ڪتاب جو نالو: سرتيون 2006ع سرتيون فيبروري 2006ع ثمينه ميمڻ سوچ ويچار اچو ته نئون سماج اَڏيون اسان جي موجوده سماج کي نفرتن ۽ ڪدُورتن جي اُڏوهيءَ اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻاهران به ان کي ڪيترا زخم آهن، جن جي ويج طبيب نه هئڻ جي ڪري اُهي ناسُور ٿيڻ لڳا آهن. سنڌ جي مضبوط سماج جو وڏو ڪارڻ رواداري، محبت ۽ عزت وارين خوبين سان گڏ هڪٻئي جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ ڀرجهلو ٿيڻ هو. سنڌي سماج ۾ عورتن ۽ وڏن جي عزت مثالي هئي، جيڪي روايتون سماج کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هيون. اُهي آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهيون آهن. انهن سڀني جي ڪري اسان جو سماج پنهنجي اصليت وڃائي رهيو آهي. سنڌي سماج پنهنجا قدر وساري رهيو آهي. عزت، محبت، رواداري، ڏک سک ۾ ڪم اچڻ واريون روايتون اسان سڀني جي روين مان ختم ٿينديون پيون نظر اچن. ان مضبوط سماج کي اَڏيندڙ عورت، جنهن نانِي، ڏاڏِي، ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ ونيءَ جي روپ ۾ سدائين سنڌي سماج کي رواداري، محبت، عزت واري تعليم ڏيئي مضبوط ڪيو هو، اڄ به اسان جي سماج کي سنڌ جي عظيم ڪردارن ڏاڏِي، نانِي، ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ ونيءَ جي مضبوطيءَ سان ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي سماج ۾ گهرن ۾ اها عورت پنهنجي مَردن، اولاد، ڀائرن لاءِ بهترين صلاحڪار طور ڪم ڪري ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس اُن وڏ ماڻهپي واري سوچ ۾ اسان جي زخمي ٿيل موجوده سماج کي ماضيءَ ۾ انتهائي مضبوط ۽ ڳنڍيل رکيو. اسان جون عورتون، ٻهراڙين جون ذهين ۽ روايتي عورتون، شهرن جون پڙهيل ۽ قدرن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندڙ سنڌي عورتون هن سماج جي مضبوطيءَ لاءِ وري ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ممڪن آهي، موجوده دور جي جديد پڻي، انهن روايتن کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، جنهن هن سماج جي اصل چهري کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ انهن تهذيب يافته عورتن کي جيڪي سنڌ جي تهذيب، ثقافت، روايتن جي مضبوطيءَ جون امين آهن، اڳتي اچي هن زخمي ٿيل سماج جي نئين سر اڏاوت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. - ادارو حفيظ قريشي اُنهن جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري! (منهنجي خاندان جون لطيف شناس عورتون) حيدرآباد جي ”مدرسة البنات“ واري اسڪول ۾ پهرئين درجي ۾ وڏين ڀينرن سان گڏ پڙهندو هوس. گرميءَ يا سياري جون موڪلون ٿينديون هيون ته ضد ڪري ڪراچيءَ ويندو هوس، جتي منهنجي ”لالي مان“ (ڏاڏي) رهندي هئي. آڏي ڳچيءَ وارو ڀريل چولو، سوسيءَ جي سٿڻ، ٽونر واري جُتي، 80 ورهين جي عمر ۾ به ڊگهن وارن واري (جنهن ۾ ڇڊو پاڊو ڪو اڇو وار هو) لالي مان صبح جو نيرن سِيري پوريءَ سان ڪندي هئي. چاچا عبدالله، اسدالله شيخ واري اسڪول ۾ ماستر هو. پاڙي ۾ سونارن جي ڏيڍيءَ ۾، سِيري پوريءَ جي نيرن تيار ٿيندي هئي، جتان چاچا عبدالله نيرن وٺي ايندو هو. هو