1) اول سيدنا حضرت محمد الرسول الله ‌‍‍‌. (2) بعد ازان سيدنا حضرت ابابڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه. (3) بعد سيدنا حضرت سلمان فارسي رضي الله تعاليٰ عنه. (4) حضرت قاسم بن محمد. (5) حضرت امام جعفر صادق رضي الله سبحانه و تعاليٰ عنه. (6) حضرت خواجه با يزيد بسطاميؒ. (7) حضرت خواجه ابوالحسن خرقانيؒ. (8) حضرت خواجه ابو علي فارمنديؒ. (9) حضرت خواجه محمد يوسف همدانيؒ. (10) حضرت خواجه عبدالخالق غجدوانيؒ. (11)حضرت خواجه محمد عارفؒ. (12) حضرت خواجه محمود علي راميتنيؒ. (13) حضرت خواجه بابا محمدؒ. (14) حضرت خواجه سيد مير گلالؒ. (15) حضرت خواجه بهاؤالدين شاهه نقشبنديؒ. (16) حضرت خواجه محمد يعقوبؒ. (17) حضرت خواجه عبيدالاحد الاحرارؒ. (18) حضرت خواجه درويشؒ. (19) حضرت خواجه مَڪَنِڪَؒ. (20) حضرت خواجه باقي بااللهؒ. (21) حضرت خواجه احمدؒ (لقب مُجدد الف ثاني) (22) حضرت خواجه محمد سعيدؒ. (23) حضرت خواجه عبيدالاحدؒ. (24) حضرت خواجه محمد حنيفؒ. (25) حضرت شاهه ذڪي اللهؒ. (26) حضرت حاجي صاحب خواجه شيخ محمدؒ. (27) حضرت خواجه محمد زمانؒ. (28) حضرت خواجه گُل محمدؒ (29) حضرت خواجه شيخ محمد زمانؒ (ثاني). (30) حضرت خواجه حاجي محمد حسن صاحبؒ. (قِلع لُئواري شريف، دام فيوضه علي المُريدين.) هِن کان هيٺ ٻه مدح شريف اچن ٿيون. ان بعد ”تواريخ گلزِار محمدي“، نثر ۾ لکيل آهي، گڏ ڪيل، مولوي گل محمد (ڀَٽي) بعنوان ”صُلح حُديبه ۽ بيعت رضوان“. جيڪا هِن رجسٽر جي (21) ايڪيهن صفحن تي رقم ٿيل آهي. آخر ۾ مولودن جو باب شروع ٿئي ٿو. هِن حصي ۾ مولود شريف، مدح شريف، ڪافيون ۽ غزل درج ڪيل آهن، جن جو تعداد تقريباً (200) ٻه سؤ کن آهي. هي مولود ۽ ڪافيون ٻين شاعرن جون به چيل آهن. خصوصاً ٻه ڪافيون (وايون) حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي نالي سان به درج ٿيل آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ تحقيق لاءِ هتي پيش ڪجن ٿيون: وائي (1) ڪئن پليان پنهنجو پاڻ. ماءُ! منهنجي ڪانهَ چلي ٿي. اڄ نه اوطاقن ۾ وو ميان! جن سان روح رهاڻ. ماءُ! منهنجي ڪانهَ چلي ٿي. چڙهي ڏونگر چوٽيين وو ميان! پُرزا ڪنديس پاڻ. ماءُ! منهنجي ڪانهَ چلي ٿي. ڏونگر ڏرندو ڪِينَڪيِن وو ميان! ههڙن سُورن ساڻ. ماءُ! منهنجي ڪانهَ چلي ٿي. اديون عبداللطيف چي وو ميان! سيد گهرجي ساڻ، ماءُ! منهنجي ڪانه چلي ٿي. وائي (2) ڪِينرڙيُون چورينَ، سِگهڙيون چورين، لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي. دُونهيون ديرن ۾، اِي ٽي ڏينهن ٽمڪائينَ. لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي. ميڙيو ڪِينجهر ڪاٺيون، جوڳيئڙا جلائينَ. لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارينَ. لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي. آڌي عبدالطيفُ چي، صاحب ساراهينَ. لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي. قياس آهي ته ڪاتب کي جيڪا شيءِ پسند آئي آهي يا بهتر لڳي آهي، اُها پنهنجي ذوق مطالعي لاءِ هيٺ درج ڪندو ويو آهي ۽ اُن بعد رجسٽر جي باقي بچيل پنن تي، ٻين سنڀاليندڙن به پنهنجي پاران ڪي مولود شريف ۽ مداحون درج ڪيون آهن جن جي فقط نالي واري مِصرع الف- ب وار هتي ڏيکارجي ٿي: (1) ابراهيم ”ابراهيم“ جي سرور سُڻ صدا، منهنجو ساري سرتيون! ساهه سيد کي. (2) ابوبڪر ”ابوبڪر“ چئي آيا پرين منهنجا سامهون سوڀارا. (3) احمد ”احمد“ جهڙا اڀرا عاصي، مڪي وڃڻ لئي آهن اُداسي. (4) احمد علي ”احمد علي“ نه ڪر غم ڪوئي، آهين اُمتي محمد جو. (5) اسماعيل ”اسماعيل“ کي علم ارشاد جي، هڻ اور اندر ۾ اڻي. (6) اشرف ”اشرف“چوي تون ننگ آهين، ڪرڪي نينهن نڀاوڻ جون. (7) اضعف ”اضعف“ ڪري اِي عرض يا الاهي! (8) امان الله عاصي ”امان الله“ چئي، ڏينهڪ مان ڏسن. (9) پِنڻو پاڻ سڃاڻي ”پِنڻو“ چئي، وهلو مون تي ور. (10) پِنيو ”پِنيو“ چئي پسان شال! هاشمي حبيب. (11)جتوئي رک هوش ”جتوئي“ سياڻو ٿي. (12) حافظ دانهون ڪري درد مان ”حافظ“ هي فقير. (13) حبيب شاهه ”حبيب شاهه“ چئي يا حضرت! ڪر مدد مِير ميان. (14) حسن چيريو چنڊ ”حسن“ چوي، نُور نبي. (15) حسين هيڻي هِن ”حسين“ کي، پرچي مانَ پُڇن. (16) حيات هيڻو حال ”حيات“ چئي، منهنجو منَ ميان. (17) رمضان راضي ٿي ”رمضان“ چوي، ڏڍ ڏوهيارن کي ڏيندو. (18) سانيل جوڳي پنهنجي جُوءِ سڌاريا، ”سانيل“ چوي سويرا ري. (19) سُکيو سڪرات ويل ”سُکيو“ چوي، حامي ٿيج روز محشر. (20) سيف الله ”سيف الله“ چئي، آئون ساهه ڏيان پيراندي پيغمبر. (21) شاهه ڪنبير ڪائل ”شاهه ڪنبير“چئي، ڳالهيون ڳڻ تنهنجا ڳائي. (22) صالح سيد تان ”صالح“ چوي، آئون شل! صدقو ساهه ڪريان. (23) صرفو سبب ساڻ ”صرفو“ کي نيئي محبن ساڻ ملايو. (24) عاجز عاصي هِن ”عاجز“ جا، جيئن پازي جا پيغاما. (25) عبدالرئوف آسون ”عبدالرئوف“ جون، تان پرور سڀ پُڄايون. (26) عبدالرشيد ”عبدالرشيد“ چئي، سُونهان سيد ساٿ سڳر سان. (27) عبدالشڪور ”عبدالشڪور“ آهنجو آهي سوالي سدا. (28) عبدالله ”عبدالله“ اُداسي تن لئي، سڪيو سڀ ڄمار. (29) عبدالولي ”عبدالولي“ چئي امن سان قادر ڪلمي سان، هادي شال! هلائي. (30) عثمان ”عثمان“ کي عارضو آهنجو آهي سدا. (31) فتح ”فتح“ چئي فراق ۾، مير ڏسان مهندار، دعا ڪريو. (32) فضل الاهي! ”فضل“ چئي، آئون شل سوکو ساهه ڏيان. (33) فيض محمد ”فيض محمد“ فيض لاءِ، در تي پڪاري دم بدم. (34) قاسم قرب ساڻ ”قاسم“ کي، اچي رسج يا رسول! (35) قالو ”قالو“ سنديون ڪارڻين، الا! اُميديون پُڄاءِ. (36) ڪريم داد ڪوٺي ”ڪريم داد“ کي، ڏي احمد ڄام عزت. (37) ڪمال دين ڪرم ”ڪمال دين“ تي، قادر پاڻ ڪندو. (38) لڌو لڳيس لام ”لڌو“ چئي، سيد تو ساري. (39) لوهار ڪج لطف ”لوهار“ تي، جنهن کي سال ٿئا سڪندي. (40) مانجهي ”مانجهي“ جهڙا منگتا، مر لکين لاڳ لهن. (41) مجروء ”مجروء“ سان منهنجا مٺا! گهنڊ کولي ڳالهايو. (42) محمد ”محمد“ تي ماڙڪريو، خاص لڳ خدا. (43) محمود محشر ڏينهن ”محمود“ تي، حضرت اچي هٿڙا ڌري. (44) مشتاق آگا! ”مشتاق“ سندو حرص ڇڏائين، ڪناهِن دنيا. (45) مقيم ”مقيم“ تي ملڻ جو، ڪرم ڪريو ڪثيرا. (46) موسو ”موسو“ مدامي عرض ڪري ٿو. (47) ندو نماڻي جو ”ندو“ چئي، وٺيو ور وڃن. (48) نعمت الله نظر ”نعمت الله“ تي، ڪارڻ رب ڪجان. (49) ولي محمد واحد لڳ ”ولي محمد“ کي، ميڙيين ساڻ مُرسل. (50) هارون هوتن سان ”هارون“ چئي، منهنجو سرهو سڱ سدا. مذڪوره قلمي نسخي ۾ پڙهندڙن، سالڪن ۽ تحقيق جي طالبن لاءِ ٻيو به ڪافي مواد موجود آهي. ’تواريخ گُلزارِ مُحمدي‘ پڙهندي ۽ ڇهن صفحن تي پکڙيل فارسي مدح شريف کي نه سمجهندي به پڙهندڙ تي حال جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. فارسي مدح شريف جا پهريان ٻه ٽي ڪلمات ڏسو: اسمِ حق مفتاح جان – وارث اسمَ شاههِ جهان. حافظ حمايت بيڪسان- پروان نسبت شاههِ زمان. ۽ سندس آخري بند هِن ريت آهي: بنده ”رحيم“ الله گدا- درگاهه شاههِ ڪربلا. بحرِ حَسن بخش دو نا- ابنِ علي صاحب علم بِنُماء شال اسان سڀني کي الله تعاليٰ علم جي سمنڊ مان، هڪ قطري کي به سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين). حوالا (1) دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر؛ ”ڪلام گرهوڙي“، ص 52، ڇپائيندڙ: ثقافت سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، سال 1995ع. (2) ڀيو فقير سردار (مرتب) ”پاڳارا آئينو“ (جلد پهريون) (سوالن جوابن ۾)، ص 52، ڇپائيندڙ: روضي ڌڻي پبليڪيشن ڇوڙ عمرڪوٽ، سال 2004ع (3) قادري، عبدالرسول ڊاڪٽر، ”سنڌ جا ڪتبخانا“، ص 25، ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، سال 2008ع (4) بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر (محقق ۽ شارح) ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد پهريون) ص 56، ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ شاهه، سال 1989ع. (5) ڏسو حوالو-1، ص 18 پروفيسر رياض الاسلام تحقيق ترجمو: غلام محمد لاکو پاڪستان ۾ وچئين دور (مسلم) جي تاريخ جو زوال ]ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر پاڪستان جي نامور محقق ۽ تاريخ دان ڊاڪٽر رياض الاسلام مرحوم، هي مختصر ۽ مقصد ڀريو مضمون مارچ 1981ع ۾، پشاور يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي پاران منعقد ٿيل هڪ سيمينار ۾ پڙهيو هو. هي مضمون ڪانفرنس جي روئداد جلد1، سال 1986ع ۾ ڇپيو ويو[ مسئلو ڇا آهي؟ ورهاڱي کان اڳ تاريخ جي جنهن شاخ کي گهڻو ڪري پيار سان ”انڊو مسلم هسٽري“ چوندا هئا، اها هاڻي پاڪستان ۾ زوال پذير ۽ گم ٿيڻ جي خطري هيٺ آهي. ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ لاثاني عالم پيدا ٿيا، جي تاريخ جي هن شاخ جا بهترين ڄاڻو هئا. ان ڏس ۾ پروفيسر محمد حبيب، پروفيسر محمد شفيع، ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي، ڊاڪٽر اي حليم، ڊاڪٽر ابن حسن، پروفيسر حبيب الله، ڊاڪٽر سيد معين الحق، سيد حسام الدين راشدي ۽ شيخ عبدالرّشيد جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا. انهن مان چار زندهه آهن ۽ آخري بزرگ ته نوي سالن جي عمر جي قريب آهي. پروفيسر عزيز احمد سٺ واري ڏهاڪي ۾، هندستان جي اسلامي عهد جي تاريخ جو ڀلوڙ عالم ٿي اڀريو، پر افسوس ته هي اسڪالر هاڻي اسان جي وچ ۾ ڪونهي. ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي تاريخ جي هن شاخ جو وڏو ڄاڻو هو. بعد ۾ سندس مطالعي جا ميدان وسيع ٿيندا ويا. پر پوءِ به هن کي وچئين دور جي تاريخ جو ماهر ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو. برصغير جي مسلم دور جي تاريخ ۽ ثقافت جي مطالعي لاءِ ”انڊو مسلم هسٽري“ محاورو استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو تصور ڪيو ٿي ويو ته پاڪستان جي قيام سان، تاريخ جي هن شاخ جي همت افزائي ٿيندي، اها وڌندي ويجهندي ۽ ورهاڱي کان اڳ واري صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري پيدا ٿيندي. ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته، هي اميد ڪوڙي ثابت ٿي آهي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ٽي يا چار پاڪستاني، هن ميدان ۾ ماهر (Specialised) طور نروار ٿيا. انهن مان ٻه پنهنجو دور پورو ڪرڻ تي آهن (هڪ اڳ ۾ ئي رٽائر ٿي ويو آهي، ۽ ٻيو رٽائر ٿيڻ کي ويجهو آهي). ڏکڻ ايشيا جي ڊگهي مسلم حڪمرانيءَ واري دور بابت ماهر پيدا ڪرڻ ۾، جيڪڏهن هندستان سان ڀيٽ ڪبي ته، اسان جي ناڪامي ظاهر ٿي پوندي. هندستان ۾ تاريخ جي هن شعبي جي ماهرن جو وڏو تعداد: پوڙهن، اڌيڙ عمر، ۽ نوجوان عالمن جي صورت ۾ موجود آهي. اسان جي ڀيٽ ۾ انهن جي تحقيقي ڪتابن ۽ مقالن جو تعداد گهڻو آهي. علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جي شعبي تاريخ کي، وچئين دور جي (مسلم دور) مطالعي جو خاص مرڪز ٺاهيو ويو آهي. انهن جي علمي اسٽاف (Academic) ۾، ڇهه پروفيسر آهن ۽ سمورو عملو، پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي، هڪ فيڪلٽيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو آهي. اڄ انهن وٽ مسلم دور بابت: مائڪرو فلم، قلمي نسخا، يا انهن جون فوٽو ڪاپيون ۽ دستاويزن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي. انهن وٽ مواد ڇپرائڻ لاءِ مالي وسيلا جام آهن. هندستان جي ٻين يونيورسٽين خاص ڪري: دهلي، الهه آباد، پَٽنه، حيدرآباد، ڪلڪتي ۽ بمبئي يونيورسٽين جي تاريخ جي شعبن ۾، وچئين دور جي تاريخ جا بهترين مطالعاتي مرڪز آهن. جي سوال پڇيو وڃي ته هندستان ۾، هي سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن ٿيو؟ ان جو بلڪل سڌو جواب آهي ته، هن مقصد لاءِ اتي (هندستان) ڏوڪڙ پيسو جام آهي. اسان جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي هڪ فيڪلٽيءَ جي ڀيٽ ۾، علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾، وچئين عهد جي مطالعاتي مرڪز لاءِ، تمام گهڻا فند موجود آهن. تجزيو: اهو هڪ معقول سوال آهي جيڪو اسين چڱي طرح هڪ ٻئي کان پڇي سگهون ٿا ته، ڪيئن پاڪستان ۾ ننڍي کنڊ جي عظيم مسلم دور کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هاڻي زوال پذير آهي. ان متعلق ڪي سبب پيش ڪري سگهجن ٿا. پهريون، هندستان جي تقسيم کان اڳ ٿورا مسلمان اسڪالر، تاريخ جي جديد هندستاني مطالعن (کوجنا) لاءِ تيار ٿيا هئا. تاريخ جي تحقيق ۾ هندو ۽ انگريز عالم اڳڀرا هئا. تحريڪ پاڪستان جي اُڀار ۽ قيام پاڪستان، فطري طرح سان 18، 19 ۽ 20 صديءَ جي، ننڍي کنڊ جي تاريخ جي مطالعي لاءِ، هڪ خاص محرّڪ جذبو پيدا ڪيو. اهڙا عنوان جيڪي 1947ع کان اڳ نظرانداز ٿي ويا هئا، مثال طور شاهه ولي الله، مجاهدن جي جدوجهد، ۽ علي ڳڙهه تحريڪ، هاڻي توجہ ڇڪرائڻ شروع ڪيو.1857ع جي انقلاب ۾ مسلمانن جي ڪردار، ڇوٽڪاري ۽ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ مسلمانن جي جدوجهد،، مسلم ليگ ۽ ٻيا متعلقه عنوان، تحقيق جو عنوان بنجي ويا. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته، هي هڪ صحتمند رجحان آهي. مسلمان اسڪالرن کي انهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي، جيڪي اڳ ۾ ميدان ۾ موجود آهن. تحريڪ پاڪستان، جنهن ذريعي مسلمانن کي جدا وطن مليو، ان بابت به گهري تحقيق جي ضرورت آهي. جديد هند- پاڪ تاريخ جي سلسلي ۾ مناسبت پيدا ڪرڻ، ننڍي کنڊ جي نئين تاريخ کي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۽ تحقيق ۾ برابري يا مطابقت واسطي، مسلمانن جي ڪوشش سچ ته وقت جي ضرورت آهي. ان طرح اسان جي علمي سگهه وچئين دور کان جديد دور طرف مُڙي وئي. ٻيو، فارسي زبان جو زوال پڻ هڪ اهم عنصر آهي. ننڍي کنڊ جي اسلامي دور جي مطالعي لاءِ، سڀ جا سڀ ماخذ فارسي زبان ۾ آهن، ۽ ان تي (فارسي) عبور کان سواءِ ڪوبه، وچئين دور جي حدن ۾ ڪاميابي نه ٿو ماڻي سگهي. چاليهه- پنجاهه سال اڳ شاگردن جو مناسب تعداد، جيڪو تاريخ ۾ ايم.اي ڪرڻ ايندو هو، ان کي فارسي زبان جي چڱي ڄاڻ هوندي هئي. هاڻي ڪو شاگرد تاريخ ۾ ايم.اي ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ته، مشڪل سان ان وٽ فارسي زبان جي ٿوري به ڄاڻ هجي ٿي. هن نڪتي بابت به پنهنجي ڀيٽ ڀارت سان ڪجي ٿي ته، بلڪل شرم جوڳي حالت سامهون اچي ٿي. ٽيون، آرٽس (Humanities) جي مضمونن جي واپاري تور تڪ به، عام طرح تاريخ ۽ ٻين مضمونن جي زوال جو سبب بني آهي. آخر ۾: آءٌ هي به چوندس ته هن ڏس ۾ مکيه بي رحم سبب، اعليٰ اختيارين پاران تاريخ ۾ گهٽ دلچسپي، همت افزائي نه ٿيڻ ۽ سرپرستيءَ جي کوٽ آهي. پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪو چاهي ته، مسلم دور (وچيون عهد) جي باري ۾ علي ڳڙهه طرز جو ڪو ادارو ٺاهي ته، هن ڏس ۾ اسان کي ناڪامي ٿيندي. جيڪڏهن اسين سڀني پاڪستاني يونيورسٽين ۾، مسلم عهد جي مهارت رکندڙ، استادن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيون، تڏهن به علي ڳڙهه مطالعاتي مرڪز جي مهارت جي ڀيٽ ۾، مشڪل سان ڪو چوٿون- پنجون حصو بنجي سگهندو. ڀلا ڇا ڪجي؟ مٿئين تجزيي موجب تاريخ جي مضمون جي زوال جا ٻه مکيه سبب آهن: رقمن ۽ سرپرستيءَ جي کوٽ، ۽ تاريخ جي عالمن جي فارسي زبان سان لاتعلقي. جيتريقدر پهرئين سبب جو تعلق آهي ته، هي سوچڻ کپي ته فنڊ يا ڏوڪڙ هر سطح تي موجود هجڻ کپن. هن ڏس ۾ اعليٰ سطح تي سوچ ويچار ڪجي ته، اسان جي تاريخ جي سونهري مرحلي کي يعني ڏکڻ ايشيا ۾، مسلم دور کي نظرانداز ڪيو وڃڻ برداشت ڪري سگهجي ٿو! اثرائتي تجويز هن ريت اڳتي آڻجي ته، اعليٰ اختياريون ”سينٽر فار دي اسٽڊي آف ميڊيول هسٽري اينڊ ڪلچر“ وجود ۾ آڻين. علي ڳڙهه طرز جو ادارو نه ٿا ٺاهي سگهون ته، گهٽ ۾ گهٽ ان نوعيت جي ڪنهن ننڍي سينٽر کي ته في الحال وجود ۾ آڻجي. ٻيو مسئلو، جنهن کي سڀني مرحلن يعني ڪاليج کان ڊاڪٽريٽ (Ph.D) پروگرام تائين حل ڪرڻ کپي. تاريخ جي شاگردن کي تيار ڪجي ته، اهي انٽرميڊيٽ کان بي.اي تائين فارسي مضمون پڙهن. انهن شاگردن کي اسڪالرشپون ڏجن، جي تاريخ سان گڏ فارسي به پڙهن. ايم.اي سطح تي جيڪي شاگرد فارسيءَ ۾ مهارت ڏيکارين، انهن کي اسڪالرشپ يا فيلوشپ ڏجي. اسڪالرشپ يا فيلوشپ انهن شاگردن لاءِ به هجن، جي تاريخ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪن. اسان هن مسئلي کي نظرانداز ڪيون، جيڪڏهن اسان جي خواهش هجي ته، وچئين دور جي اسان جي عظيم سياسي ۽ ثقافتي ورثي کي ختم ۽ غائب ٿيڻ ڏجي، ۽ ٻين لاءِ ميدان خالي ڇڏجي ته اهي هن ميدان ۾ داخل ٿي، اسان جي ماضيءَ ۾ ٽوڙ ڦوڙ ۽ هيرا ڦيري ڪن. هي به ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن مطالعي جي هڪ شاخ کي، خشڪ ٿيڻ ۽ گم ٿيڻ ڏنو ويو، تڏهن اهو ڪو آسان ڪم نه هوندو ته، ان ۾ وري ساهه وجهي ان کي وڌندڙ يا وسيع ٿيڻ جي حالت تي وٺي اچجي. ª نئون ڪتاب ڪتاب: عبدي جو رسالو تصنيف: مولوي عبدالقادر عبدي تحقيق ۽ ترتيب: فقير لياقت علي جوڻيجو ڇپائيندڙ: خليفو عبدالحي جوڻيجو ميموريل ڪاميٽي عمرڪوٽ 2010ع سائيز: ڊيمي صفحا: 422 قيمت: 500 رپيا **** عبدالله فقير ڪاتيار ۽ مولوي عبدالقادر ’عبدي‘ ٻئي ’جماعت جي راڳ‘ ۾ سندن ڪافين جي ڪري مشهور آهن، ٻئي جماعت جي وڏن مريدن مان هئا ۽ ٻئي وفات کان پوءِ درگاهه جي مقامن ۾ آرامي آهن. عبدالله فقير بابت چڱي معلومات موجود آهي باقي مولوي صاحب جي سنڌي ڪلام ۽ سوانح کي پهريون ڀيرو فقير لياقت علي جوڻيجي، علمي تحقيق جي اصولن موجب، ٽن اصل قلمي ڪتابن مان سهيڙي، صحيح صورتخطي ۾ هي ’عبدي جو رسالو‘ شايع ڪيو آهي. جنهن ۾ مواد جي ترتيب ’شاهه جي رسالي‘ واري آهي. يعني جدا جدا سر ۽ هر سُر هيٺ پهريائين بيت ۽ پوءِ ڪافيون. سندس اها خذمت جماعت ۾ توڙي سڀني ادبي دستخط ڪتابن ۾ محفوظ هو پر هن کان اڳ اشاعت هيٺ ڪونه آيو؛ البت سندس فارسي ’ديوان عبدي‘ جو مون مطالعو ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ محمد انس راڄپر تحقيق خلافت تحريڪ ۾ نوشهروفيروز جو حصو سائين جي.ايم.سيد سنڌ جو عظيم هيرو هو. سنڌ لاءِ سندس درد، محبت ۽ عشق تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو ۽ نسلن تائين اهو اتساهه جو ذريعو رهندو. سندس پوري زندگي وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندي گذري. سندس زندگيءَ ۾ پاڻ جن تحريڪن ۽ جدوجهدن ۾ بهرو ورتائون، تن مان خلافت تحريڪ به هڪ آهي. خلافت تحريڪ سنڌ جي چند اهڙين تحريڪن مان هڪ آهي، جن ۾ سنڌ جي عوام پرجوش نموني حصو ورتو. سنڌ جا شهر، ڳوٺ، ٻهراڙيون، توڙي پري پري جا علائقا هن تحريڪ جي ڏينهن ۾ ٻري رهيا هئا. خلاف تحريڪ جي تاريخ لکي وئي آهي، ان تي گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي: پر هن تحريڪ جي جدوجهد جو وڏون نامور ماڻهن، وڏن سهرن کان وڍي عام ماڻهن ۽ ٻهراڙين تائين جيڪو تاڃي پيٽو جڙيل هو، تنهن جو تفصيلي طور مطالعو ڪرڻ جي اڃا به ضرورت محسوس ٿئي ٿي. موجوده نوشهروفيروز ضلعو تحريڪ خلافت جو هڪ اهم مرڪز هو. تحريڪ خلافت ۾ نوشهروفيروز جي تاريخ تي تحقيق ڪندي آءٌ جڏهن خلافت تحريڪ جون پاڙون، جيڪي پوري سنڌ ۾ پکڙيل هيون، سي نوشهري فيروز ۾ جانچڻ ويٺس ته اهي اندر ئي اندر نوشهري فيروز جي ڪيترين ئي ٻهراڙين ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پکڙيل نظر آيون. اندازو ٿئي ٿو ته خلافت تحريڪ سان جيڪي ننڍا وڏا ڳوٺ وابسته نظر اچن ٿا، تن سان وابسته منتشر آبادي جيڪا پري پري تائين، ٻهراڙين ۾، ننڍين ننڍين غير معروف وسندين جي صورت ۾ آباد هئي، سا به ڀرپور نموني وابسته رهي هوندي. انهيءَ اندازي ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته، جن ڳوٺن ۾ خلافت تحريڪ جا جلسا اخباري رڪارڊ تي آيا آهن، انهن ڳوٺن جي جلسن ۾ ماڻهن جي شرڪت تمام وڏي تعداد ۾ نظر اچي ٿي. نوشهري تعلقي جي جن ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ جتي خلافت ڪاميٽيون ٺهيون تن ۾ ڍينگو، ڀريا روڊ، ڀريا، جلباڻي ڳوٺ، کاهي، درٻيلو، ساندن جو ڳوٺ، ٺارو شاهه، ڀورٽي، مٺياڻي، ڦل، چيهو ۽ پڊعيدن شامل آهن. نوشهري کان مين نيشنل هاءِ.وي سان ڇهن ميلن تي ڀريا شهر آباد آهي. ڀريا کان اوڀر طرف ڇهن ميلن جي فاصلي تي ڀريا روڊ آباد آهي. مين ريلوي لائين تي جنڪشن اسٽيشن آهي. ڀريا روڊ کان ڀرين ڏانهن ايندڙ رستي تي ، ڀريا روڊ کان ٻن ميلن جي پنڌ تي مٺل آباد اسٽاپ کان چند قدمن تي ڳوٺ ڍينگو آباد آهي. ڀريا ۽ ڀريا روڊ جي وچ تي روهڙي ڪئنال جي ڪناري ڳوٺ دريا خان جلباڻي آباد آهي. ڀريا کان ٺارو شاهه ويندڙ رستي تي ساندن جو ڳوٺ آهي. ٺارو شاهه ۽ ڪنڊياري کي ملائيندڙ پراڻي رستي جي وچ تي درٻيلو آباد آهي. نوشهري کان اتر طرف ۾ ستن ميلن جي فاصلي تي ٺارو شاهه شهر ٻڌل آهي. ٺارو شاهه جي اولهه پاسي کان رستو نڪري ٿو، جو سڌوڀورٽيءَ تي پهچائي ٿو. ڀورٽيءَ کان اولهه طرف ٻن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ ميرل ڀرٽ آهي، هن ڳوٺ جو زميندار ميان دين محمد ڀرٽ خلافت تحريڪ جو مرڪزي رڪن هو. هيءُ ڪچي جو علائقو سڏبو آهي. هن کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي مٺياڻي شهر آباد آهي. نوشهري فيروز کان پڻ سڌو اولهه طرف رستو نڪري ٿو. جيڪو وڃي مٺياڻي شهر پهچي ٿو. نوشهري جي اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ تي چند ميلن جي فاصلي تي روهڙي ڪئنال جي ڪناري تي ڳوٺ ڦل آباد آهي. جيڪو اڄ ڪلهه چڱي چوکي شهر جي صورت وٺي چڪو آهي. نوشهري جي اوڀر ۾ 14-15 ڪلوميٽرن تي ڳوٺ چيهو ۽ ان کانپوءِ ڏيڍ ڪلوميٽر جي پنڌ تي پڊعيدن آباد آهي. چيهو تي اڄ به ڳوٺ آهي پر پڊعيدن، جيڪو چيهي کان صديون پوءِ آباد ٿيو، سو اڄ ڪلهه پنهنجي محل وقوع جي ڪري شهر آهي. شهر پڊعيدن کان اڌ ميل جي فاصلي تي مين ريلوي لائن سان پڊعيدن جنڪشن اسٽيشن آهي. هنن شهرن ۽ ڳوٺن جو قديمي جاگرافي جي طريقي تي به نقشو جوڙي سگهجي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياء نوشهري جي اوڀر کان وهندو هو. شهر ڀريا درياء جي الهندي ڪناري تي آباد هو. ٺارو شاهه درياء مان کوٽيل پراڻي نو لکي واهه جي ڪناري تي آباد هو، کاهي، درٻيلو به اولهندي ڪناري سان آباد هئا. درياء جي اڀرندي ڪناري تي ڳوٺ چيهو آباد هو، پڊعيدن تنهن زماني ۾ اڃا وجود ۾ ئي ڪونه آيو هو. ڳوٺ ڦل بابت اندازو ٿئي ٿو ته اهو ڳوٺ درياء جي پيٽ ۾ پوءِ ڪنهن زماني ۾ آباد ٿيو. هيءُ سنڌو درياء جو اهو پراڻو لنگهه آهي جنهن لنگهه سان محمد بن قاسم اتر سنڌ ڏانهن لانگهائو ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان باري ۾ لکي ٿو: ”بلڪل قرين قياس آهي ته محمد بن قاسم ساوندري ڇڏڻ بعد مهراڻ جي ڪنهن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اتر طرف ڪوچ ڪيو هجي. انهيءَ قديم ڍوري جا نشان هن ساوڙي کان اتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي واءِ ۽ چيهي جي اولهه طرف ڀريا ۽ هالاڻي بهلاڻي وٽان اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن.(1) نوشهروفيروز نوشهروفيروز هن علائقي جو مرڪزي شهر آهي. ان زماني ۾ به هيءُ تعلقو هو ۽ ان جي هتي مرڪزي حيثيت هئي. تنهن ڪري هتي خلافت ڪاميٽيءَ جي ڪم کي به مرڪزي حيثيت حاصل رهي. نوشهروفيروز جو حڪيم قاضي شمس الدين ولد ميان عبدالله (1894- 1960ع) خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن ۽ سنڌ مان مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. سنڌ ۽ هند خلافت ڪميٽيءَ جي ڪيترن ئي عهدن تي فائض رهيو. اهڙي طرح حڪيم فضل محمد به هتي جو رهواسي هو، جيڪو ساهتي پرڳڻي جو خلافت تحريڪ جو صدر رهيو. سندس صدارت ۾ ڪيترائي جلسا ٿيا. ترڪن تي برطانوي سرڪار جي ذلت آميز شرطن مڙهڻ تي نظرثانيءَ لاءِ وائسراءِ هند ۽ گورنر چيلسفورڊ کي جيڪو ياد داشت نامون ڏنو ويو هو، انهيءَ تي سندس صحيح پڻ هئي. انگريزي ڪپڙي پائڻ کي حرام قرار ڏيڻ واري خلافتي عالمن جي فتويٰ تي به موصوف تصديق ۽ صحيح ڪئي.(2) نوشهري ۾ خلافت ڪميٽيءَ جون ڪيتريون ئي سرگرميون ٿيون، جن مان جيڪي دستياب ٿي سگهيون آهن. انهن مان جيڪا پهرين سرگرمي، دستياب ٿي سگهي آهي، سا آهي. ان وفد جو دورو، جيڪو فضل محمد نوشهرائي، مولوي عبدالخالق مورائي ۽ مولوي محمد معاذ نوابشاهه واري تي مشتمل هو، جيڪو ڍينگي ڪانفرنس واري ڏينهن کان ضلعي نواب شاهه جي دوري لاءِ نڪتو هو. وفد ڀريا، ٺارو شاهه کان ٿيندو نوشهري فيروز پهتو. وفد کي نوشهري جي معزز زميندارن زور جي دعوت ڏني هئي. ٻين بجي منجهند جو وفد پهتو. رئيس نجم الدين جي بنگلي تي معزز مهمانن جي رهائش جو اعليٰ پيماني تي بندوبست ڪيو ويو. جمعي جي نماز قاضي احمدي صاحب جي مسجد ۾ پڙهي وئي. افسوس! رئيس قمر الدين ۽ رئيس نجم الدين ۽ مولوي فضل محمد صاحب جن قاضي صاحب کي جلسي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني، پر قاضي صاحب تشريف فرما نه ٿيا. شام جو قاضي نجم الدين صاحب جي بنگلي تي زير صدارت (شيخ) عبدالعزيز جي جلسه خلافت منعقد ٿيو. ماڻهو اٽڪل 2000 آيل هئا. معزز صدر پنهنجي پر اثر تقرير ۾ ماڻهن کي قطع تعلق ۽ هجرت وغيره تي خوب زور دار تقريرون ڪيون. هڪ هندو صاحب نالي کيمچند قطع تعلق تي خوب ڳالهايو ۽ ڳالهائيندي چيائين ته هندستان جو ڀلو ان ۾ آهي ته هندو مسلمانن سان متفق ٿين ۽ 30 ماڻهو هجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.(3) پير ميان جمال الدين قريشيءَ جي استعيفا: نوشهروفيروز مان مٿيون وفد جڏهن دورو ڪري واپس وريو ته نوشهري جو ماحول تمام گرم ٿي ويو. ان جو اثر ئي هو جو ستن اٺن ڏينهن کان پوءِ اها خبر اخبارن جي زينت بڻي، ته نوشهري فيروز جي پير صاحب پير ميان جمال الدين قريشي، جنهن کي سرڪار کان کوڙ ساريون عزتون مليل هيون. جهڙوڪ لوڪل بورڊ جي ميمبري ۽ درٻار جي ڪرسي. سي سڀ پير موصوف ٿڏي ڇڏيون آهن. لوڪل بورد جي ميمبري ۽ درٻار جي ڪرسيءَ تان موصوف استعيفا لکي آفيسرن کي موڪلي ڇڏي آهي.(4) ٻارڙن جي خلافت ڪميٽي: نوشهري ۾ خلافت تحريڪ جو جذبو، ولولو ۽ جوش ايترو وڌيو جو ٻار به ان کان متاثر ٿيا. الوحيد اخبار طرفان 81 مئي تي پير ميان جمال الدين جي سرڪار کي عزتن واپس ڪرڻ تي آفرين ڇپي ۽ ان کان پوءِ سُتت ئي نوشهري جي ٻارن لاءِ هڪ ”شابس“ ڇپي، ان شابس لاءِ اخبار ۾ لکيل هو: ”گهڻي خوشيءَ سان لکجي ٿو ته، خدا جي فضل سان نوشهروفيروز ۾ اهڙي سجاڳي ۽ جوش پيدا ٿيو آهي، جو اتي جي ننڍڙن ڇوڪرن پنهنجي هڪڙي ڪميٽي ٺاهي آهي. جنهن جا ڪم ڪندڙ پريزيڊنٽ ۽ سيڪريٽري به ڏهن ورهين جا ڇوڪرا آهن ۽ قومي سڌارن ۽ قومي خدمتن لاءِ تيار ٿيا آهن. اهڙي مبارڪ تحريڪ پهريون مثال آهي. ۽ اهي ڳالهيون ڏسي اسان جو يقين وڌندو ٿو وڃي. خدا جي مهرباني.... اسان جي لاءِ چڱا ڏينهن.....“ (5) 10 جون 1920ع تي نوشهري ۾ خلافت ڪميٽيءَ جي زير سايه عام جلسو پير ميان جمال الدين قريشيءَ جي بنگلي تي کليل ايوان ۾ رئيس ميان نجم الدين صاحب جي صدارت ۾ ٿيو. جتي اٽڪل 500 ماڻهو هندو مسلم حاضر ٿيا. مولانا مولوي فضل محمد صاحب قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن سان قطع تعلقات بابت واعظ ڪيو ۽ ٻين صاحبن به پردرد تقريرون ڪيون. نوشهرو جي هڪ پوليس ڪانسٽيبل محمد مراد، سرڪاري نوڪريءَ کان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اٽڪل ٽين بجي رات جو جلسو ختم ٿيو.(6) خلافت تحريڪ جون سرگرميون نوشهري فيروز ۾ جيترو عروج تي پهتيون اوترو مخالفن افواهه اٿارڻ به شروع ڪيا جيڪي هن طرح هئا ته، نوشهري جا ڪافي زميندار خلافت تحريڪ تان هٿ کڻي ويا آهن. انهن افواهن جي ترديد لاءِ رئيس نجم الدين انصاري الوحيد ۾ هيٺينءَ ريت خط لکي وضاحت ڪئي: ”جناب مدير الوحيد السلام عليڪم! سنڌ واسي اخبار 29 مئي 1920ع ۾ هڪ آرٽيڪل پيل آهي ته: نوشهرو تعلقه ۾ جن زميندارن خلافت ڪميٽيءَ ۾ تحرڪ ورتو هو تن منجهان هڪ ٻن کان سواءِ سڀني خيال ڦيرايو آهي وغيره، ان لاءِ اسان سنڌ واسين کي به خبر موڪلي آهي ته، الوحيد اخبار جي ذريعي به شايع ڪرڻ گهرون ٿا ته، اها ڳالهه بلڪل بي بنياد ۽ گپ اٿاريل آهي. جيڪي صاحب خلافت ڪميٽين ۾ شامل ٿيل آهن، سي سڀ پنهنجن ڪيل ارادن تي محڪم آهن ۽ هڪ به ڪونه ڦريو آهي: بلڪه وڌيڪ صاحب خلافت ڪميٽين ۾ شريڪ ٿيندا ٿا وڃن. باقي قطع تعلقات لاءِ مرڪزي ڪميٽيءَ جي فيصلي جا منتظر آهن. شال الله تعاليٰ مسلمانن کي مرتد ٿيڻ کان امن ۾ رکي.“(7) نوشهري فيروز ۾ خلافت جون سرگرميون وڏي عروج تي هيون. عوام پرجوش هو، ڪيترن ئي ناليوارن ماڻهن کي عوام جي جذبي خلافت جو حامي بنجڻ تي مجبور ڪيو. مٿي ذڪر ٿيو ته پير ميان جمال الدين به سرڪاري عزتون موٽايون. ان کي ڪي چند ڏينهن مس گذريا ته قاضي احمدي صاحب، جنهن جو مٿي ذڪر ٿيو ته، کيس نوشهري جي چڱن مڙسن خلافت جلسي ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني، پر هو شريڪ نه ٿيو، تنهن کي به راهه راست تي اچڻو پئجي ويو. 26- جون 1920ع جي الوحيد خبار جي اداريي ۾ هيءَ ڳالهه سامهون آئي ته: نوشهري جي قاضي ميان احمدي صاحب پاڻ سنڀالي ورتو ۽ آخر راهه حق تي اچي ويو.“ الوحيد کي رئيس ميان نجم الدين لکي موڪليو ته: اتاهون جو (نوشهري جو) قاضي حافظ احمدي صاحب، جو ڪن سببن ڪري ظاهري خلافت ڪميٽي ۾ شامل نه ٿي سگهيو هو سو 15 جون تي دل وجان ۽ مال سان بهرو وٺڻ لاءِ دلچسپ تقرير ڪري اچي شامل ٿيو ۽ هاڻي اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي خلافت جو ڪم ڪري رهيو آهي.“ ساڳئي ڏينهن تي هڪ خاطو الوحيد کي اطلاع ڏنو ته: قاضي احمدي جو پٽ ميان نصرالله اگرچه ڪن سببن جي ڪري جدا رهندو ٿي آيو، پر ان کي خرچ باقاعدي ملندو هو. هاڻي مهينو ٻه ٿيندا جو بند ڪيو ويو آهي. ان جو خاص سبب اهو نظر اچي ٿو ته ميان نصرالله اسلامي حمايت رکندڙ آهي.“ هن پوئين ڳالهه مان اندازو ٿئي ٿو ته قاضي صاحب جي فرزند جو ڌار رهڻ خلافت جي مسئلي تي پيءُ سان اختلاف وارو ڪارڻ ئي هوندو، ان ئي سبب جي ڪري مهينو ٻه سندس خرچ به بند ڪيو ويو، پر پوءِ نيٺ قاضي ميان احمدي صاحب خود خلافت جو حامي ٿي پيو.(8) 18- جون تي پهرين شوال 1338هه عيدالفطر جو ڏينهن هو. هيءَ عيد مسلمانن خلافت جي حمايت ۾ غم جو ڏينهن ڪري ملهائي هئي. الوحيد کي عيدالفطر جي حوالي سان نوشهري فيروز جي خلافت ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري رئيس ميان قمر الدين صاحب رپورٽ ڏني ته: هتي نوشهري فيروز ۾ عيدالفطر جي ڏينهن ڪنهن به گهر ۾ ڪوبه خوشيءَ جو آثار ته اصل ڏسڻ ۾ ڪونه آيو: پر شهر ۾ گويا ماتم هو. اڪثر ماڻهو سياهه لباس ۾ هوا ۽ جيڪي ٿورا اڇي لباس ۾ هوا، تن جا به ڪپڙا تمام سادا، ڦاٽل ۽ ميرا هوا. سڀ ڪنهن دال ڀاڄيءَ تي وقت گذاريو ۽ اهو غم ادنيٰ کان اعليٰ تائين سڀ ڪنهن جي دل ۾ هو. دهل وغيره صفا بند هئا. مسجد ۽ عيدگاهن ۾ سڀني نمازين مٿا اگهاڙا ڪري گريه وزاريءَ سان سلطان المعظم خليفة المسلمين جي حق ۾ اسلام جي عزت لاءِ دعائون گهريون ۽ سڀ ڪنهن مسجد ۾ الوحيد جو خاص عيد نمبر پڙهيو ويو ۽ ڪيترن ٻارن ۽ صغيرن پنهنجي عيد جي خرچيءَ جا پيسا خلافت بيت المال ۾ جمع ڪيا.(9) سنڌ ۾ ٽيون يوم خلافت وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو. مختلف شهرن ۾ هڙتالون ڪيون ويون، دڪان بند ڪيا ويا، نوشهري شهر جي صورتحال ان ڏينهن الوحيد ۾ هن طرح رپورٽ ڪئي وئي: ”نوشهري فيروز ۾ سارو ڏينهن مڪمل هڙتال رهي ۽ ڪم ڪار هندو مسلمانن جا سڀ بند هوا، شام جو 7 بجي ٽي دڪان کليا. سارو ڏينهن غم ۽ ماتم ۾ گذريو. ٻڌجي ٿو ته قاضي احمدي ڪا نامناسب حرڪت ڪئي، جنهن جو تفصيل آئيندي ڏبو، ان ڪري اوچتو مٿس موچڙن جو وسڪارو ٿي ويو. گهڻن ماڻهن جي وچ ۾ پوڻ جي ڪري ستت ئي مارڪٽ کي روڪيو ويو.