ڪتاب جو نالو: سرتيون 2005ع سرتيون مارچ 2005ع گلبدن جاويد فرمايو اسان جي پياري پيغمبر صلي الله وسلم جنت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي. شرڪ کان پوءِ وڏو جرم والدين سان اچائڻ آهي. تون پنهنجي والدين سان چڱو سلوڪ ڪر، توسان تنهنجو اولاد چڱو سلوڪ ڪندو. توهان مان اهو چڱو آهي، جيڪو پنهنجي گهر وارن لاءِ چڱو آهي. بخدا! اهو مؤمن نه آهي، جنهن جي بديءَ کان سندس پاڙيسري محفوظ نه هجي. پاڙيسريءَ جو حق آهي، ته ان تي مهربانيون ڪيون وڃن. اهو مؤمن نه آهي، جي ڪو پاڻ ڍَوَ تي کائي، پرهن جو پاڙيسري بکيو رهي. مسلمان ٻين لاءِ به اهو ئي پسند ڪندو آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي. سوچ ويچار....! عورتن جو عالمي ڏينهن 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي. عورت چاهي دنيا جي ڪهڙي به خطي ۾ ڪهڙي به نسل سان تعلق رکندي هجي. مطلب هر عورت لاءِ هي اعزازي ڏينهن آهي. ان ڪري سڀني ڀينرن کي گهرجي ته هن ڏينهن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪن ۽ هن ڏينهن کي مان ڏين. ڇو ته اهو هر عورت جو حق آهي ته هوءَ سال جو صرف هڪ ڏينهن پاڻ کي ڏئي. مردن کي به گهرجي ته هن ڏينهن کي پنهنجو مخالف يا پاڻ لاءِ چيلينج نه سمجهن. پر عورتن جي خوشين ۾ شريڪ ٿي پنهنجي وسيع نظريءَ جو ثبوت ڏين. هن ڏينهن جو تاريخي پس منظر ڪجهه هن ريت آهي ته سن 1857ع ۾ نيويارڪ شهر ۾ پورهيت عورتن جيڪي گارمينٽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪنديون هيون. تن گهٽ اجرت ۽ نامناسب حالتن خلاف هڙتال ڪئي.1908ع عورتون پنهنجي يونين جي پليٽ فارم تان 8 مارچ تي وڏو احتجاج ڪيو. جنهن ۾ 15000 عورتن شرڪت ڪئي 1909ع تي آمريڪا جي سوشل پارٽي پهريون ڀيرو عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو. 1910ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ سوشلسٽ عورتن جي پهرين عالمي ڪانفرنس ٿي عورتن ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهايو. گڏيل قومن طرفان سن 1975ع ۾ عالمي سطح تي عورتن جو هڪ گروپ تشڪيل ڏنو ويو ته جيئن اهي عورتون پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي پنهنجي حڪومت کي قائل ڪن ته جيئن اها حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ عورتن کي اهي سڀ سهولتون ڏئي جيڪي سڌريل ملڪن جي مردن کي مليل آهن. انهيءَ ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ عورتن جي پهرين عالمي ڪانفرنس ميڪسيڪو ۾ گهرائي وئي. انهي ڪانفرنس ۾ ڇهه هزار عورتن شرڪت ڪئي انهيءَ ڪانفرنس ۾ غريب ملڪن جي عورتن جي بدحاليءَ تي غور ڪرڻ کانپوءِ هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو. ته سن 1976ع کان 1985ع تائين ڏهن سالن کي ترقيءَ جا سال سڏيندي 8 مارچ کي امن جو ڏهاڙو قرار ڏنو ويو. تنهن کان پوءِ پنجن سالن دوران انهيءَ پڌرنامي جي حوالي سان عورتن جي ٻي عالمي ڪانفرنس 1980ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ٿي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ تعليم روزگار ۽ صحت بابت اهم نقطا غور هيٺ آيا ۽ انهن کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو. ان ڪانفرنس کان پوءِ وري 1985ع ۾ نيروبيءَ ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪندڙ عورتن جو تعداد اٽڪل 202000 هو ان کان پوءِ نومبر 1993ع ۾ منيلا ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. تنهن کان پوءِ انڊونيشيا جي گاديءَ واري هنڌ ”جڪارتا“ ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ فقط گڏيل قومن جي نمائندن ۽ سرڪاري نمائندن شرڪت ڪئي. عورتن جي چوٿين عالمي ڪانفرنس سيپٽمبر 1995ع ۾ چين جي شهر بيجنگ ۾ ٿي گذري. انهيءَ ڪانفرنس ۾ دنيا جي 187 ملڪن جي 47000 اين جي اوز ۽ 31000 هزار سرگرم نمائنده عورتن شرڪت ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ٻه دستاويز تيار ڪيا ويا. هڪ دستاويز عملي ڪمن لاءِ پليٽ فارم جو تعين ڪرڻ ۽ ٻيو دستاويز سال 1994ع ۾ عورتن جي حقن بابت ٿيل ترقياتي ڪمن بابت ڪيل سروي جو جائزو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ هيٺ ڄاڻايل مسئلن تي غور ڪيو ويو. عورتن لاءِ هر سطح تي فيصلن ۽ اختيارن ۾ عدم شرڪت ۽ اڻ برابريءَ. عورتن جي ترقيءَ لاءِ پاليسيءَ ۾ شراڪتي عمل ۾ اڻ برابري ۽ عملي انتظامن جي کوٽ. گڏيل قومن پاران بين الاقوامي سطح تي عورتن جي تسليم ٿيل حقن بابت شعوري ڄاڻ ۾ کوٽ جا پروگرام. غربت ۾ اضافو ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ ۾ عورتن جو وڌيڪ متاثر ٿيڻ. قومي پاليسي پيداواري عمل معاشي ترقيءَ جي پاليسين ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اڻ برابري. تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعن تائين پهچ جو نه هئڻ. عورتن جي خلاف جنسي تشدد ۽ رياستن جي خاموشي. قومي سطح تي جنگ جون حالتون هٿيارن جي عام مارڪيٽنگ، انتظام ۽ حساس ادارن ۾ عورتن کي نظر انداز ڪرڻ. اهي مسئلا عورتن، سماج ۽ آزاديءَ ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا. انهن ڪانفرنسن ۾ عورتن بار بار اقرار ڪيو ته سڄي دنيا جون عورتون آزاديءَ ۽ برابري ۾ برابر آهن. بيجنگ ڪانفرنس ۾ جيڪي به نقطا ويچار هيٺ آيا انهن تي ڪانفرنس ۾ شريڪ عورتن پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪم ڪيو. فيجي جي عورتن کي 1995ع کان اڳ ڇهين لڳي تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هئي. پر جڏهن نمائنده عورتن احتجاج ڪيو ته پوءِ کين سرڪاري طرح اجازت ملي. هندستان جي عورتن کي وڌيڪ سياسي حق مليا. نيپال جي عورتن کي ملڪيت جا مالڪاڻا حق حاصل نه هئا. کين اهي حق مليا. گوئٽي مالا جي عورتن کي پڻ سياسي حق ملي ويا. گوئٽي مالا يونيورسٽيءَ ۾ عورتن کي سياست جو مضمون پڙهڻ جي اجازت ملي. ڪيمرون ۽ هندوستاني عورتن کي سرڪاري نمائندگي ملي. ڪولمبيا جي نئين قانون مطابق عورتن کي گهريلو تشدد خلاف قانوني طرح تحفظ ڏنو ويو. پاڪستان پاران نمائندگي ڪندڙ اچي ڪهڙو ڪم ڪرايو ان جي ڪا واضح شڪل سامهون نه آئي آهي. پر بهرحال ٻين صوبن ۾ وري به ڪجهه نه ڪجهه عورتن لاءِ ڪم ٿئي پيو. پر سنڌ صوبي ۾ عورتن لاءِ ڪا اهڙي حڪمت عملي ناهي جڙي. چند عورتون آهن جيڪي پنهنجي قلم ۽ ڪردار جي ذريعي سنڌ جي اٻوجهه ۽ بي گناهه ڪاريون ٿي مرندڙ ۽ ٻين ظلمن جو شڪار ٿيل عورتن لاءِ ڪم ڪن ٿيون. پنهنجي هڙئون وڙئون عورت جي اخلاقي ۽ مالي سهائتا ڪنديون رهن ٿيون. باقي ٿيو خير! جن تنظيمن ۽ ادارن کي عورتن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ فنڊ ملن ٿا انهن کي نيڪ نيتيءَ ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ سچائي ۽ ايمانداريءَ جي احساس کي شامل ڪري ته هوند سڄو سماج سکيو ستابو ٿي پوي ۽ هوند پاڻ به ماڻهو ڏکيو ڏينهن نه ڏسي. بهر حال وري به آءٌ چونديس ته سرتيون وقت ڏکيو يا سکيو گذرندو رهندو. ڇو ته وقت ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو. سو اسان جي عورتن کي پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي. هر حال ۾ حوصلي ۽ همت جو دامن ڇڏڻ نه گهرجي. پنهنجي عقل ۽ فهم سان پنهنجي زندگيءَ کي سکيو ۽ سهنجو بڻائجي. قدرت به انهن جو ساٿ ڏيندي آهي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا آهن. اخلاق ۽ ڪردار عورت جو بهترين سينگار آهي. جيترو اوهان جو اخلاق بلند هوندو. اوترو سماج اوهان کي موٽ ڏيندو. ڪنهن عورت کي شهرت يا ٻئي ڪنهن وقتي فائدي يا چسڪي خاطر پنهنجو پاڻ کي جهڪائڻ نه گهرجي. اٽڪلن سان حاصل ڪيل خوشيون اٽڪلن سان ڦرجي به وينديون آهن. حق ۽ سچ جي ويڙهاند اوائل کان اڄ تائين هلندڙ آهي. سچ کي ڪنهن به حربي سان لڪائي يا مٽائي نٿو سگهجي. سچ کي وقت ستن پردن مان ڪڍي نروار ڪندو آهي. هر ماڻهوءَ جو ايمان هئڻ گهرجي ته فطرت ۽ تاريخ هر ڪنهن جو حساب ڪتاب رکي ٿي. فطرت ۾ برابري آهي اها ڪنهن سان نا انصافي نه ٿي ڪري سگهي. ۽ تاريخ ڪنهن جي ڪڌن ڪرتوتن کي معاف نٿي ڪري سگهي ڪنهن نه ڪنهن رخ ۾ سچ کي آڻيو اڳيان بيهاري. اسين صدين کان خوبصورت تهذيب ۽ شاهوڪار ثقافت جا وارث آهيون. اسان کي پنهنجن سهڻين روايتن ۽ اخلاقن کي اڻوڻندڙ حربن ۾ تبديل ڪرڻ نه گهرجي. بي حيائي جدت نه آهي جدت اڃا ڪا ٻي شيءِ آهي جنهن کي سمجهڻو پوندو. سرتيون! مارچ 2005 جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي پرچو ڪيئن آهي هميشه جيان خطن ۽ ٽيليفون ذريعي راءِ کان آگاهه ڪنديون. گلبدن جاويد پڙهندڙن جا خط محترم ايڊيٽر صاحب! گهڻن دعائن ۽ سلامن بعد گذارش آهي ته پنهنجو نثري نظم موڪليان پئي. اميد ته رسالي ۾ جڳهه ڏيندا. اوائلي ڪوشش آهي اميد ته مايوس نه ڪندا ۽ ايندڙ شماري جو انتظار رهندو. فاطمه راڻي حيدرآباد پياري ڀيڻ! احوال ته ڀيڻ مان ليٽر ان ڪري لکان ٿي ته مئنيجر ڪتاب _ گهر کي تاڪيد ڪندا ته مون کي ”سرتيون“ رسالو V.P ڪري. توهان منهنجي لکڻين کي شايع ڪنديون رهو ٿيون. ان لاءِ شڪر گذار آهيان. حميده پنهور گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، دادو ايڊيٽر صاحبه! جيئن ته آءٌ 1994ع کان وٺي مختلف اخبارن ۾ مضمون ، ڪهاڻيون، عورتن جي مسئلن بابت لکندو پيو اچان. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن اوهان ڏي مواد موڪلجي ته ڇا طريقي ڪار آهي ۽ آءٌ مختلف رسالن تان عورتن بابت مواد ترجمو به ڪندو آهيان ۽ لکيل مضمونن جو تعداد ٻن ڪتابن کان به وڌيڪ آهي اهو ڪتاب شايع ڪرائجي ته اوهان ڪهڙي مدد ڪندا ۽ جيڪڏهن ڪو ترجمي لاءِ ڪتاب (عورتن بابت) هجي ته ان جو به آءٌ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندس. اوهان جي لائبرريءَ ۾ مواد، لٽريچر هجي ته اهو به موڪليندا ته مهرباني ٿيندي. اوهان جي خط جو انتظار رهندو ۽ سٺين تجويزن کان آگاهه ڪندا ته مهرباني ٿيندي. علي نواز ڪلهوڙو محلو شهيد آباد (ٻٽڙو) شهر، خيرپور ميرس (ڪتاب ڇپائڻ لاءِ سيڪريٽري س. ا.ب يا ڪنهن پبلشر سان صلاح مشورو ڪندا. ترجمو اردوءَ تان نه هجي، ڇو ته اردو اسين پڙهي سگهون ٿا _ ادارو) ايڊيٽر سرتيون! جيئن ته منهنجي ”ٽيچرڊي“ جي عنوان سان لکيل مضمون کي ڪٿي مڃيو ويو آهي ته ڪٿي ڪن ڀينرن اعتراض پڻ ڪيو آهي ته اها منهنجي غلط سوچ آهي. سو مان انهن ڀينرن جي ٿورائتي آهيان، جن منهنجو مضمون هڪ دفعو پڙهي ۽ ان کي سمجهيو آهي، اها به هڪ قلمڪار جي همت افزائي آهي جو ان کي جواب ته مليو چاهي ڪهڙي به انداز ۾. تنهنڪري مان انهن ادين جي لاءِ اڃا به وڌيڪ انهن ڳالهين جي وضاحت ڪري سگهان ٿي جن ڳالهين لاءِ صرف مون سوچيو هو، پر هاڻي مون کي پاڻ موقعو مليو. نمبر پهريون ته موت صرف جسماني نه هوندو آهي، پر اهو عملي به هوندو آهي، جنهن ۾ اهو صرف ظاهري هوندو آهي، باقي ان جي حقيقت ختم ٿي ويندي آهي. مان به ان موت جي ڳالهه ڪئي آهي. اڄ جي استاد جو به ساڳيو ڪردار رهيو آهي هو ظاهري ته استاد آهي، پر عملي طرح نه! ادي ريحانه جو چوڻ آهي ته اسان ڏينهن ان لاءِ ملهائيندا آهيون جو ان ڳالهه کي ساراهي آئيندي لاءِ روشن راهه تي وٺي هلون سو ادي اهو ته مڃبو ته ڏينهن ان لاءِ ملهائبا آهن ته پنهنجي آئيندي کي روشن ڪجي ته ادي ڪهڙي دنيا ۾ رهي پئي جتي پنهنجي آس پاس جي اونداهي نظر ڪانه ٿي اچيس يا ڀيڻ پاڻ ڪنهن ترقي يافته ملڪ جي ڳالهه پئي ڪري ته جتي جيڪا ڳالهه چئي ويندي آهي. سا ڪري به ڏيکاربي آهي. مون کي انهيءَ افسوس ته قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو جو مون اهو مضمون لکيو. ادين شايد انهيءَ ڳالهه تي توجهه نه ڏنو آهي. جنهن ۾ مون سڄي سسٽم جي نشاندهي ڪئي آهي. هونءَ به انسان جڏهن پنهنجي اک کولي ٿو ته پهرين پنهنجي پاڻ کي ڏسي ٿو. پوءِ پنهنجي ماحول کي، پوءِ سماج ۽ ٻاهرين دنيا کي ڏسي ٿو. اهو به صحيح آهي ته اسان وٽ ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، وڪيل، جج، انسپيڪٽر، سياستدان وغيره پيدا ته ٿيا آهن. پر اهي هڪ ٽيچر نه پر هڪ ٽيوٽر پيدا ڪيا آهن. اهو به هڪ استاد آهي ۽ ايمان رکي ٿو جو ادي پاڻ پنهنجي خط ۾ چئي چڪي آهي ته موڪل کان پوءِ ٽيوشن پڙهائي هو رات جو گهر ايندو آهي. اديءَ جي ان ڳالهه سان مان سؤ سيڪڙو متفق آهيان. اديءَ لکيو آهي ته هيلٿ ڊي وومين ڊي ۽ چلڊرن ڊي.... ته ادي ڪهڙي هيلٿ جي ڳالهه ٿي ڪري، جتي روز هزارين ٻار صحيح علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ مرن ٿا. ادي شايد ڪنهن سرڪاري اسپتال جا چڪر ڪونه لڳايا آهن ته اتي ڪهڙي حالت ٿئي ٿي مريضن سان اهي ڊاڪٽر به ان استاد جا پڙهايل آهن. چلڊرن ڊي جتي روز سوين ٻارڙا پنهنجا نماڻا نيڻ ۽ هٿڙا کوليو گهٽين ۽ دروازن تي صدائون هڻندا نظر اچن ٿا ۽ هر ماڻهوءَ جي نفرت جو نشانو بڻبا ۽ ڌڪارجندا رهندا آهن ۽ جڏهن پنڻ کان ڪجهه جڱي حيثيت ۾ هوندا آهن ته گيراجن ۾ پڪڙن ۽ پانن سان گاڏين جا نٽ بلٽ کوليندي نظر ايندا آهن. اهي هن زنده قوم جا ٻار آهن. جن جو ٻالڪپڻ تباهه ڪيو پيو وڃي. وومين ڊي ڇا انهيءَ معاشري ۾ جتي ماءُ کي پٽ، ڀيڻ کي ڀاءُ زال کي مڙس ۽ ڌيءُ کي ڪاري ڪري مارين ٿا. يا دشمني ۾ اچي يا پيسن جي لالچ ۾ اچي ڪاري ڪري مارين ٿا. انهيءَ سماج ۾ عورت جو ڏينهن ملهائي ۽ پاڻ کي ترقي يافته ملڪن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري اها ڪٿان جي ايمانداري آهي، جتي اندر ۾ هڪڙي ته ٻاهر ٻي. هاڻي اميد ته ريحانه کي پنهنجي سوالن جا جواب ملي ويا هوندا. ڏينهن (ڊي) زنده قومون ملهائينديون آهن. جيڪي پنهنجي عمل سان ثابت ڪن ته واقعي اسان وٽ ائين آهي. جيئن چئون پيا. باقي ڏينهن ملهائڻ تي پيسا خرچ ڪرڻ مان ڇا فائدو؟ ادي چوي ٿي ته ڌاڙيل جو به ڏينهن ملهائجي ۽ ادي هڪ ڏينهن ملهايو ويندو. ڇو ته پروءَ جي ڪردار تي فلم ٺهي آهي. اسان جي هڪ مشهور رسالي ۾ سلسليوار ڪهاڻي پڻ ڇپجي چڪي آهي. باقي ڏينهن ته اهو به هڪ ڏينهن کيس شهيد ۽ سورمي جو لقب ڏئي ملهايو ويندو. ته اسان جي قوم جي بدنصيبي آهي ته صرف ڏيکاءُ باقي ڳالهيون ڳجهيون ڪنهن کان ڪين آهن. جيڪو روز اخبار پڙهندڙ آهي. ان کي سڀني جي اعمالن جي خبر آهي، ته ڇا ڊاڪٽر ڇا انجنيئر، ڇا سياستدان، ادي دنيا جي ترقي کان پنهنجي قوم جي تباهيءَ تي نظر وجهي ته بهتر آ. ادي پاڻ ئي منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي ته اڳي جي استاد کي معزز ماڻهو ليکيو ويندو هو ۽ هر ڪو ماڻهو ان کي پنهنجي هر ڪم ۾ اڳڀرو رکندو هو. ادي اها ڳالهه پاڻ مڃي چڪي آهي ته اعتراض ڇو ڪيو اٿس. سماج به انسان کي ان جي ڪردار تي عزت ڏيندو، پوءِ چاهي هو ڪهڙي به پيشي سان تعلق رکي، جيترو لوچبو اوترو لهبو. آخر ۾ وري به پنهنجي ڀينرن کان انهيءَ ڳالهه لاءِ معافي گهران ٿي ته جيڪڏهن هن مضمون ۾ ڪنهن کي ڪو رنج پهچي ته مون کي معاف ڪري. نسرين هاشمي ايڊيٽر سرتيون! مون پهريون دفعو ”سرتيون“ ۾ پنهنجي شاعري موڪلي ۽ مون کي اميد هئي ته توهان ضرور شايع ڪنديون. جڏهن منهنجي ساهيڙيءَ نازش نياز مون کي ٻڌايو ته تنهنجي شاعري شايع ٿي آهي. ان وقت مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ انهيءَ اميد سان ٻي شاعري موڪلي رهي آهيان ته توهين ضرور شايع ڪنديون. خدا پاڪ ڪري ته ”سرتيون“ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري ۽ توهان کي خدا پاڪ اها همت ڏئي جو ان کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ڪريو. (آمين) ڪنول سميجو ميرپور خاص پياري ادي! جيئن ته توهان جو رسالو ”سرتيون“ جي ڪاپي منهنجي هٿن تائين پهتي. پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. ادي، رسالي ۾ جيڪا توهان جي محنت ٿيل آهي. اها بلڪل ساراهه جوڳي آهي. ادي اوهان بلڪل جس لهڻو. سرتي، اوهان جي رسالي جي هر هڪ ڪهاڻي، ناول، شاعري ۽ سرتين جا ورتل انٽرويو سڀ پڙهڻ وٽان آهن. جنهن ۾ پرهه ابڙو سان ڳالهه ٻولهه تمام گهڻو متاثر ڪيو. سرتي، پرهه ابڙو آخر ۾ اسان سنڌي عورتن کي جيڪو پيغام ڏنو آهي، انهيءَ کان ڏاڍي متاثر ٿي آهيان. ادي طلعت ڪر۾ علي مرزا جي ڪهاڻي سٺي هئي. ڊاڪٽر عريبه نور جي ڏنل ڄاڻ، اڪثر عورتن جو ويم دوران موت ٿي وڃڻ، اهو انٽرويو بلڪل پڙهڻ وٽان آهي، جيئن ته اسان وٽ صحت مرڪز جي سهولت ناهي، انهيءَ ڪري ادي عريبه نور جي ڏنل ڄاڻ تمام سٺي لڳي. سرتي اوهان کي الله پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ڪري، اسان سنڌ ۾ رهندڙ، سنڌي عورتن جو ساٿ اوهان سان آهي. ثناء ايس برهماڻي ڪاڇو واهي پانڌي سيد ذڪيه مهدي شاهه حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ جنهن جو لقب بيبي طاهره هو، خوبلد بن اسد جي ڌيءُ هئي. سندن والده جو نالو فاطمه بنت زائده هو. بيبي صاحبه جن جي ولادت رسول اڪرم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جي مديني هجرت ڪرڻ کان 68 سال پهرين ٿي. مڪي وارا کين طاهره جي لقب سان سڏيندا هئا. بهترين طريقئه پرورش عقلمند، دور انديش ۽ پاڪدامنيءَ جي لحاظ کان پنهنجي خاندان ۾ بي مثال حيثيت رکنديون هيون. گهڻيون مالدارهيون، خديجة الڪبريٰ جو تجارتي قافلو سڀني تجارتي قافلن جي برابري ڪندو هو. بيبي صاحبه پاڻ سڳورن جن جي اخلاق، جمال، صورت ۽ ڪمال سيرت کي ڏسي پاڻ ئي ساڻن نڪاح ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ پاڻ سڳورن سندن اها آڇ قبول ڪئي ۽ اشرف قريش جي مجموعي ۾ باقاعدي نڪاح ڪيو. حضرت بيبي خديجه پاڻ سڳورن جي پهرين رفيقه حيات ثابت ٿيون. اهو ئي سبب هو جو، جيستائين بيبي صاحبه حيات هيون، تيستائين پاڻ سڳورن ٻي ڪنهن به عورت سان نڪاح نه ڪيو. پاڻ سڳورن کي بيبي صاحبه سان ايتري محبت هئي جو سندن وفات کان پوءِ بيبي عائشه رضه کي فرمايائون ته، ”خدا جو قسم! خديجه الڪبريٰ کان بهترين مون کي ڪا به شريڪ حيات نه ملي. جڏهن سڀني مون سان ڪفر ڪيو. انهيءَ وقت هن مون تي ايمان آندو ۽ جڏهن سڀ ماڻهو مون کي ڪوڙو ڪوٺيندا هئا، ان وقت هن منهنجي تصديق ڪئي ۽ جنهن وقت منهنجي ڪير به مدد لاءِ تيار نه هو، ان وقت خديجه منهنجي مدد ڪئي ۽ مون کي پنهنجو سڄو مال ڏيئي ڇڏيو ۽ هن جي ئي بطن مان الله تعاليٰ مون کي اولاد عطا فرمايو.“ وحي نازل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سڳورا بيبي خديجه سان گڏ ڪيترو ئي عرصو خفيه طور نماز پڙهندا رهيا. عفيف ڪندي چون ٿا: ”مان جهالت واري زماني ۾، لباس ۽ عطر خريد ڪرڻ لاءِ مڪي ويس، عباس بن عبدالمطلب سان ملاقات ٿي، ٽپهريءَ جي نماز جو وقت هو، مون ڏٺو ته ڪعبي جي ويجهو هڪ جوان آيو ۽ آسمان تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ ڪعبي جي سامهون بيهي رهيو، انهيءَ کان پوءِ هڪ عورت آئي ۽ هن جي پويان بيهي رهي، هو جوان رڪوع ۾ ويو ته هوءَ عورت به رڪوع ۾ جهڪي ويئي. تنهن کان پوءِ هڪ ٻيو نوجوان آيو. اهو به ائين ئي ڪرڻ لڳو. رڪوع کان پوءِ بلند ٿي، هو ٽيئي سجدي ۾ هليا ويا. مون عباس کان پڇيو ته آءٌ هڪ عجيب شيءِ ڏسي رهيو آهيان!! عباس چيو: ”عجيب شيءِ آهي! تون هن جوان کي سڃاڻين ٿو؟“ مون چيو ”نه!“ هن چيو: ”هي منهنجو ڀائٽيو محمد بن عبد الله بن عبدالمطلب آهي ۽ هي نوجوان جيڪو بعد ۾ آيو ان کي سڃاڻين ٿو؟“ مون چيو ”نه!“ چيائين: ”هي منهنجو ٻيو ڀائٽيو علي ابن ابي طالب آهي ۽ هن عورت کي سڃاڻين ٿو؟“ مون چيو: ”نه!“ هن ٻڌايو: ”هيءَ منهنجي ڀائٽي جي زال خديجه آهي. محمد جن فرمائن ٿا ته مون کي آسمان ۽ زمين جي خدا هن دين تي رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. روءِ زمين تي صرف هنن ٽنهي ماڻهن اهو دين قبول ڪيو آهي.“ عفيف چوي ٿو ته منهنجي دل چاهيو ته مان به انهن ۾ چوٿون ٿي وڃان. رسول صلي الله وسلم جن بيبي خديجه جو دل سان احترام ڪندا هئا. وحي نازل ٿيڻ کان پهرين به پاڻ سڳورن بيبي صاحبه جي مخالفت نه ڪئي ۽ وفات کان پوءِ به انهن کي ياد ڪري روئندا هئا. بيبي عائشه رضه فرمايو ٿي ته رسول صلي الله وصلم جن جڏهن گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته خديجه کي ياد ڪندي هن جي تعريف ۽ مدح ڪندا هئا. دستورات اسلام جي اشاعت جي سلسلي ۾ بيبي خديجه رسول الله صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جو ساڄو هٿ هيون. هجرت کان ٽي سال پهرين 65 سالن جي عمر ۾ مڪي ۾ انتقال ڪري ويون. رسول صلم جن پنهنجي هٿن مبارڪن سان بيبي صاحبه کي دفن ڪيو. *** ليکڪ عباس جلباڻي ترجمو نجمه پنهور هوءَ هر هر سنڌ اچڻ چاهيندي! جڏهن هند مان سنڌي اديبن جو ٽيهن ڄڻن کان مٿي وفد سنڌ جي دوري تي آيو، تڏهن هڪڙي نوجوان شاعر رومي سدارنگاڻي به هئي. جنهن مانڊاڻ منڊي ورتو. ان کي پنهنجي شعر پڙهڻ لاءِ سيشن جي پڄاڻيءَ تي سڏيو ويندو هو. تڏهن ٻڌندڙن کان اڳي ورجايل ڊگها ليڪچر حاضرين کان وسري ٿي ويا. هن جي شاعري صبح جي هير جيان تازي ۽ جهنگلي گل جيان معصوم هئي. هن جون ڪوتائون هن جي اندر جو اڌمو هيون، جن ۾ ٻارن جهڙي سادگي هئي. انهن ۾ مرڪ جون تشبيهون فطرت کان ورتل هيون. هن پنهنجي دنيا پاڻ تخليق ڪئي هئي. جنهن ۾ جهرڪي ۽ وڻ پاڻ ۾ روح رهاڻ ٿي ڪئي. ايستائين جو جڏهن هن عورتن جا مسئلا ۽ ٻيا سماجي مسئلا ٿي کنيا، هن سکڻي پيغام جي جماليت رس ۽ چس کي ڇڏڻ کان انڪار ٿي ڪيو. دل کي ڇُهندڙ سٽن کي جيترا ڀيرا به پڙهيو ٿي ويو، ته هر ڀيري انهن جي نئين معنيٰ ٿي نڪتي. جڏهن مان پنهنجي دوست جي گهر تي هن سان ملڻ ويس. تڏهن مون هن کي سندس شاعريءَ جهڙو ئي ڏٺو. سادو چولو ۽ پاجامو پهريل، هڪ ڇوڪري جيڪا در مان ليئو پائي رهي هئي ۽ جڏهن هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، تڏهن مون کي لڳو ته هوءَ ڪا معمولي شخص نه آهي. معصوم پر مضبوط ۽ پُر اعتماد هئي. پر هن ۾ ڪو وڏاءُ يا ڏيکاءُ نه هو. هن ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ٿي ڳالهايو. جيئن ڪراچيءَ ڄاوا اصل سنڌي ڳالهائيندا هئا، اهو انهيءَ ڪري هو جو هوءَ هندستان جي گجرات صوبي جي ڪڇ شهر جي رهواسڻ هئي. جتي سنڌي جاتيءَ جو چڱو تعداد رهي ٿو. جتي جي ٻولي ۽ ڪلچر، سنڌي ڪلچر ۽ ٻولي سان ملي ٿو. هن کي چٽو ياد هو ته ننڍپڻ ۾ هن کي ڪتابن پڙهڻ جي چوس هئي، ۽ هن جا پاڙيسري يا مائٽ هن جي ماءُ کي چوندا هئا ته هن کي سندن گهر تي نه آڻ، ڇو ته هيءَ مختلف شيون تڳائي ٿي وڃي، خاص ڪري ڪتاب، ائين هوءَ تحريرن کان متاثر ٿي ننڍي لاڪون ئي. جڏهن هوءَ اسڪول ۾ هئي، تڏهن هن لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ اها هن جي ٽيچر هئي. جنهن هن ۾ ادب لاءِ چاهه پيدا ڪيو. هن ايڪنامڪس ۾ ايم _ اي ڪئي ۽ پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آديپور مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪورس ڪيو. ان هنڌان ئي هن شاعري شروع ڪئي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم _ اي ڪرڻ جو سوچيائين. ايم _ اي ڪرڻ کان پوءِ هوءَ تولاڻي آرٽس ۽ سائنس ڪاليج جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. جتي هوءَ اڃا تائين پڙهائي رهي آهي. باقي وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڪم لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو اٿس. هن جي ڪرئڊٽ تي يارهن ڪتاب ٻه شعري مجموعا ”سونهري رنگ جي ڪرڻ“ ۽ ”سج الائي ڪٿي ڪري پيو“، ٻارن لاءِ ٽي ڪتاب مکڙيون (ناٽڪ) ٻليءَ جو اسڪول (ٻاراڻا ٻول) ۽ ممي ائين ڇو آهي. (مو نو لاگ) ۽ ڇهه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سکيا بابت جيڪي تعليمي ادارن ۾ درسي ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. هن گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري ۽ ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر ڪورسن پڙهائڻ لاءِ آمرڪا، هانگ ڪانگ، سنگاپور به ويندي رهندي آهي. جڏهن هن کان هن جي شاعريءَ جي نجپڻ ۽ تازگيءَ بابت پڇيم، تڏهن هن چيو ته هن ٻين شاعرن جو اثر ناهي قبوليو، ڇو ته هوءَ ڪڏهن ڪڏهن شاعري پڙهندي آهي، جڏهن هن جو ڌيان هن جي اهڙين ڪوتائن ڏانهن ڇڪايو ويو، جن ۾ جنس مذڪر ڪتب آيل آهي ته هن چيو ته هن ان تي ڪڏهن سوچيو ناهي ”مان ماڻهن کي جنس ۾ نٿي ورهايان عورت ۽ مرد جا احساس ساڳيا آهن. هند ۾ سنڌي جاتيءَ بابت هن چيو ته پنجن پرڳڻن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي: ”راجستان، گجرات، مهاراشٽرا، اترپرديش ۽ مڌيه پرديش. اتي هو ٿورائيءَ ۾ آهن، پر انهن پنهنجي سڃاڻپ قائم رکي آهي. اها سڃاڻپ انهن ليکڪن جي لکڻين ۾ وڌيڪ اجاگر آهي، جيڪي سنڌ مان لڏي آيا هئا، پر انهن جي پونين وٽ ٻوليءَ جي تاثر بدران عالمي اپيل وڌيڪ آهي. اڳين ٽهي ورهاڱي جي ڏک کي بيان ڪيو آهي ۽ هڪ نئين ملڪ جي سنڌي جاتيءَ جي سڃاڻپ جي وڃائجڻ جي ڊپ ۾ ورتل آهي. پر جيڪي انڊيا ۾ ڄاوا آهن اهي پنهنجي وڏن جي انهيءَ تجربي مان نه گذريا آهن. انڪري هو نون موضوعن ڏانهن لڙيا آهن. خاص ڪري جديد سوسائٽيءَ ۾ ”شخص“ جي ڀوڳنائن بابت هن اهو مڃيو ته هند جا ليکڪ ملڪ جي عصري حالتن ۽ واقعن تي گهٽ ٿا لکن. جهڙوڪ گجرات جي زلزلي هنن کي متاثر ڪيو، جيڪو هنن جي زندگيءَ تي سڌو سنئون اثر انداز ٿيو. هن جي چوڻ مطابق هندستان ۾ 200 کان 300 سنڌي ڪتاب ڇپجن ٿا. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سرحد جي هن پار گهڻو ڪري ادبي تحريرون وڌيڪ ڇپجن ٿيون ۽ ايڪنامڪس، سوشلاجي، ڪلچر وغيره تي گهٽ ڪتاب ڇپجن ٿا. انڊيا ۾ ڪيترائي اهڙا سرڪاري توڙي خانگي ادارا آهن. جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. جن ۾ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف لئنگويج، ساهتي، اڪئڊمي ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا پاران اهي ڪتاب ۽ جرنل ڇپجن ٿا، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ديس ۾ زنده رکڻ لاءِ سيمينار ورڪشاپ مشاعرا ۽ ٻيا فن ڪن ٿا. هن اهو مڃيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گهٽ تحقيقي ڪم ٿئي ٿو. جيڪي راجستان جي جتن کي برزبان ياد آهن. اها ساڳي صورتحال اتي جي لوڪ شاعريءَ جي به آهي. ان ريت ترجمي جو ڪم به ٿورو ٿيو آهي. ديوناگري لپيءَ جي تڪرار جي حوالي سان هن چيو ته ڪي ماڻهو ان جي وڪالت ڪن ٿا، ته ڪي وري رومن اسڪرپٽ جي. پر گهڻي ڀاڱي عربي لپيءَ جي حمايت ڪن ٿا. هوءَ به انهيءَ ٽئين گروپ جي حمايت ڪري ٿي ۽ دليل ڏئي ٿي ته ائين اسين پنهنجي ڪلاسيڪل لٽريچر ۽ سنڌ جي همعصر ادب کان ڪٽجي ويندا سين. هن ٻڌايو ته سنڌ جي پبلشرن چيو ته سندس نالو هنن جي ميلنگ لسٽ تي آهي ۽ هو کيس باقاعدگيءَ سان پنهنجا ڪتاب موڪليندا رهندا آهن، جڏهن ته کيس هڪ ڪتاب به نه مليو آهي. هن هند ۽ پاڪ جي نفرتن کي دفن ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ ناتن کي سڌارڻ ۽ ڪتابن جي مٽا سٽا تان پابندين هٽائڻ تي زور ڏنو. ساڳئي وقت هن ٻنهي ملڪن جي ادبي ادارن جي پاڻ ۾ سهڪار ڪرڻ جي به پٺڀرائي ڪئي ۽ چيو ته ائين ڏکڻ ايشيا ۾ دوستاڻو وايو منڊل جڙڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سنڌ ۾ اچڻ کان اڳي جيڪا هن جي وڏن جو وطن هئي هن جا منجهيل سنجهيل احساس هئا، ”مون پنهنجن وڏڙن کان گهڻو ڪجهه ٻڌو هو، جنهن مون ۾ روماني جذبات اڀاريا. پوءِ به مان پنهنجي ٽهيءَ جي ٻين ماڻهن وانگر، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن وڏن کي چوندي هيس ته اسين جيڪا ڌرتي ڇڏي آيا آهيون، ۽ ان ڏانهن وڃڻ جون واهون به بند آهن، ان بابت لڳاتار سوچڻ ڇا جذباتيپڻو ناهي!“ پر هن دل جي سچائيءَ سان اهو واڌارو ڪيو ته هن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ اتي شاندار آجيان هن جي احساس کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ هوءَ هر هر سنڌ اچڻ چاهيندي! سنڌ توهان کي ۽ سيما پار کان ايندڙ ٻين ڏيهين کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوندي ڪماري سندراڻي!“ (ڊان جي ٿورن سان) سنڌيڪار: طلسبي ملڪي معيشيت ۾ عورتن جو ڪردار اڄوڪي دنيا ۾ ترقيءَ جي باعث هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت اختيار ڪئي آهي، جنهن کي ماڻهو ”گلوبل وليج“ جو نالو ڏين ٿا. هن دنيا ۾ ترقيءَ ۽ تبديليءَ جي رفتار نهايت تيز آهي. ماڻهن جي سوچ ۾ پڻ تبديلي اچي رهي آهي. ڪالهه جيڪا عورت رڳو گهر کي سنڀاليندي هئي، اها اڄ گهر کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن گهر ۾ آهي تڏهن به آمدنيءَ جي واڌاري ۾ اهم ڪردار اد ا ڪري رهي آهي. هڪ عورت جيڪا آفيس ۽ اداري ۾ ڪم ڪري ٿي. جڏهن ته ٻي عورت ان کي سهوليت ڏيڻ لاءِ به گهر ۾ ڪم ڪري مارڪيٽ ۾ شيون اماڻي ٿي. سبيل ڪپڙن کان وٺي کاڌي پيتي جو سامان، جيئن ڪوفتا، ڪباب وغيره ٺهيل ملندا، مصالحن جاپاڪيٽ ٺهيل ٺڪيل صورت ۾ بازار ۾ موجود آهن ۽ اهو ڪم گهر ۾ ويٺل عورت سرانجام ڏئي ٿي. ان کان سواءِ بيوٽي پارلر ذريعي پڻ پنهنجي آمدني وڌائي ٿي. عام طور عورتن جي آباديءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. شهري آبادي ۽ ڳوٺاڻي آبادي. شهري آباديءَ ۾ به عورت مختلف طبقن ۾ ورهايل آهي. هڪڙيون عورتون اعليٰ تعليم حاصل ڪيل آهن ۽ ملڪي ۽ قومي ڌارا ۾ نمايان ۽ اهم مقام رکن ٿيون ۽ ملڪي ۽ عالمي سطحن تي ڄاتل سڃاتل آهن. مليحه لوڌي، مس اڪرم سلطانه، سلطانه صديقي، مهتاب راشدي کان وٺي ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ محترمه بينظير ڀٽو تائين باوجود انهيءَ پرچار جي، ته هت عورتن کي حق نه ٿا ملن، پر ڪيتريون عورتون نه رڳو اعليٰ عهدن تي فائز آهن، پر وزارتن ۽ سياست ۾ به شامل آهن ۽ ملڪي ۽ قومي ڌارا ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. خاص طرح تعليمي شعبي ۾ عورتن جو وڏو انگ ملڪي اقتصادي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ صحت ۽ تندرستيءَ وارن شعبن ۾ هڪ پاسي عورتن جو وڏو انگ ڊاڪٽر آهي، ته ان کان به وڏو انگ نرسن جي روپ ۾ مسيحائيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. شهري عورتن جو هڪ اهم انگ جيڪو گهٽ تعليم يافته آهي اهو پڻ پنهنجي آمدنيءَ جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هڪ طرف فيڪٽرين ۾ اهي عورتون ڪم ڪري رهيون آهن، ٻئي پاسي گهر ويٺي هٿ جي هنرن يا ٻين ڪمن ذريعي پنهنجي روزگار ۾ واڌارو ڪري رهيون آهن. ملڪ ۾ خواتين جي آباديءَ جو وڏو انگ ٻهراڙين سان وابسته آهي. جن جي حيثيت قومي معيشيت ۾ ڪرنگهيءَ جي هڏيءَ سمان آهي. پر افسوس جو انهن کي اها مڃتا ڪانهي، جيڪا هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سندن ڪمن جي ڪڏهن به پذيرائي ناهي ٿي. ان کان سواءِ اسان جي عورتن جو وڏو انگ پوءِ توڙي اهو شهرن ۾ رهندڙ هجي يا ڳوٺن ۾، ان جو گهر ڌياڻيءَ وارو ڪردار پڻ مڃتا ماڻي نه سگهيو آهي ۽ سندس انهيءَ ڪم کي به ڪا حيثيت ناهي ملي. خواتين ليبرز فورس جو ستر سيڪڙو انگ زراعتي شعبن سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته ٽيهه سيڪڙو غير زرعي شعبن سان وابسته آهي. ڪيتريون عورتون فيڪٽرين ۾ ڪيميڪلز ۽ ڊائز ۾ ڪم ڪن ٿيون، ڪي وري ٽيڪسٽائل ملن ۾، خوراڪ ٺاهڻ وارين فيڪٽرين ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. پاڪستان ۾ عورتن جي ڪمن جو جائزو وٺبو ته هڪڙو وڏو انگ غير رسمي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندو نظر ايندو. جهڙوڪ بٺن تي سرون پچائيندي، روڊ رستا ٺاهيندي، تغاريون ڍوئيندي. اهڙين عورتن جو نالو عام طور رجسٽر ناهي هوندو. ان کان سواءِ عورتن جو وڏو انگ گهرن ۾ پورهيو ڪري ٿو. رسمي سيڪٽر ۾ عورتون لباس وارين فيڪٽرين، پلاسٽڪ جي سامان وارين فيڪٽرين کان علاوه دوائون ٺاهيندڙ ادارن ۾ به ڪم ڪري رهيون آهن. عورتن جي انهيءَ ڪم باعث عورتن کي ڪيترين يونين ٽيچر، ڊاڪٽر ۽ فيڊريشن ۾ به نمائندگي ملي رهي آهي. ڪيتريون تنظيمون ته فقط عورتن لاءِ ئي ٺهيون آهن. جيئن وڪيل عورتن جي تنظيم، نرسن جي ايسوسيئيشن ورڪنگ ويمنز سينٽر، ملتان ۾ ورڪنگ ويمنز فيڊريشن پنجاب ۾ ورڪنگ ويمنز آرگنائيزيشن وغيره. ان کان سواءِ غير سرڪاري تنظيمن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ به عورتن جي شموليت ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. ڪيتريون عورتون اخباري دنيا ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اهڙين حالتن کي ڏسندي اڃا به ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته تعليم سان گڏ عورتن کي فني ۽ هنري سکيا ڏني وڃي ته جيئن عورتن جي صلاحيتن ۾ نکار اچي ۽ اهي اڃا به بهتر طريقي سان پنهنجو ڪم سر انجام ڏيئي سگهن ۽ مڃتا ماڻي سگهن. ان لاءِ اهڙن ادارن جي ضرورت آهي، جيڪي عورتن جي صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ سکيا جا پروگرام ترتيب ڏين ۽ نه رڳو تعليم يافته، پر گهريلو عورتن کي به تربيت ۽ سکيا ڏئي وڌيڪ ڪار آمد بنائي ملڪي ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ڪرائن. *** محمد عمر چنڊ سونهين ٿي سواٽ! پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني ۽ اڳين پاڳارن جا شادين ۽ مڱڻن بابت فرمان) سنڌي جي موجوده سماج ۾ رشد جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي اشد ضرورت) پير سائين شاهه مردان شاهه، پير صاحب پاڳارا پنهنجي مريدن کي پاڙيوارن سان راس رهڻ، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار تلاش ڪرڻ بابت هميشه نصيحتون، صلاح مشورا ۽ احڪامات جاري ڪندا رهندا آهن. پر هاڻي پنهنجي فبروري 2004ع واري خطاب ۾ هن وقت جي هڪ تمام اهم مسئلي ڏانهن پنهنجي مريدن جو وقتائتو ڌيان ڇڪايو اٿن. پهريون دفعو جيئن پاڻ فرمايائون ته مريدن جي گهرن ۾ گهڙي (داخل ٿي) مريدن جي دل ۽ دماغ، عزت ۽ ناموس سان واسطو رکندڙ ڳالهين ڏانهن سندن ڌيان ڇڪايو اٿن. سندن نياڻين جي سڱابندين، شادين، طلاقن ۽ خلع بابت پنهنجي مريدن کي ”صلاح نه پر حڪم“ ڏيندي فرمايو اٿن ته ”پنهنجي ڳالهين تي مريد گهڻو هليا آهن، پر هاڻي پيراڻي ڳالهه تي به هلن.“ اهو انڪري فرمايائون جو مرشد جي صلاح توڙي حڪم ۾ خير ۽ برڪت آهي ۽ مريدن لاءِ چڱائي آهي. پاڻ وقت جي مصلح جي حيثيت سان کين ننڍي عمر وارين، نابالغپڻ وارين شادين کان، (جيڪي سنڌ ۾ عام جام آهن) منع فرمايائون، بلڪه فرمايائون ته اهڙا سڱ اڄ کان رد آهن. نياڻين کي گهرن ۾ ويهاري ڇڏڻ بدران کين اٿارڻ جو حڪم ڏنائون. علمي لياقت مطابق گهوٽ ڪنوار رٿڻ بابت پاڻ فرمايائون ته اڻ پڙهيل يا گهٽ پڙهيل مردن سان پڙهيل نياڻين جي نڪاح ڪرائڻ کان پرهيز ڪريو. جتي زال ۽ مڙس پاڻ ۾ راس نه آهن ته پاڻ حڪم نه پر صلاح ڏنائون ته اهڙين صورتن ۾ عورتن کي طلاق ڏيو يا کين خلع جو حق ڏيو. پير سائين شاهه مردان شاهه جا اهي احڪامات وقتائتا آهن ۽ اهڙيون صلاحون هيئين سان هنڊائڻ جهڙيون آهن، انڪري جو سنڌ جو سماج هن وقت هڪ وڏي بحران مان گذري رهيو آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي خبر نه ٿي پوي ته قعر مذلت (ذلت جي اوڙاهه) ڏانهن ويندڙ پر ڪشش ٻن واٽن ۽ رشد جي هڪڙي سنئين سڌي واٽ مان ڪهڙي واٽ اختيار ڪن. اسان جي سنڌ جو سماج هن وقت ٻن متضاد ۽ حد کان وڌيڪ ڀيانڪ واٽن تي هلي رهيو آهي. اهي ٻئي واٽون ظاهر پاهر ذلت جي اوڙاهه ڏي ڌڪي رهيون آهن. پر انهن واٽن ۽ پيچرن تي هلڻ وارا اٻوجهه خوشيئون خوشيئون پنهنجي تباهيءَ ڏانهن تيز تر گامزن آهن. ٽيون وچيون، سلامتيءَ وارو اسلامي شريعت وارو رستو، جيڪو فلاح، عزت ۽ ناموس جو رستو آهي، سو اسان جي گهڻن واٽهڙن جي نظرن کان اوجهل آهي. هڪڙي پاسي اسان جي پرنٽ اخبارن/ رسالن/ ڪتابن/ پريسن/ ڪارڊن توڙي اليڪٽرانڪ (ٽي. وي چينلس/ وي. سي. آر/ سي. ڊي/ ڪئسٽ ميڊيا تي هڪ وڏي پئماني تي اٿاريل مهم هلي رهي آهي، جنهن جي پاڇي هيٺ جمهوريت ۽ حقن جي مقدس نالي تي، گهران ڀڄي نڪرندڙ نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي ”پريمي جوڙن“ جهڙا شاندار القاب ڏئي آڀاريو وڃي ٿو. ته مائٽن مٽن جي لڄ ۽ ڀرم کي تياڳي، بلڪ برباد ڪري، ٻن ڏينهن جي پنهنجي آشنائن سان ڀڄي وڃن ۽ پنهنجي منهن وڃي گڏ گذارين يا پنهنجي مرضيءَ مطابق وڃي شاديون ڪن. جوانيءَ جي نشي ۾ اهڙا نوجوان اهڙن قدمن کڻڻ مان اسرندڙ خرابين کان اڻڄاڻ ۽ بي پرواهه رهن ٿا. پنهنجي ان نفسياتي ڪيفيت ۾ اها پرواهه ڪا نه ٿي ڪجي ته ٻه _ ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن عشق يا پريم جو نشو لهي ويندو ۽ زندگيءَ جون حقيقتون اکين ۾ اکيون وجهي تڪينديون، تڏهن اها خبر ڪانه رهندي ته ان ”پريميءَ“ جو هيرو سڳورو ڪٿي وڃي ٿانيڪو ٿيندو ۽ پوئتي رهيل هيروئن سڳوريءَ جو حال هن سماج ۾ ڪهڙو ٿيندو! جيئن چوندا آهن ته نوجوان جو خيال آهي ته ”هرچه بادا باد“ يعني ”جيڪي ٿئي سو ٿئي، ان کي پوءِ پيو وقت آئي منهن ڏبو. هينئر ته پنهنجي من اندر ۽ هوس جي ڳالهه کي مٿي ڪجي.“ اهڙن گهرن کان ڀڄي ويندڙ ۽ پنهنجي منهن زندگي گذارڻ تي سندرو ٻڌندڙ جوڙن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اسان جي اسلامي ريپبلڪ جون هاءِ ڪورٽون ۽ شرعي ڪورٽون فتوائون جاري ڪري رهيون آهن، جن جي لحاظ کان ڇوڪرين جي مائٽن ۽ ولين کي پنهنجي بالغ اولاد تي ڪو اختيار ڪونه هوندو ۽ گهرن مان اهڙيءَ طرح ڀڄي ويندڙن کي پنهنجن آشنائن سان شادين ڪرڻ لاءِ ڪنهن مائٽ مٽ يا وليءَ جي اجازت جي ڪا ضرورت ڪانه هوندي. نه رڳو ايترو پر حڪومت وارا اهڙن ”پريمي جوڙن“ جي تحفظ جي هر ممڪن ڪوشش به ڪندا، ايتري قدر جو سندن بچاءَ خاطر کين ٻاهرين ملڪن ۾ سڪونيت يا اقامت به وٺي ڏيندا! ڊپ آهي ته اهڙن رنگين ۽ رومانٽڪ نتيجن جي پيش نظر ۽ اسلامي قدرن کان اڻڄاڻ ۽ وانجهيل هئڻ جي ڪري سنڌ جي نوجوان نياڻين جي وڏي تمنا وڃي اها بيهندي ته مائٽن مٽن کي ڇڏي ڪنهن پرائي مرد سان ڀڄي وڃجي ته اخبارن ۾ ۽ ٽيليويزن تي نالو به اچي، ته اهڙي همت واري قدم کڻڻ تي ملڪان ملڪ واکاڻ به ٿئي، حڪومت وارا پريشر هيٺ اچي نوڪريون به وٺي ڏين، ۽ ”پريمي جوڙي“ جي تحفظ لاءِ کين ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جا بندابست به ڪري ڏين. اهڙيءَ طرح انهي پاسي اسان جي سماج جو انڌو گهوڙو انهيءَ قعر مذلت (ذلت جي اوڙاهه) ڏانهن تمام تيزيءَ سان ائين ڊوڙي رهيو آهي جو ڄاڻ ته اسان جو حال به اهو ٿيو، جيڪو يورپ جي خاندانن جو ٿيو آهي ته عورتن ۽ مرد بنان نڪاح ۽ بنان شادي گڏ رهن ٿا ۽ جانورن وانگي ائين ٻار ڄڻين ٿا، جو ماءُ کي خبر ڪانهي ته ٻار ڪهڙي پيءُ مان ٿيو آهي! ۽ هاڻي اهو ڪٿي ٿو رهي! جتي وڏو تعداد اڪيلي مائٽ (Single parent) عورتن جو آهي، ۽ ٻارڙن کي خبر ئي ڪانهي ته اسان جو پيءُ ڪير هو ۽ امان کي ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو! ٻئي پاسي اسان جو سماج، هڪ سو اسي ڊگري (180) بلڪل ابتڙ، اهڙن مائٽن سان ڀريو پيو آهي، جيڪي بدي يا ڏي وٺ تي اهڙي نموني پنهنجي نياڻين جون سڱابنديون ڪن ٿا جو ٻار اڃا ڄاوائي ناهن ته انهن جا مڱڻا ٿي وڃن ٿا. ننڍي هوندي شاديون ٿين ٿيون، ننڍڙين نياڻين جون پوڙهن پڪن سان شاديون ٿيون، اڻپڙهيل نکٽو گهوٽن جا پڙهيل ڳڙهيل باهمت هوشيار نياڻين سان نڪاح ٿين ٿا. اهڙين سڱابندين ۾ ايتري قدر ڪٺورتا گهر ڪري ويئي آهي جو دولت جي ورهائجي وڃڻ جي ڊپ کان ڪي مائٽ پنهنجين نياڻين جون ماڳهين شاديون ٿيڻ ئي نٿاڏين. معلوم هجي ته اها موذي يا تڪليف ڏيندڙ رسم سنڌ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به سماج ۾ ناهي. سنڌ جي مسلمان وٽ اها جيڪا رسم آهي سا هندوستان ۽ پاڪستان جي ٻيءَ ڪنهن به قوم وٽ ڪانهي. البته جڏهن اسان وٽ گهوٽ وارن کي ڪنوار جي مائٽن جا لاڏ سهڻا ٿا پون ۽ کين منٿون ميڙيون آزيون نيزاريون ٿيون ڪرڻيون پون، تڏهن ان جي بلڪل ابتڙ پاڪستان هندوستان جي ٻين سماجن ۾ وري نياڻيءَ وارن کي ور جي ڳولهڻ ۽ کيس پنهنجي نياڻيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻا ٿا پون، گهوٽيتن کي وڏيون لالچون ڏيڻيون ٿيون پون، ۽ ڳرا ڏاج ڏيڻا ٿا پون. هندن وٽان اختيار ڪيل انهيءَ رسم جون وري پنهنجون خرابيون آهن. سنڌ جو مسلمان ”بَدي“ جي برائيءَ ۾ انڪري مبتلا آهي جو هو نياڻيءَ کي قدرت جي طرفان ڏ نل هڪ امانت بدران پنهنجي ملڪيت ۽ ويڪو وٿ ٿو سمجهي، جنهن سان مٽا سٽا يا بدو ڏي وٺ، يا ادلو بدلو ڪري پنهنجي نالائق پٽ يا پنهنجي شاديءَ جي پڪ ٿو ڪرائي. عام طرح سنڌ جا هندو ۽ هندوستان مان آيل ڪي مسلمان وري ڏاج جي مرض ۾ انڪري مبتلا آهن جو هندو ڌرم مطابق نياڻيءَ جو ڪو ورثو/ ترڪو ڪونهي. انڪري گهوٽ وارا شاديءَ کان اڳ پڪ ڪن ته ڪنوار جي پيءُ کي سڃو ڀينگيو ڪري سندس الهو تلهو پاڻ ڦٻائي وٺن. پوءِ نياڻيءَ وارا ڀلي ته ڳائيندا وتن ته شل نه ڄمي ڪنهن کي نياڻي ري!“ مسلمان سنڌيءَ جي ادلي بدلي واري رسم وري انهيءَ ڊپ تي ٻڌل آهي ته سندس نياڻيءَ جي سودي کان سواءِ سندس پٽ کي ڪو پنهنجي نياڻي ڪونه ڏيندو. هندوءَ ۽ هندوستان کان آيل مسلمان جي ڏاج واري رسم لالچ تي ٻڌل آهي ته نياڻيون _ جن کي ننهن بڻائجي _ سي ته گهڻيون ئي هونديون، پر اسان جي پٽ کي جو اسان ڄڻي نپائي وڏو ڪيو آهي ۽ سندس پر گهور ۽ تعليم تي هيڏا خرچ ڪيا آهن، سو هاڻي ڏسون ته ڪهڙو سهرو ٿو اهي اسان جا خرچ ڀري ۽ اسان جي پٽ کي شاهوڪار ڪري. مطلب ته ٻنهي ڌرين، سنڌي مسلمانن توڙي سنڌي هندن ۽ هندوستان مان آيل مسلمان وٽ نياڻيون آزار ۾ آهن. انڪري جيتوڻيڪ وچ وارو طريقو، جيڪو اسلام جو طريقو آهي، اهوئي انهن سڀني بڇڙاين ۽ اهکاين کان بچڻ جو بهترين علاج آهي، پر ان ڏانهن نڪي ڪو قوم جو گهڻگهرو، خير خواهه ۽ مصلح ٿو توجهه ڏياري، نڪي ماڻهو پاڻ ٿا ان سنئين سڌي ڳاله ڏانهن توجهه ڪن؛ بلڪه هڪٻئي کي تباهيءَ وارن ٻن رستن تي ڏسي پاڻ به ٻنهي تباهيءَ وارين واٽن مان هڪ تي هلڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا. اهي آهن اهي ٻه واٽون جيڪي جيتوڻيڪ هڪٻئي کان بلڪل متضاد يا ابتيون آهن، پر ٻئي قعر مذلت ڏانهن ڇڪيندڙ (بڇڙائي ۽ تباهيءَ جي اوڙاهه ۾ ڪيرائيندڙ) آهن. پر اسان جو سماج هن وقت انهن ٻنهي واٽن تي تيز رفتاريءَ سا هلي رهيو آهي ۽ ان تي فخر به ڪري رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ٽين واٽ، جيڪا وچ واري ۽ ڇوٽڪاري واري واٽ آهي ۽ اسلام جي روح تي ٻڌل آهي، ان واٽ سواٽ ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائجي ۽ ان تي هلڻ جي لاءِ ماڻهن کي آڀارجي ته رشتا ناتا، سڱابنديون ۽ شاديون بلولغت جي زماني ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مرضيءَ مطابق، مائٽن جي اجازت ۽ صلاح سان، هڪ جيڏن، جوڙ جيس سان ٿين ته جيئن خداوندي حڪم موجب ڌريون هڪٻئي لاءِ سڪون جو ذريعو ٿين ۽ منجهن محبت الله تعاليٰ سورة الروم جي ايڪيهين آيت ۾ فرمايو ته ”منهنجي نشانين مان هڪڙي اها نشاني آهي جو مون اوهان لاءِ اوهان منجهان ازواج (زالن ۽ مڙسن جا جوڙا) ٺاهيا، جيئن اوهان انهن مان سڪون حاصل ڪريو.“ ۽ وڌيڪ فرمايائين ته، ”مون منجهن (زال مڙس جي دلين ۾) هڪٻئي لاءِ (پيار) ۽ رحمت وڌي آهي.“ (جيئن هڪٻئي کي گهڻو ڀانئين ۽ هڪٻئي سان رحمت وري انداز ۾ پيش اچن. هڪٻئي سان ظلم ۽ ڏاڍ سان پيش نه اچن). ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار صحيح معنيٰ ۾ هڪٻئي جو ڍڪ ۽ لباس ٿين، جيئن الله تعاليٰ سورة البقره جي آيت 187 ۾ فرمايو ته: ”اهي (اوهان جون زالون) اوهان جو لباس (ڍڪ ۽ اوڇڻ) آهن ۽ اوهان کي ان تي عمل پيرا ڪرائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪو حاڪم، وزير، سفير، بيوروڪريٽ يا ڪو اخبار وارو اول ته اهڙي واٽ ڏسيندو ئي ڪونه، پر جيڪڏهن ڪنهن مرندي ڪسندي اهڙي ڳالهه کڻي چئي به ته پوءِ ٻيا ماڻهو ان تي عمل ڪونه ڪندا، ڇو جو اهڙن بي عمل ناصحن جي اهڙين نصيحتن ۾ اخلاقي اثر ۽ زور نه هوندو. اهڙيون ڳالهيون اهڙن ماڻهن کي چوڻ جڳائين، جيڪي ٻڌندڙن تي هڪڙو اخلاقي اثر رکندا هجن، جو ٻڌندڙ سندن اهڙيون ڳالهيون ٻڌي نه رڳو هينئين سان هنڊائين، پر دليئون جانئيون ان تي عمل به ڪن. اهڙا ماڻهو روحاني پيشوا يا مرشد ئي ٿي سگهن ٿا جن جي ڳالهه ۾ نه رڳو اخلاقي زور هوندو، پر روحاني برڪت به هوندي. مرشدن جي زباني مريد اهڙيون ڳالهيون ٻڌندا ته ضرور هينئين سان هنڊائيندا ۽ ان تي عمل به ڪندا. جيڪڏهن مرشد جي ڳالهه تي نه هلندا ته پوءِ انهن لاءِ بلاشڪ چئي سگهبو ته ”ڪوڙي دعويٰ دوس جي ڪڄاڙي کي ڪن.