هڪ گراهه پاڻ کائيندي ۽ هڪ گراهه مون کي کارائيندي ويندي هئي. منهنجي گهر ڳليءَ جي هڪ ڪنڊ تي سيد روشن علي شاهه (جسٽس سجاد علي شاهه جو والد) جو گهر هو ته ٻيءَ ڪنڊ تي حُسين سيٺ جي وڏي حويلي هوندي هئي. انهن گهٽين ۾ نچندي، ٽپندي، ڪُڏندي، وڏا ٿياسين، پنڌ ئي پنڌ ٻارن جي ميڙاڪي ۾ موسيٰ لين (جتي گل محمد کتري رهندو هو) اتان اسان چاچا ڇتن واري گهر کجور بازار تائين پسار ڪري ايندا هئاسون. انهيءَ دور ۾ اڃا ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ ڪڇ جي ميمڻن جي والار ڪانه ٿي هئي. ڏاڏا واري ساري جاگير اوکائي ميمڻن ڀڳڙن مُٺ تي خريد ڪري ورتي هئي. خيراڻي مسجد (بابا جا ناناڻا خيراڻي هئا) مان موٽندي عبدالرزاق جو پيءُ فجر مهل ٻانگ ٿئي پلنگ تان اٿيو ته امالڪ پٽ تي ڪري پيو.“ لالي مان ڏاڏا سائينءَ جي لاڏاڻي جي ڳالهه ٻڌائيندي هيءُ بيت پڙهندي هئي: ”نه ڪنهن ماريا جنگ ۾، نه ڪنهن سور ٻري، روئان ڪيئن ڪري، مادر ملاحن کي.“ (لطيف) ان ريت ڳوڙها ڳاڙيندي لطيف جي بيتن ۾ اوسارا ڏيندڙ ”لالي مان“ کان زندگيءَ ۾ پهريون بيت ٻڌم. پوءِ ايترا ڀيرا ٻڌم جو ياد ٿي ويا. هڪ ڀيرو لالي مان کي بابا سائين حيدرآباد وٺي آيو. آءٌ لالي مان سان گڏ وحدت ڪالونيءَ واري گهر جي گيلريءَ ۾ سمهندو هوس، هڪ رات لالي مان کي تپ ٿي پيو. لالي مان مون کي تپ ۾ چوندي هئي، ته جي آءٌ مري وڃان ته مون کي ”مورڙي مقام“ ۾ دفن ڪجو. ڏاڏيءَ جا سمورا مائٽ پليگ ۾ مري ويا هئا. هو جڏهن به مائٽن کي ياد ڪندي هئي، تڏهن لطيف جا بيت پڙهندي هئي. رات جو مون کي دٻي دٻي، جهنگ ۾ ڦاٿل هرڻي، مورڙي ميربحر جون آکاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ وچ وچ ۾ لطيف جا بيت به پڙهندي ويندي هئي، هو پنهنجي هڪ نوجوان پٽ عزيزالله جي وفات تي هن قسم جا بيت پڙهندي هئي، جن جون ڪي اڌ سٽون ياد اٿم: ”هڪ سهڻو ٻيو لڳي ويس لُڪ.“ ---- ”روئان ٿي راڻا، هنڌ نهاري حُجرا.“ ان ريت منهنجي لطيف سائينءَ سان شناسائي ٿي، لالي مان جي وفات کان پوءِ اسڪول جون موڪلون ڳوٺ گذاريندا هئاسون، جتي چاچا محمد اعظم جهڙو مهربان رهندو هو. پر مون کي حافظ علي اڪبر وارو گهر وڻندو هو. جتي هڪ وڏي ورانڊي ۾ سڄي ڳوٺ جي وڏي پڦي فاطمة رهندي هئي. هيڏي وڏي گهر ۾ ڪُل ٽي ماڻهو. پڦي فاطمة، پڦي آمون ۽ هن جي هيڪلي ڌيءُ ڊيل جا منهنجي ڀيڻ فهميده جو سن هئي رهندا هئا. اڇي جهڙي پشم مان ٺهيل، پڦي فاطمة جو هي وڏو گهر جنهن ۾ گلاب، موتئي جا ٻوٽا، ڦارون، ۽ صوفي ٻيرن جا وڻ هوندا هئا، وڏي اڱڻ تي ڊوڙن پائڻ ۽ ڳوٺ جي ڇوڪرن سان کيڏڻ ۾ مزو ايندو هو. ڪنهن ڪنهن مهل اڪيلو پڦي فاطمة جي ڀر ۾ اچي ويهندو هوس. موڪلن ۾ تمام گهڻا سوٽ اتي شام جو حافظ علي اڪبر جي وڏي اڱڻ تي گڏ ٿيندا هئا. کيس الاهي ساري شاعري ياد هئي. حافظ علي اڪبر مجروح جون مداحون، هن جي اها شاعري، جا هن پنهنجي محبوبه جي هجر ۾ ڪئي هئي، سا ٻڌائيندي هئي ۽ گڏوگڏ نِير به وهائيندي هئي. ”لَوهِيڙَنِ پَاندَ ڳَڀِيا،پيَنِ پَاندَ ڇَڻِي، ڍَولِيا نهَ اَچڻ ڳالهَڙِي، تَو وَئِي شَتَ وَڻِي، هِئِين هَٿَ هَڻِي، وِڌَمِ لَکا لوڪَ ۾. (لطيف) [لوهيڙن جا گونچ ڦٽا ۽ اهي ڇڻي به پيا، منهنجا محبوب! نه اچڻ واري ڳالهه توکي