“(10) پنڊت امرسين 11 آگسٽ کان ڪراچيءَ مان وري سنڌ جي گشت تي روانو ٿي ويو. کيس سنڌ جي مختلف شهرن جو گشت ڪرڻو هو. پر پوءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ گهڻي دير جي ڪري سڀ پروگرام ڇڏي پنڊت صاحب نوشهري اچڻ جو پروگرام پڌرو ڪيو. جيڪو الوحيد ۾ هن طرح ڇپيو: ”پنڊت امرسين صاحب جي نشست واري پروگرام ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. جو پنڊت صاحب کي ميرپورخاص وري حيدرآباد مجبوراً گهڻو رهايو ويو. جتي 22 تاريخ رهي کاهي، ڀريا ۽ ٺارو شاهه مان ٿيندو موٽي حيدرآباد ۾ اچي ڪانفرنس ۾ 26 تاريخ حاضر ٿيندو.(11) 6- آڪٽوبر تي قاضي اسد الله شاهه صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب، مولوي محمد معاذ صاحب، مولوي محڪم الدين صاحب، مولوي عبدالخالق صاحب ۽ مسٽر محمد هاشم صاحب جن تي مشتمل وفد نواب شاهه ۾ تقريرون ڪري نوشهري ڏانهن روانو ٿيو.(12) 8- آڪٽوبر 1920ع تي هيءُ تبليغي وفد نوشهري فيروز پهتو. رئيس ميان نجم الدين خان صاحب نهايت فراخدليءَ سان وفد جي مرحبا ڪئي. شام جو جلسي لاءِ ڍنڍورو ڦيريو ويو. گهڻا هاري ماڻهو آبادي تي هئا؛ پر تڏهن به حاضرين جو تعداد چڱي انداز ۾ هو. پهرين حافظ ڪريم بخش ”جانو جگر اسان جو نام و نشان ترڪي“ وارو غزل نهايت جوش خروش سان پڙهيو. جنهن جي وچ ۾ هو از خود شرم شرم جا لفظ چئي هڪ عجيب حالت پيدا ڪري رهيو هو. تنهن کان پوءِ شيخ عبدالمجيد صاحب ترڪ موالات، سديشي، ڪائونسلن جي بائيڪاٽ تي زوردار تقرير ڪئي. ان کان پوءِ مولوي محڪم الدين به ساڳئي موضوع تي تقرير ڪئي. گهڻو زور سديشي ۽ گئورڪشا تي ڏنائين. تنهن کان پوءِ مولوي محمد معاذ، مولوي عبدالخالق مورائي ۽ قاضي سيد اسد الله شاهه صاحب جي تقرير جو ماحاصل هي هو ته: اسين انگريزن کي ڪنهن به قسم جو ڏوهه نه ڏيون. بلڪه جيڪو قصور آهي سو اسان مسلمانن کي چئون، جن پنهنجي هٿن سان اسلام جي ٻيڙي ٻوڙي آهي، اسلام جي بربادي جي ساري ذمه برداري مسلمانن تي آهي ۽ اهي پير جن پنهنجي مذموم روش کان خلافت جي هل چل کي نقصان پهچايو آهي، انهن سان ئي ترڪ موالات ڪرڻ گهرجي.“(13) جڏهن ترڪيءَ کي سمرنا ۾ فتح ٿي ۽ انگريزن ان جي خلاف پنهنجا جنگي جهاز قسطنطنيہ ۽ در دانيال ڏانهن روانا ڪيا، حالانڪ ان عمل ۾ اٽلي ۽ فرانس به شامل نه ٿيو هو، ته ان جي خلاف حڪومت برطانيا جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. هيءُ 20- سيپٽمبر 1922ع جو ڏينهن هو. ڪيترن ئي شهرن ۾ مذمت جون قراردادون پاس ڪيون ويون. اهڙن شهرن ۾ نوشهروفيروز به شامل هو. 30 سيپٽمبر 1922ع تي به اجلاس ٿيا. نوشهري فيروز ۾ به ان تاريخ تي اجلاس ٿيو.(14) ڀريا: ڀريا شهر ۾ خلافت جي گهڻين سرگرمين جو احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. البته جيڪب آباد ڪانفرنس کان موٽندي جيڪو وفد ڍينگي خلافت جلسي ۾ شريڪ ٿيو، تنهن وفد نواب شاهه ضلعي جو تبليغي دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان پروگرام تحت اهو وفد جڏهن ڍينگي کان موٽيو ته ڀريا ۾ سندس اچڻ ٿيو. دوري جي تفصيلي خبر الوحيد ۾ ڇپي. ڀريا اچڻ ٿيو. جتي سيد مراد علي شاهه پنهنجي وسعت اخلاقيءَ سان معزز مهمانن جي خوب خاطر ڪئي. ڀريا جي هاءِ اسڪول جو سير ڪيو ويو. شام جو شاهه (مراد علي) صاحب جي بنگلي تي زير صدارت انور علي شاهه لاڙڪاڻي واري جي، هڪ جلسو منعقد ٿيو. مستورات لاءِ پردي جو انتظام ڪيو ويو هو. قطع تعلق، سوديشي، هجرت ۽ هندو مسلم اتحاد بابت تقريرون ڪيون ويون ۽ سٺ ماڻهو هجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.(15) هن جلسي جي خاص خوبي اها هئي ته هن ۾ مستورات به وطن جي آزاديءَ جي جذبي تحت جلسي ۾ شريڪ ٿيون هيون. جلسي ۾ ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏيندڙ شخصيت سيد مراد علي شاهه، موجوده سيد مراد علي شاهه جو ڏاڏو هو. برصغير ۾ جڏهن ٽيون يوم خلافت ملهايو ٿي ويو ته، ان ڏينهن ڀريا ۾ به هم وطنن سان يڪجهتيءَ جي طور يوم خلافت وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو. جنهن جي رپورٽ الوحيد ۾ هن طرح ڇپي ته: ”ڀريا شهر ۾ يوم خلافت وڏي ڌام ڌوم سان ملهايوويو. مسلمانن جا دڪان بند هئا. مزدور ۽ ٺيڪيدار ۽ ٻيا سارو ڏينهن ڪم تي نه چڙهيا. شام جو عيد گاهه ۾ جلسو ڪري ڀرين ۽ ان جي لڳ جلباڻي ڳوٺ جي مسلمانن جي طرفان حضور وائسراءِ کي بمبئي مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ جي تجويز پاس ڪرائي وئي.“(16) ڍينگو/ ڀريا روڊ: ڳوٺ ڍينگي ۾ خلافت تحريڪ جو مرڪز خلافت ڪميٽيءَ جي صورت ۾ نهايت مضبوط نموني ڪم ڪري رهيو هو. جيئن ته ڍينگو ٻهراڙيءَ جو ڳوٺ هو، ان ڪري ڍينگي خلافت ڪميٽيءَ جون اڪثر سرگرميون سندس قريبي شهري ڀريا روڊ ۾ ٿينديون رهيون. ڀريا روڊ ۾ شهر جي خلافت ڪميٽي معلوم نه ٿي سگهي آهي. اتي جيڪي خلافت تحريڪ بابت سرگرميون معلوم ٿيون آهن، سي سڀ ڍينگي خلافت ڪاميٽيءَ جي طرفان ٿيون آهن. نوشهري ۽ ڀرين ۾ جنهن خلافت وفد جي دوري جو ذڪر ٿيو آهي، سو وفد جيڪب آباد کان ڍينگي خلافت ڪاميٽيءَ جي زوردار پيغامن موڪلڻ جي ڪري نوشهري تعلقي جي دوري تي نڪتو. ڍينگي خلافت ڪميٽيءَ طرفان مختلف وقتن تي مختلف سرگرميون رڪارڊ تي اينديون رهيون. هن ڪميٽيءَ جي سڀ کان پهرين سرگرمي، جيڪا ملي آهي، سا ڪميٽي جي سيڪريٽري جو هيءُ بيان آهي ته: ”نوشهروفيروز تعلقي ۾ زميندار خلافت عظميٰ سان وفادار آهن ۽ باقاعدي جدوجهد ڪندا ٿا اچن ۽ عيدالفطر جي ڏينهن اتي (نوشهري فيروز) ۾ جلسو ٿيڻو آهي.“(17) شهر ڍينگي ۾ تاريخ 8 جولاءِ 1920ع تي زير صدارت پير علي انور شاهه جي هڪ جلسو ٿيو. جناب پير صاحب هجرت جا مقصد ٻڌايا ۽ هجرت جي ضرورت تي تقرير ڪندي فرمايائن: ته خدا جو حڪم آهي ته جڏهن دين جي ڪم ۾ ڪا رنڊڪ ٿئي ته اهڙي زمين ۾ وڃو جتي آزاديءَ سان خدائي احڪام جاري ڪري سگهو، ان بعد ڍينگي لاءِ هجرت ڪميٽي ٺاهي وئي. صدر پير علي انور شاهه ۽ ناظم مستري گل محمد مقرر ٿيا. مولانا تاج محمود صاحب، رئيس المهاجرين جان محمد صاحب، پير تراب علي شاهه صاحب ۽ پير علي انور شاهه کي مبارڪباد ڏني وئي، جو انهن جي ڪوششن سان مهاجرن جو پهريون قافلو سنڌ مان روانوٿيو.(18) ڍينگي ۾ هن خلافت ڪانفرنس ٿيڻ جي نتيجي ۾ نالي بچل جمعدار نصرت واهه ۽ ٻين نوڪرن لاکا بيٽ جي پنهنجي عملدارن کي راڄ مان رسائي وٺي ڏيڻ بند ڪئي ۽ پنهنجي عملدار آئلداس داروغي کي چيائون ته: ”اڄ کان پوءِ اسان جمعدار خواهه بيلدار راڄ ۾ ڪنهن رسائيءَ بابت نه وينداسين، جو اهو لاپو ۽ کير وغيره کائڻ حرام آهي.“ هنن غريبن کي ان عمل جي پاداش ۾ اهڙيون تڪليفون ڏنيون ويون جو لاچار ٿي نالي محمد بچل جمعدار تاريخ 6 جولاءِ تي پنهنجي عزرائيل جهڙي آفيسر کي استعيفيٰ لکي ڏني ۽ ٻيا نوڪر به اهڙي آزار کان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهن.(19) هيءَ ڳالهه خلافت تحريڪ سان عوام جي جذباتي لڳاءَ جو هڪ بهترين مثال آهي، ۽ اهو به ڏيکاري ٿو ته هن تحريڪ سماج تي ڪهڙا خوبصورت اثر ڇڏيا ۽ بهترين روايتن کي جنم ڏنو. ڍينگي خلافت ڪميٽي طرفان 2 نومبر تي رٿيل خلافت جو جلسو، ڀريا روڊ جي تاريخ جو شاندار جلسو هو. هن جلسي جي لاءِ خاص مهم هلائي وئي هئي. اڳواٽ الوحيد ۾ ان بابت خبرون ڇپرايون ويون. الوحيد ۾ هن طرح خبر ڏني وئي: ”مستري گل محمد سيڪريٽري خلافت ڪميٽي ڍينگو لکي ٿو ته منگل ڏينهن تاريخ 20 صفر مطابق تاريخ 2- نومبر 1920ع تي اسٽيشن ڀريا روڊ تي شاهي جلسو منعقد ٿيندو. حاميان خلافت تي ضروري فرض آهي ته، هن جلسي ۾ اچي شريڪ ٿين. سنڌ ۾ ظلم ٿي رهيا آهن. تن کي کولي ظاهر ڪري ان تي نفرت جو اظهار ڪن. مولوي محمد صديق جي گرفتاريءَ جو ٻڌي نواب شاهه ضلع جا ماڻهو وري ننڊ مان اٿيا آهن. ڪيترائي جهنگل جا رهندڙ ماڻهو سخت رنج آهن ۽ چون ٿا ته، اسان اهڙو ظلم اکين سان ڪونه ڏٺو هو. مولوي صاحب ڪهڙي چوري ڪئي. مٿئين جلسي ۾ شيخ عبدالمجيد (سنڌي) صاحب پنهنجي پارٽيءَ سميت اچڻ قبول فرمايو آهي. ٻاهريان سڀ صاحب سومر شام جو يا رات تي ڀريا روڊ اسٽيشن تي پهچڻ گهرجن ۽ اڳواٽ اطلاع اچڻ جو موڪلين.“ 2- نومبر تي جلسو جڏهن ٿيو ته ان جي رپورٽ هن طرح ڇپي: ”اسٽيشن ڀريا روڊ تي خلافت ڪميٽي ڍينگو جي زير سايه مستري گل محمد جي اهتمام سان 2 نومبر تي شاهي جلسو ٿيو، جتي هندو مسلمان حاضر هئا. انهن ۾ سوامي گووند انند سڀاپتي، مسٽر محمد بخش قاضي بي.اي عليگ، مولوي عبدالخالق صاحب مورائي ۽ مير الله بخش خان صاحب به حاضر هئا. تقريرون گهڻو ڪري هارين جي انجمن ٺاهڻ، ترڪ موالات ۽ پوليس جي ظلمن تي ٿيون. هڪ پوليس انسپيڪٽر ۽ ٻه صوبيدار خاص طرح تقريرن لکڻ لاءِ جلسي ۾ حاضر هئا. هارين جي هڪ جماعت ٺاهي وئي، جا اميد ته ڪمائتو ڪم ڪندي رهندي.“(20) الوحيد ۾ خبر ڇپي ته: ”ڍينگي واري جلسي جي موقعي تي، جو ڪڙمين جي انجمن ٺهي آهي. ان جو صدر سوامي گووند انند ۽ سيڪريٽري مستري گل محمد صاحب مقرر ٿيا. جڏهن ته سوامي صاحب جيل ۾ وڃڻ تي تقرير ڪندي چيو ته: مان پاڻ ههڙي ڏٻري ۽ نفيس بدن هوندي وطن خاطر چار سال جيل ۾ گذاري آيو آهيان. ته سڀ ماڻهو کيس چوطرف وري ويا ۽ پيار ۽ عزت ڪرڻ لڳا ۽ ماڻهن ۾ انهن لفظن ڏاڍو اتساهه پيدا ڪيو، پر افسوس جو پوليس جو عام ماڻهن تي ڏاڍو دٻاءُ هو ۽ ماڻهن کي جلسي کان روڪي رهيا هئا.(21) ڳوٺ ساند: هيءُ مولوي فيض الڪريم جو ڳوٺ آهي، جنهن خلافت اسلاميه جي خلاف فتويٰ جاري ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ وڏي هيجاني جهڙي صورتحال برپاڪري ڏني هئي. هن فتويٰ تي سنڌ جي ڪيترين ئي پيراڻين گادين جي سجاده نشينن صحيون ڪيون هيون. جن هن فتويٰ تي صحيون ڪيون هيون. تن جي خلاف سنڌ جي مسلمانن توڙي هندن تمام وڏي غصي ۽ ڪاوڙ جو مظاهرو ڪيو هو. ڪيترن ئي مسلمانن اهڙين درگاهن سان پنهنجي مريديءَ جا تعلقات ٽوڙي ڇڏيا هئا. ڍينگي خلافت جلسي کان جيڪو وفد نوشهري تعلقي جي دوري تي نڪتو، سو ڀرين کان ٿيندو پهريائين ساندن ۾ اچي لٿو. الوحيد ۾ رپورٽ جو اهو حصو هن طرح آهي: ”صبح جو وفد جي صلاح سان بمعه شاهه صاحب (مراد علي شاهه) انهيءَ ڳوٺ ساندن ۾ دعوت حق لاءِ اهو وفد ويو. جنهن ڳوٺ ۾ مولوي فيض الڪريم صاحب هڪ تحريڪ برپا ڪري سنڌ ۾ شور وڌو. ارادو هو ته مولوي صاحب سان فيصلو ڪجي ته يا اسان کي سمجهايو يا باز اچو. وفد سندس ڳوٺ ۾ هڪ ڪلاڪ انتظار ڪيو. مگر معلوم ٿيو ته مولوي صاحب حاضر هو، پر محض ان حق جي مقابلي کان ڊڄي اڌ ڪلاڪ کن اڳ ۾ هليا ويا.“(22) ڍينگو خلافت ڪاميٽيءَ جي جلسي ۾ جنهن وفد پوري تعلقي نوشهري فيروز جو گشت ڪيو، اهو وفد ڀرين کان ٿيندو پهريائين ساندن جي ڳوٺ ۾ ويو جتان پوءِ ٺارو شاهه اچي پهتو، ”جتي تمام سٺو جلسو ٿيو، جنهن ۾ 1000 ماڻهو موجود هئا، اتي به قطع تعلق، سو ديشي، هجرت ۽ هندو مسلم اتحاد بابت تقريرون ڪيون ويون.“ (23) پنڊت امرسين خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌ جي دوري تي نڪتو هو جيڪو صاحب جڏهن نوشهري جي دوري تي اچڻو هو ته، سندس پروگرام ۾ ٺارو شاهه جو گشت به شامل هو. (24) پنڊت جي نوشهري اچڻ جي رپورٽ ته ملي سگهي آهي؛ پر ٺارو شاهه ۾ اچڻ ۽ جلسي ڪرڻ جي رپورٽ نه ملي سگهي آهي. درٻيلو: درٻيلي ۾ به هندو مسلمان خلافت اسلاميه سان يڪجهتيءَ لاءِ منظم ۽ تمام سرگرم هئا. هتي خلافت ڪاميٽي ۽ ان جي سرگرمين ۽ متعلق ماڻهن جي نالن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. صرف هڪ خبر، جيڪا 27 مئي جي الوحيد ۾ ڇپي سا رڪارڊ تي موجود آهي. ”درٻيلي مان خاطو لکي ٿو ته هتي اخبارن ذريعي ۽ تقرير..... سان هر روز ماڻهن کي موجوده حالت کان واقف ڪيو وڃي ٿو. هر رات عشاء جي نماز بعد سلطان وحيدالدين خان جي حق ۽ اسلام جي فتح لاءِ دعا گهري ويندي آهي.“ کاهي راهو: کاهي راهوءَ ۾ به خلافت تحريڪ جون سرگرميون زورن تي هلندڙ هيون. ٽيون يوم خلافت جڏهن پوري هندستان ۾ ملهائجي رهيو هو ته، ان ڏينهن کاهي تعلقي نوشهري فيروز ۾ به مڪمل هڙتال ٿي. ۽ اتي جي رئيس ڪمال الدين صاحب، آنرري ميجسٽريٽي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.(25) پنڊت امر سين جڏهن نوشهري جي دوري تي آيو ته سندس پروگرام ۾ کاهي راهو جو دورو 26 آگسٽ تي رکيل هو.(26) ”ترڪ موالات“ جي تحريڪ تحت جڏهن خلافت ڪميٽيءَ نين ڪائونسلن جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سڄي هندستان ۾ بائيڪاٽ جو طئه ڪيو ويو ۽ ڪاميٽيون ٺاهي دورا ڪيا ويا ته، کاهي راهوءَ جي هندو مسلمانن به يڪجهتيءَ تحت ترڪ موالات جو اعليٰ مظاهرو ڪندي چونڊن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ووٽ به چونڊن ۾ ڪنهن طرح نه وڌو ويو. (27) ڀورٽي: ڳوٺ ڀورٽيءَ ۾ خلافت ڪميٽي ٺهڻ ۽ ان جي عهديدارن وغيره بابت ڪجهه ملي نه سگهيو آهي، نه ئي اتي جي وڌيڪ سرگرمين جو پتو پيو آهي. البته ڀورٽيءَ ۾ هڪ شاندار خلافت جو جلسو ٿيڻ جي خبر ملي آهي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته ڀورٽيءَ ۽ آس پاس ۾ خلافت تحريڪ ڪيتري سرگرم هئي. جلسي ۾ ست اٺ سئو ماڻهو شريڪ ٿيا هئا، جيڪو انگ ٻڌائي ٿو ته ڀورٽيءَ ۾ خلافت تحريڪ تي خاص محنت ۽ جدوجهد ٿيندي رهي هئي. هن جلسي ۾ نه رڳو ڀورٽي پر ڀورٽيءَ کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ مٺل جي زميندار ميان دين محمد ڀرٽ ۽ ٻين ڪچي جي ماڻهن خاص طور دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪيو. جيڪو الوحيد ۾ ڇپيو ته: ”تعلقي نوشهري فيروز ۾ تبليغ جو ڪم هلندڙ آهي. جو سيد پارئيل شاهه صاحب چڱيءَ طرح هلائي رهيو آهي. تاريخ 15 مئي شام جو ڳوٺ ڀورٽيءَ ۾ زير صدارت وڏيري ميان علي شير جي، جلسو منعقد ٿيو اٽڪل 7- 8 سئو ماڻهو حاضر هئا. جلسي جي ڪم ۾ وڏيري ميان دين محمد ڀرٽ زميندار ۽ ٻين ڪچي جي ماڻهن خاص دلچسپي ڏيکاري. ڇوڪرن نظم پڙهڻ سان ماڻهن جي دلين تي چڱو اثر پيدا ڪيو. صدر صاحب ۽ مولوي ميان عبدالله صاحب ۽ پير پارئيل شاهه صاحب جن قطع تعلق، هجرت ۽ سوديشي تي چڱيون تقريرون ڪيون. مغرب جي نماز مهل دعا سان جلسو ختم ٿيو.“(28) ميان علي شير زميندار ذات جو ڀرٽ هو. جنهن هن جلسي جي صدارت ڪئي. عبدالحق ڀرٽ، جيڪو موجوده پي پي حڪومت ۾ لائيو اسٽاڪ جو وزير آهي، سو سندس پوٽو آهي. مٺياڻي: مٺياڻيءَ ۾ به خلافت ڪميٽيءَ جي قيام بابت ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو آهي البته ڀورٽيءَ ۾ جيڪو جلسو ٿيو، جنهن ۾ پير پارئيل شاهه ۽ ٻيا ٻاهريان مهمان شريڪ ٿيا، تن موٽندي مٺياڻيءَ ۾ اچي جلسي ۾ شرڪت ڪئي. مٺياڻيءَ ۾ هيءُ جلسو پير پارئيل شاهه صاحب جن جي ڪوشش سان ٿيو. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته مٺياڻيءَ ۾ هيءُ جلسو پهرين ڪوشش هو، جيڪا پير پارئيل شاهه ڪئي. الوحيد اخبار ۾ اها خبر هن طرح شايع ٿي: ”تاريخ 17 مئي شام جو سيد پارئيل شاهه صاحب جن جي ڪوشش سان جلسو ٿيو..... جي جلسي تان موٽندي.... مولوي فضل محمد.... تراب علي نوشهرائي، مولوي ڪريم بخش صاحب مجاهدن سميت اتي حاضر هئا. مجاهد ۽ ٻين ڳوٺ جي ماڻهن شهر جو ڏاڍو شاندار گشت ڪيو. جو ٻهراڙي جي ماڻهن شايد اڳي ڪڏهن ڏٺو ڪونه هوندو. جلسي لاءِ پلاٽ هڪ هندو صاحب ڏنو هو. مسلمانن ۽ هندن جو چڱو تعداد قريبن هزار کن حاضر هو. تقريرون اتي به قطع تعلق ۽ هجرت جي باري ۾ ٿيون. هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته: مسٽر سمٿ جيڪا اپر سنڌ وارن سان اجائي ظلم جي هلت هلي رهيو آهي، تنهن کي هيءُ جلسو حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو.“ جلسي جو انتظام ميان محمد صديق ۽ ميان خير محمد زميندارن ڏاڍو چڱو رکيو هو. (29) ڳوٺ چيهو: اخبار الوحيد ۾ خبر لڳل آهي ته: ”سنڌ ۾ اڳ جيڪي خلافت ڪاميٽيون ڪم ڪري رهيون آهن تن کان سواءِ هيٺين شهرن مان پڻ اطلاع آيا آهن ته اتي به خلافت ڪميٽيون باقاعده ٺهي ويون آهن ۽ هر وقت خلافت اسلاميه جي اشاعت ۽ ديني خدمات ڪرڻ لاءِ ڪمربسته آهن. ۽ سدائين جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ ۽ سينٽرل خلافت ڪميٽي انڊيا جي حڪمن تي تعميل ڪرڻ لاءِ تيار ۽ منتظر آهن.“ (30) خبر جي هن تمهيد کان پوءِ ٽن شهرن جي خلافت ڪاميٽين جو ذڪر ٿيل آهي. هڪ جيڪب آباد ٻي ٺل، ٽين ٻورڙي ۽ چوٿين ”چيهي پٽ“ جي خلافت ڪميٽي، جن جي عهديدارن جا نالا به ذڪر ڪيل آهن. چيهي جي خلافت ڪميٽيءَ جا ٻه عهدا ذڪر ٿيل آهن، هڪ عهدو پريزيڊنٽ، رئيس ميان فتح خان صاحب ۽ ٻيو عهدو سيڪريٽري: ميان غلام رباني خان راڄپر. 21- مئي تي خبر لڳي آهي، تنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، ڏينهن ٻه اڳ يعني 18- 19- 20 مئي ڌاري چيهي ۾ خلافت ڪميٽي قائم ٿي هوندي. خلافت ڪميٽي ٺهڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وفد خلافت جي تبليغ لاءِ نوشهروفيروز ۽ ان جي آس پاس جو گشت ڪرڻ ۽ تبيلغ ڪرڻ لاءِ مختلف جڳهين تي روانو ٿيو. هن وفد جي خبر الوحيد اخبار ۾ ڇپي. هيءُ وفد جيڪب آباد خلافت ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو. موٽي ڍينگي ۾ اچي خلافت جي جلسي ۾ شريڪ ٿيو. جتان کان پوءِ هيءُ وفد نوشهري فيروز جي آس پاس کان جلسا ڪندو، رئيس فتح خان راڄپر جي دعوت تي ڳوٺ چيهي پهتو. جتي پڻ خلافت جلسو منعقد ٿيو. اخبار جا پنا کاڄي وڃڻ جي ڪري وچ جا لفظ کاڄي ويا آهن. صرف ”صدارت جلسو.... منعقد“ جا لفظ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن ڪري خبر نه ٿي پوي ته صدارت ڪنهن ڪئي. ڪنهن ڪنهن تقريرون ڪيون. بهرحال اندازو ٿئي ٿو ته: هيءُ وفد ئي اصل ۾ چيهي ۾ خلافت ڪميٽيءَ جي قيام جو سبب بڻيو. وفد ۾ مولوي فضل محمد نوشهرائي، مولوي عبدالخالق مورائي، سيد پارئيل شاهه، شيخ عبدالعزيز، مولوي محمد صديق مورائي ۽ مولوي حڪيم محمد معاذ (معاذ ٿاڌل وارو) شريڪ هئا. (31) چيهي ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي قيام کان پوءِ هڪ ٻيو به جلسو منعقد ٿيو. جلسي جو باقاعدي وڏي پيماني تي اهتمام ٿيو. مهمانن جي استقبال لاءِ استقباليه ڪميٽي ٺاهي وئي هئي جنهن جو صدر رئيس فتح خان راڄپر ٿيو. هن جلسي ۾ رئيس فتح علي خان نهايت شاندار تقرير ڪئي. 22- مئي 1920ع جي الوحيد اخبار ۾ هيءَ تقرير مانائتي نموني شايع ٿي. هن کان علاوه ٻيون به کوڙ سرگرميون چيهي خلافت ڪميٽيءَ طرفان ٿيون هونديون، جيڪي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان منظر تي آڻي سگهجن ٿيون. خلافت تحريڪ جي اڪابرن طرفان هندو مسلم اتحاد کي قائم رکڻ لاءِ اهو طئه ڪيو ويو هو ته مسلمان قربانيءَ وغيره جي موقعن تي ڳئون ۽ ڍڳي جي قرباني نه ڪن ۽ 26 آگسٽ 1920ع تي قربانيءَ جي عيد ٿي. پوري برصغير ۾ هيءَ عيد يوم غم ڪري ملهائي وئي. ڳوٺ چيهي ۾ به هيءَ عيد مرڪزي جمعيت خلافت سان يڪجهتيءَ جي طور بلڪل سادي نموني ادا ڪئي وئي ۽ ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهو ڳئون جي قرباني نه ڪئي. الوحيد اخبار ۾ اها خبر هن طرح ڇپي: ”ڳوٺ چيهي ۾ عيد قرباني بلڪل سادگيءَ سان ادا ڪئي وئي، ڪنهن به ماڻهو ڳوٺ جي ڳئون قرباني ڪانه ڪئي. نماز بعد جلسو ٿيو، جنهن ۾ هي ٺهراءَ پاس ٿيا: 1. مصر جي آزاديءَ تي هيءُ جلسو خوشي ظاهر ٿو ڪري ۽ هند واسين کي استدعا ٿو ڪري ته مصرين جو مثال وٺي هندستان جي آزاديءَ لاءِ پوري ايثار ۽ استقلال سان ڪوشش ڪن. 2. هيءُ جلسو خلافت جي متعلق تڪليفن جي معافي وٺڻ کي حقارت سان ڏسي ٿو. 3. پير جهنڊي واري ايثار ۽ قرباني ڇڏي پير محبت شاهه کي معافي لاءِ جا ڪوشش ڪئي آهي، تنهن کي پسند نه ٿو ڪري. 4. ميان محمد مکڻ، حاجي احمد علي، مولوي محمد امين احرار ٿر واري جي سچي قرباني تي خوشي ظاهر ڪئي وئي. پڇاڙيءَ ۾ خليفة المسلمين ۽ اسلام جي فتح لاءِ دعا گهري وئي.“(32) رئيس فتح خان راڄپر جي اسقباليه تقرير رئيس فتح خان راڄپر (ولادت: 1890ع وفات: 1946ع) سردار احمد خان راڄپر (1917-1997ع) مرحوم جو پيءُ ۽ اڄڪلهه راڄپرن جي موجوده سردار خالد ميان راڄپر جو ڏاڏو هو. رئيس فتح خان جي ڏاڏي جو نالو به رئيس فتح خان هو. جنهن جو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي. هيءُ ميرن جي زماني جو ماڻهو هو. تنهن زماني ۾ به هڪ لک کن راڄوڙ سندس هٿ ۾ هئي. وڏي هلنديءَ وارو هو. هن جي پاڇي هيٺ ديوان عيدن مل هڪ پراڻي ڦٽل دڙي تي ڳوٺ ٻڌو ۽ پنهنجي ساهرن ۽ ٻين هندن کي اتي آباد ڪيو. اهو ڳوٺ پوءِ عيدن مل جي نالي پٺيان پڊعيدن سڏجڻ ۾ آيو. رئيس فتح خان ٻيو خلافت ڪميٽي چيهي جو پريزيڊنٽ هو. رئيس فتح خان کي ڀيرومل مهر چند پاڻ ڏٺو ۽ سندس باري ۾ لکيائين: ”ڳوٺ چيهي جي وڏيري فتح خان جو پوٽو جنهن جو نالو به وڏيرو فتح خان هو. سو پنهنجي ڏاڏي وانگر پڊعيدن جي ديوانن سان ڀائپيءَ جو رستو رکندو پئي آيو. جنهنڪري هندن ۽ مسلمانن جو هيءُ هڪ نهايت عمدو مثال آهي.“(33) رئيس فتح خان چيهي ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي هڪ جلسي ۾ صدارتي تقرير ڪئي. جيڪا الوحيد اخبار 22 مئي 1920ع ۾ نهايت شانائتي نموني شايع ڪئي. سا لفظ به لفظ هيٺ عرض ڪجي ٿي: ”معزز بزرگان و پيشوايان قوم! حضرات: هي وقت اسلامي دنيا لاءِ نهايت نازڪ آهي. اهڙو وقت اڳي شايد مسلمانن ڪونه ڏٺو هوندو. خليفة المسلمين حضرت سلطان وحيدالدين اڄ وڏي آفت هيٺ آهن. پاڪ جاين تي غير مذهبن جو پوريءَ طرح قبضو آهي. نه رڳو هندستان جا ساڍا ست ڪروڙ مسلمان بي آرام آهن، بلڪه دنيا جا چاليهه ڪروڙ مسلمان حيران ۽ پريشان آهن. مگر اسان کي نااميد ٿيڻ نه گهرجي. خدا تي ڀروسو رکي اسان پنهنجن پيرن تي محڪم ٿي بيهڻ جو ڪوشش ڪريون، ته الله سائين اسان کي فتح ڏيندو. اتحادين سلطان جي ملڪ جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ورهايا آهن. حجاز ۾ حسين، شام ۾ فيصل، عراق عرب ۾ عبدالله (جي حسين باغيءَ جا پٽ آهن) سرڪار ڪاٺ جا پتلا ٺاهي پنهنجي تابع فرمان يا پنهنجا غلام ڪري بادشاهه بنايا آهن. ويا هنجه هلي، آيا ڪانوَ ڪنبن ۾ مورن جي مراد چوي مرن جاءِ ملي. چتن سان چلي ٿي مئنا مقالون ڪري. اهي مهربانيون اسان سان خاص انگريز سرڪار ڪيون آهن، جا اسان جي قديم خير خواهه سلطنت ۽ سڀ کان زياده مسلمان رعيت تي حڪمران آهي. پاڪ مقامات غير مذهب وارن جي هٿ ۾ ڏسي مسلماني دين ۽ خليفة المسلمين جي چمن کي برباد ٿيندو ڏسي مسلمان هرگز آرام سان رهڻ نه قبوليندا يا مري فدا ٿي ويندا يا ٻين کي فنا ڪري ڇڏيندا. حضرات! مسلمان هر طرح جي قربانيءَ لاءِ تيار آهن. قبول ٿو ڪجي ته اسان وٽ لشڪر ناهي، هٿيار نه آهن، بارود ناهي، نه خدا کان سواءِ ڪو يار اٿئون نه مددگار: پر اسان کي پڪو يقين آهي ته، همٿ آهي، هٿيار، شرم سڄو ڪپڙو خاموشي مقابلي ڪرڻ لاءِ هميشه مسلمان تيار آهن. سرڪار سان تعلقات ٽوڙي ڇڏجن، نوڪر نوڪرين ڇڏين، خطابن وارا خطاب آنرري ماجسٽريٽي، ميمبر ميمبريءَ کان استعيفائون ڏين، مطلب ته ڪوبه عهدو پاڻ سان نه رکجي، اهي آهن عزت وارن جا لاڳاپا، پر تنهن کان اڳ ۾ غريب لاڳاپا لاهي ڇڏين. رسائي اصل ڪنهن به ڪاموري جي نه ڪن. پهريون ڏاڪو تعلقات ڇنڻ لاءِ اهو آهي جو رسائي نه ڪجي. ٻيو رستو آهي، سوديشي تحريڪ کي زور وٺائڻ يعني ديسي شين جو استعمال ڪرڻ ولايتي مال کي ڇڏي ڏجي ته پيو بازار ۾ ڌڪا کائي ۽ پنهنجي ديسي شين کي ڪم آڻجي. اسان جا غريب ڀائر ٻهراڙيءَ جا تمام آسانيءَ سان اهو ڪم ڪري سگهندا. باقي شاهڪارن ۽ فيشن جي مريدن کي ذرا ڏکيو لڳندو. مان سچ ٿو چوان ته غيرت اهڙي شيءِ آهي جو پنهنجي پياري دل واريءَ زال کي طلاق ڏياري ڇڏي. تنهنڪري مسلمانن غيرت اسلامي ڪري ولايتي مال کي طلاق ڏني ته هنن ڪا ڳري قرباني ڪانه ڪئي. ٽيون رستو آهي هجرت ڪرڻ، جتي ديني آزادي ناهي، اتان هجرت ڪرڻ واجب آهي. سچ آهي ته وطن ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، وطن جي محبت هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ٿئي ٿي، پر پنهنجي پياري دين اسلام لاءِ لڏڻ ۽ سفر جون تڪليفون سهڻ. في سبيل الله سڀ ڪو مسلمان قبول ڪندي ڏکن کي سک ۽ سورن کي سوکڙيون ڪري ڄاڻندو. مان پنهنجي تقرير کي ختم ڪرڻ کان اڳي هيترو عرض ڪندس ته انهن ٽنهي طريقن کانسواءِ ٻيو طريقو ڪاميابيءَ جو آهي. مساوات، خاوند ۽ نوڪر، امير ۽ فقير ٻئي پاڻ کي هڪ جهڙو ڄاڻن، آڪڙ شاڪڙ اسلام ۾ آهي ئي ڪانه. هندن ۽ مسلمانن جي ميلاپ جي وڏي ضرورت آهي. ٻئي قومون پاڻ ۾ رس رکي (گڏ) هلنديون ته اهو ڏينهن پري ناهي جو اسان جي ٻيڙي ساحل تي لنگر انداز ٿئي. هو تن يگ مشوه بشک....... پراگندگي آره!........ پڊعيدن: پڊعيدن ۾ ڪو الڳ خلافت ڪميٽيءَ جو وجود نظر نه ٿو اچي. مٿي ”چيهي پٽ“ جي خلافت ڪميٽيءَ جو ذڪر ٿيو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته، چيهي ۽ پڊعيدن جي خلافت ڪميٽي گڏيل هئي. خلافت تحريڪ جي مالي مدد لاءِ، مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ طرفان، مسلمانن کي اپيل ڪئي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ مخلف جڳهين تان خلافت بيت المال ۾ امدادي رقم موڪلي ويندي هئي، جنهن جي فهرست الوحيد اخبار ۾ ڇپجڻ ۾ ايندي هئي. پڊعيدن مان جون 1920ع جي خلافت بيت المال ۾ فيض محمد شاهه نالي هڪ شخص جا 00-15 رپيا شامل ڄاڻايل آهن، جنهن مان پڊعيدن ۾ خلافت سرگرمين جي شاهدي ملي ٿي. 10 جولاءِ 1922ع تي نوشهري فيروز ۾ ”ساهتي راڄنيتي ڪانفرنس“ جڏهن ٿي ته هندستان کان آيل مختلف وفد ريل رستي پڊعيدن کان ٿيندا نوشهري فيروز پهتا. (34) اپريل 1923ع تي مهاتما گانڌيءَ جو پٽ ديوداس گانڌي ۽ ڪانگريس جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري بابو راجندر پرساد هڪ وفد سان پڊعيدن اسٽيشن تي لٿو، جتان ڏاند گاڏين جي هڪ وڏي جلوس ۾ ان وفد کي نوشهروفيروز نيو ويو.(35) ڦل: شهر ’ڦل‘ ۾ به خلافت تحريڪ جو ڪم ۽ سرگرميون وڏي اوج تي رهيون. هت خلافت تحريڪ جو روح روان وڏيرو ميان راڄ محمد ڦل هو. راڄ محمد ڦل برادريءَ جو سردار هو. سندس پونئيرن ۾ وڏيرو ميان شجاع محمد ۽ ٻيا اڄ به برابريءَ جي سرداريءَ جي مسند تي ويٺل آهن. هيءُ وڏو صالح ۽ نيڪ گهراڻو آهي. برادريءَ جا ماڻهو پنهنجي فيصلن لاءِ به وٽن اچن ٿا ته دعا وٺڻ لاءِ به وٽن ئي اچي حاضريون ڀرين ٿا. ڍينگي خلافت جلسي کان وٺي جنهن وفد تعلقي نوشهري جو دورو شروع ڪيو هو، سو جڏهن موري پهتو ته وڏيري ميان راڄ محمد صاحب وفد ڏانهن دعوت موڪلي، وفد سندس دعوت تي ڦل شهر ۾ آيو، جتي بعد نماز مغرب، شاندار جلسو منعقد ٿيو. اٽڪل هڪ هزار ماڻهو شريڪ ٿيا،جلسي جي صدارت وڏيري ميان فتح خان راڄپر ڪئي. وفد جي اڳواڻن خلافت تحريڪ جي موضوع تي تقريرون ڪيون. رئيس فتح خان راڄپر هتان ئي هن وفد کي دعوت ڏئي پنهنجي ڳوٺ چيهي وٺي ويو جتي ٻئي ڏينهن جلسو ٿيو. (36) ڪائونسلن جي بائيڪاٽ جي سلسلي ۾ هڪ خلافت جو وفد جوڙيو ويو هو،جنهن سڄي سنڌ ۾ دورا ڪيا. هن وفد 6 آڪٽوبر تي نواب شاهه ۾ جلسو ڪيو هتان فارغ ٿي نوشهروفيروز روانو ٿيو. (37) 8 آڪٽوبر تي نوشهروفيروز ۾ جلسو ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو وفد ڦل ڏانهن روانو ٿيو. (38) شيخ عبدالمجيد صاحب، قاضي اسد الله شاهه ۽ مولوي عبدالخالق مورائي هن وفد ۾ شامل هئا. 9- آڪٽوبر تي شهر ڦل ۾ جلسو ٿيو. وفد تازين حالتن تي چٽائيءَ سان سمجهاڻي ڏني. (39) آخر ۾ هڪ مناجات ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، جيڪا نوشهري جي ڪنهن نامعلوم مسلمان طالب علم جي طرف کان الوحيد ۾ شايع ٿي. حال هيڻو آهي امت جو سچا سردار اڄ، تو بنا ٻيو ڪير لهندو سيدا ڪر سار اڄ. روز قيامت ٿا ٻڌون سڏڙا ڪندو يا امتي، يا امتي جو وقت سائين ٿيو آهي اظهار اڄ. حال بد افعال بد سڀ خيال بد ۽ حال بد، ان سبب نت نت وهايون ٿا نماڻان نار اڄ. لايغير ما بقوم آهي بيشڪ برثواب، ليڪ ٻيا سڀ ويا ڇٽي آهن مسلمان خوار اڄ. ٻيا سڀئي ڏڻ پيا گهمن کائن پين خوش خيال ۾، آهي ڌڻ تنهنجو رڳو مرسل مٺا لاچار اڄ. ڪيئن ڪيون ڪاڏي وڃون ڪونهي وسيلو ڪو ٻيو، اٿ ڄام عربي حال ڏس ڇاٿا بڪن ڪفار اڄ. ٿا چون اسلام جو نالو رڳو آهي رهيو، پاڙ کان تنهنجي پٽڻ لاءِ ٿا ٿين تيار اڄ. روم ويو ۽ شام ويو بصرو ويو بغداد ويو، هاءِ استنبول ۾ آهي وڏو آزار اڄ. حال هيڻن جو ٿيو مرسل مٺا توکي ڪيان، عرض عاصيءَ جو اگهائج سينن کي ٺار اڄ(40). حوالا (1) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر: سڌارا ۽ واڌارا، فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو، سنڌ ص 61-515 سنڌي ادبي بورڊ 1966ع. (2) خانائي، حامد علي: ضلعو نوابشاهه تاريخي شهر ۽ شخصيتون. ص 317 نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي نواب شاهه 1987ع. (3) الوحيد 10 مئي 1920ع. (4) الوحيد 18 مئي 1920ع. (5) الوحيد 20 مئي 1920ع (6) الوحيد 13 جون 1920ع (7) الوحيد 12 جون 1920ع. (8) الوحيد 26 جون 1920ع (9) الوحيد 26 جون 1920ع. (10) الوحيد 6 آگسٽ 1920ع. (11) الوحيد 20 آگسٽ 1920ع (12) الوحيد 10 آڪٽوبر 1920ع. (13) الوحيد 13 آڪٽوبر 1920ع (14) سومرو مظهر الدين: ”تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو“، ص 149، ۽ روزانه الوحيد 3 آڪٽوبر 1922ع. (15) الوحيد 10 مئي 1920ع. (16) الوحيد 10 آگسٽ 1920ع. (17) الوحيد 17 جون 1920ع. (18) الوحيد 16 جولاءِ 1920ع. (19) الوحيد 11 جولاءِ 1920ع، (20) الوحيد 27 آڪٽوبر 1920ع. (21) الوحيد 7 نومبر 1920ع. (22) الوحيد 10 مئي 1920ع. (23) الوحيد 10 مئي 1920ع. (24) الوحيد 20 آگسٽ 1920ع. (25) الوحيد 6 آگسٽ 1920ع. (26) الوحيد 20 آگسٽ 1920ع. (27) الوحيد 22 نومبر 1920ع. (28) الوحيد 27 مئي 1920ع. (29) الوحيد 27 مئي 1920ع. (30) الوحيد 21 مئي 1920ع. (31) الوحيد 10 مئي 1920ع. (32) الوحيد 31 آگسٽ 1920ع. (33) آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جلد اول، ص 160، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، 2003ع. (34) الوحيد 12 جولاءِ 1922ع. (35) الوحيد 6 اپريل 1923ع. (36) الوحيد 10 مئي 1920ع. (37) الوحيد 10 آڪٽوبر 1920ع. (38) الوحيد 13 آڪٽوبر 1920ع. (39) الوحيد 15 آڪٽوبر 1920ع. (40) الوحيد 13 مئي 1920ع. حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري تحقيق مفتي دُرّ محمد سڪندري جون عملي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سنڌ جي ڀلاري ڀُونءِ کي اِهو شرف حاصل آهي جو پهرين صدي هجريءَ ۾ محمد بن قاسم جي لشڪر جرار جي قيادت ۾ اسلام جي جهنڊي کي نَصب ڪيو ويو ۽ هن کي باب الاسلام جي ڀلاري لقب سان ملقب ڪيو ويو. اسلام جي برڪت سان هن سون وَرني ڌرتي هزارن عالمن، شاعرن، صوفين ۽ سرويچن کي جنم ڏنو. هن برڪت ڀري ڀُونءِ جا ڀلارا ماڻهو حرم حبيب ۾ رهي پرين جي پَچار ڪندا رهيا. جهڙوڪ ”طوالع الانوار“ جو مصنف مخدوم محمد عابد سنڌي، مخدوم ابوالحسن ڪبير ۽ صغير سنڌي آهن. مخدوم محمد اڪرم نصرپوري، مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم عبدالواحد سيوستاني ”نعمان ثاني“ به هن ڌرتيءَ جا سپوت عالم ليکيا وڃن ٿا جن دين متين جي خدمت ڪري ڏيساور ۾ پنهنجي پياري وطن جو نالو روشن ڪيو. سنڌ جي ڏکڻ ۽ اوڀر واري پرڳڻي ۾ ڪافي حصو ٿر جو اچي ٿو. هن علائقي جي رهڻي ڪهڻي ڪڪرن تي آهي. هتي جا اڪثر ماڻهو مالوند آهن، انهن جو گذر سفر اڪثر مال تي هوندو آهي. سانوڻ جي موسم ۾ برسات پوڻ جي ڪري هتي جي زرخيز زمين ۾ اناج به گهڻي مقدار ۾ ٿيندو آهي. هتي جي زمين جهڙي زرخيز آهي، ان سان گڏ مردم خيز به آهي. ماضي جي ورقن کي جڏهن ماڻهو کولي ٿو ته هن مردم خيز زمين ۾ جتي اسان کي مسڪين جهان خان کوسي ۽ ميان نور محمد ننگر پارڪر جا نالا نروار نظر اچن ٿا، اُتي اهل الله سيد محمود شاهه ۽ سيد نور محمد شاهه بخاري پورلي وارا به پنهنجي سخا ۽ بزرگيءَ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ نظر اچن ٿا. ته وري عالمن ۾ ميون حامد الله ٻهه وارو، مولوي عبدالمجيد ساند، مولوي محمد امين ساند ”گوهر“، مولوي مفتي عبدالهادي چانڊيو راوتسري، مولوي عبدالواحد دَل ۽ ويجهي وقت جا بزرگ عالم مولوي حاجي جلال الدين سڱراسي ۽ استاد العلماء مفتي دُر محمد سڪندري به پنهنجي علم ۽ تقويٰ ۾ پڻ جڳ مشهور ٿي گذريا آهن. حضرت مولانا استاد مفتي درمحمد سڪندري عليه الرحمة جن جو جنم 1939ع ڌاري ڳوٺ ”وروائي“ لڳ اسلام ڪوٽ، موجوده ضلع مٺي ٿر ۾ محمد ابراهيم لنجو جي گهر ۾ ٿيو. نوشتهء تقدير ازل ۾ هن درويش صفت انسان جي نالي دين متين جي خدمت رقم فرمائي ڇڏي هئي. ابتدائي تعليم: پاڻ ابتدائي پرائمري سنڌي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ وروائي ۾ ٽن درجن تائين پرايائون. چوٿين درجي ۾ داخل ٿيڻ وارا هُئا ته سندن وڏي ڀاءُ مرحوم محمد بچل اسڪول مان ڇڏائي مدرسي ’بحرالعلوم‘ ڪنري ميمڻ ۾ 1951ع ڌاري ديني تعليم حاصل ڪرڻ واسطي داخل ڪرايائون. سندن وڏو ڀاءُ مولوي محمد ڪامل ”متوڪل“ پاڻ کان اڳ چار سال هن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو. قبلا مفتي صاحب جن جا والدين ننڍپڻ ۾ ئي کين داغ مفارقت ڏيئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. انهي ڪري مولوي محمد ڪامل، قبلا مفتي در محمد ۽ مولوي محمد عارف جن جي تعليم ۽ تربيت جو سمورو بار سندن وڏي ڀاءُ مرحوم محمد بچل پنهنجي سر تي کنيو. مرحوم پاڻ مزوري ڪري پنهنجن ننڍن ڀائرن کي ديني تعليم ڏياري. هڪ دفعي سائين مفتي صاحب جن ڪنري واري مدرسي ۾ بيمار ٿي پيا، ايترو ته بيمار ٿيا جو بچڻ جو به آسرو پلي ڇڏيائون. مرحوم محمد بچل، ڪنري ميمڻ مان مفتي صاحب کي ڪلهي تي کڻي سؤ ميل کن پنڌ ڪري سندن اباڻي ڳوٺ وٺي آيو. سائين استاد مفتي در محمد سڪندري صاحب جن ننڍي هوندي کان ئي ذهين، ذڪي ۽ محنتي هوندا هئا. قرآن شريف، فارسي ۽ عربي جي تعليم متوسط درجي تائين مدرسي ’بحرالعلوم‘ ڪنري ميمڻ ۾ حاصل ڪيائون. انهي وقت مدرسي ۾ سندن استاد: مولانا عبدالغفور چانڊيو، مولوي دوست محمد ميمڻ، حاجي عبدالحق ميمڻ ۽ مولانا غلام رسول ڇڄڙو (دادوي) هوندا هئا. عربي تعليم ۽ فارسي جا اڪثر ڪتاب مولوي غلام رسول جن وٽ پڙهيا، جڏهن مولوي صاحب موصوف موڪل تي ويندو هو ته سائين مفتي صاحب جن ڪنري ميمڻ کان پيادل ڪنري شهر ۾ مولانا محمد سليمان رونجهو لس ٻيلائي جن وٽ روزانه بلاناغه سبق پڙهڻ ويندا هئا. اهو سندن علم سان شوق ۽ لڳاءُ هو جو تڪليف کي برداشت ڪري منزل ماڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جان کي جوکو ڏيڻ سان ئي گوهر مقصود ملندو آهي. بقول حافظ شيرازي عليه الرحمة جي: دست از طلب ندارم تا کام من بر آيد ياجان رسد بجانان يا جان زتن بر آيد ”آءٌ سچي طلب کان دستبردار ايستائين نه ٿيندس جيستائين منهنجو مقصد پورو ٿئي يا جان دوستن کي پهچي يا ساهه سرير مان نڪري وڃي.