“ اهڙن مريدن جون مريديءَ جون دعوائون شڪ جي درجي ۾ داخل ٿينديون. ٻئي پاسي هادي مرشد لاءِ به اهو ضروري آهي ته سماجي ڇڪتاڻ جي هن ٽواٽي تي بيٺل مريدن کي تباهيءَ ڏانهن ڇڪيندڙ ٻن اهکين واٽن کان پنهنجن مريدن کي خبردا ڪن ۽ ٽيون نمبر وچولي واٽ، جيڪا دراصل ڇوٽڪاري ۽ ڀلائيءَ واري واٽ آهي، ان ڏانهن ماڻهن کي سڏين هدايت جو سڏ ڏيڻ يا هدايت ڏانهن سڏڻ، مرشد جو حق آهي. مرشد جي معنيٰ ئي آهي اهو شخص جيڪو رشد يا هدايت واري سڌي واٽ ڏسي ۽ ان ڏانهن سڏي ۽ ان تي هلڻ لاءِ مريدن کي آڀاري. هادي مرشد جو فرض آهي ته پنهنجي زماني جي احوال سارو جيڪي بڇڙائيءَ جون واٽون هجن ۽ گمراهيءَ جا پيچرا ۽ آفتون هجن انهن کان پنهنجي مريدن يا پوئلڳن کي آگاهه ڪري ۽ انهن کان بچڻ لاءِ سڌي واٽ ڏيکاري ۽ ان تي هلڻ جي تلقين ڪري مريد با مراد تڏهن ٿيندا جڏهن مرشد جي ڏسيل راهه تي هلندا، نه ته مريد بدران بي مراد ٿيندا. وڌيڪ لاءِ چئبو ته جيڪو گس جنهن کي وڻندو پاڻهي ئي اهو گس اختيار ڪندو ۽ جيڪڏهن اختيار ڪيل رستو سڌو هوندو ته پاڻهي ئي مريد کي فلاح ڏانهن کڻي ويندو پر جيڪڏهن اختيار ڪيل گس، پنڌ يا پيچرو ڏنگو هندو ته ٽوٽي ڏانهن ئي ڇڪي ويندو. روضي ڌڻي رح جي درگاهه جي مرشدن جو اهو دستور رهيو آهي ته دين جي آفاقي پهلوئن تي تلقين ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي پنهنجي زماني جي گهرجن سارو هدايت پڻ ڏيندا رهيا آهن. پير سائين شاهه مردان شاهه اول جي زماني ۾ شادين جي ڪن بيهوده رسمن کي ختم ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو ويو. پير سائينءَ جن وٽان حڪم يا فرمان آيا ۽ ٻين عالمن وٽان فتوائون آيون. پير سائينءَ جي فرمان مطابق فقير محمد رحيم ولد محمد سليمان راڄڙ پنج ڪتابڙا لکيا، جيڪي درگاهه جي طرفان 1332 هجري مطابق 1914ع ۾ ڇپيا. انهن ڪتابڙن مان هڪڙو ڪتاب ”قاطع البدعت في انتباه الغافيلن“ هو، جنهن ۾ شادين ۾ ٿيندڙ غلط ڳالهين جو ذڪر ڪري انهن کي ڇڏي ڏيڻ جي تلقين ڪئي وئي. ان کان سواءِ ڪتاب ”برڪات النڪاح و آفات الزنا“ لکرائي ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. هندن جي رسمن مطابق اسان وٽ بيواهه عورتن جون ٻيهر شاديون ڪونه ٿينديون هويون، ان ڪري حڪم ٿيو ته عدت جي وقت گذرڻ کان پوءِ بيواهه عورتن جون شاديون ڪرائي ڇڏجن. شادين ۾ هوائي فائر ڪرڻ، ڳائڻ ۽ ساز سرود وڄائڻ ۽ خصوصاً دهلن وڄائڻ جي ڳالهين خلاف گهڻو پرچار ڪيو ويو ۽ مريدن کي همٿايو ويو ته خوشيءَ جي اهڙن موقعن تي مولودن ۽ صوفي رهاڻين جو بندو بست ڪيو وڃي. اهو به چيو ويو ته وليمي جون دعوتون ساديون هجن، جن ۾ ڏيک ڏيکاءُ کان پرهيز ڪئي وڃي. آزاديءَ کان اڳ انهن ڳالهين جو گهڻو چوٻول رهيو. اهي مسئلا اڄ به موجود آهن. پر وقت جا حاڪم ٻين کي چون ٿا ته دعوتن تي خرچ نه ڪريو، پر پاڻ بي پناهه ڏيکاءُ ڪن ٿا ۽ حرام حلال جي تميز کان سواءِ، بي دريغ ۽ بي پناهه ڏيکاءَ خرچ ڪن ٿا. انڪري حاڪمن جي بي اثر ڳالهين ڏانهن ڌيان ڌرڻ بجاءِ ماڻهو اجاين خرچن ۾ پيسا وڃائين ٿا. ڪتاب ”برڪا النڪاح“ جي هڪڙي باب ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ڳالهين کي اولاد جي شادي ڪرائڻ لاءِ آڏو رکيو وڃي. اولاد جي پسند، سندس عمر ۽ گهوٽ يا ڪنوار جو ديندار ۽ متقي هئڻ تي گهڻو توجهه ڪيو ويو. مثلاً بيان ٿيو ته: ماءُ پيءُ جي مٿان لازم آهي ته جڏهن اولاد جوان ٿئي ته انهن جي شادي ڪرائي وڃي. مگر شاديءَ لاءِ مرد ۽ عورت جو رضامند هجڻ ضروري آهي ڇو ته اسلام ۾ زبردستي ناهي. حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله جن فرمايو ته“ بيواهه عورت جو ايستائين نڪاح نه ڪيو وڃي جيستائين ان کان اجازت نه ورتي وڃي. اهڙيءَ طرح ڪنواري عورت جو به نڪاح نه ڪيو وڃي جيستائين ان کان پڇيو نه وڃي... جڏهن ٻار سورهن ورهين جو ٿئي ته ان جي شادي ڪرايو....“ (صفحا 142 ۽ 143) اڳتي حضرت نوح بن يزيد الجامع جو ذڪر آيو ته جڏهن کيس نياڻيءَ جي ڳڻتي ٿي ته پاڻ پنهنجي هڪ مجوسي عالم دوست کان مشورو ورتائين ته نياڻيءَ جي شاديءَ لاءِ ڪهڙو ور چونڊجي. مجوسي عالم کيس مثالن سان ٻڌايو ته ڪنوار يا گهوٽ ۾ جيڪي بظاهر چار خصلتون هئڻ گهرجن، يعني _ دولت، حسن، حسب نسب ۽ دينداري _ انهن چئن خصوصيتن مان ڪهڙي کي فوقيت ڏجي. مجوسي عالم کيس ٻڌايو ته فارس وارا، روم وارا ۽ عرب قوم ڪهڙين خصوصيتن کي اهميت ڏيندا هئا ۽ اوهان جي اڳواڻن حضرت محمد مصطفيٰ صلم ڪهڙي خصوصيت کي اهميت ڏني آهي. هن چيو ته: فارس جو بادشاهه ڪسريٰ چوندو آهي ته پنهنجي ڌيءُ جي شاديءَ لاءِ ڪنهن دولتمند کي ڳوليو. روم جو بادشاهه حسن ۽ جمال ۽ خوبصورتيءَ کي فوقيت ۽ ترجيح ڏيندو آهي. عرب ڌيءُ جي شاديءَ لاءِ اوچو نسب ۽ عاليٰ خاندان ڏسندا آهن. پر اوهان جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلم نياڻيءَ جي شاديءَ لاءِ فقط ”دين“ کي ترجيح ڏني آهي. ته پنهنجن پٽن جي شادي نيڪ ۽ ديندار عورتن سان ڪيو ۽ پنهنجن نياڻين جي شادي نيڪ ۽ ديندار مردن سان ڪريو. اي نوح! هاڻي وڌيڪ اوهان جي مرضي.“ ان لحاظ کان جيڪڏهن انهن خصوصيتن تي ڌيان ڏبو ته اول دينداري، پوءِ حسب نسب، پوءِ جمال ۽ آخر ۾ دولت خاطر پنهنجي اولاد جي شادي ڪرائجي. ان کان سواءِ هن پنهنجي ڪتاب ”برڪات النڪاح“ ۾ زال ۽ مڙس جي هڪٻئي ڏانهن حقن يا عورتن لاءِ پردي جا حڪم آهن يا سندن لباس بابت حڪمن جو به چڱيءَ طرح سان تفصيل ڏنو ويو آهي ۽ جنتي ۽ جهنمي عورتن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي. پير سائين صبغت الله شاهه ثاني، جيڪو پنهنجن مريدن ۽ سنڌ جي ٻين ماڻهن وٽ ”سورهيه بادشاهه“ جي لقب سان مشهور آهي، ان پنهنجي زماني ۾ سنڌ جي سماج ۾ موجود براين کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ جي گهڻي ڪوشش ورتي. پاڻ جڏهن هندستان جي جيلن مان 1936ع ۾ موٽيا ته حج شريف لاءِ روانا ٿيا. اتي مريدن عورتن ۽ مردن جي حالت ڏٺائون ۽ سندن اصلاح لاءِ گهڻيون ڪوششون ورتائون. عورتون، خصوصاً ٿر جي علائقي سان واسطو رکندڙ گج پائينديون هيون، جن سان سندن پٺيون بي پرده ٿينديون هيون. پاڻ مريدياڻين لاءِ فوراً حڪم ڪيائون ته ڪپڙا مهيا ڪري سندن گجن جي پٺين کي ستر وارو ڪيو وڃي. سندن حڪم مطابق ٿر جي سماٽ عورتن پڙا ڇڏي شلوار پائڻ جو طريقو اختيا ڪيو. ان کان سواءِ سورهيه بادشاهه عورتن توڙي مردن کي ديسي ڪپڙي پائڻ جي تلقين ڪئي. ٻيو ته پاڻ ڏٺائون ته عورتون عاج يا رٻڙ جون ٺهيل ٻانهيون يا چوڙيون اهڙيون پائينديون هيون جو چوڙيون ڪرائيءَ کان وٺي ٻانهن جي شروع تائين ڳتيل هونديون هيون. پاڻ مولوي فقير فيض راڄڙ رح کان پڇيائون ته، ”ڇا هنن عورتن جو غسل شرعي ٿي ويندو؟“ مولوي صاحب طرفان شڪ جي اظهار ڪرڻ تي پير سائين سورهيه بادشاهه عورتن لاءِ حڪم جاري ڪيا ته اهي عاج ۽ رٻڙ جا چوڙا لاهي ڇڏين. چوڙن لهرائڻ ۾ ٻي حڪمت اها به هئي ته عاج حرام جانور (هاٿي) جي ڏندن مان ٿي ٺهيو ۽ رٻڙ ان وقت انگريزن ظلم سان ملائيشيا ۽ ٻين هنڌان ٺاهي آندو ٿي. پاڻ ائين به دعا فرمايائون ته ڌڻي اوهان کي سون ۽ چانديءَ جا چوڙا پارائيندو. والله اعلم تي ٻي به ڪا حڪمت سندن ذهن ۾ هجي، جنهن جي سمجهه اسان کي نه هجي، جو پاڻ عاج ۽ رٻڙ جي چوڙن لاهڻ جو حڪم فرمايائون. بهر حال، سورهيه بادشاهه جي ان حڪم جو نتيجو اهو نڪتو جو مريد عورتون، جيڪي گڙنگ بنگلي تي آيل هيون تن سڀني عاج ۽ رٻڙ جا اهي چوڙا لاهي ڦٽا ڪيا. 30 _ اپريل 1942ع تي جڏهن انگريز پير صاحب کي گڙنگ تان ڪراچيءَ وٺي ويا ۽ پويان بنگلي تي موجود سامان جون لسٽون ٺهيون ته لکيائون ته ”ماڙيءَ تي مٿي لکها (لکين) عاج ۽ رٻڙ جي چوڙين جو ڍڳ پيل هو.“ ڇو ته پاڻ با عمل مرشد هئا، سندن فرمانن تي چڱيءَ طرح عمل ٿيو. اسلام ۾ عورت کي ”خلع“ جي سهوليت بحڪم نص قرآن مليل آهي، جنهن مطابق جيڪڏهن عورت پنهنجي مڙس مان بيزار هجي ته هوءَ مڙس کي ڪجهه ڏئي طلاق وٺي پاڻ آجو ڪرائي سگهي ٿي. پر اسان جي سماج ۾ اسلام وٽان مليل ان سهوليت مان گهڻيون عورتون فائدو نه وٺي سگهيون آهن ۽ گهڻو ڪري اهڙو قدم نه کڻنديون آهن، انڪري مسلمان سماج ۾ ان سهوليت جي ايتري پچار نه هوندي آهي، ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي جو عورتون مصيبت وارين حالتن ۾ به لاچار مڙس وٽ پيون زندگي گذارينديون آهن. سورهيه بادشاهه سنڌ ۾، پنهنجن مريدن ۾، خلع جي ان حڪم کي وري 1941ع ۾ جاري ڪيو. سانگهڙ جي ڀرپاسي جي ڪا ابو پوٽي مائي هئي، جنهن پنهنجي پنجاهه ساله پوڙهي مڙس وٽ رهڻ نٿي چاهيو. پير صاحب جن جي حڪم تي مُکين فيصلو ڪيو، جنهن مطابق مائي وسنديءَ کي خلع جو حق ڏياريو ويو. شرعي حڪم موجب زال کي خلع وٺڻ لاءِ پنهنجي طرفان ڪا رقم ڏيڻي پوندي آهي. مائي وسنديءَ تي به ان اصول مطابق ڪا رقم مقرر ٿي، جنهن جي ڀرڻ جي حامي فيصلي وقت ڀري ويئي، پر اتان نڪري جڏهن وري پنهنجي خير خواهه پوليس وارن وٽ پهتي ته انهن رقم ڀرڻ کان کيس منع ڪئي. اهڙيءَ طرح اهو فيصلو پوءِ پوليس وارن جي وچ ۾ پوڻ جي ڪري نبري نه سگهيو. پوليس وارن جي هشيءَ ۽ شهه تي مائي وسنديءَ ۽ سندس ماءُ مرادي خلع جي رقم مڙس کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي ۾ جڏهن پوليس وارن جي ٻَرَ تي مائي نڪي مڙس وٽ موٽي ويئي، نڪي خلع جي رقم ڏنائين، تڏهن فيصلي تي نه بيهڻ کان پوءِ مڙسن معاملو پنهنجي هٿن ۾ کنيو، جنهن جي پير صاحب کي خبر نه رهي. ان ڳالهه کي انگريزن ۽ سندن حڪومت وارن پير صاحب جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ کين زير با ڪرڻ ۾ گهڻو استعمال ڪيو. پر جيڪڏهن پوليس وارن وٽان اها مداخلت نه ٿئي ها ته اهو فيصلو خلع جو پهريون بهترين مثال ٿئي ها. خلع جي ان حق ملڻ لاءِ ان واقعي کان اٽڪل سٺ سال پوءِ به اڄ عورتن جي حقن گهرڻ وارا پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هن وقت عورتون خلع جي تقاضا ڪري رهيون آهن، پر سماج ۽ حڪمت خلع جي حق ڏيڻ جي رستي ۾ سختيءَ سان روڪ ڪريو بيٺا آهن. هن وقت پير سائين سڪندر شاهه (شاهه مردان شاهه ثاني) به ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته جيئن مرد کي حق آهي ته پنهنجي زال کي طلاق ڏئي تيئن عورت کي به حق آهي ته هوءَ مڙس کان طلاق وٺي سگهي. خلع ۽ طلاق جي شرعي اصطلاحن مطابق مرد کي حق آهي ته عورت کي طلاق ڏئي. عورت کي حق ناهي ته مرد کي طلاق ڏئي. ان جي برعڪس عورت کي حق آهي ته مرد کان طلاق گهري يا وٺي. طلاق ڏيڻ جو فيصلو وري به مرد کي آهي.پر مرد کي حڪم آهي ته زال کي معلق نه رکي ۽ هرو ڀرو هٺ ۽ وڏائي يا شان ۽ شوڪت جي ڪوڙي ٻر تي تجاوز نه ڪري. قرآن ڪريم ۾ ٻارهن دفعا حدن کان تجاوز نه ڪرڻ جو حڪم آيو آهي. انهن ٻارهن ڀيرن مان نَوَ دفعا قرآن ڪريم ۾ مرد کي عورت جي معاملي ۾ حدن کان تجاوز نه ڪرڻ جو حڪم آيو آهي. ۽ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن بار بار فرمايو آهي ته عورتن جي معاملي ۾ الله کان ڊڄو. پير سائين سڪندر شاهه (شاهه مردان شاهه ثاني)پنهنجن خطابن ۾ مريدن کي پاڙيوارن سان محبت سان هلڻ، صلح ۽ امن سان رهڻ، عفو ۽ درگذر ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندا رهندا آهن. پر هن زماني جي سخت ضرورت سارو تعليم تي ڌياڻ ڏيڻ تي تمام گهڻو زور ڀريندا رهيا آهن. ان ڏس ۾ موجوده وقت ۾ غلط قسم جي ٿيندڙ سڱابندين، مڱڻن، ۽ شادين مان ٿيندڙ خرابين جي نتيجي ۾ ”ڪارو ڪاري“ جي تمام وڏي فتني ڏانهن توجهه فرمايو اٿن ۽ انهن خرابين کي روڪڻ جي حل ڏانهن ڌيان ڇڪايو اٿن. فيبروري 2004ع واري خطاب ۾ ته خاص طرح سان پنهنجن پوئلڳن جي اڳيان، ڳالهين کي ڳجهارتن ۾ ٻڌائڻ بدران تمام واضع ۽ کليل لفظن ۾ ٻڌايائون ته اسان جي سماج جو مرض ڪهڙو آهي ۽ ان جو علاج حڪم يا فرمان جي صورت ۾ جاري ڪيائون. نه رڳو ائين فرمايائون ته ”ائين ڪريو. اهو منهنجو حڪم آهي.“ وڌيڪ فرمايائون ته اوهان پنهنجين ڳالهين تي گهڻو هلندا ٿا رهو، پر ڪڏهن ڪڏهن پيراڻي ڳالهه تي به هلندا ڪريو.“ جيڪو شخص پنهنجي نفس جي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي گمراهيءَ جي رستي تي هلڻ تي ضد ٻڌي بيهندو ان کي نڪي هادي ملندو نه ڪي مرشد جيئن الله تعاليٰ سورة ڪهف جي سترهين آيت ۾ فرمايو ته، ”جنهن کي الله هدايت ڏئي اهو هدايت وارو ٿئي، ۽ جنهن کي ڀلائي يا گمراهه ڪري، ان لاءِ ڪو به دوست (ولي) واٽ ڏيکاريندڙ (مرشد) نه لهندين.“ سماج جي مرض جي سڃاڻپ يا تشخيص ڪندي پير سائين شاهه مردان شاه صاحب جن واضع لفظن ۾ ٻڌايو ته خرابي انڪري پيدا ٿي ٿئي جو اسان جي سنڌ ملڪ جا ماڻهو پنهنجن ٻارن جون سڱابنديون يا شاديون ٻارن جي ڄمڻ وقت يا ان کان پاڻ اڳي يا فوراً پوءِ ٿا ڪن. جيڪڏهن دنيا جي قومن تي نظر ڊوڙائي ڏسبو ته اهڙو اڍنگو دستور نه ٻئي ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ مروج آهي نه ڪنهن غير اسلامي سماج ۾. حالانڪه شرع محمدي مطابق شادي کان اڳ ۾ ڌرين جو راضپو معلوم ڪرڻ ضروري آهي، پر سنڌ ۾ اها رضامندي رڳو رسمي طور وٺرائجي ٿي. ماءُ يا ڀرسان ويٺل ٻي عورت ڪنوار جو ڪنڌ لوڏي ٿي ڇڏي ۽ ڇني ۾ ويٺل مرد نڪاح پڙهايو ٿا ڇڏين. اهڙيءَ طرح اسان جا ٻار جڏهن وڏا ٿين ٿا ته گهڻا مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ وانگر جيئن تيئن ڪريو وقت ٽپايو وڃن، پر سڀ ماڻهو ائين نه ٿا ڪري سگهن، نڪي دين اسلام کين ائين ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري. ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن کي مٿن زوريءَ مڙهيل اهڙا سڱ گهڻن سببن جي ڪري منظور نٿا رهن يا نا پسند رهن ٿا. انڪري سندن شاديون چاهه ۽ محبت کان وانجهيل رهن ٿيون ۽ اهڙا ناتا ۽ رشتا زال توڙي مڙس ٻنهي لاءِ آزار بنجيو وڃن ٿا. غور ڪري ڏسجي ته اهڙن اڻ سيبائيندڙ رشتن ۽ اڻوڻندڙ سڱن جو مکيه ڪارڻ اهو آهي جو راضپي معلوم ڪرڻ جو جيڪو حڪم شرع محمدي ڪيو آهي ان جي رعايت جيئن ان جو حق آهي (ڪما حقه)، اسان جي سماج ۾ نٿي ٿئي ۽ ڄڻ ته رسمي طور اهڙي بي نظير شرعي حڪم تي سماج هلي پيو. پر جيئن ته اهڙي هلت جبر ۽ اڪراهه سان هلي ٿي، انڪري اسان جو معاشرو اهڙي برڪت واري حڪم جي روح کان خالي آهي ۽ ان حڪم جي برڪتن کان بي بهرور يا وانجهيل رهجي ٿو وڃي. پوءِ مائٽن جي ان ڏاڍائيءَ ۽ هٺ ڌرميءَ جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو زوريءَ پلو ٻڌل زال يا مڙس اول ڪو وقت هڪٻئي کان بيگانا رهن ٿا. پوءِ اها بيگانگي نيٺ ڪنهن ڏينهن بي راهروي ڏانهن ڇڪي وڃي ٿي. جڏهن ماڻهو اها بي راهروي اختيار ڪن ٿا ته ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اڳتي هلي پوءِ نيٺ قتل غارتگريءَ تي وڃيو دنگ ٿئي. جيڪا اسان جي سنڌ جهڙي پاڪ سرزمين تي ”ڪارو ڪاريءَ“ جهڙي موذي مرض جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي رهي ٿي. اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته جيستائين اسان جي سماج ۾ هٿ وٺي ڏاڍ ڪبو رهبو تيستائين ”ڪارو ڪاريءَ جي انهي موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن انهيءَ هن موذي مرض کان جند ڇڏائڻي آهي، جيڪڏهن سماج کي هڪ متوازن بنيادن تي هلائڻو آهي ته اهي اجايون ۽ بيهوده رسمون ڇڏڻيون پونديون جيڪي نه رڳو شرعي طور ممنوع آهن بلڪه قطعاً ۽ حتماً غير شرعي به آهن. پير سائين شاهه مردان شاهه ثانيءَ جو حڪم اهڙين رسمن کي ڇڏڻ بابت آهي. سندن حڪم اهو آهي ته ڄائي ڄم کان اڳ ڪيل سڱ ۽ صغير ٻارن جا ڪيل سڱ ختم ڪريو. ٻار جڏهن بالغ ٿين تڏهن انهن جو راضپو معلوم ڪري پوءِ سندن شاديون ڪرايو. ان ڏس ۾ وڏي رڪاوٽ اسان وٽ ”بدي جي سڱن“ جي ريت آهي، جنهن ۾ ڇوڪرن جي رهجي وڃڻ جي ڊپ جي ڪري ۽ ڇوڪرين کي ورهاست واري ملڪيت سمجهي پوڙهن، پڪن، وڏن ننڍن، جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. پير سائين شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳاري پنهنجي فيبروري 2004ع واري خطاب ۾ پنهنجن مريدن کي سڱابندين بابت ”صلاح نه پر حڪم“ ڏيندي فرمايو آهي ته: پڙهيل عورت کي پاڻ کان گهٽ پڙهئي لکئي مرد سان نه پرڻايو. ننڍپڻ جا سڱ يا ڄائي ڄم کان اڳ جا سڱ بيڪار آهن. بلوغت کان اڳ جون شاديون ختم ڪريو. مرد لکي پڙهي ويهي ۽ عورت لکي پڙهي ويهي ته ان کان پوِءِ بالغ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي، سندن منظوريءَ سان سڱابندي ڪريو. جيڪي به ننڍن ٻارن جا توهان رشتا ڪيا آهن سي ختم ٿيڻ کپن. اوهان پنهنجي ڳالهين تي نه هلو، پر جيڪا اڳتي هلي ٻارن جي مرضي ٿئي (جڏهن اهي بالغ ٿين ۽ سندن خيال جائز هجن ته ان تي هلو). خاص ڪري عورتن تي جبر نه ڪريو. جيڪي وڏيرا يا وڏا ماڻهو ملڪيت جي لالچ پنهنجي نياڻين کي ويهاري ڇڏيندا آهن، انهن جو کليل لفظن ۾ ذڪر ڪري فرمايائون ته ويهارڻ بدران پنهنجن نياڻين کي حق ڏيو ۽ کين اٿاريو (سندن شاديون ڪرايو). عورتن کي طلاق وٺڻ جو حق ڏيو (خلع جو حق جيڪو قرآن طرفان مليل آهي، ان تي هلو). پاڻ فرمايائون ته ”اهي حڪم آهن انهن تي عمل ٿيڻ کپي.“ وڌيڪ فرمايائون ته، ”مون تي فرض آهي ته توهان کي وقت بوقت ٽوڪيندي اوهان کي اگرا فيصلا ٻڌائيندو اچان.“ سندن فرمان هو ته مريد جيڪڏهن اهڙن احڪامن تي هلندا ته اولاد سڌرندا ۽ خوش ٿيندا. هڪٻئي سان ملڻ يا سنڱا بندي ڪندي به خوشي ٿيندي، اگر اوهان منهنجي صلاح تي هلندا. اهڙيءَ طرح پير پاڳاري صاحب (شاهه مردان شاهه ثاني) هن وقت جي هڪ تمام اهم مسئلي ڏانهن پنهنجن مريدن جو وقتائتو ڌيان ڇڪايو آهي. مرشد جو جاري ٿيل اهو حڪم انهيءَ وچولي ۽ متوازن طريقي ڏانهن وٺي ٿو وڃي، جنهن جو ڏس قرآن ۽ حديث ۾ تفصيل سان ڏنل آهي. مرشد جو اهڙو سڏ اونائي جڏهن روضي ڌڻيءَ جا لکين مريد پنهنجي مرشد جي سڏ تي هلندا ۽ پنهنجن نياڻين جا سڱ سهڻي ۽ سيبائتي واقعي شرعي نموني ڪندا ته سندن سهڻين ڳالهين کي ڏسي، سنڌ جا ٻيا ماڻهو به اهڙيون چڱائيءَ واريون ڳالهيون اختيار ڪندا. اهڙيءَ طرح اهي سٺيون ڳالهيون سنڌ جي ٻين ماڻهن وٽ به پهچنديون ۽ سنڌ جو سماج هڪ ”ڪڙهيل“ يا بالغ (Mature) سماج وانگر، ڪنهن خوف ۽ خطري کان سواءِ پنهنجي نياڻين جي ترڪيب ڪري سگهندو ۽ سندن مڱڻا ۽ شاديون اهڙي سهڻي نموني، عين اسلامي شرع محمدي مطابق ٿينديون ۽ اهڙيءَ طرح اسان وٽ سنڌ ۾ هڪ صحتمند سماج اسرندو ۽ وڌندو ويجهندو. ”..... جمائت سان سندن (حضرت پير صبغت الله شاهه اول _ تجرڌڻي) پيار ۽ فقيرن سان وڏو قرب هو. اها رسم روضي واري صاحب (حضرت سائين سيد محمد راشدؒ) کان هلي، جو هر پاڳاري پير جو جماعت ۽ فقيرن سان وڏو قرب رهيو ۽ اهو اڄ تائين قائم آهي. ”ملفوظات“ جا سائين پيارن فقيرن کي اڪثر ”اي يار“ اي دوست سڏي ڪا ڳالهه ڪندا هئا، يا سندن پڇئي جو جواب ڏيندا هئا. فقيرن تي سندن وڏو راض هوندو هو، پر جماعت جي پوڙهين ماين جي به وڏي پيار سان پر گهور لهندا هئا. ڪو فقير بيمار هوندو هو ته کيس پڇڻ ويندا هئا. فقيرن سان سندن پيار ۽ محبت جا ڪيترائي حوالا ملفوظات (”خزانة المعرفت“ ) ۾ موجود آهن. پاڻ حضرت روضي ڌڻي جي خليفن خاص طرح وڏيءَ عمر وارن خليفن جو گهڻو خيال رکندا هئا. سندن انهيءَ پيار جو هڪ خاص مثال هيءُ ته پاڻ حيدرآباد لڳ کٽياڻن فقيرن جي دعوت تي هئا ۽ وچين نماز جو پاڻ قرآن ڪريم جو دور پئي ڪيائون، جو ان وقت خليفو سلطان فقير نظاماڻي قدمبوسي لاءِ آيو. حضرت جن وچ تلاوت مان اٿي خليفي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ اکين مان موتين مثل لڙڪ ايترا بي حساب وهايائون جو سمجهه کان ٻاهر هو. فرمايائون ته ادا سلطان! توهان حضرت روضي ڌڻي جا صحبتي رهيا آهيو ۽ توهان کي دل گهڻو گهري ٿي، پر ڇاڪجي جو اجل جي ونڊيندڙ اوهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ ايتري جدائي مقرر ڪئي آهي، جو توهان هتي ۽ اسان هتي! هڪ ڀيري سندن هڪ پياري فقير _ غلام علي ملڪاڻي لغاري _ موڪلائڻ وقت دعا گهرڻ لاءِ عرض ڪيو ته کيس فرمايائون ته ڪهڙي دعا گهرون؟ فقير چيو ته قبلا! جيڪا اوهان کي پسند هجي. تڏهن چيائون ته پوءِ اها دعا ٿا گهرون ته پنهنجي ملاقات وري جلد ٿئي....“ ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ (”خزانة المعرفت“ مقدمو ص 28 _ 29) سلمه پنهور اصل ڏوهاري ڪير؟ عيد ته خوشيون کڻي ايندي آهي. امير توڙي غريب لاءِ پوءِ جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي، اهي به عيد جي سڳوري ڏينهن تي پنهجن ٻارن کي اوڌر سوڌر تي به سادا ئي سهي پر نوان ڪپڙا وٺي ڏيندا آهن، پر اسان جي سنڌ جو وڏو الميو اهيو رهيو آهي ته ڪئين سال ته نوڪرين تي بندش ٿي رهي، سنڌو سڪو پيو آهي، ٻيلا وڍجي ويا آهن ۽ بک ۽ بيروزگاري ته ڄڻ هر ٻئي گهر جو مسئلو آهن نسيم چنا جنهن جي گهر ۾ صبح جي ماني پچندي هئي ته رات جو ٻارن کي لنگهڻ ڪاٽڻو پوندو هو. ماءُ شايد هر ڳالهه برداشت ڪري ٿي سگهي پر ٻارن جي بک نٿي ڏسي سگهي. ٻارن جي ڪا خواهش پوري نه ڪري سگهڻ ۽ کين بک تي سمهارڻ روز جو معمول هجي ۽ قربانيءَ واري عيد تي جڏهن هو ٻارن کي ڪجهه نه ڏئي سگهندي هوندي، هنن جي بک ۽ اميدون پوريون ڪري نه سگهي هوندي. ان رات هن ٻئي ڪنهن قربانيءَ کان پهرين پنهنجن ٻچن کي ڪهي قربان ڪري ڇڏيو! ۽ آخر ۾ پنهنجي پاڻ کي ڪهي اهو هن سماج کي ٻڌايائين ته جڏهن پاڙي ۾ ڪنهن کي پروڙ نٿي پئي ته ڪير بک تي ستو آهي. پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري! ايڏي بي حسي هن معاشري جي صفيه سندس وڏي ڌيءَ روئيندي پوليس وٽ بيان ٿي ڏئي ته امان وٽ ٻيو ڪو چارو به ڪونه هو ته هوءَ ائين نه ڪري ها. ڇو ته پاڙي اوڙي مٽن مائٽن ۽ سماج جهڙوڪ هنن کي ڇڏي ڏنو هو! هنن کي ته هڪ خدا جو آسرو هو ۽ هڪ گهر جي وڏي هجڻ سبب پيءُ کي به مٽن مائٽن جي دشمنيءَ سبب گهر اچڻ کان روڪيو ويو هو. صفيه جي چواڻي ته اهڙيءَ حالت ۾ هڪ بيوس عورت، جنهن جو ڪو اوهي هجي نه ڪو واهي نه ڪو وس هلي، ڪيڏانهن وڃي؟ ڪنهن جي در تي دانهن ڏئي؟ ڪنهن کي پنهنجو ڏکڙو ٻڌائي؟ ضرور هوءَ مجبور هوندي. پڪ هوءَ پريشان هوندي. جڏهن ته ٻيءَ ڌر کيس ۽ سندس نياڻين کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. اهڙي وقت هن کي اهوئي فيصلو صحيح لڳو هوندو ته هوءَ پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجن ٻارن جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي، ۽ پوءِ...... هن به پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو ۽ صفيه کي شايد ان ڪري ڇڏي ڏنائين، ته هوءَ اها ڪهاڻي هن سماج جي ٺيڪيدارن کي ٻڌائي سگهي ته عورت جي لاءِ جڏهن سڀ در بند ٿي وڃن ته پنهنجي گهر جو در هوءَ پنهنجي ئي هٿن سان بند ڪري ڇڏيندي آهي. نسيم وانگيان!! هاڻ پوليس صفيه کي حراست ۾ وٺي چالان ته ڪيو آهي، پر اصل ڏوهاري ڪير آهي؟ ۽ ڪارڻ ڪهڙو هو؟ اهو شايد ڪير ڄاڻڻ نه ٿو چاهي! *** ڀائي پرمانند منهنجو جيون ساٿي (ماڻهو هليا ٿا وڃن، پر سندن تحريرون رهجيو وڃن. هيءَ به هڪ اهڙي ئي تحرير آهي، جيڪا هڪ پراڻي ڪتاب ۾ ڇپيل آهي. هيءَ دل پڄائيندڙ لکڻي آهي. جيڪا هڪ مڙس پنهنجي وفادار گهرواريءَ ڏانهن لکي آهي، جيڪا هن جي قومي قربانيءَ کان پوءِ پنهنجي گهر کي هلائي ٿي ۽ ٻارن کي پالي ٿي. اسان کي اميد آهي ته ”سرتيون“ جي پڙهندڙن کي هيءَ لکڻي وڻندي. ادارو.) منهنجي جيون ڪهاڻي، اڌوري ۽ اڻپوري رهجي ويندي، جيڪڏهن مان پنهنجي جيون ساٿي ڌرمپتنيءَ جي جيون ۽ چريتر تي ڪجهه روشني نه وجهندس. جيون ساٿي، جنهن مون سان گڏ سَٺو، جنهن مون کان به وڌيڪ سَٺو. جنهن، دک ۽ سک ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. جنهن، منهنجي غير حاضريءَ ۽ ديش نيڪاليءَ وقت قيد ۽ ڪاراگر جي سمي ۾، جڏهن منهنجي سڀ مال ۽ ملڪيت ضبط ڪئي ويئي هئي، تڏهن ٺلهين هٿين پنهنجو ڪرتويه پئي پالن ڪيو.... ليڪن اهو سڀ مرڪندي ۽ مشڪندي صبر سان پئي سٺائين ۽ ڪڏهن به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين. نه رڳو ايترو پر ان مها آپدا جي سمي، ڪنهن به قسم جي ڪمزوري پاڻ ۾ اچڻ ڪين ڏنائين! سندس اٿاهه پريم ۽ ڀڳتي، سندس شاندار تياڳ ۽ قرباني، سندس اٽوٽ صبر ۽ همت، منهنجي دل تي اهڙو ته اڪرجي ويا آهن، جو مرڻ تائين ميسارجڻ جا نه آهن..... جڏهن هوءَ سخت بيماريءَ جي حالت ۾ بستري داخل هئي، تڏهن ديش ۽ جاتيءَ جي سڏ تي مونکي دهليءَ رهڻو پيو هو. اتان، مون کيس هڪ پتر لکيو هو، پريم ڀريو پر پڇاڙيءَ جو پتر، جو مان پاٺڪن لاءِ هوبهو درج ٿو ڪريان: اسيمبلي چئمبرس نيو دهلي پراڻ پياري، تون ڪجهه وقت کان بيمار ٿي گذارين. مون کي خبر نه آهي، ته منهنجا هي لفظ، ڪيتري قدر تنهنجو ڏک دور ڪري، توکي آٿت ڏيندا. پر منهنجيءَ دل تي بار آهي ۽ ان بار هلڪي ڪرڻ لاءِ ئي هي ٻه چار اکر توڏانهن لکي رهيو آهيان. پريه اسان جو جيون ۽ اسان جي قسمت گذريل 35 سالن کان ڳنڍيل پئي رهيا آهن. تون وشواس ڪرين يا نه، پر مان انهيءَ چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان، نه دنيا ڀر، ورلي ڪو اهڙو سڀاڳو انسان هوندو، جنهن کي، تو جهرو هڏ ڏوکي ۽ وفادار متر نصيب ٿيو هوندو! مون کي پنهنجين اوڻاين ۽ عيبن جي چڱيءَ پر پروڙ آهي. ڪيترائي دفعا مون جوش ۾ اچي، پاڻ ڀلائي پئي ڇڏيو، پر تو پنهنجي بيحد پيار ۽ سهنشيلتا ڪري، مشڪندي سڀ ڪڇ پئي سٺو ۽ ڪڏهن به تو فرض پالڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي. تنهنجو جنم هڪ ڳوٺاڻي غريب زميندار جي گهر ۾ ٿيو هو. تن ڏينهن زناني تعليم جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هو. تنهن کان سواءِ ڳوٺ ۾ ٻارن کي وديا ڏيڻ جو خيال ڪنهن کي اچي به نه ٿي سگهيو، پر وشواس ڪر ته، جڏهن مان تنهنجي ٻن گڻن پريم ۽ شهنشيلتا جي ڀيٽ، شهري ۽ شاهوڪاري گهرن ۾ پليل، پڙهيل ۽ ڊگري يافته ڇوڪرين جي آچار ۽ وهنوار سان ڪندو آهيان، تڏهن هڪدم منهنجي آتما، موجوده تعليم جي طريقي خلاف اٿي کڙي ٿيندي آهي، ته مان غلطي ڪندو هجان. پر اهو منهنجو رايو آهي ته، هندستان جهڙي غريب ديش ۾، شاهوڪار گهر جي ڇوڪري يا ڪاليجي سکيا ورتل ڪنوار، ڪنهن به ڪٽنب ۾ سک ۽ شانتي اسٿاپن نه ڪري سگهندي. هان، مان برابر پنهنجي مضمون کان ٻاهر هليو ويس. ليڪن مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، تڏهن مان ائبٽ آباد ۾ هيڊ ماستر هوس، تڏهن اسان جي شادي ٿي ۽ پهريون ئي دفعو تون مون سان گڏ رهڻ لڳينءَ. مون اتي توکي پاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تنهنجي ننڍي هوندي جي عادتن ڪري چرخي ۽ سئيءَ توکي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. هڪ دفعي ته جوش ۾ اچي، مون تنهنجو اهو پيارو چرخو ۽ ڀرت جو سامان، کڻي باهه ۾ اڇلي ڇڏيو! تو منهنجي صلاح سويڪار ڪري، باقاعدي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ آهستي اڀياس ڪندي تو فائينل امتحان پاس ڪيو. پوءِ ايندڙ حياتيءَ ۾، جڏهن توکي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، تڏهن اها ئي ٿوري گهڻي سکيا، تو ۽ تنهنجي ڪٽنب لاءِ اڪسير ثابت ٿي. هرهڪ منش جي جيون کي ٻه پاسا آهن هڪ گهرو ۽ ٻيو لوڪڪ (پبلڪ) انهن ٻنهي پاسن جو هڪ ٻئي سان گهرو سنٻنڌ آهي ۽ اهو ئي ماڻهو سکي رهي سگهي ٿو، جيڪو ٻنهي کي ملائي سلائي، درست نموني ۾ ڪم آڻي ٿو. هر هڪ ماڻهوءَ جي پبلڪ حياتي علحدي علحدي آهي ۽ پنهنجي گهر آهر ۽ سڀاءَ انوسار، هو پاڻ کي ان تي هيرائي ٿو. ليڪن اسان جي گهرو جيوت ۾ خير ڪو تفاوت آهي. تنهنجي هوندي به ان کي چڱيءَ طرح هلائي، منش جي سک ۽ سمپتيءَ جو هيتو بڻائڻ هڪدم ڏکيو. پر اهم ڪاريه آهي. تنهنڪري استريءَ جو وڏي ۾ وڏو ۽ پؤتر ۾ پؤتر ڪاريه اهو آهي ته هوءَ پتيءَ جي انهيءَ پاسي واري ڪم جي پورائي ۽ پوئواريءَ ڪرڻ ۾ هميشه هوشيار ۽ مددگار هجي. استري گهر جي راڻي آهي. هوءَ ڪٽنب جو هڪ ٽڙندڙ ۽ خوش ڪندڙ گل آهي. ليڪن جيڪڏهن هوءَ پنهنجو فرض نٿي سمجهي سگهي ۽ نٿي پالي، پر پاڻ مردن سان ريس ڪري، هن جي ڪاريه ۾ حد دخلي ڪري، باندر وانگر انهن جو نقل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ته پوءِ هو پنهجو لوڪ ۽ پرلوڪ ٻئي ٿي بگاڙي. پياري مان انهيءَ نقطه نظر کان توکي هڪ آدرش ناري ٿو سمجهان. مان پنهنجي سر گهرو فرضن ۽ جوابدارين ڏانهن خيرڪو ڌيان ڏيندو هوس. پبلڪ ڪاريه ۾ مون پنهنجي لاءِ اهو کيتر پسند ڪيو هو. جنهن ۾ مون کي ورلي ڪا فرصت ملندي هئي. جڏهن ويهي مان گهرو ڳالهين تي ڪو ڌيان ڏيئي سگهان! اهڙين ئي حالتن هيٺ جيڪي به مان ديش، ڌرم ۽ جاتيءَ لاءِ ڪري سگهيو آهيان، سو سڀ تنهنجي بدولت! جنهن جو سڄو جس توکي ئي ملڻ گهرجي! اسان کي 1904ع ۾ پهرين ڪڪي ڄائي ۽ 1905ع ۾ ئي مون کي اوڀر آفريڪا ۾ ڌرم پرچار لاءِ وڃڻو پيو. مون توکان اوڏانهن وڃڻ جي موڪل گهري ۽ چيو مانءِ ته ”اسان جا ابا ڏاڏا سولجر هوندا هئا، جي پنهنجو گهڻو وقت گهر کان ٻاهر گهاريندا هئا.“ تنهنجو موڪل سان مان ولايت ويس. منهنجي غير حاضريءَ ۾ تو سنتوش ۾ رهي، شاسترن جو اڀياس پئي ڪيو. اڃا اتان موٽئي ٻه سال ئي ڪين گذريا هئا، ته سرڪار منهنجي خلاف پهريون ڪيس گهڙيو. انهيءَ وقت ڌاري اسان کي ٻي ڪڪي ساوتري ڄائي منهنجا سڀ ناتا ٽٽي ويا. لاهور جي ماڻهن سرڪار جي ڊپ کان اسان سان ملڻ جلڻ به نه ٿي چاهيو. اها ٻي وڏي مصيبت هئي، جا تنهنجي مٿان اچي ڪڙڪي! جڏهن مان تنهنجو انهن مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي، صبر ۽ شانتيءَ سان مرڪندي منهن ڏيڻ جو ويچار ڪندو آهيان، تڏهن عجب ۾ پئجي ، تنهنجي ساراهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو آهيان. مون کان ٽن سالن لاءِ صلح سانت ۾ رهڻ لاءِ ضامن جي طلب ڪئي ويئي. مون ته جيل ۾ وڃڻ ٿي چاهيو، پر ڪن آريه سماجي ڀائرن جي زور ڀرڻ تي، جي پاڻ وڃي زمانت ڏيئي آيا، مون ائين نه ڪيو. مون کي ضامنن جي ڳڻتي به ڳارڻ لڳي. هڪ دفعي وري، تنهنڪري مون ٽن سالن لاءِ ولايت وڃڻ جو ويچار ڪيو. اها هڪ ٻي پريکيا هئي، جا توکي پار اڪارڻي پيئي. ورهين جا ورهيه اڪيلو رهي، پنهنجي ٻن ننڍڙين ڪڪين جي پالنا ڪرڻ ۽ پر گهور لهڻ، اهو اهڙو ته اوکو ڪاريه آهي، جنهن لاءِ لاثاني همت ۽ بي نظير قرباني درڪار آهي. پر ٻٽيهن ڏندن مان تو ٻڙڪ نه ٻاهر نه ڪڍي! خوشيءَ سان مونکي ولايت وڃڻ ڏنئي. پهرئين دفعي مان آفريڪا ۽ انگلينڊ ويو هوس ۽ هن دفعي آمريڪا. 1913ع جي آخر ۾ جڏهن مان موٽيس، تڏهن موهن لعل روڊ لاهور تي فارميسي کوليم. صرف چوڏهن مهينن کان پوءِ ٻي آفت تنهنجي مٿان آئي. غدر پارٽيءَ جا ڪي ميمبر لاهور ۾ اچڻ لڳا. تنهنجي مرضيءَ تنهنجي مرضي اصل ڪانه هئي ته ڪو به انهن مان اسان جي گهر اچي. تنهن هوندي به، تو ناراضپو اصل ظاهر ڪونه ڪيو. هڪ دفعي جڏهن تو ويٺي پچايو ۽ مون ويٺي کاڌو، تڏهن مٺي پاٻوهه سان تو مون کان پڇيو ته ”ڇو اڄ اهڙا غمگين پيا لڳو؟ توهان جي دل تي ڪهڙو بار آهي؟ توهين اڄ ڳالهايو به نٿا؟“ تڏهن مون وراڻيو، ”هي شايد پچاڙيءَ جي ماني آهي، جا تنهنجي هٿن جي مان کائي رهيو آهيان.....“ مون کي پوري پڪ ته ڪانه هئي، پر ان وقت جي راجنيتي حالتن مان، مان اهو ڊپ محسوس ڪرڻ لڳس. جلدي ٻه ٽي پوليس عملدار، ٽانگي ۾ آيا ۽ اچي مون کي چيائون ته ”توهان اسان سان گڏجي هلو. ڀلي ٻارن ٻچن کان موڪلائي اچو. توهان تي وڏيون ۽ نازڪ تهمتون آهن.“ مان مٿي آيس. توکان موڪلائي منتظر ۽ نينهن ڀريل نيڻن سان ٻارن ڏانهن نهاري، پوليس جي پهري هيٺ، مان هليو ويس. ان کان ٿورو وقت اڳ اسان کي ٽين ڪڪي سشيلا به ڄائي هئي. ويچارن ابهم ٻارن کي ڪهڙي سڌ ته سندن قسمت ۾ ڇا آهي...؟ هنن کي ڪهڙي خبر ته ننڍڙيءَ ٽهيءَ ۾ ئي، سندن پيءُ کانئن کسيو ٿو وڃي.....؟ انهيءَ کان وڌيڪ ڪا به ڪٺن پريکشا، تولاءِ نٿي ٿي سگهي. ڪيس وارن اٺن ڏهن مهينن ۾، جيڪي سور ۽ سختيون توکي ڏسڻا پيا، تن جو ورنن ته ڇا، پر ويچار ڪرڻ به، هن وقت ناشدني آهي! ڪيئن نه اڪيلي، پر سشيلا گود ۾ کڻي، جيل جي ٻاهران، پنهنجي جيون ساٿيءَ، پر هاڻي قيديءَ سان ملاقات واسطي، هر هفتي اچي جيل جي ٻاهران، ويچاري ٿي بيهندي هئينءَ ٻه چار منٽ ڏٺي نه ڏٺي جهڙا، ڳالهائي نه ڳالهائي جهڙا، ترسي، نماڻا نيڻ کڻي، پٺيان نهاري نهاري واپس ويندي هئينءَ ! پياري، مان هن وقت تنهنجا مڙيل ڦٽ اکيڙڻ نٿو چاهيان. انهن ٿورن ڏينهن ۾ عام پبلڪ ڪهڙو نه هراسجي ويئي هئي! هڪ يا ٻه شخص مس هئا، جن توسان ڪا همدردي ڏيکاري! تو مون سان موت جي فتويٰ ملڻ کان پوءِ به ملاقات ڪئي. ايشور کي ئي سڌ آهي، ته تو منهنجي ڦاسيءَ جي سزا کي بدلائڻ لاءِ ڪيئن نه زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو! مون کي پورن وشواس آهي، ته انهيءَ تنهنجي ڀڳتيءَ ۽ آراڌنا ئي مون کي ڦاسيءَ کان بچائي ورتو. مون کي پورا 5 سال ڪاري پاڻيءَ جي ڪاراگر ۾ ڪاٽڻا پيا. جيڪڏهن اتي ڪا به ياد مون کي ستائيندي هئي، ته اها هئي، تنهنجي دکن ۽ دردن جي! تون ڪيئن ٽن ٻارن کي پاليندي هوندينءَ؟ اهو خيال وقت به وقت منهنجي من کي اچي منجهائيندو هو. تون پنهنجي اباڻي گهر وڃي سک جو سمو گذاري سگهين ها. پر اهو ٿيو مون کي وساري ڇڏڻ. ليڪن تو پنهنجي سک جو ڪو به خيال نه ڪري، لاهور جي هڪ گندي ڀانڊي ۾ رهڻ سويڪار ڪيو ۽ مون کي نه ڀلايو.....! جيل ۾ مون کي پنهنجي ڪا به ڳڻتي يا ڳارو ڪونه هو. اتي 10 _ 12 ڪلاڪ ته مون کي اڪيلائيءَ ۾ ڪوٺيءَ ۾ بند گذرندو هو پر تون ئي سچ پچ دکي هئينءَ ڇاڪاڻ ته توکي رڳو پنهنجو پيٽ پالڻو ڪونه هو، پر ٽن بکايل ننڍڙن ٻچن جي به چنتا ڪرڻي هئي ۽ اهو به تڏهن، جڏهن سرڪار اسان جو سڀ ڪجهه ضبط ڪري ڇڏيو هو. نه رڳو ايترو پر سرڪار رڌڻ جا برتن ۽ هنڌ بسترا به نيلام ڪري ڇڏيا. مان ههڙين حالتن ۾، تنهنجي دکن سورن جو اندازو تنهنجي خطن مان ئي لڳائي ٿي سگهيس. تو مون کي لکيو هو ته تو اڳوڻو گهر ڇڏي، ٽي چار رپين مسواڙ تي، هڪ ڀانڊو وٺي، اتي وڃي رهي آهين. جڏهن سرڪاري حڪم هيٺ، تنهنجو سڀ مال کنيو ٿي ويو، تڏهن ٻارن کي سياري جي سخت سيءَ کان بچائڻ لاءِ هڪ سَوَ ڙِ پاڙيوارن جي گهر اڇلائي هئي. اهو ڏسي پاڙيواري کي ديا ته ڪانه آئي، پر اٽلندو توکي ڌمڪائي چيائين ته ”مائي، ڇا ٿي ڪرين؟ تون اسان کي به (مڙس وانگر) ڦاسيءَ جي تختي تي لٽڪارائيندينءَ ڇا؟“ تڏهن تنهنجي من جي ڪهڙي نه دکدائڪ ۽ دياجنڪ حالت ٿي هوندي! تو ڪيئن نه محسوس ڪيو هوندو، ته دک ۾ دوست به دور هٽي ٿا وڃن. انهن ڪشٽن هوندي به تون لاهور رهي پئينءَ انهيءَ لاءِ ته منهنجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪري سگهين. تون مهاتما گانڌيءَ وٽ به لنگهي وئينءَ، جنهن سي _ ايف_ ائنڊريوز سان ذڪر ڇيڙيو. مسٽر ائنڊريوز لاهور ۾ تو وٽ آيو ۽ اچي تنهنجي رهڻ جي جڳهه ڏٺائين ۽ مون وٽان آيل خط پڙهيائين. هن پوءِ مون بابت ٽربيون، لاهور ۾ ڪي ليک لکيا. پوليس انهن ليکن کان انڊمان جي اختيار وارن کي واقف ڪيو. نتيجو اهو نڪتو، جو اتي پوءِ مون بک هڙتال ڪري، پنهنجو انت آڻڻ ٿي چاهيو ٻه مهينا لڳاتار کاڌي بنان ائين پيو هوندو هوس جڏهن مسٽر ائنڊريوز جي وچ ۾ پوڻ تي مون کي آزاد ڪيو ويو. تو اهي پنج سال ڪيئن گذاريا، تنهن جي مون کي ڪا به خبر ڪانهي. تو وٽ پائي به ڪانه هئي. تون بي گهر ۽ بي وس هئينءَ. تو وٽ نه هو مال نه ملڪيت! تنهنجي دانهن هئي ته اسان جي گهڻن مٽن مائٽن توکي انهيءَ لاءِ ڀلائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته منهنجي موٽڻ جي ڪابه اميد ڪانه هئي. مون کي خبر آهي ته جڏهن مان لاهور ۾ انڊمان موٽيس، تڏهن تون وڇووالي آريه ڪنيا پاٺشالا ۾ 20 رپين پگهار تي ماستري ڪري رهي هئينءَ. مون کي تڏهن خبر پيئي ته اسان جي وڏي ڪڪي سوم توکي رئندو ۽ رڙندو ڇڏي، پرلوڪ پڌاري هئي. ٻي ڪڪي ساوتر هاڻي وڏي ٿي هئي، پر ڏاڍو ڪمزور هئي. ڀلا غريبيءَ ۽ ڪشٽ جي سمي، هوءَ ڪيئن ٿي تندرست ۽ مضبوط ٿي سگهي جيتوڻيڪ اسان هن لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيو، تنهن هوندي به افسوس، جو هوءَ ويچاري رمندي رهي! لاهور جهڙي شهر ۾ رڳو، 15 رپين تي رهڻ مسخري ڪانهي، توکي پرماتما ڪا عجيب همت ۽ لاثاني سهنشيلتا پردان ڪري ڇڏي هئي، جنهن ڪري تو هي دک سک سڀ مٺا ڪري ٿي ڀوڳيا. منهنجي ڇٽڻ کان پوءِ به ڏهه مهينا تو ماستري ڪئي. ماستري ڪندي به، تو گهر جي هر هڪ ڪاريه کي بخوبيءَ ٿي نباهيو. تو جنڊ ٿي پيٺو، ڪپڙا ٿي ڌوتا، کاڌو ٿي پچايو....! پر هاڻي مان تو وٽ هوس، تنهنڪري تنهنجو سخت پورهيو به توکي سرڳ سمان ڀاسجڻ لڳو. ماڻهو مون کان اڪثر پڇندا آهن ته تو ايترو ڌن ڪٿان آندو، جو پنهنجي لاءِ پنهنجو گهر جوڙائي سگهينءَ؟ تڏهن مان کلي کين چوندو هوس، ته جنهن گهر ۾ تو جهڙي هوشيار مئنيجر آهي. اتي ناڻي جي کوٽ ٿيڻي ئي ڪانهي! هڪ هڪ پائي جيڪا بچائي وڃي ٿي سا، ناڻو ٿي ٺاهي! مون ولائت ۾ هزارين رپيا سفر تي اڏايا، پر گهر ۾، تو نوڪر جي ضرورت به محسوس ڪرڻ نه ڏني. جڏهن توکي پنهنجو گهر رهڻ لاءِ ميسر ٿي مليو. تڏهن تون وري گايون مينهون پالڻ لڳينءَ! پوءِ نه رڳو توکي کاڌو رڌڻو پوندو هو ۽ ٻارن جي پر گهور لهڻي پوندي هوئي پر ڍورن کي ڏارو ۽ گاهه به ڏيندي هئينءَ، کير به ڏهندي هئينءَ! ۽ ڏڌ ولوڙي مکڻ به تون ڪڍندي هئينءَ، ڇا انهيءَ کان وڌيڪ به ڪا ٻي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، تو ۾ انهيءَ سڄي ڪم کي منهن ڏيڻ جي ڪافي سگهه هئي. ان کان اڳ جڏهن اسان جي گهر ۾ گانءِ يا مينهن ڪانه هئي، تڏهن تون خرچو هلائي، پنهنجن هٿن سان ايترو ته سٽ ڪتيندي هئينءَ جيئن گهر جي سڀني ڀاتين کي کڌر ميسر ٿي سگهي. ڇٽڻ کان پوءِ ٻارهن ورهين تائين مون هڪ به اهڙي خميس ڪانه پاتي، جا تنهنجي هٿن سان ڪتيل ڌاڳي مان ٺهيل نه هجي! نه رڳو ايترو پر مون اهڙو هڪ به ڪپڙو نه پاتو، جو تنهنجي هٿ جو سبيل نه هجي!! تنهن کان سواءِ ڪڏهن به مونکي ڌوٻي رکڻ جي ضرورت نه محسوس ٿي، جو منهنجا کڻي ڪپڙا ڌوئي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪاريه به تون گهر جي اندر ڪندي هئينءَ!! مون تو ۾ آدرش پتني ۽ آدرش ماتا جو سروپ ڏٺو! اهو منهنجو وشواس آهي ته اهڙي قسم جي زال، جا اهڙو اتم آدرش پنهنجي اڳيان ٿي رکي. سا نه رڳو پاڻ سکي ٿي گذاري، پر سڄي گهر کي سک مئي سرڳ بنائي ٿي ڇڏي. ڪاري پاڻيءَ مان موٽڻ کان پوءِ، هڪ ٻي ڪڪي به اسان کي ڄائي. اسهڪار (قطع تعلقات) جي زماني ۾ مان ڌرم وير کي ڏٺو. هن کي مون گود جو پٽ ڪرڻ ٿي چاهيو. تنهنجي سويڪر تي وٺڻ کان پوءِ مون سندس پتا لالاڪاشي رام سان انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڇيڙيو. هن به پنهنجي قبوليت ڏني. پوءِ ڌرم وير کي تو گهر ۾ سڳي پٽ کان به وڌيڪ رکيو. ٻن سالن کان پوءِ، ايشور جي ڪرپا سان توکي پنهنجو پٽ به ڄائو. هاڻي مون توکي چيو ته ”جيئن ته منهنجو ذات پات جي ڀيد ڀاوَ ۾ ڪو به وشواس ڪونهي، تنهنڪري ڌرم وير اسان جي پٽ جي حيثيت ۾ ئي رهي. جيتوڻيڪ مائٽيءَ ۾ به ته ٿورڙو ئي تفاوت آهي.“ هن ڀيري به تو منهنجي رٿ بحال ڪئي. مان ڌرم وير ۽ سشيلا جو تهدل شڪر گذار آهيان، جي تنهنجي شرڌا ۽ پريم سان، ههڙيءَ لنبيءَ بيماريءَ ۾ به، شيوا ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو ته هو رڳو پنهنجو فرض پالي رهيا آهن. مان آهيان، هميشه تنهنجو پريمي ڀائي پرمانند. طلعت ڪرم علي مرزا منهنجي ڊائري زندگي ڇا آهي؟ جڏهن انسان جو جنم ٿيندو آهي ته ان سان گڏ ان جي موت جو ڏينهن به مقرر ٿيندو آهي. سڀني کي انهيءَ رستي ڏانهن وڃڻو آهي. ڪي اڄ ته ڪي وري سڀاڻ! جيڪو ٿانءُ ٺهيو آهي، اهو اوس پچندو! اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. انسان جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ رشتا جڙندا آهن. مرڻ وقت پهرين رشتن جي ڏور ٽٽندي آهي. ائين ڇو آهي؟ مرڻ وارا مري ويندا آهن. ليڪن پويا ٻين کي به ماري ويندا آهن. ان ڳالهه جو احساس مون کي تمام گهڻو آهي ته جڏهن ڪو پنهنجو مري ٿو ته رشتا به ان سان گڏ ئي مري ٿا وڃن. پر جيڪو هينئر ڊسمبر ۾ سونامي وارو سانحو ٿيو، اهو حادثو ڏاڍو جيءُ جهوريندڙ هو. ڪيترائي ماڻهو بي گهر لاوارث ٿي ويا! اهو سوچڻ جو مقام آهي ته اهي انسان جيڪي اتي سيٽ هئا ۽ پنهنجي زندگي گذاري رهيا هئا، جڏهن انهن جو سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ته انهن جي دلين جو ڇا عالم هوندو! ۽ ان وقت لهرن ۾ لڙهندڙ اهي ٻار جيڪي ڪڏهن پنهنجن مائرن جي هنجن ۾ سمهندا هئا، هينئر اهي ڪهڙي پيا زندگي گذارين؟ بلڪ ٻين جي امداد لاءِ منتظر آهن! ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي! اک ڇنڀ ۾ ئي ڪيتريون جانيون ضايع ٿي ويون! ڪيترا گهر برباد ٿي ويا! بلڪ اتي جي زمين جو نقشو ئي ڦري ويو. وري الائي ڪڏهن اهي ماڻهو آباد ٿيندا ۽ ڪڏهن اهي ٻار سک جو ساهه کڻي سگهندا. جهوپڙي ڪڏهن به جڏهن آءٌ جهوپڙيون ڏسندي آهيان ته مون کي الائي ڇو ائين لڳندو آهي ته جيڪي جهوپڙين ۾ رهن ٿا انهن جي زندگي ڪيڏي نه پر سڪون هوندي آهي. ان جهوپڙي ۾ مرد عورتون ٻار سڀ هوندا آهن. انهن جو کائڻ پيئڻ سڀ ڪجهه انهيءَ جي اندر هوندو آهي. هي ماڻهو ميدانن ۾ اچي جهوپڙيون هڻندا آهن آس پاس ڪچري جو ڍير هوندو آهي ليڪن جهوپڙي اندران صاف سٿري هوندي آهي. انهن جا ٿانوَ جست جا جن کي مٽي هڻي ڌوئي رکنديون آهن ۽ شام جو جڏهن ان جهوپڙيءَ ۾ لالٽين ٻرندو آهي ته اهو منظر مون کي الاهي وڻندو آهي. ان ڏيئي جي لاٽ هوا ۾ ڦڙڪندي آهي ليڪن وسامندي ڪونه آهي. سردي گرمي جهڙ مينهن ۾ هي ماڻهوئي جهوپڙين ۾ هوندا آهن. ڪاش آءٌ به ڪنهن جهوپڙي ۾ هجان ها. ڪچي جاءِ مٽيءَ جون جايون ڪيڏيون نه خوبصورت هونديون آهن. ڪچيون جايون ۽ ڳوٺ چؤطرف ٻنيون هجن. آس پاس ڪا ننڍي نم هجي، جڏهن مينهن وسندو آهي ته ڪچين جاين مان سونڌي سونڌي خوشبو ايندي آهي. جيڪا روح تائين محسوس ٿيندي آهي. مون کي اهي گهر تمام گهڻو وڻندا آهن. خيال تنهنجي خيال کي خوبصورت تاج محل سمجهي مون چانڊوڪي راتين ۾ توکي پيار ڪيو. صورت تنهنجي ڏاڍي سٺي آهي محبت تنهنجي يار مٺي آهي تنهنجون يادون سنڀالي رکيم دل ۾ تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي اڃا سيني ۾ ڪجهه دم آهي ۽ اکڙيون راهه نهارين ٿيون. تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا نه ڪي دم ٿو وڃي نه ڪي غم ٿو وڃي. نسرين طاهر وفائي صحت ڪم جون ڳالهيون ليمي جو رس پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان سيني جو ساڙو ختم ٿي ويندو آهي. ليمو گرم ڪري کنڊ ملائي چوسڻ سان هانءُ ڪچو ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي. ماکيءَ جي مک ڏنگ هڻي ته ڏاڍي تڪليف ۽ ساڙو ٿيندو آهي. ان لاءِ بصر ڪٽي ڏنگ واري جاءِ تي زور ڏئي جهليو. سور به ختم ٿي ويندو ۽ زهر به بي اثر ٿي ويندو. فوم يا اسفنج جو هڪ ساف سٿرو ٽڪرو هر وقت فريزر ۾ رکو. جڏهن به ڪو ڌڪ لڳي يا رهڙ اچي وڃي يا وري ڌڪ لڳڻ جي ڪري سوڄ ٿي پئي ته اسفنج کي ان جاءِ تي لڳايو. تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ سوڄ به ختم ٿي ويندي. جسم جو ڪو به حصو سڙي پئي ته تازو پٽاٽو ڪٽي ان جو ٽڪرو ساڙيل جاءِ تي لڳايو. ساڙو به نه ٿيندو ۽ ڦلوڪڻو به نه ٿيندو. بيڪنگ پائوڊر ٿورڙو پاڻيءَ ۾ ملائي، پيسٽ ٺاهي. سڙيل جاءِ تي ملم وانگر هڻجي ۽ پوءِ صاف ڪپڙي جي پٽي ٻڌي ڇڏجي ته تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ ڦلوڪڻو به نه ٿيندو. خالص ماکيءَ ۽ زيتون جو تيل ملائي هلڪو گرم ڪري، سنڌن جي سور واري جاءِ تي هلڪي هلڪي مالش ڪجي ۽ پوءِ ان تي ڪپڙو ٻڌي ڇڏجي ته سور ۾ تڪڙو آرام ملندو. وارن ڌوئڻ لاءِ گرمين ۾ ٿڌو پاڻي ۽ سردين ۾ هلڪو گرم پاڻي استعمال ڪيو. تيز گرم پاڻيءَ سان وار ڌوئڻ سان مٿي ۾ خشڪي پيدا ٿيندي آهي. وهنجڻ کان پهرين جيڪڏهن وارن کي تيل هڻي چڱي طرح ڦڻي ڏجي ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته مٿي ۾ ڄميل مير ۽ خشڪي ڌوپجي صاف ٿي ويندي ۽ ٻيو ته وارن جون پاڙون به مضبوط ٿينديون ۽ وار نرم ۽ چمڪدار به ٿي پوندا. خوشبو دار بازاري تيل جي بجاءِ سرنهن ۽ ناريل جو خالص تيل استعمال ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. ڪجهه ماڻهن کي سيءُ وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن روزانو سائي چانهه (Green Tea ) ۾ ماکي ملائي پيئن ته انهن کي سيءُ گهٽ ٿيندو. ڏندن کي چمڪائڻ لاءِ مٺي سوڍا ٽوٿ برش تي هڻي ان جي مٿان پيسٽ رکي، پوءِ برش ڪجي ته ڏند چمڪي پوندا. ليمي جون کلون سڪائي ساڙي، انهن جي خاڪ ۾ لوڻ ملائي منجن وانگر ڏندن تي هڻجي ته ڏند چمڪي پوندا ۽ مهارون به مظبوط ٿينديون. مٿي ۾ خشڪي يا سنهيون ڦرڙيون هجن ته مينديءَ جي پاڻيءَ سان مٿو ڌوئڻ سان فائدو ٿيندو. ناريل جا پن پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، ان پاڻيءَ سان گرڙيون ڪجن ته مهارون مظبوط ٿينديون ۽ ڏندن جو سور ۾ به فائدو ٿيندو. ڪجهه ماڻهن کي گرمين جي مند ۾ نڪهير (نڪ مان رت وهڻ) ايندي آهي. اهڙن ماڻهن کي مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهڻ گهرجي ۽ رت جا ٻه ٽي ڦڙا نڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير ساهه روڪڻ گهرجي. بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن. جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو. آتم ڪهاڻي آخري قسط منهنجي يادن جو خزانو ڊاڪٽر سنجيده مغل 1994ع ۾ منهنجي خوشيءَ جي ڪا حد ڪونه رهي. جڏهن خبر پئي ته منهنجو هڪ پيارو ڀاڻج مسرور جوڻيجو جي لنڊن ۾ پوسٽنگ ٿي آهي. هو ته لنڊن ۾ اسان جي گهر کان صرف اڌ ڪلاڪ جي مفاصلي تي رهندا هئا. سندس ٻه ٻار اوساما ۽ سني مون کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. هو اڪثر ڪري ڇنڇر يا آچر تي منهنجي گهر ايندا هئا. ڪڏهن اسان انهن وٽ هلي ويندا هئا سين ۽ ٻارڙن سان ويهي رانديون به ڪندا هئاسين. مسرور به مون کي پنهنجي ماءُ جيترو پيار ڪندو هو. ڇهه، ست مهينا ته سٺا گذريا، ان کان پوءِ مسرور جي زال ڊاڪٽر شبانا جوڻيجو کي Nothingham جتي لنڊن کان وڃڻ ۾ ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، اتان جي اسپتال ۾ نوڪري ملي. وري به ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن اچڻ وڃڻ رهندو هو. ڪڏهن ته اسان به اتي هلي ويندا هئاسين. پر گهڻو ڪري مسرور ڇنڇر جي ڏينهن Nothingham هليو ويندو هو ۽ آچر جي ڏينهن لنڊن واپس ايندو هو. هڪ آچر جيڪو Mothers day هو مسرور Nothingham ويل هو ۽ اسان پنهنجي دوستن سان ملڻ ويا هئاسين. اتي اسان کي ڪافي دير ٿي وئي هئي. دير سان شام جو گهر پهتاسين ته مسرور جو فون آيو مون کي چيائين ته هو Nothingham مان واپس آيا هئا ۽ سندس وڏو پٽ اوساما مون سان ملڻ لاءِ زور پيو ڀري. مون به کيس چيو ته مون کي انهن سان ملڻ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿيندي ۽ کين چيم ته ”ڀلي هليا اچو.