وڻي وئي آهي، مون جو ڏک ۾ دل تي هٿ هنيو (هاءِ ڙي ڪندي) ته ماڻهن کي پنهنجي محبت جي خبر پئجي وئي]. پڦي فاطمة در ڏانهن واجهه وجهندي، اهڙا لطيف جا ڪيترائي بيت پڙهندي هئي، جي اڄ به لطيف جي ڪنهن رسالي ۾ موجود ناهن: لَوهِيڙَن پاندَ ڳَڀِيا، پيا سَر ڪُسَر نِسري، اکيون اڄُ اَسري، وري به ويهي رهيون! (لطيف) [لوهيڙن جا گونچ ڦٽا آهن، سر ۽ ٻيا گاهه ڦٽي آيا آهن، اڄ اکيون راهه نهاري وري به اداس ٿي ڪري چپ ٿي ويون. پڦي وڏي لطيف جي بيتن ۾ اوسارا (يادون/سارون) ڏيندي هئي]. لطيف سائينءَ کان سواءِ هن کي حافظ علي اڪبر ”مجروح“ جو گهڻو ڪلام ياد هو، سندس ور جوانيءَ ۾ گذاري ويو هو. ويا اونهي اوهري اوءِ، مون کي ماري ماڳهين، جڳن جا جڳ ٿيا، تئان نه موٽيو ڪوءِ، گوندر ماريندوءِ، مون کي ماءُ وين جو. (لطيف) [گهري پاڻين ۾ هليا ويا، مون کي ته اصل ماري ويا، زمانو گذري ويو، اتان ڪو به موٽيو ڪونهي، اي ماءُ! مون کي هنن جو ڏک ماري ڇڏيندو.] هڪ بيت چئي هوءَ ٻيو بيت پڙهندي هئي: گوندر هٿ نه پير، وِرهه منجهه ئي وهڻو، ڪڙهه ۾ قطارون ڪري، سورن لاتا سير، مون جيئن گهاري ڪير؟ هيڪلي ريءَ سڄڻين. [ڏک جو رستو به ڪونهي، ڏک کي هٿ ۽ پير به ڪونهي، فراق اندر ئي اندر ٿو اُسري، اندر ئي اندر سور قطارون ڪريو پيا گهمن. منهنجي اندر ۾ سورن جبلن جون قطارون جڙي ويون آهن، مون وانگر ڪير آهي؟ جا سڄڻن کان سواءِ اڪيلي زندگي گذاريندي؟ ] هالا پراڻا ۾ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آخوند ملان ساوڻين جي ڳوٺ جي هن وشال گهر مان لنگهندي، اڄ به اهي اڪيلائي ۽ تنهائيءَ جي خوفناڪين کي بيان ڪندڙ بيت مون کي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. مون جيئن گهاري ڪير، هيڪلي ريءَ سڄڻين. (لطيف) هڪ ڀيري مون سائين جي ايم سيد کي پڦي فاطمة جا ٻڌايل اهي بيت ٻڌايا هئا، سائين اها خواهش ظاهر ڪي ته ڪاش اها خاتون زنده هجي ها ته کانئس روبرو اهي ۽ ٻيا بيت ٻڌجن ها. سائين تصديق ڪئي هئي ته اهي بيت لطيف رح جا ئي آهن. منهنجو ڳوٺ ڀٽ کان مس 7 ميل پري هوندو. منهنجي ڳوٺ جي اوطاق ۾ منهنجي سانڀر کان ڪيترائي ورهيه پهرين لطيفي فقير رهندا هئا، انهن مان هڪ واحد ڏني فقير سان مولانا دين محمد وفائيءَ ملاقات ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر ”لطف الطيف“ ۾ پڻ آيل آهي. وڏين کان سواءِ ننڍين ۾ منهنجي سوٽ طلعت بانو به هوندي هئي. هڪ ڏينهن صبح جو ڳوٺ ۾ صندليءَ تي ويٺي نيرن ڪيم. ايتري ۾ سجاول کان مائٽ اچي نڪتا. سَوٽ مهمانن جي اچڻ تي هيءَ سٽ چئي: ”انهن جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري“ (لطيف) ٻي سَوٽ بيت سَڄو ڪيو: چمڪيون چوڌار، ڌچون ڌاريچن جون، ماءُ سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار، انهن جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري. ٻئي ڏينهن نيرن تي سَوٽ وڏيءَ کي ڪيترائي ياد ڪيل لطيف جا بيت ٻڌايا هئم. سَوٽ کلندي مون کي چيو: ادا! مون توکي دٻو ٿي ڀانيو پر تون ته ڏاهو نڪتين! پوءِ ان ڏينهن سُر مارئيءَ ۽ سسئيءَ مان تمام گهڻا ياد بيت ٻڌايا هئم. اهي سڀ وڏيون گذاري ويون. ڏاڏي لالي مان مورڙي ميربحر جي مقام ۾ دفن آهي. پڦي