“ حضرت شاهه صاحب رحمة الله عليه به تمام سهڻو چيو آهي: ويٺي وَرِ نه پَوَن، سُتي مِلَنِ نه سُپِرِين، جي مٿي رَندَنِ رُئنِ، ساڄَنُ مِلي تن کي، وِندُرَ جي وَڃَن، سي مَرُ ٻَڌَنِ سَندرا، ٻيون ڪوهه ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون. ڪنري ميمڻ ۾ مسلسل ڇهه سال تعليم حاصل ڪري ان کان پوءِ 1957ع ڌاري سنڌ جي مشهور ديني درسگاهه ’جامعه راشديه‘ درگاهه شريف پير جو ڳوٺ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويا ڇو ته ان وقت جامعه راشديه ۾ ملڪ جا مشهور ماهر عالم ۽ فاضل استاد هوندا هئا. جهڙوڪ مفتي اعظم پاڪستان حضرت مولانا مفتي صاحبداد خان جمالي صاحب، حضرت مولانا مفتي تقدس علي خان صاحب بريلوي، حضرت مولانا محمد علي ازهري، حضرت مولانا ڪريم بخش دايو صاحب، حضرت مولانا عبدالصمد صاحب انهن سمورن جو سرواڻ حضرت مولانا محمد صالح مهر مهتمم جامعه راشديه. اهڙن فياضن استادن پنهنجي فيض سان قبلا مفتي در محمد صاحب جن کي اهڙو ته رڱيو جو رڱجي ريٽو ٿي ويا. پاڻ پنهنجي مسلسل محنت ۽ ڪوشش ڪري درس نظامي جي مروج علوم کي حاصل ڪيائون. درس نظامي سان گڏوگڏ بورڊ جا امتحان مولوي عربي عالم ۽ فاضل به سيڪنڊ پوزيشن ۾ حيدرآباد بورڊ مان پاس ڪيائون. انهي سان گڏوگڏ فتويٰ نويسيءَ جو فن به حضرت مولانا مفتي صاحبداد خان عليه الرحمة جن وٽ سکيا. پاڻ مسلسل چار سال کان به وڌيڪ عرصو جامعه راشديه ۾ زير تعليم رهيا. انهي عرصي دوران مدرسي جي موڪل يا ٻين ڏينهن ۾ ڪڏهن به پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”وروائي“ جا وڃي وڻ نه ڏٺائون، اگر وڃڻ ٿيندو هو ته صرف ڪنري ميمڻ وڃي پنهنجي استادن جي قدمبوسي ڪري واپس مدرسي موٽي ايندا هئا. سن فراغت: آخرڪار پاڻ پنهنجو مقصد ماڻي علوم معقول و منقول حاصل ڪري سال 1962ع ڌاري ’جامعه راشديه‘ مان سندالفراغ حاصل ڪري فارغ ٿيا. فارغ ٿيڻ کان پوءِ چار مهينا کن سڪرنڊ جي مسجد ۽ ڪجهه عرصو مٽياري جي مسجد ۾ امامت ۽ خطابت جي ڊيوٽي سر انجام ڏنائون. آخرڪار استاد العلماء حضرت مولانا محمد صالح مهر مهتمم جامعه راشديه جن جي حڪم موجب 16 اپريل 1962ع ڌاري مدرسي ’صبغة الاسلام‘ سانگهڙ جا استاد مقرر ٿيا. سندن فقه حديث جي سند جيڪا شهدادڪوٽي بزرگن کان ٿيندي مٿي وڃي حضرت علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽي ۽ حضرت علام سعدالدين تفتازاڻي سان وڃي ملي ٿي. اها سَنَد هن ريت آهي: فقه جي سَنَد : اخذ العلوم مولانا مفتي در محمد سکندري من حضرت العلامته المفتي الاعظم باکستان مفتي صاحبداد، وهو جامع المعقول والمنقول صاحب التڪبيرو وحبرالخرير علامه مولانا محمد قاسم وهومن سيد الفقهاءِ مولانا عبدالغفور همايوني وهومن والده خليفه محمد يعقوب وهومن استاذه علامه عبدالحڪيم ڪندوي وهو من استاذه علامه محمد عاقل شاهه المڪمل العينين وطويل الجمتين وهو من استاذه مولانا محمد دائود آگره وهومن العلامته مولانا محمد آريجوي وهومن مولانا قل احمد آريجوي وهومن والده العلامته عبدالله آريجوي وهومن مولانا العلامته عبدالحکيم سيالکوتي وهو سنده المتصل الي العلامته سعد الدين التفتازاني. حضرت مولانا تقدس علي خان صاحب بريلوي شيخ الجامعته رحمة الله عليه جن جي سَند ٻن واسطن سان اعليٰ حضرت مولانا شاهه احمد رضا خان صاحب فاضل بريلوي رحمة الله عليه جن سان وڃي ملي ٿي جيڪا اڳتي هلي (فقهه ۾) حضرت سيدنا عبدالله بن مسعود رضي الله عنه جن جي واسطي سان حضور اڪرم ﷺ جن سان وڃي ملي ٿي ۽ حديث جي سند ۾ محقق حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمة الله عليه جن جي واسطي سان آخر ۾ حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنه جن جي واسطي سان حضور اڪرم ﷺ جن سان وڃي ملي ٿي. درس و تدريس: جيئن ته مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته حضرت قبلا استاد سائين مفتي در محمد سڪندري صاحب رحمة الله عليه جن 1962ع کان باقاعدي سان استاد جي حيثيت سان مدرسي ۾ مقرر ٿيا. درس و تدريس ۾ پاڻ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. شاگردن کي محنت ڪرائي ڪاپيون لکرائڻ، فارسي عربي جا امتحان ڏيارڻ، عربي عبارت کي حل ڪرڻ ۾ مختلف نوعيت جا صرفي ۽ نحوي شاگردن کان سوال ڪرڻ خصوصاً قرآن شريف جي ابتدائي پنجن سيپارن جي ترجمي ۾ سموري نحو ۽ صرف جو دور ڪرائڻ، هر هفتي ۾ جمعي جي رات جو شاگردن کان تقريرون ڪرائڻ، هر هفتي ۾ جمعي جي تربيتي پروگرام مقرر ڪرڻ. اهو دائمي سندن معمول هوندو هو. مهيني ۾ ٽي مهينا اردو ۾ ۽ هڪ هفتو سنڌيءَ ۾ تقريرون ڪرايون وينديون هيون. سندن انهي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو اهو نڪتو جو هن مدرسي مان بهترين مقرر، مدرس ۽ مصنف فاضل پيدا ٿيا. انهن مان چند چيده فاضلن جا نالا هي آهن: مولانا غلام عباس ٻگهيو سڪندري فاضل موصوف امام نووي جي مشهور ڪتاب رياض الصالحين جو سنڌي ترجمو ڪري الراشد اڪيڊمي ڪراچي طرفان شايع ڪيو آهي. ان کان علاوه درس تراويح اردو ۾ به. مولانا عبدالوهاب سڪندري، فاضل موصوف مشڪواة شريف نصف جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري چڪا آهن. اڳتي ڪم هلي رهيو آهي. ان کان علاوه جديد دؤر جي مشهور و مقبول تفسير ضياءُ القرآن جو سنڌي ترجمو درس قرآن جي عنوان سان ماهوار الراشد ۾ ڏيئي رهيا آهن. مولانا استاد سائين علي اڪبر راهمون سڪندري (فاضل موصوف راقم الحروف) جا به عربي جي ابتدائي ڪتابن ۾ استاد رهيا آهن. الله تعاليٰ کين شاگرد کي سمجهائڻ ۽ مطمئن ڪرڻ جو لاجواب ملڪو عطا فرمايو آهي. جڏهن اسان کي پڙهائيندا هئا ته عربيءَ ۾ مضمون لکرائڻ، عربي ۾ تقريرون ڪرائڻ ۽ شاگردن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ تي سٺا سٺا ليڪچر ڏيندا هئا. مولوي محمد ابراهيم نظاماڻي سڪندري صاحب ۽ مولوي محمد ذاڪر سمو سڪندري جن جي ذهانت جو اعتراف قبلا مفتي صاحب جن خود فرمائيندا هئا. مقررن ۾ مولوي اشرف علي جت سڪندري، مولوي جلال الدين درس سڪندري، مولوي غلام عباس سڪندري، مولوي سيد محمد شاهه سڪندري، مولوي شفيع محمد سڪندري ۽ مولوي عبدالحميد چنه سڪندري صاحب جن جا نالا به قابلِ ذڪر آهن. تصنيف و تاليف: درس و تدريس جي اهم فرض سان گڏوگڏ حضرت استاد مفتي صاحب عليه الرحمة جن امام العارفين حضرت سيدنا و مرشدنا سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه جن جي ملفوظات شريف (فارسي) جي چوٿين، پنجين ۽ ڇهين حصي جو سليس سنڌي ۾ ترجمو ڪري حضرت مرشد ڪريم روضي ڌڻي رحمة الله عليه جن جي جماعت تي هڪ عظيم احسان فرمايو آهي. ترجمي ۾ جيڪا روانگي تسلسل آهي، انهيءَ جو سهرو حضرت قبله مفتي صاحب رحمة الله عليه جن جي ئي سر تي سونهين ٿو. ”مدعي کي چئو ته هليو وڃ ۽ حافظ جي اڳيان نڪته بازي نه ڪر. اسان جو قلم به ته (آخرڪار) ڪا زبان ۽ بيان رکي ٿو.“ فتويٰ نويسي: اهو هڪ اهم شعبو آهي هر هڪ جو اهو ڪم نه آهي جو قلم کڻي ويهي خام فرسائي ڪري، بلڪ هيءُ هڪ عظيم منصب آهي جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي، تڏهن وڃي گوهر مقصود ملندو آهي. قرآن ۽ سنت مان مسئلو اخذ ڪرڻ آسان ڪم نه آهي. انهيءَ لاءِ درجن علوم و فنون حاصل ڪرڻا پوندا آهن. حضرت علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه فرمائي ٿو ته انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مؤمن جو سرمايو قرآن ۽ حديث رسول ﷺ آهي مگر انهن کي کما حقه پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ هيٺين علمن کي ڄاڻڻ ضروري آهي: ناسخ، منسوخ حقيقت، مجاز، ظاهر، نص، محڪم، متشابه، مجمل، موؤل ۽ مشڪل وغيره ۽ انهي سان گڏوگڏ اسماء الرجال جو علم رکڻ جنهن جي ذريعي صحيح حسن ۽ ضعيف جي سند کي سمجهي سگهجي، صحت ۽ ضعف جي مرتبن کي معلوم ڪري سگهجي. (ڪشف الرين عن مسئلته رفع اليدين. ص 79) حضرت علامه عبدالاول جونپوري رحمة الله عليه فرمائي ٿو ته مفتي تي واجب آهي ته اهو فتويٰ نقل ڪرڻ وقت معتبر ڪتابن جي طرف رجوع ڪري ۽ هرهڪ ڪتاب تي اعتماد نه ڪري، خاص ڪري فتويٰ جي ڪتاب تي، ڇو ته اهو هڪ وڏي وسيع ميدان وانگر آهي ۽ انهي ۾ هر قسم جا مسئلا هوندا آهن، مگر انهي تي اعتبار تڏهن ڪيو ويندو جڏهن انهي جي مصنف جي حال علمي ڪيفيت کان واقف هجي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب ۾ اهڙو مسئلو ملي جنهن جو وجود معتبر ڪتابن ۾ نه هجي، ته انهيءَ صورت ۾ مفتي تي واجب آهي ته فتويٰ جي معتبر ڪتابن ۾ ڳولي. گهڻي تحقيق ۽ تفتيش کان پوءِ اگر معتبر ڪتاب ۾ ملي وڃي ته بهتر ورنه انهي ڪتاب (يعني غير معتبر ڪتاب) جي موافق فتويٰ ڏيڻ ۾ ڪڏهن به جرائت نه ڪري. مفتي تي اهو به لازم آهي ته مفتيٰ به قولن جي نشانين کي ياد رکي. مفتيٰ به قول هي آهن: 1. وعليه الفتويٰ 2. وبه يفتيٰ 3. وبه ناخذ 4. وعليه الاعتماد 5. وعليه عمل اليوم 6. وعليه عمل الامته 7. وهو الصحيح 8. وهو الاصح 9. وهو الاظهر 10. وهو الاشبه 11. وهو الاوجه 12. وهو المختار 13. وبه جرالعرف 14. وهو المتعارف 15. وبه اخذ علماؤنا. (مفيدالمفتي صه- 91) حضرت قبلا مفتي صاحب جن انهيءَ عظيم منصب کي ماڻڻ لاءِ وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪيائون. کين مفتي اعظم پاڪستان حضرت مولانا مفتي صاحبداد خان جمالي رحمة الله عليه جهڙي مدبر، مشفق ۽ مهربان استاد جي تربيت ۽ صحبت حاصل ٿي. پاڻ طالب علميءَ جي وقت ۾ مفتي اعظم صاحب جن جي فتوائن کي نقل ڪرڻ ۽ سندن خدمت مبارڪ ۾ رهي کانئن فتويٰ نويسي سکڻ ۾ گهڻي محنت ۽ مشق ڪندا هئا، ايتري قدر جو جڏهن صبغته الاسلام ۾ استاد مقرر ٿيا ته ڪڏهن ڪڏهن رات جو عشاء نماز کان پوءِ شاگردن جو دور ٻڌي ”فتاويٰ شامي“ جو مطالعو شروع ڪندا هئا. تان جو صبح جو فجر جي آذان ايندي هئي، آخرڪار انهيءَ محنت جو نتيجو اهو نڪتو جو پاڻ پنهنجي همعصر عالمن ۽ مفتين ۾ ممتاز ليکجڻ لڳا. فتويٰ نويسي جي شروعات: حضرت قبلا مفتي جن جامعه راشديه مان فارغ ٿيڻ وقت به مفتي ٿي فارغ ٿيا هئا. پر هڪ ٻه سال امامت ۽ خطابت يا مدرسي جي ابتدا ۽ شهرت نه هجڻ ڪري ۽ خاص ڳالهه ته ماحول نه ملڻ ڪري فتويٰ نويسي نه ڪيائون، جڏهن عربي ۽ فارسيءَ جا شاگرد اچڻ لڳا ۽ مدرسي جي تشهير به وڌڻ لڳي ته سائلن جي آمدورفت شروع ٿي، پوءِ پاڻ فتويٰ نويسي جي ڪم کي شروع ڪيائون. سندن فتويٰ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ 1965ع کان باقاعدي فتويٰ لکڻ شروع ڪئي اٿن. سندن فتوائون فقهي مسئلن تي مشتمل آهن. انهي ڪري فتوائن جي مجموعي کي فقهي بابن جي ترتيب سان مرتب ڪيو ويو آهي. ترتيب هن طرح آهي: عنوان فتوائن جو تعداد ڪتاب العقائد 1 ڪتاب الصلواة 10 ڪتاب النڪاح 33 باب الرضاعته مع حرمته مصاهرة 9 باب الطلاق 18 باب العدت 2 باب الحضافته 3 باب+ معاملات بين المسلمين 7 باب التعزير 4 باب القصاص 2 باب المسجد والوقف 9 باب الاحياءَ والموات 1 باب متفرق مسائل 11 ڪتاب الفرائض 150 ايءَ نه مارن ريت جئين سيڻ مٽائين سون تي: حضرت قبلا مفتي صاحب جن فتويٰ بغير معاوضي جي (خدا ڪارڻ) لکي ڏيندا هئا، ڪڏهن به ڪنهن کان فتويٰ لکڻ تي پائي به نه ورتائون، اگر ڪو شخص پئسن ڏيڻ تي اصرار ڪندو هو ته چوندا هئا ته بابا! اسان کي توهان جي رپين جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن خدا جي نالي تي ڏيڻ چاهين ٿو ته مدرسي ۾ غريب ۽ پرديسي (زڪواة ۽ خيرات وٺڻ جا مستحق) شاگرد پڙهن ٿا، انهن جي امداد واسطي مدرسي ۾ رقم جمع ڪرائي، ان جي رسيد وٺ. مطلب ته حضرت قبلا مفتي صاحب جن کي الله تعاليٰ جو هيءُ فرمان مبارڪ هميشه پيش نظر هوندو هو ته: وَلَا تَشْتَرُوْا بِاٰيٰتِيْ ثَـمَنًا قَلِيْلًا ”منهنجن آيتن کي گهٽ دام ۾ نه وڪڻو.“ اگرچه متاخرين عالمن سڳورن درس، تدريس، آذان، اقامت، خطابت ۽ فتويٰ لکي ڏيڻ جي عيوض اجرت وٺڻ جي اجازت ڏني آهي ڇو ته اڳيئن زماني ۾ بيت المال مان انهن کي وظيفا ملندا هئا، هن وقت اسلامي حڪومتون ختم ٿي چڪيون آهن اگر اجرت نه ڏني ويئي ته دين جا احڪام صحيح طريقي سان ادا نه ڪري سگهبا مگر قبلا مفتي صاحب جن عزيمت تي عمل ڪندي سلف صالحين جي سنت کي زندهه ڪري اهو ثبوت ڏنائون ته: سون برابر سڳڙا، لون لون برابر لک، رپو جنهن رد ڪيو، ڪوڙ تنهن کي ڪک، مون مارو جو مکُ، تيل نه لائيان تنهنجو. شعر و شاعري: شعر جو شرف ۽ شان ان جي عجيب غريب حالت ۽ شاعرن جي حيرت انگريز خاصيت ۽ فضليت مان ثابت ٿي سگهي ٿو. شعر جو شرف ساڳيو علم جو شرف آهي. علم جي شرف هئڻ ۾ ڪنهن کي به شڪ نه آهي ڇو ته عام قبول پيل ڳالهه آهي. عالم ۽ شاعر لفظي يا لغوي معنيٰ موجب ٻئي برابر آهن. ٻنهي جي اصل معنيٰ ”ڄاڻيندڙ“ آهي. شعور جي معنيٰ ئي ڄاڻ آهي. حضور نبي ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته: ان من الشعر الحکمة. ڪن ڪن شعرن ۾ حڪمت جا راز رکيل هوندا آهن. هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ اچي ٿو ته: الله تعاليٰ جي عرش هيٺيان اهڙا خزانا آهن جن جون چاٻيون شاعرن جون زبانون آهن. عارف بالله مولانا رومي رحمة الله عليه فرمائي ٿو ته: شاعري جز ويست از پيغمبري جا هلا نش کفر دا نند از خري يعني: شعر، نبوت جو هڪڙو جز آهي جيڪي انهي کي ڪفر ٿا ڄاڻن سي گڏهه آهن. شاعرن کي تلاميذالرحمان سڏيو وڃي ٿو. شاعر حقيقت ۾ عوام جو صحيح ترجمان آهي، ڪيترائي عارف عالم ۽ اولياء الله سڳورا دنيا جا عظيم شاعر ٿي گذريا آهن جن پنهنجي الهامي ڪلام سان پنهنجي اندر جا اسرار عوام اڳيان اوريا آهن. انهن جي دل مان نڪتل گفتو ٻڌڻ وارن جي دل تي ايترو ته اثرائتو ثابت ٿيندو آهي جو هنن جي ڪايا ئي پلٽجي ويندي آهي ۽ ڪيفيت ئي بدلجي ويندي آهي. ڪيترائي ٻڌڻ وارا اهڙو مؤثر ڪلام ٻڌي مرغ بسمل وانگي تڙپندا نظر ايندا آهن. استاد سائين حضرت مفتي در محمد سڪندري عليه الرحمة جن به عالَمِ شباب ۾ شعر و شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪئي اٿن، سندن ڪلام جو گهڻو حصو غزلن تي مشتمل آهي جيڪي سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ آهن. ڪلام ۾ تجنيس حرفي، تشبيهه ۽ استعارا عام نظر اچن ٿا. مولوي محمد بخش ناريجو سڪندري صاحب راقم سان هڪ دفعي ڳالهه ڪئي ته حضرت مفتي در محمد عليه الرحمة جن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جن جي ڏهاڙي تي حيدرآباد ڪاليج ۾ شاهه صاحب جي شان ۾ ڪلام چيو. تڏهن حضرت مخدوم امير احمد چيو ته جامعه راشديه ۾ ههڙا به لڪيل لال موجود آهن. پاڻ ڪلام ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيا. سندن ڪلام مان چند غزل نموني طور تي هيٺ ڏجن ٿا: غزل گلبدن گلزار گوهر گڏ گذارين ته به چڱو، تير مزگن جا هڻي مون ڏي نهارين ته به چڱو. روزو شب تنهنجي ملڻ لئي فال پائيندو رهان، هڪ گهڙي پنهنجي عجب مون ساڻ گهارين ته به چڱو. ياد تنهنجي ٿي ستائي دادلا دلدار مون، جي اچي منهنجي مٿي کان مون کي مارين ته به چڱو. عشق تنهنجي ۾ وتان گمراهه گهايل گوهرا، اڄ ڪري مون کي مسلمان يار وارين ته به چڱو. مان اصل کان تنهنجو خادم طوق گردن ۾ وڌم، هاڻ مون کي گود ۾ جيڪر وهارين ته به چڱو. ڏينهن ڏينهان ٿي وڌي هي عشق جي آتش عجيب، جي اچي تون مهربان پڻ پاڻ ٺارين ته به چڱو. آرزو مند جون اميدون ڪر عطا اعليٰ امير، صاحبا! جيڪر ”سنڌي“ کي سنڀارين ته به چڱو. ”در محمد“ جا سخن دلدار دل تي ياد رک، سوز جا مون کي سبق سهڻا سيکارين ته به چڱو. غزل ٿي ٿڌي ٿڌڪار هاڻي يار جي ديدار سان، وئي بهاري اڄ وڌي مون کي مٺي منٺار سان. غم غلامي ٿا ڏين غمگين ناهيان غير جو، در وصال يار ۾ مون کي خوشي غمخوار ميان. اڄ عجيبن جي اچڻ سان عيد اعليٰ اڱڻ ۾، ويا وڄي واڄٽ خوشين جا صحبت دلدار سان. چؤطرف چانڊاڻ ٿي ويئي محب جنهن محلات ۾، سؤ هزارين پيا سڪن هڪ ديد دلبر يار سان. ڪيا قتل ڪهري ڪجل سان مست مون جهڙا مدام، ٿي اچي فرحت اسان کي قاتل سينگار سان. ويا سڙي حاسد حرامي منهنجي رغبت جا رقيب، ٿي هليس هر ناز ۾ پنهنجي پرين پڳدار سان. وٺ رقيب رُوسيه جي اڄ خبر سهڻا سنڌي، پيو رڙي رهزن ڏسي توکي مٺي مختيار سان. ”در محمد“ ۾ اچي وڃ دادلا دلدار تون، ڪر کڻي پنهنجي سبق جو ڌيان هڪ تن تار سان غزل ناز پرور ناز ڇڏ ڪجهه نياز سک اي نازنين، سينڌ ڇڏ سرمون ڀي ڇڏ سينگار ڇڏ اي مَہ جبين. پيار وارا پرت وارا پاڪ بازو پاڪ رُو، پيچ وارا زلف ڪارا ڪر سڌا اي چهره چين. چال بازيون چوسري چوٽي چندن ۾ چؤطرف، چال باقي چور ڪر ڪجهه سک امانت اي امين. ڪجل ڪهري مان ڪجل جي قرب جون ڪانيون ڀري، ٿو ڪهائين ڪاملن کي ڪر ترس اي دل يقين. دام دائم تو دلين لاءِ در مٿي دلبر رکيئي، ڪئين مجاهد ٿو منجهائين مهر ڪر اي مَہ مبين. اڄ عُشاقن کي عجيبا عين سان عاجز ڪيئي، هڪ نه سڌي سؤ هزارين مان ڏسان گواي حسين. ”درمحمد“ ڇڏ سڄڻ کي ڀل ڪري سينگار سؤ، ٿي ٿئي دل کي بهار دلربا اي دم حزين. ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي عام آزادي ملي. ان موقعي تي سائين مفتي در محمد عليه الرحمة ”يوم سنڌي زبان“ جي نالي تي هڪ غزل ٺاهي پنهنجي مادري زبان سان هن ريت محبت جو اظهار ڪيو: غزل ڏس معجزو سنڌي زبان سنڌي زبان آزاد ٿي، ديس وارا خوش نما دل درد واري شاد ٿي. قوميت زندهه رهي ٿي جي زبان زندهه رهي، اڄ زبان آزاد ٿيندي سنڌي آباد ٿي. قرب وارن قربداري ڪئي اسان جي ڪامياب، شل رهن آباد سهڻا جن سندي امداد ٿي. ننڊ نيڻن جي ڦٽي ويئي قهر جي قانون مان، جن ڪيو قانون قائم تن شڪل برباد ٿي. ”جس زبان کا هي خدا حافظ و نگهبان هر زمان“، ان کي ڪنهن جي آهه پرواهه شاد ۽ آباد ٿي. ”در علائقه سند سندهي ميکنند شيرين کلام“، حاسدن جي حسد کان آ زندگي بغداد ٿي. ٿي دعا سائل گهري هر دم ڪرڻ زندهه زبان، لاتقنطوا من رحمة الله آيت عالي الامداد ارشاد ٿي. سوز مان ”سنڌي“ سدائين ڪر شڪر شاهِه عُليٰ، ڪر زمين زرخيز پنهنجي پاسبان استاد ٿي. ”در محمد“ دلربا دل ساڻ ڪر آهه و فغان، نعره تڪبير چئي الله سان اتحاد ٿي. غزل لڳائڻ نينهن نازڪ سان وري آهي لڪڻ ڇا جو، ڪرڻ اڌ رات جون ڳالهيون وري آهي ڇپڻ ڇا جو. حسينن سان ڪري محبت ڪرڻ آ عشق کي اعليٰ، ڪري اظهار الفت جو وري آهي روئڻ ڇا جو. مدامي محب سان ميلو ڪرڻ رمضان ۾ قائم، ڪري عيدون عجيبن سان وري آهي رسڻ ڇا جو. ملائي هٿ هٿن ۾ اڄ ڪجي ٿو سير سبحاني، هلڻ حبدار سان همدم وري آهي رلڻ ڇا جو. عجيبن جي اکين سان اک ملائي رات ڪئي راضي، نيازن ۾ ڪري نيازي وري آهي نمڻ ڇا جو. سدا سيني کي سيني تي رکي سرهو ٿجي سارو، اها آهه انتها محبت وري آهي کلڻ ڇا جو. وڌائي عشق کي اڳتي لڳايئي لب لبن تي ڀي، مزو محبت ملئي توکي وري آهي ڪڇڻ ڇا جو. صفا ڪر صبر اي سنڌي اڃان ڪجهه بات ٻي آهي، بلند بالا پروڙڻ کان وري آهي لکڻ ڇا جو. دوامي ”در محمد“ ڀي ڪري ٿو قرب جي ڪوشش، ڪنارو تو ڪيو جنهن دم وري آهي ڪهڻ ڇا جو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جن جي ڏهاڙي 1960-08-16 تي اورنٽيئل ڪاليج حيدرآباد ۾ حضرت مفتي در محمد عليه الرحمة شاهه صاحب عليه الرحمة جن جي شان ۾ هيٺيون غزل چئي حاضرين مجلس کان خوب داد حاصل ڪيو: غزل حمد لله ڪيو مُزيّن سنڌ کي سردار شاهه، ٿي اچي بادل بهاري هڪ سڄڻ سينگار شاهه. موج ۾ مهراڻ آهي شوق سيد جي ڪري، ٿو اڀاڙي باغ بستان گل ڪري گلزار شاهه. لطف تنهنجي سنڌ جا اسان کي ڪيا سرها لطيف، ٿا پڙهن تنهنجو رسالو روز، شب منٺار شاهه. آهين تون استاد عالم شاعرن جو شاهه تون، ٿا اچن طالب گداگر برهه جا بيمار شاهه. فيض ۾ فياض آهين گوهر يڪتا عجيب، دل گهريا دلبر اسان جا دادلا دلدار شاهه. ايس. او ڪاليج ڀي آ منتظر ماههِ لقا، ڪَر اچي آغاز مجلس تنهن سندو مختيار شاهه. ”در محمد“ ٿيو سدا تنهنجو ثناگو صاحبا! آرزو مند ٿو رهي دائم دلي دربار شاهه. غزل عجيبا عيب لَکَ آهن توهان جي دُر محمد ۾، دفع دلبر ناهي تن جي آهي اميد احمد ۾. هزارين دَر محمد تي اچن عصيان وارا ٿا، ڪرائي بخش تن کي ٿو غرق سلطان صمد ۾. عجيبا هي عرض آهي ڇڏايو قيد خانن کان، سدائين ٿو رهي سنڌي مُقيّد قيد ڪمند ۾. قريبا! قرب ۾ پنهنجي سان قرين ڪر قرب واري کي، مُدامي مست ماندو آ تنهنجي جادو، جمند ۾. عزيز! ڪر عزيزي کي عزيزن ۾ عزيز اعليٰ، دلي هي داستانو آهه تنهنجي دربار دلبند ۾. حضور اڪرم ﷺ جن جي آمد مبارڪ جي خوشي ۾ فارسي ۾ چيل هڪ غزل بعنوان ”آمدن آقاءِ عالم ﷺ“ جنهن ۾ حضرت قبلا مفتي صاحب عليه الرحمة جن جي فارسي داني جو پتو پوي ٿو ته جيترو فارسي نثر ۾ لکڻ جو کين ملڪو قدرت ڏنو آهي. اوترو ئي فارسي نظم ۾ اهو ملڪو قدرت واري کين عطا ڪيو آهي. هي غزل 8- سيپٽمبر 1960ع ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج ۾ چيو ويو. اهڙي ريت قبلا مفتي عليه الرحمة جن اردو شاعري ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. هيٺ ڏنل غزل مان سندن اردو دانيءَ جو پتو پوي ٿو: حضرت قبلا مفتي در محمد عليه الرحمة جن پنهنجي استاد حضرت علام مولانا مفتي صاحبداد خان جمالي عليه الرحمة شيخ الجامعه راشديه درگاهه شريف جن جي وصال مبارڪ تي هيٺيون قطع تاريخ چيو اٿن. تاريخ وفات حسرت آيات عمدة الفضلاء زبدة الفقهاء حضرت مولانا الحاج مفتي محمد صاحبداد صاحب رحمة الله عليه مفتي اعظم پاڪستان و شيخ الجامعه الراشديه يکم جمادي الاول 1385هه 29 آگسٽ 1965ع بشب يکشنبه. 55 13 30 85 13 ڪسر نفسي: پاڻ کي گم ڪرڻ، وجود کي وڃائڻ، انا کي ختم ڪرڻ پنهنجي قابليت تي ناز ڪرڻ وغيره اهي تمام ڏکيا ڪم آهن. هرهڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي. ها ڪي الله جا ٻانها آهن جيڪي هٺ ۽ وڏائيءَ کي ختم ڪري نوڙت ۽ نياز سان پيش ايندا آهن، انهي خاص خاصيت جا حضرت قبلا مفتي صاحب جن مالڪ هئا. جو پاڻ کي ڪڏهن به ظاهر نه ڪيائون. جيڪڏهن وٽن ڪو سائل فتويٰ لاءِ ايندو هو ته ان کي چوندا هئا ته بابا مفتي صاحب اهو مولوي آهي (مدرسي جي ڪنهن وڏي شاگرد ڏانهن اشارو ڪندي) باقي آءٌ ته مدرسي جو خادم آهيان، ٻهاريدار آهيان. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه شايد اهڙن ٻانهن لاءِ چيو آهي: ڀَڪُلِيا ڀوڻَنِ، ڌَڙَ کي گڏِيو ڌوڙِ ۾، ڳالهيون ڳهَلِي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئي نه ڪَنِ، ڪامُلِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جي ڳالهَڙي. حاضر جوابي: ڳالهه ٻڌڻ سان ٺهه پهه جواب ڏيڻ اها به هڪ قدرتي ڏات آهي. حاضر جوابيءَ جو ملڪو به حضرت قبلا مفتي صاحب جن کي الله سائين عطا ڪيو هو جو پاڻ ڳالهه ٻڌڻ سان مخاطب کي ٺهه پهه جواب ڏيندا هئا. هڪ دفعي راقم الحروف جي فراغت پوءِ مولوي فضل الرحيم سڪندري مهراڻ راقم جو هم سبق ساٿي مدرسي ۾ آيو. حضرت قبلا مفتي صاحب جن فرمايو ته مولوي صاحب ڪنهن مدرسي ۾ وڃي پڙهاءِ پڙهائڻ سان علم وڌندو آهي. تنهنجي والد حاجي محمد سليم صاحب جڏهن توکي مدرسي ۾ ڇڏيو هو. تڏهن چيو هئائين ته هيءُ منهنجو ڇوڪر دين جي حوالي آهي سو تون به هاڻي وڃي ڪنهن مدرسي ۾ دين جي خدمت ڪر. مولوي صاحب موصوف چيو ته سائين معاش جو مسئلو آهي. قبلا مفتي صاحب جن ٺهه پهه وراڻيو ته معاد (يعني مَري قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي دربار ۾ پيش ٿيڻ) جو به مسئلو آهي. هڪ دفعي سانگهڙ شهر مان ڪنهن جلسي تان رات جو واپس موٽندي ايم. اي جناح روڊ تان مدرسي ڏانهن وڃي رهيا هئاسون، سامهون ڪار اچي رهي هئي. راقم عرض ڪيو ته سائين! ڪار اچي رهي آهي. پاڻ ٺهه پهه جواب ڏيندي چيائون ته پَتِ اسان به آهيون (ڪار پَتِ اهو سنڌيءَ جو محاورو آهي) سندن حاضر جوابي به ضرب المثل آهي. سماجي خدمتون: سماجي خدمتن جي حوالي سان حضرت قبلا مفتي صاحب جن پنج سال کن ضلعي سانگهڙ ۾ زڪوات عشر ڪميٽيءَ جا چيئرمن مقرر ٿيا. چيئرمنيءَ جي دوران لکن جي تعداد ۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ لکن جي حساب سان پئسا ۽ سلائي جون مشينون ورهايون پر پاڻ ڪنهن به ماڻهوءَ کان ڪو تحفو يا هديو وغيره قبول نه ڪيائون ۽ نه وري زڪوات واري رقم کي ڪڏهن پنهنجي ذاتي ڪتب ۾ آندائون. پاڻ پنج سال ديانتداريءَ سان اها ڊيوٽي سر انجام ڏنائون. مفتي صاحب سانگهڙ جي عوام ۾ چيئرمنيءَ دوران زڪواة ورهائيندي، 1986ع حج جي سعادت: وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجو جي دؤر حڪومت ۾ حضرت قبلا مفتي صاحب جن کي گورنمينٽ پاڪستان جي طرفان حج تي موڪليو ويو. انهي ڪم ۾ مولوي حاجي عبدالغني کوسو سڪندري سابق خطيب جامع مسجد سانگهڙ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو هن طرح ته وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ميرپورخاص دؤري تي آيل هو، حج جي ويزا بند ٿي چڪي هئي مولوي حاجي عبدالغني کوسو صاحب، حاجي محمد حنيف طيب جي معرفت وزيراعظم صاحب سان پاڻ ملاقات ڪري حضرت قبلا مفتي صاحب جن جو تعارف ڪرائي حج جو آرڊر وٺرائي ڏنو. پاڻ اسپيشل پرواز ذريعي ذوالحج جي پهرين تاريخ 1406هه مطابق 1986ع ڪراچيءَ کان حجاز مقدس پهتا. حج جا ارڪان خير سان ادا ڪري روضئه رسول ﷺ جي حاضري ڏنائون، اتي چاليهه نمازون ادا ڪري خير سان واپس ايڪيهين ڏينهن ۾ پنهنجي وطن پهتا. وري 1988ع ۾ پنهنجي خرچ سان عمري جي سعادت کان مشرف ٿيا. مدرسي ’صبغة الاسلام‘ لاءِ زندگي وقف: حضرت قبلا مفتي صاحب جن پنهنجي سموري زندگي مدرسي لاءِ وقف ڪري ڇڏي جو پاڻ همه وقت درس و تدريس ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾ مشغول رهيا. رات جو يارهين بجي تائين ويهي شاگردن کي پڙهائڻ ۽ انهن جي نگراني ڪرڻ خاص مشغلو هوندو هو اگر ڪنهن ڪم سانگي ڪيڏانهن وڃڻ ٿيندو هو ته واپسيءَ ۾ رات جو مدرسي ۾ اچي پنهنجو مقرر وقت (يارهين وڳي تائين) رهي ان کان پوءِ مدرسي جي ڪنهن طالب علم سان گڏجي گهر ويندا هئا. صبح جو فجر نماز مسجد ڪوثر مدرسي ۾ جماعت سان اچي پڙهائيندا هئا. انهيءَ استقامت ۽ استقلال، محنت ۽ جدوجهد جو سندن استاد ۽ هم عصر عالم به اعتراف ڪندڙ آهن. جهڙي طرح سندن مشفق ۽ مهربان استاد مولانا مولوي محمد صالح رحمة الله عليه سابق مهتمم جامعه راشديه درگاهه شريف تاثراتي نوٽ بڪ ۾ لکي ٿو: جناب مفتي در محمد صاحب جنهن استقلال ۽ پامردي سان تعليم ڏيئي مدرسي کي شاندار رونق بخشي آهي، اهو سندن ئي حصو آهي ۽ صد ها مبارڪن جا مستحق آهن الله سائين کين خضري عمر بخشي ۽ هميشه مدرسي کي فيضاب ڪندي شاد آباد رکيون اچن. (تاثراتي نوٽ بڪ 11 اپريل 1975ع مطابق 28 ربيع الاول 1395هه) سندن همعصر عالمن جا تاثرات: مولانا مولوي عبداللطيف ٺٽوي خطيب جامع بادشاهي مسجد ٺٽو، پنهنجي تاثرات ۾ لکي ٿو ته: اڄ مون تاريخ 30 جمادي الآخر سنه 1401هه مدرسه ’صبغة الاسلام‘، سانگهڙ شاخ جامعه راشديه جو معائنو ڪيو، منجهس عربي مدرسن ۽ حافظن خاص ڪري محترم المقام محبي مولانا در محمد صاحب صدر مدرس جي سرجوشي ۽ جذبئه خلوص دينيءَ کي ڏسي آفرين چوان ٿو. هن قحط الرجال جي زماني ۾ وري بحمده تعاليٰ خدا پاڪ جي عباد الله المخلصين مان عالم رباني پيا آهن. جيڪي پنهنجي ضروريات جي باوجود دنيا جي ڪاروبار کان پاسيرا ٿي لوجه الله، الله پاڪ جلالہ جي دين متين ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي اسوة حسنه کي رواج ڏيڻ لاءِ پنهنجون عمريون وقف ڪري حتيٰ الوسع ديني خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. زينت القراء قاري طفيل احمد نقشبندي رحمة الله عليه پنهنجي تاثرات ۾ لکي ٿو ته: فقير اڄ قاري بشير احمد ۽ مسٽر الٰهي بخش مئنيجر محڪمہ اوقاف سان گڏ مدرسي صبغة الاسلام جو معائنو ڪيو ۽ زير تعمير مسجد (ڪوثر) ۾ مغرب جي نماز ادا ڪئي، بعد ۾ طالبن کان قرآن پاڪ جي تلاوت ٻڌڻ جو موقعو مليو. ماشاءَ الله اهڙي ماحول ۾ اهڙي جڳهه تي قرآن پاڪ جي تعليم تجويد سان ۽ ان سان گڏوگڏ درس نظامي جو انتظام، اهو سمورو مدرسي جي معاونن جي ڪاوشن جو نتيجو آهي. خصوصاً مولانا در محمد صاحب جيڪي هن مدرسي جا صدر مدرس آهن، انهن جو بي لوث ۽ پر خلوص محبت جو نتيجو آهي. سيد غوث محمد شاهه مدرسو مظهر آهي. الله تعاليٰ انهن جي ڪوششن کي بار آور فرمائي. آمين ثم آمين. 1968-07-05 مولانا عبدالله ملڪاڻي دادوي پنهنجي تاثرات نوٽ ۾ لکي ٿو ته: هن عاجز جو سانگهڙ ۾ اچڻ ٿيو خاص ڪري حضرت پير سائين پاڳاري جن جي مدرسي صبغة الاسلام جي ڏسڻ ۽ جناب حضرت مولانا مولوي درمحمد سڪندري صاحب جن جي زيارت لاءِ ويس. مولوي (در محمد صاحب) روحي تزڪيه ۾ سهڻا نظر آيا پڙهائيءَ جو ڪم به تمام زور شور سان هو، ڏسي دل کي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي. اڳتي به الله تعاليٰ ۽ محبوب ڪريم ﷺ جن کي پارت آهي. شکر الله که عبدالله هستم بدامانِ محمد دستم عبدالله ملڪاڻي دادوي 14 شوال المڪرم 1394هه 31 آڪٽوبر 1974ع مفسر قرآن مناظره اسلام حضرت مولانا محمد فيض احمد اويسي پنهنجي تاثرات ۾ لکي ٿو ته: فقير اويسي عفرله اڄ ڇنڇر جي ڏينهن جامع مسجد ٽنڊوآدم جي فيصلي جي سلسلي ۾ هتي درالعلوم صبغة الاسلام جي حاضري ڏني، (هتي) سلف صالحين جو پراڻو طريقو ڏٺو. حضرت مولانا مفتي در محمد صاحب ۽ ان جا رفيق مبارڪباد جا مستحق آهن جو انهن عربي علومن جي اضافي ۾ سٺي محنت ڪئي آهي. فقير جي دعا آهي ته هيءُ دارالعلوم وڌيڪ وڌي ۽ ويجهي. فقط الفقير القادري محمد فيض احمد اويسي عفرله بهاولپور حال وارد دارالعلوم صبغة الاسلام 13 جمادي الاوليٰ 1398هه بمطابق 22 اپريل 1978ع حضرت پير سائين سيد صبغة الله شاهه ثاني شهيد رحمة الله عليه جن جو منشي محمد پريل ساڱري پنهنجي تاثراتي نوٽ ۾ لکي ٿو ته: اڄ اتفاق سان مدرسي صبغة الاسلام ۾ اچڻ ٿيو. جناب مفتي در محمد صاحب کان مدرسي جا حالات ٻڌي ڏاڍي دل کي خوشي حاصل ٿي. مدرسي ۾ مسافر طالب ۽ شهر جا (طالب) تعليم وٺي رهيا آهن. مدرسي جي لائبريري ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. خدا تعاليٰ مفتي صاحب کي توفيق عطا فرمائي. هن صاحب جي ڪوشش سان مدرسو هن منزل تي پهتو آهي. انشاء الله تعاليٰ اڳتي به ترقي ڪندو رهندو. منشي محمد پريل ساڱري حضرت پير سائين پاڳارو تاريخ 22 اپريل 1983ع خطيب پاڪستان مناظر اسلام حضرت مولانا مفتي عبدالرحيم سڪندري صاحب پنهنجي تاثراتي نوٽ ۾ لکي ٿو ته: اڄ 3- جولاءِ 1991ع بروز اربع مدرسه صبغة السلام جي معائني لاءِ اچڻ ٿيو. الحمد الله مدرسي ۾ شاگردن جو تعداد ڏسي خوشي ٿي. استاد صاحبان رات ڏينهن محنت سان ديني تعليم ڏيئي رهيا آهن. مدرسي جي عاليشان عمارت ۽ لائبريري پڻ قابلِ ديد آهي. حضرت مولانا مفتي در محمد سڪندري صاحب جن مدرسي جا بهترين استاد ۽ مفتي آهن. جن هن مدرسي کي سنڌ جي مشهور مدرسن جي لسٽ ۾ ممتاز مقام تي بيهاريو آهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته شال هي ديني درسگاهه مسلڪ اهل سنت ۽ دين اسلام جي هميشه خدمت سر انجام ڏيندو رهي ۽ مفتي صاحب کي پڻ الله تعاليٰ خضري حياتي عطا فرمائي ۽ سندس فيض کي جاري وساري فرمائي. آمين. بجاه حبيبه الکريم (مفتي) عبدالرحيم سڪندري ميمبر صوبائي زڪواة ڪائونسل صوبه سنڌ تاريخ 3 جولاءِ 1991ع محترم فقير محمد عاقل هڱورو پنهنجي تاثراتي نوٽ ۾ لکي ٿو ته: اڄ 8 جولاءِ مدرسي (صبغة السلام) جو معائنو ڪيو ويو. مفتي در محمد صاحب تمام محنت سان هن ديني اداري جي خدمت ڪئي آهي. مدرسي جي جڳهه جي اڏاوت جو ڪم به زور شور سان هلي رهيو آهي. مفتي صاحب در محمد جون ڪوششون قابل ستائش آهن. هر ديندار ماڻهو کي هن اداري سان تعاون ڪرڻ کپي. فقير محمد عاقل هڱورو وزير مواصلات، حڪومت سنڌ 1986-07-08 مدرسي صبغة الاسلام مان فارغ ٿيل فاضلن جو تعداد هونئن ته مدرسه صبغة الاسلام مان ديني تعليم حاصل ڪرڻ وارن جو تعداد ته تمام گهڻو آهي جيڪي طالب ناظره قرآن شريف، فارسي يا ابتدائي عربي تعليم حاصل ڪري ڪن سببن جي ڪري دوران تعليم مدرسو ڇڏي هليا ويا. باقي باقاعدي ”درس نظامي“ جو ڪورس مڪمل ڪري فارغ التحصل ٿيا، انهن فاضلن جو تعداد ڇائيتاليهه آهي. زندگيءَ جو آخري گهڙيون: حضرت استاد قبلا مفتي صاحب عليه الرحمة پنهنجي عمر جي آخري ڏينهن ۾ ڪافي بيمارين ۾ مبتلا رهيا. جهڙوڪ: نظر جي ڪمزوري، دماغ، فالج ۽ گردن جي تڪليف، دماغ ۽ اکين جو آپريشن ڪرايو ويو مگر فائدو نه ٿيو پر هن الله جي ڪامل ٻانهي جي زبان تي ڪڏهن به بي صبري ۽ شڪوه ۽ شڪايت جو لفظ نه آيو. جڏهن به کانئن ڪو طبيعت پڇڻ لاءِ ايندو هو ته فرمائيندا هئا ته ”الله تعاليٰ رحم فرمائيندو“. آخري ڏينهن ۾ فالج جي ڪري تقريباً اڍائي مهينا سندن زبان مبارڪ ڳالهائڻ کان بند رهي. تاريخ وصال: 11- محرم الحرام جي ڏينهن ساهه ۾ ڪجهه وڌيڪ تڪليف ٿي جڏهن ڊاڪٽرن سان انهي جي باري ۾ مشورو ڪيو ويو ته انهن جواب ڏيئي ڇڏيو. 12- محرم الحرام 1422هه مطابق 7 اپريل 2001ع صبح جو سوير مدرسي جا شاگرد سندن خدمت ۾ حاضر ٿي يٰسين سڳوري جو ورد ڪرڻ لڳا. آخرڪار ساهه ۾ جيڪا گهڻي تڪليف هئي، اها ختم ٿي ويئي. ٺيڪ ٻارهين وڳي ويهن منٽن تي سندن روح مبارڪ قفص عنصري مان پنهنجي اصلي ماڳ ڏانهن روانو ٿي ويو. اِنَّا لِلّٰهِ وَاِنَّآ اِلَيْہِ رٰجِعُوْنَ هرگز نميرند آنکه دلش زنده گشت بعشق ثبت است برجريده عالم دوام ما جنازي جي نماز: سندن وصال مبارڪ جي خبر سموري ملڪ ۾ هوا وانگر پکڙجي ويئي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سندن ساٿي عالم سڳورا، شاگرد ۽ عقيدتمند اچي حاضر ٿيا. سندن جنازي جي نماز حضرت پير سائين سردار جن جي ٿَلهي مبارڪ تي سومهڻي نماز کان پوءِ ادا ڪئي وئي. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن سندن جنازي ۾ شرڪت ڪئي. نماز کان پوءِ سندن خاڪي جسد کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”وروائي“ ڏانهن ايمبولنس جي ذريعي نيو ويو. اتي ٻيهر سندن نماز جنازه ادا ڪئي ويئي. ان کان پوءِ سندن اباڻي قبرستان ۾ کين دفن ڪيو ويو. واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس، گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس، ڏج ڏاڏاڻين ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس، مُيا ئي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي. * * * * بعد از وفات ترتِ ما در زمين مجوي، در سينه هائي مردم عارف مزارِ ما است. قطع تاريخ وصال: سندن وفات تي قدوة العارفين عمدة الصلحاءِ حضرت خواجه الحاج محمد ابراهيم جان ”خليل“ سرهندي عليه الرحمة جن هيٺيون قطع تاريخ وصال چيو: کل من عليها فان ويبقيٰ وجه ربک ذوالجلال والاکرام موت العالمِ موت العالَم قطع تاريخ وفات حضرت علامه در محمد صاحب برد الله مضجعه و نور مرقده. بي بهادر در محمد هو. ڪين جهڙس ٿيو ڪو درخشان. موت عالِم موت عالَم جو. وائي وڇڙيو اسان کان جانِ جهان. پورا چاليهه سال عمر عزيز. جنهن ڪئي علم دين تان قربان. علم ۾ هو امام رازي عهد. منجهه غوامض غزالي دوران. هئي محرم جي ٻارهين تاريخ. به فضل و ڪمال ٿيو پنهان. ڇائيتاليهه فارغ التحصيل. ڪيئن بنيا اهو ڪم نه هو آسان. جنهن جَٿن کي پڙهائي ڪيو عالم. اهو هو ڪو عجيب و عظيم انسان. هر زبان ان جي وصف ۾ مشغول. ڇا ڪندي وصف منهنجي هڪڙي زبان سال رحلت پڇيو مون هاتف کان. ان چيو هادي عظيم الشان. 1422هه سرمد چانڊيو تحقيق شيخ اياز ۽ سنڌي ٻولي سنڌي جو ”مهان ڪوي“ وارو اعزاز، ڪو رات وچ ۾ جادو واري چڙهي جو ڪمال ناهي، پر اهو شيخ اياز جي ڪَوِتا ڪلا جو ڪمال آهي، جو پاڻ ”مهان ڪوي“ جو اعزاز حاصل ڪيائون. اسين جڏهن شيخ اياز جي شاعري جو جائزو وٺنداسين ته پوءِ اسان کي خبر پوندي، ته هو ڪيترو وڏو مهان شاعر آهي. شاهه سائين جي ڪلام کي جيئن اسان جي نقادن نثر ۾ پلٽي شاعري جو نقصان ڪيوتيئن هن اڏول انسان جي فن سان به گهٽ ناهي ڪيو ويو. شيخ اياز جي شاعري جو اڀياس ڪري، ان جي فن ۽ فڪر کي به پهرين نقادن جيان ”منشر“ ڪيو ويو. خاص ڪري محمد ابراهيم جويي جيڪي مهاڳ لکيا، اهو سڀ ڪجهه شيخ اياز جي شاعري ۾ موجود آهي، ان شاعري کي نثر ۾ پلٽڻ جي ضڙورت ڪهڙي هئي؟ خير سائين محمد ابراهيم شاعري کي اشتهار بخشو يا نه، پر شاعري پنهنجي هيئيت ۽ فن ۾ موجزن آهي ۽ رهندي. شاهه سائين جو مطالعو ڪندي، فن جي اعليٰ بلندين تي پهچڻ کان پوءِ محسوس ايئن ٿو ٿئي ته هاڻي ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ ڪا زمين تي رهيل ناهي، پر جڏهن شيخ اياز جو مطالعو ڪجي ٿو، ته ان نه صرف اهي ڇنڊ نڀايا جيڪي پٽ ڌڻي پنهنجي ڏات جو ڏانءَ بنا ها، پر گهڻو اڳتي نڪري شيخ اياز ورنڪ ڇدن جو استعمال ڪيو. شاهه سائين وٽ صرف ماترڪ ۽ دنڊڪ ڇندن جو استعمال هو، هن جيڪي ورنڪ ڇند شاعري ۾ آندا، انهن ڇندن جي رواني ۽ ردم سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نئين موسيقي ۽ نئون ردم بخشيو. هن بحث م شاهه سائين جي ماترڪ ۽ دنڊڪ ڇندن کان هٽي ڪري، هتي صرف شيخ اياز جا اُهي ڇند ڏبا جيڪي سنڌي ٻولي لا3 وڏو اعزاز بڻيا ۽ اهي ورنڪ ڇند آهن. جن جو استعمال شاهه سائين جي شاعري کان هٽي ڪر پوئين دور جو فن آهي. ڏسو شيخ اياز جا ڪجهه ورنڪ ڇند هئه ئه منهنجي چولڙي! ڌوءَ نه ڌوٻي گهاٽ تي! (شيخ اياز) هتي هيءَ ڳالهه واضه ڪندو هلان، ايئن ناهي ته شاهه سائينءَ ماترائن وارا سڀ ڇند ڪم آندا آهن، پر اهي ورنڪ انداز ۾ ناهن، اهي ماترڪ انداز ۾ نڀايل آهن. ورنڪ ڇند اهو هي جيڪو ڪنهن خاص اصول تحت نڀايو وڇي، ان جاگُڻَ مختلف نه هجن. هاڻي اچو ته شيخ اياز جي شاعري جو ڇيد ڪريون! ڇيد – هئه هئه منهنجي چولڙي! سگُنُ سگُنُ رگُن، 4 4 5= 13ماترا، -ڌوءُ نه ڌوٻي گهاٽ تي! ڀگُنُ ڀگُنُ رگُنُ وچور:- 6 گُنَ،26 ماترا ٻه ڪَوِ تاپد، دگمبري ڇند- هن ند جو وَرَنُ اوهان کي پهريان واري سنڌي شاعريءَ ۾ ڪونه ملندو. جيئن آئون مٿي بحث ڪري آيو آهيان ته، شاهه سائين 26 ماترا سمورا ڇنڊ نڀايا ضڙور آهن، پر ورنڪ انداز ۾ ناهن نڀايا، شيخ اياز پنهنجا اصول جوڙي، پاڻ انهن اصولن پٽاندر هليو، هن دگمبري ڇند ۾ اها نواڻ پيدا ڪئي ته هن ڇند کي سَوَ يا ”چندن جي نموني نڀايو. خاص ڪري سومان سَوَيا“ جيان- اوهان کي خبر آهي ته ”سُمانَ سَوَ يا ڇند“ 16+ 16 ماترا جو ڇند نڀايا ضرور آهن، پر ورنڪ انداز ۾ ناهن نڀايا- شيخ اياز پنهنجا اصول جوڙي، پاڻ انهن اصولن پٽاندر هليو. هن دگمبري ڇند ۾ اها نواڻ پيدا ڪئي ته هن ڇند گي سَوَ يا ”ڇندن جي نموني نڀايو. خاص ڪري سُمان سَوَيا“ جيان – اوهان کي خبر آهي ته ”سُمانَ سَوَ يا ڇنڊ“ 16+ 16 ماترا جو ڇند آهي، شيخ اياز ساڳيو اصول دگمبري ڇند ۾ آڻي پنهنجي شعر ۾ هڪ نرالو ردم پيدا ڪيو. اها هڪ ماهر ۽ استاد شاعر جي خوبي آهي. جو هُو پنهنجا نوان اصول واضح ڪري ۽ لاڳو ڪري. هن ڇند ۾ شيخ اياز سَگُنُ، سَگُنُ، رَگُنُ ۽ ڀَگُنُ، رَگُنُ، اهڙي طرح نڀايا آهن، جوهر پڙهندڙ کي ريس ٿي اچي ته ڪاش آءُ، به اهڙا اصول جوڙي هلان. هو شيخ اياز جو فني ڪمال آهي. هاڻي اچو ڏسون ته شيخ اياز ”سُمان سويا“ ڇند ڪيئن ورنڪ اصولن پٽاندر نڀايو آهي. منهنجا دوست هتي هيءَ وضاحت به ڪندو هلان ته شاهه سائين به ”سُمان سَوَيا، ڇند ڪم آندو آهي، پر ماترڪ ڇندن جي اصولن پٽاندر. ڏسو شيخ اياز جو ”سُمان سَوَيا ورنڪ انداز ۾، سڀ ڪا مومل سڀ ڪو راڻو: پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي. (شيخ اياز) ڇيد- سَڀَ ڪا مُومَلَ سَڀُ ڪو راڻو، سَگُنُ ڀگُنُ سگُنُ ڀگُنُ 4 4 4 4 4= 16 ماترا، پَنهِنجِي پَنهِجِي ڪاڪِ سَڀِنِ کي- سَگُنُ ڀگُنُ سگُنُ ڀگُنُ 4 4 3 4 5= 16 ماترا، وچور:- 8 گُنَ، 32 ماترا، 2 ڪوتاپد، سُمان سَوَيا- هتي اها وضاحت به ضڙوري آهي، ته آخري پد جي آخري گُنُ ٽوڙي سِين، ٽئين گُنَ سان ملائبو ته ڀگُنُ ۽ سگُنُ، گُڏ، ٺهي پوندا، پر سنڌي ”چندو ديا“ جو اهو اصول آهي ته ڪنهن به شبد يا لفظ کي ڇيد ۾ ٽوڙي ”ڀنگ دوش“ نه ڪريو. سمجهڻ وارو سمجهي ويندو. هن سَوَيا ۾ به شيخ اياز ورنڪ اصول نڀايا آهن. سگُنُ ڀگُنُ، وري پوئين پد ۾ به ساڳيو نيم نمونو آهي سگُنُ، ڀگُنُ سگُنُ، جيئن 4x4 = 16 وري 4x16 ماترا- اهو فني سٽاءُ يا ڪمال شيخ اياز کان پوءِ سنڌي شاعري م داخل ٿئي ٿو. هن ئي ”سَوَيا“ کي شيخ اياز ٻئي نموني به نڀايو آهي، اچو ته ان بلند چوٽيءَ جو نظارو به به ڪريون. ڌرتي ماءُ! صدين جو ساءُ: وساريان ڪيئن، وساريان ڪيئن؟ ڇيد – ڌَرِتيِ ماءُ! سگُنُ سارگُنَ 4 3=7 ماترا، - صدين جو ساءُ يگُنُ سارگُنُ 5 3= 8 ماترا وِسارِيان ڪيئن، وساريان ڪيئن؟ يگُنُ سارگُنُ يگُنُ سارگُن 3= 16 ماترا- وچور: 8 گُنَ، 31ماترا، 3 ڪَوِ تاپد، سُمانَ سَوَيا، يا بوِ ير ڇند شيخ اياز جيڪا ڳالهه پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪئي آهي، ته ”شاعر بحر ۽ وزن ٺاهيندا آهن. بحر ۽ وزن ڪو به شاعرُ پيدا ناهن ڪندا. اها حقيقت آهي. هتي اسان جيڪڏهن هَن گيت کي سُمانَ سَوَيا“ ۾ آڻينداسين ته پهرين پد ۾ ”اي ڌرتي ماءُ“ سمجهڻ گهرجي، جيڪڏهن نه ان گيت کي ”ويرڇند“ ۾ آڻينداسين ته اها اڃا به وڏي ڳالهه ٿيندي، ورنڪ ڇند ڇويهن ماترائن تائين هوندا آهن. اهو شيخ اياز جو ڪمال آهي جو هُو ڇند وديا جي اصولن کان، اڳتي نڪري ٿو وڃي، پر ان جو فن اتم درجي جو هجڻ ڪري ان کي تنقيد هيٺ نه ٿو آڻي سگهجي، جديد فڪري هوالن کان، اهو معلوم ٿو ٿئي ته ڪنهن به روايت کي سَؤُ هڪ 101 ماترائن واري وائي جو سڀڙو ڏنو آهي. هتي اها به وضاحت ڪندو هلان ته اهو هڪ سؤُ اَٺن ماترائن وارو سِرو دنڊڪلا ۾ آهي، پر اُن ۾ به استاد گُنَنِ جو ورنڪ استعمال ڪيو آهي. هتي آءُ شيخ اياز جو اهو ڊنڊڪ ورت ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو، هونئن دليل پياسو رهجي ويندو. مٿين سَوَ ياتي بحث پوءِ ڪبو. اچو ڏسُون شيخ اياز جو هڪ سَؤُ اٺ ماترو دنڊڪ ورت: سانجهي جاپا ڇاوان ڦهليا، مَنُ ٿيندوريو مات، ڪڪريون آيون، ترسيون، برسيون، رمجهم آندي رات، هوءَ ايندِي هُوءَ ايندي، مُنهنجي تَن ۾ رهندي تات، مان چائٺ تي ويٺو آهيان، ڀلي پوي برسات. ڇيد- سانجهي جا پاڇاوا ڦَهِلڀيا، مَنُ ٿيندو ويو مات، ڀگُنُ سم پد مگُنُ سگُنُ دگُن ڀگُن سم پد سارگُنُ 4 2 6 4 2 4 2 3= 27 ماترا، ڇيد- ڪَڪِرِيُون آيوُن، تَرِسيِون بَرِسِيون، رِمِ جِهِم آندِي راتِ سگُنُ ڀگُنُ سگُنُ سگُنُ سگُنُ ڀگُنُ ڀگُنُ سارگُنُ 4 4 4 4 4 4 4 3= 27 ماترا، ڇيد- هُوءَ ايندي هُوءَ ايندي، مُنهِنجي، تَنَ ۾ رَهَندِيويو ٿات، دگُن ڀگُنُ دگُنُ ڀگُنُ سگُنُ سگُنُ سگُنُ سارگُنُ 2 4 4 4 4 4 4 3= 27 ماترا، ڇيد- مان چائٺ تي ويٺو آهيان، ڀلي پوي برسات سم پد ڀگُنُ سم پد ڀگُنُ ڀگُنُ نگُنُ نگُنُ تگُنُ 2 4 2 4 4 3 3 5= 27 ماترا، وچور:27 گُنَ، 4 سم پد، 108 ماترا، ڪوتا پد، اياز رنڊڪ ورت، هن رنڊڪ ورت م صرف 2 گُنَ، ٺگنُ ٺگنُ جا آهن. جن کي اسين ڇندو ديا جي اصولن پٽاندر جگُنُ سم پد سمجهنداسين. هي پهريون رنڊڪ ورت آهي جيڪو ورنڪ اصولن تي نڀايل آهي. صرف هر پد جي آخر م ساگرن جو استعمال ٿيو آهي. نه ته سڄو ورت 2، 4، 2 گنن تي رچيل آهي. جنهن ۾ ڪابه اِڪي ماترا ڪانهي سواءِ آخري گُنَ جي آهي نه استاد گُنيُ شاعريا مَهان ڪوي! اوهان هندي يا سنڌي جا ٻيا به رنڊڪ ورت پڙهيا هوندا، پر اهي ماترڪ اصولن تي رچيل هوندا. سنڌي ٻوليءَ کي شاعري جا، بالساني تجربا ڪري شيخ اياز جيڪو سرمايو ڏنو آهي، اهو تمام اتم درجي جو آهي. انهن دليلن تي بحث پوءِ ڪبو پهريان رهيل ”سَوَيا“ وارو بحث پورو ڪري پوءِ اڳتي هليو. مٿين سَوَيا ۾ 5، 3 وارا گُنَ ورن ۾ آڻي پوءِ گيت رچيو ويو. اي ڌرتي ماءُ، يگُنُ، سارگُنُ، صدين جو ساءُ، جي ورن سان نڀايل آهن. پهريون پد اٺن ماترائڻ جو، ٻيو پد به اٺن ماترائن جو، ٽيون وري سورهن ماترائن جو، پر سٽاءَ ۾ 12221 وري ٻئي پد ۾ به 12221 ٽين پد ۾ 12221، 12221 ماترا ڏئي خوب صورت ورن ڏنو. جيڪو ڇندو ديا جي دنيا جو پهريون ۽ لازوال مثال آهي. اڳ ۾ بندي جي نظر مان اهڙو ڪوبه تجربو ڪنهن به شاعر جو ناهي. گذريو. شيخ اياز نه صرف ورنڪ اصول ماترڪ ڇندن ۾ نڀايا آهن، پر ورنڪ ڇدن ۾ وري ماترڪ اصول نڀايا آهن، اُهي به شاندار نموني جا تجربا آهن. اچو ڏسون هي ”وديا ڌاري“ ورنڪ ڇند ۾ ماترڪ اصولن جو رچاءُ! آئي تنهنجي سار، ووا يار! وچور: 5 گُنَ، 2 سم پد 24 ماترا، 2 ڪوتاپد،”وديا ڌاري ڇند“ هن ڇند ۾ استاد ڪابه پابندي پاڻ تي ناهي مڙهي. شاهه سائين جيان ورنڪ ڇندن ۾ پنهنجو انتهائي پراڻو ڇند وارو طريقو استعمال ۾ آندو آهي. توڻي جو هي تجربو ڪو نئون تجربو ڪونه هو، ر شاهه سائين جي نقش ۽ نگار تي هلندي، روايت کي قائم رکيو. لساني حوالي سان جتي شاهه سائين لفظ آهيان کي رگُنُ ۾ پنجن ماترائن لاءِ ڪم آندو آهي، اُتي شيخ اياز لفظ آهين کي ڀگُنُ ۾ چئن ماترائن لاءِ ڪم آندو آهي. لساني هوالي سان لفظ ”آهيان“ جي صورت خطي مشڪوڪ آهي، لفظ ”آهيان“ هيئن ”آيهان“ شيخ اياز آيهان وارو فارمولو ڪم آڻي ياءِ جو ٻه صورتون ٺاهيون آهن. هڪ ي ياءِ اُها، ٻي ياءِ يهه هيءَ“ ”آيهان“ ”ٺايهان“، ”چايهان“ ”ڳايهان“ جي نئين صورت جڙندي. لفظ ”اِها“ به ”اِيها“ ۾ تبديل ٿيندو. جنهن کي اسان غلطي وچان اِيها يا اي ها پڙهندا آهيون. لفظ نِهاريان جو استعمال شاهه سائينءَ شٽ ڪل يا ٺگُنُ ٺگُنُ ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته شيخ اياز ”نِهاريان“ لفظ کي يگن ۾ پنجن ماترائن ۾ ڪم آندو آهي. جيئن هندي وارا لفظ ”ڪِرِشن“ کي ”ڪِشن“ ۾ ڪم آڻيندا آهن. هن وقت سڄي سنڌ ۾ شيخ اياز واري فارمولي تي شاعري جو ڇيد ڪيو پيو وڃي. پر ان تبديليءَ تي لساني ماهرن جو ڪوبه مضمون يا مقالو بندي جي نظر مان ناهي گذريو. شيخ ايا سنڌي ٻوليءَ تي جيڪا ڇاپ لڳائي اُها ڪڏهن به رد ڪرڻ جهڙي ناهي، ڇوت ه جديد دور ۾ جيڪي به تبديليون آيون، انهن جو سڄو مرتبو اياز جي شخصيت ڏانهن ٿو وڃي. صورت خطي کان هٽي ڪري شاعر جو ڇيد اياز جي ڇندو ديا جي اصولن تي مبني آهي. آزاد قاضي تحقيق تحريڪ آزاديءَ جو پروانو مولوي محمد صالح ’عاجز‘ برصغير جي جنگ آزاديءَ جو بي غرض سپاهي محمد صالح عاجز ولد ملا محمود ڪوري، جنهن جوانيءَ جون رنگين بهارون، انگريز سامراج خلاف فلڪ شگاف نعرا هڻندي ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ عقوبتون سهندي گذاري ڇڏيون. پاڻ ضلع جيڪب آباد، تعلقي ٺل جي مرادپور (گنجي لڳ) ڳوٺ ۾، اپريل 1921ع ڌاري پيدا ٿيو. محمد صالح ’عاجز‘ ابتدائي تعليم ڳوٺ ’دري خان کوسي‘ ۽ ’مرادپور‘ ٺل ۾ حاصل ڪئي. غريب گهراڻي جي ٻار هئڻ ڪري سنڌي پرائمري چار درجا تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مدرسن جي تعليم طرف رُخ ڪيائين. اهڙي ريت مدرسي ’دين محمد شجراه‘ تعلقو شڪارپور- مدرسو دارالسعادة گورو پهوڙ‘ تعلقو شڪارپور- گورو پهوڙ کان ٿوري پنڌ تي ڪچي ۾ ’مولانا درمحمد جتوئي صاحب‘ ’بنگلاڻي‘ تعلقي جي ’مولانا رحيم بخش‘ ٺل شهر ڀرسان مشهور عالم ’مولانا عبداللطيف وٽان ديني ۽ انقلابي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ ڪجهه وقت ’مدرسة قاسم العلوم‘ گهوٽڪي ۾ پڻ تعليم پرايائين. مدرسن جي تعليم سبب پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو ٿي ويو. ان دور ۾ مٿي ذڪر ڪيل ۽ ٻيا ان قسم جا مدرسا انگريز سامراج خلاف نوجوانن ۾ انقلابي روح ڦوڪي رهيا هئا. محمد صالح ’عاجز‘ جو والد ملا محمود ڪوري پڻ جنگ آزاديءَ جي ٻڍڙي جرنيل مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو خاص مريد ۽ جماعت امروٽيءَ جي لنگرخاني جون ڪاٺيون ڪندڙ فقير هئڻ ڪري، مختلف تحريڪن جهڙوڪ: ’خلافت تحريڪ‘، ۽ ’تنظيم المساجد‘ واري ستياگره ۾ حصو وٺي چڪو هو. ان حوالي سان هو انگريزن جو سخت مخالف هو. انڪري چئي سگهجي ٿو ته محمد صالح ’عاجز‘ کي انگريز خلاف نفرت خانداني ورثي ۾ ملي هئي، اهڙي ريت عاجز کي ڄڻ ته انقلابي سوچ جي ننڍپڻ کان ئي سُتي پوندي رهي. ان چاهت واري چُڪيءَ ۽ مدرسن مان مليل انقلابي مهميز جو نتيجو اهو نڪتو جو هو بنهه ننڍي عمر ۾ آزاديءَ جو آواز بلند ڪندڙ جوشيلن جوانن جي اڳواڻي ڪرڻ لڳو. محمد صالح ’عاجز‘ جي عمر جڏهن 12 سال هئي ته ان دور جي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي سندس شريڪِ سفر خان محمد نوحاڻي لکي ٿو: ”سنه 1933ع جو دور هو، جڏهن جمعيت العلماء سنڌ جي صدر مولانا محمد صادقؒ پارٽيءَ جو اجلاس سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد جي قلعي ۾ ڪوٺايو هو. کڏي جا نامور ناکوئا ۽ اسان جملي طالب علم حيدرآباد پهتاسون. جلسي جي صدارت حضرت مولانا حسين احمد مدني کي ڪرڻي هئي، پر مولانا موصوف عين موقعي تي تحريڪ آزادي جي هلچل ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. انڪري جلسي جي صدارت قاري محمد طيب مهتمم مدرسہ دارالعلوم ديوبند جن ڪئي. هندستان، پنجاب ۽ سڄي سنڌ جا علماء، مدرسن جا استاد، شاگرد ۽ عوام ڇڪجي حيدرآباد پهچي رهيا هئا. ريل گاڏيون ماڻهن سان ڀرجي ڀرجي ٿي آيون، ريل مان لهندڙ مسافرن جي استقبال لاءِ، عربي مدرسن جا طالب علم جمعيت جو لال جهنڊو کڻي پئي آيا ۽ ويا. انهن شاگردن جي وچ ۾ هڪ نوجوان جنهن جو مهانڊو سهڻو، ڪڻڪ رنگو، قد جو پورو پنو، سنهو تمام گهڻي جوش سان، آيل مهمانن جي اڳيان اسٽيشن کان قلعي تائين شاگردن کي نعرا هڻائي رهيو هو. ”سامراج مرده باد“ مون هڪ اُتر واري طالب علم کان پڇيو، ”هي نوجوان ڪير آهي؟“ اُن طالب علم چيو، ”هيءُ نوجوان ڪارڪن آزاديءَ جو پروانو محمد صالح ’عاجز‘، جيڪو تازو هاڻ جيل مان ڇُٽي آيو آهي.“ اهڙي ننڍڙي وهيءَ ۾ هو نه رڳو جيل ويو پر مدرسن جي انقلابي سوچ رکندڙ استادن جي تعليم ۽ تربيت سبب، ان عمر ۾ ايترو ته پڙهي پختو ٿيو جو ٻين شاگردن جي تربيت ڪرڻ لڳو. ايتريقدر جو خان محمد نوحاڻي روايت ڪري ٿو ته: ”هو اسان کي حضرت امروٽيؒ ۽ حضرت ابوالڪلامؒ جون تقريرون ٻڌائيندو هو. حضرت امروٽي رحمة الله عليہ جا بيت سنڌيءَ ۾ اهڙي سنجيدگي ۽ سٻاجهڙي زبان سان ادا ڪندو هو، ڄڻ ته وات مان موتي پيو هاري.“ مطالعي جي شوق هئڻ ڪري ننڍي عمر ۾ ئي کيس ”آزاديءَ متعلق، جيل متعلق، تاريخ تي، معلومات جو وڏو خزانو هو.“ سندس ان اهليت کي نظر ۾ رکندي اڳتي هلي مولانا محمد صادق کيس پنهنجي ڪراچيءَ واري مدرسي جو ناظم مقرر ڪيو. جتي هو مدرسي جي طالبن کي هندستان جي ليڊرن جو تعارف ڪرائڻ، ليڊرن جو تقريرون ٻڌائڻ، اسلامي تاريخ توڙي سنڌ جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو. خان محمد نوحاڻي لکي ٿو ته، ”ان وقت هن جي جواني هئي پيو ڳالهائيندو هو ته ٿڪجندو ڪونه هو، ائين اسان کي پيو وندرائيندو هو.“ (نوحاڻي 1985ع، ص 34) خلافت تحريڪ جو هڪ يادگار فوٽو ڪرسين تي ويٺل کاٻي کان ٽيون نمبر محمد صالح عاجز، چوٿون نمبر مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ ٻيا. انگريز سامراج خلاف وڙهي ويندڙ ان قومي جنگ دوران سيپٽمبر 1939ع ۾ جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي ۽ انگريزن ’ڊفينس آف انڊيا رولس‘ لاڳو ڪيو. تڏهن سنڌ مان ڊفينس آف انڊيا رولس هيٺ پهريون ڪيس محمد صالح ’عاجز‘ تي آڪٽوبر 1939ع تي داخل ٿيو. مٿس اهو ڪيس هلڻ واري روئداد به عجيب آهي. ڊفينس آف انڊيا رولس واري قانون لاڳو ٿيڻ وقت محمد صالح ’عاجز‘ جي عمر 18 سال هئي. ان وقت هو هڪ جوشيلو سوراجي ورڪر هو. سکر ’ليوڪس پارڪ‘ ۾ ’احرارالاسلام‘ انگريز خلاف جلسو سڏايو، جنهن ۾ هن نوجوان جوشيلي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن عوام کي اپيل ڪئي ته ”ديس وارؤ فرنگيءَ جي فوج ۾ ڀرتي نه ٿيو ۽ انگريزن جو هر طرح سان بائيڪاٽ ڪيو.“ عوام کي انگريز خلاف اهڙي اپيل ڪرڻ وڏو ڏوهه هو، انڪري ان تقرير کي بنياد بنائي سيڪشن 38 جي سيC’‘ فقري هيٺ هن کي گرفتار ڪيو ويو. کيس جڏهن ڪورٽ ۾ آندو ويو ته ان وقت عدالت جي ڪمري ۾ جوابدارن جي ڪٽهڙي پويان بينچ تي ’عاجز‘ جو والد ملا محمود به ڪاروائي ٻڌڻ لاءِ اچي ويٺو. جج ڪيس هلائڻ دوران نينگر جي والد جي موجودگيءَ جو فائدو وٺندي ملا محمود کي چيو ته: ”پير مرد! تون پنهنجي نينگر کي سمجهاءِ ته سرڪار کي ”اظهار پشيماني“ لکي ڏئي. هيءُ اڃا ننڍو آهي هن جي عمر پڙهڻ جي آهي اجايو ڇو ٿو پنهنجي حياتي جيل ۾ خراب ڪري.“ جج صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي ملا محمود کيس جواب ۾ چيو ته: ”ڇوڪر پاڻ سمجهه رکي ٿو، پنهنجو نفعو نقصان پاڻ ڄاڻي ٿو، جيڪي سمجهه ۾ اچيس سو ڪري.“ ملا محمود نه رڳو اهو چيو پر ائين چئي اُٿڻ جي بهاني ’عاجز‘ جي ويجهو آيو (جيڪو سندس اڳيان ڪٽهڙي ۾ بيٺو هو) ۽ کيس چيائين: ”جيڪڏهن معافي وٺي آزاد ٿئين ته منهنجي گهر نه اچجانءِ.“ امروٽيءَ جي لنگر جو ڪاٺير ملا محمود ائين چئي ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو هليو ويو. محمد صالح ’عاجز‘ کي ان ڪيس ۾ هڪ سال قيد ڪاٽڻو پيو. جنهن دوران هو سکر ۽ حيدرآباد جي جيلن ۾ رهيو. جيل مان جيتوڻيڪ 24- ڊسمبر 1940ع تي آزاد ڪيو ويو. پر جلدئي کيس وري ساڳئي ايڪٽ هيٺ ڇهه مهينا ۽ پوءِ 3 مهينا نظربند رکيو ويو. 1942ع ۾ جڏهن ”ڪئٽ انڊيا تحريڪ“ هلي تڏهن وري به کيس اڍائي سال قيد جي سزا ملي. هن ڀيري به سکر ۽ حيدرآباد جيلن جون هوائون کاڌائين. هو جوانيءَ واري دور ۾ ڪانگريس جي گرم ڌر سان لاڳاپيل رهيو. آل انڊيا ڪانگريس جو تريپورهه وارو مشهور اجلاس، جنهن ۾ ”سباش چندر بوس“ صدارت لاءِ بيٺو هو، ان ۾ ”محمد صالح ’عاجز‘ هڪ سنڌي ڪائونسلر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو ۽ ’سباش چندر بوس‘ کي صدارت لاءِ ووٽ ڏنو هئائين.“ محمد صالح ’عاجز‘ کي اهو به اعزاز حاصل هو ته، کيس مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ شهيد الهه بخش سومري سان حيدرآباد کان سکر تائين ريل گاڏيءَ ۾ گڏ سفر ڪرڻ جو موقعو مليو. ٿيو هيئن ته حيدرآباد جيل مان آزاد ٿيڻ تي، کيس سکر وڃڻ لاءِ هڪ پوليس وارو ڏئي، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي روانو ڪيو ويو. اتفاق سان ان ڏينهن مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ شهيد الهه بخش سومرو پڻ ريل رستي ڪراچيءَ کان سکر وڃي رهيا هئا، جن جي استقبال لاءِ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي مختلف جماعتن جي ورڪرن جا هشام گڏ ٿي چڪا هئا. چؤطرف آزاديءَ جو اُتساهه ڏياريندڙ جهنڊا نظر اچي رهيا هئا. ۽ آزاديءَ جا نعرا بلند ٿي رهيا هئا. ان دور ۾ پوليس جي سپاهين کي ڳاڙهي پڳڙي هوندي هئي، تنهنڪري انگريز مخالف آزادي پسندن نعرو ايجاد ڪيو هو. جهنڊن سان ورڪرن جا هشام ڏسي ۽ لال پڳڙي خلاف نعرا ٻڌي سپاهي ته ’عاجز‘ کي ڇڏي هليو ويو. گاڏي اچڻ تي ”عاجز“ ايڏي وڏي رش مان به ’مولانا ابوالڪلام آزاد‘ واري گاڏي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مولانا صاحب سان گڏ شهيد الهه بخش سومرو پڻ همسفر هو. جيڪو عاجز صاحب کي ذاتي طور سڃاڻندو، تنهن کيس سڏي پاڻ سان کڻي وهاريو. اهڙي ريت هن برصغير جي ٻن اهم شخصيتن سان گڏ اهو سفر طئه ڪيو جنهن لاءِ ذڪر ٿيڻ تي فخر سان چوندو هو ته: ”اهو منهنجي زندگيءَ جو هڪ يادگار سفر هو.“ جيتوڻيڪ مولانا ابوالڪلام آزاد سان پاڻ اڳ به ملي چڪو هو. مولانا ابوالڪلام سان سندس پهرين ملاقات وقت سندس عجيب ڪيفيت ٿي هئي. جڏهن مولانا پنهنجي عظيم اخلاقي آدرش سان کيس کيڪاريو هو ته مولانا جي هيبت ۽ محبت جي مليل جذبن ڪري، هو کيڪار جو لفظن سان جواب ڏيئي نه سگهيو (اها ساڳي ڪيفيت سائين جي.ايم.سيد سان پهرين ملاقات وقت راقم الحروف جي ٿي هئي) ۽ سامهون پٿر وانگر بيٺو رهيو ۽ اکين مان پاڻي وهي رهيو هئس. مولانا پڇيو، پر هو ڪڇي جهڙي، ڀت ڳالهائڻ جي طاقت ختم ٿي وئي هئس. دل ۾ اڌما هئس. سوچيائين پئي ته مولانا کي چنبڙي زور سان وٺي دانهون ڪري، پر ايشيا جي هيڏي وڏي ماڻهوءَ جي پُرجلال محفل ۽ تاريخ جي هڪ بيمثال انسان سامهون ’عاجز‘ مرحوم چپ چاپ بيٺو رهيو. پاڻ ٻڌائيندو هو ته: ”آءٌ چپ چاپ بيٺو رهيس جڏهن ته ملڻ وارا ماڻهو هڪڙا اچن پيا ۽ ٻيا وڃن پيا ته آءٌ به وڃڻ وارن سان نڪري ٻاهر وڃڻ بجاءِ مولانا جي سيڪريٽري وٽ ويهي رهيس. سيڪريٽري کي چيم ته آءٌ موقعو وٺي وري اندر ويندس ۽ مولانا جي صحبت ۾ اڃا به ويهڻ گهران ٿو.“ سيڪريٽري، مولانا سان اهڙو ذڪر ڪيو ۽ مولانا چيس ته: ”جيئن جيئن ملڻ وارن جي هلڪائي ٿئي ته ان نوجوان کي اندر اچڻ جو موقعو ڏيندو رهه.“ (ٻوهيو 1982ع، ص 9) 1970ع کان اي- 842 عزيزآباد ڪراچي ۾ اڪثر ايندو رهندو هو، ان دور ۾ ڄڻ ته اهائي جاءِ ڪراچيءَ ۾ سندس مستقل رهائشگاهه هوندي هئي. جتي رمضان وارو مهينو ته مڪمل طور گذاريندو هو. عزيزآباد جي ڀر ۾ واقع سنڌين جي قديم ”ڀنگوريا ڳوٺ“ ۾ سندس لاڳاپي وارا هئا جن کي هر رمضان ۾ نماز پڙهائڻ ۽ ختمو پورو ڪرائڻ ايندو هو. خيالن جو ڏاڍو عجيب انسان هو، رمضان شريف واري اها ذميواري بنهه خوش اسلوبيءَ سان نڀاهيندو هو. پر جيستائين سندس ذات جو تعلق هو، روزي رکڻ نه رکڻ سان سندس ڪو خاص سروڪار ڪونه هوندو هو. ڪيئي ڀيرا ائين ٿيو ته پاڻ بظاهر مسجد ۾ روزو رکي پوءِ جڏهن اي- 842 تي منجهند ڌاري ايندو هو ته اچڻ سان حُج مان، مخصوص انداز سان چوندو هو: ”اڙي ڇوڪرا ڇا پچايو اَٿوَ بک لڳي آهي، ماني کارايو.“ پوءِ جيڪي ڪجهه گهر ۾ پڪل هوندو هو کائيندو هو. شام تائين ويٺا ڪچهري ڪندا ۽ تاش کيڏندا هئاسين، سج لهڻ وارو ٿيندو هو ته اهو چئي اُٿندو هو ته: ”وڃان وڃي مسلمانن کي روزو کولايان ۽ نماز پڙهايان.“ رمضان جي ڏهاڙن ۾ اهو سندس معمول هوندو هو، پر ان جو اهو مطلب به ڪونهي ته هو اسلام جي روح کان اڻوافق هو. هو نه رڳو اسلام جي حقيقي فڪر کان پوري ريت واقف هو، پر ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪن فردن جي مفاد پرستانه مذهبي فڪر سبب هو ان کان پاسيرو ٿي چڪو هو، ان ڳالهه جو اندازو هيٺئين مثال مان لڳائي سگهجي ٿو. مولانا عزيزالله ٻوهئي کيس هڪ ڀيري ٻڌايو ته: ”اسان جي ڳوٺ جي مسجد وارو ملو، جيڪو پڇاڙيءَ واري عمر ۾ اکين کان نابين ٿي ويو آهي، ان خيال ظاهر ڪيو ته مسجد شريف ۾ ڪيترائي قرآن پاڪ رکيل آهن ۽ انهن تي اڻ کٽ ڪپڙن جا پوش چڙهيا پيا آهن جن جي قرآنن کي ڪابه ضرورت ناهي. سو جيڪڏهن اهي پوش مون کي ڏنا وڃن ته آءٌ رلهي ٺهرايان ته ڳوٺ وارن ان غريب کي منڪر ۽ بي ايمان سمجهي مسجد مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي محمد صالح ’عاجز‘ کيس جواب ۾ چيو ته: ”جيڪڏهن مسلمانن انهيءَ قرآن کي سمجهيو هجي ها ته جيڪر محتاجن کي ائين کارائين ۽ ڍڪائين، جيئن قرآن پاڪ کي عقيدت سان پوش ڍڪي رهيا آهن. پر مسلمانن جي اُبتي کوپڙيءَ جو ڪهڙو علاج ڪجي؟“ (ٻوهيو، 1982ع، ص 10) اي- 842 عزيزآباد واري ان ئي دور ۾ منهنجي ساڻن واقفيت ٿي، ان ئي دور ۾ مون سائين جي.ايم.سيد جي زندگي ۽ فڪر بابت پهريون ڪتاب ”لامون تنهن وڻ سنديون“ ترتيب ڏنو هو، جنهن جو انتساب، عاجز صاحب جي ئي ڪچهرين کان متاثر ٿي، شهيدِ سنڌ الهه بخش سومري ڏانهن ڪيو هوم. جنهن کي عاجز صاحب سيد کان تمام گهڻو مٿانهون تصور ڪندو هو. سائين جي.ايم.سيد جي سياست بابت وٽس ڪي چڱا خيال ڪونه هئا. ان جو بنيادي سبب سندس دل ۾ مسلم ليگ جي مخالفت وارو ديرينه رويو هو. پاڻ سدائين ان ڳالهه جو برملا اظهار ڪندو رهندو هو. چي: ”سيد بنيادي طور مسلم ليگي آهي ۽ هي سڄو ٻارڻ مسلم ليگين جوئي ته ٻاريل آهي.“ مٿئين پس منظر سبب پاڻ سيد ڏانهن بهتر خيال نه رکڻ جي باوجود، اسين جيڪي سيد سان عقيدت وارو انداز رکندڙ هئاسين، اهي سندس احترام ڪرڻ بنيادي فرض سمجهندا هئاسين ۽ پاڻ به اسان سان ڪنهن بحث مباحثي دوران سيد جو ذڪر عزت ۽ احترام سان ڪندو هو. پر نياز همايوني ۽ عبدالواحد آريسر سان قريبي تعلقات هئڻ جي باوجود، سيد بابت سندس ويچارن ۾ آخر تائين ڪابه تبديلي ڪانه آئي. جيتوڻيڪ 1946ع واري اليڪشن جنهن ۾ سيد صاحب آل انڊيا مسلم ليگ سان اختلاف ڪري، خودمختيار سنڌ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان جناح صاحب جو مقابلو ڪيو هو. تڏهن ان ۾ مولوي محمد صالح ’عاجز‘، سيد صاحب جي ورڪ ۽ وڪالت به ڪئي هئي. ان دور جو ذڪر ڪندي مولانا خان محمد نوحاڻي لکي ٿو: ”ان زماني ۾ جي.ايم.سيد ۽ عالي شاهه وارا اسان مولوين جي طرف هئا. اسان به ماڻهن کي چوندا هئاسين ته جيڪڏهن ووٽ اسان کي نه ڏيو ته پوءِ عالي شاهه کي ووٽ ڏيو ۽ عالي شاهه وارا به اسان جو اهڙي طرح طرف وٺندا هئا.“ ان وقت سائين جي.ايم.سيد، پير عالي شاهه جي ورڪ ڪري رهيو هو. ان دور جي هڪ گڏيل جلسي ۾ مولانا محمد صالح ’عاجز‘ جي ادا ڪيل جوشيلي ڪردار جو ذڪر ڪندي خان محمد نوحاڻي لکي ٿو: ”جي.ايم.سيد تقرير ڪئي ته ان سان به اهڙو حال ٿيو جهڙو ماتليءَ ۾ (هوٽنگ ڪري) رباني (مولانا عبدالحق) صاحب سان ٿيو هو. ’عاجز‘ مرحوم ٽپ ڏيئي اُٿيو، جي.ايم.سيد کي اشارو ڪري ويهاريائين ۽ لائوڊ اسپيڪر پنهنجي طرف ڇڪي سهڻي انداز ۽ جوش مان چيائين ته، ”مير بنده علي ۽ ٻيا مير چون ٿا ته اسان شيعا آهيون ۽ سيدن جا حبدار آهيون، اڄ آهي امتحان حب جو، جيڪڏهن سچا شيعا هوندا ته جي.ايم.سيد کي ۽ عالي شاهه کي ووٽ ڏياريندا ۽ انهن جي مخالفت نه ڪندا. جيڪڏهن ائين نه ڪيائون ته پوءِ چئبو ته اهو اهلبيت جي حب وارو لفظ، فقط دل جي مٿان آهي ۽ مطلب لاءِ آهي. تقرير عاجز جي اهڙي هئي جو جي.ايم.سيد کيس ڀاڪر وجهي پنهنجي پاسي ۾ وهاريو.“ (نوحاڻي، 1985ع، ص 38) ان دور واري اليڪشن ۾ هو اڪثر جاين تي، تقرير ڪندي چوندو هو: ”اسان جو چوڻ نه ڪندءُ ته اهڙي حالت ۾ گرفتار ٿيندءُ جتان وري نڪري ڪونه سگهندؤ.