ڪتاب جو نالو: سرتيون 2005ع سرتيون آگسٽ 2005ع گلبدن جاويد سوچ ويچار پياريون سرتيون، زندگي نالو آهي، جدوجهد ۽ جاکوڙ جو صحيح رُخ ۾ مسلسل ۽ لڳاتار محنت ڪرڻ سان نه فقط انسان ڪامياب ۽ سُرخرو ٿئي ٿو، پر ذهني ۽ روحاني طور خوش ۽ پرسڪون پڻ رهي ٿو. روحاني خوشي ئي حقيقي خوشي آهي. خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن پوري ڌرتي جنگ جو ميدان بڻيل هجي ۽ غير يقيني صورتحال جنهن ۾ هر وقت انديشو اهو هجي ته ”گولي“ هيڏانهن يا هوڏانهن ڄاڻ ڪي آئي. اهو ڪو مفروضو نه، پر هن دور جي حقيقت آهي. فسلطين ۽ ڪشمير ۾ سالن کان ٿيندڙ رتوڇاڻ ته ڄڻ پراڻو موضوع بڻجي ويو آهي، پر ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي جو آمريڪا نيويارڪ ۾ 11 سيپٽمبر جو واقعي کان پوءِ ڄڻ ته ٻرندڙ مچ تي ڪنهن تيل هاري ڇڏيو. افغانستان جي تباهيءَ جي شروعات ته ڪئين سال اڳ ٿي چڪي هئي، پر رهي کُهي ڪسربه هاڻ پوري ٿي وئي. ۽ وري دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪندي ڪندي سکيو ستابو ملڪ ”عراق“ تباهه ٿي ويو ۽ ڌرتيءَ ڌڻي پنهنجي ملڪ ۾ اوپرا ٿي، موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي تي اچي ويا آهن. ۽ ڪي وري سر لڪائڻ لاءِ لاچار آهن. خبر ناهي اهي حالتون دنيا کي ڪھڙي موڙ تي پھچائينديون؟ اڄڪلھ وري برطانيا جي گاديءَ جي شهر لنڊن ۾ ٿيل ڌڪامن ته هيڪاري ممڻ مچائي ڇڏيو آهي. بنان تصديق جي ڪارواين جو ڳڙو وري به مسلمانن تي ڪيرايو ويو آھي جو نيوزيلئنڊ ۽ ٻين ھنڌن تي مسلمانن جي عبادتگاهن کي ڊاهيو ويو آهي. بهرحال حالتون ڪهڙيون به هجن ڀوڳي وري به عورت ٿي. مسئلا ڪهڙا به هجن، پر هر تباهيءَ جو سنئون سڌو اثر عورت تي پوي ٿو. جي وَرُ ويس ته به رُلي، جي ٻچا مئس ته به ڦُري. جي گهر ويس ته ڪٿان جي ڪانه رهي! سرتيون آگسٽ 2005ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. رسالو ڪيئن آهي؟ اوهين پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪنديون. اهو اوهان جي ساٿ ۽ سهڪار جو نتيجو آهي. جو پرچو وقت اندر شايع ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي ٿو. اميد ته اوهان جو ساٿ هميشه جاري ۽ ساري رهندو! گلبدن جاويد سرتيون شاهه لطيف چئي: حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن، وڄون وسڻ آئيون، ٽـــّ ٽـــّ مينهن ٽمن، جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن، پنجن منجهان پندرهن ٿيا، اِئن ٿا ورق ورن، ڏڪاريا ڏيــّ مان، شل موذي سڀ مرن، وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن، سيد چئي سڀن، آه توه تنهنجي آسرو“ ڏيهي پرڏيهي عورتن جو خبرنامو نيويارڪ ”ٽائيمز“ جي صحافي ”جوڊٿ ملر“ جنهن کي خبر ڏيندڙ ذريعن جو ڏس پتو نه ڏيڻ تي جيل موڪليو ويو آهي. هن 2003ع ۾ CIA جي هڪ ايجنٽ جي راز رکڻ جي سلسلي ۾ ڳولا جي ڪارواين ۾ سهڪار کان انڪار ڪيو هو. جوڊٿ ملر پنهنجو موقف ٻڌائيندي چيو هو ته ”صحافين کي هن ڳالهه جي اجازت هئڻ گهرجي ته اهي پنهنجي خبرن جا ذريعا ڳجها رکي سگهن ته جيئن آزاد صحافت کي تحفظ ملي سگهي.“ واضح رهي ته ڪنهن به CIA جي ايجنٽ جو نالو ڳجهو رکڻ آمريڪي وفاقي قانون جي خلاف ورزي سمجهي ويندي آهي. هن مقدمي جي سلسلي ۾ وڪيل پئٽرڪ فٽن ڪيرالڊ هن ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ”بش حڪومت ۾ اهو ڪهڙو شخص آهي جنهن اخباري نمائندن کي هيءَ ڳالهه ٻڌائي هئي. هڪ سابق آمريڪي سفير جي زال ويلري پليم CIA جي ايجنٽ هئي ۽ هن کان اڳ سندس مڙس جوزف ولسن صدر جارج ڊبليو بش جي انهن شاهدين کي وائکو ڪيوجن جو بهانو ڪري هن ”عراق“ تي حملو ڪرڻ کي صحيح قدم قرار ڏنو. ان کان پوءِ جوزف ولسن هي الزام لڳايو هو ته ”سي آءِ اي“ ايجنٽ جي طور تي سندس وَنيءَ جي نالي کي انتقام وٺڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ظاهر ڪيو ويو آهي. هن مقدمي جي سلسلي ۾ ٽائيمز مئگزين جي رپورٽر ”ميٿيو ڪوپر“ به شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوءِ هن پنهنجو ارادو مٽائي ڇڏيو. وڪيل فٽر ڪيرالڊ هي موقف اختيار ڪيو ته ملر ۽ ڪوپر جيڪي انهيءَ راز بابت ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ذريعا ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين جيل اماڻيو وڃي. ان کان پوءِ عدالت فيصلو ڏنو ته آڪٽوبر ۾ عدالتي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين جوڊٿ ملر کي جيل موڪليو وڃي پر جي انهيءَ وچ ۾ هوءَ شاهدي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي تي جوڊٿ ملر چيو ته ”جيڪڏهن صحافين کي اعتماد ۽ اعتبار بحال رکڻ لاءِ ڀروسي جوڳو نه سمجهيو ويو ته اهي پنهنجو فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪري نه سگهندا ۽ آزاد صحافت جو تصور فقط هڪ خواب بڻجي رهجي ويندو. نيويارڪ ٽائيمز جي پبلشر جوڊٿ ملر جي حوصلي ۽ جرئت جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”هن پنهنجي ذريعي جو راز رکي پنهنجو واعدو پاڙيو آهي ۽ جمهوريت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو اٿس. مئگزين جي رپورٽر ميٿيو ڪوپر جج کي چيو ته مون آخري لمحن ۾ پنهنجو ذهن انهيءَ ڪري تبديل ڪري ڇڏيو جو، مون کي ڊرامائي انداز ۾ منهنجي ذريعي فون تي چيو ته تون چاهين ته منهنجو نالو ظاهر ڪري سگهين ٿو.“ هن مقدمي آمريڪا جي نشريات ۽ اطلاعات ۾ صحافت جي آزاديءَ جي حوالي سان وڏو هُل ۽ هنگامو مچائي ڇڏيو آهي ۽ ان جي تحفظ لاءِ وفاقي قانون جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. 2. عورتون هڪ اسٽال تان خريداري ڪري رهيون آهن جيڪو هڪ نمائش ۾ لڳايل آهي. هيءَ نمائش آل پاڪستان ميمڻ آرگنائيزيشن طرفان لڳائي وئي آهي. 3. قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار جي ڇٻر تي هڪ بي گهر ڪٽنب جي بدحالي ۽ بي وسيءَ جو هڪ ڏيک، اهڙي پسمنظر ۾ ڪنهن شاعر جو شعر آهي ته: ”تون ڳالهه ڪرين ٿو زلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي. تون ڪُوڪ ٻڌين ٿو ڪوئل جي، مان پيٽ بکايل ٻارن جي.“ 4. لنڊن ۾ ائٿلٽڪ دوران رشيا جي بيلينا اسنباويا، ورلڊ رڪارڊ حاصل ڪيل آصافا پاويل ۽ ٻين کي شڪست ڏئي پنج ميٽرن جي ڊوڙ کٽي ورتي. ان موقعي تي هوءَ خوشيءَ جو اظهار ڪندي نظر اچي رهي آهي. 5. مانيٽريال ۾ راندين دوران آسٽريليا جي ٽيم راند کٽڻ جي خوشيءَ ۾ پنهنجا ميڊلس هٿن ۾ جهلي نظر اچي رهي آهي. 6. اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهري دوران هڪ مدرسي جون شاگردياڻيون پوسٽر هٿن ۾ جهلي چئي رهيون آهن ته اسين لنڊن ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ شامل ناهيون! 7. مارڪيٽ ۾ هڪ عورت طوطن جو واپار ڪندي نظر اچي رهي آهي. پکين سان پيار ڪندڙن لاءِ هي طوطا وڏي ڪشش رکن ٿا. خاص ڪري ٻارن لاءِ. جيڪڏهن گهرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته خبر پوندي ته پکين جا پر ڪٽي انهن کي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ سان خود ڪهڙي آزادي ماڻيندو! 8. حلا: هڪ عراقي ماءُ پنهنجي پٽڙي کي ڏسي رهي آهي، جيڪو سڄو سڙيل آهي. هي ٻار اُنهن 150 زخمي ٿيل عراقي ماڻهن ۾ شامل آهي، جيڪي خودڪش حملي وارن جي هٿان زخمي ٿيا ۽ 98 انسان اجل جو شڪار ٿي ويا. ”قيامت کان اڳ ۾ قيامت اچي وئي. انسان تي ڪهڙي مصيبت اچي وئي.“ 10. نيو دهلي: نيشنل هندو ڪائونسل جون رڪن عورتون ”امن جي بحالي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي“ لاءِ زور زور سان نعرا هڻي حڪومت کان گهر ڪري رهيون آهن ته ايوڌيا ۾ ٿيل حملن جي نقصان جو ازالو ڪريو ۽ ايوڌيا جي عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ بندوبست ڪريو. 11. حيدرآباد جون هارياڻيون ڄام شوري تعلقي جي پريس ڪلب اڳيان قرض جي عيوض جي مزوريءَ خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. 12. بغداد ”هڪ ماءُ پنهنجي ٻن معصوم پٽڙن جون تصويرون کڻي کين ڳولي رهي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي جيڪي ڌماڪا ٿيا، جن ۾ 100 ماڻهن جي مرڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي. ان ڏينهن کان هيءَ عورت پنهنجن جگر جي ٽڪرن جي تلاش ۾ آهي. هيءَ تصوير ڪربلا جي ميدان جو نمونو پيش ڪري رهي آهي. لطيف چواڻي: ”واٽون ويهه ٿيون، ڪَهه ڄاڻان ڪيهي ويا!“ 13. امر تسر: هيءَ تصوير جيڪا 3 جولاءِ جي نڪتل آهي. هن ۾ ڊمپل پنهنجي ماءُ (جنهن کيس جنم ته نه ڏنو، پر اولاد وانگر کيس پاليو آهي) سلوچنا ايم ڪرنجا سان گڏ بيٺل آهي.“ جج کين ايندڙ مهيني ۾ ٻڌڻيءَ جي تاريخ ڏني آهي. انڊيا جو هي پهريون ڪيس آهي، جيڪو هڪ ڌيءُ، پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف آندو آهي ته انهن هن کي گهٽين ۾ هڪ يتيم وانگر ڇڏي ڏنو، جج گرنام سنگهه 24 آگسٽ فڪس ڪئي آهي. 28 سالن جي ڊمپل هڪ لک رپين جو ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي ته جيئن هن جي تعليم ۽ ٻين خرچن جو پورائو ٿي سگهي. انڊيا ۾ اهڙي نوعيت جو هي پهريون يادگار ڪيس آهي، جنهن ۾ ٻار اهڙي قسم جي دعوى ڪئي آهي. 14. اسلام آباد: پوليس جي چڙهائي ڪرڻ کان پوءِ هڪ مذهبي تعليمي اداري ”لعل مسجد“ جي شاگردياڻيون ۽ استادياڻيون احتجاج ڪندي. 15. لنڊن رُسل اسڪائر ۾. ”جنگ جي خلاف ۽ امن جي بحاليءَ لاءِ مسلمان تنظيم جي ڪارڪنن هڪ وڏو احتجاجي جلوس ڪڍيو. 16. بندر سيري بيگاوان! برنينين جو سلطان بلخا ۽ سندس راڻي صالحه ساڻس گڏ نظر اچي رهي آهي. سلطان حسنال جي جنم ڏڻ جي سيليبريشن جو هڪ ڏيک. سلطان حسنال، تيل جي ڀرپور ذخيرن سان مالا مال ملڪ برنيءَ جو حڪمران آهي. ڊان جي ٿورن سان ترجمو: گلبدن جاويد سليم سهتو آزاد نظم ڪمزور عورت جي صدا جڏهن منهنجو برقعو تار تار ٿي، منهنجي گهر جون ڀتيون، منهنجي لاءِ اجنبي ٿي ويون، منهنجي والدين جي خاموشيءَ ظاهر ڪيو، تون اسان لاءِ مئل آهين! مان پنهنجي پيارن ڏانهن موٽيس، در کڙڪائڻ کانسواءِ، تمام وڏي ڀروسي سان، جنهن سان پيار ڪيم ان ڏانهن نهاريم، پر هُن جون اکيون برف ٿي ويون، هاڻي، مان کليل آسمان هيٺان هُيس، بيوس ٿي ويس، خدايا! مان هاڻي ڪيڏانهن وينديس” هڪ ڊگهي ڪاري رات مون اڳيان هئي. نوس نوس ڪندڙ چوڌاري بگهڙ، ڇڀندڙ اکيون، اسان کي نظر انداز ڪرڻ جو نتيجو ڏس! جنسي اشارا، تنقيدي ٽهڪ، تذليلي ليکراٽ ناسوري هوا، زخم ڏيندڙ برسات، ۽ پٿر، هر پاسان........! ******** عامر سيال وائي مُرڪي پئي آهين، منهنجو نانءُ ٻڌي. تون ڳاڙهن گُلڙن جيئن، مَهڪِي پئي آهين. منهنجو نانءُ ٻڌي. تون اجر ساگر جيان، جَرڪِي پئي آهين. منهنجو نانءُ ٻڌي. ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي، چَمڪِي پئي آهين. منهنجو نانءُ ٻڌي. تون ايڏي بيچين اڄ، ڇو ٿي پئي آهين؟ منهنجو نانءُ ٻڌي. ­­­­­­­­­**** عامر سيال نظم لفظ ڪاغذ جي مٿان، راند کيڏن ٿا رڳو! منهنجي جذبن جي سڳنڌ روز ٿي تڙپي اُٿي! روز ٿو محشر مچي! ڪير ٿو سمجهي سگهي؟ ذهن جو ڪوٺيءَ منجهان، خيال جو ڪرڻو نئون، ٿيڙ کائي ٿو ڪري! سوچ جي نگريءَ اندر، آڳ ڀڙڪي ٿي پُوي! بي خياليءَ جو بدن، پُرزا پُرزا ٿيو وڃي! ڪير ٿو سمجهي سگهي! لفظ ڪاغذ جي مٿان، راند کيڏن ٿا رڳو! *** پارس راڻي ڪائي اک رات ڀني (ٽيڙو) ٿڌڙي ٿڌڙي هِيرَ! جنهن پل تو ٻوليو _ اُگهي وٺ پنهنجا نِيرَ! ******** وسن پيا منهنجا نيڻَ، جلدي اچ او راڻا _ ڳران پئي ڄڻ ڪا ميڻَ! ******** ڪيسين ٻرندي ميڻ بتي، اگهاڙا پير، ڏُور منزل _ ۽ جيون آهي واري تَتِي. ******** مِٽيءَ ۾ مليل ماڪَ ٿي ويس، وَڃڻ وارن مُڙي به نه ڏٺو _ وِکري خاڪ ٿي ويس! ******** منهنجون کليل ٻانهون، آڇن پيون توکي _ پنهنجون پناهون! ********* پيار جون فريبي راحتون، وِڪامجن پيون هتي _ سَستي اگهه چاهتون! ******** بندوق جي گُونج، اڏامي آڪاش ڏانهن _ وري ڪائي ڪونج! ********* بندوق جي آهي صدا، ڪاري ڪري ماريئي _ چوندي هئي صدقي ادا! ******** نوبل انعام کٽيندڙ ونگاري ماٿئي جعفر رضا / نجمه پنهور آفريڪا: ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ پوئتي پيل کنڊ آهي. بک، بيماريءَ ۽ گهرو ويڙهه جو شڪار آهي. وسيلن سان ته مالا مال آهي، پر پوءِ به غريب مسڪين آهي. واتاورڻ / ماحول کي صاف سٿري رکڻ، ان کي گدلاڻ کان بچائڻ جي ڏس ۾ هن خاتون جيڪي شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن کي آڏو رکندي گذريل سال (2004ع) امن جو نوبل انعام کيس ڏنو ويو آهي، ان مائيءَ جو نالو آهي ونگاري ماٿئي! مائي ونگاري ماٿئي جو جنم 1940 ۾ ٿيو. هن نيروبي يونيورسٽيءَ مان اناٽاميءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي ۽ آمريڪا جي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ واري پهرين عورت بڻجي وئي. ريڊ ڪراس ڪينيا جي ڪيترا سال ڊائريڪٽر رهي. 1977ع ۾ هن ڪينيا ۾ غير ضروري وڻن جي واڍيءَ جي ڪري جهنگ ختم ٿيڻ ڪري انهن جي بچاءَ جي لاءِ هڪ ”وڻڪار تحريڪ“ جي شروعات ڪئي. هن تحريڪ جو اهم ۽ بنيادي مقصد اهو هو ته ماڻهن کي اُهو شعور ۽ سمجهه ڏني وڃي ته وڻڪاري ڇا آهي؟ ٽيهن سالن جي عرصي دوران هن تحريڪ ذريعي ٽي ڪروڙ وڻ پوکيا، جنهن ڪري اتي جي جهنگلن جي غير ضروري واڍ روڪڻ ڪري اتي جي زمين جي زرخيزيءَ ۾ واڌارو ٿيو ۽ اتي جي عام ماڻهن جي ٻارڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪاٺيون پڻ ملڻ لڳيون. هن تحريڪ ۾ ڪينيا جي ٻهراڙين جي عورتن حصو ورتو. عورتن جي وڌيڪ دلچسپيءَ جي ڪري ئي هن تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو ونگاري ماٿئي جي سحر انگيز شخصيت جو ئي اثر هو. وڻڪاريءَ دوران هوءَ عورتن جي نئشنل ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان خدمت سر انجام ڏيندي رهي. ونگاري ماٿئي جي زندگي اعلى مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه وقف رهي. انهيءَ جذبي هيٺ هن ماحوليات ۽ ٻين ڪيترن شعبن ۾ تمام گهڻيون خدمتون سر انجام ڏنيون. 1998ع ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي سامهون ڪينيا ۾ هڪ پُر آسائش هائوسنگ پراجيڪٽ جي تعمير جي خلاف آواز اٿاريو، پراجيڪٽ جي تعمير جي لاءِ ڪينيا جا سوين ايڪڙ جهنگ کي ڪٽڻو هو. هن بچاءَ واري تحريڪ جي دوران هن تي قاتلاڻو حملو پڻ ٿيو جنهن ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي. هن احتجاج جي ڪري 1991ع ۾ ان وقت جي حڪومت هن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو. جتان هن جي آزادي ايمنسٽي انٽرنئشنل جي ”خط لکو مهم“ جي پاران ممڪن ٿي. حالات جون سختيون هن جي ارادن کي ذرو به لوڏي نه سگهيون، ماحول جي بچاءُ جي لاءِ ماٿئي پنهنجي دل و جان سان پنهنجي مشن ۾ مصروف رهي. 2002ع ۾ هن ڪينيا جي پارلياماني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ 98 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. 2003ع ۾ ماٿئي کي ماحوليات، قدرتي وسيلن ۽ جهنگلي جيوت جونائب وزير مقرر ڪيو ويو، 2004ع ۾ هن جي بي لوث خدمت جي مڃتا لاءِ کيس نوبل انعام ڏنو ويو. انعام جي لاءِ چونڊجڻ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ هڪ صحافيءَ کي ڏنل انٽرويو ۾ ماٿئي چيو! ”نوبل انعام کڻڻ کان پوءِ منهنجون ذميواريون وڌي ويون آهن، مان صرف پنهنجي ملڪ ڪينيا جي لاءِ نه پر سموري آفريڪا کنڊ جي بهتريءَ جي لاءِ ڪم ڪنديس ۽ منهنجو مشن جاري رهندو.“ *** قانون ۽ عورت ڳورهاري عورت جا حق مڙس ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي سندس آرام جو خيال رکن. ان کي سٺي خوراڪ ڏني وڃي. ان جي مٿان گهڻي ڪم جو بار نه وڌو وڃي. ويم جو مناسب انتظام ڪيو وڃي ته جيئن عورت ۽ ٻار ٻنهي جي زندگي بچي وڃي. پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 34 هزار عورتون ويم دوران فوت ٿي وينديون آهن. عورت کي اهو حق آهي ته جيترا مناسب سمجهي اوترا ٻار پيدا ڪري. اسان جي سماج ۾ چڱي عرصي کان عورت کي فقط ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين سمجهيو وڃي ٿو. گهٽ آمدنيءَ وارن ڪٽنبن ۾ اٺَ يا نوَ يا يارهن ٻارن جي پيدائش معمولي ڳالهه آهي. لڳاتار ٻار پيدا ڪرڻ سان عورت جي صحت تباهه ٿي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ عورتن جو وڏو تعداد رت جي کوٽ جو شڪار آهي، انڪري عورت يا ته وقت کان اڳ مري وڃي ٿي يا هڪ زنده لاش بڻجي بيشمار بيمارين ۾ مبتلا رهي ٿي. انساني وجود فقط جسماني نه پر ذهني به هوندو آهي. گهڻن ٻارن واري عورت حياتيءَ جو وڏو حصو ذهني عذاب ۾ گذاري ٿي. ان ڳالهه کان ڪير واقف ناهي ته گهڻن ٻارن واري گهر ۾ ئي مرد عام طور تي لاپرواهه ٿي ويندو آهي. هوءَ رات ڏينهن انهيءَ ڏک ۾ رهندي، پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي ٻارن کي کارائيندي رهندي آهي. اهڙيءَ طرح ٻارن جي گهڻائي هن لاءِ روح جو عذاب بڻجي ويندي آهي. خوشيءَ جو حق ته الله تعالى جانورن کي به ڏنو آهي. جيڪي چراگاهن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندا وتندا آهن. ڇا عورت جانورن کان به ويل آهي؟ جو ٻارن جي گهڻائي ڪري ان کان تفريح، سٺا ڪپڙا، سٺي خوراڪ ۽ ذهني سڪون کسي وٺجي؟ انهيءَ ڄاڻ مطابق عورت جا ٻه بنيادي حق آهن: عورت کي حق آهي ته هوءَ ٻارن جي وچ ۾ جيترو وڻيس اوترو وقفو رکي. عورت کي حق آهي ته اها ٻار پيدا ڪرڻ کان روڪ لاءِ دوائون کائي يا آپريشن ڪرائي. هونئن ته دنيا ۾ ٻار نه ٿيڻ لاءِ عورتون صدين کان ڪونه ڪو طريقو استعمال ڪنديون آيون آهن. ليڪن اهو نسخو فقط عورتن جي علم ۾ هوندو هو. مردن کان اها ڳالهه ڳجهي رکي ويندي هئي. هاڻ وقت اهو اچي ويو آهي ته عورت جي ان حق کي قانوني طور تسليم ڪيو وڃي. جدوجهد ۾ ساٿ ڏيو. پاڪستان جي آئين ۾ عورتن کي ڪافي حق ڏنا ويا آهن. بدقسمتيءَ سان گذريل ڪجهه سالن اندر اسان جي وطن ۾ اهڙيون تبديليون آيون آهن، جو انهن مان ڪيترائي حق ختم ڪيا ويا آهن، انهيءَ دور ۾ حدود آرڊينس جاري ڪيو ويو، جنهن موجب زوريءَ زنا جو نشانو بنجڻ واري عورت يا ڇوڪريءَ کي به ڏوهاري قرار ڏئي سگهجي ٿو. ان آرڊيننس هيٺ هڪ گهر ۾ نوڪري ڪرڻ واري انڌي ڇوڪريءَ کي جنهن سان گهر جي مالڪ پيءُ ۽ پٽ زوريءَ زنا ڪئي هئي ڦٽڪن جي سزا ڏئي وئي. ان آرڊيننس هيٺ پاڪستاني عيسائي يا پارسي ڪنهن به غير مسلم عورت سان زوريءَ زنا جي سزا مسلمان عورت جي مقابلي ۾ گهٽ رکي وئي آهي، اها اسان سڀني مسلمان عورتن لاءِ نهايت شرم جي ڳالهه آهي ۽ اسلام جي روح جي خلاف آهي، ڇو ته اسان جي پياري مذهب جو بنياد انصاف ۽ مساوات آهي. اهڙيءَ طرح هڪ مرد جي شاهديءَ جي ڀيٽ ۾ ٻن عورتن جي شاهديءَ جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي. جنهن جي حساب سان عورت جي سمجهه ۽ عقل کي مرد جي سمجهه جي اڌ برابر قرار ڏنو ويو آهي. انهيءَ قانون موجب هڪ سمجهدار ۽ پڙهيل لکيل عورت جي شاهديءَ جي ڪا اهميت ناهي. ان جي ڀيٽ ۾ ان جو ڄٽ ۽ گهٽ سمجهه وارو چوڪيدار قانون جي نظر ۾ وڌيڪ معتبر آهي ڇو ته هو مرد آهي. اسين سمجهون ٿيون ته عورتن جي انتهائي توهين ڪرڻ وارو قانون اسلام جي روح جي خلاف آهي. اسانجو پيارو دين عورت ۽ مرد وچ ۾ امتياز جي ڳالهه نٿو ڪري، حقيقت اها آهي ته ڪجهه تنگ نظر ظالم ۽ سفاڪ مردن هڪ پاڪ ۽ صاف دين کي صدين کان عورتن جي خلاف استعمال ڪيو آهي ۽ مقدس ڪتابن کي به پنهنجي مرضيءَ جي معنى ڏيندا رهيا آهن. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون انهن ڪارن قانونن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. اوهان کي عرض آهي ته انهن تحريڪن جو ڀرپور ساٿ ڏيو، اوهان انهيءَ سلسلي ۾: 1 .جلوسن ۾ شامل ٿي سگهو ٿيون. 2. صحيح مهم شروع ڪري سگهو ٿيون. 3. اخبارن ۾ مضمون لکي سگهو ٿيون. 4. اخبارن ۾ لڳاتار خط لکي سگهو ٿيون. پاڪستان ۾ عورتن کي حق ڏيڻ لاءِ انهن جو سماجي رتبو وڌائڻ لاءِ جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميشن قائم ڪئي وئي. ان ڪميشن تمام سٺيون تجويزون ڏنيون آهن. اوهان کي اسان جي ڀرپور سفارش آهي ته انهن سفارشن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ تحريڪ ۾ سڀني عورتن جو ساٿ ڏيو. (واعده ڪتاب گهر طرفان ڇپايل ڪتاب ”قانون ۽ عورت“ تان ورتل) ************** تاريخ، فيشن ۽ عورت ساجده پروين سهتو ڌرتيءَ تي هڪ وڏو دور مادراڻي سماج / عورتاڻي سماج جو ٿي گذريو آهي. انهيءَ سماج ۾ مک حيثيت ماءُ جي هئي. مرد جي حيثيت ان دور ۾ ثانوي رهي آهي. ڏکڻ آفريڪا جي ڪن ڀاڱن ۾ اڃا تائين اهو عورتاڻو سماج ڪن قبيلن ۾ موجود آهي. جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي رهندڙ ميربحرن جي زندگيءَ جو سماجي اڀياس پڻ انهيءَ مادراني سماج ڪنهن نموني هئڻ جا ثبوت پيش ڪري ٿو. اهي ميربحر گهڻي وقت تائين سمنڊ ۾ شڪار سانگي رهڻ جي ڪري پويان گهرو ڪم ڪار ۽ ٻيو ڪاروهنوار عورتون سنڀالين ٿيون. اڄ به اتي اولاد ماءُ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿي. مثال طور احمد ڦاپوءَ جو. معنى ڦاپوءَ جو پٽ احمد جي نالي سان اولاد کي سڏيو يا ڪوٺيو وڃي ٿو. هر دور ۾ عورت جو ڪردار سماجي ترقيءَ ۾ اهم ۽ مک رهيو آهي. عورت ذات ڏوٿي دور کان وٺي شڪاري دور تائين. عورت شڪاري دور کان وٺي مالوند دور تائين. ڌڻ ڌارن واري دور کان وٺي زرعي دور تائين. تاريخدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته زراعت جو بنياد عورت ئي وڌوآهي. عورت ذات کي ڏوٿي دور ۾ ڏٿ چونڊيندي، جهنگلي فصلن جي پيدا ٿيڻ ۽ ٻج بابت ڄاڻ ٿي ۽ پوءِ هن ان جو ٻج سانڍي رکيو ۽ ان ريت عورت هٿ سان پوک شروع ڪئي، چئي سگهجي ٿو. منظم زرعي سماج جي بانيڪار عورت ئي آهي. هڪ وڏي زماني تائين هن سڄي ڌرتيءَ تي ”مادرانا يا عورتاڻو سماج“ يعني عورت ئي اُن سماج ۾ مک سماجي حيثيت رکندڙ هئي. شايد اهو سڄو دور امن جو دور رهيو هوندو.