فاطمة هالا پراڻا ۾ مخدوم لا خيال سرور نوح جي استاد جي پيرانديءَ واري قريشين جي مقام ۾ ابدي آرامي آهي. سَوٽ طلعت بانو ويجهڙائيءَ ۾ سجاول ۾ گذاري وئي، اتي ئي پنهنجي پٽ ڊاڪٽر خالد قريشيءَ جي ڀر ۾ آرامي آهي. اڃا ڪالهوڻي ڪالهه، هيس مارن گڏ ملير ۾، سي ڏينهن ويا گذري، جيئن منجهه خواب خيال، جن جي سار سنڀال، سي پرين اڄ پري ٿيا. (لطيف) رخسانه دوستي دوستي ڪرڻ لاءِ ته سڀ ڪندا آهن، پر دوستيءَ کي نڀائڻ ڪنهن، ڪنهن کي ايندو آهي ۽ جنهن کي نڀائڻ ايندو آهي اُهي دوست مخلص هوندا آهن. پر ڪي ته دوستيءَ کي راند سمجهندا آهن، اُهي پهرئين ته دوستيءَ ۾ ايڏو اڳيان نڪري ويندا آهن، جتان واپس اچڻ مشڪل هوندو آهي. اڄ جي دور ۾ ماڻهو دوستي ڪندا آهن ۽ ايترا گَهِرا ٿي ويندا آهن ۽ وري اُهي ئي ايترو جلدي بدلجي ويندا آهن جو سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪندا آهن. ان لاءِ دوستي ڪجي ته مخلص ماڻهن سان ڪجي، جيڪي توهان جي احساسن کي سمجهن. ڇو ته دوستي هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو آهستي آهستي دل ۾ لهندو وڃي ٿو. جنهن ماڻهوءَ سان دوستي رکجي ٿي، انهيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان اهڙي دوستي رکي نٿي سگهجي. دوستي دل جي ڌڙڪڻ وانگر آهي، جيڪڏهن دوستي ٽُٽي ٿي ته دل جي ڌڙڪڻ به ڄڻ بند ٿيڻ لڳندي آهي. دوستي پاڪ جذبو آهي. ماءُ ماءُ کان سواءِ گهر قبرستان لڳندو آهي. ماءُ ۽ گل ۾ مون کي ڪو به فرق نظر نه ايندو آهي. ماءُ، پيءُ کان وڌيڪ شفيق هوندي آهي. ماءُ جي ڪاوڙ وقتي هوندي آهي. دنيا ۾ ڪو به رشتو ماءُ جهڙو نه هوندو آهي. ماءُ جو پيار ڪنهن کي ٻڌائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ نه هوندو آهي. الله جو سڀ کان سهڻو تحفو ماءُ آهي. سنڌي شعر ۾ قدرت جو چِٽ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ ايم.اي آهي. جنرلزم ۾ ڊپلوما ڪيل اٿس ۽ سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيل اٿس. ڊاڪٽوريٽ لاءِ هن جو موضوع هو:”سنڌي شعر ۾ قدرت جو چِٽ“ (Portrayal of nature in sindhi poetry). ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، گورنمينٽ ڪاليج اجمير ۾ ليڪچرار آهي. هن ڪيترائي اعزاز ۽ اَوارڊ حاصل ڪيا آهن، جن ۾ N.C.p.s.I هند سرڪار پاران ”اظهار“ تي 15000 روڪ جو نئشنل اَوارڊ، سدارنگاڻي سونو ٻلو، ڀارتيه انوواد پريشد پاران 5000 روڪ انعام، راج سنڌي اڪئڊميءَ پاران 1989، 1992، 1999 ۾ بهترين ليکڪا جو اسٽيٽ اَوارڊ ۽ سڄي ڀارت ۾ سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيل پهرين خاتون هئڻ تي 5000 روڪ انعام حاصل ڪيائين. بهترين استاد جو اسٽيٽ اَوارڊ راجستان سرڪار ۽ راج سنڌي اڪئڊميءَ کان 1989، ناري گرو کان 1998 ۽ سنڌي ڀوشن کان 1996 ۾ حاصل ڪيائين. عهدا: ميمبر:ساهتيه اڪئڊمي دهلي، راج سنڌي اڪئڊمي جئپور، صدر: مومل، چيئرپرسن:اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا. ايڊيٽر: رهاڻ، آتم درشن (سنڌي، هندي روحاني مئگزن)، رچنا وغيره. ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيءَ جا هيل تائين هندي، سنڌيءَ ۽ گجراتيءَ ۾ 26 ڪهاڻين جا ۽ درسي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سنڌي عالمن موجب قدرت دنيا جا عظيم شاعر اول پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر آهن. آمريڪا جي قومي شاعري والٽ وٽمئن جي شاعريءَ ۾ آمريڪا کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. شيڪسپيئر وٽ اِنگلئنڊ ايتريقدر آهي جو انگريز انگلئنڊ کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندا پر شيڪسپيئر کي نه. شاهه لطيف جو لفظ لفظ سنڌ ڌرتيءَ جي ڪڻ ڪڻ سان اوتيو پيو آهي. اهڙا شاعر پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ملڪ جو سمورو شان سمائي ڇڏيندا آهن. ڪنهن شاعر کي اِنساني جذبا سڌيءَ طرح پنهنجي آس پاس جي ماحول مان ئي حاصل ٿين ٿا. ڏات ۽ ڏاهپ جا سرچشما ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ مان ان جي زبان مان ئي ڦٽي سگهن ٿا. رويندر ناٿ ٽئگور انگريزي عربي اِسپيني يا فرينچ ٻولين ۾ لکي نوبل پرائيز حاصل نه ڪيو هو. سنڌي شاعريءَ سان ويڌن اِها آهي جو شاعريءَ جي اڀياس لاءِ ڪي به تنقيدي ماڻ ۽ ماپا الڳ سان قائم نه ڪيا ويا آهن. نه رڳو ايترو پر مڪمل روپ سان صحيح نموني وضاحت سان سنڌي شعر جي تاريخ به ميسر ڪونهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن به موضوع تي سنڌي عالمن جا رايا ڄاڻڻ مکڻ جي شيخ پچائڻ مثل آهي. اِنڪري شاهه لطيف جي شاعريءَ کان اڳ قدرت نسبت ڪويتا / ويچار گهٽ ملن ٿا. البت شاهه لطيف لاءِ فطرت اِئين ضروري آهي، جيئن سڄر ۽ صاف هوا ڦڦڙن لاءِ ضروري هجي. اِنڪري شاهه آڏو ڪائنات جي ڏٺل وائٺل شين جي اهميت انهن جي رواجي حيثيت کان وڌيڪ ٿيو وڃي. اِن جي علاوه قدرت متعلق ڪِن عالمن جا رايا هن ريت آهن: ليکراج عزيز لاءِ قدرت رچناڪار واسطي پريرڻا جو ذريعو آهي. ”هن قدرت جي ڪارخاني جون ڪرشمي سازيون شاعر جي احساس واري آڳ تي تيل جو ڪم ڏين ٿيون ۽ جيتريقدر شاعراڻي جذبي کي اُٿارينديون تيتريقدر باهه جو ڀنڀٽ ٻرندو. وري جهڙي باهه جي ڄِڀي هوندي تهڙو سيڪ ايندو.“ شيخ اياز ڪائنات جي گوناگون نظارن ۾ بيحد اونهو وڃي انهن کي ڪويتا ذريعي ساڀيان ڪيو آهي. هڪ ئي عنصر چنڊ لاءِ سندس ويچار هن ريت آهي: مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي؟ ان ۾ اِهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ مادي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ چون ٿا ته حسن ڪوئي دائمي قدر نه آهي، ان جي تصور ۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلي سبب ڪيترو ئي اختلاف آهي. پر مان پڇان ٿو ته اِئين ڇو آهي ته دور قديم کان وٺي اڄ تائين چنڊ کي حسين سمجهيو ويو آهي؟ اهڙو ڪوئي به دور ۽ اهڙي ڪائي به جاءِ نه آهي، جتي اِنسان چنڊ کي حسين نه سمجهيو هجي. ان ۾ اِهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ ۽ اِنسان ۾ اِهو ڇا آهي جو اُن جي حسن کان يڪدم متاثر ٿي وڃي ٿو؟ اِنهن ٻن سوالن جو جواب مون لاءِ خود شناسيءَ جو درجو رکي ٿو، ڇو ته اِن کان پوءِ ئي مان سمجهي سگهندس ته مان شاعر ڇو آهيان.