“ سيد صاحب جي شخصيت بابت اسان جي جذباتي ۽ جوشيلي انداز هئڻ جي باوجود، اسان ڏانهن ’عاجز‘ صاحب جو اهڙو ته شفقت ڀريو رويو هوندو هو، جو هر وقت کانئس ڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪبي رهبي هئي. محمد صالح ’عاجز‘ سان اي- 842 عزيزآباد ۾ جا واقفيت ٿي، اها سندس زندگيءَ جي آخري دور تائين برقرار رهي. شهيد الهه بخش جي شخصيت ۽ سياست بابت ڪتاب تيار ڪري ڇپائڻ وارو شوق ڏيارڻ وارو به ’عاجز‘ صاحب ئي هو، جنهن پهريون ڀيرو نه رڳو شهيد الهه بخش سومري جو حقيقي تصور اسان اڳيان پيش ڪيو، پر ان بابت مواد هٿ ڪرڻ وارا پڻ گهٽ گهيڙ ڏسيا. ’عاجز‘ صاحب اسان جي آبائي ڳوٺ ته ڪڏهن به ڪونه آيو هو، پر جڏهن سندس اڳيان تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ واقع اسان جي ڳوٺ ’قاضي دڙا‘ ۽ ان جي پسگردائي وارن ڳوٺن جا نالا کڻندا هئاسين، تڏهن پاڻ انهن جو محل وقوع ائين بيان ڪندو هو، جيئن اهي اکين سان ڏٺا هئائين. سندس اهڙي ذهانت تي سوال ڪندا هئاسين تڏهن چوندو هو ته: ”ڪانگريس هڪ دور ۾ ڳوٺن جي سروي ڪرائي هئي، جنهنڪري اسين ڳوٺ ڳوٺ کان واقف ٿي ويا هئاسين.“ سندس قابليت ۽ ذهانت جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن: ”هو سنڌ جي تاريخ جو وڏو عالم هو. جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۽ ان سان لاڳاپيل مقام، ماڳ، هنڌ، پيچرا، گس، گهيڙ، درياء جا وهڪرا ۽ بندر، برزبان ياد هئا، هو لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل سموري جاگرافيءَ جو حافظ هو ۽ اها سموري ڌرتي سندس لاءِ هٿ جي تريءَ وانگر هئي. هو بهترين اديب، سٺو نقاد، شعله بيان مقرر ۽ اڻٿڪ محقق هو.“ (آريسر، 1988ع، ص 75) اهڙا ذهين انسان ڏاڍي لاابالي طبعيت جا مالڪ ٿين ٿا، فقيرتن، فقيرمنش ڪنهن به شوشاءَ ۽ ڏيکاءَ کان ڏور، علم جا ڀنڊار پر اُن علم جي ونڊڻ واري ڪنهن مستند ويچار کان وانجهيل ٿين. مولوي صاحب جو پڻ اهڙوئي حال هو. چون ٿا ته پير حسام الدين راشدي، مولوي محمد صالح ’عاجز‘ جي ذهانت ۽ تاريخي ڄاڻ کان متاثر ٿي کيس آڇ ڪئي هئي ته: ”اچو مون وٽ اچي رهو ته گڏجي سنڌ جي تاريخ تي رهيل ڪم کي اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪريون.“ (آريسر، 1988ع، ص 75) عاجز صاحب مٿي ذڪر ڪيل فقيراڻي طبعيت هئڻ ڪري، پير صاحب جي اها آڇ قبول نه ڪئي. هو پير صاحب وٽ گوڏو کوڙي ويهي ته نه سگهيو، پر اسان عزيزآباد ۾ وقت بوقت آمد ۽ رهائش واري دور ۾ کيس ڪيئي دفعا مختلف تاريخي واقعن بابت مواد لکائڻ جون گذارشون ڪيون. جيتوڻيڪ هائوڪار سدائين ڪندو هو ۽ پر عملي طرح اها ڳالهه ٿي ڪانه سگهي. ٽيپ رڪارڊر جو عام رواج هو، انڪري کيس اهو پڻ چيو ويو ته، جيڪڏهن مواد لکائڻ ۾ اوهان کي تڪليف ٿيندي هجي ته، پنهنجي مخصوص انداز ۾ اوهان گفتگو ڪندا رهو. اها رڪارڊ ٿيندي رهندي بعد ۾ اها اتاري اوهان کي ڏيکاري، مواد کي آخري شڪل ڏبي. پاڻ اها ڳالهه به قبول نه ڪيائين. نه رڳو ايترو پر هڪ ڀيري اسان ان مقصد سان ٽيپ رڪارڊر آندو به، جڏهن ڪچهري متي تڏهن ٽيپ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئيسين، ته پاڻ ڪچهري بند ڪري، پهريان ٽيپ بند ڪرڻ جو چيائين ۽ پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيائين. افسوس جو سنڌ تي مختلف موضوعن واري حوالي سان انسائيڪلوپيڊيا جهڙي معلومات جي مالڪ هن بزرگ وٽان اسين ڪجهه پرائي نه سگهياسين، هو سڀ ڪجهه ساڻ کڻي هليو ويو. حالانڪ عبدالواحد آريسر جي چواڻي: ”آزاديءَ جي تحريڪ تي وٽس، ايڏو علم ۽ ڄاڻ هئي جو جيڪر ويهي لکي ها ته هوند شورش ڪاشميري ۽ عبدالله ملڪ کان وڌيڪ سٺو ۽ اعتبار جوڳو مواد سنڌ واسين کي ملي وڃي ها، پر زماني جي تبديلين ۽ حالتن جي ناسازگاريءَ کيس واندڪائي نه ڏني جو اهي ڪم ڪري سگهي.“ (آريسر، 1988ع، ص 77) پاڻ جيتوڻيڪ شاعر ڪونه هو پر تحريڪ آزاديءَ جي سلسلي ۾ هيٺيون طويل نظم سندس ڏانهن منسوب ٿيل آهي. جنهن مان سندس سياسي بصيرت بلڪ تاريخي ڄاڻ جا پڻ نمايان اهڃاڻ نظر اچن ٿا. سندس ان هڪڙي طويل نظم مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته تحريڪ آزاديءَ جي سلسلي ۾ سندس مطالعو ۽ مشاهدو ڪيڏو نه وسيع هو. هن شعر ۾ اڪيچار اڳواڻن ۽ ڪيترن ئي عام ورڪرن کي نالا وٺي ياد ڪيو ويو آهي، سندس اهو شعر هن ريت آهي: قصيده مبارڪ باد فدائيان ملت و قوم صد مبارڪ چئو سڀئي تن قوم جي اڳواڻ کي، سورهين سندرا ٻڌا ساري سچي سبحان کي. 1. مولوي ’محمد علي‘ منصور آ مولا سندو، سر مٿي سوري رکي دلبر ڪيو تنهن دان کي. 2. جنهن وڃي جارج اڳيان نعرو هنيو نروار ٿي، پيش تنهن جي ٿي پڙهيائين فخر سان فرقان کي. 3. مير مردان شير يزدان ثانيءَ ’شوڪت علي‘، هڪل حيدر جان هڻي ڪنبائيو ڪفران کي. 4. قد قامت ۾ قرار وقوت ۾ چٽو چوان، دين جي عزت مٿان ڪيائين فدا جند جان کي. 5. ’ڊاڪٽرڪچلو‘ ڪهاڙو ڪفر تي قاتل قوي، جوان جلديءَ ۾ ڪندو برباد بي ايمان کي. 6. ’غلام مجدد‘ پير صاحب سرهندي سورهيه سليم، نيٺ دشمن کي دسي موڳو ڪندو مروان کي. 7. ’حسين احمد‘ حيدري آهي بهادر بي حساب، ڪيهر جان ڪاهي آيو ظاهر پسي زندان کي. 8. ’نثار احمد‘ جان نثاري دين مرسل جي مٿان، ساهه جو سانگو کڻي راضي ڪيائين رحمان کي. 9. ’مولانا ابوالڪلام‘ شير ٿي سوري چڙهيو، ٿو مبارڪ ملڪ ڏي تنهن دين جي دربان کي. 10. ’لاله لجپتراءِ‘ به وارو وڄائي ويو هليو، ديس تان قربان ڪيائين ساهه ۽ سامان کي. 11. سنڌ ۾ سورهيه سوڀارو شيخ هو ’عبدالمجيد‘، قيد ۾ ڪڏندو ويو اوجر ڏئي ايمان کي. 12. ’رمضان‘ درزي ’دوارڪا مهراج‘ دادو جا دلير، امن لئه اختيار ڪيائون ظلم جي زندان کي. 13. ’مهراج وشنو‘ مرد غازي ايڊيٽر اخبار جو، ويو ملهائي وير پنهنجي نام ۽ نيشان کي. 14. ’جيرامداس‘ جوان جنگي جيل ۾ جلدي ويو، مومن هندو مجرا ڏيو تنهن پئنچ پهلوان کي. 15. ’گهنشام داس‘ به گهوريو سوراج سر پانهنجو، ٿا نهارن نيڻ اڄ تائين جيل جي مهمان کي. 16. جوش جذبي سان هليو ويو ’پير مٺل شاهه‘ شير، ڏيو مبارڪ مومنو تنهن بلبل: بستان کي. 17. ’مولوي چشتي‘ ٻڌا سهرا سموهي دين جا، گهوٽ گهائي گهور سان ڪامل ڪڍيو ڪفران کي. 18. ’چوئٿرام‘ به ويو ڪري صدقو سسي ۽ ساهه کي، تنهن وسايو آهه رند اڄ وڃي ويران کي. 19. ’ويرومل‘ به ويو ڪري فائق فدائي ديس تان، ملڪ لئه ميراث ڪيو تنهن محب پنهنجي مان کي. 20. ’سهراب مگسي‘ مست ٿي حملو ڪري هليو ويو، ڏيو بشارت ڀائرو تنهن شير شہ مردان کي. 21. ’مولوي فريد دين‘ محبوب مولا جو مدام، ڪيو مدح مومن هندو تنهن محبتي مستان کي. 22. ’محمد صادق‘ صدق سان ڏونڪو هنيون منجهه ڏوڪري، ڪر خدا پاسي تنهين کان شر ۽ شيطان کي. 23. ’مهراج گانڌيءَ‘ مرد ٿي سو نر ويو نعرو هڻي، ويو جاڳائي وير هرجا جوش ۽ جولان کي. 24. اهي سڀيئي سورما قربان ٿيا هن قوم تان، جيل ۾ جانب وڃي اڄ ٿا جلائن جان کي. 25. جڏ کڻي آيا وٽن ورانڊ ولهيا روڳي رليا، خان چوندا ويا خوشيءَ مان مت ڪيوارمان کي. 26. ’الصبرمفتاح الفرح‘ سندرو ٻڌو آ صادقن، آفرين صد آفرين تن صاحبن ذي شان کي. 27. ياالاهي ڏي صبر امان صاحبه کي ڏاج تون، پٽ پنهنجا قربان ڪري ڪيائين عام تي احسان کي. 28. مون لڌو اڄ خواب خاصو صبح صادق ۾ سچو، هٿ ڪندا حاذق هنر سان هاڻ هندستان کي. 29. اي مسلمانون هندو بهرِ خدا بيدار ٿيو، دين ۽ مذهب مٿان گهوري مڏي ۽ مان کي. 30. ديس جا ڪپڙا ڍڪيو مومن هندو هردم اوهين، ايٽ جي آواز سان دهڪو وجهو دگران کي. 31. روز شب ريهون ڪري دانهون پنو داورڪنان، هادي هدايت شل ڪري هن وقت هرنادان کي. 32. ’عاجز‘ سنديون آهون ٻڌي مولا تون ڪر پوري مراد، دين جي عزت بچائي سوڀ ڏي سلطان کي*. محمد صالح ’عاجز‘ هونئن ته گهڻو عرصو اڳ صحافت جي ميدان ۾ آيو. ”1945ع کان پاڻ باقاعده ادارت جا فرائض به سرانجام ڏيندو رهيو. جيڪب آباد مان هفتيوار ”چئلينج“ ۽ پوءِ حيدرآباد مان نڪرندڙ ”عدل“ جي ادارت به ڪيائين، 1947ع کان شڪارپور مان ”جمهور“ ۽ پوءِ ”سرتاج“ جاري ڪيائين.“ (هڪڙو 2004ع، ص 152). پر ان دور ۾ پاڻ جوشيلو سرگرم ڪارڪن هو، انڪري هڪ جاءِ ٽڪاءُ ڪونه هوندو هئس. البت پوئين دور ۾ صحافت کي روزگار طور استعمال ڪيائين. صحافت، جنهن جو سڌي طرح سياست سان لاڳاپو ٿئي ٿو، اهو هڪ عاليشان ۽ مقدس پيشو آهي جنهن سان قومي جنگ بهترين انداز ۾ وڙهي سگهجي ٿي. پر مولانا ”عاجز“ جنهن جي اندر مان سياست وارو جوش ۽ جذبو، همت ۽ ولولو برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ ختم ٿي چڪو هو. هو بدليل حالتن ۾ صحافت کي جيئڻ جو سهارو سمجهي هلائي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته ملڪي ورهاڱي سندس خواب چڪناچور ڪري ڇڏيا هئا. سندس اميدن واري ڪاڪ محل جا ڪنگرا ڪري پيا هئا. هن اُن نئين ماحول ۾ پاڻ کي اڻپورو ۽ اڌوروپي محسوس ڪيو، هڪ ڀيري عبدالواحد آريسر پاران سوال ڪرڻ تي ته، مولانا صاحب هاڻي پوڙها ٿي ويا آهيو؟ تڏهن کيس جواب طور چيو هئائين: ”آءٌ ۽ مون جهڙا ٻيا سوين ڪارڪن هندستان ۽ پاڪستان ۾ 1948ع ۾ پوڙها ٿي چڪا هئاسين. اسان جون چيلهيون ڀڄي پيون، هاڻي جيئڻ جو نقل ڪري رهيا آهيون، نه اهي ماڻهو آهن ۽ نه اهو ماحول. نه اهو خلوص آهي، نه ولولو. نه وري انهن شين جي قدر ڪرڻ وارو ڪو!“ (آريسر، 1988ع، ص 75) بس اهڙي ڪيفيت ۾ هن محض وقت گذاري ۽ شغل خاطر مختلف وقتن تي ڪي هفتيوار اخبارون ڪڍيون. انهن مان آخري اخبار هفتيوار ”صبح صادق“ هئي جنهن جي ورڪر طور راقم الحروف کي به ڪجهه عرصو ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. 1980ع ڌاري آءٌ نوڪريءَ سانگي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو هئس ۽ مولانا صاحب جي حيدرآباد آمد وقت نياز همايوني جي منظور چيمبرس گاڏي کاتي واري سرڪاري آفيس جي هڪ ڪمري ۾ رهائش هوندي هئي، جتي پاڻ اڪثر اچي رهندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس اخبار، جنهن جي پريس لائين ڪا ٻي هوندي هئي پر اها ڳجهه ڳوهه ۾ شايع حيدرآباد مان ٿيندي هئي. ان وقت آءٌ ٽريننگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندو هئس تڏهن پاڻ حيدرآباد ۾ پهچڻ سان منهنجي ڪمري تي ايندو هو. پوءِ تقريباً هر روز آءٌ سندس رهائشگاهه تي ويندو هئس، آءٌ کيس مواد هٿ ڪرڻ ۽ پروف ريڊنگ ۾ مدد ڪندو رهندو هئس. پر پاڻ اهو ڪم ايترو ته رازداريءَ سان ڪرڻ جو عادي هوندو هو، جو حيدرآباد ۾ مواد ڇپجڻ جي باوجود مون کي اهو ڪڏهن به نه ڏسيائين ته، مواد ڪهڙي پريس مان ڇپجي ٿو. مواد ڏئي به پاڻ اچبو ۽ کڻي به پاڻ ئي اچبو، واري عمل تي ڪاربند رهيو. آءٌ ڪڏهن ڪمري تي نه هوندو هئس ته پاڻ مهرباني ڪري ٻه اکر چٺيءَ جا لکي ويندو هو. جيڪي تبرڪ طور مون وٽ اڄ به سانڍيل آهن. سندن لکت جيتوڻيڪ مختصر هوندي هئي پر هئي بامعنيٰ، پاڻ پُراميد انداز ۾ هر ڀيري چٺيءَ جي آخر ۾ لکندو هو. ”چڱي ٿيندي.“ سندس لکت جو نمونو هن ريت هوندو هو: ’عاجز‘ صاحب جي پوئين دور واري صحافت نالي ماتر هوندي هئي. هفتيوار اخبار ۾ اڪثر ٽينڊر نوٽيس ۽ ڪي سرڪاري اشتهار شايع ٿيندا هئا. جن جو کيس سرڪار وٽان معاوضو ملندو هو. هٿ جو وري اهڙو سخي هوندو هو، جو جنهن ڏينهن اشتهارن جا بل ملندا هئس ته پاڻ ئي اي- 842 تي موجود ماڻهن کي سٺي ماني کارائڻ جي دعوت ڏيندو هو. بس ائين ڄڻ هو وقت گذارو ڪري رهيو هو. ڇاڪاڻ ته برصغير واري جنگ آزاديءَ ۾ هن جهڙن ڪيترن نوجوانن آزاديءَ واري عشق ۾ حصو ورتو هو. پر ورهاڱي واري وڍ سندن سمورا سونهري خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا هئا. اهڙي ريت ورهاڱي سبب جا صورتحال پيدا ٿي، تنهن محمد صالح ’عاجز‘ کي ويڳاڻو ڪري وڌو هو. سندس اهڙي دل شڪنيءَ واري ڪيفيت جو اندازو هن مثال مان لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ڀيري عبدالواحد آريسر کانئس پڇيو ته، ”مولانا صاحب، مسلم ليگي چون ٿا ته اوهان مسلمانن جي خلاف هئا.“ اها ڳالهه ٻڌي کيس افسوس وچان چيو هئائين: ”بس يار! اسان شڪست کاڌل فوج جا سپاهي آهيون، شڪست کاڌل فوج جي سپاهين تي هر قسم جا الزام لڳندا آهن. باقي اسان ته نه مسلمانن جا مخالف هئاسين نه وري هندن جا دلال، اسان ته آزاديءَ جا عاشق هئاسين.“ ’آزادي‘ آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي، سنگهارن جي ساٿ ۾، ڪانهي سرهائي، اڄ به هيڻن سان هلن ڏاڍا ڏاڍائي، نڌڻڪن سان روز ڪن، عمر ارڏائي. سُڪر سڻائي، ناهي ملڪ ملير ۾. (گدائي) تحريڪ آزادي جنهن جو مولوي محمد صالح ’عاجز‘ هڪ سپاهي هو جيڪو جمعيت العلماء هند ۽ احرار الاسلام کان ٿيندو، انڊين نيشنل ڪانگريس تائين پهتو هو، ان وٽ قومي آزاديءَ جو ڪهڙو حسين خواب هو، ان خواب جي تعبير طور محمد صالح ’عاجز‘ پاڻ کي فنڪار سان ڀيٽيندي هن ريت اظهار ڪندو هو، هڪ فنڪار کان پڇيو ويو ته: ”ڪنهن گهر کي باهه لڳي ۽ ان گهر ۾ هڪ معصوم ٻار به هجي ته هڪ فن پارو پڻ، تون ان گهر مان ڪنهن کي ڪڍندين؟ فنڪار وراڻيو هو ته ’باهه کي، جيئن ٻار ۽ فن پارو ٻئي سلامت رهي سگهن.“ ننڍي کنڊ کي انگريز سامراجيت جي باهه وڪوڙي وئي هئي، ان ۾ هندو فن پاري وانگر هو ته مسلمان ٻار وانگر، اسان انهن ٻنهي مان هڪ کي بچائڻ جي بدران انگريز سامراجيت جي باهه ختم ڪرڻ ٿي چاهي ته جيئن هندو ۽ مسلمان ٻئي سلامت رهي سگهن.“ نفاق کان نفرت ڪندڙ، ايڪتا ۽ اتحاد جو حامي، ابوالڪلام جو عاشق اسان جو هيءُ بزرگ، 21- جولاءِ 1982ع تي، نياز همايونيءَ جي منظور چيمبرس گاڏي کاتو حيدرآباد واري آفيس جي هڪ ڪمري ۾، دل جي دوري پوڻ ڪري وفات ڪري ويو. سندس جگري يار نياز همايوني هن غريب الوطن تحريڪ آزاديءَ جي گمنام سپاهي جي جسد خاڪيءَ کي، سندس اباڻي ڳوٺ گَنجي لڳ مرادپور تعلقو ٺُل ضلع جيڪب آباد پهچايو. سندس مزار نورمحمد شجراع نالي ڳوٺ جي ڀرسان آهي. ببليوگرافي 1. آريسر، عبدالواحد، ”ماڻهو ميگهه ملهار“، 1988ع روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. 2. بروهي، جوهر، ”خلافت تحريڪ جا وکريل ورق“، ”ماهوار پيغام ڪراچي فيبروري- مارچ 1986ع. 3. ٻوهيو، عزيزالله، ”جوڳي زور آور ذات“، ماهوار لطيف ڪراچي، ڊسمبر 1982ع. 4. نوحاڻي، خان محمد ”مرحوم محمد صالح عاجز“، ماهوار ”الصادق“ ڪراچي، جنوري 1985ع 5. هَڪڙو انور فگار، ”شڪارپور جي صحافتي تاريخ“، 2008ع روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. 6. محترم نياز همايونيءَ کان ڪچهري ڪري ورتل معلومات. 7. ذاتي خط * ذڪر ڪيل قصيدو محترم جوهر بروهيءَ ”خلافت تحريڪ جا وکريل ورق“ عنوان سان لکيل هڪ مضمون جي آخر ۾، ماهوار ”پيغام“ ڪراچي جي ترتيب ۽ تدوين ڪندڙ جناب ڪريم بخش خالد کي گمنام شاعر طور ان مقصد سان ڏياري موڪليو ته جيئن تاريخي نوعيت وارو لکيل اهو شعر رسالي جي صفحن ۾ ڇپجي محفوظ ٿي وڃي. ڪريم بخش خالد اهو شعر شايع ڪري، ان تي پنهنجو نوٽ هڻي، ان شعر جو شاعر محمد صالح ’عاجز‘ کي ظاهر ڪيو. (راقم) اشتياق انصاري تحقيق گنباٽ قلعو (چاڪر ڪوٽ) سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙا دور جو آغاز ٿيو ته ڪلهوڙن پنهنجي پيري مريدي کانسواءِ حڪومتي معاملن ۾ ڀروسي جهڙا ماڻهو ڳولڻ شروع ڪيا. ڪلهوڙن پنهنجي خاص ٽالپر پوئلڳن کي به اهميت ڏئي کين مان وارا منصب ۽ عهدا ڏنا. جن ۾ مير شهداد خان ۽ سندس پٽ مير چاڪر خان به شامل هئا. تاريخ ۾ ٽالپرن مان جنهن شخص ڪلهوڙن جي ماتحت ممتاز حيثيت حاصل ڪئي، اهو مير شهداد هو. جو ميان يار محمد جو نهايت ڀروسي جوڳو ڪارڪن هو ۽ کيس ”برخوردار“ جو خطاب حاصل هو جو ڪلهوڙا حڪمرانن جي طرفان ڪنهن خاص ماڻهو کي ڏنو ويندو هو. ميان يار محمد خان کي جڏهن شاهي منصب مليو، تڏهن شهزادي معزالدين حڪم ڪيو ته ملتان جي طرف فوج موڪلي وڃي ۽ يار محمد خان، مير شهداد خان کي ئي موڪليو هو. مير جي اعليٰ خدمتن کان خوش ٿي شهزادي کيس پٽ باران جي جاگير تحفي ۾ ڏني هئي. مير شهداد نور محمد خان جي دور ۾ 2 رجب 1147هه (18 نومبر 1737ع) تي وفات ڪئي. هن جو مقبرو شاهپور (تعلقو شهدادپور) جي قريب هڪ ڳوٺ ۾ آهي. جو ”شهداد جو قبو“ جي نالي سان مشهور آهي. مير شهداد جا چار پٽ هئا جن مان ٽن ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ مٿانهين حيثيت حاصل ڪئي: مير ڄام نندو جو مشهور سپهه سالار هو. مير چاڪر خان جو خيرپور رياست جي حاڪمن جو وڏو وارث هو ۽ مير بهرام جو ٽالپرن جي سڄي خاندان ۾ سڀني کان بلند شخصيت جو مالڪ هو.(1) ميان يار محمد ڪلهوڙي کانپوءِ جڏهن حڪومت جون واڳون ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هٿ ۾ آيون تڏهن به شهداد خان جي مان ۽ مرتبي ۾ ڪمي ڪا نه آئي. هو نور محمد ڪلهوڙي جي سپهه سالار طور ڪيترن جنگن ۾ سنڌ جي فوج جي مهنداري ڪندو رهيو. جيئن ”تاريخ ڪلهوڙا“ ۾ آهي ته ”ميان نور محمد خان جي دور ۾ شڪارپور تي حملو ٿيو تڏهن ”جواهر“ جو بيان هيءُ آهي ته ميان، مير شهداد ٽالپر کي اڳتي روانو ڪيو ۽ ان جي پٺيان پاڻ به لاڙڪاڻي پهتو. ان سان گڏ سٺ هزار سوار ۽ پيادا هئا.(2) مير شهداد خان سان گڏ ٽالپرن چئن پيڙهين تائين ڪلهوڙا دور ۾ اهم ذميواريون نباهيون ۽ بهترين خدمتون ڏنيون. جن ۾ مير بهرام، مير بجار، مير صوبدار، مير عبدالله خان، مير فتح خان کان علاوه باقي فردن مان، مير چاڪر، ڄام نندو، مير شهداد جا پٽ ۽ مير بهرام جا ڀائر هئا. مير شاهو، مير شهداد جي ڀاءُ شاهڪ جو پٽ هو. هي ٽيئي به بهرام وانگر سڀني جنگي مهمن ۾ شريڪ رهيا ۽ ميان نور محمد خان جا وڏا فوجي جرنيل مڃيا ويندا هئا. هن متعلق معلوم نه ٿي سگهيو ته هوڪهڙي زماني ۾ وفات ڪري ويا. ”نامئه نغر“ مان صرف ايترو پتو پوي ٿو ته مير چاڪر جو مرڪز شاهپور هو ۽ مير شاهو جا ٻه فرزند هئا. هڪ جو نالو مقصود خان ٻئي جو آلودو خان هو.(3) گنباٽ قلعي (چاڪر ڪوٽ) جوبنياد گنباٽ قلعي (چاڪر ڪوٽ)، مير چاڪر خان پنهنجي مرشد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي رهائش لاءِ اندازاً 1740ع ۾ ٺهرايو هو. مير چاڪر خان ان وقت جي جديد سهولتن مطابق ۽ دفاعي نُڪتئه نگاهه کان ڪوٽ کي مضبوط ڪري ٺهرايو هو. غلام شاهه ڪلهوڙو هت پهتو ته کيس وڏي شان شوڪت سان ڪوٽ اندر جڙيل خاص رهائشگاهه ۾ رهايو ويو. چيو وڃي ٿو ته ان وقت هن علائقي ۾ خاص طور تي ڪوٽ جي چؤڦير واريءَ جا وڏا دڙا هوندا هئا. جڏهن تيز هوا گهلندي هئي ته هر طرف واري ئي واري اڏندي رهندي هئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي مير چاڪر اهو ڪوٽ اڏائي آڻي تخت تي ويهاريو ته اچي تيز طوفان لڳو. ميان صاحب کي واريءَ ايترو ته تنگ ڪيو جو آخر هو بيزار ٿي هيءُ ڪوٽ ڇڏي هليو ويو. جيئن ”تاريخ ڪلهوڙا“ ۾ ذڪر آهي ته ”شاهپور جو شهر ميان غلام شاهه آباد ڪرايو هو، ليڪن اتي تيز هوائن لڳڻ ڪري مٽي ۽ دز تمام گهڻي اڏامندي هئي انهيءَ ڪري اهو شهر ڇڏي ڏنائين ۽ هڪ ٻيو نئون ”شاهپور“ نالي شهر آباد ڪريائين“(4) بهرحال ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي هيءُ هنڌ سنڌ جي تخت گاهه بنائڻ واري خيال کان مناسب نه لڳو پر تنهن هوندي به مير چاڪر پنهنجي قبيلي سان گڏ هن ڪوٽ ۾ ئي ويٺو رهيو ۽ هتان ئي ڪلهوڙن جي حمايت ۾ وقت به وقت فوجي نفري موڪليندو رهيو. خاص ڪري ڪلهوڙن ۽ ميرن واري ذاتي جنگاڻ دوران جيڪي گهرو لڙايون لڳيون، تن ۾ مير چاڪر هتان جا ڪيترائي ويڙهو راڄ موڪليا هئا. نالو ’چاڪر ڪوٽ‘ جي ڏکڻ اوڀر پاسي تي ’شاهپور‘ جو پراڻو شهر هو. هي ٻئي جاڙيون وَستيون ڪلهوڙن جي دور ۾ 18 صدي ڌاري وجود ۾ آيون هيون ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي زوال سان گڏ ئي ٻئي تاريخي وستيون تباهه ٿي ويون. هاڻي انهن ٻنهي ڦٽل ماڳن ڀرسان ساڳي ئي نالي سان ”شاهپور چاڪر“ جو وري شهر آباد ڪيو ويو آهي. سوين سالن کان وٺي هڪ نه ٻئي روپ ۾ ”شاهپور“ نالي وارو شهر جيئرو رهندو اچي ٿو. ”شاهه پور“ لفظ قديم ايراني تهذيب ۾ هڪ سوني تاج پاتل ديوتا جو تصور ڪيو ويندو هو. ڪن ڏند ڪٿائن ۾ انهن ديوتائن جي ڇانوَ وقت جي بادشاهن ۽ ڌنوانن تي هوندي هئي. هونءَ به ايران جا قديم بادشاهه پهلوي گهراڻي کان آڳاٽو پنهنجي پاڻ کي ”شاهه پور“ لقب سان سڏرائيندا هئا.(5) ماهر ”شاهپور“ لفظ جو اشتقاق هيئن ڪن ٿا- شاهه=وڏو ’پور‘=سگهارو، ڪامل يعني حاڪم يا شهزادو يا وڏو مُک وغيره. لفظ ”پور“ شهر/ وستي جي معنيٰ ۾ به ڪتب اچي ٿو. مثال طور: خيرپور، ميرپور، نورپور نصرپور، بقاپور، رحمت پور، خانپور وغيره. هن شهر تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي نالي پٺيان ”شاهپور“ نالو پيو. لفظ ”شاهه“ جي معنيٰ ’بادشاهه‘ به آهي. هونءَ چاڪرڪوٽ يا شاهپور شهر اڏڻ جو سهرو ڪلهوڙن جي خاص خدمتگار ٽالپرن ڏانهن وڃي ٿو. اهڙي طرح چاڪر ڪوٽ تي اهو نالو سندس اڏيندڙ مير چاڪر خان ڪري پيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيءُ ڪوٽ 1960ع ۾ ڏٺو هو، ان وقت هن کي ”گنباٽ قلعو“ به سڏيندا هئا(6). ٽالپر گنباٽ قلعي ۽ ان جي ڏاکڻي پاسي پراڻو ’شاهپور چاڪر جو شهر ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ ٻڌايو ويو هو. چيو وڃي ٿو ته اهو ڪوٽ ۽ شهر ڪلهوڙن جي پياري ۽ لاڏلي سپهه سالار مير شهداد خان جي پٽ مير چاڪر خان ٺهرايو هو. مير چاڪر خان جو تعلق ميرن جي سهراباڻي نک (پيڙهه) سان هو. ٽالپرن سنڌ جي فتح بعد پاڻ ۾ ملڪيت جي معاملي تي تنازعي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. اهڙي طرح ساري سنڌ ٽالپر گهراڻي جي ٽن نکن سهراباڻي، ماڻڪاڻي ۽ ٺاراڻي ۾ ورهائجي وئي. ”جنت السنڌ“ ۾ آهي ته نواب فتح خان هيبت بيگ بهادر سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. پهريون حصو ذات همايون، پنهنجي عزيزن لاءِ مقرر ڪيو. جنهن جون حدون ڪراچيءَ کان سيوهڻ تائين ڊيگهه ۾ هيون، ۽ ويڪر ۾ اهو حصو ٽنڊوالهيار کان کيرٿر جبل تائين هو. ٿر جو سرحدي علائقو به هن حصي سان شامل هو. هيءَ سرڪار شهداداڻي سڏبي هئي، حيدرآباد سندس تختگاهه هو. ٻيو حصو شاهه بندر کان وٺي ڇوڙ تائين هو. ڏکڻ ۾ ڪڇ جي رڻ کان وٺي اتر ۾ موري تعلقي تائين هو. سنڌ جو هيءُ ڀاڱو مير فتح علي شاهه. مير فتح خان جي پٽ، مير ٺاري خان ستاره جنگ جي حوالي ڪيو. هيءَ سرڪار ماڻڪاڻي سڏبي هئي. سندس تخت گاهه ونگي ۾ هو. ان کانپوءِ سنه 1806ع ۾ مير ٺاري خان جي پٽ مير علي مراد خان مير پور خاص جو شهر تعمير ڪرائي. اُن کي تختگاهه مقرر ڪيو. مٺي، نئون ڪوٽ، بلڙي جا رهندڙ کوسا، جيڪي اڳ ڍٺ جي رهندڙ سوڍن راڻن جي ماتحت هئا، تن ٽالپرن جو طرف ورتو. مير غلام علي خان ۽ مير سهراب خان سوڍن ٺڪرن مان شاديون ڪيون ۽ سندن جاگيرن کي بحال رکيو. جنهن ڪري ننگر پارڪر تائين ملڪ ٽالپرن جي قبضي هيٺ اچي ويو. ٽيون حصو ٿر ۽ موري کان اُٻاوڙي، روجهاڻ ۽ سيوهڻ تائين مير سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو جا سرڪار سهراباڻي سڏبي هئي. سندس تختگاهه احمد آباد ڏيجي هو. پوءِ خير پور تختگاهه مقرر ٿيو. مٿيان ٽئي سرڪاري يونٽ اهميت رکندڙ هئا. مير سهراب خان جي چاچي ڄام نندي خان کي نادر شاهه سنه 1740ع ۾ ميان نور محمد خان پاران ضمانت طور پاڻ سان خراسان ڏانهن وٺي ويو هو، جتي مير صاحب مشهد مقدس ۾ وفات ڪئي. مير سهراب خان هاڻوڪو ڏيجي جو ڪوٽ، ٽڪريءَ مٿان اڏائي مٿس توبون رکايون ۽ مٿس ’احمد آباد‘ نالو رکيو هو.(7) چاڪر ڪوٽ جو پايو وجهندڙ به سهراباڻين ٽالپرن جي پونئيرن مان مير چاڪر خان وڌو هو. ساڳي وقت مير صاحبن عام رعيت لاءِ شاهپور چاڪر جو شهر، چاڪر ڪوٽ کان ٻاهر ڏکڻ طرف اڏايو هو. باقي ڪوٽ اندر مير چاڪر خان جو خاندان رهائش پذير هو. چيو وڃي ٿو ته شاهپور چاڪر جو بنياد مير شهداد خان جي پٽ مير چاڪر خان 1739ع جي لڳ ڀڳ وڌو هوندو. ڇو جو مير شهداد خان، شهداد پور جو بنياد 1739ع ۾ وڌو هو. شاهپور چاڪر جي برباديءَ جو وڏو سبب ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي گهرو ويڙهه به ٻڌائي وڃي ٿي. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد چاڪر ڪوٽ ۽ شاهپور چاڪر مان ٽالپرن جا آخري خاندان به نقل مڪاني ڪري ويا پوءِ سارو ڪوٽ ويرانيءَ جي ور چڙهي ويو! شاهپور چاڪر جو پراڻو شهر، جيڪو ميراڻي زوال سبب کنڊر بڻجي چڪو هو، ان کي بعد ۾ سيٺ آسومل سرڪاري کڻت ڪري آباد ڪرايو هو. ساڳيءَ طرح چاڪرڪوٽ کي به هندو پنئچات هٿ ڪري ان کي مساڻ بڻايو هو. ان مساڻ جو مرگهٽ دروازي ڀر سان هو. ڪاٺ ڪفن اندر اڀرندي ڪنڊ وٽ لوهي ڇپري هيٺ هوندو هو. اڳتي هلي جڏهن ورهاڱو ٿيو ته چاڪر ڪوٽ هندن جي وڃڻ بعد وري هڪ دفعو ويران پيو هو، ته جنيد نالي هڪ مهاجر هتان جي تپيدارن جي مدد سان هيءَ زمين ڪليم ۾ کڻت ڪئي. حالانڪ سرڪاري کاتي ۾ اهي پراڻا آثار ڏيکاريل آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته حڪومت 1965ع کان وٺي قلعي واري زمين ڪنهن ٻاهران آيل کي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن قلعي ۾ ڪڻڪ پئي پوکائي، ان وقت هن اولهه واري ٻانهين کي ڊهرائڻ جو انتظام ڪيو هو، ته جيئن ٻارهن مهينن اندر سڄو قلعو ڊاهي ڇڏي(8). هڪ مقامي ڪڙمي ولي محمد ڪوٽ اندر ڪجهه عرصو ٻني ٻاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته مٿس سرڪار 50 رپيا ڏنڊ وڌو هو. ان ڪڙميءَ جي بقول هر ڏيڻ مهل هن کي هيٺان زمين مان ڪيترائي هڏاوان پڃرا هٿ آيا هئا. ڏاوت مير چاڪر جو ڪوٽ 3 22 11.26 اتر 041 68.38 اوڀر ديهه شاهپور ۽ تعلقي شهداد پور ضلع سانگهڙ ۾ واقع آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت اوڏڪي ڪچي مٽيءُ جي آهي. ان ۾ ڪٿي به پڪي سر ۽ ديوارن ۾ ڪاٺ يا لوهه ڪتب نه آندو ويو آيو. هيءُ مستطيل شڪل جو ڪوٽ اندازاً ساڍن ٽن ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. ڪوٽ جو اوڀر ۽ اولهه پاسو اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان ڊگهو آهي. ڪوٽ جي اڏاوت خاص ڪري گوني ڪُنڊن جي بيهڪ ڏسي ان جي هشمت ۽ ڪاريگرن جي مهارت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ميرن جي ڀاڄ بعد ڪافي عرصو ڪوٽ ويران حالت ۾ هو. ان ڪري اندر جهنگ ۾ مرون رهندا هئا، بعد ۾ ڪوٽ جي کڻت ڪري ان ۾ پوک شروع ڪئي وئي. 1997ع ڌاري ڪوٽ جو معائنو ڪيو ويو هو ته ڪوٽ اندر 80 سيڪڙو زمين تي زراعت ٿئي ٿي. باقي 2009ع ۾ وڃڻ ٿيو ته ڪوٽ جي وڏي حصي ۾ گهر ٺهي ويا، البت ڪوٽ ٻاهران سالن کان پوکي راهي ٿيندي رهي ٿي. ماڻهن ته هاڻي ڪوٽ جي باقي بچل برجن ۽ ديوارن کي ڊاهي ان ٽڪري ۾ گهر اڏڻ شروع ڪيا آهن. ان کانسواءِ ان ڪوٽ جي مٽي، ماڻهو کڻي وڃي گهرن جي ڀراءَ ۾ ڪتب آڻن ٿا. ڪيترا ڪنڀر به هتان جي مٽي کڻي ويندا رهيا. بهرحال اها صورتحال رهي ته ڪجهه عرصي ۾ هن تاريخي ڪوٽ جو سنڌ ۾ ظاهري وجود ئي نه رهندو. ديوار ڪوٽ جي چؤڦير ڪچي مٽيءَ جي هڪ شاهوڙ ديوار ڏنل هئي. جيڪا هيٺ بنيادن وٽ 20 فوٽ ويڪري هئي، پوءِ اها آهستي آهستي مٿي هلي 10فوٽن جي ڪشادي فصيل ٺاهي پئي. ان فصيل کي ٻاهران حفاظت لاءِ 2.6 فوٽ ٿلهي ۽ 5 فوٽ اوچي ديوار ڏنل هئي. ڪوٽ جي فصيل ايتري ته موڪري هئي جو ان تي باقاعده گهوڙا گاڏي ۽ ڏاند گاڏي هلي سگهندي هئي. مقامي ماڻهو روايت ڪن ٿا ته ميرن جا پهريدار باقاعده گهوڙن تي چڙهي چوڪسي ڪندا هئا. ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار جي سراسري بلندي 16 فوٽ هئي. گنباٽ قلعي (چاڪر ڪوٽ) جي اوڀر ۽ اولهه ٻانهي 370 فوٽ ڊگهي هئي، اتر ۽ ڏکڻ ٻانهي 312 فوٽ جي ڊيگهه ٺاهي ٿي. پنجويهه ٽيهه سال اڳ به ڪوٽ جون ديوارون ڪافي ثابت بيٺيون هيون. پر مالڪي نه هئڻ ڪري 1997ع ۾ صرف سندس اتر ديوار 156 فوٽ بيٺل نظر اچي ٿي. جنهن ۾ ٻن برجن جا نشان به ڏسي سگهجن ٿا. 2009ع ان ديوار ۽ برجن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، صرف هڪ برج جو ٽڪرو بيٺل آهي. ڪوٽ جي چؤڦير ديوارن ۽ برجن کي خوبصورتي بخشڻ لاءِ ڪنگريون ڏنل هيون. ڪنگرين جي ٿولهه 2.6 فوٽ هئي. برج ڪوٽ جي چئن ڪنڊن تي حفاظت لاءِ چار برج مامور هئا. ان کانسواءِ ڪوٽ جي اُتر ۽ ڏکڻ ٻانهي ڊگهي هئڻ ڪري انهن چؤديوارن جي وچ تي ٻه ٻه برج هئا. ساڳي طرح ڪوٽ جي اتر پاسي تي وچ تي هڪ هڪ برچ بيٺل هو. ائين چئجي ته چاڪر ڪوٽ جي حفاظت نون (9) برجن پنهنجي ڪلهي تي کنئي هئي. انهن ۾ ڪنڊن تي چوڪيداري ڏيندڙ برج قد ۽ بت ۾ ڪجهه قدر وڏا هئا، بنسبت ٻين برجن جي. ديوارن جي وچ واري برج جو قطر 16 فوٽ بيهي ٿو، هي برج هيٺان گول هئا، جيڪي آهستي آهستي مٿي سوڙها ٿيندا پئي ويا. هي برج ايترا ته لسا هئا جو ماڻهو ڪيتري به ڪوشش ڪري، ان تي چڙهي نه سگهندو هو. البت برجن تي چڙهڻ لاءِ اندرين پاسي کان ڪچن سرن جون ڏاڪڻيون هيون. جيڪي ڦيري تي مٿي چڙهنديون وينديون هيون. چاڪر ڪوٽ جا اهي مورچا، ديوار کان ٻاهر نڪتل هئا. ٻاهران انهن جي بلندي 16 فوٽ هئي. اتي مال چاريندڙ ستر سالن جي هڪ ڌراڙ ٻڌايو ته برج ايترا ويڪرا هئا جو ان تي ڏهه کٽون رکي سگهبيون هيون. اسان مال چاريندا هئاسين ته انهن مورچن تي چڙهي ويندا هئاسين، اتي توبن رکڻ جا نشان به نظر ايندا هئا پر اتي ڪا توب موجود ڪانه هئي. بهرحال موجوده وقت ان ڪوٽ جي ٻن برجن جا بوتا ڪجهه قدر ثابت بيٺا آهن. هڪ اولهه اتر ڪنڊ وارو برج ۽ ٻيو اتر ديوار جي وچ تي هڪ برج جا آثار ظاهر آهن. اسان جو ڪجهه هفتن بعد وري وڃڻ ٿيو ته اولهه اتر ڪنڊ واري برج جو ڪافي حصو ڪو همراهه ڪوڏر سان ڪڍي ويو هو. شايد ڪجهه مهينن بعد ڪوٽ جون هي آخري نشانيون به نه لڀن. دروازا چاڪر ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا هئا. هڪ مکيه ۽ وڏو دروازو ڪوٽ جي ڏکڻ پاسي کان وچ تي هو. جنهن جي ويڪر 20 فوٽ هئي. آخري دور ۾ ان دروازي تي ڪنهن لوهي در به هڻايو هو. ان کانسواءِ هڪ عام دروازو ڪوٽ جي اتر اوڀر ڪنڊ وٽ قائم مورچي ڀرسان هو. جنهن مان هاڻي به هڪ ڪچي سڙڪ ڪوٽ جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿي. ڪوٽ اندر ٻيون اڏواتون ڪوٽ اندر ٽالپرن پنهنجي رهائش لاءِ ڪافي جايون ٺهرايون هيون. جيڪي گهڻو ڪري ڪچي مٽي جون هيون. مٽي ايڏي ته مضبوط هئي. جو ڪافي سالن تائين سخت بارش ۽ هوائن جو مقابلو ڪندي رهي. اڄ به انهن عمارتن جا آثاردڙن جي شڪل ۾ موجود آهن. ڪوٽ ۾ ڪنڊيءَ جو هڪ وڻ به هو، جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته مير صاحبان ڏوهارين کي ان تي ٽنگي ڦاهي ڏيندا هئا. ٽالپرن جي وڃڻ بعد هتان جي هندن ڪوٽ کي سنڀاليو. هت هندن جو وڏو پيرومل هو. هنن اندر پنهنجي مُڙدن کي ساڙڻ لاءِ مساڻ ۽ ڪوٺيون ٺهرايون. هڪ ڪوٺيءَ ۾ هندو پاڻ ويهندا هئا ۽ ٻي ۾ مڙدي کي ساڙي ان جي رک دٻن ۾ محفوظ ڪري رکندا هئا. ڪوٽ اندر هندن جو مندر به هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب 1960ع ڌاري لکي ٿو: ”مندر واري عمارت موجود آهي، باقي قلعي جون ديوارون ۽ برج 1950ع تائين موجود هئا.