ان کان پوءِ ماحولياتي تبديلين جو هڪ دؤر شروع ٿئي ٿو. جنهن ۾ مينهن نه وسڻ جي ڪري چراگاهن، سيمن جي اڻاٺ ٿي وئي. ڍنڍون ڍورا سڪي ويا ۽ ماڻهن ۾ لڏ پلاڻ شروع ٿي ۽ دريا جي پاسن ۾ بچتو پاڻيءَ حاصل ڪرڻ تي لڙايون شروع ٿي ويون، جنهن ۾ مرد ويڙهاڪ طور آمهون سامهون ٿيا. ان ڪري جو مرد خطري طور مضبوط جسماني بيهڪ جي ڪري جنگ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مناسب ثابت ٿيو. سُرهين ۽ ساين سيمن / چراگاهن جي حاصلات لاءِ ٿيل جنگين ۾ هڪ قبيلي جي شڪست کانپوءِ ان قبيلي جون عورتون غلام بڻجي وينديون، جن جا نڪ، ڪن ٽوپائي ۽ ڳچين ۾ غلاميءَ جا طوق پارايا ويندا هئا، جيڪي اڄ به نفيس شڪل ۾ عورت پنهنجي هار سينگار طور غلاميءَ جي انهن نشانين کي قائم دائم ۽ سانڍيندي رکندي آئي آهي. جڏهن انسان ٿانيڪو ٿيو ديرا، وسنديون جڙڻ لڳيون، تڏهن به عورت جو معيشت جي مامرن ۾ ڪردار مک رهيو پر سماج جي ڪاروهنوار جهڙوڪ! فيصلن ڪرڻ وغيره ۾ ڪردار ثانوي ٿي ويو. جڏهن ته اهم معاشي ذميواريون جهڙوڪ ڏٿ چونڊڻ، مال چارڻ، گهر ٺاهڻ کان وٺي ٻني ٻارو سنڀالڻ تائين واريون مک ذميواريون عورت جي ئي بلي رهيون. فيشن يا پاڻ سنوارڻ جي تاريخ اڀياس اهو ٻڌائي ٿو ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت ذات ئي پاڻ سنوارڻ ۽ سينگارڻ واري فن جي باني آهي. موهن جي دڙي مان سڀ کان وڌيڪ جيڪي شيون لڌيون آهن. سي تمام نفيس ڍڪن وارا برتن آهن، جن ۾ پاڻ سنوارڻ ۽ سينگار جو سامان رکيو ويندو هو. ان زماني جي حساب سان منهن کي صاف رکڻ، ڳلن، چپن کي رڱڻ واريون شيون، نت نوان ڦڻين جا قسم ۽ اهڙا عاليشان زيور جو سرجان مارشل چيو ته: ”ڄڻ ته لنڊن جي باند اسٽريٽ مان هاڻ ٺهي آيا آهن“ فن جي اڀياس جي تاريخ 1500 سال پراڻي آهي، جڏهن ماڻهو اڃا غارن ۾ رهندا هئا، اتي به غارن مان ڪجهه سينگار جو سامان مليو آهي. خود اڄ جيان گهرن کي ٺاهڻ وارو ڪم ان دور ۾ به غارن کي عورتون سنگارينديون هيون. اسپين مان اهڙا ڪيترائي غار لڌا آهن جن جي پتين کي ڪن رنگن سان چٽي سينگاريو ويو آهي. اڄ کان هزارين ورهيه اڳ عورت بهترين ڪپڙا ۽ بهترين زيور پائڻ سان گڏ خوشيءَ جي مختلف ڏڻن تي عورت تمام عاليشان سينگار شروع ڪيو. ان جي ثابتي قديم سنڌو تهذيب، قديم مصري تهذيب ۽ يوناني تهذيب مان ثابت آهي. برٽش ميوزم ۾ جيڪي موهن جي دڙي جا زيور موجود آهن. سرجان مارشل چواڻي ته ”اهي ڄڻ لنڊن جي سونن زيورن واري مشهور گهٽي (بانڊ اسٽريٽ) مان تازو ٺهي آيا آهن. افسوس سنڌ جا اهي قديم نوادرات سنڌ ۾ موجود ڪونه آهن، پر انهن مان ثابت آهي ته اڄ کان پنج هزار سال پهرين سنڌ ۾ زيور گهڙڻ واري صنعت ايڏي اوج تي هئي جو اڄ به اهي لنڊن جهڙي شهر مان ٺهيل محسوس ٿين ٿا. ان جو مطلب ته سنڌ جون عورتون ان دور ۾ انگلينڊ جي عورتن وانگر ۽ انهن جهڙا ڳهه پائينديون هيون. موهن جي دڙي واري زماني ۾ سنڌو سڀيتا ايڏي اوج تي هئي، ان جي ڀيٽ ۾ سڄي يورپ ۾ وسندڙ انسان اڃان رڳو باهه ٻارڻ مس سکيو هو ۽ يورپ جي قديم انسان (نيندر ٿل) تي ان کي رڳو اهائي برتري حاصل هئي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي ماڻهو نه رڳو شهر ٺاهڻ پر مڪمل ۽ ڀرپور شهري شعور (civil sense) رکندڙ هئا، ان جو ثبوت موهن جا دڙي جو وهنجڻ جو تلاءُ، پڪسريون ۽ ڍڪيل ڪسيون (ناليون) آڙماڙ کوهه ۽ ٻين انيڪ شيون ڏين ٿيون. قديم مصري احرامن جي کوٽائي مان اهو ثابت آهي ته شاهي خاندان جون عورتون ڪهڙي قسم جا ويس وڳا پهرينديون هيون. هو نت نون نمونن سان وار ٺاهينديون ۽ وار بڪل ۽ زيورن سان سينگارينديون هيون. هنن جا زيور اڄ به تمام اعلى ۽ خوبصورت آهن. مصري مان اڄ کان چار هزار ٻه سو سال اڳ جي يوناني لوڪن جون تصويرون هٿ آيون آهن. جيڪي ڪاٺ جي تختين تي ٺاهيون ويون آهن. جيڪي ان دور جي فيشن کي ظاهر ڪن ٿيون. جيڪي مصري تصويرن کان مختلف آهن. سنڌي تهذيب جي ڀيٽ ۾ اهي تصويرون، زيور ۽ فيشن رڳو شاهي خاندان ۽ ان سان لاڳاپيل فردن جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي کا ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته سنڌو تهذيب، موهن جو دڙو اڄ کان پنج هزار ورهيه اڳ عام انسانن جي رهڻي ڪهڻي کي ظاهر ڪري ٿو. ان ريت ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو تهذيب آڳاٽي هئڻ سان گڏ دنيا جي تهذيبن ۾ وڌيڪ مان شان ۽ وقار واري آهي. ان ڪري جو ان دور جو عام ماڻهو رهڻي ڪهڻي ۾ انگلينڊ ۽ قديم مصر جي تهذيب سان ڪلهي جوسي هو. بلڪ ڪيترين ڳالهين ۾ مٿڀرو هو، هو ڪپڙا ٺاهڻ، سبڻ، ان تي ڇُر جو ڪم ڪرڻ، ان تي ڀرت ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي ٻين ڌسائن جهڙوڪ: راڄنيتي ۾ جمهوري، عوام دوست، امن پسند ۽ زندگيءَ جي مختلف ڏسائن ۾ ڏاهو ۽ سياڻو هو. اهڙو امن پسند ماڻهو، جنهن جي هر دور ۾ گهڻي گهرج رهندي آهي پر هن دور ۾ اهڙي سماج جي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ اسان سنڌ واسين کي انهيءَ ڳالهه تي فخر آهي ته اسان ماضيءَ جي اهڙي ورثي جا امين ۽ رکوالا آهيون، جنهن ورثي جي اڄ جي بدامنيءَ ۾ ورتل دنيا کي گهڻي گهرج آهي. پوءَ ڇو نه اسان پنهنجي انهي آڌرشي ماضي کي بنياد بڻائي هڪ نئون آدرشي سماج جوڙڻ لاءِ اڳتي وک کڻون ۽ دنيا کي امن جي ان دور ڏانهن وٺي هلون، اهڙي دنيا ڏانهن هلون جنهن ۾ سونهن، سوڀيا، امن ۽ آشتي هجي. پارس راڻي ڪائي اک رات ڀني (ٽيڙو) ٿڌڙي ٿڌڙي هِيرَ! جنهن پل تو ٻوَليو _ اُگهي وٺ پنهنجا نيِرَ! **** وسن پيا منهنجا نيڻَ، جلدي اچ او راڻا _ ڳران پئي ڄڻ ڪا ميڻَ! ***** ڪيسين ٻرندي ميڻ بتي، اگهاڙا پير، ڏُور منزل _ ۽ جيون آهي واري تَتِي. ***** مِٽيءَ ۾ مليل ماڪَ ٿي ويس، وَڃڻ وارن مُڙي به نه ڏٺو _ وِکري خاڪ ٿي ويس! ***** منهنجيون کليل ٻانهون، آڇن پيون توکي _ پنهنجون پناهون! ***** پيار جون فريبي راحتون، وِڪامجن پيون هتي _ سَستي اگهه چاهتون! ***** بندوق جي گُونج، اڏامي آڪاش ڏانهن _ وري ڪائي ڪونج! **** بندوق جي آهي صدا، ڪاري ڪري ماريئي _ چوندي هئي صدقي ادا! **** رُوپ آهن جدا، مٽيءَ جا ماڻهو _ پٿرن جا آهن خدا! **** بکايل پيٽ هيڻا ماڻهو، جُهريل جُهڳيءَ ۾ _ ٻيڻا ٽيڻا ماڻهو! **** ماڪ سٺي رات رُني، آلي مٽي مهڪي پئي _ ڪائي اک رات ڀِني. **** آلي هرڪا اک، جيون جي شمشان ۾ _ اڏري پيئي رک! **** خار کاڌل هي سماج، پريت ڪرڻ وارن لاءِ _ ڄڻ ڪائي آهي پهاڄ! **** رهجي وينديون صدائون، جدائي آهي مقدر _ اسان چاهيون نه چاهيون! **** قرض آهي يا اُڌار“ حياتي آهي ڄڻ _ باس جي ڪچي گار! ******* چوڏس ڇانئجي ويون آهن، تنهنجن نيڻن ۾ _ منهنجون اکيون وڃائجي ويون آهن. ***** تنهنجو هلڪو ڇهاءُ، وسامندڙ حياتيءَ ۾ _ پئجي ويو ساهه. روز روز نه مل، رک ٿورڙا فاصلا _ ڀرجي نه وڃي دِل! ***** نازيا عاصم زندگيءَ کي ڪامياب بڻايو ڪاليج ۾ گڏ پڙهندڙ سرتي رقيه سان جڏهن ڏهن سالن کان پوءِ منهنجي ملاقات ٿي ته مان کيس ڏسي حيران ٿي ويس. پڇڻ تي ٻڌايائين ته نوڪري، ٻارن جي تربيت ۽ گهريلو جهڳڙن ڪٿي جو ڪونه ڇڏيو آهي. رقيه: ”مون کي اندازو نه هو ته شاديءَ کان پوءِ زندگي ايتري ڏکي هوندي آهي!“ گهريلو جهڳڙا جتي ڪٿي ٿين ٿا. مون چيو: هر مونجهاري جو نشانو جتي ڪٿي عورت ٿئي ٿي ۽ قرباني ڏئي ٿي. عورت کي قرباني ۽ وفاداري جي سکيا ڏئي، سماج اهو وساري ڇڏي ٿو ته سندس مسئلا حل ڪرڻ به سماج جي ذميواري آهي. اسان جي سماج ۾ اهڙي ڪابه جوڙ جڪ ناهي، جنهن سان خاندان جي بزرگن جي نظر هجي. گهر جي وڏن جي ڪري به گهريلو مسئلا حل ٿين ٿا. ٻيو ته سماج جي ڊپ جي ڪري به عورتون گهڻو ڀوڳين ٿيون. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هر انسان لاءِ رهنمائيءَ جي ضرورت پوي ٿي. خاص ڪري شادي شده زندگيءَ ۾ بيحد ضروري آهي ته ماڻهو مسئلن کي همت ۽ حوصلي سان حل ڪري ۽ زندگيءَ کي پرسڪون ۽ خوشگوار بڻائي. نئين تحقيق مطابق ماهرن جو چوڻ آهي ته تمام خراب صورتحال ۾ به اهو ڏٺو وڃي ته ڪهڙيون ڳالهيون زال مڙس جي رشتي کي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون، انهن تي عمل ڪجي. ڪي جوڙا سمجهندا آهن ته اسان جي بنان پسند يا مرضيءَ جي شادي ٿي آهي تڏهن مسئلا پيدا ٿيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي يا ٻيءَ سان شادي ٿئي ها ته جهڳڙا نه ٿين ها. لڳاتار اها سوچ رشتي ۾ وڌيڪ ڏار وجهندي! ڇو ته ماضيءَ ۾ هر ڪنهن جي ڪانه ڪا پسند ضرور هوندي آهي. ڪونه ڪو ڪنهن جي سوچ تي حاوي هوندو آهي. جيڪو بدقسمتيءَ سان ملي ناهي سگهندو. جهڳڙي دوران اهڙو ذڪر ڇڙي پوي ته زال مڙس جي محبت ۽ سچائيءَ ۾ گهاري اچي ويندي. خانداني جهڳڙا، زال مڙس جا جهڳڙا ڪا اڻ ٿيڻ ڳالهه ناهي. ڪامياب زندگي گذاريندڙ جوڙا به هڪٻئي سان اختلاف رکندا آهن. نفسيات جي ماهر جان گوٽ مئن اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ”ڪامياب گهريلو زندگي گذاريندڙ جوڙا سالن پڄاڻان به انهن ڳالهين تي اختلاف رکندا آهن جن تي شروع ۾ اختلاف رکندا هئا. تحقيق سان هيءَ ڳالهه به واضح ٿي آهي ته شاديءَ کان پوءِ 75 سيڪڙو جوڙا وقت گذارڻ سان گڏ پاڻ کي ٻين کان مختلف ۽ بهتر سمجهندا آهن ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺي زندگي گذاريندا آهن. زندگيءَ جا ڪي اصول آهن، پر اها به انساني سوچ آهي جيڪا ان کي ڏکيو يا سکيو بڻائي ٿي. عام طور تي ماڻهو ڪيئن ٿا سوچين؟ اهي پنهنجي رنگ، ڍنگ، ڏانءَ ۽ ڏاهپ سان زندگيءَ کي خوش ۽ مطمئن بڻائي سگهن ٿا. تنهن هوندي به زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪي حقيقتون هيٺ بيان ڪجن ٿيون. مثال: طبيعت ۽ عادتن ۾ فرق اڻٿيڻي ڳالهه ناهي، هر ماڻهو انفرادي خوبيون ۽ خاميون رکي ٿو. شاديءَ کان پوءِ ٻه مختلف طبيعت جا فرد گڏجي رهن ٿا، جن کي باقي سڄي زندگي ملي جلي گذارڻي آهي. عام طور تي گڏيل جهڳڙا ئي علحدگيءَ جو سبب بڻجن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ”جهڳڙن تي سوچڻ بجاءِ انهن کي قبول ڪيو وڃي ۽ هر فرد پنهنجي اندر، پنهنجي ڀاتي جي جذبن ۽ احساسن کي جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هن جو احترام ڪري. مطلب ته هڪٻئي کي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪرڻ سان ئي زندگي پرسڪون ۽ مطمئن گذرندي ۽ هڪ ٻئي سان محبت وڌندي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ننڍيون ننڍيون ۽ بي مقصد ڳالهيون به ڪڏهن ڪڏهن رشتا تباهه ڪري ڇڏينديون آهن. هڪٻئي سان جهيڙن بجاءِ دنيا جهان سان گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪجي. گهر، ٻارن ۽ گهر ڀاتين جي ڀلي لاءِ سوچڻ گهرجي. زال مڙس جي رشتي ۾ احترام ۽ دوستيءَ جو جذبو هجڻ لازمي آهي. هڪٻئي جي خامين کي ورجائڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي خامين کي دُور ڪجي. هڪٻئي سان دوستن وانگر هلجي. جيئن ماڻهو دوست جو مسئلو نه صرف غور سان ٻڌندو آهي، پر ان کي حل ڪرڻ لاءِ به ڪوشان هوندو آهي. گهريلو زندگيءَ ۾ به اهڙو وهنوار ڪرڻ گهرجي. پنهنجن فرضن کان ماڻهو ڇو ٿو لنوائي، پنهنجي ڀاتيءَ جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڇو تيار ناهي. ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. زندگيءَ کي سٺو يا خراب ٺاهڻ پنهنجي هٿ ۾ آهي. فقط سهپ ۽ بردباريءَکان ڪم وٺجي. گهر جي ننڍن وڏن جهيڙن کي کل خوشيءَ سان چرچي ڀوڳ ۾ به حل ڪري سگهجي ٿو. ڳالهه آهي، فهم ۽ ادراڪ جي. جيڪڏهن ڀاتيءَ جي ڪا ڳالهه ڏکي لڳي ته ان جي خوش اخلاقيءَ سان شڪايت ڪجي. لازمي ناهي ته ڏک جو اظهار اڻ وڻندڙ نموني ڪجي. توهان پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڪيئن هلندا آهيو؟ آفيس ۾ باس اڳيان شڪايت جو طريقو ڪهڙو هوندو آهي؟ اها به حقيقت آهي ته آفيس گهر ناهي، پر گهر دوستن جو آکاڙو به ناهي، جتي توهان ڪجهه گهڙين لاءِ اچو ۽ ناپسندگيءَ جي صورت ۾ ڇڏي هليا وڃو. گهر توهان جي پناهه گاهه آهي، جتي اوهان کي رهڻو آهي. انڪري گهر جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي سجائڻ اوهان جي اهم ذميواري هئڻ گهرجي. جيئن ته اوهين پنهنجي گهر ۾ 10_ 12 ڪلاڪ گذاريو ٿا. گهريلو عورتون ته سڄو وقت گهر ۾ ئي گذارن ٿيون، پر گهر ڀاتين لاءِ وقت ڪڍڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي. خوشيون پنهنجو پاڻ نه ٿيون اچن، انهن کي حاصل ڪرڻو ٿو پوي. خوشگوار موقعا پيدا ڪرڻا پون ٿا. توهين ڀلي سڄو ڏينهن مصروف هجو، پر توهان جي محنت ۽ جدوجهد ڇا جي لاءِ آهي. يقيناً گهر ۽ گهر ڀاتين لاءِ آهي. ڇا اوهان انهن کي نظر انداز ڪري پنهنجي محبت جو معاوضو حاصل ڪري سگهو ٿا؟ شاديءَ کي هڪ مقدس ۽ پويتر ڳانڍاپو سمجهڻ گهرجي. ۽ ان جي ذميواريءَ کان سواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي. شادي محبت جي هجي يا گهر وارن جي مرضيءَ سان ٿي هجي، ان کي نڀائڻ گهرجي. ذميواري نڀائڻ جو احساس ئي ڪاميابيءَ جي پيڙهه آهي. زندگي ڪيڏي خوبصورت ۽ وڻندڙ آهي زندگيءَ جو حسن محسوس ڪرڻ کان سواءِ توهان زندگيءَ مان ڪهڙي طرح لطف اندوز ٿي سگهندؤ. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته توهان عارضي واسطو رکندڙ ماڻهن جا ٿورا مڃڻ چاهيندا آهيو ۽ سڄي دنيا تي سٺو تاثر ڇڏڻ چاهيندا آهيو. پر گهر جي معاملن ۾ اوهان غير ذميوار ۽ اڻڄاڻ ڇو ٿي ويندا آهيو؟ چاهي اڻ وڻندڙ حالتون هجن، تڏهن به پنهنجي ڀاتيءَ جي خوبين کي ساراهيو. ماضيءَ جي خوشگوار ڳالهين کي ورجائڻ، چاهت ۽ محبت جي ڏينهن کي ياد ڪرڻ به ضروري آهي. زال مڙس جي رشتي جي گهرائي ئي زندگيءَ جو اهم حصو آهي. باقي سڀ رشتا پنهنجي پنهنجي اهميت رکن ٿا. اوهان جي دنيا اوهان جوگهر آهي، ان گهر جي سلامتي اهم آهي، گهر جو خوش ۽ پرسڪون ماحول اوهان جي اصل خوشي آهي. ****** قاضي جاويد نفسيات نويد انهن ماڻهن ۾ شامل هو جيڪي عملي زندگيءَ جي در تي پهچڻ سان ئي بي همتيءَ، مايوسي ۽ اداسيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. هو مدد ۽ رهنمائيءَ جي ڳولا ۾ هو. آخرڪار هڪ ڏينهن، جڏهن هو پنهنجي شهر جي لئبريريءَ ۾ ونسٽن چرچل جي تقريرن جي مجموعي جو مطالعو ڪري رهيو هو ۽ سندس نظر جڏهن هنن جملن تي پئي: ٻي جنگ عظيم ۾ هٽلر کي شڪست ڏيڻ ۾ عظيم ڪردار ادا ڪرڻ واري برطانوي وزيراعظم ۽ مدبر هڪ مشهور تقرير ۾ چيو هو. ”اسين هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين ۽ نه هار مڃينداسين. اسين فرانس ۾ وڙهنداسين، سمنڊن ۾ وڙهنداسين ۽ وڌيڪ همت سان فضائن ۾ به دشمن جو مقابلو ڪنداسين. نويد مون کي ٻڌايو ته چرچل جي هيءَ تقرير پڙهي مون کي ائين محسوس ٿيو. ڄڻ مان خود جون 1940ع جي ان مايوس ڏينهن تي برطانيا ۾ موجود هيس، جڏهن ڊنڪرڪ جي جنگ ۾ انگريزن جي شڪست کان پوءِ چرچل جوش ڏياريندڙ تقرير پارليامينٽ ۾ ڪئي هئي. سندس لفظن انگريزن ۾ نئين سر وڙهڻ لاءِ جوش ۽ جذبي جو روح وڌو. ۽ نويد ۾ به زندگيءَ جو نئون رنگ ۽ ڍنگ پيدا ڪيو. چرچل چيو هو ته اسين هر قيمت ۾ ”ڌرتي ماءُ“ جي حفاظت ڪنداسين. اسين ڪنارن تي وڙهنداسين، ميدانن ۾ وڙهنداسين، ٻنين ۾ وڙهنداسين، گهٽين ۾ وڙهنداسين، جبلن ۾ وڙهنداسين، ڪڏهن به شڪست قبول نه ڪنداسين. ونسٽن چرچل کي پنهنجي قوم جي چتاءَ قبول ڪرڻ جو اندازو هو. هن قومي جذبي کي اڀاريو، قوم کي نئون اتساهه ڏنو، نتيجي ۾ انگريزن وڏي همت ۽ حوصلي سان هٽلر جو مقابلو ڪيو ۽ وڏي قرباني ڏئي پنهنجي ڌرتيءَ کي آزادي ڏياري. منهنجي هڪ دانشور دوست جا لفظ جيڪي هميشه مون کي ياد رهندا. ان جو چوڻ آهي ته ”مهرباني ۽ نرم دليءَ کان ڪم وٺو.“ هن دنيا ۾ هرڪوئي زندگيءَ جي بي رحم جنگ لڙي رهيو آهي. انڪري اسان سڀني کي پنهنجي خوابن ۽ اميدن جي پورائي جي لاءِ سٺن لفظن ۽ همت ۽ حوصلي جي ضرورت آهي. همت افزائيءَ جي ضرورت آهي. هيٺ ڄاڻايل چئن طريقن سان اسين ٻين جي مدد ڪري سگهون ٿا. سادگي ۽ خلوص: مشهور آمريڪي مزاح نگار مارڪ ٽوئن هڪ دفعي چيو هو ته ”مان سچي تعريف جي ڪجهه لفظن تي ٻه مهينا زنده رهي سگهان ٿو. ”واقعي اها حقيقت آهي ته ڪو شخص اسان جي لاءِ چند سٺا لفظ چوي ته اسين دل ئي دل ۾ خوش ٿي ويندا آهيون ۽ اندر ۾ ان شخص لاءِ پنهنجائپ وارو احساس اڀري ايندو آهي. ياد رکو ته تعريف / ساراهه ۽ خوشامد ۾ وڏو فرق آهي. خوشامدي ماڻهوءَ جي زبان ته مٺڙي هوندي آهي پر دل کوٽي هوندي اٿس. گهڻو عرصو اڳ مان هڪ اداري ۾ ڪم ڪندو هيس، اتان جو سربراهه جيڪو گهڻ ڳالهائو نه هو. هو ملازمن جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ به گهڻو ڪري خاموش رهندو هو. مون وٽ هڪ آفيس جو نوٽ اڄ به محفوظ آهي، جيڪو مون باس کي موڪليو هو. ان ۾ اداري جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون هيون. باس ان نوٽ تي صرف ٻه لفظ لکيا: ”تمام سٺو.“ صحيح وقت تي محبت ۽ خلوص سان ادا ڪيل ٻه لفظ به اسان کي خوشي ڏين ٿا. جان وڊن باسڪٽ بال جو ناميارو ڪوچ ٿي گذريو آهي. اهو پنهنجي ٽيم جي رانديگرن کي چوندو هو ته توهان جڏهن به اسڪور ڪريو ته بال ڏيڻ واري رانديگر کي مرڪ ڏيندا ڪريو. هڪ نوجوان رانديگر وڊن کان پڇيو، ”سائين، جيڪڏهن بال ڏيڻ وارو اسان ڏانهن نه ڏسي ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ ”هو توهان ڏانهن ضرور ڏسندو!“ وڊن جواب ڏنو. وقت ۽ جاءِ جو خيال رکجي: ”توريت“ ۾ حضرت سليمان جو هڪ قول آهي ته ”صحيح موقعي تي چيل هڪ لفظ چانديءَ جي پليٽ ۾ رکيل سونهري صرف جي برابر هوندو آهي.“ ٻي جنگ عظيم جي زماني ۾ جنرل آئزن هاور (آخر ۾ آمريڪا جو صدر بنجڻ وارو) باٽن نديءَ جي ڪناري گهمي رهيو هو ته سندس ملاقات هڪ فوجي نوجوان سان ٿي جيڪو تمام گهڻو پريشان ۽ مايوس نظر اچي رهيو هو. ”ڪهڙا حال اٿئي نوجوان؟“ جنرل پڇيو. ”سائين، مان ڏاڍو پريشان آهيان،“ فوجيءَ جواب ڏنو، جنرل ٽهڪ ڏيندي چيو. ”هي ته مون وارو حال ٿيو، مان به ڏاڍو پريشان آهيان. اچ ته گڏجي سير ڪريون، شايد ائين اسان ٻنهي جي دل وندرجي وڃي.“ ڏسو جنرل، نوجوان کي ڪا نصيحت به ڪانه ڪئي. فقط هن کيس حوصلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. غلطين مان سکجي: اڪثر ماڻهو جو خيال آهي ته ڪامياب ماڻهو ڪڏهن به غلطي نٿو ڪري. شايد هي فطري فڪر آهي، پر بلڪل صحيح ناهي. عام ماڻهن وانگر اُهي به خطا جا پتلا آهن. فرق اهو آهي ته اهي پنهنجي غلطين مان سبق پرائين ٿا ۽ ٻيهر غلطي نٿا ڪن. مسئلن ۾ گهيريل ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته هنن جو معاملو غير فطري يا غير معمولي ناهي. اسين سڀ مونجهارن ۾ گهيريل آهيون. زندگيءَ جو دستور ئي اهو آهي، دنيا ۾ ڪوبه اهڙو انسان ناهي، جنهن کي ڪو مسئلو، ڪو روڳ يا مونجهارو نه هجي! مان هڪ زماني ۾ پنهنجي هڪ استاد کان ڏاڍو متاثر هيس. مون سندس ئي رهنمائيءَ ۾ هڪ خاص اداري ۾ داخلا وٺڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجي استاد جو نالو عبدالرحيم هو. علم، فضل ۽ شخصيت جي لحاظ کان هو تمام معتبر استاد هو. ماڻهو سندس بي انتها عزت ڪندا هئا. منهنجي لاءِ ته هو هڪ بهترين رهنما ثابت ٿيو. ڪجهه ڏهاڙا سائين عبدالرحيم جي ليڪچر ٻڌڻ کان پوءِ مان مايوس ٿي ويس. مون کي اها ڳڻتي ڳارڻ لڳي ته مان ڪڏهن به پنهنجي محترم استاد جي اميدن تي پورو اچي نه سگهندس. مان ڪڏهن به هن جهڙو ٿي نه سگهندس. استاد منهنجي دل جي منشا ڄاڻي ورتي. شايد ڪي ٻيا شاگرد به انهيءَ سوچ ۾ هجن. هڪ ڏينهن استاد ليڪچر اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو. پاڻ ٻڌايائين ته مون زندگيءَ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. ڪيترا دفعا مايوس ٿي پڙهائڻ وارو پيشو ڇڏڻ جو به ارادو ڪيم.سندس ڳالهيون ٻڌي، اسين ڪيڏيءَ مهل کلياسين پئي ته ڪنهن مهل رناسين پئي. ان ڏينهن اسان کي سُڌ پئي ته سائين عبدالرحيم به اسان وانگر انسان آهي. هن به زندگيءَ ۾ غلطيون ڪيون آهن، ڏک ڏٺا آهن. سائينءَ اسان کي اهو ٻڌايو ته زندگيءَ جي وهنوار ڊوڙ جي مقابلي وانگر آهي، جتي قدم تي انسان کي ٺوڪر لڳي ٿي. ڪڏهن اسين ڪرون ٿا ۽ ڪري وري ڊوڙون ٿا ۽ ڪڏهن کٽون ٿا، ڪڏهن هارايون ٿا. زندگيءَ جو نالو آهي حوصلي ۽ همت سان جدوجهد ڪرڻ. وقت وٺڻ گهرجي: ياد رکو، حوصله افزائيءَ جا ڪي روايتي يا زنگيل الفاظ استعمال ڪرڻ سان ڪم نه هلندو. جيئن ”تو ته ڪمال ڪري ڏيکاريو!“ يا ”تون ته چوڏهينءَ جو چنڊ آهين.“ اهڙن جملن کان پاسو ڪجي. ماڻهن کي پنهنجي شاعريءَ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ والٽ وِٽمن کي سالن جا سال محنت ڪرڻي پئي هئي. ايتري تائين جو ناڪاميءَ جي احساس کيس هيڻو ڪري وڌو هو. تڏهن هڪ ڏينهن وِٽمن کي هڪ خط مليو. خط ۾ لکيل هو:محترم سائين، اوهان جو ڪتاب ”گاهه جا پن“ پڙهي مان ڏاڍو پريشان ٿيو آهيان. منهنجي خيال ۾ آمريڪا ۾ هن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ دانشوريءَ جهڙي شاعري اڄ تائين ڪنهن ناهي ڪئي. مان اوهان کي اهڙي شاندار شاهڪار لکڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.“ اوهان کي خبر آهي ته اهو خط ڪنهن لکيو هو؟ هن خط تي آمريڪا جي عظيم اديب رالف والڊ ايمريسٽ جي صحي ٿيل هئي. ايمريسٽ روايتي لفظ استعمال نه ڪيا هئا. هن پنهنجو پيغام وٽمن جي دل ۾ لاهڻ لاءِ محنت ڪئي هئي. هو نه صرف هڪ غير معروف شاعر جو حوصلو وڌائڻ چاهي پيو، پر اهو به چاهي پيو ته هي ڪم يادگار انداز ۾ ڪيو وڃي. حوصلو وڌائڻ سولو ڪم آهي. فقط هڪ لفظ، ٿوري واکاڻ، ٻن مِٺن ٻولن سان هڪ ئي ملاقات ۾ هي ڪم سر انجام ڏئي سگهو ٿا. اڄ ان ڳالهه تي عمل ڪريو. اوسي پاسي ڏسي وٺو، جن کي به همت افزائي جي ضرورت هجي، تن جي رهنمائي ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهو! ڪهاڻي رنگ زندگيءَ جا! پارس راڻي زرينه جڏهن کان هوش سنڀاليو هو، تڏهن کان گهر ۾ هڪ ئي رنگ نظر آيو هئس، غربت ۽ مفلسيءَ جو رنگ!، ڪارو ۽ بدنما رنگ! ٻن ڪمرن جو ڪچو گهر، جنهن کي گارو هڻندي هڻندي سندس ماءُ جا ھٿ به کهرا ٿي ويا هئا. هڪٻئي مٿان ڄاول پنج ڀيڻون جيڪي زرينه جي ماءُ لاءِ ڄڻ پنج ڀُونڊا هيون! زرينه جي زندگيءَ جي هر صبح جي ابتدا ٻن آوازن سان ٿيندي هئي. اهي هئا پاڳل ۽ ٽي بي جي مريض پيءُ جي گارين سان گڏ کنگهڻ جو آواز ۽ ماڻس جو هر وقت ڪُرڪڻ جو آواز، زرينه کي ڪڏهن ڪڏهن ته خاموشيءَ ۾ به اهي آواز محسوس ٿيندا هئا! ”مُيون رَنون شل ڄمندي ئي دفن ٿين ها ته هينئر آءُ سک سان هجان ها! هاءِ رب! توکي به دشمني هن گهر سان هئي. هڪڙو جي پُٽڙو ڏيئي ڇڏين ها ته ڇا تنهنجي گَنج ۾ ڪمي اچي وڃي ها“؟ ماءُ مٿو پٽيندي چوندي هئي. زرينه جو سڄو ننڍپڻ راند روند بدران هر شيءِ لاءِ سڪندي گذريو. ڪڏهن آميءَ جي چمڪندڙ وارن ۽ سٺن ڪپڙن کي ڏسي ته ڪڏهن چاچي ڦاپو کي ڏينهن ۾ چار دفعا ماني کائيندي ڏسي، ڪڏهن گلوءَ جي بلورن کي ڏسي. چاچي کي پنهنجي زمين هئي، مڇي مانيءَ وارو هو، پر چون ٿا ته ماسي نه ٿئي ماءُ، چاچو نه ٿئي پيءُ. چاچي ته هئي ڌاري، سو ان تي ڪهڙي ميار؟ هن جي بک، هن جون حسرت سان ڀريل اکيون، ڪنهن کي نظر ڪونه آيون. چاچو آميءَ لاءِ ڪيترا نه ٽول آڻيندو هو، پر ڪڏهن زرينه ياد نه پيس، جيڪا سندس ڌيءَ جيڏي هئي. چاچي آميءَ لاءِ پئي ڪپڙا وٺندي ۽ سبندي هئي. ڪڏهن چمڪ وارا ڪپڙا، ڪڏهن هُر مچ پئي ڀريندي هئي. آمي جي چولي تي هر رنگ، هر ڀرت هو. زرينه جي جهوليءَ ۾ ڇا هو. ٽُنگ واري جهوليءَ ۾ زمين تان ميڙيل پنج پيسا جنهن سان هوءَ ڪڏهن ڪڏهن راند کيڏندي هئي، ائين ڇو هو؟ ڇالاءِ هو؟ اهي سوال زرينه جي ڪچڙي ذهن ۾ ڪونه ايندا هئا. هن جي ذهن ۾ ته رڳو اهو هوندو هو ته امان چاچي کان هڪ وٽو لسيءَ جو وٺي اچڻ لاءِ چيو آهي. ماسي جنت کان ٿورا بصر وٺي اچڻ لاءِ چيا اٿس جيئن ماني کائي سگهون. چاچي هونئن ته لسي الله جي نالي ڏئي ڇڏيندي هئي،پر ڪڏهن زرينه صرف ڇڙٻون وٽي ۾ کڻي موٽندي هئي. ”چاچي رڙيون ڪندي هئي ”ڦاٿا آهيون ڀينگين مان، مفت جو مال آهي جو انهن بکين جو ڀڀ ڀريون. روز روز اچي منهنجي ٻچن جي ماني ٿا تڪين منحوس.“ زرينه جي زندگي ائين هلي رهي هئي جيئن ڳوٺ ۾ ڪچي رستي تي گاڏي هلندي آهي. آهستي آهستي زرينه جي عمر وڌندي وئي، تيئن تيئن سندس پيٽ جي دوزخ ۾ بک سان گڏ، ذهن ۾ سوالن جو دوزخ به ٻرڻ لڳو. ائين ڇو آهي؟ منهنجي ڀيڻين رُقو، پَپي، گُڏي ۽ ساران ۽ مون وٽ اهو سڀ ڇو نه آهي؟ جيڪو آميءَ ۽ نظيران وٽ آهي؟ امان اسان کي نڀاڳيون ڇو سڏيندي آهي؟ چاچي ۽ ماسي ته پنهنجين ڌيئرن کي ائين نه ٿيون سڏين. اهڙو ڪو ڏينهن ڇو نه ٿو اچي جڏهن اسان سڀ ڍؤ ڪري ماني کائون؟ ائين ڇو آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟ اهي سوال نه هئا ڄڻ ڪي ٽانڊا هئا جيڪي زرينه جي ذهن ۾ ڌُڳڻ لڳا هئا پر ان سان گڏ گهر وارن ۽ ڳوٺ وارن جي طرفان مليل ڏينهن رات جي ذلت سندس جيءَ کي جهورڻ لڳي هئي. هو پاڻ نه ڄاڻندي هئي ته هو اندران ڪيئن ڀڄي ڀُري رهي آهي، سندس چپن جا ڪنول ته ڄڻ ٽڙڻ ۽ کِلڻ ته سکيا ئي نه هئا! زرينه ايڏي غربت ۽ مايوسين باوجود حسين هئي. ڪڻڪائون رنگ سون جيان ٻرندو هيس. اکيون ڪاريون ڀونئر هيون، جنهن ۾ اداسي ترندي رهندي هئي جيڪا سندس سونهن کي هيڪاري نروار ڪري ڇڏيندي هئي. هڪ ڏينهن زرينه صبح جو گهر پئي ٻُهاريو، پٽ تي پيءُ جي کٽ هيٺان رت جا دُٻا ڏٺائين، رڙ نڪري وئي هيس، ”امان جلدي اچي ڏس هي ڇا آهي؟“ پڻس کنگهي کنگهي ساڻو ٿي ويو. مٿان وري وڦليو. ماڻس پٽيندي زرينه کي ڊوڙايو ”مئي ڊوڙي وڃ ۽ چاچهين کي سڏي اچ! وات ڦاڙيو ڇا پئي ڏسين.“ هوءَ ڊوڙندي چاچي وٽ وئي. چاچا! بابي کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، هلي ڏسو.“ چاچس چڙي جواب ڏنو: ”هل مون وٽ وقت ناهي، اڄ پاڻيءَ جو وارو آهي. مون کي اوڏانهن وڃڻو آهي. اکين اڳيان ٽر.“ اُهو ٻڌي اکين مان آب جاري ٿي ويس ڄڻ ڪو بند ٽُٽو هجي. هر شيءِ پاڻي ۾ لُڙهي وئي، صفا هوش مان نڪري ويئي، رڙيون ڪندي ڊوڙندي آئي ”الا! امان ڇا ڪريان؟ هاڻ ڇا ٿيندو؟ ڊوڙندي ڊوڙندي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول اڳيان ڪري پئي، ماستر رمضان ڪنهن ڪم سان پئي ويو تنهن هن کي پٽ تي ڪريل ڏٺو. ويجهو وڃي اٿاريائينس، اسڪول جي بينچ تي ويهاري پاڻي پياريائينس. ”ڌيءَ زرينه ڇا ٿيو اٿئي؟ ڇو روئين پئي؟“ ڪجهه دير کان پوءِ زرينه سامت ۾ آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”چاچا رمضان منهنجو پيءُ بيمار آهي ۽ اسان جي ڪو واهر ڪرڻ وارو ڪونه آهي. چاچا وٽ ويس ته هُن به کُتو جواب ڏنو، ڳوٺ وارا اڳ ئي ڪونه ٿا پڇن. ڪنهن کي دانهن ڏيان. چريو ئي سهي پر آهي ته پيءُ نه، اسان جي سر جي ڇانوَ. هَن کي ڪجهه ٿيو ته ڪيڏانهن وينداسين؟!“ روئندي روئندي هڏڪيون اچڻ لڳس. تڏهن ماستر رمضان دلاسو ڏيندي چيو: ”ڌيءَ! پريشان نه ٿي، سڀ جي واهر ڪرڻ وارو رب پاڪ آهي.“ هل آءُ توسان ٿو هلان.“ ماستر رمضان نه صرف ڪتاب پڙهائيندو هو پر علم هُن کي درد پڙهڻ ۽ پيڙا محسوس ڪرڻ به سيکاري ڇڏيو هو. هُو نه فقط زرينه جي پيءُ کي شهر وٺي ويو، پنهنجي هڙان وڙان علاج به ڪرايائينس. زرينه جي پيءُ جي وقت تي جان بچي وئي پر بيماري اڃا گڏ هيس. هڪ ڏينهن ماستر زرينه جي گهر آيو ۽ زرينه جي ماءُ کي چيائين: ”ادي! جيڪر ڪجهه ڏوڪڙن جي ضرورت هجئي ته توکي ڏيان.“ زرينه پهرين اهو ٻڌي خوش ٿي پر پوءِ سندس اکين ۾ سوچ سان گڏ آلاڻ اچي وئي ۽ چوڻ لڳي: ”توهان جا ٿورا آهن جو توهان اسان تي قياس ڪيو، اهڙي وقت تي جڏهن پنهنجا به پراوا ٿي ويا، پر الائي ڇو توهان کان پيسن وٺڻ واري ڳالهه مناسب نٿي لڳي.“ سڄي زندگي ٻين اڳيان هٿ ٽنگيو آهي، هاڻ هٿ نٿو کڄي. هاڻ خيرات جي زندگيءَ کان ڪَڪِ ٿي ويا آهيون. اڌاري زندگي کان بهتر آهي ته زندگي گذارڻ ئي ڇڏي ڏيون!“ زرينا يڪساهيءَ جملو چئي وئي. ماستر زرينه جي ڳالهه ٻُڌي حيران ٿي ويو. ”مان حيران آهيان ته هڪ ڏهن ٻارهن سالن جي غريب ڇوڪري جنهن صرف ڌڪا کاڌا آهن، هُن ايڏا وڏا لفظ ڪٿان سکيا آهن؟ اهڙي سوچ هن وٽ ڪٿان آئي آهي!“ زرينه وراڻيو: ”ماستر صاحب، زندگيءَ کان وڏو ڪو اسڪول ناهي! دردن کان وڏو ڪو سبق نه آهي ۽ ڌڪا ٿاٻا ئي سڀ ڪجهه سيکارين ٿا!“ ماستر صاحب سندس جواب ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو آخر ڪافي دير کان پوءِ جواب ڏنائين ”ڌيءَ ٺيڪ آهي، توهان پيسن جي مدد وٺڻ نٿا چاهيو پر جيڪر آءُ توکي پڙهايان ته ڇا تون پڙهندينءَ؟ ڇو ته تو ۾ اهي سڀ خوبيون آهن، جيڪي هڪ ذهين شاگرد ۾ ٿي سگهن ٿيون، آءُ توکي ضايع ٿيڻ نه ڏيندس، جيڪر تو جهڙي ذهين ڇوڪري علم کان رهجي وئي ته منهنجي ماستر چورائڻ تي لعنت هجي.“ ائين زرينه جي زندگيءَ جو هڪ نئون در کُليو ۽ هوءَ پڙهڻ لڳي، جيتوڻيڪ ماءُ سخت مخالفت ڪئي هيس. ”مُئي تون پڙهي ڇا ڪندينءَ؟ ڪهڙو تون پٽ آهين جو تون ڪمائي کارائيندين؟ وڏي ڌيءَ آهين، گهر سنڀال. اسان اڳ ۾ پنهنجي جيءَ مان بيزار آهيون، ملي ڪو راڄ جو چڱو ماڻهو ته توکي سر تان ٽاري ڇڏيون، وڏي آئي آهي پڙهڻ واري! مُرڳو راڄ کلندو اسان تان!“ زرينه ماءُ جي پيرن تي ڪري پئي ”امان مون کي پڙهڻ ڏي. هي در قسمت سان کُليو آهي، امان! اُهو بند نه ڪر. آءُ گهر جو سڄو ڪم به ڪنديس ۽ واعدو آهي توسان ته ڪوشش ڪري ڪجهه گهر لاءِ به ڪنديس. باقي راڄ وارن پاڻ کي ڪهڙا سک ڏنا آهن. ائين هوءَ گهر جو سڄو ڪم سوير ڪري ڇڏيندي هئي، پوءِ پڙهڻ ويندي هئي، شام جو ڀرت ڀريندي ۽ رِليون ٺاهيندي هئي، جيڪي راڄ وارن کي وڪڻندي هئي، جنهن سان گهر جو به ڪجهه خرچ نڪري ويندو هئن. زرينه جي سر تي نه ڄاڻ ڪيڏو بار پئجي ويو هو. گهر جي ڪم جو، پڙهائيءَ جو، پورهئي جو، ماڻهن جي مِهڻن جو، پيءُ جي بيماريءَ جو، ماءُ جي ڪُرَڪي جو. پر هن همت نه هاري، نه انگ تي سولو ڪپڙو هئس، نه پيٽ ۾ سولي ماني! نه ننڍپڻ جون معصومياڻيون خواهشون، نه ڦُٽندڙ جوانيءَ جي اُمنگن جو احساس!هڪ ئي تانگه هئس ته ڪجهه ڪري ڏيکاريان! رقيه، ساران ۽ ٻين ڀيڻين جا برا حال ڏسي هن جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها لهي ايندا هئا. پيءُ جو آسرو به پاڻيءَ ۾ ڪچي گهڙي سان ترڻ جهڙو هئس! پر پوءِ به ڪک جيترو سهي آسرو ته هيو، هن کي ائين ميڻ وانگر ٻرندي ڳرندي ڏسي نه سگهندي هئي! ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ جي هٿن تي ميندي ڏسي بي اختيار نظرون پنهنجي هٿن ڏانهن کڄي وينديون هئس، جنهن جي آڱرين تي بيشمار سُئيءَ جا ٽنگ ۽ نشان پئجي ويا هئا. پنهنجي اڪيلائيءَ جو نانگ به ڏنگڻ لڳندو هئس. ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو هئس ته ڪوئي آهي جيڪو کيس ويجهو به آهي، ڏُور به آهي. پر اِهي سڀ احساس ۽ محروميون هوءَ ذهن مان ڪڍي ڇڏيندي هئي. رات جو ڇڳل کٽ تي ٽٽل خيال ايندا هئس، ها شايد اهو سڀڪجهه اسان جي لاءِ ناهي ٺهيو! نه ڄاڻ ڇو خدا کي اهو تماشو پسند آهي ته ڪنهن جون اکيون خوشي ۾ وسي وڃن ته ڪنهن جي نيڻن تي ڏکن جو جُهڙ لهي نٿو! ڪنهن جا من ڪنول جيان ٽڙن ته ڪنهن جو مَن ۽ ساهه مُٺ ۾ هجي! ”ها جياپي جي جنگ آهي، بقاءُ لاءِ پتوڙڻو آهي، منهنجي لاءِ ته ڪجهه نه ٺهيو آهي پر جي آءُ ڪنهن لاءِ ڪجهه ٺاهي وڃان ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿي ويندو.“ اکيون بي اختيار ڀر ۾ ستل ڀيڻن ڏانهن کڄي ويس. جيئن تيئن ڪري مئٽرڪ ڪيائين ته ماستر رمضان گذاري ويو. پڙهڻ جو در به بند ٿي ويس. ڳوٺ ۾ اسڪول به ڏهين تائين هو. ڪاليج شهر ۾ هو ۽ هن وٽ وڌيڪ نه خرچ هو نه ئي ڪو ٻيو سهارو. زندگي جيئن تيئن گذرڻ لڳي هئس، اوچتو پيءُ به گذاري ويس. گهر ۾ ماءُ ۽ ڀينرون رهجي ويون. ماءُ صدمي ۾ پريشانيءَ ۾ اڌ وڃي رهي هئي. ڏينهون ڏينهن زرينه جي پريشانين ۾ اضافو ٿيڻ لڳو هو. رليون سبندي سبندي هٿ ڇلجي پيا هئس. غربت نه هئي ڄڻ هنن ڪنهن جو ڌاڙو هنيو هو، جو هڪ ٻن گهرن کان سواءِ ڳوٺ وارا پنهنجي گهر ۾ هنن کي اچڻ به نه ڏيندا هئا. مٿان وري جو زرينه کي ماستر پڙهايو هو تنهن تي سَو سَو ڳالهيون ٺهيون هيون! جتان مٽيندي هئي مايون چونديون هيون: ”اَئي ماستر ائين به زرينه تي مهربان ناهي ٿيو، ضرور رَنون هٿ ۾ ڪيو ويٺيون آهن.“ ها مائي هجين ڪو ڌڻي سائين جيڪو ڏنڊو کڻي! زنون ته راڄ ٿيون خراب ڪن.“ لفظن جا تير هر طرفان زرينه جي هانءُ تي پئي لڳا، پر جيئڻ ڪاڻ وس ته ڪرڻا هئا سو پئي تڳي. جواني ته اهڙي چڙهي هئس ڄڻ آسمان تي پُر نُور سج، جسم ته ڄڻ ڪنهن سنگتراش وڏي مهارت ۽ فرصت سان تراشيو هجيس! حسن به ڪڏهن رحمت ٿيو پوي ته ڪڏهن زحمت! جيڏانهن ويندي هئي ته رولو ڪتن جيان رلندڙ ڇورا، نُوس نُوس ڪندا وتندا هئا. چاچي جو پٽ گُلو ته ڄڻ هن کي پنهنجي ملڪيت سمجهندو هو. هن جي اچڻ وڃڻ هر ڳالهه تي نظر رکندو هو. واٽ ويندي ڪڏهن هٿ جهلي وٺندو هو ته ڪڏهن ٻانهن. پر زرينه سدائين ماءُ کي بچائي وٺندي هئي. ڳوٺ ۾ ڪي چڱا ماڻهو به هئا، جيڪي هنن نڌڻڪين جي عزت جو خيال رکندا هيا، پر ڪيستائين گل انسان جي هٿن کان بچي ٿي سگهيو! زرينه هوسَ پرست مردن جي نظرن ۽ جملن کان پاڻ بچائيندي بچائيندي ٿڪجي پئي هئي. ماءُ جي پوري ڪوشش هوندي هئي ته زرينه جي شادي ٿي وڃي. ڳوٺ جي هڪ وڏي عمر جي مرد ٻي شاديءَ لاءِ گهر ڪئي ته ماءُ ڏاڍي خوش ٿي، ڇو ته غريبن ۽ نڌڻڪن جي گهر اهڙو رشتو به نعمت کان گهٽ نه هو، پر زرينه انڪار ڪري ڇڏيو. ”امان تون چاهين ٿي ته مان پرڻجي هلي وڃان پر مون کان پوءِ منهنجي ڀيڻين جو ڇا ٿيندو؟ تنهنجو ڇا ٿيندو!“ ماءُ زور ڀريندي چوندي هئس ”تون پنهنجي جواني اسان لاءِ تباهه ڪندينءَ ڇا؟ اسانجو جو الله آهي جيئن تيئن جي وينداسين؟ ”امان تباهه ته آءُ ان ڏينهن کان ٿي وئي هئس. جڏهن کان مون کي توهان جي ۽ پنهنجي بي وسيءَ جو احساس ٿيو هو. امان هاڻ مون کي وڌيڪ نه تباهه ڪر، مئل کي وڌيڪ نه مار.“ ماءُ به هٿ کڻي ڇڏيو هو، ڇو ته واقعي زرينه هنن لاءِ وڏو آسرو هئي. گهر جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون. ڀيڻون به وڏيون ٿي ويون هيون، سو خرچ جو بار به وڌي ويو هو، تنهنڪري زرينه پاڙي جي هڪ مائٽياڻي صفيه جي گهر ۾ ٻهارو ۽ پوچو ڪرڻ لڳي ۽ ڏينهن جو توَڻ به ڪرڻ لڳي. صفيه هنن جو خيال به رکندي هئي، ڪڏهن اَن ڏيئي ڇڏيندي هئي ته ڪڏهن ٻنيءَ مان آيل تازيون ڀاڄيون. ان سان گڏ خرچي به ڏيندي هئس. زرينه جي زندگيءَ جو گاڏو وري ڪجهه سنوت ۾ هلڻ لڳو هو. اڳتي پڙهڻ جو شوق خواب خيال ئي ٿي ويو هئس. هوءَ هڪ اڻ پڙهيل غريب ڇوڪريءَ جيان پورهيو ڪري گذارو ڪرڻ لڳي هئي، جنهن ۾ سندس ڀيڻون ڏنگيندو هيس ته پيٽ جو دوزخ ته جيئن تيئن ڀرجڻ لڳو هو، پر سندس ڀيڻون پڙهي نه سگهيون هيون. هن اهو سوچي صبر ڪيو ته خواب جڏهن پورا نه ٿين ته انهن کي سمهاري ڇڏڻ بهتر آهي. هن جي ڳوٺ ۾ هڪ نئين تبديلي اچي ويئي هئي. اها هئي هڪ N.G.O وارن جو هنن جي ڳوٺ لاءِ مختلف پروجيڪٽ ۽ ٻيا اصلاحي ڪم ڪرڻ. اها هڪ مشهور تنظيم هئي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا ماڻهو ڳوٺ ۾ موڪليندي هئي. ٽيم جي اڳواڻ هڪ فئشن ايبل عورت فريده هئي، جيڪا اڪثر ڪري ايندي هئي ۽ ڳوٺاڻن سان مختلف موضوعن ۽ پراجيڪٽن جي لاءِ گڏجاڻيون ڪندي رهندي هئي. زرينه هڪ ٻه دفعو فريده سان ملي هئي ۽ هن کان ڏاڍو متاثر ٿي هئي. سوچيندي هئي ته ”ڪاش مان به هن وانگر هن جهڙا ڪم ڪري سگهان ها!“ هتان وري گُلو، زرينه جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، گُلو زرينه سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، پر گُلوءَ جا ماءُ پيءُ زرينه جو چاچو چاچي جا مخالف ٿي بيهي رهيا، ڇو ته زرينه جي چاچي شروع کان پنهنجي ڀائيٽي روزينه جو سڱَ گُلوءَ لاءِ پڪو ڪري چڪي هئي. هونئن به چاچي وارا شروع کان ئي زرينه وارن کان لاتعلق رهيا هئا. گلو زرينه کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي تپيو ويٺو هيو، تنهن جي سڄي ڪاوڙ زرينه تي نڪرندي هئي، گلوءَ جي نيت به زرينه لاءِ ٺيڪ نه هئي، مختلف بهانن سان پيو تنگ ڪندو هئس. هڪ ڏينهن منجهند جو گَلُو نشي ۾ زرينه جي گهر جي ڀت ٽپي آيو ۽ زرينه ۾ هٿ وڌائين، زرينه رڙيون ڪرڻ لڳي ”امان بچايو، هن رهزن کان مون کي بچايو“ سڀ گهر وارا اُٿي پيا ۽ رڙين تي پاڙي وارا به گڏ ٿي ويا. گلوءَ ڏٺو ته هاڻ آءُ چڱو خوار ٿيندس، سو ڪهاڙي ڪڍي زرينه کي مارڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”هيءَ ڪاري آهي، هن اسان جو نڪ وڍائي ڇڏيو آهي، آءُ هن کي ڪونه ڇڏيندس!“ ”هيءَ ڪم جي بهاني صفيه جي گهر ويندي هئي ۽ سندس مڙس خان محمد سان منهن ڪارو ڪندي هئي. انڪري هيءَ ڪاري آهي. مان هن کي قتل ڪندس.“ ائين چئي وري ڪهاڙي کڻي زرينه جي پويان ڊوڙڻ لڳو. زرينه جان بچائيندي بچائيندي سهڪي پٽ تي ڪري پئي. اتفاق سان مئڊم فريده به اتي اچي وئي، ماڻهن جو ميڙ ڏسي اڳتي وڌي ۽ جڏهن حقيقت جي ڄاڻ پيس ته ڊوڙي وڃي زرينه کي اٿاريائين ۽ وڏي رڙ ڪري چيائين ”خبردار جو زرينه کي ڪنهن هٿ لاتو آ! آءُ اجهو ٿي پوليس وٺيو اچان“ تيسين ٽيم جا ماڻهو به فريده سان گڏ ٿي ويا. گُلو فرار ٿيڻ ۾ ئي عافيت سمجهي، سو ڌمڪيون ڏيندو ڀڄڻ لڳو. ”زرينه توکي آءُ ڪونه ڇڏيندس، تون ڪاري آهين، اڄ تنهنجي قسمت سٺي هئي!“ مئڊم فريده زرينه جي واتان سڄي حقيقت ٻڌي. ”زرينه اڄ کان کانپوءِ تون هن پٿرن جي ڳوٺ ۾ ڪانه رهندينءَ. هَلُ آءُ توکي ۽ تنهنجي گهر وارن کي شهر وٺي ٿي هلان ۽ توکي نوڪري به ڏيندس ۽ سهارو به.“ سو زرينه مئڊم فريده جي ٽيم سان گڏ ماءُ ۽ ڀينرن سميت شهر هلي آئي. مئڊم زرينه کي يونٽ آفيس ۾ وٺي آئي. آفيس جي پويان ٺهيل ڪوارٽر زرينه وارن کي رهڻ لاءِ ڏنائين. ٻئي صبح زرينه کي پنهنجي باس سان ملايائين. زرينه کي آفيس ڏاڍي وڻي. نرم آرامده فرنيچر، قيمتي پردا، ميز تي پيل ڪمپيوٽر. هي ماحول هن لاءِ نئون هو. هوءَ ٿورڙو گهٻرائجي وئي. سامهون باس ويٺل هو. هاف سليوز واري شرٽ ۽ پينٽ پاتل هئس، قيمتي پرفيوم جي خوشبو سڄي آفيس ۾ پکڙيل هئي. سر اياز اڌڙوٽ عمر جو ۽ اڌ گنجو هو. پر اکين ۾ چالاڪيءَ واري چمڪ هئس. مئڊم سر اياز سان زرينه جو تعارف ڪرايو. ”زرينه هي سر اياز آهي ۽ اڄ کان پوءِ تنهنجو به باس آهي. جيڪو ڪم ڏئي اهو ڪجان.“ باس زرينه کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڏياريندي چيو: ”مس زرينه، توهان کي هن آفيس ۾ ۽ اسان جي تنظيم ۾ اچڻ تي ويلڪم، اسان کي ته تو جهڙن چهرن جي ئي تلاش هئي. اچ هتي ڪرسيءَ تي ويهه.“ ”جي سر ڇا مطلب“ زرينه جواب ڏنو. ”اڙي چري ڇوڪري منهنجو مطلب اهو آهي ته اسان کي تو جهڙين ڪم وارين ڇوڪرين جي ضرورت هئي. سر ڳالهه بدلائيندي کلندي چيو. ”تون بلڪل فڪر نه ڪر، اسان وٽ محفوظ آهين.“ سر اياز چيو ”چانهه پيئندين؟!“ ”نه سائين، توهان جي مهرباني!“ پوءِ مئڊم فريده زرينه کي ڪم سمجهائڻ لڳي. جيڪو فيلڊ ورڪ تي مشتمل هو. ائين زرينه جي زندگي هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. هوءَ ۽ هن جي ماءُ ۽ ڀيڻون ڏاڍيون خوش هيون. هنن کي هر سهوليت مليل هئي. رهڻ لاءِ آرامده ڪوارٽر، ٽئي وقت ماني، شهر جو ماحول، ڄڻ هو هڪ جهنم مان نڪري جنت ۾ اچي ويون هجن، زرينه گاڏيءَ ۾ ويندي گاڏيءَ ۾ ايندي هئي. ڪم انتهائي ٿڪائڻ وارو هو. وقت جو قيد مقرر نه هو. هر وقت فيلڊ تي وڃڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو هو. ڪڏهن ڏينهن جو ڪڏهن رات جو. ڪڏهن ڪڏهن ته 20 _ 20 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو. مختلف پراجيڪٽ ملندا رهندا هئا. ڪم ڏکيو هو، پر آمدني ۽ سهولتون به گهڻيون هيون. زرينه ڏاڍي خوش هئي. هن جي وحشتناڪ ماحول ۽ اندر جي وحشتن مان جند آجي ٿي وئي هئي. هاڻ ڪوئي مهڻو ڪنن کي ٻاريندو نه هو، نه ئي هوءَ ۽ سندس ڀيڻون ان ۽ اجهي لاءِ سڪنديون هيون. مئڊم فريده ته هن جي زندگي ئي بدلائي ڇڏي هئي. هوءَ هر وقت پئي مئڊم جا ٿورا مڃيندي هئي. ”مئڊم توهان جا احسان ته آءُ ستن ڄمارن تائين به لاهي نه سگهنديس. توهان ته اسان لاءِ رحمت جو فرشتو ٿي آيون آهيو. توهان نه هجو ها ته اڄ اسان جو الائي ڇا ٿئي ها!“ اکيون ايندڙ خوشيءَ ۽ ماضيءَ جي غمن جي رليل مليل احسان کان ڀرجي آيس. مئڊم فريده وراڻيو. ”نه بابا ان ۾ احسان جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ باقي اسان هيءَ N.G.O ڇا لاءِ کولي آهي؟ هي تنظيمون ته آهن توهان لاءِ.“ سڄي خوشيءَ جي باوجود زرينه کي ڪجهه ڳالهيون عجيب لڳنديون هيون. اهوهو آفيس جو ماحول. سڀ مرد ۽ عورتون هڪٻئي سان انتهائي درجي جا فري هئا. هڪٻئي تي ڪمنٽس پاس ڪندا هئا، گڏ ماني کائيندا هئا. ڪجهه ٻيون ڳالهيون به زرينه کي عجيب لڳنديون هيون. اهي هيون ته مئڊم فريده سگريٽ به پيئندي هئي ۽ گهڻو وقت باس جي ڪمري ۾ گذاريندي هئي، ڪجهه ڇوڪريون ڪڏهن ڪڏهن رات جو به آفيس ۾ ٽِڪي پونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن زرينه کي سر اياز جو رويو به عجيب لڳندو هو. گهڻو ڪري بنان ڪم جي به آفيس ۾ زرينه کي گهرائيندو هيو. چانهه پياريندو هو ۽ ڪچهريون ڪندو هو، اڪثر سندس ذاتي زندگيءَ بابت سوال ڪندو هو. ڪي ڪي ڳالهيون ته معنى خيزلڳنديون هئس. ”ها زرينه، ڇا آءُ توکي زري چوان ته برو ته نه لڳندءِ!“ يا ڪڏهن چوندو هو ”تون ڪيڏي نه حسين آهين گل جيان، پر تون پنهنجو واس ڇو لڪائي ويٺي آهين؟ ڪنهن ڀؤنر کي ته پاڻ وٽ اچڻ ڏي. آخر ڪوئي ته تنهنجي خوشبوءَ جو واس وٺندو!“ پر زرينه اهي سڀ ڳالهيون در گذر ڪري ڇڏيندي هئي. هن کي اهو سڀ باس جو مذاق لڳندو هو، ڇو ته هُو هن جي پيءُ جيترو هو، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي هئي ته شايد سر جي مذاق ڪرڻ جي گهڻي عادت آهي. هڪ دفعي هن ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڏٺيون هيون ته مهرين ۽ ان سان گڏ فيلڊ تي ويندڙ ڇوڪرو باس جي ڪمري ۾ هٿ ۾ هٿ ڏيو ويٺا، هڪٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪچهري پيا ڪن. ”ان کان علاوه زرينه ڪيتريون ڳالهيون ڏٺيون ۽ ٻڌيون هيون، پر هن اهو سوچي درگذر ڪري ڇڏيو ته شهرن جو شايد ماحول ئي اهڙو هوندو آهي. هڪ ڀيرو مئڊم زرينه وٽ آئي ۽ هڪ ليٽر کڻي آئي، زرينه کي چيائين ته سڀاڻي توکي اسلام آباد ٽريننگ لاءِ وڃڻو آهي. گڏ ٻه ڇوڪريون ۽ ٽي ڇوڪرا هوندا ۽ توهان سان گڏ باس به هلندو. ٻئي ڏينهن سڄو گروپ اسلام آباد روانو ٿيو. جهاز ۾ ويهڻ ۽ اسلام آباد جهڙي حسين ۽ رنگين شهر کي ڏسي زرينه کي لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن سحر ۾ آهي ۽ هي ڪو طلسمي چڪر آهي. هن سوچيو ته نه هو ته ڪو ڳوٺ جي عام ڇوڪري هن Dream Land ۾ قدم رکندي. زرينه سوچڻ لڳي ته شايد اها ئي زندگي آهي. پهرين زندگيءَ مون کي گذاريو پئي ۽ هاڻ آءُ زندگيءَ کي گذاريان پئي! هنن جو Stay هڪ هوٽل ۾ هو. سڀ ٿڪي ٽُٽي پنهنجي پنهنجي بُڪ ٿيل روم ۾ آرام لاءِ ويا. رات جو ٻارهين وڳي زرينه جي ڪمري تي ٺڪ ٺڪ ٿي. هوءَ ڇرڪ ڀري جاڳي پئي. در کوليائين ته سامهون سر اياز بيٺو هو. اندر ايندي ئي سر اياز ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو. هو نشي ۾ هو. زرينه جو هٿ جهلي بيڊ تي ويهاريائين. زرينه هن سڄي صورتحال کان تمان گهڻو گهٻرائجي وئي. گهٻراهٽ ۾ گلي مان آواز به نه پئي نڪتس. اوچتو سر اياز زرينه جو رئو ڇڪيو ۽ زرينه جي جسم کي پٽڻ لڳو. زرينه جي وات مان رڙيون نڪرڻ لڳيون ”بچايو! بچايو!“ تنهن مهل باس زرينه جي وات تي هٿ ڏيندي چيو ”ڏس زرينه جيڪر تو رڙيون ڪيون ته آءُ ته توکي ڇڏي ويندس، پر ان سان گڏ تنهنجي نوڪري به ويندي! تون وري ان چوواٽي تي پهچي ويندينءَ، جتان هلي هئينءَ! تنهنجين ڀيڻن جو ڇا ٿيندو؟ پيسو عزت جو محافظ هوندو آهي ۽ غربت بي عزتيءَکي جنم ڏيندي آهي، ڇا تون چاهين ٿي ته گُلوءَ جهڙا تنهنجين ڀيڻن جون عزتون نيلام ڪن ۽ اهي ڪاريون ٿي مرن،! ائين نه ته بکن ۾ پاهه ٿي مري وڃن. تنهنجي ٿورڙي بي شرمي ۽ بي عزتيءَ ۾ ئي تنهنجي گهر وارن جي عزت ۽ سک آهي. بي عزتيءَ جي احساس کي ماري ڇڏ، ڇو ته سارو خوف ئي خراب وقت ۽ بي عزتيءَ جو هوندو آهي. پر هڪ دفعو عزت هلي وڃي، هڪ دفعو شرم بي شرميءَ ۾ بدلجي وڃي ته پوءِ ڪوئي خوف ناهي رهندو! پنهنجي احتجاجي جذبن کي ماري ڇڏ! زندگي صرف تنهنجي ناهي، تنهنجي زندگيءَ سان گڏ ٻين جون زندگيون آهن، ”جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري چوڻيءَ تي عمل ڪر.“ زرينه پاڻ کي بچائڻ جي جدوجهد ڪرڻ لڳي. سر اياز جي هٿن کي چڪ پاتائين ۽ زور سان وار پٽيائين ته سر اياز جا هٿ تڪليف کان پري ٿي ويا، تنهن مهل زرينه سر کي ڌڪو ڏئي ٻاهر ڊوڙ پاتي ۽ ڀر واري ڪمري ۾ ستل ساڻس گڏ آيل ڇوڪري عنبرين وٽ رڙيون ڪندي وئي، ”عنبرين مون کي بچاءِ، هنن هٿ نوڪين عزت جي محافظن کان منهنجي عزت بچاءِ! توکي خدا ۽ رسول جو واسطو آهي. هن بگهڙ کان منهنجي جان بچاءِ!“ عنبرين زرينه کي بيڊ تي ويهاريو. زرينه سڄي ڏڪي رهي هئي. وار وکريا پيا هئس. اکين مان آب جاري هئس. عنبرين، زرينه کي پاڻي پياريو. ٿورڙي دير کان پوءِ جڏهن زرينه ڪجهه سامت ۾ آئي ته عنبرين چوڻ لڳي. ”ڏس زرينه پاڻ ٻئي هڪ ئي ٻيڙيءَ جون سوار آهيون. مون عزت پاڻيءَ ۾ ٻوڙي زندگيءَ کي ٻيڙيءَ ۾ تاريو آهي. هيءَ دنيا هڪ وڏو ڪاروباري مرڪز آهي، جتي عزتون ۽ جذبا چوواٽن تي نيلام ٿيندا آهن. ان کان اڳ جو ٻيو ڪوئي توهان کي گهلي اچي نيلام ڪري. توهان پاڻ هلي اچي چوڪ تي بيهي رهو. هي دنيا ئي ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي ٺهي آهي، سو توکي به ائين ئي ڪرڻو پوندو!“ ”تو ڇا سمجهيو هو ته توکي ايڏيون آسائشون ائين ئي ملي ويون آهن؟ قسمت توتي ائين ئي مهربان ٿي وئي آهي؟ نه منهنجي مٺڙي، ائين نه آهي، بدقسمتي ڪڏهن خوشقسمتيءَ جو چولو پائي سامهون ايندي آهي، پر اسان موچارن ڪپڙن ۾ ڪارن منهن کي سڃاڻي ناهيون سگهندا.“ زرينه حيرت ۽ صدمي سان عنبرين جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. کيس سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هوءَ ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟ هتي جو ته سارو جَر ئي کارو هو! ڪنهن کي دانهن ڏئي! ٻاهر به بگهڙ آهن، اندر به بگهڙ Civilized beasts. زرينه جي اکين ۾ مختلف اکيون ڦرڻ لڳيون. وحشي اکيون، بکايل اکيون، ڀيڻن جون مجبور ۽ نماڻيون اکيون، زرينه هر شيءِ ۾ اکيون ۽ چهرا نظر اچڻ لڳا. ڪارا منهن، اڇا منهن، ڄڀ مان گِگَ نڪتل، وات بکن ۾ پاهه ٿيل، سُڪل وات. زرينه بي اختيار ڪنن کي هٿ ڏئي رڙيون ڪرڻ لڳي. ”يا الله مان ڪيڏانهن وڃان؟