“ تيرٿ وسنت پرڪرتي پريم بابا لکيو آهي: ”اڪثر ساهتڪار ته هونئن ئي پورالا ۽ سودائي ٿيندا آهن پر پرڪرتي پوڄڪ چئي کڻي بس ڪر. ڪو هنن جو خفت خفتان قلم بند ڪري ته ڄمار آڱرين جي وِٿين مان وَهي ويندس. سندن چوڄ ۽ چرٻتاريون ۽ خفت خوض کين هر دل دلعزيز بڻائن ٿا. ڀلي ڪو پنهنجي فطرت گاهه ۾ چُميون ڏيئي چاهه سان گلي لڳائين.“ کيس قدرت سان ايترو موهه آهي جو خود ئي لکي ٿو ”هونئن به هيءُ ياتري روح ڀتين، ڇتين اندر اُسريو ئي ڪونهي. ٻيو ته چريا جئن ٿڌ تيئن وڌ. ڀانيان ته گرم ڪپڙا پائي، هيٺ لهندي ٻه ٻه ڏاڪا ٽپندو، چت ۾ ڪا اڌوري تُڪ اونائيندو، گل تي سرد هوا جون ٿڦڙيون سهندو، آلي گاهه تي ٻرانگون ڀريندو، ٽينگ ڏيئي ٻارڙن جهڙو ٿي پوان.“ وري لکي ٿو ”هڪ دفعي داس باغ جي ڏياوان وڻ سان دل ٻجهي ويئي. سمجهندو هوس ته منهنجو ڪو اَبو، ڏاڏو اِهو ويس ڌاري آيو آهي. آءٌ آهيان چلتو پرزو پوٽو ۽ هو آهي کيپ کتل پتامهه. روزانو اُن جي ٿڙ کي ڀاڪر پائي، شفق جو رنگين شعاءُ ڏسندو هوس. هڪ دفعي ٻيلهه فوٽو به ڪڍايوسين جو اڄ تائين سانڍيندو اچان، ليڪن بٽواري اِهو معصوم آرو به کسي ورتو. اِن پڄاڻان ڪنهن وڻ سان يارِي رکندي ڪيٻائيندو آهيان.“ پوپٽي هيراننداڻيءَ ته اڄ اِنسان ۾ گهر ڪري ويل جسماني ڪمزورين جو سڄو ڏوهه قدرت کان دور رهڻ جي مجبوريءَ تي مڙهيو آهي. ”ويچاري قدرت! هوءَ ته اسان جي ويجهو اچڻ لاءِ وڏا وس ٿي ڪري گهڻا واجهه ٿي وجهي، ساٺ سوڻ جي روپ ۾ شڀ موقعي تي انب جا پن، مرتيو سنسڪار ۾ ڍڪڻن ۾ ڪڻڪ جا سَلا، ڌرم - وِڌيءَ ۾ تلسي ۽ ڪيوڙو، سونهن وڌائڻ ۾ گلاب ۽ موتيو، وندر ڏيڻ لاءِ برنيءَ ۾ مڇيون بڻجي پيئي لياڪا پائي، پيئي اسان ڏانهن نهاري. پر اسين ساڻس گڏ پريت رکون ئي ڪين، مترتا جوڙيو ئي ڪين، مٽي - مائٽي ڳنڍيون ئي ڪين.“ تنوير عباسيءَ جو وري چوڻ آهي ته هڪ عظيم شاعر ۽ فنڪار ڪائنات کي عام ماڻهوءَ کان ٻيءَ طرح ٿو محسوس ڪري. هو ڪائنات جي ڳوڙهي مشاهدي مان پنهنجي تيز حس سان اهڙا ته تجربا ٿو حاصل ڪري جو انهن کي عام ماڻهو هونئن ته پهچي نه سگهي، پر شاعر جي بيان جي طاقت ۽ انهن تجربن جي ٻيهر تخليق ڪرڻ جي قوت ئي آهي جيڪا عام پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي شاعر جي اها عام ماڻهوءَ لاءِ اڻ ڏٺل، اڻ ٻڌل، اڻ ڇهيل ۽ اڻ محسوس ڪيل دنيا ٿي ڏيکاري ۽ محسوس ڪرائي ۽ هو شاعر سان گڏوگڏ ان دنيا کي محسوس ڪندو ۽ ان دنيا جو مزو ماڻيندو ٿو هلي. هريش واسواڻي رچناڪار لاءِ قدرت جي اهميت کي هنن لفظن ۾ اظهار ڏئي ٿو. ”شعر جو اتهاس اِن ڳالهه جو ساکي آهي ته جي شاعر آهن، انهن انُوڀوتيءَ جي سوکيم ڏور سان پنهنجي چوگرد جي برهمانڊ کي پاڻ سان ٻڌل ڄاتو آهي، جنهن جي روپ هر بار انهن کي نئون روپ ڏنو آهي. ڪڏهن سندر جي تلاش، ڪڏهن سچ جي تلاش، ڪڏهن آنند جي تلاش. انهن کي هن جڙ، جڳت جي گوناگون وادين ۾ پئي ڀٽڪايو آهي، جتان ڪڏهن اُهي ٽيئي ڳولهي سگهبا آهن، ڪڏهن ٽيئي وڃائي سگهبا آهن، پر باوجود ان جي، انهن جي چيتنا کي وسيع سُمتيون اُتان ئي پئي مليون آهن. اِهو صحيح آهي ته هر دور ۾ قدرت ۽ ڪويتا جو رشتو ساڳيو ڪونه رهيو آهي (ان جا مختلف سبب آهن،) پر اِهو به سچ آهي ته ڪويتا جو قدرت سان رشتو ڪڏهن به مٽجڻ جهڙو نه آهي. اِهو تڏهن به نه مٽبو، جڏهن خود قدرت ڪونه رهندي (اڄوڪن ارٿن ۾). اِهو هڪ سناتن سنٻنڌ آهي، بلڪ ڪويتا جي اوچائيءَ جو هڪ ماڻ پڻ آهي.