“ دل ۾ سوچيندي رهيس ته ايترو پري کان ٿڪجي آيا آهن. گهر ويا آهن، وري هتي پيا اچن ۽ صبح جو سندس پٽ کي اسڪول به وڃڻو هو. شابس هجين جو مون وٽ اچن پيا. هو آيا، مسرور مون کي مٿي تي چمي ڏني. سندس پٽ اوساما جي هٿ ۾ هڪ پارسل ۽ ڪارڊ هو. ان اهو ڪارڊ سوڌو پارسل منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ مون کي چمي ڏئي چيائين ته Happy Mothers day مون به کيس ڳلي لڳائي چمي ڏئي Thank you چيو. هونءَ ته مونکي سٺو ڪونه لڳندو آهي ته ڪير مون کي سوکڙيون ڏئي ۽ مون تي پئسا خرچ ڪري. پر ان وقت منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. اهي خوشيءَ جا ڳوڙها هئا. مسرور جي چوڻ مطابق سندس ماءُ زنده ڪونه هئي ۽ هو مون کي ماءُ وانگر سمجهي رهيو هو. هن ملڪ ۾ Mothers day تي ٻار ماءُ کي خاص طور سان سوکڙيون، مٺايون، ڪارڊ وغيره ڏيندا آهن ۽ مائرن سان خاص طريقي سان پيار جو اظهار ڪندا آهن ۽ انهن جو خاص خيال رکندا آهن. ساڳئي طريقي سان مسرور، مقبول جي به عزت ڪندو هو ۽ کيس به Fathers day تي سوکڙيون، ڪارڊ، گهڻي پيار مان ڏئي ويندا هئا. مسرور وارن جي لنڊن ۾ اچڻ ۽ سندن جو اسان سان ايترو گهڻو پيار ڪرڻ جي ڪري اسان جي زندگي بدلجي وئي هئي. اسان جي اڪيلائيءَ جا ڏينهن ختم ٿي چڪا هئا. ڏاڍو خوش هئاسين. مٿان عيد اچي وئي ۽ مسرور جي ننڍي پٽ صدرالدين جنهن کي سڀ پيار ۾ ”سني“ Sunny چوندا آهيون. ان جي سالگره به هئي. اسان سڀ Nothingham وياسين. عيد به گڏجي ڪئيسين ”سنيءَ“ جي سالگره به ملهائيسين. ڏاڍو مزو آيو، ان کان پوءِ اسان پنهنجي دوستن سان ملڻ لاءِ اسڪاٽلينڊ طرف هليا وياسين. اتي به دوستن سان گڏ گهڻو گهميا سين ڦرياسين. پوءِ واپس لنڊن گهر آياسين. مسرور وارن سان ۽ دوستن سان ملي گهمي ڦري لنڊن پهتي اڃا اسان کي هفتو مس ٿيو هو ته هڪ ڏينهن مقبول جيئن رات جو سمهي صبح جو ننڊ مان اٿيو ته هڪ پاسي جي ڪمزوري محسوس ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ٿوري ٿوري ياداشت به وڃڻ لڳس. سندس مغز جي تمام ننڍي نس ڦاٽڻ جي ڪري کيس اڌ رنگو ٿي پيو هو. آءٌ ڏاڍي پريشان ٿي ويس، ڄڻ ته منهنجي مٿان پهاڙ ڪري پيو هو. آءٌ ته پهرين کان هلڻ کان مجبور هئس. اهوئي ته منهنجو سهارو هو. همت کان ڪم ورتم. پهرئين ڏينهن ته ڪنهن کي به ڪونه ٻڌايم. آءٌ پاڻ ٽئڪسي ڪري دماغ جي خاص بيمارين واري ڊاڪٽر وٽ مقبول کي وٺي ويس. ان ڊاڪٽر وٽ پهچي مون کيس چيو ته ٻه بيمار ماڻهو هڪ ٻئي جي سهاري تي آيا آهيون، جنهن تي هن مون کي جواب ڏنو ته زال مڙس ان لاءِ ئي ته هوندا آهن. ته ڏک سک ۾ هڪ ٻئي کي سهارو ڏين. هن جا لفظ هئا: This is husband and wife are for هن ڊاڪٽر مقبول کي ڏٺو. ٻڌايائين ته سندس دل تي ڪوبه اثر ڪونه هو ۽ اميد ڏيکاريائين ته هو گهڻو ڪري ٺيڪ ٿي ويندو. پر وقت لڳندو. منهنجي به الله سائينءَ ۾ اميد هئي. دعائون گهرندي رهيس. گهر اچي مسرور کي فون ڪيم. اهو به ڀڄندو آيو، ٻئي ڏينهن تي آفيس مان موڪل به ڪيائين ۽ اسان کي پنهنجي ڪار ۾ وڌيڪ ٽيسٽن ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو. کاڌي پيتي جي خريداري وغيره ۾ مدد به ڪندو رهيو. ان کان پوءِ پنهنجي مائٽ ڊاڪٽر اشفاق انصاريءَ کي فون ڪيم. هو اسان جي گهر کان تمام گهڻو پري رهندا آهن ۽ کين اسان جي گهر تائين اچڻ ۾ ڪلاڪ ٻه لڳي ويندا آهن. اهي به مطلب ته سندس زال، ڊاڪٽر شاهين ۽ ٻار انيل ۽ عديل سڀ ڀڄندا آيا. پر پوءِ به روزانو پنهنجي هاسٽل جو ڪم ختم ڪري، سڌو اسان وٽ ايندا هئا. اچي مقبول جو بلڊپريشر ۽ بلڊ گلوڪوز وغيره ڏسندا هئا. مقبول جي يادگيريءَ تي به اثر ٿيو هو. منهنجي منع ڪرڻ جي باوجود به ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان ڳالهه جو مون کي ڊپ لڳندو هو ته يادگيري نه هجڻ جي ڪري گهر جو رستو ڀلجي وڃي يا ڪنهن غلط جڳهه تان رستو ڪراس ڪري ۽ ڪنهن حادثي جو شڪار نه ٿي وڃي. منهنجي منع ڪرڻ تي هو ڏاڍو چڙندو هو. آءٌ ڏاڍي پريشان ٿي وئي هئس. اها ڳالهه مون ڊاڪٽر اشفاق کي ٻڌائي ۽ ان مقبول کي سختيءَ سان منع ڪئي ۽ ان سان گڏ اهو به چيائينس ته هاڻي مان تنهنجو ڊاڪٽر آهيان، مائٽ ڪونه آهيان. جيئن چوانءِ تيئن ڪرڻو پوندءِ. ان کيس ٻاهر اڪيلي وڃڻ کان منع ڪئي ۽ مقبول کي به ڳالهه سمجهه ۾ ائي. ان کان پوءِ جيڪو به مقبول کي پڇڻ ايندو هو. ان کي منٿ ڪندي هئس ته مقبول سان ساڻ وڃو ته هو ٿورو ٻاهران پنڌ ڪري اچي. آءٌ ته پاڻ هلڻ جهڙي ڪونه هوندي هئس جو گڏ وڃي سگهان. ان کان پوءِ منهنجي ڀائٽيءَ ڊاڪٽرفرح انصاريءَ جي مڙس، ڊاڪٽر سهيل انصاريءَ کي خبر پئي، ان ڊاڪٽر فرح کي مقبول جو ٻڌايو به ڪونه جو هوءَ ان وقت ڊيوٽِيءَ تي اسپتال ۾ هئي پاڻ سڌو Ipswrtch مان اسان وٽ پهچي ويو. هو به ڪافي پري رهندا هئا. اسان وٽ اچڻ تائين ٻه ڪلاڪ لڳي ويندا هئن. انهيءَ به ڏاڍي مدد ڪئي. مقبول کي ٻاهر وٺي ويو. شاپنگ به ڪرائي آيس. ان کان پوءِ اسان کي زور ڀريائين ته اسان سندن وٽ وڃي رهون، جيئن هو مقبول جو بلڊ پريشر وغيره ڏسندا رهن. ان کان پوءِ ڊاڪٽر فرح کي به خبر پئي اها به آئي ۽ اسان کي چيائين ته اسان سندن وٽ وڃي رهون. پر اهو سوچي ته بيمار ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر ۾ وڌيڪ آرام ملي سگهندو. اسان سهيل ۽ فرح وارن وٽ ڪونه وياسين. ان کان پوءِ پاڙي ۾ رهيل ادا علي اڪبر ميمڻ کي به خبرپئي. ان به وسان ڪونه گهٽايو، اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي. مقبول Stroke کان پوءِ ڏاڍو بدلجي ويو هو. ڪاوڙ به حد کان وڌيڪ ٿي وئي هئس. الله سائينءَ کان سندس صحت لاءِ دعائون گهرڻ لڳس ۽ هو آهستي آهستي ٺيڪ ٿيڻ لڳو. اڃان ٺيڪ ٿي ئي رهيو هو ۽ سال کن به مشڪل سان گذريو ته کيس پيٽ ۾ سخت سور پيو ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو. معلوم ٿيو ته کيس ”پتي“ ۾ پٿري هئي، جنهن جو آپريشن ڪرائڻ ضروري هو. مون کي ڊپ به ڏاڍو پئي لڳو. هڪ ته مقبول کي مٺا پيشاب ۽ هاءِ بلڊ پريشر هو. ان ڪري مقبول به آپريشن ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مون اها ڳالهه پنهنجي ڀاڻج جي زال ڊاڪٽر شبانا سان ڪئي، جنهن کي اسان سڀ پيار مان روبي چوندا آهيون. ان جا امتحان به هلي رهيا هئا، جنهن جي ڪري هوءَ هڪ ڏاڍي مصروف هئي، پر ان جي باوجود به مون کي چيائين ته آپريشن جي تاريخ جي خبر پوي ته آءٌ کيس ٻڌايان، جيئن هوءَ منهنجي مدد ڪري سگهي. آپريشن جي تاريخ مقرر ٿي ته مون کيس اطلاع ڏنو، پر مون کيس چيو ته هوءَ پاڻ کي امتحان ۾ Distrub نه ڪري. آءٌ پاڻ الله سائينءَ جي مدد سان منهن ڏئي وٺندس. پر هن منهنجي ڳالهه نه مڃي ۽ پاڻ موڪل ڪيائين ۽ مون سان گڏ اسپتال ۾ ويٺي هوندي هئي. مسرور به ڏينهن ۾ ٻه ٽي پيرا ايندو رهيو ۽ منجهند جي لاءِ کاڌو به کڻي ايندو هو. جڏهن ته هن ملڪ ۾ اسپتالن ۾ کاڌو به ملندو آهي. مقبول کي به ڏاڍي تسلي ٿي. ايتري قدر ته آپريشن لاءِ وڃڻ کان پهرين روبيءَ جو هٿ پڪڙيائين ۽ اڌ هوش ۽ اڌ بيهوشيءَ جي حالت ۾ چيائين ته ”روبي، سنجيده جي پارت هجئي.“ ان وقت ته منهنجو هيڪاري هانءُ ڦاٽڻ لڳو. روبيءَ ۽ مسرور وارن رات جو به مون کي پنهنجي گهر وڃڻ کان روڪيو ۽ پنهنجي گهرن ۾ وڃي رهايائون. هن ملڪ ۾ رات جو مريض وٽ اسپتال ۾ رهڻ ڪونه ڏيندا آهن. آپريشن کان پوءِ به روبي سڄو وقت، مقبول کي جيڪا بلڊپريشر جي ڏسڻ لاءِ مشين لڳائي وئي هئي، ان تي اک وجهو ويٺي هئي ته جيئن بلڊپريشر نه وڌي ۽ وري ٻيهر Stroke نه ٿئي. اهڙيءَ طرح سان ان منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي. کيس مون ۽ مقبول تمام گهڻيون دعائون به ڏنيون ۽ الله سائينءَ جي فضل سان هوءَ پنهنجي امتحان ۾ پاس به ٿي وئي. هن ملڪ ۾ ڪير به ڪنهن جو مذاق ڪونه ڪندو آهي. بلڪ ڪافي ماڻهو هر وقت ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌندا آهن. جيڪو انهن وٽ وڌيڪ وقت هوندو آهي ان وقت ۾ رضاڪارانه ڪم ڪندا آهن. آءٌ به جڏهن ٻاهر ڪٿي باغن وغيره ۾ ويندي آهيان ته ڪيترا انگريز مون سان ۽ مقبول سان اچي ڪچهريون ڪندا آهن. ۽ اسان کي کلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن اسان جي دل وندري. مقبول خير سان ٺيڪ ٿي واپس گهر آيو ۽ پوءِ مسرور هميشه وانگر کاڌي پيتي جي شين وغيره ۾ مدد ڪندو رهيو ۽ سندس ٻار اسان جي دل به وندرائيندا رهيا. مسرور، فرح، روبي ۽ سندس ٻار لنڊن ۾ ٽي سال رهيا. شايد الله سائينءَ انهن کي اسان جي مدد لاءِ موڪليو هو. ٽن سالن کان پوءِ هو هتان هليا ويا. اسان انهن جي ڪمي ڏاڍي محسوس ڪري رهيا آهيون. اڪثرڇنڇر ۽ آچر تي منهنجو ڌيان ڇڪجي ويندو آهي ته هو ته هاڻي لنڊن ۾ ڪونه آهن ۽ پوءِ کين دعائون ڏيندي آهيان ته جتي به هجن خوش رهن. مقبول به هاڻي الله سائينءَ جي فضل سان ڪافي ٺيڪ ٿي ويو آهي ۽ وقت سٺوگذري رهيو آهي. لنڊن ۾ سڪون واري زندگي گذري رهي آهي. جيڪو 1967ع وارو پهرين لکي چڪي آهيان. لنڊن جي ڪيترن حصن ۾ ڪوبه انگريز نظر ڪونه ايندو آهي. سڀ دڪان ايشين انڊين ۽ پاڪستانين جا آهن. نوڪريءَ جو طور طريقو اهو انگريزن وارو ڪونه آهي. پهرين ته کير واري جي لاءِ پيسا به دروازي جي ٻاهران ڇڏي ويندا هئاسين. گهرن کي ڪلف به لڳائڻا ڪونه پوندا هئا. اڄ ٽي ٽي تالا لڳائڻا ٿا پون. انگريز تمام گهٽ آهن، باقي ٻاهر کان آيل ماڻهو جام آهن. اونهاري ۾ ڪن ڪن هنڌن تي مون ڪجهه ماڻهن جي شڪايت يا برائي ڪئي آهي. جڏهن ته ڪوشش ڪئي ٿم ته انهن جا نالا ۽ انهن جي قوميت جو ذڪر نه ڪيان. منهنجو اهو مطلب هر گز نه آهي ته ڪنهن جون دليون ڏکويان، پر مون پنهنجي زندگيءَ جو تجربو بيان ڪيو آهي. ساوڪ ۽ گل گلڪاري جام آهي. آءٌ به پنهنجي ويل چيئر کڻي ٻاهر باغن وغيره ۾ گهمڻ نڪري ويندي آهيان. دڪانن وارا ته پاڻ ئي wheel chair ڏيندا آهن، ان ڪري آءٌ ۽ مون جهڙا ٻيا به ماڻهو اچي خريداري پاڻ ڪندا آهن. پهرين مون کي ٿورو خراب به لڳندو هو، پر هاڻي ته خراب به ڪونه لڳيم. اها منهنجي زندگي آهي. هاڻي هري وئي آهيان. مون کان بدتر حالت ۾ به ماڻهو ويچارا خريداري ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. Knew garden جيڪو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. اتي به اڪثر هليا ويندا آهيون. مون کي اتان جي ٽڪيٽ به وٺڻي ڪونه پوندي آهي ۽ هو پنهنجي طرفان مون کي Wheel chair به ڏيندا آهن.اها هتان جي گورنمينٽ جي طرفان مون جهڙن ماڻهن، جيڪي هلي نه سگهندا آهن. انهن لاءِ انتظام ڪيو آهي. هن ملڪ ۾ ڪير به ڪنهن جو مذاق ڪونه ڪندو آهي. بلڪ ڪافي ماڻهو هر وقت وڌيڪ ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌندا آهن. جيڪو انهن وٽ وڌيڪ وقت هوندو آهي ان وقت ۾ رضاڪارانه ڪم ڪندا آهن. آءٌ به جڏهن ٻاهر ڪٿي باغن وغيره ۾ ويندي آهيان ته ڪيترا انگريز مون سان ۽ مقبول سان اچي ڪچهريون ڪندا آهن. ۽ اسان کي کلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن اسان جي دل وندري. ڪيترا ڀيرا مدد ڪرڻ جي به آڇ ڪندا آهن. مقبول مون کي اڪثر ڪٿي نه ڪٿي گهمائڻ لاءِ ويل چيئر ۾ وٺي ويندو آهي. حالانڪ منهنجي به دل چوندي آهي ته ڪٿي وڃي ڪو به رضاڪارانه ڪم ڪيان. پر پاڻ ٻاهر ڪونه ٿي وڃي سگهان جو ڪنهن جي مدد ڪيان، پر ڪنهن کي ڪو به مسئلو هوندو آهي ته مون سان صلاح مشورو ڪندا آهن. ۽ انهن جي مدد ۽ همت افزائي ڪندي آهيان. خراب صحت جي باوجود به مون همت ڪونه هاري آهي. پاڻ کي ڪافي مضبوط سمجهندي آهيان. شايد اهو ان ڪري جو منهنجو هر وقت الله سائينءَ ۾ ڀروسو هوندو آهي. پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن جي نصيحت جي مطابق ته پاڻ کي ڏکيو سمجهو ته پاڻ کان ڏکين کي ڏسو ته پاڻهي مطمئن ٿي ويندؤ. ان نصيحت تي به عمل ڪندي آهيان. پوءِ پاڻ کي ڏاڍو خوش نصيب سمجهندي آهيان پنهنجي عهدي ۽ تعليم لاءِ سوچيندي آهيان ته ايتري پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيو. سڀ ڪجهه ته هڪ رات ۾ هليو ويو ۽ هاڻي ته گهر ۾ خاموش زندگي گذاري رهي آهيان جا سواءِ پڙهڻ جي به گذاري سگهان ها. پر پوءِ پاڻ کي پاڻ ئي سمجهائيندي آهيان ته آءٌ ڪيترو نه غلط سوچي رهي هئس. اها ڳالهه ائين ڪونه آهي. علم نه چور ڦري ۽ نه وري باهه ساڙي، ايتري علم پرائڻ جي ڪري مون کي تمام گهڻو اعتماد اچي ويو آهي. دنيا جي تمام گهڻن پڙهيل ۽ انهن مان ڪيترن نوبل انعام کٽندڙن سان به گڏ ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪري آءٌ ڪنهن سان به مختلف موضوعن تي ڳالهائي ٻولهائي بحث مباحثي ۾ حصو وٺي پئي سگهيس. Pathology سان گڏ ٻين ميڊيڪل جي شاخن جي به ڪافي معلومات هجڻ جي ڪري پنهنجي مقبول جي ۽ ٻين دوستن وغيره جي علاج لاءِ صحيح طرح سان سمجهي ۽ سوال جواب ڪري پئي سگهيس. ان مان به اسان کي ۽ اسان جي دوستن وغيره کي ڪافي فائدو ملندو رهندو آهي. انهن کي به صلاحون ۽ مشورا ڏيندي رهندي آهيان. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي ڪري ٻيا موضوع به ڏکيا ڪونه لڳن ۽ سوچڻ سمجهڻ ۾ خود ئي اضافو اچي ويو آهي. دماغ کلي ويو آهي. انهن ڳالهين جي ڪري پنهنجا، پنهنجي مڙس ۽ دوستن جا ڪيترا مسئلا حل ڪري سگهندي آهيان. مقبول بيمار ٿيندو تڏهن به ويل چيئر تي وڃي ڪري ڊاڪٽرن ۽ Consultents سان بحث مباحثو ڪري، پوِءِ ان جو صحيح علاج ڪرائي سگهندي آهيان. جيڪو علم حاصل ڪرڻ کان سواءِ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونه ٿئي ها. دوستن کي به ڪو مسئلو هوندو آهي، چاهي اهو ذاتي به هوندو اٿن ته هميشه مون سان صلاح ڪندا آهن ۽ آءٌ انهن جي مدد ڪري خوش ٿيندي آهيان. ميڊيڪل جي شاگردن کي سٺي نموني پڙهايو اٿم ۽ اڄ هزار نه ته سون جي تعداد ۾ منهنجا شاگرد ڊاڪٽر آهن. جيڪي ڪيترن مريضن کي مرض مان ڇوٽڪارو ڏئي رهيا آهن. ڪيترن ڊاڪٽرن کي به Ultra structural pathology ۾ ٽريننگ ڏني اٿم، جيڪي سٺي طريقي سان ڪيترن مشڪل ۽ Complicated بيمارين جي صحيح سڃاڻپ ڪري رهيا آهن. ڪئنسر تي ريسرچ جي بنياد تي ڪيترن بيمارين جي ڪئنسر جي شروعات ۾ علاج ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪيتريون جانيون بچي رهيون آهن. منهنجي ريسرچ جي پيپرن ڇپجڻ جي ڪيترن دنيا جي ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل جي شاگردن کي ڪافي معلومات حاصل ٿي چڪي آهي. ڪيترن بيمارين جي سڃاڻپ جي لاءِ ڪيتريون ٽيڪنڪس به ايجاد ڪيون اٿم. جيڪي اسپتالن ۾ استعمال ٿي رهيون آهن ۽ بيمارين جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. منهنجا اڻڇپيل ڪتاب، ريسرچ پيپر جيڪي ڪويت ۽ عراق جي جنگ ۾ چوري ٿي ويا، اهي به ڪنهن پنهنجي نالي تي ڇپايا هوندا، جن مان به شاگردن ۽ ڊاڪٽرن کي فائدو ملندو هوندو. Research and teaching به جنهن کنيا هوندا، انهن کي انهن مان ڪافي معلومات ملي هوندي ۽ پاڻ پڙهائڻ ۽ ريسرچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا، جيڪا به وري انسان کي ئي ڪم ايندي. انسانن کي ئي فائدو ملندو. آخر ۾ آءٌ ان نتيجي تي پهتي آهيان ته جيڪا به محنت ڪيم ۽ علم حاصل ڪيم، اهو اجايو ڪونه ويو اڃان تائين به هتان جي لائبريرين ۾ وڃي مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙهندي آهيان. T.V تي به گهڻو ڪري اهڙي قسم جا پروگرام ڏسندي آهيان، جن مان منهنجي معلومات ۾ اضافو ٿئي. اهڙي طريقي سان آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي مطمئن آهيان ۽ هميشه پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. مون ڪيترين هنڌن تي پنهنجي هن مختصر ڪهاڻي لکندي لکندي مغربي ملڪن جي ماڻهن جي ۽ خاص طور سان انگريزن جي تعريف ڪئي آهي اهو ان ڪري ته انهن ۾ واقعي اهي خوبيون آهن، جيڪو مون کي ٽيهن سالن کان وڌيڪ تجربو آهي. اسان سڀني کي انهن جون سٺيون ڳالهيون سکڻ کپن. ڪن ڪن هنڌن تي مون ڪجهه ماڻهن جي شڪايت يا برائي به ڪئي آهي، جڏهن ته ڪوشش ڪئي اٿم ته انهن جا نالا ۽ انهن جي قوميت جو ذڪر نه ڪيان. منهنجو اهو مطلب هر گز نه آهي ته ڪنهن جون دليون ڏکويان، پر مون پنهنجي زندگيءَ جو تجربو بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن هن دنيا ۾ هر ڪو ايمانداريءَ ۽ انصاف سان هلي ۽ هر ڪنهن کي انهن جي محنت جو اجورو ملي ته ماڻهو خوشِيءَ سان وڌيڪ محنت ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙي طريقي سان ملڪ ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ٿي سگهي ٿي. جيڪر سڀني ماڻهن جي لاءِ دنيا هڪ جنت ٿي پوي. آخر ۾ آءٌ پنهنجي زندگيءَ جو مختصر احوال پنهنجي پياري ڀاڻيجي تنوير جوڻيجو جي چوڻ تي لکيو آهي، جنهن جي لاءِ آءٌ ان جي تمام گهڻي شڪر گذار آهيان. اصل ۾ منهنجو هن ڪتاب لکڻ جو مقصد صرف پنهنجي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي همٿائڻ آهي. ڪڏهن به همت نه هارجي ۽ هميشه ڪوشش ۽ محنت سان اڳيان وڌجي ته ڪاميابي پاڻ ئي حاصل ٿيندي! شگفته شاهه ناول/ قسط 3 ٽڙي پوندا ٽاريئين... جنوريءَ جي اها خوبصورت ۽ ٿڌڙي شام رابيل لاءِ ڄڻ زندگيءَ ۾ هڪ نئين تبديلي کڻي آئي هئي. اڄ الاهي عرصي کان پوءِ هن هلڪو ميڪ اپ ڪري، پنهنجو پسنديده نيوي بلو سوٽ پاتو هو ۽ فيضان جو پروگرام اٽينڊ ڪرڻ لاءِ جيئن ئي گيٽ جي اندر داخل ٿي ته پريان فيضان، جيڪو ڪن مهمانن سان گفتگو ۾ مصروف هو. رابيل کي ڏسي والهانه انداز ۾ هن ڏانهن وڌيو هو هن کي فل سوٽ پاتل هو جنهن ۾ هو تمام هئنڊسم لڳي رهيو هو. هو رابيل کي وٺي پروگرام هال ڏانهن وٺي آيو. رابيل جي ويهڻ بعد هو وري هال کان ٻاهر نڪري ويو. رابيل ڪافي عرصي کان پوءِ ڪنهن اهڙي ميڙ gathering ۾ آئي هئي. هن هال ۾ موجود مهمانن جو جائزو ورتو. سندس نظرون بار بار انهن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڏانهن کڄي ٿي ويون. جن کي Forum جي مختلف عهدن جا بيج لڳل هئا ۽ اهي اسٽيج جي سيٽنگ ۽ ٻين انتظامن ۾ مصروف هئا. سندن چهرا خوبصورت، روشن ۽ پرجوش هئا ۽ پوءِ جڏهن سڀ مهمان اچي ويا ته فيضان ڊائيس تي اچي سڀني کي ڀليڪار چئي ۽ مختصر طور پنهنجي فورم جي غرضن ۽ مقصدن aims and objects تي روشني وڌي. رابيل کيس ڏسندي ئي رهجي وئي. اسٽيج جي مختلف شيڊن جا عڪس سندس شخصيت کي اڃا به گهڻي خوبصورتي بخشي رهيا هئا. سندس آواز، سندس گفتگو ۽ شخصيت رابيل سميت تقريباً سڀني مهمانن کي مسحور ڪري ڇڏيو هو. سڄو هال خاموش هو ۽ نمايان هو. ان کان پوءِ جڏهن ٻين مهمانن اچي سندس فن شخصيت ۽ سماجي ڪمن تي روشني وڌي، تڏهن رابيل کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته هو ڪو عام شخص نه هو......! کيس الاءِ ڇو هن تي وڏو فخر محسوس ٿيو ۽ پوءِ خاص مهمان کان رسالي جي ۽ فورم جي مهورت ڪرائڻ کان پوءِ نوجوان ڪمپيئر ”نسيشا“ نالي ڇوڪريءَ جو نالو ڪال ڪري کيس اسٽيج تي اچي فورم جي ڪارڪردگيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو ته هڪ بيحد سمارٽ ڇوڪري، جنهن جو چهرو انتهائي پر ڪشش هو ۽ ڪلهن تائين ڪٽيل خوبصورت وار هئا. ميرون رنگ جي ساڙهيءَ ۾ انتهائي نفاست سان اسٽيج تي پهتي ۽ پوءِ اسٽيج تي لڳل اسڪرين تي ڪمپيوٽر جي مدد سان انتهائي مهارت ۽ اعتماد سان ڪمپيوٽر آپريٽ ڪندي فورم جي مختلف پروجيڪٽس بابت ڄاڻ ڏيندي رهي. سماجي حوالي سان جڏهن سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۽ ٿر بابت documentary فلمون ڏيکاريون ويون ۽ ٻڌايو ويو ته ڪيئن نه اڄ جي ايڏي ترقي يافته دور ۾ جتي سڄي دنيا هڪ global village ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي به ميسر نه هو! ڏڪار ۽ بک جا ماريل انسان، انسان نه پر ڄڻ فقط هڏن جا پڃرا هئا ته ٻئي پاسي علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري، ڪيئن نه ماڻهو بي وسيءَ جو موت مري رهيا آهن! زندگيءَ جا اهي روپ حقيقت ۾ ڏسي رابيل جا لڱ ڪانڊارجي ويا. ٻيو ته گهڻو ڪجهه هو. عورت سان ٿيندڙ وحشيانه سلوڪ، بي گناهه ڏوهي جن کي جيلن ۾ رهندي سال گذريا.... ۽ گهڻو گهڻو ڪجهه. رابيل اهڙي نموني جو پروگرام پهريون ڀيرو attend ڪيو هو جنهن ۾ فقط تقريرون ۽ لفاظي نه هئي. بلڪ ڪمپيوٽر جي استعمال ۽ جديد Technique وسيلي ٺوس حقيقتون بيان ڪيون ويون هيون. ان بعد سنڌي زبان ۾ فورم پاران رليز ڪيل ڪجهه جديد سازن جي خوبصورت سنگم سان نوجوان فنڪارن جي band پاران شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض جي شاعريءَ کي معياري موسيقيءَ جي شڪل ۾ Cds مان ڪجهه Selected وڊيو گيت ڏيکاريا ويا ته هال ۾ موجود شاگرد طبقي مان ڪيترائي ڇوڪرا پرجوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ رابيل کي ته ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ ڪنهن اونهي ۽ اونداهي کوهه مان نڪري هڪدم روشنيءَ ۾ اچي وئي هجي يا ڪنهن ٽائيم مشين ذريعي ڪنهن نئين دنيا ۾ اچي وئي هجي! ڇا واقعي هوءَ هن گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ورتل سماج ۾ هئي؟ يا زمانو بدلجي چڪو آهي! نه _ نه _ هن سوچيو هي نوجوان ته هڪ نئين منزل جا راهي ضرور آهن، پر محض ڪجهه ذهن روشن ٿيڻ سان صدين جي هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري سماج ۾ تبديلي اچڻ ممڪن آهي ڇا؟ ۽ پوءِ آخر ۾ ”هو جمالو“ تي فورم جا نوجوان ميمبر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسٽيج تي چڙهي آيا ۽ ڇوڪريون اسٽيج جي پوئين پاسي قطار ۾ بيهي تاڙيون وڄائي رهيون هيون ۽ ڇوڪرا فل سوٽن تي ڳچيءَ ۾ اجرڪ پائي ڪجهه انگلش اسٽائيل ۽ ڪجهه سنڌي اسٽائيل ۾ دائري ۾ نچڻ لڳا ته پورو هال به تاڙين سان ٻري ويو ۽ رابيل کي به سچ پچ ڏاڍو مزو آيو ۽ هن چيو: هي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن مان ڪي ڊاڪٽر آهن ڪي انجنيئر، ڪي ڪمپيوٽر جي شعبي سان واسطو رکندڙ، ته وري M.BA’s....... جيستائين اسان جي قوم ۾ اهڙا پر جوش اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجي زبان، ڪلچر ۽ ڌرتيءَ سان محبت رکڻ وارا نوجوان ٿيندا رهندا، تيستائين نه ته اسان جي ٻولي ختم ٿيندي نه ڪلچر بلڪ هي ته انهن کي جديد ميڊيا وسيلي زنده رکندا. انٽرنيٽ وسيلي سموري دنيا جي سنڌين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندا. رابيل جوش ۾ تاڙيون وڄايون ته سندس نظر اسٽيج جي ڀرسان هيٺ بيٺل فيضان تي پئي. جيڪو کيس ئي ڏسي مرڪي رهيو هو ته رابيل به بي اختيار کيس مرڪي ڏٺو ته فيضان جي چهري تي هڪ عجيب خوشيءَ سان ڀرپور احساس ظاهر ٿيو ۽ سندس مرڪ وڌيڪ چٽي ٿي وئي. ان بعد تصويرن جي نماءَ جو افتتاح ٿيو ته سڄو نمائش هال ماڻهن سان ڀرجي ويو. سڀني آرٽسٽن جي فن کي ساراهيو پئي ويو پر رابيل جي منفرد اسٽائيل کي سڀني کان گهڻو پسند ڪيو پئي ويو. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هن کان آٽوگراف وٺڻ لڳا ۽ پوءِ پريس فوٽوگرافرن ۽ رپورٽرن ايڏن سالن بعد رابيل کي ڏسي کيس گهيري ورتو ۽ ڪئمرا جي چمڪاٽن ۽ رپورٽرن جي سوالن رابيل کي پريشان ڪري ڇڏيو. کيس گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي. ان ڪري موقعو ملندي ئي هوءَ خاموشيءَ سان هال مان نڪري آئي. ايستائين کيس پري کان فيضان ايندو نظر آيو هن کيس چيو: ”رابيل صاحبه! توهان هن پاسي هلو هاڻي refreshment شروع ٿيڻ واري آهي.“ رابيل سندس رهنمائيءَ ۾ رفريشمينٽ هال ۾ آئي ۽ پوءِ عادت مطابق کيس ڪجهه کائڻ نه وڻيو ۽ چانهه پي هن سوچيو ته فيضان کان موڪلائي هوءَ گهر وڃي. پر هو الاهي مهمانن جي وچ ۾ بيٺل هو ۽ انهن سان ڳالهائڻ ۾ مگن هو. هن خاموشيءَ سان هليو وڃڻ مناسب سمجهيو ۽ جڏهن هوءَ گهر پهتي ته ڄڻ سک جو ساهه کنيائين. کيس هاڻي ماڻهن جي ميڙاڪن ۽ تقريبن ۾وڃڻ کان وحشت ٿيندي هئي. هوءَ ته آدم بيزار بنجي چڪي هئي. چئنج ڪرڻ بعد هوءَ ڪمري ۾ آئي. مس ته فون جي گهنٽي وڳي. ”هيلو!“ هن فون جو رسيور کڻندي چيو. ٻئي پاسان فيضان ڳالهائي رهيو هو. ”رابيل صاحبه! هي ڇا؟ توهان ته چانهه به نه پيتي! ۽ بنان ٻڌائڻ جي هليون به ويون!“ ”فيضان صاحب! پليز مائينڊ نه ڪجو.“ رابيل چيو، دراصل مون کي اهڙو ڪو پروگرام اٽينڊ ڪندي عرصو ٿيو.... ان ڪري ايڏي ميڙ ۾ گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي. ان سبب آءٌ هلي آيس.“ ”توهين به ڪمال ٿيون ڪريو!“ فيضان الاءِ ڪهڙي جذبي وچان چيو. ”توهين ايڏي عرصي بعد ڪنهن نماءُ ۾ حصو ورتو آهي. ڪيترائي ماڻهو توهان سان ملڻ چاهين ٿا ۽ ميڊيا جا نمائندا توهان جو انٽر ويو وٺڻ چاهين پيا.“ رابيل: ”مون چيو نه فيضان صاحب، مون کي گهٻراهٽ ٿي ٿئي.“ رابيل کي هينئر به گهٻراهٽ ئي ٿي. ”آءٌ فوڪس ۾ اچڻ نٿي چاهيان... آءٌ هن وقت شايد انهن جي سوالن جا جواب پڻ صحيح نموني ڏئي نه سگهنديس. آءٌ ته ان نماءُ ۾ رڳو توهان جي دل رکڻ لاءِ شريڪ ٿيس نه ته مون کي هاڻي اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ شهرت سان تر جيتري به دلچسپي ڪانهي.“ ”هيءُ نماءُ ته ڪجهه ڏينهن جاري رهندو، پوءِ ڇا توهان ٿورو ٽائيم ڪڍي اچي نه سگهنديون، ته جيئن جيڪي ماڻهو توهان سان ملڻ چاهين ٿا اهي ملي سگهن!“ ”نه!.... مون کي افسوس آهي، پر اها منهنجي مجبوري سمجهو!“ (مايوسيءَ مان) ”ٺيڪ آهي!“ فيضان ٿڌو ساهه ڀريو، ”چڱو ڀلا اهو ٻڌايو ته پروگرام ڪيئن لڳو؟“ ”او..... ها! توهان کي ايڏي سٺي پروگرام ارينج ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿي.“ رابيل هن کي ساراهيو. ”سچ پچ ته مون کي اهو ڏاڍو مختلف ۽ سٺو لڳو.... ۽ اڄ سچ پچ ته مون کي توهان جو قدر پيو ته توهان ڇا آهيو. اسان جي نوجوان طبقي ۾ توهان جهڙا ماڻهو گهٽ ئي هوندا آهن.“ Thank you! منهنجي لاءِ توهان جا Comments بيحد اهم آهن. ترسي چيائين ”رابيل صاحبه! توهان کي هڪ ڳالهه چوان، مائينڊ ته نه ڪنديون؟“ ”جي چئو!“ ”پر..... آخر ڇو؟“ ”منهنجي صاف گوئيءَ تي ناراض نه ٿيون ته پوءِ....؟“ ”نه ٿيندس. توهان چئو.“ ”توهان مون کي سٺيون ٿيون لڳو. آءٌ توهان سان رابطو رکڻ چاهيان ٿو.“ رابيل (کلندي): ”سٺا ته توهان به مونکي لڳندا آهيو، ڇو ته توهان ۾ اهي خوبيون آهن، جيڪي اسان وٽ گهٽ ماڻهن ۾ هونديون آهن. توهان پر اعتماد آهيو، اعليٰ تعليم يافته آهيو ۽ توهان کي ڳالهائڻ جو ڏانءُ پڻ آهي. توهان Telented آهيو ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي تعليم ۽ ذهانت کي positive ڳالهين ۽ activities ۾ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا، منفي سوچن ۽ ڪاروائين ۾ نه.“ فيضان: Thanks again پوءِ فون ڪرڻ جي اجاز آهي؟“ ”ٺيڪ آهي.“ رابيل چيو.“ پر روز نه، ڪڏهن ڪڏهن!“ فيضان: ”O.K _ پنهنجو خيال رکجو!“ ”توهان به....“ رابيل جي زبان مان بي اختيار نڪتو ۽ فون رکڻ بعد سندس چپن تي بي اختيار مرڪ ٽڙي پئي. رابيل کي عرصي کان پوءِ اڄ پنهنجي اندر ڪا خوشگوار تبديلي محسوس ٿي. اڄ هن سڀني سان ڳالهايو، پيرو بابا سان، گلان ۽ شفن جو احوال پڇيو ۽ ڪچن ۾ هنن سان گڏ رات جي مانيءَ جي تياري ڪندي رهي ۽ پوءِ رات جي ماني کائي ماسيءَ جي ڪمري ۾ سوڙ جي اندر ويهي هن ماسيءَ سان الاهي ساريون ڳالهيون ڪيون... ۽ پوءِ رات دير تائين چانهه پيئندي انجواءِ ڪندي رهي، ڇو ته ٻئي ڏينهن موڪل هئي. هن سوچيو ته اڄ هوءَ دير سان سمهندي ۽ صبح جو دير سان اٿندي. هوءَ مستقل اهو سوچي پنهنجي منهن مرڪندي رهي ته فيضان جي ايڏي وڏي پروگرام ۾، جنهن ۾ شهر کان ٻاهران به ڪيتريون ئي اهم شخصيتون آيون هيون.... انهن سان مصروف هجڻ جي باوجود هن نوٽ ڪري ورتو هو ته هوءَ refreshment ڪرڻ بنا ئي گهر هلي آئي هئي... جيتوڻيڪ بظاهر ائين پئي محسوس ٿيو ته هن جو ڌيان مون ڏانهن هو ئي ڪونه! ڪيڏو نه مختلف شخص آهي؟... ڪيڏو پيارو ماڻهو آهي. ****** ائين ڪجهه ڏينهن گذري ويا. رابيل جو موڊ ڪافي بهتر رهڻ لڳو. کيس يونيورسٽيءَ ۾ به مزو اچڻ لڳو ۽ گهر ۾ به هوءَ سڀني سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳي سڀئي گهر وارا سندس ان تبديليءَ تي خوش هئا. تڏهن هڪ شام وري فيضان جي فون آئي هئي ته هوءَ ڏاڍي خوش ٿي هئي. هن کيس چيو: ”فيضان صاحب! نماءُ جي خبر چار ڏيو. ماڻهن جو ريسپانس ڪيئن آهي؟“ فيضان: ”نهايت شاندار _ سڄو سڄو ڏينهن ماڻهو اچن پيا ۽ آرٽسٽن جي ڪم کي ساراهين پيا.“ رابيل: ”اڇا!“ فيضان: ”ڪڏهن ته توهين به فون ڪنديون ڪريو. ڪڏهن پنهنجي آڱرين کي ٿوري تڪليف ڏئي منهنجو نمبربه ڊائل ڪري ڇڏينديون ڪريو.... ڏسو... نه هيءَ ون وي ٽريفڪ سٺي ته ڪانه ٿي لڳي نه!“ رابيل: ”فيضان صاحب! مون توهان سان اهڙو ڪو به واعدو نه ڪيو هو. توهان کي پڻ مون فون ڪرڻ جي اجازت ان لاءِ ڏني ته اها توهان جي خواهش هئي، منهنجي نه.“ ”پر.... توهان ته چيو ته آءٌ به توهان کي سٺو ٿو لڳان!“ جي آءٌ پنهنجن لفظن کان ڦران نٿي پرائين ته اسان کي ڪئي ماڻهو سٺا لڳندا آهن. ڪلاس فيلو، ڪليگس، ليکڪ، فنڪار وغيره ... پوءِ ان جو اهو مطلب ته ڪونهي ته اسين روز ويهي انهن سان فون تي ڳالهايون!“ فيضان: ”نه!... منهنجو مطلب آهي ته.... جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ڪو تعلق طئي ڪري وٺون....“ ”نيٺ آهيو نه مرد!“ رابيل ڳالهه ڪٽيندي ڪاوڙ مان چيو. ”اچي ويا نه اصل ڳالهه تي. اسان جهڙن عورتن جي اهائي ته وڏي ٽرئجڊي آهي ته اڃا هڪ قدم اڳتي مس وڌايون ته مرد ڳجهن جيان لامارا ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي تيار ويٺا هوندا آهن. هر ڪوئي دوستيءَ ۽ محبت جا ڪوڙڪا هڻيو بيٺو هوندو آهي. باقي عزت ڏيڻ لاءِ ڪوبه تيار نه هوندو آهي.“ فيضان: ”رابيل صاحبه! آءٌ اهڙن مردن مان ناهيان. توهان منهنجي ڳالهه جو غلط مطلب ورتو آهي. آخر ايڏيون شڪي ۽ بد گمان ڇو ٿي ويون آهيو، جو توهان مان چڱي ۽ بري انسان جي شناس ئي نڪري وئي آهي. مون توهان کي هڪ ڀيرو اڳ به چيو هو ته زندگيءَ ۾ ڪو سٺو ماڻهو ملي ته ان جي محبت کي نه ٺڪرائجو... مون کي افسوس آهي ته مون توهان جو ايڏو قيمتي وقت برباد ڪيو. بهر حال وري به چوندس، پنهنجو خيال رکجو.“ هن فون بند ڪري ڇڏي ۽ رابيل پريشان ٿي سوچيو: هي مون ڇا چيو؟ هن مون سان ڪهڙي برائي ڪئي هئي؟ نماءُ جي سلسلي ۾ مون کيس ڪيڏو نه تنگ ڪيو هو ۽ بلڪل به تعاون نه ڪيو هو، پر هن منهنجي هر ڳالهه صبر۽ بردباريءَ سان برداشت ڪئي هئي ۽ ڪڏهن به ڪاشڪايت نه ڪيائين... پر اڄ.... مون وري کيس Hurt ڪيو آهي. آخر آءٌ ائين ڇو ٿي وئي آهيان؟ سڀني کي منهنجي وريي مان شڪايت آهي ۽ ان ڪري ئي سڀ ماڻهو ڏينهون ڏينهن وڃن پيا مون کان پري ٿيندا ۽ آءٌ جيئن پوءِ تيئن وڃان پئي پنهنجي ذات ۾ اڪيلي ٿيندي! هوءَ وري اڳي جيان اداس رهڻ لڳي. تڏهن هڪ ڏينهن وري فيضان جي فون آئي هئي، پر هينئر سندس آواز ۾ اڳوڻي زنده دلي نه هئي، بلڪ ٿڪاوٽ ۽ اداسي هئي. هن چيو: ”مون اڄ ان لاءِ فون ڪيو آهي ته اڄ نماءُ جو آخري ڏينهن آهي. ان ڪري اڄ رات جو نماءُ جو ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ هال مان سڀ تصويرون لاهي ڇڏڻيون آهن. توهان اڄ رات جو پنهنجون تصويرون گهرائي وٺجو، ڇو ته مون کي خبر آهي ته توهين پاڻ ته اينديون ئي ڪونه....!“ رابيل: ”مهرباني صاحب! سچ پچ ته مون توهان سان بلڪل به تعاون نه ڪيو. پر تنهن هوندي به توهان قدم قدم تي منهنجو گهڻو خيال رکيو آهي ۽ ڪا به شڪايت ناهي ڪئي.“ فيضان: ”مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهين مون سان لنچ يا ڊنر ڪريو. توهان مون کي ڏينهن ۽ ٽائيم ٻڌايو. آءٌ خود اچي توهان کي گهران پڪ ڪري ويندس.“ رابيل: ”توهان جو ڏوهه ڪونهي. توهان پنجن ڇهن سالن کان پوءِ يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهڻ کان پوءِ وطن وريا آهيو. سو اتي جي اڊوانس ۽ آزاد ماحول کي ڏسڻ کان پوءِ توهان جي سوچ ۾ ته شايد تبديلي آئي هجي. پر هيءَ اسان جي ڌرتي آهي ۽ هن شهر جو ماحول اڃا ايڏو ايڊوانس ۽ آزاد ڪونهي. ٻي ڳالهه ته آءٌ هڪ طلاق يافته عورت آهيان ۽ مون کي هن سوسائٽيءَ ۾ هڪ هڪ قدم ڪيڏو سوچي سمجهي ٿو کڻڻو پوي. اها مون کي ئي خبر آهي. ائين کڻي سمجهو ته هن سماج جي گپ ۾ هلندي سڄي عمر بس پنهنجو دامن ان جي غليظ ڇنڊن کان بچائيندي ئي گذري آهي. ڪو به اسڪينڊل منهنجي پوري زندگي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڇو ته هڪ اڪيلي عورت هن System سان اڪيلي سر وڙهي نٿي سگهي..... سو توهان جي خيال ۾ ان سوسائٽيءَ ۾ آءٌ توهان سان هوٽلن ۾ وڃي لنچ ۽ ڊنر ڪري سگهان ٿي. جتي مون کي آزاديءَ سان ساهه کڻڻ جي به اجازت ناهي.“ فيضان: ”I- am sorry _ مون وري شايد ڪا غلط ڳالهه چئي ڇڏي. بهرحال توهان پنهنجون تصويرون گهرائي وٺجو!“ ”ٺيڪ آهي، مهرباني.“ ۽ رابيل فون رکي ڇڏي. هوءَ مستقل سوچيندي رهي ۽ منجهندي رهي. کيس محسوس ٿيو ته سندس رويي فيضان کي شديد ڏک پهچايو هو ۽ پوءِ جڏهن رات جا اٺ ٿيا ته هن ڪو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ نمائش هال ڏانهن رواني ٿي ۽ پوءِ جڏهن هن هال ۾ قدم رکيو ته ڏٺائين ته سڀ آرٽسٽ پنهنجون پنهنجون تصويرون سنڀالي کڻي وڃي رهيا هئا. جڏهن هوءَ ان پاسي آئي جتي سندس تصويرون هيون ته هن ڏٺو ته فيضان خود پنهنجن هٿن سان هڪ هڪ فريم احتياط سان لاهي هيٺ رکي رهيو هو. سندس پٺ رابيل ڏانهن هئي ۽ کيس خبر ئي نه پئي ته هوءَ ڪيتري دير کان کيس محويت سان ڪم ڪندي ڏسي رهي هئي. پوءِ هن کيس متوجهه ڪرڻ لاءِ هلڪي کنگهڪار ڪئي ته هو ڇرڪ هن ڏانهن مڙيو هو ۽ پوءِ سندس اکين ۾ رابيل کي ڏسي جيڪا خوشي ۽ چمڪ لهي آئي ۽ چهري تي جيڪي تاثر هئا، انهن کي هوءَ ڪو به نالو نه ڏيئي سگهي هئي. بس هڪ بيخودي، هڪ شرمساري هئي، بيچيني، خوشي ۽ الاءِ ڇاڇا! ”رابيل توهين؟“ ”ها!“ هو ٻئي خاموش هئا، آمهون سامهون هئا. هن ڪجهه به نه پئي ڳالهايو پر لمحن ۽ خاموشيءَ ڪا ڪهاڻي پئي ٻڌائي نيٺ رابيل چيو: ”مون کي تمام خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهين پنهنجي پسند تي هڪ تصوير کڻو. اها منهنجي پاران توهان لاءِ گفٽ آهي.“ ”آئون هڪ شرط تي اهو تحفو قبول ڪندس.“ فيضان چيو. ”ها _ چئو؟“ ”سڀاڻي آءٌ توهان کي ڪو گفٽ ڏيان ته پوءِ وٺڻ کا انڪار ته نه ڪنديون؟“ رابيل: ”ٺيڪ آهي، آءٌ انڪار نه ڪنديس.“ ”ٺيڪ آهي ته پوءِ هيءَ هڪ تصوير رکان ٿو.“ فيضان هڪ تصوير ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”توهان جي تقريباً سڀني تصويرن ۾ اداسيءَ ۽ تنهائيءَ جا تاثر آهن. جڏهن ته توهان جهڙن تخليقي ذهن رکندڙ ماڻهن کي ته مايوسي پکيڙڻ بجاءِ ماڻهن کي هڪ نئين اميد ۽ آس ڏيڻ گهرجي.“ رابيل: ”اسين آرٽسٽ ماڻهو بيحد حساس هوندا آهيون. هر ڳالهه کي انتهائي گهرائيءَ سان محسوس ڪندا آهيون ۽ هيءَ سوسائٽي جيڪي Feelings اسان کي ڏيندي آهي. اسين ڪئنوس تي وري کيس اهوئي ڪجهه موٽائي ڏيندا آهيون، سو جيڪي Feelings هن سماج مون کي ڏنيون آهن. انهن جو ئي عڪس منهنجي تصويرن ۾ آهي.“ ۽ پوءِ رابيل تصويرن کڻائي گهر آئي هئي. ان رات دير تائين کيس ننڊ نه آئي. سندس تصور ۾ اهو ئي منظر گهمي رهيو هو ته ڪيئن نه فيضان سندس تصويرون حفاظت سان لاهي رکي رهيو هو. هوءَ سوچڻ لڳي ته آخر سندس زندگيءَ ۾، اها نئين تبديلي ڇو آئي هئي؟ جڏهن کان فيضان سان رابطو ٿيو هو، تڏهن کان هو ڄڻ سندس ذهن تي حاوي ٿي ويو هو. نه چاهيندي به ذهن هر وقت هن بابت ئي سوچيندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس ائين لڳندو هو ته هو کيس فقط هڪ عورت سمجهي هر مرد جيان هن کي لفظن جي سحر ۾ جڪڙڻ ٿو چاهي ۽ ٻئي پاسي دل اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئي، ڇو ته هو هڪ سچو ۽ کرو انسان لڳندو هو. ان ڪري هو هن سان دوکو نٿو ڪري سگهي. اڄ جڏهن هن کيس سندس تصويرون احتياط ۽ پيار سان لاهيندي ڏٺو ته کيس لڳو ته هو سندس تصويرن جي نه، پر سندس نازڪ جذبن جي حفاظت ڪري رهيو هجي! سندس ذهن وري ماضيءَ جي يادن ڏانهن وک وڌائي رهيو هو. شادي کان اڳ سندس اها خواهش هئي ته کيس اهڙو جيون ساٿي ملي جيڪو قدم قدم تي کيس تحفظ ڏئي ۽ سندس ساٿ ڏئي ته جيئن هن جي ڏنل محبت ۽ اعتماد جي ڇانوَ ۾ هلندي فن جي دنيا ۾ اڳتي وڌندي رهي..... جيڪو سندس ڪاميابين تي خوش ٿئي. سندس فن ۽ شخصيت تي فخر ڪري..... پر... آصف ته ان جي بلڪل ابتڙ نڪتو هو.... ۽ سندس شادي شده زندگيءَ جي تلخ دور کان پوءِ هن مايوس ٿي سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو هو. گمناميءَ جي اونهائين ۾ پاڻ کي لڪائڻ چاهيائين.... ۽ ڪنهن حد تائين هوءَ ڪامياب به ٿي وئي هئي پر... هي وري ڪهڙو شخص سندس زندگيءَ ۾ داخل ٿيو هو، جنهن کيس گمناميءَ جي اونهائين مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو آهي. آخر اهو سڀ ڪجهه هو ڇوپيو ڪري....؟ جڏهن کيس گهڻي بيچيني محسوس ٿي ته هن نيٺ اٿي هڪ گوري کاڌي ۽ ٿوري دير بعد خاموش لڙڪ لاڙيندي سمهي پئي. ***** ائين وري ڪجهه مهينا گذري ويا هئا. فيضان ساڻس رابطو نه ڪيو هو، پر سندس ذهن ۾ هر وقت سندس ڳالهيون ۽ ساڻس گڏ گذاريل مختصر وقت جا مختلف منظر ذهن جي اسڪرين تي جلوه گر ٿيندا هئا. ڪڏهن ته کيس ايڏي بيچيني محسوس ٿيندي هئي جو هوءَ نماز پڙهي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي رب کان دعا گهرندي هئي: ”پروردگار! هن شخص کي ڪنهن به نموني مونکان پري ڪري ڇڏ. آءٌ پنهنجي سخت رويي سان کيس ڏک ڏيڻ نٿي چاهيان. ڪو اهڙو رستو پيدا ڪر جو اسان جي وچ ۾ دوري ٿي وڃي، ڇو ته نه ته هاڻي منهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن جي اچڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي تمنا. آءٌ اڳ ۾ ئي الاهي ڏکويل آهيان. ٽٽي پئي آهيان، وري ڪو نئون حادثو، ڏک يا ڪرب ڪٿي مون کي بالڪل ڀورڀور نه ڪري ڇڏي، جو آءٌ وري پاڻ کي سهيڙي نه سگهان. آءٌ هاڻي ٿڪجي پئي آهيان....“ ..... پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪ ته مالڪ جي من ۾ ٻي هوندي آهي. سو قربانيءَ واري عيد جي ٻئي ڏينهن شام جو فيضان جي فون ائي ته خوشيءَ مان کيس سڀ ڪجهه وسري ويو. فيضان چيو: ”سوچيم ته توهان کي عيد جي مبارڪ باد ڏيان. توهان مان ايتري اميد به ڪانهي ته فون ڪري، عيد جي مبار ئي ڏيو. ڪڏهن ته توهان به پنهنجي آڱرين کي ٿوري تڪليف ڏيندا ڪريو، گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي تنها شخص کي ڪجهه لمحن جي خوشي ئي ملي پوندي.“ هلندڙ شگفته جبين صليب تي ٽنگيل حياتي شام جي پڇاڙڪن لمحن کي سياري جي سرد هوائن ويتر وڌيڪ اداس بڻائي ڇڏيو هو. هر شيءِ اداسيءَ جي گهري ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هئي. سڄي فارم هائوس ۾ موت جهڙي ماٺار هئي. سڪون ته ڪٿي به ميسر ناهي.... هر جاءِ تي ساڳي اوپرائپ ۽ اڪيلائپ هوندي آهي. شهر جو هل هنگامو هجي يا هي ويران فارم هائوس. من اندر کان وٺي سنسار جي آخري سرحد تائين دک، پيڙا بيوسي، بي سڪونيءَ جو گهرو احساس انهيءَ کان سواءِ زندگي ۾ ٻيو رکيو به ڇا آهي..... صدين تي ٻڌل وقت لمحو لمحو ٿي گذرندو ٿو رهي. موسمون پنهنجو جوڀن مٽائينديون ٿيون رهن. ليڪن درد جي موسم ساڳي ڇو ٿي رهي. وقت جي ڪابه ساعت هن درد جي ڪيفيت کي مٽائي ڇو نٿي سگهي. هاڻي ته ورهيه وهامي ويا آهن. انهيءَ درد جي موسم ۾ گهاريندي...... جڏهن انسان جي اندر ۾ شڪ جو نانگ ڪر کڻي بيهندو آهي. تڏهن من ۾ سمايل سموريون محبتون هميشه لاءِ جلاوطن بڻجي وينديون آهن. ڪڏهن به واپس نه ورڻ لاءِ.... پر ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ تڪڙ ۾ ڪيل فيصلا انسان کي رڻ ۾ رلائي ڇڏيندا آهن. مان به ته پنهنجي ڪيل فيصلي هٿان درد جي گهاٽي جهنگ ۾ هميشه لاءِ ڀٽڪندو رهيو آهيان. ورهين پڄاڻان قسمت مون تي ڪيڏو نه مهربان ٿي هئي. ڪنهن شيءِ جي زندگيءَ ۾ ڪمي نه هئي. سٺي پوسٽ، سرڪار طرفان مليل بنگلو، گاڏي.... زندگي جي هر آسائش ميسر هئي. پرهه جي ساٿ سان زندگيءَ جا سمورا پل ڪيڏا نه حسين بڻجي ويا هئا... مون پرهه سان پيار شاديءَ کان پوءِ ڪيو ۽ بي انتها ڪيو، مائٽ مٽ ايڏي پيار کي ڏسي اڪثر کلندا ۽ ٽوڪون ڪندا هئا. ٻنهي کي وري ڪهڙي لوڪ جي پرواهه هئي. گهڻو ڪري ماڻهو سمجهندا هئا ته منهنجي ۽ پرهه جي پسند جي شادي آهي جڏهن ته مون شاديءَ کان پهرئين پرهه کي ڏٺو به نه هو..... مون پرهه کي بي انتها چاهيو، روح جي گهراين سان هن کي پيار ڪيو هو. اسان ٻئي پنهنجي زندگيءَ مان تمام گهڻو خوش هئاسين. هر لحاظ سان هڪ مڪمل زندگي گذاري رهيا هئاسين.... نڄاڻ ڪيئن اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو، جنهن سان من جي آڳر تي هن جي محبت جا سمورا مهڪيل گلاب هڪ پل ۾ ڪومائجي ويا هئا. مان خيالن جي واچوڙن ۾ وڪوڙجي ويس. ان ڏينهن آفيس ۾ اهم ميٽنگ هئي. مان جلدي ۾ پنهنجا اهم ڪاغذ پٽ بريف ڪيس ۾ بند ڪري آفيس هليو ويس. اتي وڃي خبر پيم ته اهم اسائنمنٽ ته مان گهر وساري آيو هيس. جنهن کي ميٽنگ ۾ ڊسڪس ڪرڻو هو. سو مان گهر وڃي پهتس مان هوريان هوريان بيڊروم ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته ڪٿي پرهه جي ننڊ خراب نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته هن جي عادت هئي ته هوءَ مون کي نيرن پنهنجي هٿن سان تيار ڪري ڏيندي هئي ۽ منهنجي آفيس وڃڻ کان پوءِ ٻيهر بستري تي ليٽي پوندي هئي. ليڪن بيڊروم مان ايندڙ آواز مون کي پريشان ڪري ڇڏيو... ڪير ٿي سگهي ٿو..... آواز ته صرف پرهه جو اچي رهيو آهي. مان خاموش قدمن سان دروازي جي اوٽ ۾ ٿي ويس. جتان آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. پرهه جي مون ڏانهن پٺ هئي. انهيءَ ڪري هوءَ مون کي نه ٿي ڏسي سگهي. پرهه ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهي هئي. گهڙي کن لاءِ مون کي تجسس ٿيو. هو چئي رهي هئي ته، ”پليز طارق! سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، مان مجبور آهيان. هاڻي منهنجي وس ۾ ڪجهه به ناهي. مون کي هميشه ان ڳالهه جو ڏک رهندو ته جيڪو واعدو توسان ڪيو هيم، تنهن کي پورو ڪري نه سگهيس.“ اڳتي ڪجهه ٻڌڻ جي مون ۾ همت ئي نه رهي هئي. غم ۽ غصي ۾ منهنجو سمورو جسم ڏڪي رهو هو. مون اڳتي وڌي رسيور کي هن جي هٿن مان ڦري ڪريڊل تي رکي ڇڏيو. هن حيران پريشان ٿيندي مون ڏانهن ڏسي چيو.... ”آڪاش! ڇا ڳالهه آهي؟“ ”خبردار جو هڪ لفظ به ٻيو ڳالهايو اٿئي.“ مون تيز آواز ۾ چيو. ”ليڪن آڪاش مون ڪيو ڇا آهي. ڪجهه خبر ته پوي.“ ”بڪواس بند ڪر، دوکيباز عورت تنهنجي اصليت مون تي اڄ کلي پئي آهي.“ ۽ هڪ زوردار ٿڦڙ سندس ڳل تي وهائي ڪڍيم... هوءَ ان پل ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي پئي هئي. ۽ ٻئي پل اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. هن روئيندي روئيندي بي وسيءَ سان ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو. هن جي اکين ۾ درد جو درياهه اٿلي پيو هو. هن سڏڪندي چيو، ”پهرئين منهنجي ڳالهه ته ٻڌ.... پليز آڪاش منهنجي ڳالهه ته ٻڌ....“ ”مان وضاحتن جو قائل نه آهيان. مان صرف اهو ٿو ڄاڻان ته تو منهنجي يقين کي، منهنجي اعتبار کي ٽوڙيو آهي. تون هر گز انهيءَ قابل ناهين جو توسان زندگي گذاري سگهجي. تو مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. انهيءَ ويساهه گهاتيءَ جي توکي سڄي زندگي قيمت ادا ڪرڻي پوندي! مان ڪنهن به صورت ۾ توسان زندگي گذاري نٿو سگهان تون.... تون منهنجي نظرن کان ٽري وڃ. مون توکي طلاق ڏني... طلاق ڏني ...طلاق ڏني... ۽ هڪ سٽ سان هن جي رشتي کي پنهنجي پاڻ کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيم. هوءَ حيرت ۽ ڏک گاڏڙ ڪيفيت ۾ مون ڏانهن نهاريندي رهي. مان زور سان دروازي کي ڌڪو ڏئي ٻاهر نڪري ويس. ان پل مان ڪيڏو نه سنگدل بڻجي پيو هوس. ان ڏينهن سياري جي سرد هوائن سبب روڊ ۽ رستن تي ويراني ڇانيل هئي، گهر منهنجي واپسي رات جو دير سان ٿي. سڄي گهر ۾ مڪمل ويراني واسيل هئي. چوڪيدار جي ٻڌائڻ تي خبر پيم ته... هوءَ نما شام جي پڇاڙڪن لمحن ۾ هميشه لاءِ منهنجو گهر ڇڏي هلي وئي... هن وٽ ترسڻ لاءِ ڪهڙو ڪارڻ باقي رهيو هو. جو هوءَ ترسي ها. تن تي پاتل ڪپڙن کان سواءِ هوءَ پاڻ سان گڏ ڪجهه به نه کڻي وئي. ان رات هڪ لمحي لاءِ به مان سمهي نه سگهيو هيس. مون ائين ٿي ڀانيو ڄڻ هڪ وڏي طوفان ۾ سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو هجي. ڪجهه به ته باقي نه بچيو هو. ليڪن منهنجي اندر ۾ هن لاءِ نفرت جو زهر جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿي رهيو. مان سڀ ڪجهه وسارڻ جي ڪوشش ۾ ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمندو رهيس. هوريان هوريان وقت جي دز ۾ سڀ ڪجهه لٽجي ويو. ليڪن من اندر ڪو پراسرار غم هميشه لاءِ پنهنجي جڳهه والاري ويو.... مون عاشيءَ سان شادي پنهنجي گهر کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئي. هن گهر کي ته آباد ڪيو، پر منهنجي من کي ڪڏهن به آباد نه ڪري سگهي. بس هڪ ٺاهه هيٺ هن سان زندگي پئي گذاريم، ڇاڪاڻ ته هاڻي مان ٽن پيارن پيارن ٻارن جو پيءُ بڻجي چڪو هيس. زندگي عام رواجي گذري رهي هئي ته اوچتو هڪ ڏينهن آفيس ۾ ضروري فائيل پئي چيڪ ڪيم ته اچانڪ ٻاهران گوڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. بيل وڄائي پٽيوالي کان گوڙ جو سبب پڇيم. تنهن تي هن چيو... ”سائين! هڪ عورت توهان سان ملڻ جو ضد پئي ڪري، مون ته گهڻو ئي سمجهايو مانس ته صاحب مصروف آهي، پر هوءَ سمجهي ئي نٿي. ”ڪم ڪهڙو اٿس؟