“ هي ڪهڙو تماشو آهي، تو مون کي هڪ انسان ڇو نه ٺاهيو، هڪ جسم ڇو ٺاهي ڇڏيو آهي. آءُ هڪ جسم آهيان، صرف جسم، انسان نه!“ ”يا خدا! تنهنجي هن زمين تي مان ڇو سراپا تماشو ٿي وئي آهيان؟ هي تماشو تنهنجي لاءِ آهي يا تنهنجي انسان نما حيوانن لاءِ!؟ آءُ ڇا ڪريان. زرينه ڊوڙ پائي عنبرين جي ڪمري مان نڪري وئي ۽ ڏهين ماڙ جي بالڪنيءَ مان هيٺ ٽپو ڏيڻ جو سوچيائين، پر پوءِ وري خيالن جا آڙاهه جلائڻ لڳس! ”هتي آءُ آپگهاٽ ڪنديس ته پويان بک، مفلسي منهنجي گهر وارن جي پويان گهات لڳايو ويٺي آهي. زرينه جي اکين اڳيان مختلف منظر ترڻ لڳا. ڪڏهن رقيه، پپي وارن کي بکن مان پاهه ٿي پنندي ڏٺائين پئي ته ڪڏهن ڪنهن رئيس جي بيڊ روم ۾ سجيل سنوريل ڀيڻن کي نيلام ٿيندي ڏٺائين. سڀ ڳالهيون آهستي آهستي سمجهه ۾ اچڻ لڳس. عنبرين ۽ سر جون کاريون ڳالهيون به سمجهه ۾ اچڻ لڳس. هن فيصلو ڪري ورتو، پاڻ کي احساس کان عاري ڪري ڇڏيائين. اندر ۾ روئندي هئي، ضمير هن کي معافي نٿي ڏني پر بگهڙن جي ديس ۾ هڪ بيمار ۽ مئل روح سان جيئڻ لڳي ۽ اڳتي وڌڻ لڳي. اڄ زرينه آفيس جي انچارج آهي. هاڻ هن کي ڪوئي سوال تنگ نه ٿو ڪري، هن جا جذبا Freez ٿي ويا آهن جيڪي ڳرن نه ٿا. هو دنيا جي بازار جو ڪچو مال ٿي وئي آهي ۽ عزت جي هٿ ٺوڪين محافظن، انساني حقن جي ڀلائيءَ وارن جي ڪوڙين ڪُوڪُن سان گڏ ڪُوڪڻ لڳي آهي. هوءَ کوکلا ٽهڪ به ڏيندي آهي. هن جي اندر جي ڪاراڻ اڳيان چمڪيلا ويس آهن، جنهن ۾ سڙيل ڪارو روح منهن لڪائي ويٺو آهي. جذبن کي ننڊ اچي وئي آهي پر زرينه جون اکيون اوجاڳيل آهن. شرم ۽ حيا کي موت وٽ فاتح پڙهڻ ناهي ويندي! اڄ زرينه وٽ سڀڪجهه آهي، گهر، گاڏي، ڀيڻون سٺن ۽ انگريزي اسڪولن ۾ پڙهن ٿيون. زرينه وٽ هر قسم جي ڪپڙا آهن، هوءَ ٻه دفعا SAARC ملڪن جا دورا به ڪري آئي آهي. سگريٽ ۽ شراب به پيئندي آهي. سڀ ڪجهه اٿس پر جيڪر ناهي ته اها زرينه جيڪا ڪڏهن زنده هئي. هوڏانهن زرينه جون ڀيڻون الٽرا ماڊرن ٿي ويون آهن. هر شيءِ آهي. رقيه جو ته خواب آهي ته ”ڪاش آءُ جلد آپي زرينه جهڙي وڏي آفيسرياڻي ٿي وڃان!“ ڪنول سميجو خدا وٽ دير آهي انڌير ناهي فائزه کي جيئن ئي خبر پئي ته نجمه بيهوشيءَ واري حالت ۾ اسپتال داخل آهي ته هلڻ لاءِ تيار ٿي ۽ آءُ به هن سان گڏ ويس هڪدم جڏهن اندر داخل ٿيون سين ته فائزه نجمه کي پهريون دفعو ڏسي رهي هيس. هوءَ زندگيءَ کان بلڪل مايوس نظر آئي. هن جي چپن تي ته ڪابه مرڪ نه هئي پر سندس اکيون ڪجهه چئي رهيون هيون. ڊاڪٽر نجمه جو ڪيس کڻڻ لاءِ تيار نه هئا. اتي هڪ ڊاڪٽر جيڪو منهنجي مڙس جو دوست هو. مون ان کي چيو ۽ ان نجمه کي پٽي وغيره ڪرائي ۽ ننڊ جون گوريون کارائي سمهاري ڇڏيو. مون سوچيو جيڪڏهن هي ڊاڪٽر منهنجو سڃاڻپ وارو نه هجي ها ته ڇا ٿئي ها........!؟ تيستائين اسين اتي ئي ويٺيون هيون سين. رات جا 9 ٿيا، مون فائزه کي چيو ته تون گهر وڃ. ٻار اڪيلا آهن ۽ آءُ هتي ئي ويٺي آهيان، 9:30 وڳي رات جو فائزه گهر هلي وئي ۽ هن مون کي چيو ته تون ڀلي اتي ويٺي هج منهنجو فڪر نه ڪر، آءُ ماني، هوٽل تان ئي کائي ڇڏيندس. آرام سان نجمه وٽ ويٺي رهيس، نجمه گَهري ننڊ ۾ سُتي پئي هئي. ڊاڪٽر چئي ويوَ هو ته نجمه کي ننڊ مان نه اٿارجو. آرام جي سخت ضرورت اٿس. رات جا 12:00 ٿيا ته نجمه کي هوش آيو. هوءَ مون کي سواليه نظرن سان ڏسي رهي هئي. شايد هن اهو ٿي پڇڻ چاهيو ته آءُ ڪير آهيان؟ پر ڳالهائڻ جي همت نه هئس. مون کيس چيو ته تون سمجهه ته آءُ تنهنجي ڀيڻ آهيان. هوءَ مرڪي ۽ هن ٿڌو ساهه ڀريو، پوءِ مون هن کي گوريون کارايون ۽ جوس پياريو. ڪجهه دير لاءِ بلڪل خاموشي ڇانئجي وئي. مون ۾ همت ئي نه هئي جو هن کان ڪجهه پڇان يا چوان. هن جي چهري تي ايتري ئي معصوميت هئي، جهڙي هڪ ننڍي ٻار جي چهري تي هوندي آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ هن پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ چيو ته آءُ پرائمري ماسترياڻي آهيان. هن جي اکين مان لڙڪ هڪ پل به نه بيٺا ۽ مسلسل روئندي رهي. هن کي زارو قطار روئندو ڏسي مون کي به روئڻ اچي ويو ۽ پٺيري ٿي پنهنجا لڙڪ اگهي صاف ڪيم ۽ نجمه کي به چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيم. پر نجمه پاڻ کي روڪي نه سگهي ۽ پنهنجي درد ڀري ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي. هن چيو ته ”هي منهنجا حال جيڪي ڏسي رهي آهين، سي منهنجي مڙس مون کي ماري ڪيا آهن. هي ڪو پهريون دفعو نه ٿيو آهي. پر روز جو معمول آهي ڇو ته هو نشائي آهي نشو ڪندو آهي ۽ جڏهن به هن کي پيسا نه ملندا آهن ته جانورن وانگر مون کي ماريندو آهي. ڪالهه به هن مون کان پيسا گهريا، مون چيو ته مون وٽ نه آهن، هڪ ته مهيني جي آخري تاريخن ۾ پئسا نه هوندا آهن، مون وٽ جيڪي هئا سوچيم جي اهي به هن کي ڏئي ڇڏينديس ته پوءِ گهر ڪيئن هلندو؟ ۽ هن مهانگائي جي دور ۾ هڪڙي پگهار مان ڇا ٿو ٿئي! پوءِ هن الماري کولي ۽ سڀ ڪپڙا هيٺ اڇلائي ڇڏيا. الماريءَ ۾ ٻه سونيون منڊيون پيون هيون، هن اهي کنيون، مون هن کان اهي منڊيون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهي ته ڪونه ڏنيون، پر منهنجو هي حال ڪري ويو. اهو چئي نجمه اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ لڙڪ مينهن وانگر پئي وهيا. هن جو هر لفظ درد سان ڀريل هو ۽ نجمه کي وري ننڊ اچي ويئي ۽ آءُ جاڳندي رهيس. نجمه جي حالت ڏسي منهنجي مٿي ۾ سخت سور پئجي ويو ۽ مون مٿي جي سور جي گوري کاڌي. صبح جا 6:30 ٿيا، نجمه جي اک کُلي ۽ مون کي جاڳندو ڏسي چيائين ته ”ادي تنهنجا اهي ٿورا آءُ زندگي ڀر نه لاهي سگهندسي.“ مون چيو مانس ته ادي به چوين ٿي ۽ ”وري ٿورن جي ڳالهه ڪرين.“ اتي هڪ مائي چانهه وٺڻ پئي وئي. مون ان جي هٿان چانهه ۽ بسڪيٽ گهرايا. نجمه کي بسڪيٽ کارايم. صبح جو 7:30 وڳي ارشد آيو ۽ مون سان مليو. ڪجهه فروٽ به وٺي آيو. نجمه کان طبيعت پڇيائين ۽ مون کي چيائين ته جيستائين ادي ٺيڪ نه ٿي وڃي تون اتي ئي هججانءِ. ۽ پوءِ موڪلائي آفيس ڏانهن روانو ٿيو. ٿوري دير کان پوءِ فائزه ڊوڙندي اچي نجمه سان ڀاڪر پائي ملي ۽ مون کي چيائين ته ”شاهين، تنهنجي تمام وڏي مهرباني جيتري تو مدد ڪئي ايتري ته ڪو پنهنجو به نه ڪندو. مون چيومانس ته نجمه منهنجي ڀيڻ آهي اهو ڪنهن تي به احسان نه آهي. ايتري ۾ منهنجي نظر هن جي هٿ ۾ پڪڙيل اخبار تي پئي. مون پڇيو ”ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟“ فائزه چيو ”ها“، مون چيومانس ته ٻڌاءِ ته سَهي. هن چيو ته رات جا اٽڪل 11:00 ٿيا، ٻن نشائين ايترو ته نشو پيتو جو ريل جي پٽڙيءَ تي سمهي رهيا. ريل پري کان گهڻيون ئي ڪُوڪُون ڪيون، پر اهي مزي سان سُتا پيا هئا ۽ ٻئي ريل جي هيٺان اچي چپجي مري ويا. تن مان هڪ نجمه جو گهر وارو هو. اهو ٻڌي نجمه کان رڙ نڪري وئي ۽ روئيندي، چيائين ته هن منهنجا ههڙا حال ڪري ڇڏيا، پر مون هن کي ڪڏهن به بددعا نه ڏني. هي ڇا ٿي ويو“، اسان هن کي چپ ڪرايو ۽ سوچيو ته واقعي ظالم جي پڇاڙي ڪيڏي ڏاڍي بري ٿي ٿئي. هن کي ته ڪفن به نصيب نه ٿيو، ڪيڏو نه اذيت ناڪ موت مليو هن کي. بيشڪ ”خدا وٽ دير آهي، انڌير ناهي.“ عورت جي خوبصورتي سندس هٿن مان ظاهر ٿيندي آهي منهنجي هٿن ۾ چوڙيون سهڻيون لڳن ٿيون ۽ توهان به ٿوري محنت سان پنهنجي هٿن کي خوبصورت بڻائي سگهوٿيون. گذريل پرچي ۾ اسين توهان کي مينديءَ جو طريقو ٻڌائي چڪا آهيون هاڻ اچو ته توهان کي هٿن جي ورزشن جو تفصيل ٻڌايون ته اڃا ڪيتري ضرورت آهي. توهان کي هٿن جي سونهن وڌائڻ لاءِ ڪجهه ڏس هن ريت آهن، هڪ لمحي لاءِ پنهنجي هٿن جي مُٺين کي سختيءَ سان پڪڙيو ۽ ان کان پوءِ سڄو هٿ کوليو، هٿن کي ڍلو ڇڏيو ۽ ٻانهن تي گهمايو. پهرين هڪ پاسي ۽ پوءِ ٻئي پاسي آڱريون هڪ هڪ ڪري بند ڪريو. ننڍي آڱر کان شروعات ڪريو. کوليو ۽ بند ڪريو. هر آڱر کي ٻئي هٿ جي مدد سان کوليو. ٻنهي هٿن جي آڱرين کي هڪ ٻئي سان ملايو. ٻنهي هٿن کي کوليو جيئن هٿ سڌا ڪري ڏيکاريو. هٿن جي حفاظت جي لاءِ ميڪ اپ جيان خاص خيال رکڻو پوندو آهي. جنهن لاءِ پڻ ڪجهه اهم ڏس ڏجن ٿا. 1.نيل پالش کي مستقل نه هڻو، روزاني نيل پالش هڻڻ ۽ وري لاهڻ سان ننهن بي رنگ ۽ خشڪ ٿي ويندا آهن. ڇو ته گهڻو ڪري نيل پالش ريموور جنهن ۾ ايسٽيون (Acetone) ٿيندو آهي. جيڪو ننهن لاءِ نقصانڪار آهي. 2. ڊٽرجنٽ،يعني ٿانوَ ڌوئڻ جو صابڻ ۽ ڪپڙن جو سرف هٿن جو دشمن آهي. پر عورت جا اهي ڪم به اهميت جوڳا آهن. ان لاءِ توهان ڪم ته سڀ ڪريو پر هٿن جا هنيڊ گلوز پاڻي ڪريو. ان سان نه رڳو توهان جا هٿ پير ننهن به صابڻ جي خراب اثرن کان محفوظ رهندا. 3. جيڪڏهن توهان جي گهر ۾ ننڍو باغ آهي ۽ ان باغ جي سار سنڀال به توهين ڪنديون آهيو ته هينڊ گلوز پائڻ ضروري ڪونهن پر ڪا ڪريم هٿن کي هڻي ڇڏيو جيئن گهڻي مٽيءَ کان محفوظ رهن ۽ نَنَهن کي به مٽيءَ کان بچايو. 4. جيڪڏهن ڪنهن ڪم دوران توهان جي هٿن تي گريس يا تيل لڳي وڃي ته انهن کي پاڻيءَ کان ڌوئڻ کان پهرين ڪنهن ڪليزنگ ڪريم سان مالش ڪريو. ان کانپوءِ سخت قسم جي برش جو استعمال ڪونه ٿيندو آهي. پر سخت رڳڙ کانسواءِ ئي صاف ٿي ويندا. هٿن تي ڪريم يا لوشن سان مالش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته هٿن، ترين تي ۽ هٿ جي پُٺ تي ڪريم لڳايو ۽ آڱرين جي وچ ۾ شهادت واري آڱر جي مدد سان جذب ڪريو. جيڪڏهن توهان جا ننهن تمام گهڻا خشڪ آهن ته پوءِ منهن واري موسچرائيزنگ ڪريم هڻو. انهيءَ لاءِ هٿن واري ڪريم توهان پنهنجي واش بيسن تي رکي ڇڏيو جيئن جنهن مهل توهان هٿ ڌوئو ته ڪريم لڳائڻ نه وساريو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي هٿن تي ليمو ڪٽي هڻو ليمي جي رس ۾ قدرتي طور هڪ خاص اثر آهي اهڙيءَ طرح ليمي جو رس توهان جي هٿن تان ميرِ ۽ گند صاف ڪري هڪ تازگي بخشيندو. عيني رابعه، ڊپٽي مئنيجر سول ايوي ايشن ورڪس / سب ڊويزنل آفيسر. H.D.O سان ڳالهه ٻولهه. نجمه پنهور. س. رابعه توهان پنهنجي باري ۾ ٻڌايو؟ ج. سينٽ ميري مان مئٽرڪ ڪيم. نذرت ڪاليج مان انٽر ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان B.E سنڌ يونيورسٽيءَ مان M.B.A ۽ M.A ڪيم. پڙهائيءَ دوران ماحول تمام سٺو مليو، ڪامپيٽيشن جو دور هو. مون کي ياد نه ٿو اچي ته ننڍپڻ کان وٺي هن مهل تائين ڪو هڪ ڏينهن اهڙو گذريو هجي. جنهن ڏينهن مون اُهو سوچيو هجي ته مون کي اڄ واندڪائي ملي آهي. يا ڪجهه ناهي ڪرڻو، هڪڙا امتحان ختم ٿيندا هئا ته وري ٻئي امتحان جي تياري ڪندي هئس. ڪي جي کان وٺي اٺين ڪلاس تائين پوزيشن هولڊر رهيس. هر ڪلاس ۾ نمبر کڻڻ جي ڪري گهر وارا حيران ٿيندا هئا. ڪي ماڻهو چوندا هئا ته منهنجي ڪا سفارش آهي. پر ائين ڪونه هو. مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ A گريڊ کنيم. مهراڻ مان سٺن نمبرن سان پاس ٿيس. س. اسان جي سماج ۾ اڪثر سفارش تي ڪم ٿئي ٿو، ميرٽ تي نه، ان بابت توهان ڇا چونديون؟ ج. آءُ ان ڳالهه تي يقين نه ٿي رکان. ڇو ته مون لاءِ نوڪرين جا دروازا هميشه کليل رهيا. مون جتي جاب لاءِ اپلاءِ ڪيو هوندو اتان نوڪري جي آفر آئي. مون هميشه پنهنجي چونڊ ۽ پسند مان جاب ڪئي آهي. س. هن وقت توهان ڪهڙي عهدي تي ڪم ڪري رهيون آهيو؟ ج. هن وقت آءُ سول ايوي ايشن ۾ ڊپٽي مئنيجر سول ورڪس / سب ڊويزنل آفيسر H. D. O آهيان. س. اِها نوڪري توهان کي ڪيئن ملي؟ ج. سڄي پاڪستان لاءِ ڪل ٽي سيٽون هيون. انٽرويو ٿيو، پاڪستان ۾ ٽيون نمبر آيس ۽ سنڌ ۾ فرسٽ پوزيشن کنيم. هن وقت 18 گريڊ جي آفيسر آهيان. B.E سول انجنيئرنگ ڪرڻ کان پوءِ ترت ئي مون کي جاب ملي وئي. س. نوڪري ڪندڙ عورت لاءِ ڪهڙيون ڏکيائون آهن؟ ج. مون کي ڪي به ڏکيائون پيش ڪونه آيون سڄي پاڪستان ۾ سول انجنيئر پهرين عورت آهيان، هن کان اڳ ڪا به عورت هن سيٽ تي نه آئي آهي. جيڪي به ڪليگس آهن، انهن چيو اسان جي سموري اسٽاف کي خوشي آهي ته اسان جي آفيسرياڻي سنڌي ڇوڪري آهي. اسين توهان سان هر مرحلي تي ساٿ ڏينداسين. مون کي جاب به هئي ۽ مون M.B.A به سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٿي ڪئي. صبح جو آفيس ويندي هئس ۽شام جو ڪلاس اٽينڊ ڪندي هئس. ڪراچيءَ کان ڄام شوري تائين آئوٽ بئڪ ڪندي هئس. اهو وقت ئي مون لاءِ ڏکيو وقت هو. پر اهو منهنجو شوق هو. انڪري مون کي خوشي به ٿيندي هئي. س. جيڪڏهن زندگي ٻيهر ملي ته ڇا ٿيڻ پسند ڪنديون؟ ج. جنهن پوسٽ تي آهيان ان مان مطمئن آهيان، پر ٻيهر زندگي ملي ته اڃا ڪنهن وڏي عهدي تي پهچنديس. س. عورت جا مختلف روپ آهن. عورت جي حيثيت ۾ توهان انهيءَ ذميواريءَ کي ڪيتري قدر نڀايو؟ ج. ڪوشش ڪندي آهيان ته هر ذميواري کي سچائيءَ سان نڀايان. ماءُ پيءُ جي پيرن جي هيٺان جنت آهي. انهن جي خدمت ڪندي آهيان. ڀيڻن سان به دوستي اٿم. ماءُ آهيان، جاب ڪريان ٿي. ننڍڙو پٽ ڇڏي ويندي آهيان ته احساس ٿيندو اٿم ته ڪٿي ٻار سان ناانصافي ته نه ٿي ڪريان. پنهنجي امڙ وٽ ننڍڙي کي ڇڏي ويندي آهيان. ان ڪري مطمئن به آهيان. س. اسان لاءِ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ ج. اسان لاءِ جيئن ماءُ ۽ پيءُ جي اهميت آهي، تيئن ئي اسان جي ٻوليءَ جي اهميت آهي. س. اسان لاءِ انگريزيءَ ٻوليءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ ج. اسان لاءِ انگريزي ٻوليءَ جي تمام گهڻي اهميت آهي. اسان جي عام ماڻهوءَ کي به انگريزي اچڻ کپي. ڪنهن وڏي مقام تي پهچڻ لاءِ انگريزي اچڻ لازمي آهي. س. ادبي رسالا پڙهنديون آهيو؟ ڪڏهن لکڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ج. ادبي رسالا وقت ملندو اٿم ته ضرور پڙهندي آهيان. شاعري ڪئي اٿم سنڌ لاءِ، پنهنجي ٻوليءَ لاءِ، مختلف مئگزينن ۾ ٻارن لاءِ لکيو اٿم، عبرت ۽ ڪاوش جي ادبي صفحن ۾ به لکندي رهي آهيان. س. رنگ ڪهڙو وڻندو اٿوَ؟ ج. مون کي هلڪا رنگ وڻندا آهن جن کي ڏسڻ سان ٿڌاڻ جو احساس ٿئي. س. کائڻ ۾ ڇا پسند اٿوَ؟ ج. هر شيءَ، پر ٺهيل سٺي هجي. س. خوشبوءِ، پسند جي؟ ج. مٽيءَ جي خوشبوءِ، جڏهن مٽيءَ تي پاڻي يا مينهن وسندو آهي ته هلڪي خوشبوءِ چوڏس ڦهلجي ويندي آهي. اهائي خوشبوءِ مون کي وڻندي آهي. س. ڪهڙو پهر وڻندو اٿوَ؟ ج. فجر جي مهل، جڏهن سج نڪرڻ وارو هوندو آهي. س. سرتيون لاءِ پيغام؟ ج. عورت خدا جي خلقيل آهي، ان ۾ اهي سڀ صلاحيتون آهن، زندگيءَ جي هر ميدان ۾ پاڻ مڃرائي سگهي ٿي. پر شرط اهو آهي ته ارادو مظبوط هجي، ۽ نيڪ نيت هجي ۽ الله تي توڪل هجي. پاڻ کي ڪڏهن ڪمزور نه سمجهي. فائزه زهرا ميرزا سان ڳالهه ٻولهه ثمينه ميمڻ سرتيون: اوهان ”سرتيون“ جي پڙهندڙن سان پنهنجو تعارف ڪرايو. فائزه: آءُ 29 مئي 1971ع تي حيدرآباد، ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پيدا ٿيس. نرسريءَ کان ٽيئن ڪلاس تائين ڪراچيءَ جي هڪ ”مصطفوي دينيات سينٽر“ ۾ پڙهيس. چوٿين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين ”ماما پارسي اسڪول“ ۾ ۽ بي اي پڻ ڪراچيءَ جي ”سينٽ جوزف ڪاليج فار وومين“ مان ڪيم ۽ ماسٽرس.... ۽ هينئر اسلام آباد جي هڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيان. فارسيءَ جو مضمون پڙهايان پئي. سرتيون: توهان فارسي مضمون جي چونڊ ڇو ڪئي؟ فائزه: جيئن ته مون توهان کي ٻڌايو ته مان ڪراچيءَ ۾ ”دينيات سينٽر“ ۾ ٽئين ڪلاس تائين پڙهيو. اصل ۾ اهو اسڪول هڪ خاتم ليلى بيگم ۽ ان جو ڀاءُ هلائيندا هئا. جيڪي پڻ ايران مان آيل هئا ۽ اهي فارسي ئي ڳالهائيندا هئا.هيءُ هڪ مدرسو آهي. هن ۾ ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. جتي نماز سيکاري ويندي آهي ۽ دعائون ياد ڪرايون وينديون هيون. اتي وڏو امام بارگاهه پڻ آهي. هن اسڪول کي قائم ٿئي 60 سال ٿي ويا آهن. اهو اسڪول هاڻي ٻيو ڪير هلائي ٿو. جيئن ته اسان جو گهراڻو پڻ علمي ادبي آهي، منهنجو پڙ ڏاڏو ميرزا قليچ بيگ جنهن جون ادبي خدمتون ڪنهن کان به ڳُجهيون نه آهن، منهنجي پڦي فيروزه ميرزا 1972ع ۾ قليچ ڪتب خاتو اسان جي ”ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد“ ۾ اڄ تائين آهي، اتي پڙهائيندي هئي ۽ اتي به فارسي سيکاري ويندي هئي. منهنجي پڦي مون کي فارسيءَ ۾ جملا سيکاريندي هئي. هونئن به اسان جي گهراڻي کي فارسيءَ تي گهڻو عبور آهي. انڪري منهنجي فارسي به سٺي هئي ۽ مون فارسي مضمون چونڊيو. سرتيون: توهان پنهنجي ڪيريئر جي باري ۾ ٻڌايو؟ فائزه: جيئن ته مون 1995ع ۾ ماسٽرس ڪئي. مان گولڊ ميڊلسٽ پڻ آهيان. فرسٽ پوزيشن کنئي هئم. مون ٻه سال ڪراچيءَ جي حبيب گرلس اسڪول ۾ نوڪري به ڪئي. 2001ع ۾ مون کي اسڪالر شپ پڻ ملي. مان ايران ويس. اتان ”تهران يونيورسٽيءَ“ ۾ ڪورس ڪري هاڻ اسلام آباد ۾ ”ايف جي مارگلا ڪاليج“ ۾ فارسي مضمون پڙهايان ٿي. هينئر آءُ پنهنجي پڙناني ”ميرزا خسرو بيگ“ تي پي ايڇ ڊي فارسيءَ ۾ ڪريان پئي. سرتيون: توهان سنڌي ادب کي پڙهيو آهي؟ فائزه: مون سنڌي ادب گهٽ پڙهيو آهي. البته سنڌي ڪتاب پڙهي وٺندي آهيان. جيئن سائو پن _ ڪارو پن يا ٻيا ڪي ڪتاب. سرتيون: فارسي ادب پڙهيو آهي؟ فائزه: فارسي ادب به ايترو نه پڙهيو آهي. باقي جيئن حافظ شيرازيءَ جو ڪلام، عمر خيام، حافظ شيرازيءَ جي ڪلام ۽ محبت، اخلاق، عشق جو سبق ملي ٿو. جيئن سنڌيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي وڏو شاعر آهي، تيئن فارسيءَ ۾ حافظ شيرازي وڏي اهميت رکي ٿو. سرتيون: تهران يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ ۾ ڪو خاص فرق توهان کي نظر آيو؟ فائزه: ها فرق بلڪل آهي، اتي شاگردن جو جنرل امتحان ٿئي ٿو ۽ وري انهن جي سليڪشن ٿئي ٿي ۽ ٻار ذهين ٿي اڳيان نڪري اچي ٿو، ائين هتي ناهي. سرتيون: توهان جون ڪي تصنيفون؟ فائز: پنهنجي پڙڏاڏي شمس العماءَ ميرزا قليچ بيگ جو شعري مجموعو ”گرجي نامه“ ايڊٽ ڪيو اٿم. سرتيون: زندگيءَ بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ فائزه: گذرگاهه آهي، زندگي هڪ دفعو ملي ٿي. ان ڪري سٺا عمل ڪيو، نيڪيون ڪيو. سرتيون: پسند جو شهر؟ فائزه: اسلام آباد. سرتيون: پسند جو کاڌو؟ فائزه: هر شيءِ جيڪا سٺي ٺهيل هجي. سرتيون: پسند جو گل؟ فائزه: هر سهڻو گل جيڪو ڪشش رکي. سرتيون: پسند جي خوشبوءِ؟ فائزه: ڪابه سٺي خوشبوءِ. سرتيون: پڙهڻ لکڻ کان سواءِ ٻيون ڪي سرگرميون؟ فائزه: ڪي به نه. ها پنهنجي ساهيڙين سان ملڻ سلڻ. سرتيون: پنهنجي خاندان مان ڪنهن کان متاثر آهيو؟ فائزه: مان پنهنجي پڙ ڏاڏي ميرزا قليچ بيگ کان متاثر آهيان جنهن جون ڪيتريون ادبي خدمتون آهن. سرتيون: مستقبل ۾ ڪي پلاننگس؟ فائزه: پنهنجي پڙڏاڏي جا خاص فارسيءَ جا ڪتاب، ايڊٽ ڪري شايع ڪرائيندس ۽ ولي محمد خان لغاري جي سڀني ڪلامن کي گڏ ڪري ايڊٽ ڪري شايع ڪرائيندس. سرتيون: توهان پي ايڇ ڊي ميرزا خسرو بيگ تي ڪري رهيون آهيو، ان ۾ توهان جو ڪير ايڊوائيزر آهي؟ فائزه: ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحي منهنجو استاد آهي ۽ مان ريسرچ ورڪ ۾ ان کان ئي متاثر آهيان. سرتيون: اسلام آباد جي ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جو معيار ڪيئن آهي؟ فائزه: ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ اسلام آباد ڪاليج جو معيار خاص نه آهي. اتان جو شاگرد ڪراچيءَ جي شاگرد کان گهڻو پڙهائي ڪندڙ آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اتي جيڪي شاگرد گهڻي ڀاڱي اچن ٿا، اتي ڳوٺن مان اچن ٿا، انهن جي بئڪ بلڪل نه هوندي آهي. سرتيون: توهان مستقبل ۾ ڪٿي رهڻ پسند ڪنديون؟ فائزه: منهنجي جاب جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ٿئي ته مان ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪنديس. زبيده ميتلو تلاشجي نڪري هڪ شهر کان ٻئي شهر هلندو هلجي، ڪاهيندو جهنگ جهر بَرن کان بَحَرَ ۽ ٽڪريءَ ٽَڪَرَ هيڪر ته تلاشجي! جيڪر ته تلاشجي! ڪنهن کي ته تلاشجي! مٿڀرو، مٿي کان مٿاهين پاتال منجهه پيل تَر تائين ڪڍي اَننگ منجهون بَحَرَ مٿي بَحَرُ، بيهارجي ڏسي هڪ نظر نظرن سان ملائي نظر، نظر نظر مان گهڙي نظر چاهه مان چاهتن جا جوڙي شهر ۽ منظر سونهن کي سوايو سنوارجي رڳو خراشجي، ويٺو تراشجي انت، اننت توڻين تراشجي هيڪر ته تلاشجي! جيڪر ته تلاشجي! ڪنهن کي تلاشجي! زين پروين ڏاهري خوابن جا پکي هڪ دفعو وري خوابن جا پکي نيڻن جي ٽارين تي پنهنجا آکيرا اڏڻ ٿا چاهن ڄڻ! هوا ۾ گهر اڏڻ ٿا چاهن ڪيڏا نه پاڳل آهن اهو نٿا ڄاڻن ته! اهڙا جڙيل آشيانا ٻيهر آباد نه ٿي سگهندا آهن، خوابن جي پاڳل پکين کان وسري ويو آشايد اکين ۾ جيڪي تصور جا گهر جوڙيا هئا حقيقتن جي تيز هوا تن کي ڪيئن کن پل ۾ تنڪ تنڪو ڪري اڏري اُجاڙي ڇڏيو ۽ نيڻن جي ٽارين تي لڙڪن جي چند ماڪ ڦڙن کان سواءِ باقي ڪجهه به نه بچيو هو. سحر امداد سُر ساگر چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن چمڪيو آ چوڌار آ ته هلون هن پار! آ ته خوشيءَ جا نغما ڇيڙيون سر ساگر جا موتي ميڙيون ڪريون قول قرار آ ته هلون هن پار! چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن چمڪيو آ چوڌار آ ته هلون هن پار! لهر لهر ٿي گيت ٻڌائي تون به انهيءَ سان سُرَ ملائي ڇيڙي ڇڏ ملهار آ ته هلون هن پار! چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن چمڪيو آ چوڌار آ ته هلون هن پار! پريت بنا هر ريت اجائي سڪ ئي آهي ساءِ سجائي گهڙي گهڙي گلزار آ ته هلون هن پار! چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن آ ته هلون هن پار! انڊلٺ وَنگ جان توسان ونگيس انڊلٺ وانگ جان کڙي پيس کستوريءَ رنگ جان هير گهلي ۽ خوشبو پکڙي جاڳي پيئڙا انگ امنگ جان پل پل پيڙا جو پاڇولو عيسى وانگي ٽيساس ٽنگجان راتيون رُگهه ۽ اونداهيون گهگهه ٻاريم پنهنجو پاڻ پتنگ جان تنهنجو منهنجو نينهن ته آهي سانول سُرهي سَرهي سنگ جان سيندوري سنجها من موهي تنهنجي تن جي تانَ تلنگ جان پيار پراڻو رسجي راڻل رنگجي اگنيءَ رنگي انگ جان گهٽ ٻوسٽ ۽ پنڌ اڻ کٽندڙ جندڙي آهي سوڙهي سُرنگ جان ماکيون ميوا پر وڻ گهاٽا تن من جهاڳڻ اوکو جهنگ جان سروي نالو: نصرت محمد عرس شهر: ٽنڊو جان محمد تعليم؟ انٽر سائنس ڪهڙي نوڪري ٿيون ڪريو؟ مان في الحال ته NCHD (نئشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ) ۾ ٽيچر آهيان پر اها اميد اٿم ته مستقبل ۾ هن ئي اداري جي DLC (ڊسٽرڪٽ لٽريسي ڪو آرڊينيٽر) ٿينديس. عورت کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت ۾ نوڪري ڪرڻ جي صلاحيت آهي ته هُن کي ضرور ڪرڻ گهرجي. نوڪريءَ جي ڪري گهر وارن ۽ ٻاهر جي ماڻهن جو رويو؟ منهنجي گهر وارن جو رويو تمام بهترين آهي ۽ ٻاهر وارن جي مون کي پرواهه نه آهي، ڇو ته اگر آءُ انهن جي پرواهه ڪنديس ته ڪڏهن به پنهنجي منزل تي نه پهچنديس. گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪنديون آهيو؟ گهرو ڪم ڪندي آهيان. ڪو هنر ڄاڻو ٿيون؟ الله تعالى جو شڪر آهي مان چار پنج هنر ڄاڻندي آهيان جنهن ۾ سبڻ، ڀرڻ، سڳيون ٺاهڻ وغيره. لباس ڪهڙو ٿو وڻي؟ مون کي سنڌي لباس پسند آهي. آزاديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ آزادي هر انسان جو حق آهي. آزاديءَ کي جيڪڏهن صحيح استعمال ڪجي ته انهيءَ آزاديءَ جهڙي ڪا نعمت ئي نه آهي، پر جيڪڏهن آزاديءَ جو غلط استعمال ڪيو وڃي ته ان جهڙي ڪا نقصانڪار شيءِ نه آهي. زندگي وري ملي ته ڇا ڪنديون؟ وري زندگي ملي ته ان لاءِ الله تعالى جو شڪر ادا ڪنديس. ماءُ پيءُ جي خدمت ڪنديس. ڇو ته انسان ته سڀ آهيون پر سٺو انسان اهو آهي، جيڪو صرف پاڻ لاءِ نه، پر ٻين لاءِ به سٺو هجي. ٻين لاءِ جنهن انسان جي دل ۾ همدردي نه آهي اهو ڪڏهن به سٺو انسان نٿو ٿي سگهي. رنگ ڪهڙو پسند آهي؟ مون کي اڇو رنگ پسند آهي، ڇو ته اهو پاڪيزگيءَ جي علامت آهي. خوشبو ڪهڙي پسند آهي؟ خوشبوءِ جا گهڻا ئي قسم آهن پر مون کي انهن مان پنهنجي وطن پاڪستان جي مٽيءَ جي خوشبو ئي وڌيڪ وڻندي آهي. موسيقي ڪهڙي پسند آهي؟ مون کي غمگين موسيقي پسند آهي. خاص ڪري لتا جا پراڻا گيت تمام گهڻي شوق سان ٻڌندي آهيان. گلن ۾ ڪهڙي خوشبو پسند آهي؟ مون کي موتيي جي گل جي خوشبو تمام گهڻي پسند آهي. سرتين لاءِ ڪو پيغام؟ سرتين لاءِ منهنجو اهو ئي پيغام آهي ته دل لڳائي پڙهو. علم شوق سان پرايو. اهو علم ئي انسان کي انسانيت سيکاري ٿو. غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجو. آءُ امداد حسيني صاحب توهان جي بيحد شڪر گذار آهيان. توهان مون کي تمام گهڻي عزت ڏني. مون توهان جو نالو ٻڌو هو پر ائين توهان سان ملاقات ٿي ويندي، ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو. سر يقين ڪريو ته توهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي. نصرت مياڻي. **** نالو: عائشه خالد شهر / ڳوٺ: ميرپور خاص تعليم؟ ايم اي سوشيالاجي ڪهڙي نوڪري ٿيون ڪريو؟ مان ڊسٽرڪٽ لٽريسي ڪو آرڊينيٽر نوشهروفيروز آهيان. عورت کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ منهنجو خيال آهي ته عورت کي نوڪري ضرور ڪرڻ گهرجي. نوڪريءَ جي ڪري گهر وارن ۽ ٻاهر جي ماڻهن جو رويو؟ مون کي نوڪري جي حوالي سان ايتري مشڪل نه ٿي. جيتري پڙهائي لاءِ ٿي. من کي اهو چوندي فخر آهي ته مان پنهنجي خاندان جي پهرين پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري آهيان ۽ انشاءَ الله مون کي ڏيئي سان ڏيئو ٻارڻو آهي. نوڪريءَ جو تجربو ڪيئن ٿو لڳي. تمام سٺو به تمام ڏکيو به. اسان سنڌي ڇوڪرين سان هميشه مسئلو رهيو آهي ۽ اسان جو ڪم مردن سان هوندو آهي ۽ هيءُ سماج مردن جو آهي. گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪنديون آهيو؟ مان گهر جا تمام گهڻا ڪم ڪندي هيس پر هاڻ نه ڪندي آهيان، ڇو ته منهنجي نوڪري اهڙي آهي. ڪو هنر ڄاڻو ٿيون؟ مون کي هُرمچ ڀرت ايندو آهي. لباس ڪهڙو ٿو وڻي؟ مون کي سنڌي لباس وڻندو آهي پر مان قميص، شلوار به پسند ڪندي آهيان. رنگ ڪهڙو پسند آهي؟ اڇو ۽ نيرو. خوشبو ڪهڙي پسند آهي؟ مون کي مينهن کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ For Ever پرفيوم جي خوشبو وڻندي آهي. موسيقي ڪهڙي پسند آهي؟ مون کي سنڌي Sad Songs ۽ ماسٽر چندر جا ڪلام خاص طور تي هيءَ دنيا فاني آهي. ۽ عابده پروين جو ”هن جنم هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان“ پسند آهن. سرتين لاءِ ڪو پيغام؟ تعليم حاصل ڪريو ۽ اوهان پڙهيل آهيو ته پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم کي وڌايو. **** نالو: ياسمين سيما تعليم؟ ايم. اي اسلامڪ ڪلچر ڪهڙي نوڪري ٿيون ڪريو؟ ڊسٽرڪٽ لٽريسي ڪو آرڊينيٽر. عورت کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ عورت کي نوڪري ڪرڻ گهرجي. نوڪري ڪرڻ سان عورت ۾ ذميواري جو احساس وڌي ٿو، ان جي روزمره جي زندگي Routine واري ٿئي ٿي. جديد دور جي پُر آسائش زندگيءَ لاءِ مرد جي ٻانهن ٻيلي ٿئي ٿي. عورت کي پنهنجو پاڻ مڃائڻ جو موقعو ملي ٿو. نوڪريءَ جي ڪري گهر وارن ۽ ٻاهر جي ماڻهن جو رويو؟ اسان جي سماج ۾ نوڪري ڪرڻ واري عورت سان عام ماڻهن جو رويو نامناسب آهي. گهر وارا به نوڪريءَ واري عورت مان گهڻيون اميدون رکن ٿا،عورت گهر ۾ هجي يا گهر کان ٻاهر، ان جي ذميوارين ۾ ڪابه گهٽتائي نٿي اچي. عورت کي نوڪريءَ جي ذميوارين سان گڏو گڏ گهر جي ذميوارين جي پورائي لاءِ پاڻ کي پتوڙڻو پوي ٿو. گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪنديون آهيو؟ هڪ گهريلو عورت جيان پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن جي ذميوارين کان پوءِ گهر جي تمام ڪمن ڪارين ۾ منهنجو حصو اهو ئي آهي جيڪو هڪ عام رواجي عورت جو هوندو آهي. نوڪري جو تجربو ڪيئن ٿو لڳي؟ نوڪريءَ جو تجربو تمام سٺو ٿو لڳي. هن نوڪريءَ ۾ مون کي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو آهي. اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيو آهي. ماڻهن سان واسطا وڌيا آهن. هن جذبي هڪ قوت پيدا ڪئي آهي ته پنهنجي قوم جي پوئتي پيل عورتن کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي آڻي پنهنجي حياتيءَ کي بامقصد بڻائجي. ڪو هنر به ڄاڻو ٿيون؟ سبڻ ۽ ڀرڻ / رڌ پچاءُ. لباس ڪهڙو ٿو وڻي؟ شلوار، قميص ۽ هر اهو لباس جنهن ۾ عورت باوقار لڳي. رنگ ڪهڙو پسند آهي؟ اڇو، نيرو. خوشبو ڪهڙي پسند آهي؟ موتئي (کٽڻ کٽڻهار) جي. موسيقي ڪهڙي پسند آهي؟ هلڪي، ميلوڊيس، سُريلي، پاپ نه وڻندي آهي. ان ۾ سر سنگيت، گوڙ شور وڌيڪ هوندو آهي. سرتين لاءِ ڪو پيغام؟ زندگيءَ ۾ ڪنهن به مقصد کي ماڻڻ لاءِ جذبي ۽ همت سان اڳتي وڌجي ته ڪاميابي سدائين گڏ هوندي. ان لاءِ ڪڏهن به نااميد ٿي همت نه هارڻ گهرجي. **** نالو: صائمه ناز راشد تعليم؟ ايم اي سوشيالاجي. نوڪري ڪنديون آهيو، ڪهڙي، ڪٿي؟ مان بالغن کي تعليم ڏيندي آهيان گهوٽڪي ضلعي ۾. نوڪريءَ جو تجربو ڪيئن ٿو لڳي؟ نوڪريون ته گهڻيون ئي ڪيون آهن، هر نوڪريءَ جو تجربو مختلف ۽ سکڻ تي منحصر هوندو آهي. هر نوڪري مون ٻن سالن تائين ڪئي آهي يا جڳهه بدلائيندي آهيان يا شعبو، ڇو ته هڪ ئي جڳهه تي جڏهن سڀ شيون سکي ويندي آهيان ته اتي سيکارڻ جو عمل ڪندي آهيان. جيئن تجربو ٿي. گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪنديون آهيو؟ گهر جو هر ڪم ڄاڻان ٿي ۽ ڪري به ويندي آهيان پر شوق سان ناهيان ڪندي. ڪو هنر ڄاڻو ٿيون؟ هنر ڪافي اچن ٿا، ڊيڪوريشن جون مختلف شيون ٺاهي ويندي آهيان. ڊزائننگ ڪري ويندي آهيان، ڀرت هر قسم جو ايندو اٿم. توهان ڇا ٿيون ٿيڻ چاهيو؟ سچ پڇو ته هڪ سٺو انسان ٿيڻ چاهينديس، جيڪو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي نقش قدم تي هلڻ وارو هجي. لباس ڪهڙو ٿو وڻي؟ جيڪو سنت نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي مطابق هجي. رنگ ڪهڙو ٿو وڻي؟ اڇو، ميرون، ڪارو ۽ سمنڊ جهڙو سائو رنگ پسند اٿم. خوشبو ڪهڙي پسند آهي؟ هلڪي خوشبوءِ پسند ڪندي آهيان، گهڻو ڪري گلن جي خوشبو وڻندي اٿم. موسيقي ڪهڙي ٻڌنديون آهيو؟ موسيقي به هلڪي وڻندي اٿم. ڏک وارو ڪلام وڌيڪ وڻندا آهن. سرتين لاءِ ڪو پيغام؟ رسالي ۾ اهڙين عورتن جا انٽرويو ڏيو، جن تمام گهڻي محنت کان پوءِ ڪو مقام حاصل ڪيو هجي. يا اهڙيون ڪهاڻيون جيڪي پڙهڻ کان پوءِ ياد رهجي وڃن. آءُ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي هڪ راءِ ڏيڻ چاهيان ٿي جيئن ڪجهه نظرثاني ٿي سگهي، اها هيءَ آهي ته: اسان جي اٺين ڪلاس جي نصاب جي ڪنهن به هڪ ڪتاب ۾ اهڙي معلومات ڏيون جنهن سان سڀني شعبن ۽ انهن تائين پهچڻ لاءِ ڪهڙن ڪهڙن ڪورسن کي پاس ڪرڻو پوندو. اهو هيئن ته اسان جي اسڪول ۾ ڪنهن به ٻار کي جيڪڏهن پڇيو وڃي ته توهان وڏا ٿي ڇا ٿيندؤ ته هڪدم ڊاڪٽر، استاد يا انجنيئر ٿيڻ لاءِ چوندو. ان کان سواءِ ڪنهن به شعبي جي باري ۾ ٻارن کي ڄاڻ ڪونهي، ڪاش پنهنجي روشن مستقبل ٺاهڻ جي لاءِ اسين شروع کان ئي سوچي ڇڏيون ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي يا ڇا ٿيڻو آهي. فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا حدون ٽوڙڻ جا خواب مترجم: امر سنڌو حصو 10 ”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي. عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قدم پوئتي هيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين. فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي. (امر سنڌو) ٻي مهاڀاري لڙائي: اڱڻ مان ڏٺل هڪ منظر جرمن به يقيناً عيسائي هئا. اهي ڏکڻ ۾ رهندا هئا جنهن کي پاڻ برفاني زمين سڏيون ٿا، چون ٿا ته الله جي رحمت ته عيسائين تي نه هئي. انهن جي موسم ٿڌي ۽ سخت هئي جنهن جي ڪري اهي بدمزاج ٿي ويا هئا. جڏهن ته مهينن تائين سج نظر نه ايندو هو ته گرمي حاصل ڪرڻ لاءِ شراب پيئندا هئا ۽ ويڙها هوندا هئا. پر سندن چانهه، کاري ۽ ساڙيندڙ هوندي هئي. جڏهن ته اسان وٽ چانهه ڦودني ۽ حنا سان واسيل هوندي هئي. زين ڀاءُ جيڪو برطانيا تائين گهمي آيو هو چوندو هو ته اتي چانهه ايتري ته ڪاري ٿئي ٿي جو ان ۾ کير ملائڻو ٿو پوي. ته مون ۽ سمير به کڻي پنهنجي ڦودني واري چانهه ۾ کير وڌو، ڪيترو نه بي سوادي ذائقو هو. پوءِ ان ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهه ٿي ته عيسائي هميشه غمزده رهن ٿا ۽ جهيڙا جهٽا ڳولهي ٿا وٺن. بهرحال اهو پتو پيو ته جرمني وڏي عرصي کان هڪ خفيه ۽ وڏي فوج تيار ڪري ويٺي آهي ۽ ڪنهن کي به پتو نه هو ته اها اوچتو فرانس تي حملو ڪندي. هنن پئرس تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ هر ڪنهن تي ائين حڪم هلائڻ لڳا جيئن فيض ۾ اسان تي فرينچ فوجون ڪري رهيون هيون. اسان خوشنصيب هئاسين ته فرينچن کي اسان جي ابن ڏاڏن وارو شهر پسند نه آيو ۽ انهن پنهنجو نئون شهر اڏي ورتو. مون سمير کان پڇيو ته ”جيڪڏهن کين اسان جو شهر پسند اچي وڃي ها ته ڇا ٿئي ها؟“ هن چيو ته ”پوءِ اهي اسان کي گهرن کان ٻاهر ڪڍي اڇلائين ها ۽ خود اتي رهن ها.“ پراسرار جرمن فقط فرينچن جي خلاف ئي نه هئا پر هنن يهودين خلاف به جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. يهودين کي سختيءَ سان حڪم هو ته جڏهن به اُهي گهر کان ٻاهر نڪرن ته ڪي زرد ڪپڙا پائي نڪرن ۽ ساڳيو ئي حڪم مسلمانن مردن لاءِ به هو ۽ عورتن لاءِ به ته اهي به برقعو پائي نڪرن جيئن سندن سڃاڻپ ٿي سگهي. جرمن يهودين جي خلاف ڇو هئا اهو اسان کي ڪوبه ٻڌائي نه سگهيو، جڏهن به دستڪاريءَ جي مشعل چمڪندي هئي ته مان ۽ سمير اهو سوال ڪندا رهندا هئاسين پر جواب نه ملندو هو. امان چوندي هئي ته ”اُهو ئي جيڪو عورتن سان ٿئي ٿو. ڪنهن کي ڪهڙو پتو ته مرد اسان کان زوريءَ پردو ڇو ٿا ڪرائين؟ ڪنهن جي مختلف هئڻ جو خوف انسان کان عجيب ڪم ڪرائيندو آهي. جرمن پنهنجن سان پاڻ کي وڌيڪ محفوظ محسوس ڪندا هئا، جيئن اسان جا مرد مديني ۾. پر اتي جي ڪا عورت اچي ٿي وڃي ته اهي گهٻرائجي ٿا وڃن. ائين يهودي به پنهنجي انفراديت ظاهر ڪن ٿا ته جرمن پريشان ٿي ويندا آهن.....عجيب دنيا آهي...........“ فيض ۾ يهودين جو به پنهنجو علائقو هو، جنهن جو نالو ”ملاح“ هو. اهو اسان جي گهر کان اٽڪل ڪو اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي هو. يهودي اسان وانگي جلابو پائيندا هئا. پر مٿي تي پڳ بجاءِ ٽوپي پائيندا هئا. ملاح ۾ پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي لڳا پيا هوندا هئا. اهي خوبصورت زيور ٺاهيندا هئا ۽ ڀاڄين جو سٺو آچار وجهندا هئا. امان به ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهن جيان ونگن ۽ ننڍن واڱڻن جو آچار وجهي، پر ڪامياب نه ٿي. آخر ۾ تنگ ٿي چوندي هئي ته ”ڪي ٽوڻا ڦيڻا ڪندا هوندا.......“ اسان وانگي يهودي به عبادت ڪندا آهن. اُهي به پنهنجي خدا سان پيار ڪندا ۽ پنهنجو ڪتاب پنهنجي ٻارن کي پڙهائيندا هئا. انهن جو اسان جي مسجد جيان پنهنجو عبادت گهر هوندو هو. اسان جا نبي به ساڳيا هئا. سواءِ محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي (مان نبين جي فهرست ٺاهڻ کان سدائين گهٻرائيندي هئس. منهنجي استاد، لالاتام چوندي هئي ته مذهبي معاملن ۾ غلطي ڪرڻ سان انسان دوزخ ۾ وڃي سگهي ٿو. اهڙي غلطي کي ڪفر چوندا آهن ۽ مان ان کان پاسو ڪندي هئس ڇو ته مون طيءِ ڪيو هو ته مان جنت ۾ ويندس). هيءَ ڳالهه به يقيني هئي ته يهودي جيڪڏهن ڊگهي عرصي کان عربن سان گڏ رهندا هئا ۽ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي ابتدائي دور ۾ کيس پسند به ڪندا هئا پر پوءِ کانئن ڪا غلطي ٿي ويئي ۽ انهن فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن ٻن مذهبن سان هڪ ملڪ ۾ گڏ رهڻو آهي ته پوءِ بهتر آهي ته پنهنجي مخصوص علائقن ۾ رهجي. يهودي ڏاڍا منظم هئا ۽ پنهنجي برادريءَ جي تحفظ جي معاملي ۾ ماهر به هئا. اهي اسان کان وڌيڪ ملاح ۾ پنهنجي غريبن جو خيال رکندا هئا ۽ سندن سڀئي ٻار اعلى معيار جي اسرائيلي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا. پر مون کي اهو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته يهودي جرمنيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن، اُهي ٿڌن ملڪن ۾ ڪيئن پهچي ويا. منهنجو ته خيال هو ته عربن جيان کين به گرم موسم وڻندي آهي ۽ اُهي برف کان پري رهڻ پسند ڪن ٿا. پاڻ سڳورن جي زماني ۾ يهودي مديني شهر ۾ عرب جي ريگستان ۾ چوڏهن سَو سال پهرين ئي آباد هئا. ان کان پهرين مصر ۾ آباد هئا جيڪوپڻ مڪي کان پري ناهي ۽ شام ۾ به يهودي عربن جي ويجهو ئي رهيا آهن. عربن اسپين فتح ڪرڻ وقت جڏهن دمشق جي ماهرن اندلس ۾ باغ ٺاهيا ۽ قرطبه ۽ سيول ۾ محل ٺاهيا ته يهودي عربن سان گڏ ئي رهيا. لالاتام اسان کي اهو سڀڪجهه ٻڌائيندي هئي ۽ ايتري تفصيل سان ٻڌائيندي هئي جو مان ڊڄي ويندي هئس ته اهو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي. ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته لالا تام اسان کي قرآني آيتن جو مفهوم ٻڌائڻ وساري ويهندي هئي. خميس ڏينهن اسين آيتون پنهنجي پٽيءَ تي لکندا هئاسين ۽ پوءِ ڇنڇر، آچر، سومر، اڱاري تي انهن کي حفظ ڪري وٺندا هئاسين. هرڪو پنهنجي پنهنجي گاديلي تي ويهي پڙهندو هو. پَٽي هنج ۾ رکي جهومندي جهومندي زور زور سان آيتون پڙهندا هئاسين ايستائين جو آيتون حفظ ٿي وينديون هيون. اربع تي لالاتام سبق ٻڌندي هئي. پٽيءَ کي ابتو رکي رٽيل آيتون دهرايون وينديون هيون ۽ جيڪڏهن ڪا چُڪ نه ٿيندي هئي ته لاله تام مرڪي پوندي هئي. منهنجو وارو ايندو هو ته لالا تام گهٽ مُرڪندي هئي ۽ ڏنڊو منهنجي مٿي تان لوڏيندي چوندي هئي ته ”فاطمه مرنيسي تون زندگيءَ ۾ ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهندينءَ. هڪ ڪن کان ٻُڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيدينءَ. ”سبق ٻڌائڻ کان پوءِ خميس ۽ جمعو موڪل جا ڏينهن سمجهيا ويندا هئا. جيتوڻيڪ انهن ۾ به پٽي صاف ڪرڻ ۽ نيون آيتون سکڻيون پونديون هيون. پر هن سڄي عرصي ۾ لالا تام اسان کي قرآني آيتن جو مطلب نه سمجهائيندي هئي. چوندي هئي ته ”بس پٽيءَ تي لکو ۽ سبق حفظ ڪريو. ڪير توهان جي راءِ جي باري ۾ ڪونه پڇندو.“ پوءِ هوءَ اسپين جي فتح بابت ڪجهه ٻڌائيندي هئي ۽ جڏهن مان منجهي پوندي هئس ته هوءَ ڪاوڙجي چوندي هئي اهو ڪفر آهي ۽ پوءِ بابي کي سڏائي وٺندي هئي ۽ بابو وڏي مشڪل کان پوءِ کيس سمجهائيندو هو ته نوجوان ڇوڪريءَ لاءِ چند اهم تاريخون ڄاڻڻ لازمي آهن ۽ پوءِ بابي مون کي ٻڌايو ته قرآن جو نازل ٿيڻ حضور سائينءَ جي وصال سان ختم ٿي ويو. جيڪو سن 11 هجري ۾ 236 عيسوي موجب آهي. مون کيس چيو ته هجري تاريخ ٻڌائي. ڇو ته عيسوي ڪئلينڊر سان مان پريشان ٿي ٿيان. ته هو چوڻ لڳو ته ”هڪ عقلمند ڇوڪري لاءِ، ٽي ڪئلينڊر ڄاڻڻ لازمي آهن. جيڪڏهن هاڻي ئي سکڻ شروع ڪندينءَ ته هڪ ڪئلينڊر جي ٻئي ڪئلينڊر سان سولائيءَ سان ڀيٽ ڪري سگهندينءَ.....“ ها پر ايترو ضرور ٿيو ته بابي يهودي ڪئلينڊر کي منهنجي تعليم مان خارج ڪري ڇڏيو ڇو ته اهو ايترو ته پراڻو هو جو منهنجو مٿو چڪرائڻ لڳندو هو. ها ته عربن نبي سائينءَ جي وفات جي تقريباً هڪ صدي پوءِ سن 91 هجري ۾ اسپين فتح ڪيو، مون پڇيو ته ”پوءِ لالا تام اهڙا واقعا ڇو ٿي ٻڌائي........“ بابي چيو ته ”ٿي سگهي ٿو ته سندس خاندان به اندلس مان آيو هجي، سندس والد جو نالو به سباتا آهي جنهن کي اسپيني ٻولي ۾ رُباٽا چوندا آهن ۽ هن وٽ اڃا تائين سمويل جي ان گهر جي چاٻي موجود آهي. بس کيس پنهنجو وطن ياد ايندو هوندو. ازابيلا راڻيءَ هن جي خاندان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو.“ پوءِ بابي سمجهائڻ لڳو ته ٻي کان اٺين هجريءَ تائين (اٺين کان پندرهين عيسوي) عرب ۽ يهودي اندلس ۾ سالن جا سال گڏ رهيا، ٻئي قومون اسپين ۾ ان وقت ويون جڏهن اميه خليفن عيسائين کي شڪست ڏيئي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ قرطبه کي گاديءَ جو هنڌ بنايائون يا غرناطه يا سويل کي ڇو ته لالا تام جڏهن به ذڪر ڪندي هئي ته ٽنهي شهرن جو نالو ضرور کڻندي هئي. ائين ٿي سگهي ٿو ته ٽيئي گاديءَ جا هنڌ هجن پر عام طور تي هڪ ئي ٿيندو آهي. پر اسپين جنهن کي عربن ال اندلس جو نالو ڏنو ڪا عام ڳالهه نه هئي. اميه خليفا خوش باش قسم جا ماڻهو هئا جن عاليشان محل الحمرا ۽ جيرالڊ جا مينار ٺهرايا. اهو اصل ۾ دنيا کي ڏيکارڻ پيا چاهين ته سندن حڪومت ڪٿي ڪٿي پکڙيل آهي. انڪري مراڪش ۾ به اهڙو ئي مينار ٺهرايائون جنهن کي قطبيه چوندا آهن. جيستائين انهن جو تعلق هو ته يورپ ۽ آفريڪا ۾ سندن ڪا به سرحد نه هئي. بابا چوندو هو ته ست سالن تائين يهودي ۽ عرب گڏ رهيا. شاعريءَ جو گڏ مزو وٺندا رهيا. آبپاشيءَ جا جديد طريقا رائج ڪري چمبيلي ۽ زيتونن سان واسيل باغن ۾ ليٽي تارا ڳڻيندا رهيا. هتي فيض ۾ اسان سندن بابت وساري ويٺا هئاسين ته هڪ ڏينهن اوچتو هزارن جي تعداد ۾ مراڪش ۾ داخل ٿيا....خون ۾ ٻڏل..... هٿن ۾ گهرن جون چاٻيون کنيل........ هڪ هيبتناڪ عيسائي راڻي ازابيلا جرمن مان نڪري انهن کي سخت شڪست ڏني ۽ چيائون ته ”اسان جيان عبادت نه ڪندؤ ته توهان کي سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو.“ پر حقيقت ۾ کين جواب ڏيڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو ۽ کين سمنڊ ڏانهن روڪڻ شروع ڪيو ويو مسلمان ۽ يهودي گڏجي ٽينجر ۽ ڪيوٽا ڏانهن ترڻ لڳا، اهي خوشنصيبن مان هئا جن کي ٻيڙيون ملي ويون ۽ سڀ لڪڻ لاءِ فيض ڏانهن ڀڳا. هيءُ واقعو پنج سَو سال پهرين جو آهي ۽ انڪري اسان جي مديني جي هڪ مسجد ويجهو ۽ ملاح يا يهودي علائقي کان ڪجهه سَو ميٽر جي مفاصلي تي اندلس جي هيڏي وڏي آبادي آهي. پر پوءِ به ان مان اهو ثابت ته ڪونه ٿيو ته يهودي جرمنيءَ ۾ ڪيئن پهتا. سمير ۽ مان ڊگهي گفتگو کان پوءِ ان نتيجي تي پهتاسين ته جڏهن ڪيٿولڪ ازابيلا فساد ڪيو هو ته ڪي يهودي غلط رستي ڏانهن ڀڳا هوندا ۽ ائين اهي ڏکڻ بجاءِ اتر ڏانهن هليا ويا هوندا، پر جيئن ته جرمن ۾ ازابيلا جيان عيسائي آهن تنهن ڪري انهن به يهودين کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇو ته سندن عبادت جو طريقو مختلف آهي. پر پڦي حبيبه چوندي هئي ته اهو تجربو درست ناهي ڇو ته جرمن فرانسيسين سان به ته وڙهي رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي عيسائي آهن ۽ ساڳي خدا جي عبادت ڪن ٿا. پر اسان جو اندازو اتي ئي ختم ٿيو ڇو ته مذهب ۾ ان جو جواب نه هو ته عيسائي پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهن؟؟ ما، سمير کي چوڻ واري هئس ته ڇڏيو ان پراسرار يهودي مسئلي کي ڍڪي رکون. اڳئين سال جڏهن اسان وڏا ۽ سمجهدار ٿينداسين ته هن تي غور ڪنداسين پر ملڪه ڀيڻ ته ماڳهين هڪ ٻيو قابل ادراڪ ۽ هولناڪ نظريو پيش ڪيو ته ”هن جنگ جو تعلق وارن جي رنگ سان آهي. جرمن ڊگها سفيد رنگ جا اڇا ۽ ڀورن وارن وارا آهن، جڏهن ته فرينچ انهن کي ننڍا، گهري رنگ جا ۽ ڪارن وارن وارا آهن. سندس خيال ۾ يهودي ويچارا ازابيلا جي خوف کان غلط رستي کان ڀڳا ۽ غلط جاءِ تي ڦاسي پيا ۽ اهائي اتفاقاً جنگي علائقي ۾ هئا ۽ بدقسمتيءَ سان سندن وار به ڪارا هئا جيتوڻيڪ اهي جنگ جا فريق نه هئا. سمير ۽ مان ڏاڍا ڊناسين. اسان زين ڀاءُ کان به تصديق ڪرڻ چاهي، هن چيو ته ”ها بنهه صحيح _ هٽلر (جرمن بادشاهه جو نالو) ڪارن وارن ۽ ڪارين اکين کان نفرت ڪندڙ آهي ۽ جتي به ڪارن وارن واري آبادي آهي اتي هو جهازن مان بم اڇلائيندو آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ٽپڻ به ڪو فائدو ناهي. ڇو ته هو پيڇي ڪرڻ لاءِ ٽوٻا جهاز موڪلي ٿو.“ سمير وڏي ڀاءُ ڏانهن ڏسندي ۽ پنهنجي ڪارن وارن کي لڪائيندي چيو ته ”توهان جو خيال آهي ته جرمن جڏهن فرانس ۽ يهودين کي شڪست ڏيئي وٺندا تڏهن هتي فيض جو رخ ڪندا........“ ڀاءُ زين ان جو ڪو واضح جواب نه ڏنو. بس ايترو چيائين ته اخبارن جرمن جي مستقبل جي ارادي بابت ڪجهه ڪونه لکيو آهي. ان رات سمير پنهنجي ماءُ کي التجا ڪئي ته سندس مٿي تي ميندي هڻي، جيئن حمام کان پهرين سندس وارڳاڙها ٿي وڃن ۽ مان، امان جو رئو مٿي تي ٻڌي ان جي پويان ڊوڙڻ لڳيس ته امان مون کي ڏٺو ۽ ان کي لاهڻ لاءِ رڙيون ڪندي چوڻ لڳي: ”مٿي کي ڪڏهن به نه ڍڪجانءِ........منهنجي ڳالهه سمجهين ٿي، مان سڄي عمر ان ئي خلاف وڙهندي رهيس ۽ تو هن کي مٿي تي کڻي پاتو آهي. ڪهڙي بڪواس آهي.“ مون کيس يهودين، جرمني، بم ۽ ٽوٻو جهازن بابت سڀڪجهه ٻڌايو پر هن تي ته ڪو اثر ئي ڪونه ٿيو اُلٽو چوڻ لڳي: ”چاهي هٽلر جرمنيءَ جو طاقتور بادشاهه به تنهنجو پيڇو ڪري ته مٿي ڍڪڻ کان سواءِ سندس منهن مقابل ٿجانءِ.......مٿو ڍڪڻ ۽ لڪڻ مان ڪو فائدو ناهي. ليڪن لڪائڻ سان عورتن جا مسئلا حل نٿا ٿين. پر اِن جي ڪري عورتون قربانيءَ جو ٻڪرو ٺهي وينديون آهن..... تنهنجي ناني ۽ مان ٻئي ان مٿي ڍڪڻ کان عاجز اچي ويون آهيون........ان جو ڪو فائدو ناهي.........مان چاهيان ٿي ته منهنجون ڌيئون مٿي کڻي الله جي زمين تي هلن ۽ آسمان ۾ تارن تي نظر رکن.