“ مٿين وصفن مان ظاهر آهي ته ڪويتا لاءِ قدرت جي اهميت هر ٻوليءَ ۾، هر ڪنهن، هر وقت پنهنجي پنهنجي نموني قبول ڪئي آهي. رواجي شخص کي قدرت ماءُ جي ممتا، پتا جو پيار ۽ دوست جي دلداري عطا ڪري، سندس خوشين ۽ اُمنگن ۾ اِضافو آڻي ٿي، سندس درد جي همراز بڻجي ڳوڙها اُگهي ٿي. ڪوي ته رواجي اِنسان کان گهڻو وڌيڪ حساس ٿئي ٿو، اِنڪري قدرت ڪويءَ ۾، سندس لوڇ کي لفظي جامو پهرائڻ ۾ ڪامياب واهڻ بڻجي ٿي. اِن سلسلي ۾ تاجل بيوس جي هنن لفظن مان پڻ اِهائي ڳالهه واضح ٿئي ٿي: ”ڌرتي، ڌرتيءَ - ڄايا ۽ ڌرتيءَ جا نظارا منهن جي لاءِ اِئين آهن، جئن اک لاءِ روشني، مڇيءَ لاءِ پاڻي يا ساڻيهه لاءِ سنڌو.“ قدرت -هڪ قاصد سائنس جي ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ واڌاري حياتيءَ جي هر کيتر ۾ بي - بيان تبديلي آڻي ڇڏي آهي. جتي اڳ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ مهينا ۽ سال لڳندا هئا، اُتي ڪلاڪن ۽ ڏينهن ۾ پهچيو وڃجي. سنچار جي ڏس ۾ به پوسٽ - آفيسون، تارگهر، ٽيليفون ايڪسچينج جيڪا افاديت عطا ڪئي آهي، ڪجهه صديون اڳ اُن جو تصور ئي ناممڪن هو، اهڙي حالت ۾ وڇوڙي جا ماريل پريمي جوڙا پرينءَ کي پيغام موڪلڻ لاءِ قدرتي عنصرن جي مدد وٺندا هئا. اِها روايت اڄ به برقرار آهي، ڇاڪاڻ ته سنچار جا ڪيترا به تِکا ذريعا چنڊ، ڪڪر يا هوا کان تکِي رفتار ۾ نه هلي سگهندا. گڏوگڏ انهن ۾ مخفيت قائم رکڻ جي به قوت آهي. نه رڳو ايترو، پر جيئن جڙتو سنسار جي ساڌنن لاءِ ڪيترن هنڌن ڪيترن قسمن جون حدبنديون مقرر آهن، تيئن هنن عنصرن جي ڪا حدبندي ڪانهي. هِي هرهنڌ قائم دائم آهن. گهٽيون، رستا، ڳوٺ، شهر، مهانگر ۽ ملڪ لتاڙي گهربل جڳهه تي بي روڪ ٽوڪ اچِي وڃِي سگهن ٿا. سائنس جيئن ته اِهو به تسليم ڪيو آهي ته اسان جا آواز وايو منڊل ۾ موجود رهن ٿا، اِنڪري قدرتي عنصرن جي قاصد روپ جِي اهميت کي اڄ به برقراريت حاصل آهي. ٻين ٻولين وانگر سنڌِي شعر ۾ پڻ قدرت جي هن روپ کي معقول جڳهه حاصل آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي: چنڊ ”چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين، مٿان اڱڻ اُڀري، پرين جي پئيج، جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.“ ڪوِي چنڊ کي ڏسي کيس اِلتجا ٿو ڪري ته مون کي منهنجي محبوب سان مِلاءِ: ”مون کي آهي من ۾، چنڊ تنهنجي بات، الله عنايت چوي، تون اڇو منهنجو رات، تن جنين تات، سي ڏسين تون ڏيکار مون.“ چنڊ ۽ تارن هٿان پرينءَ کي نياپا موڪلڻ جي روايت دلگير به نڀائي آهي: ”وڃي ڏينهن ڪيڏا وِڌا ٿي سڄڻ، هليو آءُ پيرون پڪا ٿي سڄڻ، لڪي ۽ ڇپي چنڊ تارن هٿان، سنيها سوين مون مُڪا ٿي سڄڻ.“ بادل قدرت محض پريمين جا سنديش موڪلڻ جو ئي واهڻ نه آهي، پر ملڪ مٺڙي کي سرسبز بنائڻ لاءِ به ڪوِي بادل کي مِنٿ ڪري ٿو: ”بادل برسڻ بن نه وڃج، تون ڪجهه بوندون برسائي وڃج، موڳو موڳو ملڪ پيو آ، مستي موج مچائي وڃ، ڪڇ جي ڪنوار پيلي ڌرتي، تنهنجي لڄڙي توکي پرتي، پاڻ پَسائي پياس جڳائي، تنهن کي هيئن نه سڪائي وڃ.“ ڪاليداس وانگر ڪڪر کي قاصد بڻائي ڪوِي کيس پنهنجي ساجن لاءِ هن ريت نياپو ٿو ڏئي: ”کڻي وڃ نياپو سجن ڪاڻ، ڪڪر تون مٿان ڇلي پئجانس نماڻا نيڻ کڻي چئجانس جهري ٿي تورِيءَ جندڙي هاڻ، کڻي وڃ نياپو ساجن ڪاڻ.