“ هندن هن ڪوٽ اندر وڻ رکرايا. مالهي رکيائون، بينچون وغيره ٺهرايائون. ان ڪوٽ ۾ هڪ ٻاوو سدائين موجود هوندو هو. ورهاڱي بعد هيءُ ڪوٽ اُجڙي ويو. مقامي ماڻهو مساڻ جي ڪوٺين جون سرون ۽ لوهه ڪڍي ويا. هن وقت به ڪوٽ اندر اتر پاسي تي هندن جي مساڻ ۾ پراڻين جاين ۽ ڪوٺين جا آثار باقي بيٺا آهن. ڪوٽ اندر هاڻي ڪامل شاهه جي مزار تي اڄ به ماڻهن جي اچ وڃ آهي. (1997ع) موجودهه وقت ڪامل شاهه تائين شاهپور چاڪر سان پڪو روڊ اچي ٿو، جيڪو ڪوٽ کي ختم ڪري ٺاهيو ويو آهي. ڪامل شاهه جي مزار به وڏي ۽ پختي ڪري جوڙي وئي آهي. مارا ڪوٽ جا مارا، ڪوٽ جي حفاظت ۽ حملي آورن کي روڪڻ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. مارا نه رڳو ڪوٽ جي دفاع لاءِ ڪارگر آهن. پرڄڻ ته اهي ڪوٽ جون اکيون آهن. جنهن جي پويان بيهي پهريدار دشمن جي حملي کي روڪڻ سان گڏ ان جي چرپر تي به نظر رکي سگهي ٿو. ڪوٽ جي مارن جي ڊزائين ۽ ساخت ڏسي ماڻهو ان دور ۾ ويڙهه ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن جي قسمن جو به اندازو ڪري سگهي ٿو، ته اهو ڪوٽ تير ڪمان ۽ تلوار بازيءَ جي دور جو آهي. يا بارود جي ايجاد بعد بندوق ۽ توب واري دور ۾ ٺهيو آهي. بهرحال چاڪر ڪوٽ جا مارا ڪوٽ جي خوبصورت ڪنگرين هيٺان وچ تي هئا، جن مان سولائيءَ سان فائر ڪري سگهبو هو. شاهپور چاڪر جا جهونا ٻڌائين ٿا ته مارن جا سوراخ ٻاهرين طرف هيٺ زمين طرف لهوارا هئا، اهي مارا زمانو گذرڻ ڪري پنهنجي اصلي شڪل وڃائي ويٺا هئا، ان ڪري آخري وقت ۾ گول نظر ايندا هئا، ٿي سگهي ٿو ته اهي چوڪور يا مستطيل هجن. مارا وقت گذرڻ ڪري ۽ موسمي اثر ۽ کاڌ ڪري ايترا موڪرا هئا جو ماڻهو جو منهن ان ۾ داخل ٿي ويندو هو. ديوار جي بنسبت برجن وارا مارا سوڙها ۽ ننڍڙا هوندا هئا. اهي به ٻاهرين طرف زمين ڏي لهوارا هئا. پاڻي گنباٽ قلعي جي رونق ۽ ماڻهن جي گذر معاش جو ذريعو، ان جي ڀرسان وهندڙ واهن تي هو. ڪوٽ جي ڏکڻ ۽ اتر پاسي تي ٽي وڏا واهه- روڻو، عالي ۽ يارو واهه وهندا هئا، جيڪي داد واهه مان ڦٽي نڪرندا هئا. داد واهه وري سڪرنڊ وٽان سنڌو درياء منجهان وهي ايندو هو. هڪ ٻيو واهه علي بحر نالي به هوندو هو، جيڪو جهوني شهر شاهپور چاڪر کان اوڀر طرف اٽڪل ڏيڍ ميل جي پنڌ تي يارو واهه مان وهندو هو. اهي سمورا واهه ڇهه ماهي وهندا هئا. يعني درياء جڏهن چاڙهه کائيندو هو تڏهن اهي واهه موج مستيءَ ۾ ايندا هئا. اهي سڀ واهه گهڻو ڪري ڪلهوڙا دور جا هئا. هونءَ به سنڌ جي زراعت ڪلهوڙا دور ۾ عروج تي هئي. ڪلهوڙن سڄيءَ سنڌ ۾ نوان واهه کوٽرايا هئا ۽ هنن باقاعده پوکي راهي تي توجهه ڏنو هو. ڪوٽ جي آسپاس وسيع ڍنڍون به هونديون هيون جتي پٻڻ، لوڙهه بِهه وغيره جام ٿيندا هئا. پاڻيءَ جي گهڻائيءَ ڪري هت مڇي به گهڻي مرندي هئي. ملاحن جا هت ميلا هوندا هئا. ملاحن جون ڪيتريون مياڻون هت مشهور هيون. ڪوٽ جي اڀرندي پاسي پڻ هڪ نيرائي ڍنڍ سان گهيريل هو. جنهن کي ريڻ واهه سيراب ڪندو هو. انگريز راڄ ۾ گورا ڪامورا پنهنجين ميمن سميت انهن ڍنڍن تي تفريح ۽ شڪار لاءِ ايندا هئا. بهرحال 1892ع، 1898ع ۽ 1932ع ۾ نوان وڏا ڪئنال مٺڙائو، جمڙائو ۽ روهڙي ڪئنال کوٽڻ ڪري، چاڪَر ڪوٽ جا پراڻا واهه، واهڙ، ڍنڍون ۽ ڍورا به ڀڙا ۽ ڀڙيون ٿي ويا. (9) قلعي اندر به هڪ کوهه موجود هو، جيڪو 1947ع ۾ لٽايو ويو(10). ميراڻي دور ۾ شاهپور چاڪر جي آسپاس سارين جو فصل تمام گهڻو ٿيندو هو. ان کانسواءِ جوئر، ٻاجهر، مڪائي، وونئڻ ۽ ڪڻڪ جا فصل پوکيا ويندا هئا. واهن جي آبڪلاڻيءَ ۾ هرلن ۽ نارن جي چاڙهيڪن تي به پوکي راهي ٿيندي هئي. چوڦير ساوڪ سبزي ڪري ماڻهن وٽ چوپايو مال به جام هوندو هو. تختگاهه ڪلهوڙا دور ۾ شاهپور جي حوالي سان سنڌ ۾ ٻن شهرن جو ذڪر ملي ٿو. جن کي ڪلهوڙن ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ جو تخت گاهه بنايو هو. ڪلهوڙن پنهنجي حڪمرانيءَ ۾ مختلف وقتن اندر سنڌ ۾ ڪيترائي تخت گاهه ٺهرايا هئا. جن ۾ ڳاڙهي خدا آباد (اول) مراد آباد، الهه آباد، شاهه ڳڙهه، شاهپور (اول)، شاهپور (ثاني)، خدا آباد (ثاني) ۽ حيدرآباد وغيره شامل آهن. انهن مان ٻن تخت گاهن کي شاهه پور (اول) ۽ شاهه پور (ثاني) جي نالي سان سڏيو ويو آهي. ’تاريخ ڪلهوڙا‘ ۾ آهي ته: ”مراد آباد شهر تباهه ٿي ويو ته ميان غلام شاهه محمد آباد جي ڀر ۾ هڪ نئون شهر ”الهه آباد“ جي نالي سان تعمير ڪرايو. پوءِ ان جو نالو بدلائي ”شاهپور“ رکيو ويو. ليڪن هيءُ شهر زيادهه عرصي تائين مرڪز نه رهيو، ۽ جلد ئي ان کي ترڪ ڪيو ويو.“ (11) محققن جو خيال آهي ته الهه آباد جو شهر موري جي آس پاس هو. ان کانسواءِ شاهپور (اول) جو ذڪر ڪتابن ۾ آيو آهي ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ٽيون دفعو سنڌ جو واڳ ڌڻي ٿيو ته هن نئون شهر وسايو. ان لاءِ قانع لکيو آهي ته: ”هاڻي جڏهن دشمن خواهه ملڪ جي فتح بابت پوري دلجاءِ ٿيس تڏهن تاريخ 25 محرم الحرام 1173هه جي نئين وسايل شهر ’شاهه پور‘ ۾ ڇانوڻي هڻي صاحبزادي کي متعلقين سميت ساڪره کان پاڻ وٽ گهرايائين، شهر ڇهه سال سنڌ جو تخت گاهه رهيو.“ ميجر هيگ هن جو جاءِ وقوع نصرپور ڀرسان ٻڌايو آهي. جنهن سان ٻيا به ڪافي محقق متفق آهن. هيءُ شهر اڄ به نصرپور ڀرسان ’شاهپور - درپور‘ نالي سان موجود آهي. (12) شاهه پور (ثاني) ميان غلام شاهه جڏهن ڪڇ جي ٻي مهم (1178هه-1746ع) تي نڪتل هو تڏهن شاهپور (اول) جو شهر اهميت وڃائي ويٺو هو. ميان صاحب وطن وريو ته نئون شهر آباد ٿي چڪو هو. علي شير قانع رقم طراز آهي: ” ڪڇ کان موڏي اچڻ تي گهڻي مٽي ۽ واءُ جي ڪري ’پراڻي شاهه پور‘ کان ’نئين شاهه پور‘ لڏي آيا ۽ بادشاهه جي درگاهه مان اڳئين لقب سان گڏ صمصام الدولہ جو خطاب پڻ عطا ٿيو.“ هيءُ شهر پورا چار سال (1182هه-1768ع تائين سنڌ جو دارالحڪومت رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن شهر جو وجود پڻ پهريون ’شاهه پور‘ وٽ ٻڌائي ٿو. خدا داد خان ۽ غلام رسول مهر جو خيال آهي ته ”هيءُ شهر اڄ به تعلقي سڪرنڊ ۾ ننڍڙي واهڻ جي صورت ۾ موجود آهي.“(13) ماهرن شاهپور (اول) ۽ شاهپور (ثاني) جي جاگرافيائي بيهڪ جي باري ۾ رڳو اندازا ڪيا آهن. انهن وٽ ڪابه پڪي پختي ثابتي ڪانهي. اڄ به چاڪرڪوٽ جا مقامي بزرگ وڏي يقين سان اها روايت ٻڌائن ٿا، جيڪا هو به پنهنجي وڏن کان ٻڌندا آيا آهن ته شاهه پور (اول) پراڻي، هن چاڪرڪوٽ جي ڀرسان ئي آباد هئي، جتي غلام شاهه ڪلهوڙو آيو هو پر مٽي ۽ ڌڌڙ ڪري هت وڌيڪ رهي نه سگهيو هو، ۽ شاهه پور (اول) کي ڇڏي ويو. ان بعد مير چاڪر ڪافي وقت چاڪرڪوٽ ۽ شاهه پور کي آباد ڪيون ويٺو رهيو، پر پوءِ هو به انگريزن هٿان شڪست کائڻ کان پوءِ دلبر داشت ٿي هيءُ شهر پنهنجي خاندان سميت هميشه لاءِ ڇڏي ويو. چاڪر ڪوٽ ته مهاجرن جي کڻت جي ور چڙهي ويو. البت شاهپور (اول) پراڻي، ڀرسان ئي شاهپور (شاهپور چاڪر) پنهنجو نالو هڪ نه ٻي روپ ۾ برقرار رکيون بيٺو آهي. هونءَ به ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا جيڪي به تخت گاهه رهيا آهن، انهن جي ڀرسان سندن مدفن گاهه پڻ آهن. جيئن ڳاڙهي، خدا آباد، ڊرگهه بالا، محمد آباد، خدا آباد (ثاني)، حيدرآباد وغيره. ساڳي طرح شاهپور ڀرسان به مير شهداد خان جا قبا هن شهر کي ڪلهوڙن جو پراڻو تخت گاهه شاهه پور (اول) هئڻ طرف شڪ پيدا ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ساڳي وقت هڪ دفاعي ڪوٽ- چاڪر ڪوٽ جي موجودگي به هن هنڌ کي پراڻو تخت گاهه ثابت ڪرڻ لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، جنهن تي اڃا تحقيق جي ضرورت آهي. شهداد خان جا قبا چاڪر ڪوٽ کان اتر ۽ اولهه ڪجهه فاصلي تي شاهپور چاڪر ۽ شهداد پور وستي وسائيندڙ آرامي آهن. سدا واهه ڪناري ميرن جو هيءُ قديم قبرستان پنجن ايڪڙن ۾ ڦهليل ٿيندو. مقامي ماڻهو ان کي ”شهداد خان جا قبا“ يا ”ميرن جا قبا“ ڪري سڏين ٿا. آثارن مان لڳي ٿو ته هن گورستان کي چؤڦير ديوار ڏنل هئي. ڪٿي ڪٿي اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا. قبرستان ڀرسان به دڙن جي صورت ۾ ڪنهن قديم وستيءَ جا نشان چغلي هڻن ٿا. موجوده وقت ساري قبرستان کي سم ۽ ڪلر کائي ويو آهي. سار سنڀال نه هئڻ ڪري مسجدون، مزارون ۽ عمارتون اُجڙي اچي پٽ پيون آهن. ڳوٺاڻن به باقي بچل سرون ۽ پٿر کڻي وڃي گهر وسايا آهن. سنڌ جي تاريخ جي هن اهم باب جي جيڪڏهن ترت سار سنڀال نه لڌي، ته سنڌ جي تاريخ جي ٻين گم ٿيل گوشن جيان تاريخ جو هيءُ باب به هميشه لاءِ ميسارجي ختم ٿي ويندو. (1) مسجد: مير شهداد بن ڄام نندو قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته قبرستان ڀرسان جي مجاورن لاشاري فقيرن جا گهر آهن، جن جي وڏن کي مير صاحبن تيرنهن ايڪڙ زمين به ڏني هئي. مجاورن جي گهرن ويجهو ڏکڻ ۾ هيءَ مسجد آهي. سنهي سرن واري هيءَ مسجد تمام زبون حالت ۾ آهي. هن جو رنگ روغن صفا ختم ٿي چڪو آهي. ٽن گنذن واري هن مسجد جو وچيون گنبذ وڏو آهي. ان جي ٻاهرين ديوار ختم ٿي چڪي آهي. مسجد جي اندر مختلف رنگن جي گلڪاري ٿيل آهي. ونگن مٿان سهڻي دلڪش جاميٽريڪل ڊزائين ٺهيل آهي. مسجد اندر ويڪري آهي. جنهن ۾ سؤکن ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. مسجد جو محراب تمام خوبصورت سينگاريل آهي. مسجد جي تعمير ڪلهوڙا دور جي عمارتسازيءَ جو نادر نمونو آهي. مسجد جي ٻاهرين دروازي تي مؤذن لاءِ خوبصورت ڇٽيدار چبوترو آهي. مسجد جي دروازي تي پٿر تي ڪتبو لکيل آهي: ”افضل الذڪر لا الٰہ الا الله محمد رسول الله“ ”عرض مير شهداد بن جام ننده فقير تالپر در حضور رباني عصائم رادو حصه گردان نيم بحسن و حسين نيم به حيدر“. مٿئين ڪتبي مان واضح آهي ته هيءَ مسجد مير شهداد بن ڄام نندي جي ٺهرايل آهي. البت ان تي تعمير جو سال لکيل نه آهي. تاريخن ۾ مير شهداد جي وفات سال 1210 هجريءَ ۾ ڄاڻايل آهي. ان ڪري لڳي ٿو ته هيءَ مسجد ان کان اڳ جي ٺهيل آهي. مير شهداد خان جي قبر مير شهداد خان جي قبر سندس ٺهرايل مسجد جي پويان اولهه ۾ آهي. چوڪنڊي طرز جي هيءَ قبر چار فوٽ بلند ٿلهي تي آهي. مسجد جي لڳ هن اڪيلي قبر جي چؤڦير شايد ديوار به ڏنل هئي. هاڻي به ان جا نشان ظاهر آهن. بلند ۽ وسيع ٿلهي جي چوگرد پٿرن جا سهڻا گل نقش ٿيل آهن. ان قبر واري ٿلهي جي ٽئين طبقي تي تعوين لکيل آهي. قبر جي پيرانديءَ کان پارسيءَ ۾ هيءُ ڪتبو آهي: ”هو الغفور اين تربت مرحوم مير شهداد فقير تالپر بن ڄام ننده فقير تالپر تاريخ نوزدهم سن 1210هه رمضان وفات يافت“ مزار جي تعوين جي ٻنهي پاسن تي تمام نفيس ۽ خوشخطيءَ ۾ مٿان قرآن ڪريم جي آيت ”تبارڪ الذي“ پٿر تي اڪريل آهي. مير شهداد جي تربت جي مٿي کان هي اکر لکيل آهن: الحي القيوم، افضل الذڪر لااِلٰہ الا الله محمد رسول الله، يا محمد، يا محمد، يا محمد سلام قول من رب رحيم“. مير نصير محمد ڄام نندي جي قبر مير شهداد خان جي قبر کان چند قدمن تي سندس پيءُ مير نصير محمد ڄام نندي جي قبر آهي. هي پڻ پيلي پٿر Sand Stone)) جي چوڪنڊي طرز جي نقش نگارن واري آهي. هيءَ ٽي فوٽ پڪي ٿلهي تي جڙيل آهي. تربت جي تعوين تي سهڻي انداز ۾ ”آيت الڪرسي“ ۽ ”قل هو الله“ چٽيل آهي. قبر جي اوڀر ۾ هيءُ ڪتبو تحرير ٿيل آهي: ”ميان نصير محمد ڄام ننده بن فيروز فقير تالپر“ مائي حوا بنت مير چاڪر جي مزار ڄام نندي واري ٿلهي تي ئي ڀرسان اولهه پاسي هڪ عورت جي قبر آهي. چوڪنڊي طرز تي تعمير ٿيل ان قبر تي اوڀر پاسي هيءُ ڪتبو تحرير ٿيل آهي: ”ميان نصير محمد مائي حوا بنت مير چاڪر فقير تالپر.“ مائي حوا جي قبر جي اولهه پاسي هڪ قبر تي هيءُ ڪتبو نقش ٿيل آهي، هيءَ مزار مير صاحب جي ڪنهن ديري جي آهي: ”ناد علياً مظهر العجائب تجده ڪو نا لک في التوائب يا محمد ويو لايتک يا علي يا علي کل هم و غم سينجلي بنوڪ محمد يا علي برحمتڪ يا ارحم راحمين.“ ڄام نندي واري مسجد مير نصير ڄام ننده جي مزار جي سامهون اترئين طرف هڪ وڏي مسجد جڙيل آهي. هيءَ مسجد مير صاحب جي ڀيڻ، پنهنجي ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ ٺهرائي. مسجد جي مکيه دروازي تي پٿر تي هيءُ ڪتبو لکيل آهي: افضل الذڪر لا الٰہ الا الله محمد رسول الله. محمد نصير ڄام ننده فقير بن ڄام فيروز قوم تالپر بتاريخ بيت وششم ماهه رمضان 1217هه جو وفات يافث. ان وسيع مسجد جي ديوارين تي سهڻن رنگن سان نقش چٽيل آهن. محراب جي ٻنهي طرفن تي امامن سڳورن جي روضن جون تصويرون ٺهيل آهن. پارسيءَ ۾ ڪجهه عبارتون لکيل آهن، مسجد جي ٻاهرين ديوار ۽ دروازو ختم ٿي چڪا آهن. البت مکيه دروازي مٿان هڪ گول گنبذ آهي. تڳئي فقير جي تربت ان مسجد جي اوڀر پاسي چند سؤ فوٽن تي هڪ چبوتري اندر تڳئي فقير جي قبر آهي. چبوتري ۾ ننڍيون ۽ سنهيون سرون استعمال ٿيل آهن. ان چبوتري اندر هڪ ٻي قبر سندس ڪنهن مريد جي آهي. تڳيو فقير ذات جو مگسي هو. مير سندس معتقد هئا. عبد الله شاهه شهيد جو چبوترو قبرستان جي اتر پاسي تي هڪ چبوتري ۾ سيد عبدالله شاهه جي قبر آهي. تربت جي تعوين تي آيت الڪرسي لکيل آهي. عبد الله شاهه وڏو عالم هو. مير صاحبن جي ساڻس عقيدت هئي. هن جي شهادت بعد مير صاحب پنهنجي خاندان سميت هت زيارت تي ايندا هئا. هاڻي به زيارتي اچن ٿا. ٿلهي تي بغير ڪتبي مزار عبد الله شاهه جي چبوتري جي اوڀر ۾ ست فوٽ بلند ٿلهي تي چوڪنڊي طرز جي هڪ مزار آهي. هن تي آيت الڪرسي لکيل آهي. ٿلهي تي چوڌاري ٻارهن ٿنڀن تي قبو بيٺل آهي. هيءَ مزار بغير ڪتبي جي آهي. مراد فقير قبرستان جي اترين طرف پٿرن چار جون ٺهيل مزارون آهن. جن مان اوڀر طرف ٽين نمبر تي آيت الڪرسي نقش ٿيل آهي، چوٿين مزار جي تعوين تي اندران ڏکڻ پاسي هيءُ ڪبتو لکيل آهي: افضل الذڪر لا الٰہ الا الله محمد رسول الله. وفات مراد فقير قوم بلوچ لکاري في التاريخ 19- شهر رجب سنه 1102 هه“ شهيد ٿيل مسجد مير نصير محمد ڄام نندي واري مسجد جي اتر- اولهه ڏيڍ سؤ فوٽن تي هڪ شهيد ٿيل مسجد آهي. مسجد جو وچيون وڏو گنبذ شهيدچڪو آهي. مسجد جي اولهه ۾ هڪ مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. مسجد سنهين سرن جي ٺهيل آهي. هيءَ مسجد بلڪل شهيد ٿي چڪي آهي. ڄڻ هڪ سرن جو باقي بوتو وڃي بچيو آهي. مسجد جي پويان اولهه ۾ ٽن قبن نما چبوترا آهي. پهرين چبوتري ۾ هڪ قبر آهي. جنهن جي تعوين تي آيت الڪرسي اُڪريل آهي. ٻئي چبوتري هيٺان ٻه مزارون آهن. ٻن تي نقاشيءَ جو نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي. اهي سڀ مزارون ڪتبن کان خالي آهن. ميان نصير محمد مير شهداد خان جي قبر ٽين چبوتري ۾ ٽي قبرون ٻن طبقن واري ٿلهي تي آهن. جن کي ٻاهران چوڌاري پڪين سرن جي ديوار آهي. ٻاهرين اوڀر پاسي واري خوبصورت دروازي تي هي اکر لکيل آهن: ”ميان نصير محمد مير شهداد خان ولد خان تنگ تالپر بلوچ فقير ومال کرده ماه رجب سنه 1147هه“. اها خوبصورت ٿنڀن مٿان هڪ ڇٽي رکيل، جنهن جو اڇو گول گنبذ اڄ به جاذب نظر اچي ٿو، جنهن تي سهڻي نيل بيٺي آهي. اها مزار وڏي مير شهداد خان جي آهي. چون ٿا ته شهدادپور انهيءَ مير صاحب جو ٻڌايل آهي. ساڳي ديوار اندر ٿلهي تي باقي ٻيون مزارون سڀ ديره جات جون آهن، جن مٿان به ڇٽيون جڙيل آهن. ٿلهي کي چوگرد سهڻو پٿر جو ڪٽهڙو آهي ۽ مٿس ڄاريدار پڃرو جوڙيل آهي. مير شهداد جي قبر مٿان اهو گنبذ آهي. جنهن جي بعد ۾ مرمت ٿيل نظر اچي ٿي. مير شهداد خان جي ڇٽيءَ جي اوڀر ۾ ٻه ڇٽيون زبون ۽ ڪريل حالت ۾ آهن. جن جا گنبذ ڊهي چڪا آهن. البت سندن ٿنڀا سالم بيٺا آهن. ٻنهي ڇٽين هيٺان ٻه قبرون آهن. جن تي ڪو به ڪتبو ڪو نه آهي. ان تي قرآني آيات لکيل آهن. ميان نصير محمد مير فتح علي جي قبر انهن چبوترن جي ڏکڻ ۾ هڪ زبون حالت ۾ پٿريلو چبوترو آهي، جنهن جي چؤڦير ٻاهران ديوار ڏنل هئي. هاڻي صرف دروازو باقي رهيو. ان دروازي مٿان هيءُ ڪتبو آهي: ميان نصير محمد مير فتح علي ولد هوتک تالپر قوم بلوچ فقير بقاشد بتاريخ 7- صفر سنه 1101هه. ان ٿلهي تي چبوتري هيٺان ٽي قبرون آهن جن مان اڀرندي ٻه گڏ قبرون آهن. الڳ ٽي چوڪنڊيون قبرون اهي چبوترن ۽ قبن جي پويان اتر طرف کان مير صاحبن جي خاص ماڻهن مان سپاهه، امير ۽ وزير دفن آهن. اهي مزارون تمام گهڻي تعداد ۾ آهن ۽ سڀ پڪين ننڍين سِرن جون ٺهيل آهن. (14) حوالا (1) مهر، غلام رسول. ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا“ دؤر“ سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ص، 16 (2) ڏسو حوالو-1، ص 833 (3) ڏسو حوالو-1، ص 837 (4) ڏسو حوالو-1، ص 557 (5) لکنو، تيجڪمار- (مرتب): لغات ڪشوري. (بحوالو ماستر لکمير ڏاهري: ”شاهپور چاڪر“) (قلمي) (6) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”رهاڻ هيرڻ کاڻ“، (جلد اٺون) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 2008ع، ص 13. (7) مولائي شيدائي رحيمداد خان: ”جنت السنڌ.“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. 2000ع ص 483 (8) ڏسو حوالو-6 (9) ڏاهري لکميرماستر”شاهپور چاڪر“ (قلمي) (10) ڏسو حوالو-1. (11) ڏسو حوالو-1، ص 975 (12) انصاري اشتياق: ”ميان غلام شاهه ڪلهوڙو“ عباسي ڪلهوڙا اتحاد حيدرآباد 2002ع ص 101 (13) ڏسو حوالو- 9 ص 102 (14) قريشي حامد علي خانائي: ”شاهپور چاڪر ۾ ٽالپرن جا قبا“ ٽه ماهي مهراڻ 1-1976ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. بشير نوناري تحقيق ورهاڱي کان اڳ جو سنڌي افسانو سنڌيءَ ۾ پهرين نثري آکاڻي جا ڇاپي هيٺ آئي سا هئي مشهور لوڪ ڪهاڻي تي ٻڌل، ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي،“ جنهن جو لکندڙ هو منشي اڌارام ٿانورداس. اها آکاڻي ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر (1849ع) ۾ ضميمي طور ڏنل هئي جيڪا ديوناگري لپيءَ ۾ شائو ٿي هئي ڇو جو عربي لپي تيار ئي 1853ع ۾ ٿي.(1) ميمڻ رانجهن خان پنهنجي ڪتاب ”سنڌي افسانو (آزادي کان اڳ) جي صفحي نمبر 8 تي لکي ٿو ته ”سنڌيءَ ۾ پهرين آکاڻي جا ڇاپي هيٺ آئي سا هئي ”آکاڻي راءِ ڏيارچ جي“، جنهنجو ليکڪ منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي هئو. اها آکاڻي ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۽ ديوناگري رسم الخط ۾ موجود آهي، جيٽو 1853ع ۾ ڇپيو هئو. (2) پروفيسر موهن لعل پنهنجي ڪتاب ”ادبي گل“ جي صفحي نمبر 56-57 تي لکي ٿو ته منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ جي لکيل ”آکاڻي راءِ ڏياچ“ هيءَ آکاڻي ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۽ ديوناگري خط ۾ موجود هئي، جيڪو 1853ع ۾ ڇپيو هو.(3) ميمڻ رانجهن خان ۽ پروفيسر موهن لعل، ان آکاڻيءَ جي ڇپجڻ جو سال 1853ع لکيو آهي. وري ان کان اڳ لکن ٿا ته اها آکاڻي ديوناگري رسم الخط ۾ موجود آهي. مان سمجهان ٿو ته ميمڻ رانجهن خان ۽ پروفيسر موهن لعل کان اها غلطي ٿي جو انهن 1853ع ۾، جيڪا عربي رسم الخط تيار ٿي، ته هنن وري ان ڪتاب ڇپجڻ وارو سال 1853ع لکيو آهي جڏهن ته اها آکاڻي ديوناگري لپيءَ ۾ 1849ع ۾ ڇپي هئي جنهن جي وضاحت منگهارام ملڪاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهي. اهڙي راءِ ته سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻي به ڏئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ جون اوائلي آکاڻيون ”راءِ ڏياج“ ۽ ”شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه“ به قابلِ ذڪر آهن. جن مان پوئين آکاڻي اصلي ناگري زبان ۾ لکيل هئي. منشي صاحب جون اهي آکاڻيون ”ڪئپٽن اسٽئڪ“ جي سنڌي گرامر ۾ درج ٿيل آهن. جيڪو 1853ع ڌاري ڇپيو.(4) اهڙي تصديق سنڌيءَ جو عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار گوبند مالهي ۽ ڪلاريجهسنگهاڻي پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ ۾ هنن لفظن ۾ ڪن ٿا. ”سنڌيءَ ۾ پهرين نثر جي ڪهاڻي جا لکڻ ۾ آئي سا هئي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي ڪهاڻي جنهن جو ليکڪ منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي هئو. منشي صاحب سنڌي نثر جي مکيه پايه وجهندڙن مان هڪ هو. هيءَ ڪهاڻي ڪئپٽن اسٽئڪ جي گرامر ۾ ضميمي طور ڏنل آهي جو ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ 1849ع ۾ ڇپيو. آکاڻيءَ جي مکيه خاصيت آهي ته اها ٺيٺ سنڌيءَ ۾ لکيل آهي. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان جلد ئي پوءِ 1853ع ۾ عربي آئيوٽيا سنڌي ٻوليءَ لاءِ مقرر ٿي.(5) 1853ع ۾ عربي آئيوٽيا ٺهڻ سان سنڌي نثر لکڻ توڙي ڇپائڻ کي وڏي هٿي ملي ۽ اوائلي ڪتاب جيڪي نئين لپيءَ ۾ نڪتا سي قصا ڳالهين جي روپ صورت ۾ هئا. جن ۾ ساديون سوديون ڳوٺاڻيون يا گهرو ڪهاڻيون بيان ڪيل هونديون هيون ۽ منجهائن اخلاقي نصيحتن نڪتا تي زور ڏنو ويندو هئو. ان ڏانءَ جي پهرين ڪهاڻي ”ڀنڀي زميندان جي ڳالهه“ غلام حسين قريشيءَ جي لکيل هئي، (1854ع) جا پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي تان ورتل هئي. تنهن کان پوءِ سيد ميران محمد شاهه (اول) ”سڌا توري ۽ ڪڌا توڙي جي ڳالهه“ (1855ع) ساڳي پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ”ڪيڌي سيڌي“ تان سنڌيءَ ۾ الٽو ڪئي جا ”مهراڻ“ مخزن (1959- 1) ۾ ڇپي هئي.(6) ميمڻ رانجهن خان پنهنجي ڪتاب ” سنڌي افسانو (آزاديءَ کان اڳ) جي صفحي نمبر 10 تي لکي ٿو: ”ڪن عالمن ۽ ڄاڻن جو خيال آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون افسانو سيد ميران محمد شاهه اول، مٽيارين واري لکيو، جو هنديءَ ۾ ڪرشنا دتا جي لکيل آکاڻيءَ ”سودي ڪبودي“ جو سنڌي ۾ ترجمو، ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه “ جي عنوان سان شائع ٿيو“.(7) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جي صفحي نمبر 145 تي ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ کي پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ”سبودي ڪبودي“ تان ترجمو ٿيل ڏيکاري آهي. (8) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ جي صفحي نمبر 119 تي لکي ٿو ته، ”سنڌي زبان ۾ پهرين ڪهاڻي غلام حسين قريشيءَ جي لکيل ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ آهي جيڪا 1854ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپي. ان قسم جون ٻيون ڪهاڻيون آهن. سيد محمد شاهه اول جي ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ (1855ع) ۽ ”مفيد الصبيان“ (1861ع). (9) اڪبر لغاري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ جي صفحي نمبر 67 تي لکي ٿو ته ”1851ع ۾ سورٺ راءِ ڏياچ، شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه وغيره جي نالي سان ڪهاڻيون لکيون ويون، انهن ڪهاڻين کي اسان باقاعدي افسانو نه ٿا چئي سگهون ڇو ته اهي افساني جي فني سٽاءَ کان ڪافي وانجهيل هيون.“ (10) محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ”چار مقالا“ جي صفحي نمبر 62 تي لکي ٿوته ”اڄ کان تقريبا هڪ صدي اڳ ۾ سنڌي نثر ۾ ڪهاڻين لکڻ جو رواج پيو، راءِ ڏياچ ۽ سورٺ، شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو ۽ ٻيون به ڪي ڪهاڻيون 1851ع ڌاري لکيون ويون.“ (11) پروفيسر موهن لعل پريمي پنهنجي ڪتاب ”ادبي گل“ جي صفحي نمبر 57 تي لکي ٿو ته، ڪن عالمن ۽ محققن جي خيال ۾ ميران محمد شاهه اول (مٽياري واري) پهريون افسانو لکيو. هن هندي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪرشنا دتا جي آکاڻي ”سبودي ڪبودي“ جو ترجمو ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ جي عنوان سان ڪيو.“ (12) مان ڪجهه ڪتابن ۽ مقالن جا حوالا ڏنا آهن، انهن ۾ هيٺيون شيون تحقيق طلب آهن. 1- ميران محمد شاهه اول جي ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ واري آکاڻي، جنهن کي منگهارام ملڪاڻيءَ پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ”ڪيڌي سيڌي“ تان ترجمو ڪيل ڄاڻائي آهي. 2- ميمڻ رانجهن خان ۽ پروفيسر موهن لعل پريميءَ ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ واري آکاڻيءَ کي ڪرشنا دتا جي لکيل هندي قصي ”سبودي ڪبودي“ تان ترجمو ڪيل لکي آهي. 3- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ”سڌا ۽ ڪڌا توري واري ڳالهه“ واري آکاڻيءَ کي پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ”سبودي ڪبودي“ تان ترجمو ٿيل لکي آهي. 4- ڪيترن ليکڪن ميران محمد شاهه اول جي ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ کي ترجمو ٿيل آکاڻي ڪري ڪونه لکي آهي. جنهن ڪري پڙهندڙ سمجهي ٿو ته اها ڄڻ ميران محمد شاهه (اول) جي طبعزاد آهي. پر جيڪڏهن اسان لفظ ”ترجمو“ ڪڍي ڇڏينداسين ته پوءِ ايندڙ ڪتابن ۾ لکندڙ/ پڙهندڙ/ محقق طبعزاد ڪري پڙهندا ۽ لکندا. جيئن ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ محمد اسماعيل عرساڻيءَ ان آکاڻي ”سُڌا توري ۽ ڪُڌا توري جي ڳالهه“ کي پنهنجن ڪتابن ۾ ترجمو ٿيل آکاڻي ڪري ڪونه لکيو آهي. جڏهن ته اها اصل ۾ ترجمو ٿيل آکاڻي آهي. جنهن جو ترجمي نگار ميران محمد شاهه (اول) مٽياري وارو آهي. هاڻي اچون ٿا ان سوال ڏانهن ته ”سُڌا توري ۽ ڪُڌا توري جي ڳالهه“ جو اصل تخليق ڪار ڪير آهي؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ مان ٽماهي ”مهراڻ“ جو پرچو 1- 1959ع اٿلايان ٿو، جنهن جي صفحي نمبر 193 تي، ”سُڌا توري ۽ ڪُڌا توري جي ڳالهه“ (سنڌ جو بنيادي ادب) جي موضوع تي غلام محمد گراميءَ جو ليک آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ان سوال جو جواب ملي وڃي ٿو ته ”سُڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ جو اصل تخليق ڪار ”مني ڌر“ آهي. اصل قصو هنديءَ ۾ لکيل آهي. جنهن کانپوءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ، ميمڻ رانجهن خان، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ پروفيسر موهن لعل ”پريمي“ جا رايا رد ٿي وڃن ٿا. (13) 1890ع ۾ مرزا قليچ بيگ، مشهور Lamb`s Tales From Shakespeare جو ترجمو ”دلپسند قصا“ نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايو هو. (14) ساهتيه اڪاديمي نئين دهلي انڊيا پاران ڇپيل ڪتاب ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ جي صفحي نمبر 11 ڄاڻايو ويو آهي ته ”دلپسند قصا“ مشهور ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو آهي.(15) ڊاڪٽر نور افروز خواجه (پنهنجي پي. ايڇ. ڊي جي مقالي) ماهوار نئين زندگي (نومبر 97ع ) جي صفحي نمبر 29 تي ”دلپسند قصا“ آکاڻين واري ڪتاب کي مرزا قليچ بيگ جو ڪري لکيو آهي.(16) محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ” چار مقالا“ جي صفحي نمبر 62، 63 تي لکي ٿو ته ”ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيڻ لڳا. ميران محمد شاهه جو ”مفيد الصبيان“ مرزا قليچ بيگ جو ”دلپسند قصا“ ۽ ديوان ڪيولرام جا ”سوکڙي“ ۽ ”گل“ ان سلسلي جون ڪڙيون آهن. (17) مان جيڪي حوالا مختلف ڪتابن تان ڏنا آهن انهن ۾ ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”دلپسند قصا“ کي اهڙي نموني لکيو آهي جو پڙهندڙ سمجهندو ته ڄڻ اهو ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد آهي پر اصل ۾ اهو ترجمو ٿيل آهي. جنهن جي وضاحت اسان منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڪتاب تان حوالو کڻي ڪري ڪئي آهي. پر جيئن ته مان اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيو آهيان ته لکندڙ/ محقق کي گهرجي ته ڪجهه ته پتوڙ ڪري. توڙي جو منهنجي به ڪوشش اڃان اڻپوري آهي. مڪمل تڏهن ٿئي ها جو مان پنهنجين اکين سان Lamb`s Tales From Shakespeare ڏسان ها، جنهن ڪتاب تان مرزا قليچ بيگ ”دلپسند قصا“ ترجمو ڪيو هو. پر جيڪو حال، پريان نال وانگي“، اهو ٿورو ڪي گهڻو توهان اڳيان حاضر آهي. (راقم) هاڻي اچون ٿا سنڌي افسانن ڏانهن، جن جي چيچ پڪڙي ان دور جا افسانا نگار، جديد افساني واري واٽ تي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. مان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته، ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي“ (1849ع) ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ (1854ع) ۽ سُڌا توري ۽ ڪُڌا توري جي ڳالهه“ (1855ع) مفيد الصبيان“ (1861ع) ۽ ”دلپسند قصا“ (1890ع) وارين آکاڻين کانپوءِ جنهن اديب جو ذڪر اچي ٿو، اهو ديوان ڪوڙو مل چندن مل آهي. جنهن 1891ع ۾ سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪيون ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ لکيون. (هن ليکڪ لاءِ منگهارام ملڪاڻي صاحب، محمد اسماعيل عرساڻيءَ، اڪبر لغاريءَ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجه (پي. ايڇ. ڊي مقالي) پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي ته سنڌي افساني جو پهريون باقاعدي ليکڪ آهي. اچو ته ڪوڙي مل صاحب جي ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ ڪتاب مان آکاڻي کڻڻ جو ڍنگ ڏسون. هڪڙو هو جهنگ، انهيءَ جهنگ ۾ هيون ٻه هرڻيون. هڪڙي هئي وڏي ٻي هئي ننڍڙي. وڏي هرڻي هئي ننڍڙي هرڻيءَ جي ماءُ هڪڙي ڏينهن اُڀَ ۾ گهاٽا ڪڪر ٿيا ۽ واءُ لڳو. وڏي هرڻي چيو ننڍڙيءَ کي، اڄ مان جهنگ کان ٻاهر ڪين وينديس. اڄ ڏينهن آهي ٿڌو سو ماڻهو بندقون کڻي ايندا شڪار ڪرڻ ۽ هرڻي ڏسندا ته بندوق هڻي ماري وجهندا. تون به اڄ ٻاهر متان نڪرين!“ پر ننڍڙي هرڻي ماءُ جو چيو ڪين ڪيو.“ (18) ان کانپوءِ جنهن اديب جو نانءُ اچي ٿو اهو پرمانند آهي. پرمانند ميوارام جا ” دل بهار“ (1912ع) جا چار ڀاڱا، جن ۾ ”جوت“ مان ڪٺيون ڪري ڇپايل مزيدار ۽ وندرائيندڙ ۽ نصيحت ڀريون آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا پڙهي، کلي کيرا ٿي پوندا هئاسين. ”دل بهار“ (ڀاڱو1) جي هڪ کلائيندڙ آکاڻيءَ مان هيٺيون ٽڪروڏجي ٿو. ”ڪي زال مرد پاڻ ۾ ٺهندا ئي ڪين هئا. ”چانڊيا مگسيا“ هوندا هئا. مرد ڌاري ڪتو زال ڌاري ٻلي. وري عجب ڪهڙو جو ٻلي ڪتو به پاڻ ۾ ڪونه ٺهڻ! ٻارهوئي چٽا ڀيٽي لڳي پئي هوندي هين. هڪڙي ڀيري رات جو ڏاڍو اچي مِينهن ڇٽڪيو. ڪتو ويڙهجي سيڙهجي ٻاهر ڍير تي پئجي رهيو هو، سو پُسي ڀت ٿي پيو. باقي ٻلي سا مزن ۾ هئي. چلهه وٽ ڪوسي ستي پئي هئي. ڪنهن مهل جاڳي ته ڇا ڏسي ته ڪتو ٻاهر پيو آهي. تڏهن مسخري ڪري چوڻ لڳس: مينهن وُٺو، ڪتو مٺو، ٿيڙس برو حال، آنءُ ٿي مزا ماڻيان، جيئن راجا سنڌي زال“. پرمانند صاحب ڏيتي ليتيءَ جي ٻرندڙ مسئلي تي پهرين اصلي آکاڻي ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو“ به لکي هئي ۽ تنهن کان گهڻو پوءِ هڪ پنگتي آکاڻي ”هيري جي مُنڊي“ (1934ع) خطن جي صورت ۾ پنهنجي سلوڻيءَ ۽ موزون سنڌيءَ ۾ لکيائين. (19) ان کانپوءِ نانڪ رام ڌرمداس به معاشرتي ۽ اخلاقي افسانا ”ڌرم راءِ جي وهي“ ۽ ”جيوت جو جس“ (1915ع) ۾ لکيا هئا.(20) ان کانپوءِ جنهن اديب جو نانءُ اچي ٿو اهو آهي لالچند امر ڏنو مل. هن جو ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ هڪ دردناڪ ۽ دل ڀڄائيندڙ افسانو آهي. جنهن ۾ سنڌي گهروزندگيءَ جو هڪ خاڪو آهي. سندس ٻيا مشهور افسانا ”ڏکن ڏڌي زندگي“ ۽ ننڍڙي نينا“ آهن. هن جو پلاٽ به ساڳين مسئلن تي ٻڌل آهي. (21) پر لالچند امر ڏني مل جي جديد ٽيڪنيڪ جي لحاظ سان پهرين مختصر ڪهاڻي ”حُرَ مکيءَ جا“ آهي، جيڪا هُن 1914ع ۾ لکي. (22) لالچند امر ڏني مل جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”حُر مکيءَ جا“ پهرين ”سنڌ ڪاليج مسلني“ ۾ ڇپي هئي. هيءَ تاريخي کوجنا واري آکاڻي هئي. جنهن ۾ جهونن سنڌي مسلمانن جي پنگتي حالتن جون ڪافي جهلڪيون هيون.(23) لالچند پنهنجي افسانن ۾ گهرو زندگيءَ جي مسئلن، عورتن جي بيوسي ۽ سندن تڪليفن، گڏيل ڪٽنب جي مسئلن، زوري شاديءَ ۽ سنڌي سماج جي ٻين مسئلن، غلط ريتن رسمن ۽ رواجن مان خراب نتيجا نڪرڻ وغيرهه کي خاص طور تي پيش ڪيو آهي. انهيءَ کان علاوه هن افساني جي ذريعي سنڌي اديبن ۽ سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.(24) مرزا قليچ بيگ جو افسانو ”شريف بيگم“ (1914ع) جو ذڪر به ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ) ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا (چونڊ سنڌي افسانا) ۽ ميمڻ رانجهن خان (سنڌي افسانو- آزادي کان اڳ) پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۾ ڪيو آهي پر حيران آهيان ته پروفيسر منگهارام ملڪاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌي ”نثر جي تاريخ“ (ڇاپو ٻيو 1977ع ۽ ڇاپو ٽيون 1993ع) ۾ الائي ڇو مرزا قليچ بيگ جي افساني ”شريف بيگم“ جو ذڪر نه ڪيو آهي، توڙي جو اهو نثر جي تاريخ تي بهترين اوائلي ڪتابن مان هڪ آهي. اچو ته مرزا قليچ بيگ جي افساني ”شريف بيگم“ جو دروازو کولي جهاتي پائي ڏسون ته ڪهاڻي اسان کي ڇا ٿي ٻڌائي؟ 1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو هڪڙو افسانو ”شريف بيگم“ جي عنوان سان شايع ٿيو. ان کي اسين جيڪڏهن موجوده افساني جو پيش خيمو چئون ته بجا آهي.