“ ائين چئي هن منهنجو رئو کسي ورتو ۽ مون کي بيوس ڪري اڻ ڏٺل فوج جي مقابلي لاءِ ڇڏي ڏنو جيڪا ڪارن وارن ۽ ڪارين اکين وارن جو پيڇو ڪري رهي هئي. شگفته شاهه ناول / قسط 8 ٽڙي پوندا ٽاريئين... رابيل: ” فيضان ڏس! آءُ عورت آهيان منهنجون ڪي Limits يا حدون آهن... سو مون کي اهڙين ڳالهين جو خيال ته رکڻو پوي ٿو ۽ ڪجهه Care ته ڪرڻي پوندي. فيضان تمام ڏک مان چيو: ”تنهنجي مرضي، ڀلي ڪر Care، مون توکي ڪڏهن به ڪنهن معاملي ۾ مجبور ناهي ڪيو نه ئي ڪڏهن پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. بهرحال مون ان لاءِ فون ڪئي آهي ته اڄ انڊس آرٽ سرڪل وارن جو نمائندو سرڪل پاران ايندڙ هفتي تصويرن جي نماءُ جو ڪارڊ ڏئي ويو آهي. رابيل! آءُ چاهيان ٿو ته تون فوٽو گرافر کي وٺي ان نماءُ ۾ وڃ، آرٽسٽن سان مل ۽ ان بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪري.“ رابيل: ”فيضان! آءُ ڪجهه چئي نٿي سگهان. مون کي سال ٿيا آهن ته مون اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي. هاڻي ڪنهن اهڙي محفل يا پروگرام جتي ماڻهن جو ميڙاڪو ٿئي ٿو ته مون کي اتي گهٻراهٽ ٿئي ٿي انڪري شايد آءُ آرٽسٽن سان به صحيح نموني ڳالهه ٻولهه ڪري نه سگهان.“ فيضان: ”رابيل!...... رابي.........! ڇا ٿي ويو آهي توکي؟ تون هاڻي ٽين ايجر ڇوڪري نه پر ميچوئر عورت آهين. پليز هاڻي پاڻ کي بدلاءِ ۽ پنهنجو اعتماد بحال ڪر. هن سوسائٽيءَ ۾ Survive ڪرڻ لاءِ اهو تنهنجي لاءِ تمام ضروري آهي.“ رابيل چيو: ”فيضان! مون تنهنجي ڪري پاڻ کي الاهي بدلايو آهي ۽ اڃا به ڪوشش ڪريان پئي.... پر.....ظاهر آهي ته مون کي ڪجهه وقت ته لڳندو نه.......تون........چاهين ٿو ته آءُ يڪدم پاڻ کي بدلائي ڇڏيان. مون کي ڪجهه وقت ته ڏي.“ فيضان: ”بيشڪ ٽائيم وٺ.“ رابيل: ”چڱو تون نماءُ کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي ٻڌائج. پَڪَ نٿي ڏيان پر ايستائين شايد آءُ ذهني طرح پاڻ کي تيار ڪري وٺان.“ ۽ پوءِ ٻنهي موڪلائي فون رکي ڇڏي. پوءِ ائين ٿيڻ لڳو ته هوءَ هر روز آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ فيضان جي آفيس جي درتي بيٺي بيٺي کيس اطلاع ڏئي ۽ موڪلائي گهر هلي ايندي هئي. هڪ ڏينهن رابيل جي گاڏي ٽائيم تي نه پهچي سگهي ته هوءَ فيضان کان موڪلائڻ کان پوءِ لائونج ۾ ويٺل هئي ته هن ناهيد کي فيضان جي آفيس ۾ ويندي ڏٺو. هوءَ پنهنجي مخصوص ادائن سان Streat ٿيل ڪٽيل وارن کي جهٽڪيندي وئي پئي. ڊارڪ ميڪ اپ ۾ سندس سهڻا نقش نمايان هئا. ڪجهه دير کان پوءِ هوءَ آفيس مان نڪتي ۽ پوءِ رابيل کي ڏسي تيزيءَ سان هن جي ويجهو آئي ۽ سندس پاسي ۾ صوفي تي ويهي انتهائي رازدارانه انداز ۾ رابيل کان پڇيائين: ”ٻڌو! سر فيضان ڪردار کان ڪهڙي ٽائيپ جو ماڻهو آهي؟“ رابيل حيران ٿي چيو: ”پر........توهين اهو ڇو پيون پڇو؟“ هن هڪ ادا سان پنهنجي چهري تي آيل وارن کي پوئتي جهٽڪيو ۽ چيائين: ”دراصل مون کي پاڻ هن آفيس کي جوائن ڪندي گهڻو عرصو ڪونهي ٿيو، انڪري پئي پڇان.“ رابيل تلخيءَ مان چيو: ”توهين ته اڪثر فيضان وٽ ويٺل هونديون آهيو، پوءِ هن توهان سان ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي ڇا، جو توهين پريشان آهيو؟“ ”نه!........اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي“ ناهيد لاپرواهيءَ سان چيو، سر ته مون کي تمام گهڻي Respect ڏيندا آهن، پر مون محسوس ڪيو آهي ته آءُ جڏهن ڪليگس ۾ ويندي آهيان ته هو مون کي عجيب نظرن سان ڏسندا آهن ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسي معنى خيز انداز ۾ مرڪندا آهن، تڏهن آءُ سوچيندي آهيان ته ڪٿي هي مشڪوڪ ڪردار جو ته ناهي، جو هن وٽ ويهڻ سان آفيس جا ڪليگس مون بابت غلط رايو رکڻ لڳا آهن!“ رابيل سوچيو ته بظاهر ايڏي تيز ۽ بولڊ لڳندڙ ناهيد سچ پچ اندران ايڏي سادي هئي يا وري پوز ڪري رهي هئي! رابيل کيس چيو! ”گهر جي دنيا ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ اهوئي ته فرق هوندي آهي ته ٻاهر انسان جو واسطو هر قسم جي ماڻهن سان پوندو آهي ۽ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي تعليم يافته بڻجي فقط لباس ۽ رهڻ ڪهڻ جو انداز مٽائي سگهندا آهن. پر سندن پاڙ جهالت جي زمين ۾ کتل هوندي آهي ۽ ان ماحول ۾ زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ ملندڙ تربيت جي نالي تي ”ڪاري“ ڪندڙ عورتن جي ماحول مان آيل هيءُ ماڻهو هر ان عورت يا ڇوڪريءَ کي ذهني طرح ”ڪاري“ سمجهندا آهن، جيڪا ڪنهن مرد سان گڏ اٿي ويهي ٿي يا ڳالهائي ٿي. تبديلي اها نه آهي ته فقط سُوٽ بُوٽ پائي. انگريزي ڳالهائي شهري طرز زندگيءَ ۾ پاڻ کي Mix ڪري ڇڏجي، پر اصل تبديلي اها آهي جيڪا ذهنن کي بدلائي ٿي ۽ سوچن ۾ انقلاب آڻي ٿي.“ ايستائين پٽيوالي کيس سندس گاڏي اچڻ جو اطلاع ڏنو ته رابيل ناهيد کي موڪلائي گهر هلي آئي. سندس دل ۽ دماغ تي هڪ بار هو. کيس خود خبر نه پئي پيئي ته اها عورت جي روايتي Jealousy وارو جذبو هو يا ڪا ٻي ڳالهه جو کيس رکي رکي فيضان تي ڪاوڙ پئي آئي ته آخر ناهيد جهڙي ڇوڪريءَ کي هو ايڏي لفٽ ڇو ڪرائي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن هوءَ ان ڳالهه تان چڙڻ جي سبب فيضان کان موڪلائڻ ۽ کيس اطلاع ڏيڻ کانسواءِ گهر هلي آئي هئي. تڏهن سندس ڪن فون جي گهنٽي ٻڌڻ جا منتظر رهيا ته ضرور فيضان کانئس ائين بنا اطلاع ڏيڻ جي گهر اچڻ تي پڇندو پر فيضان کيس فون نه ڪئي ۽ تڏهن نيٺ هن پاڻ کيس فون ڪئي هئي. ٻئي پاسي فيضان ”هيلو“ چيو. ”فيضان! آءُ آهيان رابيل.“ فيضان چيو: ”ها“ رابيل کي فيضان جو لهجو بدليل لڳو هو. هن وري چيو: ”مون توکي اهو ٻڌائڻ لاءِ فون ڪئي آهي ته توکي آءُ انڪري اطلاع ڏئي نه آيس ته تنهنجي آفيس ۾ راحيل هو ۽ تون هن سان ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف هئين. منهنجي گاڏي به اچي چڪي هئي ۽ مون کي گهر اچڻ جي به ڪجهه جلدي هئي.“ فيضان انتهائي رکي لهجي ۾ چيو: ”هون!.........چڱو ٺيڪ آهي.“ رابيل سندس ان بدليل رويي تي ايڏو ته پريشان ٿي جو وڌيڪ ڪجهه به نه ڳالهائي سگهي ۽ کانئس موڪلائي فون بند ڪري ڇڏيائين. هوءَ بيحد پريشان ٿي وئي. وري اهو به سوچيائين ته هوءَ پاڻ وري هن سان ڪهڙو چڱو هلي هئي! سندس رويو به ته ايڏو منجهيل هو سو نيٺ ته ڪير ڪيترو برداشت ڪندو؟ ڪٿي هو رابيل کان ناراض ته نه هو. اگر ائين هو ته کيس اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏڻ گهربي هئي. ٻئي ڏينهن موڪل هئي ۽ اهو پورو ڏينهن به رابيل بيچين رهي. رات جو فون تي فيضان جو اجنبي لهجو ڄڻ ذهن جي ڪنهن ڪنڊ تي اٽڪي بيهي رهيو هو ۽ پوءِ رات جو نيٺ هن سوچيو ته هوءَ ڇو نه گهر جي نمبر تي هن سان ڳالهائي ۽ پڇي ته آخري ڳالهه ڇا هئي. هن فيضان جو نمبر ڊائل ڪيو ۽ پوءِ ٻئي پاسي فيضان فون رسيو ڪري ”هيلو“ چيو. رابيل به ”هيلو“ چئي خاموش ٿي وئي. کيس وري فيضان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”هيلو!........هيلو........ڪير..........!؟؟ اوهه تون؟!!“ ۽ پوءِ وري فيضان جو خوشيءَ سان ڀرپور آواز آيو: ”ها!..........تون آهين؟ ڪهڙا حال آهن.......هيلو......... آواز صاف طرح ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي.“ رابيل به کيس ٻڌايو ته هن کي پڻ سندس آواز بلڪل هلڪو پئي ٻڌڻ ۾ آيو. ٿوري دير هو ٻئي هليو هيلو ڪندا رهيا ۽ پوءِ لائين ڪٽجي وئي هئي. هن سوچيو ته فيضان سندس آواز ته ٻڌي ورتو هو پوءِ هو ضرور وري کيس فون ڪندو پر هوءَ انتظار ئي ڪندي رهجي وئي هئي. فيضان جي فون نه آئي. هن جي دل ۾ عجيب وهم وسوسا ۽ کٽڪا اچڻ لڳا. هن سوچيو هي اهو فيضان ته ناهي جنهن رابيل سان وعدو ڪيو هو ۽ کيس يقين ڏياريو هو ته جڏهن به هوءَ اداس ٿئي ۽ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ته هوءَ فيضان کي فون ڪري ته هو کيس پورو ٽائيم ڏيندو........ هن وري سوچيو: ”منهنجي به ته بيوقوفي آهي جو هن سان ايڏيون اميدون وابسته ڪندي پئي وڃان، پوءِ جيڪڏهن اهي اميدون پوريون نه ٿينديون ته اجايو پاڻ کي ئي دُکي ڪندس.“ اسان ڇوڪريون / عورتون به عجيب هونديون آهيون سورهن سالن جي عمر کان چاليهن سالن جي عمر تائين جون هجون پر........... نفسيات ته ساڳي ئي آهي مردن جي واعدن ۽ خوبصورت ڳالهين تي اعتبار ڪري ا کين ۾ سهڻا خواب آڻي وٺنديون آهيون! ۽ پوءِ رابيل سوچن جي لهرن ۾ لڙهڻ لڳي! ڪهڙو حق آهي منهنجو هن شخص تي. ڇو ٿي آءُ سندس روي تي اداس ٿيان.......نه.........منهنجي به ته اَنا آهي، خودداري آهي. سڀاڻي آفيس ويندس ته ان سان ڪا به شڪايت نه ڪنديس. هن کان ڪجهه به نه پڇنديس. جيڪڏهن هن کي منهنجي پرواهه ناهي ته پوءِ آءُ ڇو هن تي ظاهر ڪريان ته مون کي هن جي پرواهه آهي. آءُ ڪجهه به نه چونديس. ڪو به شڪوو نه ڪنديس، ڏک ڏوراپو نه ڪنديس!“ ٻئي ڏينهن هن ائين ئي ڪيو ۽ پورو وقت پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي ۽ پوءِ واپسيءَ جي وقت هن فائيل کنيو ۽ فيضان جي آفيس ۾ وڃي خاموشيءَ سان سندس ٽيبل تي رکيو ۽ خاموش بيٺي رهي ته فيضان کيس چيو: ”تون بيٺي ڇو آهين؟ پليز! ويهه. هيءُ ته آءُ پوءِ پڙهي وٺندس.“ رابيل صوفي تي ويهي رهي ته فيضان وري چيو: ”ڪهڙا حال آهن؟ طبيعت ته وري خراب نه ٿي هئي؟“ ”نه! آءُ ٺيڪ آهيان.“ رابيل آهستي چيو. فيضان: ”ها! ياد آيو. ان ڏينهن تو فون ڪئي هئي پر توسان صحيح نموني ڳالهه ٻولهه ٿي نه سگهي هئي.“ رابيل اداسيءَ مان چيو: ”ڪا ڳالهه ناهي. مون ڪجهه پڇيو ته نه.“ فيضان: ”پر آءُ ٻڌائڻ چاهيان ٿو. جنهن وقت تو آفيس ۾ مون کي فون ڪئي هئي ان مهل منهنجي آفيس ۾ منهنجا دوست ويٺا هئا. انڪري توسان ڳالهائي نه سگهيس.“ رابيل چيو: ”پر تنهنجو لهجو ايڏو رکو ڇو هو؟“ فيضان: ”نه، اهڙي ته ڳالهه ڪانهي. مون کي ته ان جو احساس نه ٿيو.“ رابيل: ”ان مهل ته تو وٽ دوست ويٺل هئا پر پوءِ ته ڳالهائي پئي سگهئين.“ فيضان: ”نه، دراصل ان رات دوستن سان دير تائين آفيس ۾ ڪچهري ٿيندي رهي ۽ پوءِ وري آئوٽنگ تي هليا وياسين ۽ رات جو دير سان گهر اچڻ ٿيو انڪري ان مهل مون توکي فون ڪرڻ مناسب نه سمجهيو.“ رابيل: ”......۽ ڪالهه ڇا هو؟ آءُ چڱي دير کان هيلو هيلو پئي ڪريان ۽ پوءِ لائين ڪٽجي وئي. پوءِ آءُ ڪيتري ئي دير فون جي ڀرسان ويٺي رهيس. پر تو فون ئي نه ڪئي.“ فيضان: ”ها، دراصل ڪجهه ڏينهن کان فون صحيح ڪم نه پئي ڪري، اوهه! ته تون ان ڳالهه تي ناراض آهين. رابيل! تون آخر ايڏو جلدي بدگمان ڇو ٿي ويندي آهين. توکي مون تي اعتبار ناهي؟“ رابيل واقعي شرمندي ٿي وئي، ته فيضان جي فون نه ڪرڻ تي هن الائي ڇا مان ڇا سوچي ورتو هو. ”دراصل آءُ ڏاڍي پريشان ٿي وئي هيس. فيضان! مون کي تنهنجي اها ئي ڳالهه سٺي لڳندي آهي ته تون صاف ۽ کرو ماڻهو آهين، انڪري منهنجي ڪابه ڳالهه توکي خراب لڳي ته چئي ڇڏجانءِ ۽ ڀلي مون سان جهيڙو ڪجان ۽ دڙڪا ڏجانءِ، پر ڪا ڳالهه دل ۾ نه رکجانءِ.“ فيضان: ”اول ته مون کي تنهنجي ڪا به ڳالهه خراب لڳندي ئي ناهي پر جيڪڏهن ائين ٿيو ته فڪر نه ڪر، پاڻ خوب جهيڙا ڪنداسين. هاڻي موڊ صحيح ڪر ۽ چهري جي خزان تي ڪجهه بهار آڻ.........ٿورو مُرڪي ڏيکار.“ رابيل جي چهري تي هڪ اداس مرڪ اچي وئي اڄ کيس پلين آف وائٽ سوٽ پاتل هو ۽ نيچرل ميڪ اپ ۾ هوءَ سادي هجڻ سان گڏ تمام پرڪشش لڳي رهي هئي. هن محسوس ڪيو ته فيضان بار بار کيس ڏسي پيو ۽ پوءِ وري فطري سادگيءَ سبب هن تان نظرون هٽائي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ ٿي لڳو. هن ڪجهه چوڻ پئي چاهيو. عجيب سچئوئيشن هئي. ٻنهي هڪٻئي کي دل ڀري ڏسڻ پئي چاهيو. هڪٻئي کي اکين ۾ سمائڻ پئي چاهيو. رابيل کي خبر نه پئي ته اهو ڪجهه منٽن جو سفر هو يا صدين جو، جن ٻنهي جي خاموش هئڻ جي باوجود به سمورا فاصلا طيءِ ڪري، هنن کي هڪٻئي جي تمام ويجهو آڻي ڇڏيو هو. رابيل جي دل چاهيو ته هو سدائين ائين هڪٻئي جي سامهون ويٺا رهن ۽ خاموشي سرگوشيون ڪري ٻنهي جي دل جي ساز کي ڇيڙيندي رهي. هن انهن لمحن کي هميشه لاءِ پنهنجي مُٺ ۾ قيد ڪرڻ چاهيو جيڪي هُن پنهنجي پرينءَ سان گڏ گذاريا هئا پر هوءَ ائين ڪري نه سگهي ڇو ته سندس مقدر جي لڪيرن کي اها دخل اندازي پسند نه آئي هئي ۽ سندس بند مُٺ کي کولي انهن قيمتي لمحن کي هميشه لاءِ سندس نصيب بڻجڻ کان روڪي ڇڏيو هو. ........................۽ پوءِ، نيٺ ان خاموشيءَ کي فيضان جي آواز ئي ٽوڙيو هو. اهي ”ساريون“ ڪير ڪندو انگريز بهادر وٽ لفظ ڏاڍا ڪامن (Common) آهن. هڪڙو Thanks (توهان جي مهرباني) ۽ Sorry (افسوس / معافي)! سو تازو لنڊن ۾ بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 58 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. ان کان پوءِ واري ڏکي صورتحال آهي. دهشتگردي لاءِ نوان قانون ٺهيا ۽ لاڳو ڪيا ويا آهن، انهن ۾ هڪ حڪم ته اهو به آهي ته ”شڪي ماڻهو کي ڏسندي ئي گولي هڻو!“ سو لنڊن جي پوليس به روائتي پوليس ئي نڪتي ۽ بنا پڇڻ ڳاڇڻ هڪل يا اطلاع جي هڪ اهڙي ”شڪي ماڻهوءَ“ کي گولي هڻي ڪڍي. ٻه ٽي ڏينهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي لنڊن پوليس جي انهيءَ ڪارڪردگيءَ جي ساراهه ۾ زمين آسمان هڪ ڪيا ويا. دهشتگرد جي مارجڻ تي وڏيون خوشيون ملهايون ويون. پر پوءِ جڏهن ڳالهه کُلي ته اهو هڪ بي گناهه برازيلي نوجوان هو. ۽ برازيلي سرڪار به پنهنجي ماڻهوءَ جي بي گناهه مارجڻ تي سخت احتجاج ڪيو. تڏهن انگلينڊ جي مُک وزير ٽوني بليئر به ويرم نه لاتي ۽ هڪدم چيائين ”آءِ ايم سوري!“ (مون کي افسوس آهي / آءُ معافي ٿو گهران!) سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ”ڌوٻيءَ جي گهران ڇا ويو؟ شُو!“ ڪپڙو ڪيڏو به قيمتي ۽ نازڪ نفيس ڇو نه هجي، ڌوٻي ڦرهي تي ان کي سٽي ڦوندا ڦوندا ڪري ڇڏيندو آهي. پر هن جو خرچ رڳو ”شُو“ ٿيندو آهي. سو ٽوني بليئر به هڪ بي گناهه انسان جي مارجڻ تي ”ساري!“ چئي ڇڏي! پر هُن ته ”ساري!“ به ڪئي. گهڻا ته ”ساري!“ به نه ڪندا آهن. دنيا جي تاريخ انهن بي گناهن جي رت سان ڀري پئي آهي. ان جون الائي ڪيتريون ”ساريون!“ رهيون پيون آهن، اُهي ڪير ڪندو؟ شبانه آخري قسط جيون _ هٿ، درد _ ريکائون ڪجهه ڏسي به چپ رهندو هو. پر نميءَ کي ڪومليءَ جو وليءَ سان اهڙو ورتاءُ اصل نه وڻندو هو. گهڻو سمجهايو هئائينس پر ڪومليءَ تي ذرو به چئي ويندي هئس ته، وليءَ سان سڄي زندگي گذارڻي آ توکي. پنهنجو رويو ۽ لهجو درست ڪر. وليءَ سان، صحيح طرح سان ڳالهاءِ، عزت ڪر ان جي ۽ خيال رکينس. پر نميءَ جي اهڙين ڳالهين تي هوءَ ڌيان ئي نه ڏيندي هئي ۽ ويٺي مرڪندي هئي. ڪومليءَ کي ٿورو گهڻو ڊپ هو ته فقط ماسڙ جو. اهو گهر ۾ هوندو هو ته پوءِ ڪوملي ماٺ هوندي هئي. ڪوملي نه ڪاوڙ ڪندي هئي نه ڪنهن ڳالهه تي ضد ڪندي هئي. گهڻو ڪري ڪيڏانهن ويندي ئي ڪانه هئي. ماسڙ اهو سمجهندو هو ته ڪومليءَ جهڙي صالح، نيڪ ۽ ڏاهي ڇوڪري ٻي ڪا نه ٿي سگهي. پڙهائي پوري ڪري وري واپس اچي ويو، پيءُ چيو تون گهر ماءُ وٽ وڃي رَههُ. تنهنجي ماءُ کي تنهنجي ضرورت آ. وليءَ جي واپسيءَ تي ڪومليءَ جو مُنهن سُڄي ويو، ڄڻ ولي پنهنجي گهر نه ڪومليءَ جي گهر موٽيو هو. نمي سوچيندي هئي ته ننڍي هوندي ٻنهي جو ڪيترو قرب هو پاڻ ۾. هاڻي اهو قرب ڪاڏي هليو ويو هو. نميءَ محسوس ڪيو ٿي ته وليءَ جو ڪومليءَ سان اڃا به پيار قائم هو. هو فقط، ڪومليءَ جي رَويي سبب کانئس پري ٿي ويو هو. پيار ئي ته هو جنهن جي ڪري هن ڪومليءَ جا دڙڪا به سَٺا ته نفرت به. ماسيءَ چاهيو پئي ته جلد ئي پٽ کي گهوٽ جي روپ ۾ ڏسي. اها ڳالهه جڏهن هن نميءَ سان ڪئي ته ماسيءَ جي آڏو ته نميءَ به خوشيءَ جو اظهار ڪيو پر پوءِ پريشاني وٺي ويس. ڪومليءَ جا لڇڻ ٻڌائي رهيا هئا ته هوءَ مشڪل راضي ٿئي ان شادي لاءِ. جي ڪومليءَ انڪار ڪري ڇڏيو ته پوءِ، پوءِ ڇا ٿيندو!؟ اهو سوچي نمي گهٻرائجي وئي. ماسيءَ نميءَ کي چيو، ”جهڙي تون ڪومليءَ جي ڀيڻ آهين، تهڙي وليءَ جي. سڀڪجهه توکي ڪرڻو آهي. ولي تنهنجو ڀاءُ آ، ڇا تون نه چاهيندينءَ ته ڀاءُ جا سهرا ڳايان ۽ خوشي ڪيان.“ ”ڇو نه ماسي، مان ته پاڻ ان ڏينهن جي انتظار ۾ هيس ته وليءَ کي موڙ ٻڌان، گهوٽ ٿيندي ڏسان.“ نميءَ هڪدم چيو.“ ته پوءِ تون ڪومليءَ جي مرضي معلوم ڪري ڏينم ته جيئن مان تنهنجي ماسڙ کي شاديءَ جي تياريءَ لاءِ چئي سگهان.“ ”ها ماسي، مان پڇندي مانس“، نميءَ آهستي ڳالهايو. نميءَ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو پر هوءَ لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. ماسي ايتري خوش هئي جو نميءَ جا لڙڪ نظر ئي نه آيس. نميءَ جڏهن ڪومليءَ سان اها ڳالهه چوري ته هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ”ائين نه ڪر ڪوملي، ماسيءَ جا اسان تي وڏا ٿورا آهن. تون ننڍڙي هئينءَ ته هن گهر ۾ آئي هئينءَ. ماسيءَ توکي هيڏو ڪيو آهي. تنهنجا ناز نخرا کنيا اٿس. ماءُ بڻجي نپايو آ توکي ماسيءَ. ڇا تون ان عظيم عورت جي اها ننڍڙي خواهش، ننڍڙي خوشي به پوري نه ٿي ڪري سگهين؟ ڇا تون چاهين ٿي ته هن گهر جون سڀ خوشيون خاڪ ٿي وڃن. وليءَ سان تنهنجي رشتو طيءَ ٿيل آهي.“ نميءَ چيو. ”هو تمام سٺو ڇوڪرو آهي، توکي خوش رکندو. ماسيءَ جو ڪجهه ته خيال ڪر ڪوملي. ائين سندس ارمانن جو خون نه ڪر.“ نمي، هيٺاهين واري لهجي ۾ ڀيڻ کي سمجهائڻ چاهيو. ”تنهنجي ڇا مرضي آ ته مان پنهنجن ارمانن جو خون ڪري وليءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃان، ڇو جو هنن جا اسان مٿان وڏا احسان آهن. ائين نه. ها، مان مڃان ٿي ته هنن اسان تي وڏو ٿورو ڪيو آ، پر ڇا هو ان احسان جي قيمت ٿا وصول ڪرڻ چاهين جو زوريءَ مون تي اهو فيصلو مڙهيو پيو وڃي، اها سراسر ڏاڍائي آ، ظلم آهي. مان ڪڏهن به ان رشتي لاءِ راضي نه ٿينديس.“ ڪوملي ڪاوڙ مان ٻيو به الائي ڇا ڇا چوندي رهي. ”ڪوملي، ڪوملي تون ٿڌي دماغ سان سوچ ته سهي توکي اهو فيصلو غلط لڳندو. ڪجهه ماسيءَ جي عمر جو ئي خيال ڪر. هن عمر ۾ هوءَ اهڙو صدمو سهي سگهندي!؟“ نميءَ، نرميءَ سان وري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”مان ڇا ڪريان، ماسيءَ کي صدمي کان بچائڻ لاءِ پاڻ کي ڏکن جي حوالي ڪري ڇڏيان. ائين نه؟ تون چاهين ٿي ته مان قربان ٿي وڃان.پر مون کان ڪونه ٿيندو. مان بلڪل به تيار ناهيان، ان لاءِ.“ ڪومليءَ ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو. ”ڪوملي تو رڳو پنهنجي لاءِ ٿي سوچين. اسان جي توکي ڪا پرواهه ڪانهي. توکي اسان جو احساس هجي ها ته انڪار ڪرڻ جو سوچين به نه ها.“ نميءَ ڏک مان چيو. ”منهنجي شروع کان ئي اها عادت رهي آهي توکي خبر آ. ها، اها ته تون آهين جنهن کي سڀني جو فڪر رهندو آهي.“ ڪومليءَ لاپرواهيءَ مان چيو. نميءَ کي ڪومليءَ جي راضي ٿيڻ جي ڪا اميد نظر نه آئي. پوءِ به هن همٿ نه هاري. چيائين، ”ڪوملي! آخر تون سمجهڻ جي ڪوشش ڇو ڪانه ٿي ڪرين. وليءَ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ سوچ ته سهي، ماسيءَ کي ڪيترو ڏک رسندو.“ ”توکي جيڪڏهن ماسيءَ جو ايترو ئي خيال آ ته پوءِ تون پاڻ ڇو نه ٿي وليءَ سان شادي ڪري ماسيءَ جي ننهن بڻجين.“ ”ڪوملي“، نميءَ، هڪ زوردار ٿڦڙ وهائي ڪڍيس. ”توکي ڪو حق نه ٿو پهچي مون کي روز روز مارڻ جو، سمجهيهءِ؟“ ڪومليءَ پنهنجو ڳل مهٽيندي ڪاوڙ مان چيو. ”توکي به ڪو حق ڪانهي روز روز منهنجي بيعزتي ڪرڻ جو.“ نميءَ روئندي وڌيڪ چيو ”توکي خبر آهي ته وليءَ کي مون ڪڇ تي کڻي گهمايو آ، نپايو آهي ۽ ڪيترو ننڍو آ هو مون کان. مون کي پنهنجي سڳي ڀيڻ سمجهندو سڀ ڪجهه به ڄاڻندي به ته اهڙا لفظ چيا. مان توکي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس ڪوملي. اڄ تو مون کي ڏاڍو ڏک رسايو آهي، تنهنجو اهو ڏک زندگي ڀر وساري نه سگهنديس.“ ائين چئي روئندي نمي ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته در جي ويجهو ماسيءَ کي بيٺل ڏٺائين. ماسيءَ سڀ ٻڌي ورتو هو. نمي، ماسيءَ کي ڀاڪر پائي روئي ڏنو. ”نه روءُ نمي، ڏاهي ٿي. ڪوملي چري آ، ٻار آهي، اڃا ڳالهائڻ ۾ خبر ڪانه ٿي پويس ته ڇا پئي ڳالهائي. تون ان جو ڏک نه ڪر نمي. تو ته سياڻي آهين، سنڀال پاڻ کي.“ ماسي نميءَ جي وارن ۾ هٿ ڦيريندي کيس سمجهائڻ لڳي. ”ماسي مون کي پنهنجو ڏک ڪونهي. ڏک اهو اٿم ته هن شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.“ نميءَ روئندي چيو. ”چري آهين صفا، ان ۾ ڏک ڪرڻ يا روئڻ جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه آهي. ڪوملي راضي ناهي ته مان زور ٿورئي ڪنديس. متان ڪوملي اهو سمجهي ته مان کانئس نپائڻ جي قيمت ٿي وصول ڪريان. مان ماءُ آهيان نمي، ۽ ماءُ هميشه پاڻ کي وڌ پنهنجي اولاد جي خوشين جو خيال رکندي آهي. نمي، ماءُ جي ممتا جو ڪومُلهه نه هوندو آهي. ماءُ جو پيار مطلبي نه هوندو آهي.“ ”ڪابه ماءُ ڪڏهن به پنهنجي پيار ۽ پورهئي جي قيمت وصول ڪرڻ نه چاهيندي. ڪوملي کڻي ماءُ نه سمجهي مون کي پر منهنجي ته ڌيءَ آهي نه، مان ته ڌيءُ سمجهانس ٿي نه!“ ماسيءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. ”ڪوملي بدنصيب آ ماسي، تون اسان جي ماءُ آهين. ”نمي اڃا وڌيڪ روئڻ لڳي. ”ماءُ جو چوڻ ڪر نه نمي، روءُ نه. مان توکي روئندي ڏسي نه ٿي سگهان. مان ڪومليءَ کي هاڻي ڪجهه به نه چونديس. اهو ذڪر وري نه ڪنديس. متان ڪوملي سمجهي ته مان سندس سڳي ماءُ ناهيان. مان تنهنجي به ماءُ آهيان، وليءَ جي به ماءُ آهيان ۽ ڪومليءَ جي به ماءُ آهيان. ماءُ، ماءُ هوندي آهي. صرف جنم ڏيڻ واري ئي ماءُ نه هوندي آهي. نمي، نپائڻ واري به ماءُ ئي هوندي آهي.“ ماسيءَ نميءَ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. ٻئي ڪيتري دير تائين روئينديون رهيون. انهيءَ رات، ولي نميءَ وٽ اچي ويٺو، نميءَ ڏک کان ساڻس ڪجهه به نه ڳالهايو. اکين ۾ لڙڪ اچي وڃڻ ڪري وليءَ ڏانهن نهاريائين به نه پئي. وليءَ، سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو: ”ادي، واعدو ڪر تون سڀڪجهه وساري ڇڏيندينءَ. هاڻي ڪومليءَ کي تون ڪجهه به نه چوندينءَ.“ ”پر ولي.“ نمي ڳوڙهن هاڻين اکين سان ايترو ئي ڳالهائي سگهي. ”ادي، مان تنهنجو ڀاءُ آهيان نه، تنهنجو سڳو پنهنجو ڀاءُ. ٻڌاءِ ادي، تو منهنجي ڀيڻ آهين نه؟“ وليءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. ”ها ولي، تو منهنجو ئي ڀاءُ آهين.“ نميءَ روئي ڏنو. ته پوءِ ڀاءُ کان ڀيڻ جي وڌيڪ بيعزتي برداشت نه ٿيندي. منهنجي ڪري ڪومليءَ توکي گهٽ وڌ ڳالهايو. توکي ڪير گهٽ وڌ ڳالهائي اهو مان برداشت نه ڪندس. ”ولي منهنجا ڀاءُ، توکي منهنجو ڪيترو خيال آهي. مون کي اڄ خبر پئي آ تون وڏو ٿي ويو آهين. اڄ ته تون مون کان به وڏو ٿي ويو آهين.