“ مون بيزاريءَ مان پڇيو. ”سائين الائجي ڪهڙو ڪم اٿس. شايد ڪا ضرورت مند ٿي ڏسجي.“ دروازو کليل ڏسي هوءَ اندر گهڙي آئي. برقعي جا ٻئي نقاب هيٺ هيس، انڪري مان چهرو ته ڏسي نه سگهيس. ليڪن حليو ڏاڍو خراب هيس. لڳو ٿي ته ڄڻ ڪا ڊگهي مسافري ڪري هتي پهتي هجي. ”ها.... مائي ٻڌاءِ ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ هن پٽيوالي ڏانهن اشارو ڪيو. مان سمجهي ويس. هن ان جي سامهون ڪجهه چوڻ نٿي چاهيو. مون پٽيوالي کي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو. ڪمري ۾ هڪ چڀندڙ خاموشي ڇانئجي وئي. ”آڪاش! مان پرهه آهيان.“ هن نقاب مٿي ڪندي چيو. ”ڇا...؟“ مون کان رڙ نڪري وئي. سالن کان پوءِ هن کي ڏٺو هيم. ڪيڏو نه بدلجي وئي هئي. ڪوماڻيل چهرو زرد ڳل، اکيون ڏرا ڏنل نه.....نه اها پرهه نٿي ٿي سگهي. هن جي حالت کي ڏسندي اندر ئي اندر ڀُري پيو هيس. ”ها.... مان... پرهه آهيان، جنهن کي تو بنا ڏوهه جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو هو. آڪاش منهنجي بدنصيبي ته ڏس تنهنجي لڳايل الزام کان پوءِ ته مون کي پنهنجن به نه قبوليو. شايد انهن جي نظرن ۾ به مان گنهگار بڻجي وئي هيس. ”ڄاڻان ٿي ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪجهه به باقي نه رهيو آهي. ليڪن آڪاش جنهن گناهه جي سزا ۾ مون زندگي گذاري آهي. اهو گناهه ته مون ڪڏهن ڪيو ئي نه هو! مون ته بنان ڏوهه جي سزا ڪاٽي آهي. بنا گناهه جي ٻرندڙ ٽانڊن تي سفر ڪيو اٿم. تون ڇا ڄاڻين انهيءَ درد کي جيڪو پل پل مون ڀوڳيو آهي..... آڪاش تو ته سڀ الزام منهنجي کاتي ۾ وجهي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو!“ هن بي وسيءَ مان روئيندي چيو. ”آڪاش مان پنهنجو اهو ڏوهه بخشرائڻ لاءِ آئي آهيان، جنهن جي تصور سان منهنجو روح ڏڪي ٿو وڃي.... آڪاش..... نيلم ۽ طارق هڪٻئي کي بيحد پسند ڪندا هئا. نيلم منهنجي گهري ساهيڙي هئي. طارق ۽ نيلم جي انهيءَ راز کان صرف مان ئي واقف هيس. هو منهنجي ذريعي هڪ ٻئي ڏانهن پيغام موڪليندا رهندا هئا. منهنجي شاديءَ کان پوءِ انهن جو اهو سلسلو ختم ٿي ويو. تڏهن طارق پريشان ٿي مون ڏانهن فون ڪيو ۽ اتفاق سان اها گفتگو تو ٻڌي ورتي. جنهن مون کي هميشه لاءِ تنهنجي نظرن ۾ گناهگار بڻائي ڇڏيو ۽ مان بي گناهه هوندي به گناهگار بڻجي ويس.“ هن جي چيل لفظن کان پوءِ ائين پئي ڀانيم ته ڄڻ زمين ڦاٽي پوندي ۽ مان ان ۾ سمائجي ويندس. هيءُ مون ڇا ڪري وڌو... مان چاهيندي به هن سان نظرون ملائي نه سگهيس. ”آڪاش! مون ڪڏهن به توکي دوکو نه ڏنو هو ۽ نه وري تنهنجي ڀرم کي ڀوريو هيم. مون ڪڏهن به ويساه گهاتي نه ڪئي هئي. افسوس تون مون کي سمجهي نه سگهيئن...“ هن روئيندي روئيندي چيو. ڪيڏي نه سچائي هئي هن جي لفظن ۾... هن جي اکين جا سمورا لڙڪ منهنجي من ۾ چڀندا ٿي ويا. ”پرهه.... ڄاڻان ٿو ته منهنجو گناهه معافيءَ لائق ناهي. ليڪن ٿي سگهي ته مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ.“ گهڙي پل لاءِ اسان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ ٻئي لمحي هوءَ بنان ڪجهه چوڻ جي ڪمري مان نڪري ٻاهر هلي وئي ۽ مون کي پل پل جو ڀڇتاءُ ڏئي وئي. هن ته خاموشيءَ سان منهنجو شهر ڇڏي، سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پناهه ڳولي ورتي، ليڪن مان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي من ۾ پڇتاءَ جو گهرو احساس کڻي ڀٽڪندو رهيو آهيان... ۽ شايد سڄي حياتي ڀٽڪندو رهندس...!! * گوڏا کوڙي مرڻ کان پيرن ڀر بيهي مرڻ بهتر آهي. (البر ڪامئو) * زندگيءَ جي سڄي اهميت ۽ سڄي عظمت ان مقصد سان آهي. جيترو اوچو ۽ اعليٰ مقصد زندگيءَ جو قائم ٿئي ٿو. اوتري ئي اوچي ۽ اعليٰ اها زندگي سڏجي ٿي. (محمد ابراهيم جويو) * مزو انعام ۾ نه آهي، جيڪو اسان حاصل ڪريون ٿا، پر مزو ان ڊوڙ ۾ آهي جيڪا اسين ڊوڙون ٿا. * زندگيءَ جا ڪيترائي آرام ۽ نالي ماتر آسائشون انسان جي عروج ۾ مثبت رنڊڪون آهن. (هينري ڊيوڊ ٿارو) هما آيس سوڀ امان مٺڙي! هوءَ منهنجي خوابن ۾ سمايل آهي. هن بنان جيون رڃ بڻجي ويندو! هوءَ جنهن جي دل جي هر ڌڙڪن ۾ مان ڌڙڪان ٿو. سا مون کان سواءِ ڪيئن جي سگهندي؟“ ارباز ماءُ جي پيرن تي مٿو رکندي چيو. ”پٽ! تون صحيح ٿو چوين، پر توکي خبر آهي ته هن جو پيءُ وڏو دولتمند ماڻهو آهي. ٻيو ته نينا جو مڱڻو به ٿيل آهي. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته ڀلا اهو ڪيئن ٿي سهگندو!“ ماڻهس ڏک مان چيو. ”امان هوءَ مون سان ڪورٽ ميرج ڪرڻ لاءِ راضي آهي. هوءَ اڄ اچي ها. پر مون کيس چيو ته امان سان آخري ڀيرو ڳالهائي ڏسان، متان هوءَ ڪو مسئلي جو حل ڪڍي وجهي.“ ”پٽ! توئي ته چيو هو ته هن جي پيءُ تنهنجي بي عزتي ڪري توکي پنهنجي گهر مان تڙي ڪڍيو هو ۽ هن ٻه ٽي دفعا توکي لاڪاپ ۾ به وجهرايو هو. پوءِ به هن ڇوڪريءَ جي پچر نه ٿو ڇڏين. ڏس پٽ! پاڻ عزت وارا ماڻهو آهيون. اهي ڪورٽن جا چڪر اسان کي زيب ڏيندا؟ ۽ ها توکي خبر آهي ته هن شهر جا ماڻهو مون کي عزت جي نگاهه سان ڏسند آهن. تنهن ڪري آءٌ نه چاهينديس ته ڪنهن نياڻيءَ کي ڪورٽ ۾ آڻي، سماج جي اڳيان ڏٺو ڪريان. هڪ استاد جي حيثيت ۾ مان نياڻين کي علم جي واٽ ڏيکاريان ٿي ۽ سندن اخلاقي تربيت ڪريان ٿي. ”نينان سٺي ڇوڪري آهي تون کيس سمجهاءِ ته ضد تان لهي وڃي. تنهنجي ماسات به ته تنهنجي انتظار ۾ ويٺي آهي. مان اديءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان. تون مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. هاڻي تون آرام ڪر.“ پٽ جي ڳلن تي ٿڦڪي ڏيندي ماڻس اٿندي چيو ۽ پرس کڻي ٻاهر وئي. شهر ۾ هن جي نظر اوچتو باسط تي پئي. کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ سندس دل بيهي وئي هجي. بيخوديءَ ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳي ۽ جڏهن باسط کيس ڏٺو ته ڊوڙندو اچي سندس ڀر ۾ بيٺو. ”دلشاد ... تون....“ دلشاد سندس آواز ٻڌي جهڙوڪ ڇرڪ ڀريو... پر وري زوريءَ مرڪ چپن تي آڻي چيائين. ”تون هن شهر ۾؟“ ”گذريل مهيني کان هت بدلي ٿي آيو آهيان. جڏهن کان مان هن شهر ۾ تنهنجي شادي ٿي هئي. تڏهن کان مان هتان بدلي ڪرائي هليو ويو هئس. هن شهر ۾ تنهنجي يادن کان... ۽ توکان لنوائي نه پئي سگهيس ۽ تنهنجي روڪڻ جي باوجود توسان ملڻ کان سواءِ رهي نه سگهان ها. جيڪڏهن ائين ڪري وجهان ها ته تنهنجو مڙس توتي شڪ ڪري ها. جيڪو مونکي منظور نه هو.“ باسط چيو. ”دلشاد جي اکين مان لڳاتار ڳوڙها ڳڙندا رهيا. ”جيڪڏهن توهان کي خراب نه لڳي ته پاڻ گڏجي چانهه ڪپ پيئون ۽ ڪي گهڙيون ڪچهري به ڪريون!“ دلشاد ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي. حيدر چوڪ کان روڊ ڪراس ڪري چائنيز ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا. رنگبرنگي بلبن جي روشنيءَ ۾ ماحول وڻندڙ ۽ پرسڪون لڳي رهيو هو. ٻئي آمهون سامهون ٿي ويٺا ۽ هڪ ٻئي کي ڏسندي ئي ماضيءَ جي يادن ۾ کوئجي ويا. جڏهن ويٽر مينو ٽيبل تي آڻي رکيو ته... ”ڇا گهرايان.“ باسط دلشاد کان پڇيو. ”صرف ڪولڊ ڊرنڪ گهرايو.“ دلشاد چيو. باسط آرڊر ڏيئي دلشاد ڏانهن نهاريو ته هن کانئس اوچتو سوال ڪندي چيو، ”زندگي ڪيئن ٿي گذرئي؟“ ”تو بنان زندگي آهي ڪٿي؟ تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته پيار وارن کان ڌار ٿيڻ جو درد ڇا آهي؟“ باسط چيو. ”حقيقت ۾ ائين ناهي.“ دلشاد اداسائيءَ مان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو. تو وٽ واقعي به، مون لاءِ اهڙا احساس هجن ها ته ائين منهنجي بدناميءَ جا اشتهار ديوارن تي نه لڳن ها ۽ تون آرام سان منهنجو پاند ڇڏائي، مون کي ڏکن غمن ذلت ۽ بدناميءَ جي ڪُن ۾ وجهي عزت سان آزاد ٿي هليو وئين. جي اهو پيار هو ته پوءِ دوکو ۽ فريب الاءِ ڇا هوندو!“ باسط جو شرم وچان ڪنڌ هيٺ جهڪي ويو. پر همت ڪري چيائين. ”توکي حقيقت جي خبر ناهي، نه ته جيڪر منهنجي باري ۾ اهڙي سوچ نه رکين ها. دراصل پنهنجي پيار جي جڏهن مون مائٽن سان ڳالهه ڪئي ته هنن ان کي غلط رنگ ڏيئي شهر ۾ پڙهو ڏياريو. ڇو ته اهي نه پيا چاهين ته منهنجي توسان شادي ٿئي.“ ”تنهنجي مائٽن طرفان اهڙي ڪلورڪرڻ تي تو وري ڪهڙو منهنجي ڦٽن تي مرهم رکيو. بلڪ تون به هنن سان گڏ منهنجي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي، جدائيءَ جي رڻ ۾ اڪيلو رلائي هليو وئين.“ ايتري ۾ ويٽر ڪولڊ ڊرنڪس رکي هليو ويو. ”دلشاد مان مڃان ٿو ته توسان واعدو وفا ڪري نه سگهيس. پر ڀوڳنائن جي سفر ۾ همسفر ضرور هيس. توکي خبر ناهي ته اسان جي سماج ۾ نه فقط ڇوڪرين تي فيصلا مڙهيا ٿا وڃن، پر ڇوڪرن سان به اهائي ويڌن ڪئي ٿي وڃي. مون مائٽن اڳيان گهڻو ئي رنو ٻاڏايو، ليلايو، پر هنن منهنجي هڪ به نه ٻڌي. مون کي ٿڃ ۽ خون جا واسطا ڏيئي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيائون. مان ڪانئر نه هئس، پر رت جي رشتن اڳيان بي وس ۽ مجبور هئس. هڪ سڀني ۾ ننڍو ٻيو، بيروزگار، ٽيون منهنجي امڙ کي ڏاڍو ڌمڪايو ۽ هيسايو ويو ته جيڪڏهن باسط جي شادي دلشاد سان ڪرايئي ته توکي هن گهر ۾ ڌڪاريو ويندو. انهن سڀني مسئلن مون کي منجهائي وڌو. مان آخري دفعو توسان ملڻ پئي چاهيو. سڄي روئداد کان واقف ڪرڻ پئي چاهيو. پر ڪا واٽ نظر نه آئي، جيڪا مون کي تو تائين پهچائي ها. ۽ پوءِ مون ان ۾ ئي عافيت سمجهي ته توسان ملڻ ۽ توکي ڏسڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيان ۽ ايتري ۾ تنهنجي شاديءَ جي خبر باهه جيان سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. جنهن جي تپش مان نڪرڻ لاءِ گهڻو ئي لڇيس. ”پاڻ ڪورٽ ميريج به ڪري پئي سگهياسين.“ دلشاد چيو. ”اهي ٻاراڻيون ڳالهيون نه ڪر.... “ باسط چيو. ”ڇا مطلب.... توکي خبر آهي ته پنهنجي پريم ڪهاڻيءَ جي خبر سڄي شهر ۾ هلي ويئي هئي. پر پوءِ به الياس مونکي قبوليو ۽ مان ان جي احسان مند آهيان.“ مطلب ته هاڻي تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ ذري به محبت ناهي؟“ باسط چيو. ”مون کي ناهي خبر.... پر مان سمجهان ٿي ته تنهنجو مون سان پيار هو ئي ڪونه، نه ته منهنجي محبت ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان توکي ڪهڙو فرق پوندو! ۽ هينئر ته وقت گذري ويو آهي پاڻ لاءِ سوچڻ جو. مون کي نوجوان پٽ آهي، هاڻي مان هن لاءِ جيئان ٿي، هن لاءِ سوچيان ٿي.“ دلشاد سنجيده ٿيندي چيو. ”۽ مون کي به هڪ نوجوان ڌيءَ آهي. پر مان ته توکي پنهنجي دل مان ڪڍي ناهيان سگهيو. پر تو مون کي دل مان ڌڪاري ڇڏيو آهي. باسط چيو. ”وڏي عرصي کان پوءِ ته توکي ڏسي زندگيءَ جي هجڻ جو احساس ٿيو اٿم. پر ڪهڙي خبر ته اها وقت جي ٿڌڙي هير ڪجهه گهڙين کان پوءِ نٽهڻ اس ۾ اڇلي ويندي.“ دلشاد چيو. باسط ڌيرج سان دلشاد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر دلشاد وري به ڏکاري ٿيندي چيو ته ”پاڻ وٽ گڏ رهڻ لاءِ هڪ واٽ هئي ته ڪورٽ ميرج ڪري ڇڏيون ها.“ ”پوءِ اٿ ته هينئر ٿا هلي نڪاح ڪريون! پرئين روڊ تي ڪورٽ به آهي.“ باسط چيو. دلشاد کي باسط جي اهڙي انداز تي کل اچي ويئي ۽ هڪ لمحي لاءِ لڳو ته ٻيئي ماضيءَ ۾ ڀوڳيل پيڙائن مان نڪري آيا آهن. ”وري به الياس جو احسان آهي، جنهن مون کي پنهنجي ونيءَ جو درجو ڏنو ۽ سماج ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙو بنايو ۽ مان سمان ڏياريو.“ دلشاد چيو. توکي حق آهي ته مون کان نفرت ڪر. مون کي ڀلو برو چؤ پر ذهن مان اها غلط فهمي ڪڍي ڇڏ ته مون کي توسان پيار ناهي.“ باسط چيو. ”تون صحيح چوندو هوندين. پر مون کي الائي ڇو لڳندوآهي ته مرد پيار ڪندا ئي ناهن....“ دلشاد چيو. ”مان تنهنجو ڏوهي آهيان، پر تون مون کي جيڪڏهن معاف ڪري سگهين ته ڪري ڇڏجانءِ.“ باسط چيو. ”نه مان توکي پنهنجو ڏوهي نه ٿي سمجهان. مون کي توتي ڪاوڙ يا غصو نه آهي، بس اهو ارمان اٿم ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان پيار ڪيم جيڪو منهنجو ٿي نه سگهيو.“ ”شايد ڪنهن صحيح چيو آهي ته پاڻ ڏاڍن سان نينهن نه لائجي.“ دلشاد چيو. ”دلشاد! ائن چئي منهنجي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪ. مان ڏاڍو درد ٿو محسوس ڪريان.“ باسط چيو. ”چڱو هاڻي آءٌ هلان ٿي. شاپنگ لاءِ آئي هيس.“ دلشاد اٿندي چيو. ”گهڙي پل ويهه ته سهي.“ باسط منٿ ڪندي چيو. ”دل ته منهنجي به چوي ٿي ته توسان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪريان.... پر هاڻي ڇا حاصل!“ دلشاد چيو. مان چاهياٿو ته تون مٺيون نه، ڪڙيون ڳالهيون ئي ڪر، پر ويهه.“ باسط چيو. ”اڄ بلڪل به ٽائيم نه اٿم وري زندگي رهي ته ضرور ملنداسين.“ دلشاد چيو. ”چڱو سدائين سکي رهين!“ باسط چيو. دلشاد موڪلائي سندس اکين کان اوجهل ٿي ويئي. باسط بي خوديءَ مان اتي ئي بيٺو رهيو. هوءَ شاپنگ ڪري گهر پهتي ته سندس ذهن تي پراڻين يادن جو وسڪارو هو. هن کي منجهيل ڏسي ارباز پڇي ورتو: ”امان ڇو اوهين ڪجهه اداس پيون ڏسجو؟“ ”پٽ ائين ئي مٿي ۾ سور اٿم.“ ايتري ۾ ڊور بيل لڳي ته ارباز اٿي دروازو کوليو. ”نينا تون هتي.... پليز تون موٽي وڃ! منهنجي امان.. هوءَ ويٺي آهي. پليز امان ناراض ٿيندي تون دل ۾ نه ڪر، موٽي وڃ.“ ارباز نينا کي منٿ ڪندي چيو. ايتري ۾ ماڻس به گيٽ تي آئي، نينا کي ڏسي مرڪي ۽ کيس اندر اچي ويهاريائين. ارباز حيران هو ته اڄ امان کي ڇا ٿي ويو آهي جو نينا کي ايڏو پيار ڏئي رهي آهي. ارباز کي ڪهڙي ڪل ته دلشاد کي اڄ پراڻو پيار مليو هو ۽ کيس ياد آيو هو ته پيار ڇا آهي؟ کيس پنهنجو ماضي آئيني وانگر هنن جي اکين ۾ نظر اچي رهيو هو. ”نينا! مون کي خبر آهي ته تون ارباز کي ڏاڍو چاهين ٿي ۽ هو به! پر تون پنهنجي مائٽن کي راضي ڪر ته بهتر ٿيندو. ڇو جو هن سماج جا ماڻهو ڪورٽ ۾ ٿيندڙ شاديءَ کي عزت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.“ دلشاد چيو. ”آنٽي! توهان کي ناهي خبر ته منهنجي خاندان وارا پيار جي شاديءَ جي سخت خلاف آهن. توهان کي منهنجي بابا جي خبر ناهي... باقي رهي ڳالهه سماج جي ته مون کي ڪنهن جي ڪا به پرواهه ناهي. فقط توهان جي اجازت گهرجي.“ نينا نماڻائيءَ سان چيو. پر نينا ٻڌ ته سهي ته تنهنجو بابا ڪير آهي؟ نالو ڇا اٿس.؟ ڇا ڪندو آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته مان وڃي کيس سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ڪري سگهان.“ دلشاد پڇيو. ”آنٽي! اوهين منهنجي بابا باسط خان کي نٿا سڃاڻو. هو ڪڏهن به پاڻ کان گهٽ پيسي وارن کي منهنجو سڱ نه ڏيندو.“ نينا چيو. ”ڪهڙو باسط؟“ دلشاد چيو. ”آنٽي هي منهنجي بابا جي تصوير آهي. ڇا توهان جو ڪڏهن ساڻس ملڻ ٿيو آهي؟ نينا تصوير هٿ ۾ ڏيندي چيو. تصوير ڏسي دلشاد کي ڄڻ چڪر اچي ويو، کيس ڄڻ جهٽڪو لڳو. ڪجهه گهڙين لاءِ سن ٿي وئي. ”امان! توهان انڪل کي سڃاڻو ٿيون؟“ ارباز پڇيو. ”نه پٽ نه!“ دلشاد چيو. ڪجهه پل هوءَ گهري سوچ ۾ گم ٿي ويئي ۽ پوءِ چيائين، ”مون کي توهان ٻنهي جو فيصلو منظور آهي. پر الياس کي اچڻ ڏيو. اسين صلاح مشورو ڪري توهان جي شادي ڪرائي ڇڏينداسين. نينا هينئر تون پنهنجي گهر وڃ. سڀاڻي 9 لڳي هتي اچجانءِ.“ دلشاد بيڊ تي وڃي ليٽي، پر ننڊ کانئس رسي وئي هئي. سوچن جا ساگر ٻوڙي تاري رهيا هئا. هن گهڻو سوچڻ ويچارڻ کان پوءِ فيصلو پٽ جي پيار کي ڪامياب بنائڻ جي حق ۾ ڪيو. الياس کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيائين. پوءِ ٻنهي متفق راءِ سان ارباز جي ڪورٽ ميرج ڪرائي. دلشاد اڄ ڏاڍي خوش هئي. کيس لڳو ته ڄڻ سندس وڇڙيل پيار کيس اڄ حاصل ٿيو آهي ۽ پاڻ انهيءَ سوڀ تي ڏاڍي سرهي هئي!. ڪلثوم منظور شاهه ويچارو مڙس ڇورو ته اهڙو نڌورو آهي، جو مڃيندو ئي ڪونه! نه ته ويچاري يتيم ڀاڻيجي آهي. گهر جو گهر ۾ ڇا ڪريان چوانس ٿي ابا تون ڪرن سان شادي ڪر سٺي سٻاجهڙي ڇوڪري آهي، ماستري ڪري پئي. گهر به سڄو کڻي بيٺي آهي. الله ويچري نياڻيءَ جو ڀاڳ ڀلو ڪري، مون کي ته سڳي ڌيءَ وانگر مٺي آهي. ”ابا اعجاز تون منهنجي مڃ ڪرن سان شادي ڪر. آءٌ بيمار آهيان. نياڻيءَ جو بار به لهندو ۽ آءٌ َآرام سڪون سان مري سگهنديس.“ امان مون کي ته چاچي مهربان جي ڌيءَ سهڻيءَ سان شادي ڪرڻي آهي. اها وٺي مون کي پرڻايو.“ ”ابا، تون ته نه کٽين نه ڪمائين! توکي ته ڪو غريب به سڱ ڪونه ڏيندو! چاچي مهربان پاڻ، ان جا پنج پٽ سڀ ڪمائين. پاڻ وٽ به ٻه ٽي جريب زمين ٿس ۽ هڪڙي ڌيءَ! سو اها هو توکي ڏيندو؟ مکٽوءَ کي! ٻه ڏينهن مزوري ملي ته ڪري، نه ته اٺ ڏينهن رلين. تون سهڻيءَ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ. رهين جهوپڙيءَ ۾، ڏسين محلن جا خواب! سولو ٿي ڪماءِ ۽ شادي ڪرن سان ڪر، توکي سک به ملندو ته مائٽن جي دعا به ٿيندءِ.“ ڇوري جي ضد جي ڪري ادا مهربان، ادا مقيم ادا نوري کان سڱ گهريم. هر گهر مان بي عزتي ڪري ڪڍيئون. ادا مقيم ته رڳو موچڙا سو ڪونه هنيا، باقي کوهي کلي ڇڏيائين! آءٌ به ڇا ڪريان هڪڙو ارڏو پٽ ۽ ان جي شوق جي پٺيان ان جي چوڻ تي پئي ويس. ادا مقيم منهنجو سڳو ڏير اعجاز جي پيءُ کان ننڍو هو. ڪيترو وقت گڏ رهياسين. ادا مقيم کي ڇهه ڌيئون هيون. پاڻ شهر ڪمائڻ ويو. نصيب سٺو هئس. اتي سٺي ڪمائي ٿيس، ڇوڪرين کي به ٿورو گهڻو پڙهيائين. هتي به پنهنجي ڪمائي مان مينهون وٺي ڇڏيائين. گهر سٺو پئي هليو، ڪنهن شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي. منهنجي مڙس کي شوق هو ته ڀاءُ مون کي سڱ ڏيندو وڃي گهُر. منهنجي مڙس ۽ پٽ جو ته هو مغز خراب! چن ته گهرڻ جي دير آهي. ڇهه ڌيئون ڪيڏانهن ڪندو! تون وڃي رڳو گهر ۽ مٺائي ورهائي اچ. منهنجي ڏيرياڻيءَ کي ته منهنجي مڙس جا ڪرتوت ساريل هئا، ڏينهن سڄو رلندو هو. رات جو مون کي موچڙن هڻڻ کان سواءِ ته ڄڻ رات ئي نه گذرندي هئس! گهر ۾ اهي روز جهيڙا ڪِل ڪِل ڏسي منهنجو ڏير زال مائٽن ۾ ڇڏي شهر ويو. نصيب سٺو هئس، پر منهنجي ڏيرياڻيءَ کي شهر ۾ مزو نه آيو. اها الڳ گهر وٺي ويٺي ۽ گهر کي به ٺاهيائين ۽ مڙس به ڪمائي کيس ڏيندو هو، مون کي به ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه کپندوهو ته کانئس وٺي ايندي هئس. هر ڳالهه ۽ حالتن جي کيس خبر هئس. هوءَ عجاز کي سمجهائيندي هئي ته سولو ٿيءُ، سڌري ڪجهه ڪماءِ، تون ته ماءُ پيءُ جو هڪ ئي اولاد آهين، انهن کي پيريءَ ۾ ڪجهه سک ڏي. هوءَ نيڪ ۽ نرم دل هئي. آءٌ وڏي هئس، مڙس جي مارن جي ڪري منهنجو جانت خراب ٿي پئي ۽ پوءِ هڪ ٻارڙي اهڙيءَ حالت ۾ ٿي، جو مري مري بچيس. ڊاڪٽر منع ڪئي ته هاڻ ٻار نه ڄڻ! پوءِ منهنجي ڏيرياڻي اعجاز جي پيءُ کان لڪي ٻار بند ڪرڻ جي آپريشن ڪرائي ۽ ڊاڪٽر کي چيو ته مڙس ٻاهر ويل آهي، هي ڀاءُ وارث آهي، هن کان صحي وٺو. ائين منهنجي جان بچي. هاڻ ڀلا جن کي سڄي خبر ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. ان ماڻهوءَ کان اهڙي اميد رکڻ اجائي آهي، ڀاءُ به ڪونه ويو مون کي موڪليائين ته وڃي جٺ جهلي اچان. مون کي ته پير ڏيرياڻي چيو ائين ته اها تون آهين جيڪا سور ٿي جهلين! ٻيون اسان سورن لاءِ ڪونه ڄڻيون آهن! ڇهه آهن ته الله ڏنيون آهن ۽ اهو پاڻهي انهن جا نصيب به سٺا ڪندو! تون آئي آهين، پر جيڪڏهن تنهنجو مڙس اچي ها ته پادر کائي هتان وڃي ها! وڏو هوندو ته پنهنجا لڇڻ به وڏن وارا ڪري. جهڙو پيءُ تهڙو پٽ! ماڻهن کي ڌيئون ڪڌيون ڪونه آهن، انهيءَ کان پوءِ گهٽيءَ ۾ چاچهنس اعجاز کي جٺ به ڪئي ۽ منع به ڪئي ته هاڻ منهنجي گهر نه اچجان! ان کان پوءِ اعجاز ڪرن سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿيو ۽ پوءِ مونکي خدا جو خوف ٿيو ته يتيم نياڻيءَ جي پٽ نه کڻان، پر ڇا ڪريان نه منهنجو ڪو مائٽ هو نه ڪرن جو! آءٌ ۽ ڀاڳان هيونسين، ٻه ڀينر ۽ ٻيو ڀاءُ ڀنڊ ٿيو ڪو نه! يا الائي ٿيو پر مري ويو. مون کي ياد نه آهي ۽ اعجاز جو پيءُ مقيم اسان جا سوٽ هئا، هو به ڀائر ۽ اسين ٻه ڀينر. پوءِ ڳوٺ ۾ اچي اهڙي وبا پئي جو هر گهر مان هڪ ٻه ماڻهو انهيءَ مئي وبا کنيا! انهن ۾ سوڍي ۽ سندس مڙس به ويا هليا، ڪرن کي مقيم پڙهايو ۽ مون نپايو ٻه ٽي اکر پڙهي ڳوٺ ۾ ماستري ڪيائين. مقيم ته گهڻو وڙهيو گوڙ ڪيائين. شاديءَ ۾ به ڪونه ويٺو، پر اسان کي هڪڙو پٽ هو، جيڪو سڄي دنيا کي نٿي وڻيو، پر اسان کي ته شوق به هو ته خوشي به هئي ته پٽ کي شادي ڪرايون. پوءِ پاڻي ساڌي ويندو. پر ڇَٺيءَ جو کريل ڪٿي ٿو سڌري. شادي ٿي، هن جي ساڳي پڻس واري ڪرت! پڪي گهڙي کي به ڪو ڪن پيا! رات جو ڪرن کي موچڙا هڻي گهر مان ڪڍڻ لاءِ تيار. ڏينهن جو ماني به ڪرن جي هٿ جي نه کائي. پاڻي ڏئيس ته اڇلائي هڻيس منهن ۾! جهڙو ڪرن سڀني کي منع ڪئي هجي ته هن کي سڱ ڪير به نه ڏئي! آڪرو ايترو هو جو وڃي ٿيا خير. صبح ٿيندو هو ته تيل ڦليل ڪري نڪرندو هو وري شام جو ايندو هو. مون ڪڏهن به اعجاز کي ڪرن سان کلي ڳالهائيندي نه ڏٺو. ڪڏهن ڪو پنجن ڇهن ڏينهن کان پوءِ ڪرن صبح جو وهنجندي هئي. پر اهو نه ته ان رات هنن ۾ جهيڙو نه ٿيو هجي. اها روز واري ڪرت هوندي هئي. اعجاز جي _ ۽ ڪرن ويچاري اسڪول مان اچي ماني پچائي، ڪپڙا ڌوئي، ڪلف ڪري، استري ڪري، ڏيندي هئس. اهي سڀ ڪم شهر وڃڻ جي ڪري سکي هئي. مون شاديءَ کان پهرين ڪرن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو هو ته هتان هلي وڃ ادا مقيم وٺڻ به آيس، پر هن چيو ته، ”امان بابا هت هنن حوالي ڪري ويا آهن، پيريءَ ۾ ڏک ڪونه ٿي ڏيان! جيڪو هوندو سو منهنجو نصيب!“ اعجاز ته سمجهو ته بس منهنجي ٽڪن ورتل آهي. جيئن ڪندس مرضي منهنجي! ڪڏهن به سنئون منهن ڏيئي هن سان ڪونه ڳالهايائين. نه ڪڏهن پيار جي نظر ڪرن تي وڌائين. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. صبح جو هيڊ ۽ تيل ڪوسي ڪري رکندي هئس ۽ اها روئي روئي کيس لڳائيندي هئس. ڪرن به روئيندي هئي. ائين ٻه پٽ ٽي ڌيون ڄايس، پٽ ته دادلا ڪري پاليائين، پر ويچاريون نياڻيون..... ڪڏهن اعجاز هنن جي مٿي تي به پيار مان هٿ نه رکيو. وڏا ٿي ويا ۽ اعجاز به ڪرن جي چوڻ سان ڳوٺ ۾ دڪان کولي ڪجهه ڪمائي گهر آڻڻ لڳو. مزاج جي گرمي به گهٽ ٿيس، پٽ جوان ٿيس ته پوءِ هي سڌرڻ لڳو ۽ پوءِ هر ڳالهه ڪرن جي مڃڻ لڳو. جواني ته ڪرن جي روئيندي ۽ مارون کائيندي گذري، پر هاڻ اعجاز هر ڳالهه ۽ مرضي ڪرن جي ڏسي پوءِ ڪم ٿو ڪري. منهن ۾ پيو ڏسندس ته من راضي رهي.