جيتوڻيڪ هن افساني جو مضمون سماج جي اصلاح آهي، پر ان جي سٽاء موجوده افساني کان ٻي طرز جي نه آهي. هن افساني ۾ مرزا صاحب جو مرڪزي ڪردار پنهنجي عمل سان ثابت ٿو ڪري ته انسان پنهنجي همت سان آهستي آهستي پنهنجي مقصد ۽ منزل تائين پهچي سگهي ٿو. ميان محمد امين، جنهن پنهنجي زندگي تڪليف ۽ مصيبت ۾ پئي گذاري ۽ کيس مفلسي وڪوڙي وئي هئي، تنهن پنهنجي ڌنڌي، اخبار نويسيءَ تي، مڪمل اعتبار ٿي رکيو. جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي ڪم ۾ ڪا به ترقي نظر نه ٿي آئي، ۽ سندس گهر واري پڻ سندس انهيءَ وقت وڃائڻ تي ناراض هوندي هئي پر هو پنهنجي مقصد کي ماڻڻ لاءِ ايڏو ته اٽل ٿي بيٺو جو باوجود مالي ۽ ذهني تڪليفن جي، پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. ان بعد افسانه نگار هن جي گهر جي حالت بيان ڪري ٿو، جنهن مان اسان کي سڄي ماحول جي خبر پئجي وڃي ٿي. هڪ ڪامياب افساني نگار جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هُو افساني جي هر هڪ نڪتي کي ظاهر ڪري، جيئن پڙهندڙ هر حقيقت کان واقف ٿئي. مرزا صاحب هڪ افساني نويس جي حيثيت ۾، اسان کي افساني جي هر هڪ نڪتي کان واقف ڪندو ٿو وڃي. انهيءَ زماني ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ٿي. حڪومت کي پروپئگنڊا لاءِ هڪ اهڙي اخبار نويس جي ضرورت پئي، جو وقت جي ضرورتن موجب، عوام جي دلين ۾ جنگ جي حالتن بابت دشمنن جي لاءِ نفرت جو جذبو پيدا ڪري سگهي. ان لاءِ ميان محمد امين کي چونڊيو ويو. جنگ جي چئن سالن جي عرصي ۾، محمد امين پنهنجي زندگيءَ کي ٺاهي وٺي ٿو، هاڻي هُو مفلس نه آهي، بلڪ هڪ دولتمند شخص آهي، جنهن وٽ پنهنجو بنگلو به آهي ۽ نوڪر چاڪر به آهن. افساني جو پويون حصو انساني زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو هڪ اهڙو نقشو پيش ڪري ٿو جنهن کي جيڪڏهن سچ پچ ڪوبه مفلس انسان پڙهندو ته ان جي دل ۾ هي جذبو ضرور پيدا ٿيندو ته هُو به پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ ڪجهه سوچي. هڪ افساني جي ڪاميابيءَ جو هي هڪ چڱو مثال آهي. (25) گذريل ٻن مهاڀاري لڙائين جي وچ واري دور ۾، ترجمو ڪيل آکاڻين کان سواءِ، ڪي طبع زاد ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ پڌرا ٿيا، جن سڀني ۾ سماجي ۽ اقتصادي شعور ظاهر هو. اهڙو پهريون ڪتاب هو ”ڄيٺمل پرسرام“ جو ”چمڙا پوش جو آکاڻيون“ (1923ع)، جنهن ۾ ”ڀارتواسي“ هفتيوار اخبار مان پنهنجون لکيل آکاڻيون چونڊي ڪٺيون ڪيون هئائين. هي مڙيئي آکاڻيون ڄيٺيمل صاحب جي باريڪ شخصي جاچ پڙتال جو نتيجو هيون. جن ۾ سنڌ جي سرمائيدارن جي ڏوهن گناهن تي سخت نڪته چيني ڪيل هئي، ۽ ڪيترين پنگتي اوڻاين مثلا زوريءَ شادي، وڌوا وواهه، حوس وغيره جي بيباڪ نموني ۾ اوگهڙ ڪيل هئي.“ (26) هن نه رڳو سنڌي سرمائيدارن جي گناهن تي ڪڙي نڪته چيني ڪئي آهي پر ڪيترن سماجڪ مسئلن زوريءَ شادي، وڌوا وواهه بابت به قلم هلايو آهي. (27) ڄيٺيمل پرسرام پڻ پنهنجي باريڪ بين نظرن سان سماجي براين کي عيان ڪيو. هن ٻين سماجي مسئلن سان گڏ سنڌي سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي گناهن تان به پردو کنيو، جو پنهنجي ڏاڍ سان غريب عوام کي پيڙيندا رهندا هئا. ازان سواءِ هن صاحب ”نئين سنڌي لئبريري“ ۽ ”ستو هندو مالا“ جي نالي سان ٻه ڪتابي سلسلا شروع ڪيا جن ۾ ناول، مختصر ناول ۽ افسانا وغيره سڀ اچي وڃن ٿا. خود ڄيٺيمل صاحب مغرب جي ڪيترن مشهور ناولن ۽ طويل ڪهاڻين کي سنڌي زبان ۾ مختصر طرح سان ترجمو ڪري افسانن جو روپ ڏنو، جن ۾ مونا وانا، ٻال هتيا، جو ٽالسٽاءِ جي ڊرامي Power Of Darkness تان ورتل هو ۽ گل پلاس، جو هڪ مشهور ”اسپين جي سفر“ واري ناول تان کنيل هو ۽ ٻيا ڪيترا ئي افسانا اچي وڃن ٿا. (28) ڄيٺيمل پرسرام ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان سواءِ هو تصوف پرست ۽ ”ايني بيسنت“ جو پيروڪار هيو ۽ ان سان گڏ هو پاڻ کي پڪو صوفي تصور ڪندو هيو (ايستائين جو وليم شيڪسپيئر جي شعرن ۾ به صوفيانه قسم جا نظريا ڳولي لهندو هو). هن انجمن ”روح رهاڻ“ جي نالي سان جوڙي، جنهن جو مقصد هيو ”صوفي ازم کي سياست کان ڌار ڪرڻ“. هن جي خيال ۾ ”هن جي اصولن کي ختم ڪري رهي هئي“. ڄيٺيمل پرسرام عظيم سوشلسٽ انقلاب کي ڀليڪار چيو. هو نئين سوويت يونين جي ڪاميابين تي دلي همدرديءَ سان نظر رکي رهيو هو. هن پنهنجن ڪتابن/ لکڻين ۾ سوويت يونين جي مختلف سماجي ۽ ثقافتي پهلوئن جي باري ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ساراه ڪري چڪو هو. هن ڪيترائي ڪتاب ولاديمير ايلچ لينن جي نانءِ ارپنا ڪيا هئا. ڄيٺيمل پرسرام جو فن وسيع سماجي اهميت رکندو هيو. هو نه صرف وطن آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ جي جدوجهد ۾ خود مصنف جي لاءِ پر ترقي پسند مزاج رکندڙ دانشورن جي لاءِ به تمام مکيه هٿيار هيو. ڄيٺيمل پرسرام جون تمام گهڻيون ڪهاڻيون به آهن جن ۾ هن سرمائيدارن جي حوس ۽ اميرن ماڻهن جي بادشاهي ظلم کي ظاهر ڪيو ۽ بدنصيب هارين جو دفاع ڪيو. هو هڪ وڏو ڪالم نويس به هيو، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪم ڪندوهو. جن جا صفحا وڏي دليريءَ سان ڌرتيءَ جي طاقتور ماڻهن کي ظاهر ڪندا هيا.(29) ان کانپوءِ جنهن اديب جو ذڪر اچي ٿو، اهو آهي، ”پرڀداس ڀيرومل“. ڀيرومل مهر چند جو پٽ ”پرڀداس ڀيرومل“ به پنهنجي پيءُ وانگر گهريچي اصطلاحي عبادت ۾ استاد هوندو هو، ۽ سندس شخصي آزمودن تي ٻڌل ڪيتريون گهرو جيوت جي دکن واريون آکاڻيون (جن مان ڪي پهرين ”جوت“ ۾ ڇپيون هيون). ”اندر جا اڌما“ نالي سان ”سک ٽرئڪٽ“ وارن 1932ع ۾ ڇپايون. پرڀداس جي سماجي نڪته چينيءَ ۽ گهروزناني عيارت جو مثال مٿئين ڪتاب مان ”ماٽي جي سس“ واري آکاڻي مان ڏجي ٿو. ”سومائي ڪنهن جو اٽو کٽو آهي جو ههڙيءَ جي پناري ڌيءُ وجهي. تنهن کان ته ڌيءَ کي حق بخشائي ويهار جي. هاڻي ڏس ٻڌ ته سڀني کي پيئي ريگهريون ٻڌي، چلتا پئي ڪري ته مون سان مائٽي ڪريو. زبانون پئي ڏئي ته مان ڏيتي ليتي نڪا گهران ٿي، نڪا گهرنديس. جيڪي ڏيندا سو مون کي امرت! موچڙي تي رکي موڪليندا ته به ٻي نه ٻولينديس. پاروٿي کچڻي پرائي پادر تي کڄي ايندي ته اکين تي رکي وٺي رکنديس......... اسان جي شهرن ۾ ٽڪاڻا اونهئين گهڻا، پر هن مائيءَ کي ته در تي، سا زور ڪري صبح سانجهيءَ پيئي وڃي. ارداسون پئي رکي، باسون پئيباسي، ته ڪٿي مڙيو ئي ڪا ٻڪي ڦاسي. نيٺ مائٽن جو اٽو کٽو جو هن جي مٺيءَ زبان تي هرکجي ويا، ۽ کڻي انگ اڙايائونس. مان ڳالِهيون پئي ٻڌندي هيس ته هينئون پيو هپاڻيو هو ته تهڙيءَ سان ڪيئن منهنجو گذر ٿيندو. پر اڄڪلهه ڪير ٿو اسان جو اندر پڇي؟ اسان جي زبان تي مرم جي مهر. اهي ڳالهيون ڳڻيندي شاديءَ رات به اچي سهڙي، ۽ مان وڃي هائوءَ جو هپو ٿيس“. پرڀداس مشهور ليکڪ ٿيو، تنهن کان اڳ پنهنجي سک ڌرم واري نالي هرنام سنگهه سان هه- پ وديارٿيءَ جي سان شراڪت ۾ ڪي پنگتي آکاڻيون چيدي سنڌيءَ ۾ لکيون هئائين، جي به ”سک ٽرئڪٽ سوسائٽي“ وارن ”هيرا جواهر“ (1931ع) مجموعي ۾ ڇپايون هيون. اهي سڀ سياڻپ ڀريل ويچارن ڪري سٺيون سماج سڌارڪ آکاڻيون هيون، ۽ ڪن ۾ وڻندڙ مذاق پڻ رکيل هو، مثال طور ”سياڻي سس.“ وديار ٿي صاحب جا پنهنجي روءِ سوءِ لکيل اخلاقي ۽ پنگتي اصلوڪين آکاڻين جا ڪتاب هئا: ”مکڙيون“، ”موتين جو مهراڻ“، ”املهه رتن“ وغيره، جي به ”سک سوسائٽيءَ“ ڇپايا هئا.(30) پرڀداس، جي ڪهاڻين جا واقعا گهريلو چهچٽن مان کنيل آهن. هن گهرو ۽ خانداني مسئلن کي نهايت ئي دلپذير ۽ وندرائيندڙ انداز ۾ پيش ڪيو آهي هن جا موضوع سڀئي اصلاحي نوعيت جا آهن، سندس ڪهاڻين جا موضوع ۽ پلاٽ به سنوان سڌا ٿين ٿا، جيڪي مڪالمي ۽ بيان جي ترڪيب سان گهڙيا ويا آهن، ليڪن سندس جدا جدا ڪهاڻين ۾ هڪ قسم جي يڪسانيت آهي، جيڪي سڀئي هڪ نقطئه نگاه جي چوڌاري ڦرن ٿيون.(31) هاڻ جنهن اديب جو نانءُ اچي ٿو اهو عبد الله ”عبد“ آهي. مون کي حيرت آهي ته سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ عبد الله ”عبد“ کي صفا نظر انداز ڪيو ويو آهي، ان جو اندازو، توهان ان مان به لڳائي سگهو ٿا ته جن به اديبن، سنڌي ادب جي تاريخ تي ڪتاب لکيا آهن، انهن ڪتابن ۾ عبدالله ”عبد“ جي افسانن کي تبصري هيٺ آندو ئي نه ويو آهي. جيئن: محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ”چار مقالا“ ۾ صرف ٻن ڪهاڻين جا نالا آندا آهن، (1) اسڪول ماسترياڻي (2) اتفاق. ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنهنجي پي. ايڇ. ڊي مقامي ”سنڌي افسانو“ (ماهوار نئين زندگي 1997ع) ۾ هيئن ذڪر ڪري ٿي. ”عبد الله ”عبد“ ۽ عثمان ڏيپلائيءَ جا نالا به اهم حيثيت رکن ٿا.“ ”ماسترياڻي“ ۽ ”اتفاق“ سندن اهم افسانا آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌيءَ ” سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ عبدالله ”عبد“ جون ٻه ڪهاڻيون لکيون آهن. (1) اسڪول ماسترياڻي (2) ويچارو ماستر. ڊاڪٽر غلام علي الانا ”چونڊ سنڌي افسانا“ ۾ صرف عبد الله ”عبد“ جو لکيو آهي. ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي ”سنڌي ادب جي مختصرتاريخ“ ۾ سندس ڪهاڻي ”اسڪول ماسترياڻي“ لکي آهي. اڪبر لغاريءَ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ ۾ صرف نالو لکيو آهي. هنن مٿين ليکڪن عبد الله ”عبد“ جي ڪنهن به هڪ ڪهاڻيءَ تي تبصرو ناهي ڪيو. شاباس هجي ميمڻ رانجهن خان کي. (هن عبد الله ”عبد“ جي ٻن ڪهاڻين تي مختصر تبصرو ڪيو آهي، سنڌي ادب جا ٻه وڏا نالا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي صاحب. هنن پنهنجن ڪتابن ترتيبوار ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۽ ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ ”عبد الله عبد“ جو ذڪر ئي ناهي ڪيو. ڇا سبب آهي ليکڪ ئي پاڻ ٻڌائي سگهن ٿا؟ اچو ته عبد الله ”عبد“ جي افسانن ۾ جهاتي پايون. ”سنڌو“ جي افسانه نگارن ۾ عبد الله ”عبد“ جو نالو به اچي ٿو، جو هن رسالي جي ابتدائي لکڻ وارن مان هڪ هئو. عبد الله ”عبد“ جو هڪ افسانه، ”اسڪول ماسترياڻي،“ ڪتابي صورت ۾ جدا ڇپجي چڪو هو. جيتوڻيڪ سندس افسانه نويسي پائيدار ثابت نه ٿي، ۽ هن پنهنجو سڄو ڌيان تنقيد نگاريءَ ڏانهن ڏنو، مگر انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻ جيڪي به ٿورا افسانا لکيا اٿس، اهي فن جي لحاظ کان تعريف جي لائق آهن. ”اسڪل ماسترياڻيءَ“ ۾ هن موجوده زناني تعليم ۾ جي نقص آهن، انهن تي وڏي طنز ڪئي آهي. هن ڏيکاريو آهي ته اخلاق جي ابتريءَ جو تعليم جهڙي مقدس مقصد جي درسگاهن ۾ اچڻ خود تعليم جي ڪوتاهي آهي. اهو افسانو اصلاحي رنگ ۾ لکيو ويو آهي، ۽ ان جي حقيقتون ڏنيون ويون آهن، انهن مان هڪ پڙهندڙ عبرت آموز سبق حاصل ڪري سگهي ٿو. ”سنڌو“ رسالي ۾ سندس ٻيو هڪ افسانو، ”مزيدار ڀل“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. ان افساني ۾، جيئن ان جي عنوان مان معلوم ٿيندو، هڪ عجيب قسم جي ڀل آهي. جنهن سان هڪ خط جي سلسلي ۾ زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ناراضگيءَ جو سبب پيدا ٿئي ٿو. پر جڏهن حقيقت ظاهر ٿئي ٿي، تڏهن سندن اها ناراضگي دفع ٿي وڃي ٿي. هن افساني ۾ افسانه نگار انساني فطرت کي ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪهڙيءَ ريت ننڍيون ننڍيون ڳالهيون جن تي هوند اعتبار نه ڪرڻ گهرجي، وچ ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ جيڪڏهن انهن بابت پوريءَ سمجهه کان ڪم نه ٿو ورتو وڃي، ته ان جا نتيجا خراب نڪرن ٿا. عبد الله ”عبد“ جي انهن ۽ ٻين افسانن کي ڏسي، جي ٿوري انداز ۾ اسان کي ميسر ٿي سگهيا آهن، ائين چئي سگهجي ٿو ته منجهس افسانه نگاريءَ جي فن بابت چڱي مهارت موجود هئي. (32) هاڻي اسان جنهن اديب جي افسانن جو دروازو کڙڪائينداسين، اهو ”لطف الله بدوي“ صاحب آهي. هن ليکڪ کي به، اسان جي سنڌي محققن بلڪل نظر انداز ڪيو آهي. اهو هن طرح سان ته – اچو ته سنڌي ادبي تاريخ تي لکيل ڪتابن جا پنا اٿلايون. محمد اسماعيل عرساڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”چار مقالا“ ۾ لطف الله بدويءَ لاءِ هيئن لکيو آهي. ”لطف الله بدويءَ جي افسانن ۾ وري ”غربت“ ۽ ”خوفناڪ بدلي“ کي خاص مقام حاصل آهي.“ (ميمڻ رانجهن خان پنهنجي ڪتاب ” سنڌي افسانو- آزادي کان اڳ“ ۾ ”غريبت“ ڪري لکيو آهي ۽ ٻيو افسانو ”خوفناڪ بدلو“ ڪري لکيو آهي). ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ لطف الله بدويءَ جي ٻن افسانن جو ذڪر ڪيو آهي. (1) خوفناڪ بدلي (2) غربت ۽ سندس مجموعي کي ”دسته گل“ جو نالو ڏنو اٿس. ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”چونڊ سنڌي افسانا“ ۾ لطف الله بدويءَ جي هڪ افساني ”غريبت“ جو ذڪر ڪيو آهي. اڪبر لغاريءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ ۾ لطف الله بدويءَ بابت هن طرح لکيو آهي. ”لطف الله بدوي وري ”غربت“ کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻايو.“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ هڪ افساني ”غريبت“ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس مجموعي ”دسته گل“ جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه به پنهنجي مقالي ”سنڌي افسانو“ (نئين زندگي ماهوار- نومبر 1997ع) ۾ ٻن افسانن جو ذڪر ڪيو آهي. (1) غربت (2) خوفناڪ بدلو. مٿين ڪتابن جا ڪجهه حوالا ڏنا آهن. لطف الله بدويءَ جي ڪنهن به افساني تي تبصرو ٿيل ناهي. جس هجي ميمڻ رانجهن خان کي ( هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي افسانو آزادي کان اڳ- ۾ ڪجهه افسانن تي تبصرو ڪري، لطف الله بدويءَ جو ڪجهه قرض ادا ڪيو آهي). ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ پنهنجي ڪتاب (آزاديءَ کان اڳ افسانوي ادب جي اوسر) ۾ لطف الله بدويءَ جو ذڪر ڪيو آهي پر ڪهاڻين تي تبصرو ناهي ڪيو. هاڻي اچو ته لطف الله بدويءَ جي افسانن جي ڳنڍ کوليون. منگهارام ملڪاڻيءَ ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لطف الله بدويءَ جو ذڪر ڪيو آهي پر تبصرو ناهي ڪيو. سماجي افسانه نگارن ۾، جن جا افسانا ”سنڌوءَ“ ۾ پئي ڇپيا، لطف الله بدوي به هڪ آهي. ”تعليم“ اخبار ۾ سن 1928ع ڌاري، سندس هڪ افسانو ”غريبت“ شايع ٿيو هو.ان کانپوءِ اين. ايڇ. پنجابي ڪمپني ڪراچي، سندس افسانن جو مجموعو ”دسته گل“ جي نالي سان شايع ڪرايو، جو هن وقت ملي نه ٿو سگهي. افسانن جو هي پهريون مجموعو هو، جو سنڌي زبان ۾ شايع ٿيو هو. ”غريبت“ افسانو به ان ۾ شامل هو، جنهن ۾ هن اسڪول ماستر جي زندگيءَ جو نقشو چٽيو آهي، جا اسان جي معاشري تي وڏي تنقيد آهي. ابتدائي دؤر ۾ سندس هڪ ٻيو افسانو، ”خوفناڪ بدلو“ جي عنوان سان شايع ٿيو هو. هن افساني ۾ مصنف ڳوٺاڻي حقيقت کي بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ زمينداري ظلم کي چٽيءَ طرح سان پيش ڪيو اٿس. هڪ نوجوان زميندار ڳوٺ جي هڪ ڪڙميءَ جي زال کي پنهنجي حوس جو شڪار بنائڻ ٿي گهريو. مگر هوءَ ستي سليوان نڪتي، ۽ جوڙو زميندار جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. جيئن ته هيءَ هڪ ڳوٺاڻي حقيقت هئي ۽ اهڙا واقعا اسان جي اکين اڳيان ٿيندا رهن ٿا، تنهن ڪري هن افساني کي وڏي اهميت حاصل آهي. افساني جي ترتيب ۽ ادائگيءَ کانسواءِ، منجهس ڳوٺاڻن دلڪش نظارن جو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري افسانو وڌيڪ اثر وارو ٿي پيو آهي. مصنف هڪ هنڌ اهڙي نظاري کي هيئن ٿو چٽي: ”جولاءِ جي آخري هفتي جا ڏينهن، گويا سج افق تان ٽانڊا وسائي رهيو هو. جيتوڻيڪ سج صاف لهي ويو هو، تڏهن به لئي جي لامن تي ڳيرا ۽ ڪانوَ سهڪي رهيا هئا. ڳوٺ جي تلاءَ تي جهنگلي ڪبوترن جا ميڙ پياس اجهائڻ لاءِ اچي مڙيا هئا.ڳوٺ جون زالون هڪ هڪ ٿي کوهيءَ تي دلا کنيو ٿي آيون.“ ساڳئي مصنف جو ٻيو افسانو ”ديپڪ ۽ ملهار“ جي نالي سان شايع ٿيو. ان ۾ هن موسيقيءَ جي غير فاني طاقت جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ڏيکاريو اٿس ته موسيقي ڪهڙي ريت انساني طبيعت تي پنهنجو اثر وجهي سگهي ٿي. هي افسانو پنهنجي نوعيت جي خيال کان انفرادي حيثيت رکي ٿو.“ (33) ”سنڌوءَ“ جي ابتدائي دؤر ۾ لطف الله بدوي جا ٻه تاريخي افسانا نظر اچن ٿا، جن مان هڪ افسانو، ”عشق ۽ فرض“ ڪافي اهم آهي. اهو ”فردوسيءَ“ جي ”شاهنامي“ تان ورتل آهي، جنهن ۾ سهراب ۽ هڪ ايراني ڇوڪري ”گرد آفريد“ جي تاريخي حقيقت پيش ڪئي وئي آهي. گرد آفريد ايران جي سرحد تي هڪ قلعي جي حاڪم ”هجير“ جي نياڻي آهي. سهراب توراني فوج سان گڏ، ايران تي چڙهي اچي ٿو ۽ هجير سان سندس مقابلو ٿئي ٿو. هجير جي نياڻي، گرد آفريد، سندس مقابلو ڪري ٿي، پر هارائي ٿي. جنگ جي ميدان ۾ سهراب جي دل ۾ گرد آفريد لاءِ محبت پيدا ٿئي ٿي، پر گرد آفريد کي پنهنجي وطن ايران جي محبت سهراب سان شادي ڪرڻ کان روڪي ٿي، ڇو ته سهراب ايران جو دشمن هو. گرد آفريد، اهڙيءَ ريت، پنهنجيءَ محبت تي وطن جي محبت کي فوقيت ڏئي ٿي، ۽ آخر ڪار هڪڙي ايراني غدار هٿان سندس موت ٿئي ٿو. سهراب قلعي کي ان وقت اچي فتح ڪري ٿو، جنهن وقت گرد آفريد جا پويان پساهه آهن. افسانه نگار حب الوطنيءَ جي انهيءَ عظيم تاريخي واقعي کي اهڙي درد انگيز انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جو ڪن جاين تي پڙهندڙن جي اکين مان بي اختيارڳوڙها ڪريو پون.“ (34) لطف الله بدويءَ جي مجموعي ”دسته گل“ ۾ ست افسانا آهن. انهن مان ”غريبت“ افساني جو ذڪراسين مٿي ڪري چڪا آهيون. ٻيو افسانو، ”غريبن جو افسوس الله واهي،“ هن مجموعي جواهم افسانوآهي. هيءَ سنڌي سماج جي انهيءَ ماحول جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو عام طرح زميندارن ۽ ڪامورن جي زور ۽ طاقت جو شڪار ٿيندا آهن. افسانه نگار ان جي ابتدا فطرت جي هيٺئين نظاري سان ڪري ٿو: ”پوهه جو مهينو هو. اولهه جي پچات سڄو ڏينهن هلي رهي هئي. درياءَ جي ڪناري تي، ڏينهن لڙي ئي سردي اچي پنهنجي سامان سان حاضر ٿي. رنگپور جي پتڻ تي ٻيڙي هئي. مهاڻي رات جي لاءِ گندي ۽ سوڙ پنهنجي ڀونگيءَمان آڻي ٻيڙيءَ ۾ وڌي، جو هن کي رات پرينءَ ڀر گذارڻي هئي. ٻيڙيءَ ۾ ويٺلن جي رڙ پئي پيئي ته ”ميان مهاڻا، هاڻ جلد ڪر، ڄاڻ پارو لٿو!“ افسانه نگار انهن ٿورن جملن ۾ موسم ۽ وقت جو سڄو نظارو پڙهندڙن جي اکين سامهون آندو آهي. دريا جي ڪناري تي سياري جي ٿڌ جو نقشو هن کان وڌيڪ ٻيو ٿي نه ٿو سگهي. ان کانپوءِ، افسانه نويس ٻڌائي ٿو ته مهاڻو جڏهن ٻيڙي کولي دريا ۾ وڌيو، ته ايتري ۾ ڳوٺ جو وڏيرو، ڪن ماڻهن سميت اچي سهڙيو. وڏيري حڪم ڏنو ته ٻيڙي موٽائي ڪناري تي آندي وڃي، جيئن هو ۽ سندس ماڻهو ان ۾ سوار ٿين. مهاڻي ٻيڙي ته موٽائي آندي، پر زميندار جي عتاب هيٺ اچي ويو- ته هن ٻيڙي سندس پهچڻ کان اڳ ڇو ڇوڙي، جڏهن کيس نياپو به پهچايو ويو هوته هو وڏيري لاءِ ترسي! هن ڪوڙيءَ حقيقت کي ٽيڪي ڏيڻ لاءِ وڏيري جو نوڪر به موجود هو. نتيجو اهو نڪتو جو ويچاري مهاڻي کي مار پيئي. افسانه نگار اسان کي انهيءَ موقعي تي هڪ صحيح حقيقت کان واقف ڪيو آهي، جنهن کي تاريخي چئجي ته بيجا نه ٿيندو. انگريزي حڪومت اندر جيڪڏهن انتظام جي ڪا وڏي ۾ وڏي برائي هئي ته اها هئي جو زميندار طبقي کي آزاد ڇڏيو ويو هو. مار کائڻ کان پوءِ، مهاڻي ٻيڙيءَ ۾ ڀوتار ۽ سندس رفيق کي، ۽ پوءِ انهن جي گهوڙن کي سوار ڪيو- ويچارن مسافرن کي ٻيڙيءَ مان لهي وڃڻو پيو. هن ظلم جي نظاري کي افسانه نويس هيئن ٿو پيش ڪري: ”ٻيڙي غروب آفتاب جي سرخ شفقي رنگ ۾ رنگ جي اڳتي وڌي. مسافر ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾ ٻيڙيءَ کي عميق جي اڇوڙن تي ويندي ڏسندا رهيا، ۽ ائين پئي معلوم ٿيو ته هو ڪنهن خضر جي طرف نهاري رهيا آهن، جو ٻيڙيءَ کي ڪناري تي موٽائي آڻي، ان ۾ اهڙو سوراخ ڪري، جو هوءَ ٻڏي، بيدادگريءَ جي ظلم کان هميشه لاءِ بچي وڃي.“ ٻيڙيءَ مان لاٿل مسافرن مان، هڪ مسافر سان سندس ننڍو نينگر به گڏ هو. سڀني مسافرن رات ڪنهن ويجهي ڳوٺ ۾ گذاري، پر نينگر هن حقيقت کي سمجهي نه سگهيو ته آخر هن زميندار جي اچڻ ڪري کين ٻيڙيءَ مان لهڻو ڇو پيو! انهيءَ ڳالهه کي عرصو گذري ويو. هڪ ڏينهن ٻيلي کاتي جي ڪنهن آفيسر جي منزل انهيءَ ڳوٺ ۾ ٿي، جنهن ۾ مهاڻو، مسافر ۽ ننڍڙو نينگر رهندا هئا. آفيسر جي خوشامد ۽ رسائيءَ لاءِ راکا نڪري پيا، ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کان ڪجهه نه ڪجهه ڇڏائڻ لاءِ گهمندا رهيا. مهاڻي جون مينهيون به ٻيلي جي آسپاس چرنديون هيون. مهاڻي ڪجهه به ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري سندس سڀ مينهيون ڍڪ ۾ وڌيون ويون. ننڍڙي نينگر جي اکين اڳيان اهو واقعو به گذريو، ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کان ائين چوندي ٻڌائين ته هي ڪامورا ڪوريئڙي جو ڄار آهن، جيڪو آيوسو ڦاٿو – پر انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ کان به قاصر رهيو. سيارو گذري ويو، ۽ بهار جي موسم آئي. نينگر جو امتحان ٿيڻ وارو هو. هو لالٽين جي روشنيءَ ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو. اوچتو هڪڙو پتنگ آيو، ۽ بتيءَ جي چوڌاري ڦيرا ڏيندو، ننڍڙي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن اڏامڻ لڳو. ڪمري جي ڪنڊ ۾ ڪوريئڙي جو وڏو ڄار هو. پتنگ به هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو، آخر وڃي ان ڄار ۾ اٽڪيو. ڪوريئڙي جي ڄار ۾ لرزش آئي، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پتنگ ان ۾ پوريءَ ريت ڦاسي ويو، جنهن مان سندس نڪرڻ محال هو. هن نظاري کي ڏسي، نينگر جي اکين سامهون مهاڻي جي مجبوريءَ جا ٻئي واقعا ڦرڻ لڳا. هو زميندار ۽ ڪامورن جي راکن جو ته مقابلو نه ٿي ڪري سگهيو، پر ننڍڙي روح اندر هي انقلاب ضرور آيو جو هن ڪوريئڙي جي ڄار کي ڊاهي ڇڏيو- ته جيئن وري ڪو ٻيو پتنگ ان جو شڪار نه ٿئي. مٿئين افساني ۾ انقلابي روح کي نهايت ئي دور انديشيءَ سان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ نئين نسل کي بيداريءَ جي دعوت اثرائتي انداز ۾ ڏني وئي آهي. انقلاب جي اها ترغيب ڪنهن زور ۽ طاقت تي ٻڌل نه آهي، بلڪه انساني جذبي، سوچ ۽ روح کي بيدار ڪيو ويو آهي ته هو مظلوم جي حمايت ڪري ۽ ظالم جو مقابلو ڪري. اها صحيح انسانيت آهي ڇاڪاڻ ته آدميت جي اها ئي نشاني آهي ته آدميءَ جي عزت ڪئي وڃي.“ (35) سنڌ جي تاريخ دان حسام الدين راشديءَ جو نالو به افساني جي اوائلي فنڪارن (افسانه نگارن) ۾ شمار ٿئي ٿو. پر افسوس تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اسين اوائلي افسانه نگارن ۾ سندس نالو تمام گهٽ ڏسون ٿا. مثال طور: منگهارام ملڪاڻيءَ ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، اسماعيل عرساڻي“ چار مقالا“ ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجه (پي. ايڇ. ڊي مقامي- ”سنڌي افسانو“) ۾ حسام الدين راشديءَ جو ذڪر ئي ڪو نه ڪيو آهي. باقي غلام علي الانا ”چونڊ سنڌي افسانا“) ۽ ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ صرف نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي، حسام الدين راشديءَ جي ڪنهن به افساني کي تبصري هيٺ ناهي آندو- جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ٿورڙو به، حسام الدين راشديءَ جي افسانن کي تبصري هيٺ آندو آهي ته اهو ميمڻ رانجهن خان (سنڌي افسانو- آزاديءَ کان اڳ) آهي. اچو ته حسام الدين راشديءَ جي افساني ڏانهن هلون. ”انارڪلي“ سندس تاريخي افسانو آهي، جو جهانگير بادشاهه ۽ انارڪليءَ جي محبت بابت لکيل آهي. شهنشاهه اڪبر کي اها ڳالهه نه ٿي آئڙي، تنهن ڪري انارڪليءَ جي پڄاڻي تمام عبرتناڪ نموني سان ٿي. راشدي صاحب انهيءَ تاريخي حقيقت کي ڪاميابيءَ سان افسانوي انداز ۾ لکيو آهي.“ (36) اوائلي افسانا نگارن ۾ حيدر بخش جتوئيءَ جو به نانءُ اچي ٿو پر اهو ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته حسام الدين راشديءَ وانگر، حيدر بخش جتوئيءَ جو به نالو اسان جي ڪتاب مان غائب آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صرف نالو وٺي ذڪر ڪري ويو آهي، وڌيڪ ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي. ان کان سواءِ صرف ڊاڪٽر نور افروز خواجه آهي جنهن پنهنجي مقالي ۾ ذڪر ڪيو آهي اچو ته ڏسون. ”1936ع کان سنڌ ۾ سوشلسٽ تحريڪ جو اثر سنڌي ادب تي ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري ترقي پسند ادب جو لاڙو سنڌيءَ ۾ عام ٿيڻ لڳو. ترقي پسند اديبن ۾ اڪثريت نوجوان افسانه نگارن جي هئي، جيئن هاري پارٽيءَ جي ليڊر حيدر بخش جتوئيءَ هارين جي زندگيءَ بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ”ڪمدار جا ڪارناما“ ڪتاب ۾ شايع ڪيل آهن.“ (37) اوائلي افساني جو هڪ افسانا نگار ۽ ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائي به آهي. پر الائي ڇوهن اديب جي افسانن کي تمام گهٽ ڇهيو ويو آهي. مثال: ميمڻ رانجهڻ خان پنهنجي ڪتاب ”سنڌي افسانو (آزادي کان اڳ)، منگهارام ملڪاڻيءَ جي ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌيءَ جي ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو ئي ڪونهي. ۽ هيٺين ڪتابن ۾ صرف عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو آيو آهي پر ڪنهن به سندس افساني جو ذڪر ناهي ڪيو ۽ نه ئي سندس افساني تي تبصرو ڪيو آهي. (سواءِ شمس الدين عرساڻيءَ جي ”آزاديءَ کان پوءِ افسانوي ادب جي اوسر“) جي مثال: 1- اسماعيل عرساڻي (چار مقالا) 2- غلام علي الانا (چونڊ سنڌي افسانا) 3- اڪبر لغاري (سنڌي ادب جو مختصر جائزو 4- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ) 5- ڊاڪٽر نور افروز خواجه (سنڌي افسانو پي. ايڇ. ڊي مقالو- ماهوار نئين زندهي 1997ع) ڏيپلائي بابت، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي چوي ٿو:”ڏيپلائي جيئن ته اول مصلح ۽ مبلغ آهي ۽ فنڪار بعد ۾ آهي، تنهن ڪري سندس ڪيتريون ڪهاڻيون اڻ گهڙيل نقش پيون ڀانئجن، جيڪي جيڪر ڪنهن قابل نقاش جي فنڪارانه هٿ لڳڻ سان زياده خوبصورت ۽ جاندار بنجن ها! ڪن ڪهاڻين ۾ واقعات کي ادبي انداز ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ انهن کي بنهه ننگي روپ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح جو اها هڪ ادبي يا فني تصوير ٿيڻ بدران هڪ سلحي سوقيانه تحرير بنجي پوي ٿي ۽ اهڙين ڪهاڻين کي ڪنهن به صورت ۾ ادبي دائري ۾ داخل ڪري نه ٿو سگهجي.“ (38) 1938ع ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ مرشد ٽوڙ سلسلو شروع ڪيو- سندس ڪتاب ۾ لکيل پيش لفظ هن ريت آهي. ”اها حقيقت آهي ته آدم کان ايندڙ دنيا ۾ مرشد جي مقابلي ۾ ڪي ٻيا رهزن ۽ مهلڪ پيدا ڪو نه ٿيا آهن. اهي مريدن کي اهڙا ڏٽا ٿا ڏين ته ”اسين ڇٽل تير موٽايون ٿا، هر مشڪل لاهيون ٿا. قيامت ۽ بهشت جون حورون ڏيارينداسون، ان ڪري اسان جي هٿن ۾ بيجان لاشن وانگر ٿي رهو ۽ پنهنجو خواهه پنهنجن ٻچن جو تن، من ۽ ڌن اسان جي حوالي ڪندا رهو، نه ته اسين ڪاوڙ جي اهڙو قهر نازل ڪنداسون، جو هميشه لاءِ اوهان جو خانو خراب ٿي ويندو، ۽ پوءِ ويچارا وسوڙيل مريد پنهنجو سڀ ڪجهه هنن رهزنن جي حوالي ڪندا رهن ٿا.“ (39) ”مرشد جي ڪڪي“ نالي ڪتاب ۾ ڏيپلائي ڪڪيءَ جو بغاوتي ڪردار پيش ڪندا لکي ٿو ته، مان قلندر ڪو نه ٿينديس، مون کي ڪهڙي گتي پئي آهي جو قلندر ٿيان“؟ ”پوءِ هندورو ڀلي خالي رهي؟“. خالي ڇو رهي؟ بسترا، طول وهاڻا رکي ڇڏيو مشهور ائين ڪري ڇڏيو ته قلندر پهريون پنهنجي سر تشريف پيو فرمائي“ ڀوڪ مريدياڻيون اتي به پيون کيسا ختم ڪنديون.“ (40) محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون هي آهن. مرشد جي ڏاڙهي، مرشد جون ٽنگون، مرشد جو اُٺ، مرشد جي ڌيءَ، مرشد جي ٿُڪَ، مرشد جو ڪتو، اسپيشل امام، مرشد جو نڪ، مرشد جي ننهن، مرشد ۽ گادي، سڃي جو سر وغيرهه. (41) 1925ع کان 1940ع وارو عرصو ترجمي جو عرصو آهي. هن دور ۾ برِ صغير جي افسانن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو، توڙي جو طبعزاد افسانا به لکيا ويا پر ترجمي وارو ڀاڱو مڙيئي چڱو آهي. هيٺيان ترجمي نگار ۽ طبعزاد افسانا نگار قابلِ تعريف آهي. وديار ٿي، چوهڙ مل، جڳت آڏواڻي، ميلارام، هيرانند عيدناڻي، پارومل، دلدار موسوي، هري آشا، ديو سڀاڻي، منهر داس، گوبند مالهي، چيتن شهاڻي، شيوارام ليکو تلسياڻي، شويڪ بي. موٽواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، دارجنداس آڏواڻي، نانڪرام ڌرمداس مير چنداڻي، (43) سرائي اميد علي، محمد خان غني، محمد عيسيٰ نظاماڻي، ساقي سجاولي، شيوارام لالا. (44) محمد صالح ڀٽي (45) محمد صديق مسافر (زيب النساءِ، چاند بيبي) (46) هاڻي اسان جن افسانا نگارن جي افسانن جي دنيا ڏي اچون ٿا، انهن افسانن سنڌي ادب ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا- نه صرف چار چنڊ لڳائي ڇڏيا پر اسان جي افسانن کي ترجمو ڪري انگريزيءَ ۾ آندو ويندو هيو. ورهاڱي کان اڳ جا جديد افسانا نگار هي آهن جن جي افسانن کان سواءِ سنڌي ادب (سنڌي افسانو) ٻسو ٻسو لڳندو. امر لعل هنڱوراڻي، مرزا نادر بيگ، آسانند مامتوراءِ، عثمان علي انصاري، شيخ اياز، مخدوم محمد صالح هالائي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، آنند گولاڻي، نجم عباسي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سڳن آهوجا، شيخ عبد الستار، ڪرشن (ڪشن) کٽواڻي، ڀڳوان لالواڻي، آسم اتم چنداڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، تيرت وسنت، لڇمڻ راجپان، ڀوڄراج موٽواڻي، ڪماري نانڪ گدواڻي، جيوت نرياڻي، رام امر لعل، ڀون پنجواڻي، حشو ڪيولراماڻي، ايم- آر مائيداساڻي، شيخ عبد الزرق راز، ڪروڙ پتي، حبيب الله ڀٽو، بولچند آشا، ماڌو آچاريه، موتي ڇاٻڙيا ۽ ٻيا. (47) هاڻي اسان ڪن افسانا نگارن جي افسانن جو مختصر جائزو وٺنداسين. امر لعل هنگوراڻي: سنڌي ادب جي افق جي تاري ڪيرت ٻاٻاڻيءَ امر لعل هنگوراڻيءَ بابت چيو هو،“ سنڌيءَ ۾ صحيح معنيٰ ۾ نئين ۽ جديد ڪهاڻيءَ جي ڪوشش ۽ وڪاس ۾ ”ادو عبد الرحمان“ (افساني جو نالو) هڪ وڏو قدم آهي. سنڌي ساهت جي اندر پنهنجي دور جي حد نشان ٿي رهندي، جتان سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جو بنياد ٻڌي سگهجي ٿو. جديد ڪهاڻيءَ جون ڪجهه پنهنجون تقاضائون آهن. سنڌيءَ ۾ ڪجهه پوين ڏهاڪن سالن ۾ جيڪو نئين ۽ جديد جي نالي ۾ ڏنو ويو آهي، مان ان جي ڳالهه نه ٿو ڪريان. جديد ساهت جو هڪ پنهنجو تصور ۽ تصور انداز آهي، جنهن جا ڪجهه بنيادي عناصر آهن. نئون پراڻي جي ڀيٽ ۾ نئون تڏهن سڏبو، جڏهن اهو مدي خارج قدرن کي چئلينج ڪري نون انساني قدرن جو درشن پسائي، جيون ۾ هڪ تازگيءَ جو احساس ڏئي، ۽ ها، چوڻ جو ڍنگ نرالو ۽ دلپسند به هجي. باقي ٻوليءَ جي ڊاهه ڊاهه ڪرڻ يا جيون جي سڙيل ۽ بانسي پهلوءَ جي نمائندگي ڪرڻ، منهنجي سمجهه ۾ نواڻ نه آهي. نواڻ تي به چٿر آهي.(48) اچو ته ”ادو عبد الرحمان“ ڪهاڻيءَ ۾ عدالت واري منظر نامي ڏانهن هلون. ”عبد الرحمان: (پاڻ کي) ”ادا عبد الرحمان، سرشتيدار صاحب مذهب ٿو پڇي. ادا عبد الرحمان ياد ڪجانءِ ته قسم کنيو اٿئي ته سچ کان سواءِ ڪجهه ڪو نه چوندس. سوال ته ڏاڍو اگرو آهي. جي چوان ٿو ته مسلمان، ته هندو ڪندا دل ۾، سچ ڪري چئه. اڙي ادا عبد الرحمان ٿوري ۾ منجهي پيو آهين. ٻڌائينس ”سچل“ جو گفتو ”هندو مومن نه آهيان جو ئي آهيان سوئي آهيان.“ سرشتيدارن مئجسٽريٽ ڏانهن منهن ڪري نهارڻ لڳو. مئجسٽريٽ (سرشتيدار کي) لکينس مسلمان. سرشتيدار: عمر؟ عبدالرحمان- ادا عبدالرحمان، سرشتيدار صاحب عمر ٿو پڇي. اسان چئون مسلمان نه آهيون ته مئجسٽريٽ لکي مسلمان. سرشتيدار کي چوينس ته ڀل اهو به مئجسٽريٽ کان پڇي ( سرشتيدار کي) سائين اهو به ڀل مئجسٽريٽ کان پڇو. عبدالرحمان جي فقط ايتري چوڻ جي دير هئي. مئجسٽريٽ کي گجي اچي ويئي ۽ ڌمڪائي عبدالرحمان کي چيائين ته ”ڄٽ چڱيءَ طرح اظهار ڏي. ڪورٽ ۾ آيو آهين.