“ وليءَ کي ڀاڪر پائي نمي روئندي رهي. ان ڳالهه کي چڱو وقت گذري ويو. وري نه نميءَ ئي ڪومليءَ سان اهو ذڪر ڪيو ۽ نه ماسيءَ ڳالهه ڪڍي. هاڻي ڪير به ڪومليءَ کي ڪجهه نه چوندو هو. جيئن وڻندو هيس تيئن پئي ڪندي هئي. هڪ ڏينهن، ڪوملي اندر ستي پئي هئي. ماسي پاڙي ۾ ويل هئي. گهر جي آڳر ۾ پاڇي تي پيل کٽ تي نمي ليٽي پئي هئي ته دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. نميءَ، در کوليو، در تي هڪ شخص بيٺو هو. نميءَ جڏهن غور سان ان کي ڏٺو ته اهو شخص کيس اڳ جو ڏٺل لڳو. پر هوءَ کيس صحيح طرح سڃاڻي نه سگهي.“ ڪريم بخش جو گهر هي آهي؟“ ان شخص پڇا ڪئي. ”ها، هيءُ ئي آهي.“ نمي حيرت مان ان شخص ڏانهن ڏسندي رهي جيڪو کيس ڪجهه ڪجهه پنهنجو لڳي رهيو هو. ”تون ڪير آهين، نالو ڇا آهي تنهنجو؟“ ان شخص هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو. مان نمي آهيان، نرمل. هوءَ بي اختيار ٻڌائي ويٺي. تون آهين نمي، تو مون کي نه سڃاتو؟ غور سان سان ڏسُ مون ڏي ته مام ڪير آهيان. اهو شخص جذباتي ٿي ويو. غور سان ڏٺو پر وري به سڃاڻي نه سگهيس. نمي تون مون کي نه ٿي سڃاڻين. ننڍي هوندي“ تو جهٽ سڃاڻي ورتو هو مون کي. مان تنهنجو بابا آهيان. ان شخص نميءَ جي مٿي تي هٿ رکندي چيو ته نمي سڃاڻي ويس. هُو اَهو ئي هو جنهن کي هن ننڍي هوندي پنهنجو پيءُ سمجهيو هو. ماءُ جي سمجهائڻ باوجود به ضد ڪندي رهي هئي ته اهوئي سندس بابا آهي. نميءَ جي دل چيو ته هوءَ کيس ڀاڪر پائي سڏڪا ڀري روئي پوي. هوءَ وساري ويٺي هئي ته هوءَ هاڻي ٻار نه رهي هئي. پر جلد ئي اُهو احساس ٿي ويس ته هاڻي هوءَ وڏي ٿي وئي آهي. اهو به ياد آيس ته هو سندس نه پر ڪومليءَ جو پيءُ آهي. اچو اندر، توهان ڪومليءَ سان ملڻ لاءِ آيا هوندؤ نه، ڪوملي ستي پئي آهي، مان اٿاري ٿي اچانس. ائين چئي هوءَ ڊوڙي اندر هلي وئي. ٿوري دير کان پوءِ اندران تيز تيز آواز اچڻ لڳا. منهنجو ڪوبه پيءُ ڪونهي. ناهيان مان ڪنهن جي ڌيءُ. جيڪڏهن هُو سچ ۾ به منهنجو پيءُ آ ته پوءِ هيترا سال ڪٿي هو؟ ڇو ڇڏي ويو اسان کي. هاڻي ڇو آيو آ؟ جڏهن اسان کي گهرج هئي تڏهن ڇو ڪونه آيو؟ پيءُ اهڙا ٿيندا آهن، اولاد جي جنم وٺڻ کان اڳ ئي گهر ڇڏي هليا وڃن. اهڙن ماڻهن کي پيءُ سڏرائڻ جو ڪهڙو حق آهي. ڇڏي ئي ويو هو ته پوءِ هاڻي ڇو موٽيو آهي؟ موٽڻوئي هيس ته پوءِ ويو ڇو؟ وڃي چئينس ته نه ٿي اچي ڪوملي. نه ٿي ڏسڻ ۽ ملڻ چاهي پنهنجي اهڙي پيءُ سان جيڪو هن جي ماءُ کي اڪيلو ڪري هليو ويو. مان جڏهن پيٽ ۾ هيس تڏهن منهنجو خيال نه ٿيس. هاڻي ڇو ۽ ڪيئن ياد پئي آهيانس. مون کي نفرت آ لفظ پيءُ کان. مان نه ٿي ملڻ چاهيانس. ڀلي موٽي وڃي. ”ڪوملي ڏاڍي ڪاوڙيل هئي. نمي ٻاهر آئي ته هُو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. نميءَ کي پنهنجو پيءُ ياد نه هو. جنهن رات ڄائي هئي ان ئي رات جو گهر ڇڏي ويو هو. جڏهن به پيءُ جو تصور ڪندي هئي ته ان شخص جو ڌنڌلو چهرو ياد اچي ويندو هُيس. نمي کي ان شخص سان ڳالهائڻ جي همٿ ئي ڪونه پئي ٿي. دل چاهيس پئي، چوينس ته منهنجي ماءُ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو تون ان کي ڇڏي وئين. مان ته توسان بي انتها پيار ڪندي هيس. توکي مون تي، منهنجي معصوميت تي به رحم نه آيو. پر نمي هن آڏو ڪڇي هڪ لفظ به نه سگهي. اکين مان ڳوڙها وهيس پئي. نميءَ کي ائين روئندي ڏسي هو وڌي آيو ۽ مٿي تي هٿ رکي چيائينس، ”نمي پٽ! مان تنهنجو، تنهنجي ماءُ جو ۽ پنهنجي ڌيءُ جو گنهگار آهيان. زندگيءَ ۾ ڏاڍو ڀوڳيو آهي مون. پر منهنجي سزا اڃا ختم نه ٿي آهي، جنهن کان معافي وٺڻ ٿي گهريم سا ئي نه رهي آهي ۽ منهنجي ڌيءُ به مون کان نفرت ٿي ڪري. مون لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي سزا ٿي سگهي ٿي. نمي، تون ته مون کي پنهنجو پيءُ سمجهين ٿي نه. مون کان نفرت ته نه ٿي ڪرين نه!؟“ اهو شخص ٻارن جيان روئندو رهيو. نمي کيس پرچائي به نه سگهي. ماسيءَ، ڪومليءَ کان سندس پسند پڇي ته مون بنان ڪنهن دير جي پاڙي ۾ رهندڙ حميد جو نالو وٺي ڇڏيو. ڪومليءَ جي خوشيءَ خاطر، ماسي پاڻ وڃي ڪومليءَ جي رشتي جي ڳالهه پڪي ڪري آئي. مڱڻو ٿي ويو ته هنن ڪومليءَ جي ڏاج گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. گهڻو ڪجهه ته ماسيءَ اڳواٽ ئي ٺاهي رکيو هو، جيڪي شيون کُٽل هيون ماسي تن لاءِ پريشان هئي. ماسيءَ کي ڪومليءَ جي لاءِ ايترو فڪر مند ڏسي نميءَ لڪي لڪي رنو پئي. هن ڄاتو ٿي ته ماسي بيحد دُکي هئي پر پوءِ به خوشي خوشيءَ مان ڪومليءَ جي شادي جون تياريون ڪري رهي هئي. جيئن جيئن شادي جا ڏينهن ويجها ايندا پئي ويا. نميءَ ئي نه پر ماسيءَ به لڪي لڪي روئڻ شروع ڪري ڏنو هو. شاديءَ جي رات نمي. ڪومليءَ کي ڀاڪر پائي خوب پيار ڪيو. سندس چهرو پنهنجي هٿن ۾ وٺي چيائين! ”ڪوملي، ڀينرون ڪڏهن به دشمن نه ٿينديون آهن، مون به تنهنجو ڀلو ئي چاهيو هو. پر تون خود سمجهدار ٿي وئي آهين. پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهين ٿي ته پوءِ مان ڇو هروڀرو تنهنجي راهه جي رڪاوٽ بڻجان. اڄ کان مان توکي ڪجهه به نه چونديس. تون شل سدائين سکي رهين. اها دعا اٿئي منهنجي. ”نميءَ جي اکين مان هڪ ڳوڙهو به نه ڪريو. هوءَ ڪومليءَ وٽان اٿي آئي. ماسيءَ، ڪومليءَ کي ائين پرڻايو جيئن سڳي ماءُ، ڌيءُ پرڻائيندي آهي. موڪلائڻ مهل ماسي ڪومليءَ کي ڀاڪر پائي ڏاڍي رني ۽ چوندي رهي: ”ڪوملي، مون کي ماسي نه سمجهجانءِ. مان تنهنجي ماءُ آهيان.“ ماسڙ به ڪومليءَ کي مٿي تي چميون ڏيندي روئي پيو ۽ ولي به لڪي لڪي روئندو رهيو. يڪو نه رني هئي ته نمي، هوءَ سڀني کي روئندي ڏسي رهي هئي پر پاڻ تي ضبط ڪيو ويٺي هئي. ڪومليءَ کان موڪلائيندي به نه رنائين. جيئن ئي ڪومليءَ پنهنجو قدم در کان ٻاهر رکيو نمي ٻانهون ڀت تي رکي منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئي پئي. ياد اچي ويو هيس ته ڪيئن هوءَ ڪومليءَ کي ڪڇ تي کڻي ان در مان اندر داخل ٿئي هئي ۽ اڄ اها ننڍڙي ڪوملي وڏي ٿي ان گهر مان رخصت ٿي رهي هئي. نميءَ کي ڪومليءَ جو ننڍپڻ ياد اچي ويو هو. هوءَ ڪافي دير تائين روئندي رهي. ڪومليءَ جي شاديءَ کان پوءِ گهر ۾ اداسي ڇانئجي وئي هئي. هنن جي لاءِ پنهنجو گهر اوپرو ٿي پيو هو. ڪنهن کي به مزو نه پئي آيو، ڄڻ ته هنن سڀني جون خوشيون ۽ گهر جون رونقون ڪوملي پاڻ سان کڻي وئي هئي، هنن کي ايترو اداس ڏسي هڪ ڏينهن ماسڙ چيو، گهر کائڻ ٿو اچي ڪومليءَ بنان. ڇو نه ڪجهه وقت ڳوٺ هلي رهون. من اتي روح وندري پوي ۽ هي اداسي دور ٿي وڃي. ڳوٺ ۾ سندن مائٽ هئا پر تمام گهٽ وڃڻ ٿيندو هئن. ڪافي وقت کان پوءِ ڳوٺ آيا ته سڀني هنن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. اتي ماسيءَ کي وليءَ جي لاءِ هڪ ڇوڪري وڻي وئي. نميءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيائين ته اها ڏاڍي خوش ٿي. ماسيءَ نميءَ کي چيو، هاڻي اهو مان تو تي ٿي ڇڏيان، تون ئي ان ڳالهه لاءِ ڀاءُ کي راضي ڪر. خوشيءَ وچان نميءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. نميءَ جڏهن وليءَ سان اهو ذڪر ڪيو ته ان چيو، مون کي تنهنجو ڪيل هر فيصلو قبول آ ادي، جيڪڏهن تنهنجي خوشي ان ۾ آ ته پوءِ مان تيار آهيان. اهو جواب ٻڌي نميءَ مرڪندي مرڪندي روئي ڏنو. ماسيءَ کي اها خوشخبري ٻڌايائين ته ڏاڍي خوش ٿي. نميءَ سمجهيو ٿي ته ماسي ٻئي ڏينهن ئي هنن جي گهر ويندي ۽ وليءَ جي رشتي جي ڳالهه چوري ايندي. پر ماسي نه وئي، ان ڏينهن ته ڇا پر ٻه ٽي ڏينهن ٻيا به گذري ويا. نمي سمجهي نه سگهي ته ماسي ڇو نه پئي وئي. جڏهن ته ولي به راضي هو. نيٺ رهي نه سگهي. ماسيءَ جو پاسو وڃي ورتائين. ماسي، ”وليءَ جي لاءِ سڱَ گهرڻ ڇو ڪانه وئينءِ. ولي راضي آهي، پوءِ تون ڇو پئي دير ڪرين؟ ڇا توکي اهو ڊپ آ ته متان هو انڪار نه ڪري ڇڏين!؟“ ”نه نمي، اها ڳالهه ڪانهي.“ ماسيءَ چيو. ”ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آ ماسي جيڪا توهان کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪي رهي آهي؟“ نميءَ پڇيو. ماسيءَ گهڻو نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نميءَ به نه ڇڏيس. مجبوراً ماسيءَ کي نميءَ جي آڏو هارَ مڃڻي پئي. بيحد ٿڪل لهجي ۾ چيائين: ”نمي، هنن جي هڪڙي مائي آئي هئي مون وٽ. ڳالهين ڳالهين ۾ رشتي جي ڳالهه ڪڍيم ته هن شرط رکيو.“ ماسي چپ ٿي وئي. ”ڪهڙو شرط ماسي؟“ نميءَ بي صبريءَ مان پڇيو. ”اهو شرط اهڙو آ نمي جيڪو نه مون کي قبول آ، نه تنهنجي ماسڙ کي ۽ نه وليءَ کي.“ نمي، ماسيءَ جي لهجي ۽ چهري جي تاثرن مان سمجهي وئي ته اهو شرط ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. پر پوءِ به ماسيءَ جو هٿن ۾ وٺي پڇيائين: ”اهو ڪهڙو شرط آ ماسي!؟“ ”نمي، مون اهو شرط وساري ڇڏيو آهي،“ ماسيءَ چيو. ”نه ماسي، جيڪڏهن ان شرط جو تعلق سڌو سنئون مون سان آهي ته پوءِ توهان کي هنن جو اهو شرط قبول ڪرڻ پوندو. مان راضي آهيان.“ ”نه نمي، اسان مان ڪير به ان لاءِ راضي ناهي.“ ماسي، ڇا مان تنهنجي ڌيءُ ناهيان، ڇا ولي منهنجو ڀاءُ ڪونهي. منهنجي جاءِ تي جي تنهنجي پنهنجي پيٽ ڄائي ڌيءُ هجي ها ته ڇا تون ان کان پڇين ها!؟“ نميءَ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. ”نمي، تون منهنجي ڌيءُ آهين. هو ڇوڪرو تنهنجي لائق نه آهي، تڏهن مون کي اهو شرط قبول ناهي.“ ماسيءَ چيو. ”ماسي، ڇا منهنجو ايترو به حق ناهي جو مان پنهنجي ڀاءُ لاءِ ڪجهه ڪري سگهان؟ پنهنجي ماءُ جي خوشين جو سبب بڻجي سگهان. تون يقين ڪر ماسي، مان مجبوريءَ ۾ ”ها“ نه پئي ڪريان پر منهنجي خوشي به ان ۾ آهي. منهنجي قسمت ۾ جي سُک لکيل هوندو ته مون کي اتي به ملندو، نه ته ڪٿي به ڪونه ملندو.“ نميءَ روئي ڏنو. نميءَ جي آڏو سڀ هار مڃي ويهي رهيا، جلدي وليءَ جي شادي ٿي وئي ۽ بدلي ۾ نمي به پرڻجي ساهرين گهر هلي وئي. نميءَ جا ساهرا ڏاڍا سخت هئا، شڪي مزاج هئا. نمي ڄڻ جيئري ئي دوزخ ۾ داخل ٿي وئي هئي. پر پوءِ به هوءَ خوش هئي جو سندس ماءُ خوش هئي، سندس ڀاءُ خوش هو. وليءَ کي سٺي ڇوڪري ملي وئي هئي. نمي، صابرين هئي. هر حال ۾ خوش رهڻ واري، صبر شڪر سان زندگي گذاريائين پئي. ڪنهن سان به ڪنهن ڪا شڪايت نه ڪئي هئائين، ماسيءَ ٻه ٽي دفعا پڇيو هيس ته، خوش آهين يا نه؟ هن ماسيءَ کي مطمئن ڪري ڇڏيو هو، ائين چئي ته، ماسي! منهنجو فڪر نه ڪر، مان بيحد خوش آهيان. نميءَ، نه ٿي چاهيو ته پنهنجي حال کان واقف ڪري ماسيءَ کي پريشاني ڏئي. اوچتو هڪ ڏينهن ڪوملي وٽس اچي نڪتي، روئي روئي کيس دانهن ڏيڻ لڳي ته، مڙس مون کي نه ٿو ڀانئي، منهنجو ذرو به احساس نه اٿس. هون مون تي شڪ ٿو ڪري. سس ۽ نڻانون به مون سان وڙهن ٿيون. مان هاڻي واپس نه وينديس. تو وٽ رهنديس يا ماسيءَ جي گهر وڃي رهنديس. ڪوملي کي روئندي ڏسي نميءَ جي دل درد سان ڀرجي وئي. چاهيائين ته پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڪري خوب پيار ڪري پرچائي، هن ڀيڻ جوگهر برباد ڪرڻ نه ٿي چاهيو. دل تي پٿر رکي سخت لهجي ۾ چيائينس: ”ڪوملي، نه هيءُ تنهنجو گهر آ. نه ماسيءَ جو گهر تنهنجو پنهنجو آهي. تنهنجو گهر اُهو آهي جيڪو تون ڇڏي آئي آهين. شاديءَ کان پوءِ، عزت جي لاءِ مڙس جو گهر ئي پنهنجو هوندو آهي. هاڻي اهي ئي تنهنجا پنهنجا آهن. تون واپس هلي وڃ. مون وٽ تنهنجي لاءِ جاءِ ڪونهي. تون جي هنن جو خيال رکندينءَ ته و ڇو ڪونه تنهنجو خيال رکندا. گهر کي گهر ۽ مڙس کي مڙس ڪري سمجهه. سَسُ سهري جي عزت ڪرڻ سک، نڻاڻن سان قرب ڪر. ائين ڪندينءَ تڏهن ئي تون به عزت حاصل ڪري سگهندينءَ. نميءَ جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ويندي ويندي ڪوملي چوندي وئي. ”تون ته چاهين ئي اهو ٿي ته مان تڪليف ۾ گذاريان. جيئن مون کي احساس ٿئي ته مون غلط فيصلو ڪيو آهي. تون ڀيڻ ناهين، دشمن آهين، تون ڪڏهن به نه چاهيندينءَ ته مان خوش گذاريان.“ نميءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. آهستڙي آواز ۾ چيائي، ڀيڻون ڪڏهن به دشمن نه ٿينديون آهن ڪوملي! توکي خبر ناهي ڇو اها غلط فهمي ٿي وئي آهي؟ ڪومليءَ جي وڃڻ کان پوءِ نمي ڏاڍي رني هئي. نميءَ جي شاديءَ کي گهڻو عرصو نه ٿيو هو ته کيس سس هُن سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. پوءِ به سس کي نه وڻندي هئي. ڏيرن جي خدمت ڪندي هئي پوءِ به ڏير مارڻ جي لاءِ هر وقت تيار هوندا هئا. مڙس جي مار ته روز نصيب ٿيندي هئس. روز سَسُ گهر مان نڪري وڃڻ لاءِ چوندي هيس پر هوءَ چپ چاپ گهر جي ڪم لڳي پئي هوندي هئي. جڏهن سَسُ ته ڏٺو ته هوءَ ائين وڃڻ واري ڪانه آهي ته هن جو سامان ٻاهر ڦٽي ڪري ڌڪا ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيائينس ۽ اهو به چيائين ته، پاڻ سان گڏ پنهنجو مڙس به وٺيو وڃ، ڪونه ٿو کپي اهو هڏ حرام به. اسان کي ايتري سگهه ڪانهي جو ويهي ٻنهي جا ڀڀ ڀريون! هوءَ پنهنجو موالي مڙس ساڻ ڪري اچي ماسيءَ وٽ نڪتي. ماسي کي هن ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ماسيءَ اُهو سمجهيو هو ته هوءَ وٽس گهمڻ آئي آهي، پر جڏهن حقيقت جي خبر پيس ته نميءَ کي ڀاڪر پائي روئي چيائين، ”تنهنجي اهڙي حالت جي ذميوار مان آهيان نمي. مون کي معاف ڪجانءِ منهنجي ڌيءُ.“ ”نه ماسي جيڪو منهنجي نصيب ۾ لکيل هو ائين ئي ٿيو آهي. ان ۾ ڪنهن جو به قصور ڪونهي. مان توکان موڪلائڻ آئي آهيان ماسي.“ نميءَ روئي ڏنو. ”ڪاڏي ويندينءَ نمي!؟“ ماسي گهٻرائجي وئي. ”منهنجي ماءُ جو گهر آهي نه، مان اتي وڃي رهنديس.“ نميءَ ڳوڙها اگهندي چيو. ”نمي. ڇا مان تنهنجي ماءُ ناهيان، هيءُ گهر ڇا تنهنجو پنهنجو ناهي!؟“ ماسيءَ روئي چيو. ”اها ڳالهه ناهي ماسي. پر مان زندگيءَ جا باقي ڏينهن ان گهر ۾ گذارڻ ٿي چاهيان، جتي منهنجي ماءُ جون يادون آهن. منهنجي خوشيءَ خاطر، توکي اجازت ڏيڻي پوندي.“ ”چڱو نمي، جيڪڏهن ان ۾ تنهنجي خوشي آهي ته مان توکي نه روڪينديس. پر واعدو ڪر مون کي نه وساريندينءَ. “ ماسيءَ پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو. ”ماسي، توهان کي مان ڪٿي ٿي وساري سگهان. ڇا ڌيئرن کان مائرون وسرنديون آهن جو مان وساري ڇڏينديس.“ نميءَ، ماسيءَ کي ڀاڪر پائي چيو. نمي جڏهن مڙس سان گڏ پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ گهڙي ته دانهن نڪري ويس. ڪيتري دير تائين ڀتين ۽ دَرَ درين کي ڀاڪر پائي هوءَ روئندي رهي. نميءَ جي واپس اچڻ تي سڀ ڏاڍو خوش هئا. چاچي نوري مٿي تي هٿ رکندي چيس، ”امان، اسان کي جيئن ئي توهان جو نياپو مليو، اسان اوڏي مهل ئي گهر خالي ڪري ڇڏيو. تون گهر جي مالڪياڻي آهين، توکي تنهنجو گهر مبارڪ هجي.“ اتي اچي نميءَ کي معلوم ٿيو ته ٻه ٽي ڏينهن پهرين هڪڙو پيرسن شخص آيو هو، چيائين پئي ته مان هن گهر جي مالڪياڻيءَجو مڙس آهيان. منهنجي هڪڙي ڌيءَ به هئي، اهو شخص ڏاڍو بيمار هو. هڪڙي رات ان گهر ۾ رهيو ۽ صبح گذاري ويو. نميءَ کي پنهنجو پيءُ ياد اچي ويو ۽ مُنهن گوڏن ۾ هڻي هوءَ ڪيتري دير تائين روئندي رهي. نميءَ جڏهن اهو گهر ڇڏيو هو ته هوءَ ننڍڙي هئي ۽ واپس موٽي هئي هڪ شادي شده عورت بڻجي. جنهن جي ڪک ۾ چند مهينن جو ٻار پلجي رهيو هو. پاڙي وارن کي جڏهن اُها خبر پئي هئي ته اهي اڃا وڌيڪ خيال رکڻ لڳا هيس. نميءَ جو مڙس سڄو ڏينهن نشي جي پويان رُلندو وتندو هو. رات جو اچي ڪرندو هو ته دنيا جهان کان بي خبر سج اڀرئي تائين ستو پيو هوندو هو. نميءَ جي حال جي ڪا خبر ئي نه هيس ته ڪيئن پئي گذارو ڪيائين. ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيڻو ٿي پيس. ويم جا ڏينهن صفا ويجها ٿيس ته نياپو ڪري ماسيءَ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. هڪڙي آڌيءَ رات جو هن کي سُور ٿيا، ماسيءَ کي وڃي اٿاريائين ته دائيءَ کي گهرائي وٺي. ماسي، ڇڪي ڇڪي مس مڙسهنس کي اٿاريو ته جيئن هو دائيءَ کي وٺي اچي. دائي آئي ته ماسيءَ ڪوٺيءَ جو در بند ڪري ڇڏيو. نميءَ جو مڙس ٻاهر کٽ تي ڪرونڊڙو ٿي سمهي رهيو. فجر مهل، ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز اڀريو، گڏئي ڀر واري مسجد ۾ مُلي ٻانگ ڏني. دائيءَ به خدا جو شڪر ادا ڪيو ته مائيءَ جي جان ڇُٽي. ماسيءَ، نميءَ جي ڀرسان اچي چيو، ”نمي! مبارڪ اٿئي، ڏاڍي پياري ڌيءُ ڄائي اٿئي. ”ڌيءُ جو ٻُڌي نميءَ جي دل وسامجي وئي. پيڙا کان اکيون ئي پورجي ويس. ماسي چوندي رهي، ”صفا توتي وئي آهي. هوبهو نمي ويٺي آهي. ڏس ته، نڪ اکيون، چپ سڀ نقشا توتي ويا اٿس. جهڙي ننڍڙي نمي!!“ پر نميءَ کي ماسيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو. هوءَ ته الائي ڪٿي وڃي نڪتي هئي. ڪوملي جڏهن ڄائي هئي ته هن ماءُ جي اکين مان ڳوڙها وهندي ڏٺا هئا. نميءَ کي ماءُ جا چيل الفاظ ياد اچي ويا: نمي، اُهي ڳوڙها تنهنجي ڄمڻ تي به وهيا هئا. اهي ڳوڙها، منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان به وهيا هوندا. اُھي ڳوڙها، ڌيءَ ڄمڻ تي هر ماءُ جي اکين مان وهندا آهن. نميءَ، پنهنجي ڀر ۾ ستل ڌيءُ کي ڏٺو ۽ سوچڻ لڳي، هن جو ڇا ٿيندو؟ مون ڪهڙا سَک ڏٺا آهن جو هيءَ ڏسندي. جنهن ٻار جو پيءُ موالي هجي، جنهن کي دنيا جهان جوپتو نه هجي، اهو ٻار ڪهڙا سُک ۽ خوشيون ڏسندو. نميءَ جي ٻنهي اکين ۾ ڪُنڊن مان ڳوڙها وهندا وهاڻي ۾ جذب ٿيندا ويا. عورت شايد پيدا ئي ڏکن لاءِ ٿيندي آهي. عورت جو نصيب فقط ڏک ئي آهن ٻيو ڪجهه به نه!! اهو سوچيندي هن جي اکين مان زارو قطار ڳوڙها وهڻ لڳا........ نامور استاد آپا ڊاڪٽر شمس عباسي جي تعليمي خدمتن جي مڃتا رپورٽ: ثمينه ميمڻ ڪتاب ”فيمنر ازم اور هم“ جي مهورت سماجي ترقي ۽ ڀلائي جي ميدان ۾ هميشه کان خواتين جواهم ڪردار رهيو آهي پر جڏهن کان ميڊيا ترقي ڪئي آهي تڏهن کان هر شعبي سان گڏ خواتين جي سماجي ادبي فورمن ۽ تنظيمن سان گڏ مختلف شعبن ۾ سرانجام ڏيندڙ مانوارين خواتين جي سرگرمين کان صحيح سُڌ سماءُ ۽ ڄاڻ ملي ٿي. اهڙين ئي سماجي تنظيمن ۾ وعده (وومين ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن) پڻ خواتين جي هڪ نمائنده تنظيم آهي جنهن ۾ پڙهيل لکيل خواتين، نامور شاعره فهميده رياض جي سرواڻي عورتن ۾ شعور جي واڌاري لاءِ سرگرم عمل آهي. وعده طرفان هڪ نئين روايت جو بنياد رکندي تازو سنڌ ۾ تعليمي ميدان ۾ عاليشان خدمتون سرانجام ڏيندڙ، هڪ سڄاڻ ۽ شفيق استاد ۽ منتظم ڊاڪٽر شمس عباسي جي 50 سالا خدمتن کي کيس مڃتا ڏيڻ ۽ يادگار شيلڊ پيش ڪرڻ ۽ وعده طرفان نامور شاعره فاطمه حسن جي ادارت ۾ شائع ڪرايل ڪتاب ”فيمنز ازم اور هم“ جي مهورتي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو. ڄام شورو ۾ سنڌ الاجيءَ جي خوبصورت آڊيٽوريم ۾ ادب، سماج، تعليم جي شعبن سان واسطو رکندڙ ورڪ وومين سان گڏ گهريلو عورتن پڻ وڏي تعداد ۾ ان موقعي تي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مقررن پنهنجي تقريرن ۾ استاد جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اڄ جي استادن کي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم ۽ تربيت تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيئي نوجوان نسل کي مستقبل جي اهميت جي حوالي سان تيار ڪرڻ گهرجي. آپا شمس عباسي جهڙا سنڌ ۾ اگر ڏهه به استاد هجن ها ته سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم سؤ سيڪڙو هجي ها. سنڌ يونيورسٽيءَ جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم سنڌ الاجي ۾ وومين ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن (وعده) طرفان سنڌ جي نامور استاد ۽ رهبر آپا ڊاڪٽر شمس عباسيءَ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي تقريب جي خاص مهمان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته آپا شمس عباسي سنڌ جهڙي صوبي ۾ هڪ پوري نسل جي تعليم ۽ تربيت ڪئي ۽ پنهنجي هٿن سان انهن کي سنواريو. هن چيو ته آپا شمس عباسي هڪ واحد شخصيت طور سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ جدو جهد ڪئي. هن چيو ته ان زماني ۾ اگر آپا شمس جهڙيون ڏهه استاد به هجن ها ته اڄ پاڪستان جو تعليم جي حوالي سان نقشو بدليل هجي ها. هن چيو ته آپا شمس عباسي هڪ بهترين استاد جي حيثيت ۾ پوري نسل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ عزت ۽ نانءُ ڪمايو. هن چيو ته اگر آپا شمس جي تعليمي مشن جي مستقبل طور پوئواري ٿئي ها ته اڄ عورتن جي تعليم جو ريشو 30 يا 40 سيڪڙو بجاءِ سؤ سيڪڙو هجي ها. هن چيو ته اڄوڪي دور ۾ نياڻين جي تعليم تي سيڙپ ڪرڻ سان بهتر مستقبل لاءِ سيڙپ ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته هن دنيا جي گهٽ ۾ گهٽ 50 ملڪن جو دورو ڪيو آهي پر دنيا جي سطح تي اها مڃيل ڳالهه آهي ته جن قومن ۽ ملڪن نياڻين جي تعليم جي لاءِ سيڙپ ڪئي آهي انهن ملڪن جي ترقيءَ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته آپا شمس عباسي 1960ع جي ڏهاڪي ۾ نياڻين جي تعليم جو مشن شروع ڪيو هو اهو مشن هلندو هجي ها ته وڏي ڪاميابي نصيب ٿئي ها. هن چيو ته اڄوڪي دور جي استادن کي پڻ گهرجي ته اهي نوجوان نسل جي تعليم کي ڌيان ڏين ته هي قوم سندن شڪر گذار رهندي. آپا شمس عباسي چيو ته استادن کي پنهنجي شاگردن جي ذهانت اجاگر ڪرڻ گهرجي. انهن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيوته هوءَ پاڻ کي خوش نصيب ئي سمجهي جو هن کي انتهائي ذهين شاگرد مليا جن ملڪي ليول تي پنهنجو نانءُ پيدا ڪيو. هن وعده جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهو هڪ دور جي استاد لاءِ وڏو اعزاز آهي. تقريب جي صدارت ڪندي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر مظهر الحق صديقيءَ چيو ته فيمنز ازم جي صحيح معنى ۾ پٺڀرائي تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن نياڻين جي تعليم لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ گهرجن. هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي طرفان نياڻين جي تعليم سان گڏ خواتين استادن جي مقرريءَ تي پڻ گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي. جيڪا پڻ هڪ وڏي خدمت آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت 33 سيڪڙو استاد خواتين آهن ۽ ايتري ئي شرح يعني 33 سيڪڙو نياڻيون زير تعليم آهن. هن آپا شمس عباسيءَ جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته آپا شمس عباسي جي بدولت سنڌ جي ڪيترن ئي خاندانن جي نياڻين کي تعليم نصيب ٿي ۽ اهي اڄ اعلى مقام تي فائز آهن. هن چيو ته آپا شمس عباسي هڪ علامت ۾ متحرڪ شخصيت هئي جنهن سنڌي مسلمان عورتن جي تعليم لاءِ هڪ وڏو جهاد ڪيو. سنڌ جي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ميڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آپا شمس عباسي پنهنجي دور ۽ ايندڙ دور جو تمام وڏو نالو آهي. هن چيو ته آپا شمس عباسي پنهنجي انمول خدمتن جي ڪري نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي بلڪ دنيا جي ملڪن ۾ سڃاتي وڃي ٿي. هن چيو ته اڄ هن جديد دور ۾ تعليم جي ميدان ۾ توڙي تربيت جي حوالي سان ڳالهيون ٿين ٿيون اهي آپا اسان کي 1960ع واري دور ۾ پڙهايون ۽ سيکاريون. هن چيو ته آپا شمس نوجوان نسل جي ذهنن کي جلا بخشي ۽ انهن کي اجاگر ڪيو. نامور شاعر ۽ وعده جي ڊائريڪٽر فهميده رياض پنهنجي تقرير ۾ چيو ته منهنجي دور جي ماڻهن لاءِ آپا شمس عباسي انتهائي معتبر شخصيت آهي. هن چيو ته استاد جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت هوندي آهي. جنهن جي تعليم ۽ تربيت انسان کي سنوارڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته هن هڪ تجويز سنڌ يونيورسٽي کي موڪلي ته ڄام شورو ۾ گرلز ڪاليج قائم ڪرائي ان کي آپا شمس عباسيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. پروفيسر آپا مريم سلطانه نوحاڻي فيمنزازم جي حوالي سان چيو ته عورتن ۽ مردن کي معاشري جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ کپي. امر سنڌو چيو ته آپا شمس عباسي جي خدمتن جو هڪ پورو نسل احسان مند آهي ۽ آپا شمس کي خراج هڪ باشعور روين جو اظهار آهي. هن فيمنزازم تي ڳالهائيندي چيو ته شاهه لطيف پنهنجي دور جو وڏي ۾ وڏو فيمنسٽ هئو. نامور شاعره ۽ ڪتاب جي ايڊيٽر فاطمه حسن چيو ته هن 1975ع ۾ عورت جي سجاڳيءَ ۽ ترقي جو جيڪو خواب ڏٺو هو اهو هاڻ پورو ٿيندي نظر اچي ٿو. ان موقعي تي ڊاڪٽر پروين شاهه ۽ ٻين پڻ ڪتاب ۽ آپا شمس جي زندگي تي ڳالهايو ان موقعي تي جن شرڪت ڪئي تن مان عنادل راشديءَ وعده جي سرگرمين تي روشني وڌي، ان موقعي تي آپا شمس عباسي جي خدمتن جي مڃتا طور يادگار شيلڊ پيش ڪئي ويئي. *************** اردو ۽ انگريزيءَ جي پياري شاعره ۽ قابل استاد محترمه سلينا اور (Salina Orr) کان ورتل انٽرويو انٽرويو ڪندڙ مهرالنساءَ س: اوهان جو پورو نالو؟ ج: سلينا اور (Salina Orr) س: توهين نوڪري (Job) ڪنديون آهن، ان باري ۾ ڪجهه ٻڌائينديون؟ ج: مان گذريل 28 سالن کان College of Elementary Education St: Patricks ۾ پڙهائيندي پئي اچان. س: توهين سروس ۾ گهر کي به وقت ڏيو ٿيون، پوءِ شاعريءَ لاءِ ڪيئن ٿيون ٽائيم ڪڍو؟ ج: جڏهن گهر جي ڪم کان واندي ٿيان ٿي ته لکندي آهيان / شاعري ڪندي آهيان. س: توهان ڪڏهن کان شاعري شروع ڪئي؟ ج: نائين يا ڏهين ڪلاس کان ننڍا ننڍا شعر يا مزاحيه انداز ۾ شعر چوندي هئس. س: توهان گهڻو ڪري ڪهڙي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي؟ ج: مان گهڻو ڪري نثري نظم لکندي آهيان. س: توهين شاعريءَ ۾ ڪهڙن موضوعن کي Focus ڪريو ٿيون؟ ج: مان فطرت (Nature) کي گهڻو Focus ڪريان ٿي. ڪائنات جي هر شيءِ سان مون کي پيار آهي. س: توهان ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي؟ ج: مون هن مهل تائين ٻن ٻولين اردو ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. س: توهين صرف انگريزي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪريو ٿيون، ان جو ڪو خاص سبب؟ ج: مان بنيادي طور ڪرسچن آهيان ۽ انگريزي منهنجي مادري ٻولي Mother Language آهي ۽ انگريزي ميڊيم ۾ پڙهيو اٿم ۽ گهر ۾ پڻ اها زبان ڳالهائي وڃي ٿي جنهن ڪري پنهنجي Feelings کي آسانيءَ سان لفظن جو لباس پهرائي سگهان ٿي. اردو پڻ ننڍپڻ کان ڳالهايون ٿا جنهنڪري اردوءَ ۾ به شاعري آسانيءَ سان ڪريان ٿي. س: توهان کي ڪنهن جي شاعري پسند آهي؟ ج: اردوءَ ۾ پروين شاڪر، انگريزي ۾ William Words Worth ۽ سنڌيءَ ۾ موجوده وقت جو پيارو شاعر امداد حسيني پڻ پسند آهي. س: توهان جو ڪو شعري مجموعو ڇپيو آهي؟ ج: نه اڃا ڪوبه مجموعو نه ڇپيو آهي، جيئن ئي موقعو ملندو ته ضرور ڇپرائينديس. س: اردو ۽ انگريزيءَ کان علاوه ٻيون ڪهڙيون ٻوليون سمجهي سگهو ٿيون؟ س: توهين سنڌي ڳالهائڻ ڪنهن کان سکيون؟ ج: اسين پهرين صدر (ڪراچيءَ) ۾ رهندا هئاسين. اسان جي پاڙي ۾ هڪ معزز سنڌي فئملي رهندي هئي انهن سان تمام گهرا ۽ سٺا تعلقات هئا، گهر ۾ اچڻ وڃڻ گهڻو هو. اسين ٻار گڏجي راند ڪندا هئاسين. جنهنڪري سنڌي سکي ويس. س: ڇا توهين ذات پاتي تي يقين رکو ٿيون؟ ج: مان ذات پات تي Believe ڪانه ٿي ڪريان، منهنجي ذات آهي انسانيت ۽ انسانذات سان پيار. س: توهين ”سرتين“ لاءِ ڪجهه چوڻ چاهينديون؟ ج: هميشه دوستيءَ کي، پر خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ جي جذبن جي بنياد تي هلايو. ماده پرستيءَ جي کوپي مان ٻاهر اچو. محبت ۽ امن کي پکيڙيو. مقابله حسن حسن هن جي جاتو وٽ حوالا سوين هن جون سهڻيون اکيون هن جو سهڻو بدن حال هن جي چڱي لچڪندڙ هو بدن هن جي ڳوري ڳچي نڪ هن جو ڊگهو وار هن جا وڏا هوءَ سهڻي سٺي تو مگر آ ڪڏهن سور هي سوچيو پيٽ هن جو وڏو ڇو ٿئي ٿو پيو ٻار پئي هوءَ ڄڻي ڇا ته جيئي مري پئي هوا ۽ تري هوءَ سندس زندگي ذلتون ۽ شڪستون سهي روز پيئي وڙهي ٿي ڪري ۽ اٿي روز وکريو وڃي پاڻ کي پاڻ ۾ ٿي سهيڙيو وجهي خود کي ميڙيو وجهي مرد جي حسن جو جي نمونو ڪَڇيون فٽ پٽيءَ کي کڻي ۽ انهيءَ تي رکون قد آهي ڊگهو ڇا ڳچي آ ڊگهي ڇا بدن آ سٺو ڇا وڻي ٿو پيو. رنگ هن جو چڱو روپ هن جو سٺو مرد جيڪو مُٺو آ اسان سان مليو ڇا ته حسن ازل جو ڪو آهي ڪرشمو. تنهن کي توريون کڻي ۽ سڳو سوچ جو اڄ سوريون کڻي مرد آهي چڱو يا ته عورت چڱي ڪير آهي سٺو ڪير آهي مُٺي ڪير قاتل هئي ڪير آهي ڪٺي؟ اعتبار توکي سمجهي نه آهي سگهيو جو، ڇا سمجهي سگهندو هو پيار! پيار پکيئڙو آ پرڏيهي، جنهن جو داڻو آ اعتبار! اعتبار جي آڳ ۾ جلندي، ڪوئي ڪري ٿو هاءِ انتظار! يا! توکي جيترو وسارڻ چاهيان ٿي، اوترو شدت سان ياد اچين ٿو. جيترو پرتي ڀڄان ٿي توکان، اوترو اوڏڙو ٿيندو اچين ٿو. ڇا ان جو نالو پيار آهي! هزار ڀيرا ڪوشش ڪئي هوندم. توکي ڇڏڻ جي، زندگي ڇڏائجيو وڃي، تون نٿو ڇڏائجين، ڇا عادت بڻجي پيو آهين يا ان جو نالو پيار آهي! ٽه _ سٽا تنهنجو ڏسڻ ڄڻ، بيٺل پاڻيءَ ۾_ پٿر اڇلڻ! * تنهنجي نهار، آهي ڄڻ ڪو_ اندر جو خمار! * تنهنجا نيڻ پل پل ڪن ٿا_ ڪنهن لئي ويڻ! عذرا سرور جي ڪتاب ”نم جي ڇانوري“ تي هڪ نظر انعام شيخ مئڊم عذرا سرور جي هن ڪتاب ۾ داخلي ۽ خارجي ڀوڳنائن جو سنگم، حساسيت ۾ ٻڏل دل ۽ معصوم جذبن جي اظهار جو نهايت دلڪش نمونن جو اولڙو موجود آهي. جنهن ۾ شاعرا عذرا سرور ڪنڌر پنهنجي اندر توڙي آسپاس جي وارتائن، سماجي مسئلن، اڻبرابري، ڏاڍي جو هيڻي سان ورتاءُ سميت روح ورنهن ۽ ٻين موضوعن جو بيان نهايت بي باڪيءَ سان ڪيو آهي. جام ڪهڙو سرڪيو آ شعلو برهه جو ڀڙڪيو آ اچ! رات به اوندهه آ، ميندي رتڙن هٿڙن سان محبت جي ڪشڪول مان، امرت پيالو پياريو آ، يار تو مون کي جياريو آ دُنيا جهان جا معاملا، هجر فراق جو غم الم، وڇوڙي جي تڙپ، زماني جا ترڪش رويا، ضمير جي جهنجهوڙ سميت هڪ شاعر روزاني نه ڄاڻ ڪيترن ڏکين مرحلن مان گذري، وري به دلجوئيءَ جون ڳالهيون ڪري زندگيءَ جا گيت ڳائي ٿو ۽ پوءِ سندس تصور جي دامن تي خوابن جا پکي قطار ڪري مٺيون مٺيون ٻوليون ٻولڻ لڳندا آهن، ۽ سندس خوابن ۾ بندشن کان آزاد سماج، ڪنهن جي غرض کان عاري ماحول آزاد فضائن ۾ آزاد اڏام جي تصورن جو شيشائون محل جڙي پوي ٿو. خيالن جا اهڙا ئي کوڙ محل هن ڪلام جي مجموعي جو مطالعو ڪندي ڪتاب جي سِٽ سِٽ ۾ جُڙيل محسوس ٿين ٿا. توڻي جو هر سڄاڻ فرد وانگر اه اخبر خود هن ڪتاب جي ليکڪا کي به آهي ته پٿرن جي سماج ۾ شيشي جهڙا خواب سانڍڻ سان ماڻهوءَ جو پنهنجو اندر ئي زخمي ٿي سگهي ٿو. خوشبوءِ کي قيد ڪرڻ جو فارمولو دُنيا ۾ اڃا متعارف ناهي ٿي سگهيو، ڪنهن جي جذبن کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ واري سوچ احمقيءَ جي دائري ۾ اچي سگهي ٿي، خطرن جو معمول موڙڻ لاءِ ايجاد نه ٿيو آهي. ته ڪنهن جي خواب ڏسڻ تي بندش جو تصور به بيسود ٿيندو. خواب ماڻهو اڳ به ڏسندا هيا، هاڻي به ڏسن ٿا، سڀاڻي به ڏسندا رهندا. خواب شيشي جهڙا هُجن، اهي ڪنهن جا به ڇو نه هُجن، بس شال سلامت رهن ٿا؟!! مايا راهي مائٽ اک کُلي ڪجهه انساني چهرا سڳي ۾ پوئجي منهنجا مائٽ ٿي پيا! مائٽ! جيڪي جيون جي هر قدم تي پنهنجا هوندي به پراوَن کان وڌ پراوا هئا! جن منهنجي راهه تي گلن بدران چونڊي چونڊي تيز تکا ڪنڊا وڇايا! تن پنهنجن کان به وَڌ پراون مائٽن لاءِ مان ڇا چوان؟ ويجهو وڃان ته چون ضرور ڪو مطلب هوندس پري ڀڄان ته چون ڏس اٿس ڪو پنهنجائيءَ جو لحاظ! ۽ ان ويجهي ڌاريائيءَ ۽ پنهنجائيءَ ۾ هلندي هلندي رشتا ناتا بيهي ويا آهن! ****** سپنو ساڀيان ساڻ (ناوليٽ) شبانه سنڌي حفيظ قريشي ڪارل مارڪس هڪ هنڌ لکيو ته ”شاعرن جي تعريف ڪندا ڪريو، جيئن اهي سٺي شاعري ڪن.“ ان ريت آءُ چوندس ته ”ليکڪن جي تعريف ڪندا ڪريو، جيئن اُهي سٺو ۽ سهڻو لکن.“ ليکڪ جو Gender ناهي هوندو. ليکڪ _ ليکڪ ئي هوندو آهي. ان ريت سڀ اديب بنان ڪنهن جنسي تفاوت جي اديب ئي آهن. ڪٿي ڪٿي لفظ اديبه يا اديبائون پڙهي / ٻڌي ائين ڀاسندو اٿم ته ڄڻ ڪو چٿر ڪندو هجي. اها پڪ اٿم ته سنڌي سهرا، ڳيچ ۽ لوڪ ڪهاڻيون سرجيندڙ تمام ڪردار عورتون ئي آهن. پنهنجي وَرَ جي وفات کان پوءِ سڄي زندگي ان جا سهرا چوندڙ لاڙ جي مرکان شيخڻ ۽ لطيف سائينءَ جو سڄو رسالو برزبان لکائيندڙ مائي ملي نعمت ٻه وڏا مثال آهن. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ساري لوڪ ادب جو گهڻو ڀاڱو عورت ذات جي ئي تخليق آهي. ائين ئي سڄي سنسار ۾ ٿيو آهي ۽ ٿيو هوندو. اڄ جو سارو ادب انهيءَ لوڪ ادب جو تسلسل آهي. محترمه شبانه سنڌي پنهنجو ناوليٽ ”سپنو _ ساڀيان ساڻ“ جيڪو سنڌ جي ادبي تحريڪ جو هڪ سهڻو تسلسل آهي، پر پنهنجي جوهر ۾ اهو ناوليٽ ڪونهي. ناوليٽ معنىگ ننڍو ناول آهي. هيءَ طويل ڪهاڻي ناوليٽ جي شڪل اختيار انڪري نه ڪري سگهي جو ان ۾ منظر نگاري، ماحول نگاري ۽ جذبات نگاريءَ سان گڏ ڪجهه مشاهدي جي به کوٽ آهي. جهڙوڪ صفحي 70 تي سمنڊ مان مانگر مڇ نڪري هارون کي کائي وڃي ٿو. مانگر مڇ سمنڊ ۾ ناهي رهندو. مانگر مڇ کاري نه پر مٺي پاڻي جو جانور آهي. ها هڪ طويل ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ نوڪري ڪندڙ عورت ۽ مرد (Working man & Woman) جي چوگرد ڦري ٿي. اهي وچولي طبقي جا ٻه صاف سٿرا ڪردار آهن، جيڪي هڪ ”ڀورائي واري ڀل“ ۾، ڪيترو ئي وقت ٻئي ڏانهن بدگمان رهن ٿا. اها بدگماني هڪ ليکڪ ڏانهن آيل سندس لکڻين جي پرستار جي خط جي ڪري پيدا ٿئي ٿي جا هڪ اهڙي رنج جي غلاف ۾ لڪل آهي، جنهن تي محبت جا ڪيترائي تهه چڙهيل آهن. جيئن لطيف سائينءَ جي مارئي چوي ٿي ته ”منهنجو ۽ منهنجي ماروءَ (کيت) جو من منهنجي اباڻن جي سنهي سُئيءَ سان سبيل آهي، ۽ ان سُئيءَ منهنجي وجود تي انهيءَ حلم / محبت جا ڪيترائي تهه چاڙهي ڇڏيا آهن، پوءِ مارئي چوي ٿي ته آءُ اباڻي سُئيءَ کان سواءِ ڌاري سُئيءَ سان (عمر ڪوٽ) ۾ ڪن ڇو ٽوپايان؟“ سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين من، هئي کِڻ حلم جا، تهه ڏنائين تن، آءُ ڪيئن ٽوپايان ڪن، ابو اباڻي ريءَ. هنن ٻنهي وچولي ڪلاس جي محبت ڪندڙن جو من ۾ اهڙي ئي سُئيءَ سبيل آهي. انڪري اهو رنج _ شڪ ۽ نفرت جو روپ نٿو وٺي ۽ هڪ ڏينهن ان جو انت ”صبا ۽ راشد“ جي وهانءُ سان اچي وڃي ٿو ۽ ان ريت هن ”هارون ۽ عاشي“ جي بدگمانيءَ ۾ وڪوڙيل جيون جي پيڙاءَ جي پڄاڻي ٿئي ٿي ۽ اُهي هڪ نئين جيون جي شروعات ڪن ٿا. هيءَ سادي ۽ سليس سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل طويل ڪهاڻي سنڌي ادب ۾ سٺي جڳهه والاريندي ۽ ليکڪ سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ سهڻيون ۽ سٺيون ڪهاڻيون ڏيندي. وسيم سومرو غزل چيومانس، تولئه ته سارينس ٿو، هوا ۾ ڪبوتر اُڏارينس ٿو! چيومانس، هيرون سنيها ڪري، ستارن جا رستا نهارينس ٿو! چيومانس، ڇوڪي نه اُڏري وڃين، انهي لئه، اکين ۾ اُتارينس ٿو! چيومانس، تصوير سامهون رکي، چپن سان، اکين سان اچارينس ٿو! چيومانس، پل پل ٿو جرڪي پوي. نئين سج ائن نئون نکارينس ٿو! چيومانس، سورج ٿو اُڀري تڏهن، جڏهن ننڊ مان تون اٿارينس ٿو! ومي سَدا رَنگاڻي سج الائي ڪٿي ڪري پيو........... ڪلهه رات ڪوتائن جو قافلو لنگهيو منهنجي ڀرسان. ڪنهن منهنجي چنڊ جي چادر ڇڪي ورتي، ڪوئي سڏڻ آيو هو مون کي پر تارن ته دروازو ئي بند ڪري ڇڏيو رَئي تي ٽاڪيل سڀ ستارا پٽ مون موٽائي ڏنا آسمان کي منهنجن وارن ۾ اٽڪيل سج به الائي ڪٿي ڪري پيو. ماسڪ گهر ۾ به ٺاهي سگهجي ٿو رابيلا حميد مسائج کان پوءِ ئي ماسڪ لڳائجي. ماسڪ لڳائڻ وقت اکيون ۽ ڪنن کي بچايو، اکين تي ڪپهه کي گلاب جي عرق ۽ پسائي رکو، ماسڪ به چمڙيءَ جي مطابق استعمال ڪريو. منهن ۽ ڪنڌ تي ماسڪ 10 کان 20 منٽ تائين لڳايو. ماسڪ لاءِ ڪو خاص وقت ڪونهي. مختلف قسم جي چمڙيءَ تي الڳ وقت تي خشڪ ٿيندو آهي. ماسڪ خشڪ ٿيڻ کانپوءِ ٽيپ جي شڪل ۾ ٿيندو آهي. جنهن کي هوريان هوريان هٿن جي مدد سان چمڙيءَ کان الڳ ڪبو آهي. ان کان پوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان منهن ڌوئي وٺو ۽ هاڻ اسڪن ٽانڪ لڳايو. ان کان پوءِ ڪپهه سان چهرو صاف ڪري وٺو. ماسڪ گهر ۾ به ٺاهي سگهجي ٿو جيڪو چمڙيءَ جي حساب سان لڳائڻو آهي. فيس ماسڪ: فيشل کانپوءِ اهم مرحلو ماسڪ لڳائڻ هوندو آهي. ماسڪ چمڙي جي لاءِ فائديمند هوندو آهي. هر قسم جي چمڙي لاءِ الڳ الڳ ماسڪ هوندو آهي. اگر توهان جي چمڙي سڻڀي آهي ته توهان هفتي ۾ هڪ ڀيرو ماسڪ ضرور لڳايو. اگر چمڙي مليل جيل آهي ته هڪ ئي وقت ۾ چهري جي مختلف حصن تي مختلف قسم جا ماسڪ لڳائي سگهجن ٿا. يعني نڪ تي سڻڀي چمڙي وارو ماسڪ ۽ ڳلن ۽ پيشاني ۽ ڳچي تي خشڪ چمڙي جو ماسڪ لڳايو وڃي. منهن تي مساج ڪرڻ کانپوءِ غير ضروري سڻڀ کي ڪپهه جي مدد سان صاف ڪريو ۽ ٽوال کي چهري تي آهستي آهستي هڻو. ان سان سڀ مسام کلي ويندا. فيس ماسڪ ڪيترن ئي ڪمپنين جا ٺهيل آهن، جيڪي مارڪيٽ ۾ عام ملن ٿا. مگر چمڙي جي مناسبت سان ماسڪ لڳائڻ گهرجن. ڇو ته ان سان رزلٽ سٺي ايندي، ڪجهه گهر ۾ ماسڪ جو ٺاهڻ جون ترڪيبون هيٺ ڏجن ٿيون. جن کي استعمال ڪري توهان گهٽ خرچ ۾ ماسڪ تيار ڪري سگهو ٿيون. ماسڪ لڳائڻ کان پهرين توهان پنهنجي بيوٽيشن کان مشورو ضرور ڪريو جيئن توهان کي پنهنجي چمڙي جي باري ۾ ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ ماسڪ لڳائڻ جو طريقو به خبر پوي. ماسڪ لڳائڻ کانپوءِ ڳالهائڻ، کلڻ کان پاسو ڪريو. نارمل چمڙي جو ماسڪ عرق گلاب ۽ ميٽ کي ملائي پيسٽ جي شڪل ۾ ٺاهيو، هاڻ توهان پنهنجي چهري تي 15 منٽ لڳايو. ان کان پوءِ پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. خشڪ چمڙي جو ماسڪ خشڪ چمڙي (Dry Skin) جي لاءِ هيٺ ڏنل ماسڪ ٺاهيو، ميٽ ۾ هيڊ ملايو ۽ ان ۾ ڪجهه ڦڙا زيتون جو تيل ۽ ڪجهه ڦڙا اسڪن ٽانڪ ملايو. هن مڪسچر کي 10 کان 15 منٽ منهن تي لڳايو. ان کان پوءِ پاڻي سان منهن ڌوئي ڇڏيو. حساس چمڙي لاءِ ماسڪ حساس چمڙي (Sensitive Skin) جي لاءِ هڪ حصو ٽالڪم پائوڊر ۾ عرق گلاب ملايو. هن مسڪچر کي 5 کان 10 منٽ منهن تي لڳايو ۽ صاف پاڻيءَ سان منهن ڌوئي ڇڏيو. خشڪ چمڙي لاءِ ماسڪ. خشڪ چمڙي (Dry Skin) جي لاءِ بيدي جو ماسڪ بهترين ٿيندو آهي. هن ماسڪ، هن طريقي سان ٺهندو. هڪ بيدي جي ۾ ذردي ڪجهه ڦڙا زيتون ۽ بادام جي تيل جا ملايو. هن مڪسچر کي منهن تي لڳايو. سڪڻ کان پهرين لاهي وٺو. سڻڀي چمڙيءَ لاءِ سڻڀي چمڙي جي لاءِ بيدي جو ماسڪ هيٺين طريقي سان استعمال ڪريو. بيدي جو اڇو حصو کڻو. ان ۾ ليمي جو عرق ملايو. ايترو ملايو جو گجي ٺهي وڃي ان ۾ ڪجهه ڦڙا عرق گلاب ملايو. هاڻ هن مڪسچر کي منهن تي خشڪ ٿيڻ تائين لڳايو. ان کانپوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان منهن صاف ڪريو. سڻڀي چمڙيءَ لاءِ ليمي جو ماسڪ هڪ عدد ليمي جو رس، هڪ عدد بيدي جي ذردي ڪجهه ڦڙا زيتون جو تيل، ڪجهه ڦڙا پاڻي چئن شين کي چڱي طرح ملايو. هاڻ هن مڪسچر کي ڪنڌ، منهن تي چڱيءَ طرح هڻو. 10 کان 15 ٿئي تڏهن هلڪي گرم پاڻيءَ سان ڌوئي وٺو. ان کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻو. خشڪ، نارمل چمڙيءَ لاءِ ڪيلي جو ماسڪ ڪيلي جو ماسڪ نارمل ۽ خشڪ چمڙيءَ جي لاءِ هڪجهڙو فائديمند آهي. ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي لاءِ هي ماسڪ وڌيڪ فائدي وارو آهي. هڪ ڪيلو کڻو ان کي ڪانتي سان ڪٽيو ان ۾ 5 کان 8 ڦڙا کير ملايو. هاڻ ان مڪسچر کي منهن ۽ ڪنڌ تي چڱيءَ طرح هڻوءَ 10 منٽن کان پوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان ٽشو پيپر سان منهن صاف ڪريو. ان کان پوءِ برف جي ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا هڻو. سڻڀي ۽ مليل جليل چمڙيءَ لاءِ ڌونئري جو ماسڪ سڻڀي ۽ مليل جليل چمڙيءَ جي لاءِ ڪجهه ايسڊ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪي ڌونئري ۾ هوندا آهن. ٿڌي ڌوئنري جا ٻه وڏا چمچا کڻو. ان کي چڱي طرح مڪس ڪريو، هاڻ ان کي چهري تي ۽ گلي تي هڻو. 5 کان 20 منٽ تائين ان کي سڪڻ ڏيو. ان کان پوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان منهن ڌوئي وٺو. هاڻ کليل مسام کي بند ڪرڻ جي لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻو. سڻڀي چمڙيءَ جي لاءِ پٽاٽي جو ماسڪ سڻڀي چمڙي جي لاءِ پٽاٽي جو ماسڪ تيار ڪريو. 1 وچولي سائز جا ٻه پٽاٽا اٻاري ان جي کل لاهي سنهو ڪري رکو. 2 عرق گلاب _ 10 کان 15 ڦڙا کڻو. 3 موسچرائزنگ لوشن هڪ چمچو کڻو. عرق گلاب ۽ لوشن کي مَڪس ڪريو منهن تي پنج منٽ مالش ڪريو. مالش کان پوءِ کليل هوا ۾ 10 منٽ مُنهن کليل رکو. هاڻ منهن مٿي ڪريو مڪس پٽاٽي کي منهن تي هڻو 19 منٽن کانپوءِ منهن تان لاهي وٺو. هاڻ عرق گلاب ۽ لوشن سان ٻيهر مالش ڪريو. توهان ڏسنديون ته توهان جي منهن تي چمڪ اچي وئي آهي. خشڪ چمڙيءَ لاءِ ماسڪ ملائي ۽ کير کي مڪس ڪري منهن تي ۽ ڳلي تي هڻو، خشڪ ٿيڻ کانپوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان ڌوئي وٺو ان کان پوءِ برف جي پاڻيءَ جا ڇنڊا منهن تي هڻو. نسرين طاهر وفائي گهريلو ڏس 1 پنهنجي ٽوٿ برش کي جراثيمن کان محفوظ رکڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ دفعو لوڻ مليل گرم پاڻيءَ سان ڌوئو. 2 جيڪڏهن ڏينڀو ڏنگي وجهي ته ان جاءِ کي زور سان دٻائي ڏنگ ڪڍجي. پوءِ ڊٽول مليل پاڻيءَ سان ۽ صابڻ سان ڌوئي ڪائي ڪريم هڻو. 3 جيڪڏهن گرم کاڌو کائو ته پوءِ تمام ٿڌو پاڻي نه پيئڻ گهرجي ان سان ڏند ڪمزور ٿي ويندا آهن. 4 کاڌو کائي هڪدم پاڻي نه پيئڻ گهرجي. ٻه ڪلاڪ رکي پوءِ پاڻي پيئجي. 5 بصر، هاءِ بلڊپريشر ۾ تقصان وارا ۽ لو بلڊپريشر ۾ فائدي وارا آهن. 6 اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ناسپاتي نه کائڻ گهرجي. 7 چانهه کي گهڻي دير ڪاڙهڻ سان ان ۾ زهر يعني نڪوٽين جو مقدار وڌي ويندو آهي. 8 جيڪڏهن ٻار هنڌ ۾ پيشاب ڪندا هجن ته سمهڻ وقت انهن کي هڪ چانهه وارو چمچو ماکي کارايو. 9 ليمي جو آچار ٿولهه گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. 10 نارنگي جو استعمال دل جي مريضن لاءِ مفيد آهي. 11 گجرون دل جي مرضن ۾ مفيد آهي ۽ معدي جي تيزابيت ۽ ساڙو ختم ڪنديون آهن. 12 جيڪڏهن وار وقت کان اڳ ۾ اڇا ٿي رهيا هجن تي سمهڻ کان پهرين هڪ پاءُ کير ۾ ٻه ٽي ڦڙا بادام روغن ۽ پسند جي مطابق کنڊ ملائي پيئو. (روزانو) 13 بجليءَ جو ڪم ڪرڻ وقت پيرن ۾ رٻڙ جي چپل ۽ هٿن ۾ رٻڙ جا دستانا ضرور پايو. 14 بجليءَ جي ڪم ۾ پڪڙ استعمال ڪرڻ وقت اهو ضرور ڏسو ته پڪڙ تي چڙهيل رٻڙ ڪٿان به لٿل يا ڦاٽل ته ڪونهي. 15 جيڪڏهن بجليءَ جي ڪا تار ڪري پئي ته ان کي هٿ سان نه کڻو پر ڪنهن خشڪ ڪاٺيءَ سان مٿي ڪريو. 16 کاڌو کائڻ جي ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سمهڻ گهرجي. 17 اُس ۾ گرم ٿيل پاڻيءَ سان ڪڏهن به نه وهنججي ڇو ته ائين ڪرڻ سان چمڙيءَ جون بيماريون پيدا ٿينديون آهن. 18 گهڻي دير بيهي استري ڪرڻ سان پيرن ۾ سور ٿيندو آهي. ان لاءِ ڪپهه واري ڪا گدي يا ڪُشن پيرن هيٺان رکي بيهو ته توهان سور کان بچي پوندو. 19 حافظو تيز ڪرڻ لاءِ روزانو نيراني ٻه ٽي داڻا ڪشمڪش ٻه ٽي داڻا باداميون کائڻ تمام فائديمند آهي. 20 ساهه جي بدبوءِ دور ڪرڻ لاءِ ڦودني جا پن چٻاڙيو. 21 روزانو صبح جو چار گلاس نيم گرم پاڻي پيئڻ سان معدو صاف ٿئي ٿو، گُردن جي صفائي ٿئي ٿي ۽ نڙيءَ جي صفائي ٿئي ٿي ۽ ساهه جي بدبوءِ دور ٿئي ٿي. 22 ٻه وڏيون نارنگيون کڻو انهن جي رس ڪڍي نيرن کان پهرين پيئو، هڪ هفتو ائين ڪرڻ سان پراڻي کان پراڻو قبض ختم ٿي ويندو. 23 ست اٺ انجير پاڻيءَ ۾ اوٻاري انهن جو ڪاڙهو ٺاهيو. رات جو ڪاڙهو پيئڻ سان قبض جي تڪليف ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن گهڻا دست اچڻ لڳن ته ڪاڙهو پيئڻ بند ڪريو. رڌ پچاءِ بيدن جا ڪباب باک نياز گهريلو شيون: قيمو _ اڌ ڪلو گيهه _ ٽي ڇٽانگ خس خس _ اڌ تولو اڇو جيرو _ اڌ تولو ڪارا مرچ _ ڪٽيل هڪ چمچو ڦوٽا _ ٽي عدد ساوا مرچ _ پنج عدد بيدا _ چار عدد ترڪيب: قيمي کي چڱي طرح سنهو پيهي سمورو مصالحو ملايو. بيدن کي اُٻاري ڇلي رکو. قيمي جي ٽڪي ٺاهي ان جي وچ ۾ هڪ سڄو بيدو رکو هاڻ بيدي کي چئن پاسن کان قيمي سان بند ڪري ڌاڳي سان بند ڪريو ۽ هلڪي باهه تي تي احتياط سان تريو، جڏهن ٽڪيون ڳاڙهيون ٿي وڃن تڏهن لاهي وٺو. توهان جا بيدن جا گول ڪباب تيار آهن. قيمي جا ڪباب گهربل شيون: قيمو _ اڌ ڪلو بيدا _ هڪ عدد بصر _ ننڍو هڪ عدد پيٺل گرم مصالحو _ ٻه چمچا سرڪو _ ٻه چمچا تيل ترڻ لاءِ _ ضرورت مطابق لوڻ، مرچ ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ ضرورت مطابق ترڪيب: قيمي کي سنهو پيهي وٺو هاڻ ان ۾ سرڪو، گرم مصالحو سائو مصالحو، لوڻ مرچ ۽ سنهو ڪٽيل ملائي. آخر ۾ هڪ بيدو چڱي طرح ملايو، هاڻ ٽڪيون ٺاهي گرم تيل ۾ هلڪي باهه تي تريو، توهان جا ڪچي قيمي جا ڪباب تيار آهن. ڪنهن به چٽڻي سان يا ٽماٽو ڪيچپ سان پيش ڪريو. گهربل شيون: پلڪ، جيرو، ڳاڙها مرچ لوڻ ۽ کائڻ جي سوڍا ٽي تيل ترڻ لاءِ ضرورت مطابق. بيسڻ ۾ پالڪ چڱي طرح ڌوئي ڪٽي وجهو ۽ سمورو مصالحو به شامل ڪريو، بيسڻ کي گهڻي دير نه رکو نه ته پالڪ پاڻي ڇڏيندي هاڻ گرم تيل ۾ پڪوڙا تريو، گدامڙي جي چٽڻي يا ڌونئري جي چٽڻي سان پيش ڪريو. مينهن جي مند ۾ پڪوڙا هر ڪوئي ٺاهيندو آهي. ****