يقين نٿو اچي ته اهو ساڳيو اعجاز آهي، اهو ساڳيو مڙس آهي، جيڪو ڌيءُ شاهجهان جي ڄمڻ تي ايترو ڇتو ٿيو هو، جو اسان کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو. مهينو کن ته در در رليو، پر پوءِ وري اچي گهر ۾ رهيو. مڙس ڇا به ڪري ته به مڙس! عورت ته خدمت به ڪري پيار به _ هر حال ۾ مڙس جي ارڏائي به کڻي ٿي، پر مڙس ٿوري به نهٺائي ڪري ته به ويچارو مڙس! فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا حدون ٽوڙڻ جا خواب مترجم: امرسنڌو حصو ڇهون سڌريل دنيا جي عورتن جو سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪيهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي.“ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قدم پوئتي هيون. اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو. جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين. فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي. سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي. (امر سنڌو) ٽامون جو گهڙو ناجي جي، فارم جو حرم ”ٽي“ جي شڪل ۾، هڪ وسيع عمارت اندر هو. هڪ ماڙ، جنهن جي آسپاس باغ ۽ تلاءُ هئا. ساڄي حصي ۾ مڙدن جي رهڻ جون جايون هيون. کاٻو حصو عورتن جي والاريل هيٺ آيل هو _ ٻه ميٽر سنهڙي چک، انهن ٻنهي (عورتاڻي ۽ مڙداڻي) جي حد جو نشان هئي. هونئن عمارت جا ٻئي حصا هڪ جهڙا هئا. جڏهن ٻاهر گرمي هوندي هئي ته ڊگهن پيل پاون وارا ورانڊا، دالان ۽ ڪمرن کي ٿڌو رکندا هئا. اهي پيل پاوا، اسان ٻارن جي لڪ لڪوٽيءَ ۾ تمام گهڻو ڪم به ايندا هئا. فارم جا ٻار، فيض جي ٻارن کان وڌيڪ بهادر ۽ دلير هئا، هو اگهاڙين پيرين انهن پيل پاون تي چڙهندا ۽ مدارين جيان مٿان ٽپ ڏيندا رهندا هئا. ان کان سواءِ هو ڏيڏرن، ڪرڙين ۽ کنڀڙين وارن جيتن جڻين کان بنهه ڪونه ڊڄندا هئا. فرش سفيد ۽ ڪارين ٽائلن سان ٺهيل هو ۽ پيل پاون تي سونهري چٽڪاري ٿيل هوندي هئي، جيڪا ناني کي تمام گهڻي پسند هئي. مون اهڙي ٻيو ڪٿي به نه ڏٺي هئي. باغ ۽ گهر جي چوڌاري لوهي ڄاريدار دروازا هوندا هئا. جيڪي ڏسڻ ۾ ته هميشه بند ئي لڳندا هئا پر ٿوري ڌڪي ڏيڻ سان بٺين طرف کلي پوندا هئا. مڙداڻي باغ ۾ عورتاڻي باغ جي ڀيٽ ۾ وڻ گهٽ پر گلدار ٻوٽا وڌيڪ هوندا هئا، پر عورتن جي باغ جي ته ڪهاڻي ئي مختلف هئي. هتي عجيب و غريب وڻ ٻوٽا ۽ جانور هوندا هئا، ڇو ته هر زال پنهنجي پنهنجي باغ جي حصي جي زمين ورهائي کنئي هئي، جنهن کي اهي پنهنجو الڳ باغ سمجهندي ان ۾ پنهنجي مرضيءَ سان ڀاڄيون پوکينديون هيون ۽ ڪڪڙيون، بدڪون ۽ مور پڻ پالينديون هيون. ان جي ابتڙ مرداڻي باغ ۾ راهباڻا خاموشي ڇانيل هوندي هئي. فارم جي مرڪز عمارت جي آس پاس ڪيترائي بنگلا هئا. ياسمينه جو بنگلو کاٻي پاسي هو ۽ اهو سندس ئي اسرار تي ٺهيو هو ته جيترو به ممڪن ٿئي، هوءَ لاله ٿور کان پري رهڻ چاهيندي هئي. لاله ٿور جو پنهنجو محل عمارت اندر ئي هو، جيڪو ڪاٺ جي رنگين ڇت، آرسين آئينه دار ديوارن ۽ فانوسن سان سينگاريل هوندو هو. ٻئي طرف ياسمينه جو هڪ سادڙو ڪمرو، جتي عيش عشرت جو نالو نشان به ڪونه هو، ياسمينه کي ان جي پرواهه به نه هئي. جيستائين ٿي سهگندو هو، هوءَ مرڪزي عمارت کان پري ئي رهندي هئي. ياسمينه جي حصي جي مٿين ڏاڪڻ تي ٽامون لاءِ گهر ٺهيل هو. جڏهن هوءَ رف جبلن تان ڀڄي هتي آئي هئي، ياسمينه، ٽامون جي تيمارداري ڪندي ان جو خاص خيال رکندي هئي ۽ پوءِ هو ٻئي پاڻ ۾ جگري دوستن جيان گهاٽيون ساهيڙيون بڻجي ويون هيون. ٽامون 1926ع ۾ آئي هئي. جڏهن عبدالڪريم کي فرينچ ۽ اسپيني فوجن شڪست ڏني هئي. هڪ ڏينهن صبح جو سوير هوءَ اولهه جي ميدانن ۾ نمودار ٿي. اسپيني گهوڙي تي سوار مرداڻي لباس ۽ عورتن جي ٽوپي پاتل، جيئن کيس ڪو فوجي گولي نه هڻي سگهي. ناني جون سڀئي زالون، هن جي آمد جو احوال پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ٻڌائي خوش پيون ٿينديون هيون. جيڪو دراصل الف ليلوي ڪهاڻين کان به وڌيڪ مزيدار هو. ٽامون پنهنجي ڪهاڻي ٻڌي مرڪندي رهندي هئي ۽ پاڻ کي آسمان تي چمڪندڙ ستاري جيان پئي محسوس ڪندي هئي. اچڻ وقت هن کي ڪافي ڳرا ڪپڙا پاتل هئا. جنهن ۾ بچاءُ لاءِ لوهي سيخون پڻ لڳل هيون. چيلهه کان هڪ خنجر به لڙڪيل ۽ ان سان گڏ اسپيني بارودي بندوق به، جيڪا پڻ سندس جبي ۾ لڪل هئي. تڪنڊي چهري ۽ جهنبياري کاڏيءَ تي سائي ڏينڀوڙي (Tatto) ڪڍيل ۽ ڪارين چمڪندڙ اکين جيڪي بنان چوڻ جي مسلسل اوهان کي تڪينديون رهن ۽ ڊگهي سونهري رنگ جي چوٽي جيڪا کاٻي پاسي لٽڪيل، ان ئي حلئي ۽ لباس ۾ هوءَ اسان جي فارم جي سڏ پنڌ تي بيٺي ۽ پوءِ اندر مالڪ سان ملڻ جي اجازت گهريائين. جنهن کي پتو هو ته ان کان پوءِ فارم جي زندگي بنهه تبديل ٿي ويندي. ٽامون اصل ۾ رفائي پهاڙن مان ايندڙ جنگي سپاهڻ ۽ مجاهده هئي. سڄو مراڪش رفائي قبيلي جي عزت ڪندو هو، ڇو ته سڄي ملڪ جي شڪست کان پوءِ به اهي فقط رفائي قبيلي وارا ئي هئا، جي ڌارين سان باقاعدي وڙهي رهيا هئا ۽ جيئن هيءَ به انهن آزادي پسند ويڙهاڪن مان هئي تنهن ڪري هن تي پڻ ڪي قانون ۽ مطالبا لاڳو نه پئي ٿيا، پر ان جي ابتڙ ائين پئي لڳو ته هي سڀني عام رواجن ۽ روايتن کان بيخبر آهي. نانو ته شايد پهرين ئي نظر ۾ هن تي عاشق ٿي پيو هو. پر ان جي ملاقات جون حالتون ايڏيون ته پيچيده هيون، جو مهينن تائين ناني کي ان عشق جو احساس ڪونه ٿيو. ٽامون هڪ خاص مقصد لاءِ فارم تي آئي هئي. هن جي قبيلي وارا اسپيني علائقن ۾ انتهائي ڪسمپرسي واريءَ حالت ۾ گهات لڳائي ويٺاهئا ۽ ٽامون سندن مدد ڪري امداد پهچائڻ چاهي پئي. ناني بر وقت سندس مدد ته ڪئي، پر پهرين کانئس تڙ تڪڙ ۾ شاديءَ جي ڪاغذن تي صحيون پڻ وٺي ڇڏيون، جيئن هوءَ قانوناً فارم تي رهي سگهي ۽ فرينچ پوليس کيس تنگ نه ڪري. پوءِ ٽامون کانئس دوا درمل ۽ کاڌي پيتي جو سامان گهريو. جيئن هوءَ پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪري سگهي. هن جي قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ بکيا هئا ۽ عبدلاڪريم جي شڪست کان پوءِ هر ڳوٺ صرف پنهنجي ئي ڀروسي تي اها ويڙهه هلائي رهيو هو. ناني، کيس سڀ سامان مهيا ڪري ڏنو ۽ رات ٿيندي ئي هوءَ ٻن ٽرڪن تي سڄو سامان ڀرائي کڻي ويئي. گاڏيون به بنا لائيٽ جي هلڻيون هيون. ان ڪري به ڳوٺاڻا گڏهن تي سوار اڳيان کين اشارن سان رستو ٻڌائيندي ٿي هليا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن ٽامون، ناني جي فارم تي واپس آئي ته هڪ ٽرڪ لاشن سان ڀريل گڏ وٺي آئي. لاش سڀئي ڀاڄين هيٺان لڪاياويا هئا. هوءَ خاموش بيٺي لاشن کي ڏسندي رهي. پوءِ هڪ زال اسٽول کڻي آئي ۽ ان تي ويهي هوءَ بنهه ڪانه رني. جڏهن سڀ لاش دفنايا ويا ته مڙدن سڀني قبرن تي گل لڳائي ڇڏيا، جيئن اهي لڪي وڃن. ان کان پوءِ ٽامون جي حالت بنهه خراب ٿي ويئي ۽ ناني ياسيمينه کي سڏايو، جيڪا ٽامون کي پاڻ سان وٺي ويئي ۽ بستري تي سمهاري ڇڏيو. ڪيترن ئي مهينن تائين ٽامون اکر ڪونه ڪڇيو. سندس چپن تي ائين ماٺ مڙهجي ويئي. جو سڀ ائين سمجهڻ لڳا ته هوءَ گونگي ٿي ويئي آهي! هر رات هوءَ ننڊ ۾ رڙيون ڪندي هئي، ڄڻ ڪير مٿس حملو ڪندو هجي! جيئن ئي سندس اکيون بند ٿينديون هيون، ائين لڳندو هو ته مٿس حملا شروع ٿي ويا هجن. هوءَ اٿي پوندي هئي ۽ اسپيني ٻوليءَ ۾ رحم جون التجائون ڪندي رهندي هئي. ٽامون کي ان غم غلط ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي ساٿيءَ ۽ فرينچ فوج کانئس مسلسل پڇا ڪندي رهندي هئي. ياسمينه ڪم سنڀالي ورتو هو، هوءَ مهينن تائين ٽامون جي تيمارداريءَ ۾ رڌل هئي. پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن ٽامون هڪ ٻليءَ کي پيار ڪندي نظر اچي ٿي ۽ پوءِ هن پنهنجي وارن ۾ هڪ گل لڳايو هيو. ان رات ياسمينه هڪ جشن جو انتظام ڪيو. سڀئي زالون اچي ڳائڻ وڄائڻ ۾ شامل ٿيون. جيئن ٽامون پنهنجائپ محسوس ڪري. هن ڪئين ڀيرا مرڪيو ۽ پوءِ هڪ گهوڙي جي گهر ڪيائين، جيئن ٻئي ڏينهن ان تي سواري ڪري سگهي. ۽ پوءِ ٽامون محض پنهنجي موجودگيءَ ۾ هر شيءِ تبديل ڪري ڇڏي هئي. ان جو ڪمزور جسم، ملڪي حالتن ۾ ”چاڙهه لاهه“ جي عڪاسي ڪندي نظر ايندو هو. هوءَ اڪثر تيز رفتار گهوڙن تي ويهي طرح طرح جي ڪرتبن سان دل وندرائيندي هئي. اهو غم وسارڻ جو طريقو هو. جيئن زندگي کي ڪا عارضي معنيٰ ڏئي سگهجي! حسد ڪرڻ بدران ياسمينه ۽ سڀئي زالون ان جي صلاحيتن جو قدر ڪنديون هيون، ڇو ته اڪثر عورتن ۾ اهڙيون صلاحيتون نه هونديون هيون. جڏهن ٽامون صفا ٺيڪ ٿي ويئي ۽ ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيائين ته معلوم ٿيو ته هوءَ بندوق هلائي سگهي ٿي. اسپيني ٻوليءَ ۾ مٿي ٽپي قلابازيون کائي. سر چڪرائڻ وارا ڪرتب ڪري سگهي پئي. هوءَ ڪيترن ئي ٻولين ۾ گاريون ڏيئي سگهندي هئي. هن جي پيدائش هڪ اهڙي علائقي ۾ ٿي هئي، جنهن کي اڪثر پرڏيهي فوجون عام طور تي گذرگاهه لاءِ استعمال ڪنديون هيون، انڪري سندن قبيلي جي زندگيءَ جو دارو مدار ان مسلسل ويڙهه تي هو. ويڙهه ئي سندن زندگي هئي. فارم تي ٽامون جي موجودگي سندس زندگي هئي. فارم تي ٽامون جي موجودگي، سندس منهن تي نڪتل ڏينڀوڙي خنجر جنگي ڪڙا ۽ مسلسل گهوڙي سواري ٻين عورتن کي پڻ اهو احساس ڏياريو ته خوبصورتيءَ جا به ڪيئي ٻيا روپ ٿي سگهن ٿا، جيئن ويڙهه گاريون ڏيڻ روايت جو لحاظ نه رکڻ سندن غير روايتي غير رواجي هئڻ پڻ عورت کي دلفريب ٺاهي ٿو. ٽامون سڀني کي پسند هئي ۽ هن ٻين ۾ پڻ اهو احساس جاڳايو ته پنهنجي اندرين، داخلي قوت سان، هر طرح جي مقدر جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. ٽامون جي بيماريءَ ۾ نانو هر روز ياسمينه وٽ سندس طبيعت پڇڻ ايندو هو. جڏهن هوءَ چڱي ڀلي ٿي ۽ هن گهوڙي جي گهر ڪئي ته نانو پريشان ٿي ويو ته ڪٿي ٽامون کيس ڇڏي نه وڃي! هاڻي سندس حسن ناني کي تڙپائي وڌو هو. هو هڪ ئي وقت تي سرڪش ۽ اشتعال انگيز حسن هو. هن جون ٽامي رنگ وارن جون چڳون ڪاريون اکيون ۽ ڏينڀوڙيل کاڏي ڏاڍي متاثر ڪندڙ هئي. هو هن جي حسن آڏو بيوس هو. نيٺ هوءَ سندس زال ته نه هئي، سندس شادي ته محض قانوني حربو هو. پر جيئن ته هوءَ هڪ مجاهده هئي ۽ ڪنهن وقت به ويڙهه لاءِ پهاڙن ڏانهن وڃي سگهي ٿي. ته ناني، ياسمينه کي باغ تي سير لاءِ گهرائي پنهنجو اهو خوف پچاريو ته ياسمينه به خود گهٻرائجي ويئي. ڇو ته هوءَ خود به ٽامون کان ڏاڍي متاثر هئي ۽ هاڻي سندس جدائي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. يسمينه ناني کي صلاحيندي چيو ته هو ٽامون کي پاڻ سان گڏ وقت گذارڻ جي دعوت ڏي، جيڪڏهن ٽامون مڃي ورتو ته ان جو مطلب ٿيندو ته هوءَ وڃڻ نٿي چاهي ۽ هن انڪار ڪيو ته معنيٰ هوءَ واپس هلي ويندي. ناني، اڪيلائيءَ ۾ ٽامون سان ڳالهايو ياسمينه ٻاهر بيٺل هئي، پر جڏهن نانو ٻاهر آيو ته سندس چپن تي مرڪ هئي. ياسمينه سمجهي ورتو ته ٽامون سندس زال ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويئي آهي. ڪجهه مهينن کان پوءِ ناني ٽامون لاءِ نئون اڱڻ ۽ ياسمينه جي گهر مٿان گهر ٺهرائي ڏنو ۽ پوءِ اهو ٻه _ ماڙ گهر گهوڙي سواريءَ جي مقابلن ۽ عورتن جي ايڪي جو مرڪز بڻجي ويو. ”عورت لاءِ قدرت کان پري ٿيڻ ڏاڍو برو آهي. قدرت ئي عورت جي همدم آهي ۽ جيڪڏهن پريشاني آهي ته درياهه ۾ ترڻ! ان ڪري ٻنين م هليو وڃي تارن کي ڏسندي رهي. ائين عورت پنهنجي ان خوف جو علاج ڪري سگهي ٿي.“ اها عمارت مڪمل ٿيندي ئي ياسمينه ۽ ٽامون گڏجي هڪ ڪيلي جو ٻوٽو لڳايو، جيئن يحيٰ کي، جيڪا ناني جي حبشڻ زال هئي، پنهنجي ملڪ جهڙو ماحول ٺاهي ڏجي. يحيٰ ناني جي سڀ کان خاموش ترين وني هئي. ڊگهي سنهڙي پنهنجي پيلي جبي ۾ ڏاڍي نازڪ لڳندي هئي. سنهو چهرو، نشيلا نيڻ ان جي دلفريبيءَ جو ثبوت هئا. هوءَ روزانو پنهنجي مٿي جو اسڪارف پنهنجي مرضيءَ سان تبديل ڪندي رهندي هئي. پر سندس پسند جو رنگ پيلو هو. هوءَ چوندي هئي ته پيلو رنگ سج جيان روشني ڏيندو آهي. کيس نزلي جو مرض هو ۽ هوءَ عجيب طريقي سان عربي ڳالهائيندي هئي. ٻين زالن کان الڳ ٿلڳ چپ چاپ پنهنجي ڪمري ۾ هوندي هئي. ان جي اچڻ کان پوءِ ٻيون سڀئي زالون ان جي حصي جو ڪم ڪري ڇڏينديون هيون، ان جي عيوض هوءَ سڀني کي پنهنجي ملڪ سوڊان جون ڳالهيون ٻڌائيندي رهندي هئي. حبشيون جو ملڪ جتي ليما، زيتون ئي نه پر ناريل ۽ ڪيلا پڻ پوکيا ويندا هئا. يحيٰ کي پنهنجي ڳوٺ جو نالو ياد نه هو خوشين سان ڀريل فارم تي عورتن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪا حد بندي نه هئي. هو انوکا وڻ لڳائينديون، گهوڙي سواري ڪنديون، آزاد گهمنديون هيون. ان جي ابتڙ فيض ۾ اسان جو حرم همقفس وانگي هو. ياسمينه چواڻي: ”عورت لاءِ قدرت کان پري ٿيڻ ڏاڍو برو آهي. قدرت ئي عورت جي همدم آهي ۽ جيڪڏهن پريشاني آهي ته درياهه ۾ ترڻ! ان ڪري ٻنين ۾ هليو وڃي يا تارن کي ڏسندي رهي ائين عورت پنهنجي ان خوف جو علاج ڪري سگهي ٿي.“ پر پوءِ به هوءَ پڦي، حبيبه جيان حرم ۾ داستان گو پڻجي ويئي نانو هن کي سوڊان جي تاريخ پڙهي ٻڌائيندو هو. منگوئي ۽ گهانا جي بادشاهت ۽ ٽنبڪٽو جي سونهري دروازن جو بيان ۽ جهنگل جيڪو سج کي لڪائي ڇڏيندو هو. يحيٰ چوندي هئي ته سفيد ماڻهو ته عام ماڻهو آهن ۽ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ملن ٿا. پر حبشي خاص ماڻهو ٿين ٿا. جو صرف سوڊان ۽ صحارا جي صحرا ۾ ملن ٿا. داستان گوئيءَ واري رات، سڀئي عورتون يحيٰ جي ڪمري ۾ گڏ ٿينديون هيون. چانهن جون پياليون ڏنيون وينديون هيون. هوءَ پنهنجي ملڪ جون ڳالهيون ڪندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڀني زالن کي ان جي زندگي برزبان ياد ٿي وئي هئي ۽ جتي به هوءَ منجهندي هئي، ته اهي کيس ٻڌائڻ شروع ڪنديون هيون. هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ پنهنجي ڳوٺ جو نقشو ڪڍي رهي هئي ته ٽامونءَ کيس چيو ته جيڪڏهن توکي فارم کي پنهنجو گهر محسوس ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪيلي جو ٻوٽو کپي ته اسان عين هتي ڪيلا پوکينداسون. پهرين ته ڪنهن کي به يقين نه آيو، ته هن جاءِ تي ڪيلو ڪيئن پوکينداسين، جتي سپيني برفاني هوائون ۽ سمنڊ مان ڪڪرن جو ڪارونڀار ڇانيل رهي ٿو. پر سڀ کان مشڪل ڪم ڪيلي جو بوٽو مهيا ڪرڻ هو. ان لاءِ جيڪي به خانه بدوش واپاري ايندا هئا ياسمينه ۽ ٽامون انهن کي سمجهايو ته ڪيلي جو ٻوٽو ڪيئن ٿيندو آهي. ائين ڪو مراڪش مان هڪ ٻوٽو کڻي آيو. يحيٰ ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ۽ پنهنجي ٻارن جيان ان ڪيلي جي ٻوٽي جي سار سنڀال ڪرڻ لڳي. جيئن ئي سرد هوا شروع ٿيندي هئي ته هوءَ ڊوڙندي ويندي هئي ۽ ڪيلي کي پنهنجي چادر ۾ لڪائي ڇڏيندي هئي. سالن کان پوءِ ٻوٽي ۾ ميوو لڳو ۽ سڀ زالون گڏ ٿيون ۽ دعوت ڪيائون ۽ يحيٰ تهه در تهه پيلو ڪافتان (لباس) پائي وارن ۾ گل ٽانڪي نچندي، درياهه ڏانهن هلي ويئي. (هلندڙ) شاعري عذرا سرور ڪنڌر ساريان پئي ساريان پئي ساريان پئي من اندر سان پڪاريان پئي ساجن اڄ به توکي ساريان پئي هنجون تولاءِ هاريان پئي ساجن توکي ساريان پئي ڪڏهن ورندين تون پنهنجي ديس ڪانگ به لوي پيو اوقيس مون به پهريو آ ڪارو ويس ساجن توکي ساريان پئي هنجون تولاءِ هاريان پئي گيت وڇوڙي جا ڳايان پئي پل پل پور پچايان پئي ساجن تو کي ساريان پئي. سورج مکي سورج مکي جيان پاڻ کي تو بنايو آ جيڏانهن مڙيو سج اوڏانهن ڪنڌ نمايو آ قدرت به کيس زرديءَ جو ويس پهرايو آ سج جي تپش اڳيان بيهاريو آ راز نياز جي حسين سنسار ۾ پنهنجو پاڻ کي تو لڄايو آ يار جي ياريءَ کي تو ڌڪاريو آ پنهنجي پيار کي تو وساريو آ سک سپرين تون سبق گلاب مان جهڪائي ڪنڌ نيڻن کي هن نمايو آ ڪڏهن بنجي ٿو سيج جي زينت ڪڏهن مزارن تي پاڻ سجايو آ اندر پنهنجي کي نه تو اجاريو آ نفرت جي باهه کي تو ڀڙڪايو آ انڌ جي گهوڙي تي پاڻ کي ويهاريو آ سورج مکيءَ جيان پاڻ کي تو بنايو آ اختر افيروز شاه هر تار ٽٽي پئي آهي دل جي تار کي ڇيڙڻ چاهيان ٿي. پر دل جي هر تار ائين ٽٽي پئي آهي ڄڻ چپن کي چورڻ به وسري ويو آهي بي آواز آلاپ ڳائي دل وندرايان ٿي آهي ڪو ”اختر“ ان بي سر سنگيت کي سمجهي سکڻو ڪشڪول دل جو سکڻو ڪشڪول کنيو ٽواٽي تي ويٺي آهيان ان فقير جيان جنهن کي سڄي ڏينهن ۾ ڪجهه نه مليو هجي صدا هڻندي رهان ٿي آهي ڪو سخي محبت جا بول هن ڪشڪول ۾ وجهي وڃي پر منهنجو آواز ”اختر“ گاڏين جي آواز ۾ دٻجو وڃي! رت جي ڳوڙهن مان اکڙيون آليون ۽ دل زخمي پيرن ۾ زنجير اٿم انڌير جو عجيب هي ننگر ڏٺم رت جي ڳوڙهن مان ڀري قلم جو لکيم ننهن مان ماس جدا ٿيندو اکين سان ڏٺم مهڻن سان دل زخمي زخمي جا ٿيم روز ڦاسيءَ تي ٿا چاڙهين پوءِ به چپن تي مرڪ اٿم پنهنجو ڪو ويساهه گهاتي ڪندو دل کي نه اعتبار اٿم هاڻ ته ”اختر“ پنهنجي پرائي جو يقين به ختم ٿي ويو اٿم! ايڪيهين صديءَ جي عورت هيءَ ايڪيهين صديءَ جي عورت آهي جا ڪڏهن غلامي مان نه آزاد ٿي آهي ڪڏهن رسمن رواجن ۾ قيد آهي ته ڪڏهن پيءُ ڀاءُ جي شفقت ۾ قيد آهي ته ڪڏهن ممتا جي مجبوريءَ ۾ قيد آهي تو ”اختر“ ڪيئن پاڻ کي آزاد سمجهيو آهي ڏسو هيءَ ايڪيهين صديءَ جي عورت آهي! ثمينه ميمڻ رسم جو صليب! هوءَ اڄ پاڻ هن سماج جو هئي حصو بڻي جيڪا ڪڏهن عورت جي ڏاڍ خلاف هئي آواز بڻي ”تو اها رسم نه ٿي ڪري سگهين!“ ڪٿان آواز هو آيو؟ ”تون زال نه پر رن زال آهين!“ ڪٿان آواز هو آيو؟ ”تون زال نه پر رن زال آهين!“ مٺائيءَ ڏانهن وڌيل هٿ هن جو هو رڪجي ويو ازخود هو رئي ۾ لڪي ويو! ٻه ٻول تون چوين ٿو مون توکي سمجهيو ناهي مون ڇا گهريو هو توکان! مٺا ٻه ٻول جنهن جي قيمت هئي تو ڪيڏي ٻڌائي وري به چوين ٿو مون توکي سمجهيو ناهي چڱو ٿيو سمجهيو ناهي نه ته شايد هيءُ ٻه ٻول به مون لاءِ مهنگا پون ها نوشابه ناز عباسي ياد تنهنجي ياد رت بهار ۾ گل کڙن جي مهڪار جيان من اندر سمايل رهندي سنڌوءَ جي لهرن سمان! دوستي دوستي منهنجو روح آ دوستي منهنجي منزل آ حاصل ڪرڻ آسان آ نڀائڻ ان کي مشڪل آ دوستي کٽي به مٺي آ ملهه ۾ جا سون کان سرس آ. زبي پروين ڏاهري وڻ ويڙهي جهڙا احساس ڪجهه اڻ لکا احساس دل جي ڌرتيءَ تي، پاڻمرادو نسري آيل، ٻوٽن جيان، ڦٽي پوندا آهن. ۽ وڻ ويڙهيءَ جيان، ڦٽي پوندا آهن ۽ وڻ ويڙهيءَ جيان سموري وجود کي، وڪوڙي ويندا آهن، ابهم احساسن جي انهن سلن کي ڪوئي مسليندو آهي تڏهن به.... پهرين کان زياده شدت سان نئين تازگيءَ جو احساس کڻي وري ڦٽي پوندا آهن بنا ڪنهن آبياريءَ جي ڪجهه اڻلکا احساس دل جي ڌرتيءَ تي! مهمان جيون _ جهروڪي ۾ ڪي اڻوسرندڙ انسان بنجي مهمان. هوا جي جهونڪي جيان بنا اطلاع جي ايندا آهن ڪجهه لمحا قيام ڪري الوداع چوڻ بنان هليا ويندا آهن هميشه لئه.....!! وقت جي وٿين مان کسڪي ويل پل منهنجي سائڻ! تنهنجي دل ڀي ڪيڏي پاڳل آهي جا ٻيهر ماڻڻ ٿي چاهي وقت جي وٿين مان کسڪي ويل اهي پل جڏهن تنهنجو جيون ڪنهن کي پائڻ جي انڊلٺي احساس سان جرڪي پيو هو من مهڪي پيو هو تنهنجا نيڻ....!! مخملي خواب اڻڻ لڳا هئا لب! بيساخته مرڪڻ لڳا هئا ۽.... پوءِ! اهو طوفان آيو سڀ ڪجهه منتشر ٿي ويو سارا مرڪندڙ _ مهڪندڙ پل وقت جي وهڪري ۾ وهي، اکڙين کان اوجهل ٿي ويا. پيار جي تن پلن سان وابستا بي نانءُ مگر! بي لوث جذبا_ اٽوٽ رشتا ”حاصل“ مان ”لاحاصل“ بڻجي ويا. ڄاڻان ٿي، او! منهنجي جيڏي....! تنهنجي دل سي ساڳيا پل ٻيهر ماڻڻ ٿي چاهي پر، چري! اهي خواب _ لمحا وقت جي ترڪش مان نڪتل اهي تير آهن جيڪي ڪڏهن به واپس ورڻا ناهن، انهن گذري ويل لمحن جي لمس کي اکيون ٻوٽي محسوس ڪرڻ ته ممڪن آ مگر! ٻيهر ماڻڻ، نا ممڪن آ، ناممڪن آ. ڪنول سميجو سچو عشق مون کي عشق آهي ان سان ازل کان آخر تائين رهندو مون سان گڏ پاڇي وانگر رهندو مون کي عشق آهي ان سان اهو عشق سچو عشق آهي ان رشتي ۾ ڪا به ملاوٽ ناهي اهي احسان آءٌ ڪيئن لاهيان جنم آهه ڏنو ان مون کي ڪهڙين تڪليفن سان راتيون جاڳي لوليون ڏيڻ واري پنهنجي ساهه کي تڪليف ڏيڻ واري اولاد جي هڪ رڙ تي تڙپڻ واري اهو رشتو انمول آهه مون کي عشق آهي ان سان گلبدن جاويد پيار جي سهاري تار مان وينديس اڪاري پيار تنهنجي سهاري ڀل جبل رستا جهلن يا کڻي طوفان اٿن عرش تان بجليون ڪرن چؤطرف باهيون ٻرن جهرجهنگ جلي وڃن تار مان وينديس اڪاري پيار تنهنجي جي سهاري نديون نيون پلٽي پون ڍنڍون سڀئي اٿلي پون سمنڊ رخ موڙي ڇڏن لک لوهڻيون چهٽي پون ڀل کڻي واڳون وڙهن تار مان وينديس اڪاري پيار تنهنجي سهاري وقت جا سڀ وهڪرا موڙي ڇڏينديس ظلم جا زنجير سڀ ٽوڙي ڇڏينديس امن ۽ ايڪي جو علم کوڙي ڇڏينديس پريت جو ڌاڳو ٽٽل ڪنهن ريت سان جوڙي ڇڏينديس تار مان وينديس اڪاري پيار تنهنجي جي سهري رشمي راماڻي سپنو نئين ڄاول ٻار وانگر ڪرندو آهي ننڊ جي ترين ۾ سمائجي ويندو آهي رات جي گود ۾ سڄي رات اوندهه جي ڍنڍ ۾ مڇيءَ جيان ترندڙ سپنو مرڪندو آهي سج جي اکين ۾ ترورو بڻجي، ڌرتيءَ جي دامن ۾ گل هوا ۾ سرهاڻ ۽، پاڻيءَ ۾ سنگيت بڻجي مؤجود هوندا آهن سپنا سدائين سڄي سنسار ۾. ماهين هيسباڻي فقيراڻي هوءَ جا ڪيڏي سهڻي آهي جنهن تي ڪنهن جي اک نه ٻڏي ٿي روز نوان ارمان اڻي ٿي، موتئي جا گجرا ٺاهي هوءَ پاڻ به پائي وڪڻي ٿي دين ڌرم جا دوکا ڏئي هر ڪنهن کي هيسائي ٿي ڪارا ڪجلا نيڻ کڻي هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي ٿي ۽ ڪيئي درد ٻڌائي ٿي مان ننهن کان چوٽيءَ تائين تڪيان ٿو هوءَ جا ڪائي فقيرياڻي پر آهي راڻين جي راڻي سينڌ ۾ جنهن جي ڪيئي سپنا جيڪر ساڀيان ٿي پون بي معنيٰ هن جيون جي ڪا سهڻي معنيٰ ٿي پون جوڀن هن جو جرڪي، جرڪي چيهون، چيهون ۽ چوليءَ ۾ اڻڄاتي ڪنهن ٻوليءَ ۾ لڙڪ ڀري نهار کڻي هوءَ چوندي ٿي ڪجهه کاريءَ ۾ مان پنهنجو هٿ وڌايان ٿو خوابن جي هن کاريءَ ۾ ۽ هڪڙو گل کڻي مان هن جي چوٽيءَ ۾ سجايان ٿو ۽ پنهنجي مهر لڳايان ٿو هوءَ نرمل، نرمل چنچل ڇنڇر شرم وچان شرمائي پوتي سيني تي سرڪائي ٿي ڪو گيت انوکو ڳائي ٿي. گيت ڌرتي توکي جي گهرجن مون وٽ گيت اڃا آهن تنهنجا ميت اڃان آهن هر رات اچي ٿي ڏات مون وٽ جهول ڀري ٿي هر، هر سڏ ڪري ۽ اوجاڳا ڪري مون ڪيئي گيت لکيا آهن ڌرتي توکي جي گهرجن مون وٽ گيت اڃا آهن تنهنجا ميت اڃا آهن هو، شيخ چيو ڪو وقت اڳي ”اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها آزاد فضا ڇا ٿيندي آ؟“ تنهن وقت چيو هو مون ان کي ڪو وقت اڳي مون ڄاتو آ آزاد فضا ڇا ٿيندي آ...... جا منهنجي در تي ايندي آهي سا آزاد ئي ته هوندي آ تنهن آزاديءَ جا گيت لکي سا جيت مون توکي ارپي آ ڌرتي توکي جي گهرجي مون وٽ گيت اڃا آهن تنهنجا ميت اڃا آهن. وِمي سدارنگاڻي لِکي تُنھنجو نالو روز اسان جي پيار جي گُلاب جا پَن ھِڪ ھڪ ٿي کُلن ٿا. ڪنھن پَن جي ڪناري تي لکي تنھنجو نالو دٻائي ڇڏيندس ڪتاب ۾. وشواس اٿم ته چوڌاري ويڙھيل بدبوءِ کان گھٻرائجي جڏھن جڏھن ڪتاب جا پنا اُٿلائيندس، تنھنجو نالو مون کي واسي نرمل ڪري ڇڏيندو.