“ عبدالرحمان مشڪندو رهيو. ۽ پاڻ کي چوڻ لڳو ”ادا عبدالرحمان، مئجسٽريٽ چوي ٿو ته چڱي طرح اظهار ڏي. عبدالرحمان، مئجسٽريٽ کان پڇ ته ڄٽ ڪنهن کي چئجي.“ اڃان عبدالرحمان مئجسٽريٽ کي چويئي چوي ته مئجسٽريٽ چيس ته ڄٽ اڻ پڙهيل کي چئبو آهي. عبدالرحمان (پاڻ کي) ادا عبدالرحمان! مئجسٽريٽ صاحب چوي ٿو ته ڄٽ- اڻ پڙهيل کي چئبو آهي. عبدالرحمان تڏهن ته تون ڄٽ ڪو نه ٿئين. تون سنڌي، پارسي، اردو، سنسڪرت ۽ هندي ڄاڻين. تون پنج ٻوليون ڄاڻين. مئجسٽريٽ صاحب کان ته پڇ ته پاڻ گهڻيون ٻوليون ڄاڻي. عبدالرحمان- (مئجسٽريٽ کي) سائين!... مئجسٽريٽ اڌ ۾ ڪپي چيس ته ڄٽ اهو جو انگريزي نه ڄاڻي. عبدالرحمان (پاڻ کي) ادا عبدالرحمان مئجسٽريٽ صاحب چوي ٿو ته ڄٽ اهو جو انگريزي نه ڄاڻي، پاڻ انگريزي ڄاڻي. ٽوپڻمل جو پٽ! پڻس ڍڪ منشي، پڇيس ته سائين تڏهن توهان جا ابا ڏاڏا جي انگريزي نه ڄاڻندا هئا، سي به ڄٽ هئا. يعني توهان ٿيا ڄٽ جا ........مئجسٽريٽ گرم ٿي ويو. يڪدم پنو ۽ قلم کنيائين ۽ عبدالرحمان کي چيائين ته تو تي ڇو نه قاعدي جي ڪارروائي ڪجي، ته تون ڪورٽ جي بي ادبي ڪئي آهي. هينئر گهڻو نه ڳالهاءِ جيڪو لکڻو هجئي سو لکي ڏي. عبدالرحمان قلم پنو کڻي هيٺيئن ريت لکيو: جناب مئجسٽريٽ صاحب! ادي عبدالرحمان ڪورٽ جي بي ادبي نه ڪئي آهي. توهان پاڻ ڪورٽ جي بي ادبي ڪئي آهي. اڄوڪي ڏينهن ۾ ٻين شاهدن کي گاريون ڏنيون اٿوَ. ادي عبدالرحمان کي گاريون سندس گودڙيءَ جي پلوَ کي به لڳن. توهين ماڻهن جا حاڪم نه آهيو پر سندن نوڪر. اسان شاهد ڪورٽ ۾ پاڻ ته ڪو نه آيا آهيون، توهان گهرايو آهي ۽ آئي جو آدر به اهو! ڪير توهان جي ڪورٽ کي شاهدي ڏيندو، جي شاهدن کي گارين جي ورکا پوندي؟ توهين سبب ڏيکاريو ته توهان کي ڇو نه موقوف ڪيو وڃي، جو توهان ڪورٽ ۾ شاهدن کي گاريون ڏنيون آهن، ادي عبدالرحمان ته جيئن توهان کانئس قسم کڻايو آهي ته ”خدا کي حاضر ناظم ڄاڻي سچ چوندس، سچ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين چوندس.“ سوئي سچ چيو آهي.“ (45) هي اهو امر لعل جو ڪردار ”عبدالرحمان.“ ڪهڙي نموني ڪورٽ جي اندر پنهنجو ڪيس رکي ويو. ليکڪ پنهنجي مهارت سان هڪ مست ڪردار کان ڪم وٺي ٿو. ليکڪ هن ڪهاڻيءَ جي ذريعي سماج جي اندر ٿيندڙ ارهه زورائيءَ خلاف لکيو آهي. ڪورٽ جي هڪ نگران (جج) تي تنقيد ڪري ويو آهي. هيءَ اها تنقيد آهي جنهن کي ڪرڻ لاءِ جرئت گهرجي- ۽ سوچڻ جهڙي اها به ڳالهه آهي ته انگريزن جي دور ۾ (1930ع) هي ڪهاڻي سرجي وئي آهي جنهن دور ۾ ڪنهن گوري کي اف چوڻ به جرئت جهڙو ڪم هو- ليکڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار ”عبدالرحمان“ کي ڪورٽ جي اندر قانون جا حوالا ڏئي سمجهائي (تنقيد ڪري) ٿو. ته تون پاڻ قانون جي پاسداري نه ٿو ڪرين، تون پاڻ ڪورٽ جي توهين ڪرين ٿو- جڏهن چويس ٿو ته ”ڄٽ“ ڇا آهي ته جج چيس ته جنهن کي انگريزي نه اچي ته موٽ ۾ جج کي اهو چوڻ ته تنهنجا ابا ڏاڏا انگريزي نه ڄاڻندا هئا ته تون ٿئين ڄٽ..... يا جڏهن سرشتيدار پڇي ٿو ته تون ڪهڙي مذهب جو آهين؟ ته موٽ ۾ سچل جو شعر ٻڌائڻ ته ” هندو مومن ناهيان جوئي آهيان سوئي آهيان“- ان شعر ڏيڻ مان ليکڪ جي مراد اها آهي ته ليکڪ مذهبي ويڇن ۾ ماڻهن کي اڪيلو ڪري ويڇا رکڻ نه ٿو چاهي- هن وٽ وڌيڪ اهميت ماڻهوءَ جي آهي ۽ پوءِ ئي سندس مذهب جي. ليکڪ لبرل خيالن جو مالڪ آهي ۽ ان دور ۾ ماڻهو مذهبي ٻنڌڻن ۾ گرفتار هئا ته ليکڪ انهن کي ڄڻ راهه ڏسي ٿو- اها ليکڪ جي شعوري ڪوشش آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ ڪهاڻي ان دور سان واسطو رکي ٿي جنهن دور ۾ ماڻهو علم کان گهڻو پري هئا. جيئن اڄ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ اسڪول آهن تيئن ان وقت ته هڪ اڌ اسڪول جيڪڏهن هوندو به هو ته اهو تمام پري هو ڇاڪاڻ ته انگريز ۽ وڏيرا نه چاهيندا هئا ته هيٺئين طبقي وارا ماڻهو (مسلمان- هندو) هنن کي ڀؤ هيو ته جي هي اسڪولن ۾ آيا ته بري ڀلي، ظلم جبر، غلام ۽ آقا جي هنن کي خبر پئجي ويندي. سو اسان وري موٽي اچون ٿا ڪهاڻيءَ طرف ان دور ۾ لعل هنگوراڻي سيٺين تي تنقيد ڪري ويو آهي، ڪورٽ تي تنقيد ڪري ويو آهي. هيءَ اها ڪورٽ آهي جنهن تي اڄ به اسان تنقيد ڪرڻ کان اڳ سوچيون ٿا ته 75 سال اڳ وارو وقت ته اڃا ڏاڍ ۽ نا انصافيءَ وارو هو (توڙي جو اڄ به اهو ڏاڍ آهي پر ڏاڍ ڪرڻ وارو رڳو بدلجي ويو آهي). هن ڪهاڻيءَ تي ڪيرت ٻاٻاڻي هيئن راءِ ڏئي ٿو. ”ادو عبدالرحمان“ هڪ مست ڪردار جي چوڌاري ٿي ڦري، جو ڪو رواجي مست نه آهي. اڳتي هلي سندس ڪردار مان اڀري ٿو بيهي ته هو هڪ وڏو عالم آهي ۽ ان کان به وڌيڪ ڳالهه اها آهي ته سندس آتما بلڪل روشن آهي پوءِ جي اوسر مان اها به جهلڪ ملي ٿي؛ ڪجهه ڪي قدر ظاهر ٿئي ٿو ته اڄوڪي مطبي، نردئي، کوکلي، کوٽي ۽ واهيات دنيا جي وهنوار ئي کيس مست بڻايو آهي. ان ڪري سندس (مست) رخ دنيا جي ٽڪر ۾ بيٺو آهي، جو ئي نئون ۽ وقت جو سوکيم سچ آهي ۽ ڪهاڻيءَ جي بنياد کي مٿي کڻي بيٺو آهي. ۽ پوءِ زميندار جي ڏاڍائي ۽ جج جي ڪڌائي جو مقابلو ڪندي، نام نهاد ”اعلي سماج“ جي کوکلائپ جو پردو فاش ڪري ٿو ڇڏي. هن ڪردار جو ايڏو ته تاثير آهي، جو هڪ دفعو پڙهڻ کانپوءِ ذهن تي ڇانئجي ٿو وڃي ۽ سالن تائين جهونجهاڙيندو ٿو رهي.“ (50) امر لعل هنگوراڻيءَ جي ڪهاڻين تي منگهارام ملڪاڻي تبصرو ڪندي چوي ٿو ته، ”هن دور جو اوائلي ڪهاڻي نويس ”امر لعل هنگوراڻي“ هو، جنهن جون ڪهاڻيون 1930ع ۾ سندس برپا ڪيل ”ڦلواڙي“ مخزن ۾ شايع ٿينديون هيون، جن مان پهريون ٻه هيون: ”ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي“ ۽ ”ادو عبدالرحمان.“ امر لعل کي حقيقت نگاريءَ (Realism) تي ٻڌل جديد ڪهاڻي نويسيءَ جي فن جو باني ڪوٺي سگهجي ٿو. هيءُ صاحب آکاڻين جا موضوع اڪثر پنهنجي وڪالتي ڌنڌي مان کڻندو هو ۽ انهن کي ڪلا جو مک ڏيندو هو. (51) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، امر لعل هنگوراڻيءَ جي ڪهاڻين تي هيئن تبصرو ڪري ٿو. ”سنڌي ڪهاڻي هن دور ۾ مقصد ۽ اصولن جي اها واٽ وٺي اڳيان وڌي، جنهن جو پهريون پانڌيئڙو امر لعل هنگوراڻي آهي. هو پهريون ئي ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي طبعزاد ڪهاڻين کي سنڌي ادب ۾ اهم مقام حاصل ٿيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ کيس پهريون حقيقت نگار اديب چيو آهي، جنهن جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو پايو وڌو. ”ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي“، ”ادو عبدالرحمان،“ ” هيءَ به رانجهوءَ سنڌي رمز“، ”رام ۽ رحيم“، ”گوليءَ جو گناهه“ وغيرهه اهي سندس ڪهاڻيون هن عرصي ۾ شايع ٿيون. ليڪن ورهاگي تائين ٻيون به ٻه ٽي ڪهاڻيون ڪن ماهوار رسالن ۾ ڇپيون هيون. هنگوراڻي وڪيل هو، ان ڪري سماجي نشيب وفراز جو کيس ڪافي مشاهدو هو. عدالتن ۾ بعضي عجيب وغريب وارداتون ڏسبيون آهن ۽ نين نين ڳالهين جو انڪشاف ٿيندو آهي. ڪيترا معاملا ظاهري طور ته مٿان صاف سٿرا ڀانئبا آهن، ليڪن انهن جي تهن ۾ گهڻيون ئي ڳنڍيون ڏنل هونديون آهن يا ته وري پيچيده معاملا به ڪڏهن ڪڏهن جلديءَ ۾ نبري ويندا آهن. ڪن ڪيسن جي دوران نوان انساني پهلو سامهون ايندا آهن. ڪيترا مجرم بظاهر خطرناڪ ڏوهن ۾ جهلبا آهن، پر انهن جي جرم جو انداز حقيقت ۾ ايڏو سنگين نه هوندو آهي. يا ته ڪي ظاهري معصوم نظر ايندڙ نوجوان ڏوهاري اندر جا درنده صفت نڪري پوندا آهن. عدالت جي ميزان جو پلڙو ڪڏهن مدعي ڏانهن ته ڪڏهن وري مدعيٰ عليه ڏانهن لڙيل هوندو آهي، ساڳي حيقيت شاهدن سان به هوندي آهي. ڪي ”اندر ڪارو ڪانءُ ٻاهر ٻولي هنج جي“ يعني ته چرب زبان مگر مڪار ٿين ٿا. ۽ ڪي وري خدا ڪارڻ شاهدي ڏيڻ واسطي اچن ٿا، ڪن کي وري پوليس پنهنجي فائدي ۾ شاهد ڪري بيهاريندي آهي. ليڪن ڪي شاهدن صرف پنهنجو مافي الضمير بيان ڪندا آهن! ”ادو عبدالرحمان“ به هڪ اهڙي شاهدن جي ڪهاڻي آهي. (52) بقول ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي، ”شري امر لعل هنگوراڻيءَ جي ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ اهڙي معيار جي رچنا آهي، جيڪا انيڪ ٻولين ۾ الٽو ٿي مقبول ٿي پيئي ۽ يونيسڪو طرفان ڇپيل دنيا جي بهترين ڪهاڻين جي سنگرهه ۾ پڻ کيس جڳهه ملي.“ امر لعل هنگوراڻيءَ جون هيٺيون ڪهاڻيون مشهور آهن. 1- ادو عبدالرحمان 2- ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي 3- هيءَ به رانجهوءَ سنڌي رمز 4- لالي 5- گوليءَ جو گناهه 6- ڀائو 7- رام ۽ رحيم 8- رکڙي ٻنڌن 9- لکيو ڪين ٽري 10- ٻڍيءَ جي ٻاجهه 11- واقفيت (53) امر لعل هنگوراڻيءَ جي ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ تي مختصر تبصرو ڪيو آهي. سندس ٻيون به ڪهاڻيون بهترين آهن جيڪڏهن ٻين ڪهاڻيون بهترين آهن جيڪڏهن ٻين ڪهاڻين تي تبصرو ڪبو ته هوند ڄڻ ڌار باب (Chapter) بڻجي ويندو. ائين کڻي چئجي ته ورهاگي کان اڳ جي افسانا نگارن مان هي اهڙو افسانا نگار آهي جيڪڏهن ڪير هن کي نظر انداز ڪري ٿو ته اهو وڏي چڪ ڪري ٿو ۽ سنڌي ادب سان بد ديانتي ڪري ٿو. مون کي ڏک آهي ”ميمڻ رانجهن خان“ جو، جنهن جو مقالو ئي ”ورهاگي کان اڳ جو افسانو“ آهي ته هن امر لعل هنگوراڻيءَ جهڙي جديد سنڌي افسانا نگار کي ڪيئن ۽ ڇو وساريو؟ مددي ڪتاب ۽ رسالا 1. ملڪاڻي، منگهارام ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد/ڪنڊيارو. ٽيون ايڊيشن اپريل 1993ع، ص 38. 2. ميمڻ، رانجهن خان ”سنڌي افسانو (آزاديءَ کان اڳ)“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون ڊسمبر 1966ع، ص 9 3. موهن لعل پروفيسر، ”ادبي گل“، سچل سرمست سنڌي ساهت سوسائٽي سنڌ، ڏوڪري، ڇاپو پهريون سال 2005ع، ص 56، 57 4. عالماڻي عبدالحق، ”ورهاڱي کان اڳ سنڌي ڪهاڻي“، ماهوار سهڻي سال 6.3.1970، ص 21 5. مالهي گوبند- ڪلاريجهسنگهاڻي ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“، (ڀاڱو پهريون) ساهتيه اڪاديمي نئين دهلي (سندري پرنٽنگ پريس، چيمبور ڪالوني، بمبئي) ص 10 6. ڏسو حوالو-1، ص 39 7. ڏسو حوالو-2، ص 10 8. جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن 1994ع، ص 146 9. ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، عجائب اسٽورز فريئر روڊ سکر، ڇاپو پنجون: 1995ع، ص 119 10. لغاري اڪبر، ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون: جنوري 1999ع، ص 67 11.عرساڻي، محمد اسماعيل، ”چار مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/حيدرآباد سنڌ ٻيون ايڊيشن: 1983ع، ص 62 12. ڏسو حوالو-3، ص 57 13. گرامي، غلام محمد، ايڊيٽر ”سماهي مهراڻ“، ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ پرچو 1959ع، ص 193، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 14. ڏسو حوالو-1، ص 42 15. ڏسو حوالو-5، ص 11 16. خواجه نورافروز، ڊاڪٽر، ”ماهوار نئين زندگي“ محڪمه اطلاعات حڪومتِ پاڪستان نومبر، 1997ع، ص 29 17. ڏسو حوالو-11، ص 62، 63 18. ڏسو حوالو-1، ص 43 19. ساڳيو ڪتاب، ص 45 20.ڏسو حوالو-11، ص 63, 64 21. ڏسو حوالو-11، ص 64 22.جتوئي، ادريس، ”جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي“ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌي ادبي سنگت، نوان جتوئي ڇاپو پهريون جون 2005ع، ص 64 23.ڏسو حوالو-1، ص 46 24.ڏسو حوالو-16، ص 29 25. ڏسو حوالو-2، ص 15، 16، 17 26.ڏسو حوالو-1، ص 58 27.ڏسو حوالو-5، ص 12 28.ڏسو حوالو-11، ص 65 29.وي.ايف.آگئيف.ڊاڪٽر محمود صادق (مترجم) ”سندھ تاریخ کے آئینے میں“ حوري نوراني، مڪتبه دانيال، وڪٽوريه چيمبرز ڪراچي، پهريون ڇاپو 1989ع، ص 442، 443 30.ملڪاڻي، منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد/ ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن: اپريل 1993ع، ص 58، 59 31. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1982ع، ص 211 32.ميمڻ، رانجهن خان، ”سنڌي افسانو (آزاديءَ کان اڳ) ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون ڊسمبر 1966ع، ص 29، 30 33.ساڳيو ڪتاب، ص 30، 31، 32 34.ساڳيو ڪتاب، ص 50، 51 35. ساڳيو ڪتاب، ص 58 کان 62 تائين 36.ساڳيو ڪتاب، ص 49، 50 37.خواجه نور افروز ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوڳءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، ڇاپو پهريون، سيپٽمبر 1982ع، ص 226 38.عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌ افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، ڇاپو پهريون، فيبروري 1982ع، ص 226 39.ڏيپلائي، ثريا سوز، ”ڏيپلائي، هڪ مصلح“ مرتب: عبدالجبار جوڻيجو، محمد قاسم ٻگهيو، مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، فيبروري 1988ع، ص 117 40.ڏيپلائي، ثريا سوز، ”ڏيپلائي، هڪ مصلح“ مرتب: عبدالجبار جوڻيجو، محمد قاسم ٻگهيو، ”مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، فيبروري 1988ع، ص 120 41. عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1982ع، ص 224 42.ملڪاڻي، منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد/ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن: اپريل 1993ع، ص 53، 54 43.ميمڻ، رانجهن خان، ”سنڌي افسانوي (آزاديءَ کان پوءِ)“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون ڊسمبر 1966ع، ص 37 کان 45 44.الانا غلام علي، ”چونڊ سنڌي افسانا“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڇاپو ٽيون، مارچ 1981ع، ص 9 45. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن: 1994ع، ص 168 46.ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ عجائب اسٽورز فريئر روڊ سکر، ڇاپو پنجون: 1995ع، ص 120 47.هڪڙو انورفگار ڊاڪٽر، (مرتب) ”جي تند برابر توريان“ شيخ اياز- سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو 1998ع، ص 8 48.هنڱوراڻي امر لعل، ”ادو عبدالرحمان“ نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ، ٻيو ايڊيشن: 1985ع، ص 8، 9 49.ساڳيو ڪتاب، ص 23 کان 25 50. ساڳيو ڪتاب، ص 10 51. ملڪاڻي، منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد/ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن: اپريل 1993ع، ص 59 52. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1982ع، ص 194، 195 53. هنڱوراڻي امرلعل، ”ادو عبدالرحمان“ نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ ٻيو ايڊيشن: 1985ع، ص 9-7 مرزا ڪاظم رضا بيگ تحقيق مخدوم طالب الموليٰ جي مرثيه گوئي شاعريءَ ۾ مرثيه جي صنف ايتري قدر منفرد ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن کان ايتري ته مختلف آهي جو ان جو پنهنجو الڳ فن ۽ ڌار اصول آهن. مرثيو، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ اهڙي نظم لاءِ استعمال ٿيو آهي جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن ٻي شخص جي موت جو غم ملهائي، مگر جهڙي طرح غزل ۾ صرف محبوب جي سراپا حسن جي تعريف ڪجي ٿي، اهڙي طرح مرثيه رڳو حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ برپا ٿيندڙ مجلس سان مخصوص ٿيو. مرثيه ۾ امام حسين عليہ السلام ۽ سندن ساٿين جي جنگ ۽ شهادت جو بيان ٿئي ٿو. عربي، فارسي، اردو توڙي سنڌي زبانن ۾ مرثين جو هڪ ضخيم، اڻ ملهه ۽ قابلِ قدر ذخيرو موجود آهي. ڊاڪٽر سيد صفدر حسين، پنهنجي اردو ڪتاب ”رزم نگارانِ ڪربلا“ ۾ لکي ٿو ته، ”جڏهن اُتر ۾ اردو شاعريءَ جو بنياد پيو، ان کان پهرين سنڌي، ملتاني ۽ گجراتي زبانن ۾ انيڪ مرثيه لکيا ويا.“ سنڌي مرثيه جي ابتدا، جڏهن سنڌي شاعري وجود ۾ آئي، تڏهن کان ٿي، ۽ سنڌي مرثيه جي ابتدا بيتن ۽ ڏوهيڙن سان ٿي، جنهن جو مثال سرتاج الشعراء حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي رسالي ۾ سر ڪيڏارو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان دردِ غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. پر علم عروض جي حدن اندر فارسي بحرن تي سيد ثابت علي شاهه يا ميرزا مراد علي بيگ ”مراد“ کي سنڌي مرثيه جو باني چئي سگهجي ٿو. ان کان پوءِ آخوند محمد عالم، ميرزا فتح علي بيگ ”فتح“، مير حسن علي خان ٽالپر، ميرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“، ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين خان سانگي، ميرزا قربان علي بيگ ”قربان“، ميرزا علي محمد بيگ مظفر، ميرزا حسين علي بيگ، ميرزا امام علي بيگ، ميرزا عباس علي بيگ، ميرزا سلطان حيدر بيگ، منظور حسين نقوي، سيد احسن الهاشمي، وغيره مرثيه جي صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي، فارسي ۽ اردو جو مايه ناز شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ غزل، ڪافيون، وائيون، رباعيون، قطعا، مثنوي وغيره ڪثرت سان موجود آهن. مرثيه گوئي جي حوالي سان سندن پنج مرثيه ”شانِ حسين“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي منظرِعام تي آيا آهن، جيڪي تاريخي ۽ ادبي حيثيت سان ايمان افروز پڻ آهن. مخدوم طالب الموليٰ، مرثيه گوئي ۾ جنهن انداز سان پنهنجي جذبي جي عڪاسي ڪئي آهي اهو قابلِ تعريف آهي. دنيا ۾ جتي جتي مسلمان رهن ٿا، انهن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪربلا جي سانحي تي، پنهنجن وڏن جي پيروي ڪندي مرثيه، سلام ۽ نوحا لکيا آهن. جيستائين هي ڏينهن ۽ رات جو سلسلو آهي، اوستائين ڪربلا جي قضيي تي عاشقانِ امام حسين عليہ السلام پنهنجي عقيدت جا نذرانا پيش ڪندا رهندا. عربي، فارسي ۽ اردو وانگر سنڌي زبان جا شاعر به سانحئه ڪربلا تي غم ۽ ڏک جو اظهار ڪندا رهيا آهن ۽ هيءُ سلسلو قيامت تائين جاري ۽ ساري رهندو. مخدوم طالب الموليٰ جي دل ۾ به حبِ اهلبيت جو سوجهرو هو ۽ حبِ اهلبيت ۾ مخدوم طالب الموليٰ ڪيترائي پرسوز مرثيه، نوحا ۽ سلام لکيا آهن، جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:- ڇا خاطرِ شبير آ درگاهِه خدا ۾، هرگز نه ڪڏهن فرق پيو جنهن جي دعا ۾، يڪتا آ عبادت ۾ شجاعت ۾ سخا ۾، بيڪس به ٻيو اهڙو نه آهي هر دو سرا ۾، ڇا مرتبو آهي ڇا وري ظلم سهيو آ، لاشو به ته بيڪفن ۽ بي دفن رهيو آ. --- جو شاهه ٻين کي ٿو ڏئي دولتِ اولاد، افسوس جو ٻچڙن تي سندس ٿئي رڳو بيداد، اصغر جو گلو ڇا لڳي ڇا ناوڪِ فولاد، فرياد آ فرياد آ فرياد آ فرياد، بي جرم و خطا ڪود ڪِ شبير کي ماريئون، نادان کي معصوم کي بي شبير کي ماريئون. --- فني اعتبار سان مرثيه جي ابتدا تمام احتياط سان ٿيندي آهي، جنهن سان ڪربلا جا واقعا مربوط ڪيا ويندا آهن، جهڙي طرح قصيدي ۾ تشبيب هوندي آهي، اهڙي طرح مرثيه ۾ به عام طور شاعر ابتدائيه لکندا آهن. جيئن مخدوم طالب الموليٰ هڪ مرثيه ۾ لکي ٿو ته: آءٌ ڇو نه ڪريان شڪر خدائي دوجهان جو، جنهن بخشيو سندم دل کي مزو سوزنهان جو، يڪسان آءٌ مسرت ۾ اگر دور فغان جو، هئي نارِ جهنم به ته لطف آهي جنان جو، ٿيندي آ خوشي صحت و آزار کان مون کي، خلعت هي ملي آ انهيءَ سرڪار کان مون کي. --- هر ڳالهه ۾ هڪ حسن آ هر شيءِ ۾ نفاست، بدشڪل ڪائي چيز نه هئي جو بصارت، روئڻ به آهي لطف جي ڪامل آ سماعت، هر اشڪ جي ساغر ۾ عجب آهي بشاشت، اکيون جي هجن نار ۾ آ نور جو جلوو، هر ذهء ناچيز ۾ آ طور جو جلوو. مرثيه نگاريءَ ۾ بلاغت کي ڪلام ۾ گهڻي اهميت حاصل آهي، خاص ڪري واقعه نگاري بلاغت کان سواءِ بلڪل مصنوعي ۽ بي تاثير ٿئي ٿي. عام طور ائين سمجهيو وڃي ٿو ته فصاحت ۽ بلاغت اهڙيون خوبيون آهن جي ٻئي هڪ هنڌ ٿي نه ٿيون سگهن. هي خيال ادب کان پري آهي ۽ استادن جي ويجهو غلط آهي. بلاغت ۾ واقعه ۽ حقيقت جي خيال کي موزون طريقي سان آڻڻ ضروري آهي ۽ فصاحت ۾ لفظن جي سادگي ۽ رواني خوبي آهي. مختصر ته خيالي ۽ واقعه کي فصيح الفاظ جو جامو پهرائڻ فصاحت آهي، تنهنڪري ساڳيوئي ڪلام بيڪ وقت فصيح ۽ بليغ ٿي سگهي ٿو، جنهن جا هڪ ئي مثال ملن ٿا. مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ مرثيه جا چند بند پيش ڪجن ٿا، جن ۾ واقعه نگاري سان گڏ بلاغت به موجود آهي: احوال ٿو هاڻي آءٌ لکان ڪرب و بلا جو، طوفان هو، سيلاب هو، اربابِ جفا جو، سينن ۾ تلاطم هو ۽ سامانِ دغا جو، بشاش هو هڪ روح امام دو سرا جو، رخ تي اثر هو نه بدن غرقِ عرق هو، منهن تي سا صباحت جيئن سونو ڪو ورق هو. --- فرمايائين سڀ قتل ٿيا دين جا باني، قاسم به هو سم خورده برادر جي نشاني، ۽ حُسن ۾ اڪبر هو سندم يوسفِ ثاني، عباس هو اسلام جي ڀرپور جواني، سيني ۾ خلش لب تي سندم آهه نه آهي، حالانڪ هتي منهنجو ڪو همراهه نه آهي. هاڻي ننڍڙي علي اصغر جي بيان واري مرثيه جا بند پيش ڪجن ٿا، جنهن مان بيانيه ابتدائيه جو پتو پوي ٿو. مخدوم طالب الموليٰ طرزِ نگارش لائقِ صد تحسين آهن: ڇا سوال ڪرڻ غير کي ڇا حضرتِ شبير، پر آهه ڪئي شاهه ٿي مجبور هي تقرير، چائين ٿي مون کي آندو آهي اصغر بي شير، ناگاهه لڳو گردن معصوم تي هڪ تير، هي حال ڏسي شاهه نهاريو ٿي فلڪ ڏي، ۽ منهن مان سواءِ شڪر جي ٻي بات نه ڪئي ٿي. --- پوءِ گود ۾ سرور جي هو تڙڦڻ لڳو اصغر، ۽ هڏڪيون ڀريون ٿي اُتي معصوم ته هر هر، سيني سان لڳائي چيو شهه بادل مفطر، آرام سان سمجهندو هئين هن گود ۾ دلبر، هندم ڇو تون تڙڦين ٿو ٿيو توکي اباڇا، يا ياد ڪري روئين ٿو تون پنهنجو ادا ڇا. --- ان دم ۾ ڏنو دم کڻي ناگهه علي اصغر، اکين مان ٿيا اشڪ روان شاهه جي هيڪر، ڪجهه ڪين ڪڇيو ضبط ڪيو شير بهادر، ڇا وقت اهو هوندو مٿي جانِ پيمبر، پر رحم نه تر جيترو آيو هر فلڪ کي، معصوم جي هن حال تي ملڪن به رنو ٿي. هڪڙي بند ۾ خطابيه انداز ملاحظه ڪريو:- ان پيءُ جو آءٌ پٽ آهيان جو اشجعِ عالم، جنهن تي هو سدا سايه فگن فتح جو پرچم، جنهن ذات سان اسلام جو بنياد هو محڪم، سو اصل ۾ هو قوت پيغمبر اڪرم، طِفليءَ ۾ به اُن نيٺ نه ازدر کي ڇڏيو هو، بي فتح نه ان قلعئهِ خيبر کي ڇڏيو هو. هاڻي ان مرثيه جا چند بند پيش ڪجن ٿا، جنهن ۾ واقعه نگاريءَ سان گڏوگڏ مڪالمو به آهي، ڪلام جي بلاغت به ملاحظه ڪريو:- شفقت سان نظر ڪيائون سوئي چهرهء دلدار، ۽ پيار سان ڳالهايو تڏهن احمد مختار، ڪئي فاطمہ جي لعل ته نانا سان هيءَ گفتار، ڇا رنج ڪو دل کي آهي اي نائبِ غفار، ڇو اهڙا ملول اڄ ته نظر مون کي اچو ٿا، ڇا آهي سبب ڪين ڪي خوش ڀي ڏسجو ٿا. --- فرمايائون کڻي تازي مسلمان ڏي آڱر، هن شخص کي اولاد نه آهي منهنجا دلبر، هن لاءِ دعا حق کان گهري ٿي مون پيمبر، پر روح الامين چيو اچي مون کي هي مقرر، تحقيق دعا تنهنجي اڃا بت جي قرين آ، پر هن جي مقدر ۾ ته اولاد نه ڪين آ، هي ڳالهه ٻڌي جڏهن پسرِ فاطمہ زهرا، الله جي رحمت جي طرح جوش ۾ آيا، فرمايائون هن ڳالهه جو ڏک آهي نانا، مون هن کي ڏنو پٽ وٺي ازدرگهِه مولا، فرمايو نبي بيشڪ دل تنهنجي سخي آ، پر درگههِ معبود ۾ هيءَ بي ادبي آ. --- تنهن تي هي وري چوپسر حيدرِ ڪرار، مون هن کي وري پٽ ٻه ڏنا اي شههِ ابرار، فرمايو نبي ماٺ تون ڪر اي منهنجا دلدار، نانا کي چوڻ هيئن لڳو هو ڪُل جو مددگار، مختار مون کي آهي ڪيو فضل خدا اڄ، ست هن کي تڏهن مون کي فرزند ڏنا اڄ. --- اندم هي ندا عرش کان ناگاهه ٿي آئي، تڪرار ڪريو ڪين هي آ جان فدائي، شبير آ مختار سندس آهي خدائي، عاشق آهي منهنجو هن کي روڪ نه ڪائي، پهرين ته نه هئي بلڪل تقدير جي مرضي، پر هاڻ اها مرضي جا شبير جي مرضي. انساني جذبن ۽ احساسن کي زندگيءَ ۾ وڏو دخل آهي. ڪنهن به واقعي تي جڏهن خوشي يا غم جو اظهار ٿيندو آهي، تڏهن عزيز، اقربا، دوست ۽ احباب پاڻ ۾ هڪ ٻئي لاءِ خوشي ۽ غم جا جذبات رکن ٿا. والدين کي پنهنجي اولاد سان شفقت ۽ محبت فطري طور هوندي آهي. ڀاءُ سان ڀيڻ جي محبت ۽ ماءُ کي پنهنجي پٽ سان پيار هڪڙي حقيقت آهي. مخدوم طالب الموليٰ جي مرثيه گوئيءَ ۾ اسان کي اهي سڀئي جذبات ۽ احساس ملن ٿا. حضرت علي اڪبر عليہ السلام، حضرت امام حسين عليہ السلام جو پٽ جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ دشمنن جي ڪثير سپاهه ۾ اڪيلا جنگ لاءِ نڪتا، ان وقت امام عالي مقام ۽ بيبي زينب جو ڪهڙو حال هو، ۽ جڏهن سندن شهادت جي خبر ٻڌئون تڏهن امام عالي مقام جي دل جي ڪهڙي حالت هئي، ان کي مخدوم طالب الموليٰ هن ريت لکيو آهي:- خدا جي واسطي مون کي پسر جو ڏس ڪو ڏيو، هو نورچشم سندو هو ۽ منهنجي گهر جو ڏيو، هو زخمي پياسو پسر هَئي ٻڌايو ڪٿ آ پيو، جنهين جي لاءِ جو بيتاب اڄ پدر آ ٿيو، هي وقت اهڙو آ ڪافر کي ڀي رحم ايندو، حسين پٽ کان سواءِ جلدي مري ويندو. --- زبان سان ٿو گهري پاڻي يا اشاري سان، هو دور آهي يا آ نهر جي ڪناري سان، اٿي ٿو پاڻهي يا ڪنهن غير جي اشاري سان، ملايو مون کي سندم نوجوان پياري سان، ڪليجو منهنجو ٿو ٻاهر اچي جدائي کان، پسر ملايو کڻي هاڻ جان فدائي کان. --- اُها زمين، اهو آسمان، اُها دنيا، اها فرات، اهو ساڳيو رڻ، اُها صحرا، اهو حُسين، اهو آهي لشڪرِ اعدا، مگر نه آهين فقط تون هتي اي منهنجا ابا، نه چين پل جو به ملندو ابا علي اڪبر، وري نه مون کي ڪو ڏسندو ابا علي اڪبر. --- سندم غيور، سندم ڪم سخن علي اڪبر، سندم دلير سندم صف شڪن علي اڪبر، سندم غريب سندم بي وطن علي اڪبر، اي نورچشم اي نازڪ بدن علي اڪبر، ڪريان ڇا هاڻ آءٌ مون کي حياتي ڪانه کپي، اِجهو ٿو تو ڏي هي وڇرائيو به جلد اچي. --- جواب ڏي مون کي اي بينوا علي اڪبر، ڪٿي آهين تون سندم جا نفدا علي اڪبر، نه آهي هوش مون کي دلربا علي اڪبر، پڪاري توکي ابو ٿو ابا علي اڪبر، ڪمر جو درد علمدار ويو ڏئي هَئي، رهيو سهيو سُک اڄ سڀ ابانيئي هَئي هئي. ساڳئي ئي مرثيي مان ڪجهه بند پيش خدمت آهن، جنهن ۾ جذبن ۽ احساسن سان گڏ ساڳيو سوز گداز به آهي:- هي ٻڌندي شاهه هليو ان طرف به حال تباهه، نظر ۾ آيو اتي پَٽَ تي پُٽ پيل ناگاهه، پوءِ ڏسندي پيءُ کي ڀري آهه هيئن چيو ذيجاهه، غلام صدقي کڻي خيمه ۾ هو يا شاهه، پڦي ڏسان ۽ سڀن ساڻ ڪجهه ته ڳالهايان، هلي آءُ ماءُ کان اڄ کير پنهنجو بخشايان. --- چيو امام کڻي پٽ کي پنهنجي بسم الله، پڦي ۽ ڀينرون ماءُ پڻ ڏسن سندءِ ٿيون راهه، پوءِ لاش خيمه ۾ اندر کڻي جو آيو شاهه، پڪاريو باتوان دم به زاري وصد آهه، فلڪ شگاف ٿي، فرياد ڪيو سڀن اندم، چيئون ٿي پهچ رسولِ خدا هتي هندم. --- جڏهن جوان پسر ورتي هوندي راهه عدم، ڇا گذريو هوندو شههِ ذوالمنن جي دل ۾ غم، مگر ڪيو صبر و شڪر خوب شهنشاهه امم، نه اڳتي تاب آ، ”طالب“ ڪجي بيان الم، هي درد آهي اهو جنهن کان ٿيندي دل دونيم، عطا ڪري هر مومن کي شال ربِ ڪريم. مخدوم طالب الموليٰ هڪ مرثيه ۾ ڪربلا جي سرزمين کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو:- ڏي خبر مون کي هي اڄ اي سرزمينِ ڪربلا، ظلم ڪهڙي طرح ڪيا آلِ نبي تي اشڪيا، ڪيئن ٿيا ٿي حق پرستن تي فقط جور و جفا، ڪهڙي تڪليفن اندر هو لشڪرِ شاهه هدا، ڪهڙي حالت ۾ ڏٺئي هن فوج جا اعدائي دين، ڪهڙي رمزن ۾ ڀلا هو صاحبِ دينِ متين. مخدوم طالب الموليٰ جا مرثيه فني سٽاءَ ۽ پختگيءَ جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ ڪربلا جي دردناڪ ۽ دل سوز واقعي جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. مخدوم طالب الموليٰ جي مرثين ۾ ڪم آيل عبارت جي رنگيني، فصاحت ۽ بلاغت ۾ پاڻ ڪمال ڪري ڇڏيو اٿن. لفظي ۽ معنوي صنعتون، تشبيهون، محاورا، استعارا، مجاز، ڪنايا ۽ اصطلاح بي انداز ڪم آندا اٿس. جن تي فارسي واقعي کي نهايت دل سوز انداز ۾ پنهنجن مرثين ۾ بيان ڪيو اٿس. جذبات نگاري سندن مرثين جو اهم جزو آهي، تنهنڪري اڪثر سندن مرثيه جذبات سان ڀرپور آهن. ان کان سواءِ واقعات نگاريءَ جا به بهترين مثال ملن ٿا، جنهنڪري کين سنڌي ادب ۾ نامور سنڌي مرثيه گو شاعرن جي فهرست ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ستين ورسي سنڌ جي هردلعزيز هاڪاري عالم، محقق ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمن علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ستين ورسي 10- ڊسمبر، جمعي جي ڏينهن تي ملهائي وئي. پروگرام مطابق، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علامه قاسمي چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر قاضي خادم، شاهه ولي الله اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد لغاري، علامه صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ علامه صاحب جي فرزندن، علامه صاحب جي مزار تي گُلن جي چادرون چاڙهيون ۽ مغفرت جي دعا ڪئي. ان موقعي تي قرآن خواني ۽ خيرات جي مانيءَ جو به انتظام ڪيل هو. • ساڳي ڏينهن، شام جو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ علامه قاسمي صاحب جي شخصيت ۽ علمي ڪم کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو اهتمام ”علامه قاسمي چيئر“ ۽ قاسمي صاحب جي گهر ڀاتين پاران ڪيو ويو. ان تقريب جي صدارت، ”علامه قاسمي چيئر“ جي چيئرمن مظهرالحق صديقي ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان، ناميارو اديب حميد سنڌي هو. • ان موقعي تي علامه قاسمي چيئر پاران شايع ڪيل، علامه قاسمي صاحب جي تحرير ڪيل اردو ايڊيٽوريل تي ٻڌل ڪتاب ”شذرات- ڀاڱو ٽيون“ ۽ مجموعي طور تي چيئر جي نائين ڪتاب جي پڌرائي ڪئي وئي. • ڪتاب ”شذرات“ جو علمي جائزو پيش ڪندي، محقق ۽ اديب پروفيسر سليم بيگ مرزا چيو ته قاسمي صاحب جي تحرير ڪيل سنڌي ڪتابن سان گڏ، سندس اردو ڪتاب ۽ تحريرون پڻ نهايت اهميت واريون آهن ۽ قاسمي صاحب پنهنجي اِن ڪتاب ۾ مختلف واقعن ۽ شخصيتن تي ايڊيٽوريل تحرير ڪري وڏي علمي خدمت ڪئي آهي ۽ هڪ صحافيءَ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ نهايت بنا ڪنهن ڊپ جي ڏني آهي. • تاج جويي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سنڌ جو سچو عاشق، شاهه عبداللطيف جو شارح ۽ شاهه ولي الله دهلوي، مخدوم معين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي واري سلسلي جو ناميارو عالم هو ۽ مون کي خوشي آهي ته مون قاسمي صاحب تي ڪتاب مرتب ڪري، کين پيش ڪيو. • علامه قاسمي چيئر جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته جديد سنڌ جي عالمن ۾ علامه قاسمي صاحب جي حيثيت مختلف ۽ منفرد آهي. هو هڪ ئي وقت، عالم، استاد، مؤرخ، مفڪر، محقق ۽ مقرر هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”علامه قاسمي چيئر“ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن مختصر وقت ۾ علامه صاحب جي شخصيت ۽ سندن علمي ڪم تي نه رڳو تحقيق جو اهتمام ڪيو آهي، بلڪ 9 ڪتاب، جن مان اڌو اڌ قاسمي صاحب جي تحريرن تي ٻڌل آهن، شايع ڪيا آهن. ان کان سواءِ ”علامه قاسمي چيئر“ پاران سنڌ يونيورسٽيءَ جي، سنڌي ۽ اسلامڪ اسٽڊيز شعبن جي پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي ”علامه قاسمي يادگار گولڊ ميڊل“ پڻ ڏنا ويندا آهن. • علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي فرزند ۽ چيئر جي ميمبر پروفيسر نظير احمد قاسمي چيو ته قاسمي صاحب، سنڌ جي عظمت، دنيا آڏو پيش ڪئي ۽ سنڌ جي عالمن جي ڪم کي عوام الناس آڏو پيش ڪيو. قاسمي صاحب، خاموشيءَ سان علمي پورهئي ۽ تحقيقي ڪم ۾ رُڌل رهيو ۽ هاڻ سندن وفات کان پوءِ سندن علمي پورهيو سهيڙجي پيو ته ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ ڪيڏو نه علمي ۽ تحقيقي ڪم ڇڏي ويا آهن، جيڪو اُميد آهي ته ”علامه قاسمي چيئر“ شايع ڪري آڏو آڻيندي. • نامياري اديب ۽ تقريب جي خاص مهمان، حميد سنڌي صاحب چيو ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي وڏو ڏاهو ۽ عظيم عالم هو ۽ هن پنهنجي عالمانه فڪر سان زندگيءَ جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ۽ هو هڪ محبت ڪندڙ انسان هو ۽ اسين ”بزمِ روح رهاڻ“ طرفان هر سال ان درويش صفت عالم ۽ اديب جو ڏهاڙو ملهائي، کيس خراج تحسين پيش ڪندا رهندا آهيون.