“ ڪوِيءَ کي پنهنجي سنڌڙيءَ سان اٿاهه پيار آهي. وطن کان وِڇڙي، هو ان کي خوشحال ڏسڻ ٿو چاهي، اِنڪري هُو بادل کي سنديش ٿو ڏئي: ”اڙي بادلو! منهنجي سِنڌ تي دل کولي وسڪار ڪجو، برن، ٿرن ۽ ميدانن ۾، ٿاڌل جي ٿڌڪار ڪجو، ساوڪ مرڪي، گل ڦل مشڪن، روحاني هٻڪار ڪجو، ڪونجون ڪرڪن، ڀونئرا ڀڻڪن، پکين مٿان اُپڪار ڪجو، هرڻيون ڏاڍو ٺينگ ٽپا ڏين، مورن تي ڇمڪار ڪجو. منهنجي پياري مٺي مٽيءَ کي، ڍاٽين جو ستڪار ڪجو، باراني بوندن سان منهنجي سنڌڙيءَ جو ستڪار ڪجو.“ هوا قليچ وري اردو ۽ فارسي شاعرن وانگر هوا جي هٿان محبوب کي پيغام مُڪو آهي ته هاڻي بهار آيو آهي، مان تنهنجي اچڻ لاءِ فارون ٿو پايان ته ڪو پرينءَ جي پار جو ڪانگل هِت لات لنوي: ”ڏي صبا سئر ڪري آڻي سنيهو يار جو، من موهن منٺار دلبر دل گهرئي دلدار جو، ٿي بهاري ويئي خزان سرسبز ٿيا صحرا سڀئي، بلبل ۾ پيو گفتگو هر گهڙيءَ دلدار جو، ٿو وجهان هر وقت فارون ۽ نهاريان چوطرف، مان ڪانوَ ڪو لهين ڪانگل پرينءَ جي پار جو.“ قليچ وانگر پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ به صبا کي سنديش ڏنو آهي، پر سندس محبوبا سنڌ آهي، جنهن کي ساهه سنڀاري ٿو: ”صبا تون ساري، ڏج سلام سنڌ کي، پکا وساري، نٿو ساهه اوهان جو.“ *** صبا تون ساري، چئج عجيبن کي، ويجها وساري، ڪي اوڏا اڏجو پکڙا. *** صبا عالمن کي، تون ساري ڏج سلام، اسان کي اِنعام، سندن ئي صورت ٿي.“ ظاهر آهي ته ڪوِيءَ کي اِهو يقين آهي ته هِت وهندڙ هوا سندس مٺڙي ملڪ سنڌ ۾ به وهندي ۽ سندس تڙڦ جو بيان اُتي وڃي ڪندي. اُٺ شاهه اُٺ کي به پنهنجو همراز مڃي، کيس تاڪيد ٿو ڪري ته تون سُسِتي ڇڏي، تڪڙيون وِکون کڻي هل، جيئن رات جو ئي هلي محبوب سان ملون، مان توکي چندن کارائيندس: ”ڪرها! ڪسر ڇڏ، وِک وڌندي پاءِ، منهنجو هلڻ اُتهين، جتي جانب جاءِ، توکي چندن چاريان، ٻيو وڳ لاڻي کاءُ، ائين اُٺ! اُٺاءِ، جيئن هونديءَ رات هت مڙون. *** ڪسر ڇڏ ڪنواٽ! وِکون وجهه وڌنديون، سنئين سپرين جي، ونگي ڀانءِ م واٽ، ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ، ته هونديءَ رات هت مڙون.“ ڪانوَ ۽ ڪونج شاهه لطيف ڪانگ کي سنديش واهڪ بڻائي چيو آهي ته ڪانگل ۾ بهار ۽ مُشڪ جي خوشبوءِ آهي. هُو ڪانگل کي لالچ ٿو ڏئي ته مان تنهنجا پر سون سان مڙهائيندس. ڪانگا! مان توکي پنهنجي دل پنهنجي هٿن سان ڪوري ڪڍي ڏيان، تون چنبن سان محبوب اڳيان ان کي کاءُ، من محبوب چون ته هئڙي نموني ڪير ڪُسجي قربان ٿي آهي. اي ڪانگل! پرينءَ کي سلام ۽ نياز ڪري پيرين پئج. مان جو پيغام ڏيانءِ، سو واٽ تي وساري نه ڇڏج، ڌڻيءَ جي واسطي ساڻن ڳجهه ڳوهه ۾ ڳالهائج. جيئن چوانءِ، تيئن ڪج ته هميشه خوش هوندين: ”ڪري، ڪانگ! ڪُرنشون، پيرين پرينءَ پئيج، آءٌ جو ڏئين سنيهو، وچ مَ وِساريج، اَلله لڳ، لطيف چئي، ڳجهو ڳالهائيج، چوان تيئن چئيج، ته کِنياتا! خوش هئين.“ *** ”پرين جي پرديس ۾، تن جي ڪانگا! ڪج خبر، ته سڀ مڙهايان سونَ سين، پکي! تنهنجا پر، گهمي مٿان گهر، ڏج پارانڀا پرينءَ کي.“ *** ”ڪڍي، ڪانگا! تو ڏيان، هنيون ساڻ هٿن، وڃي کاءُ ولات ۾، اڳيان عجيبن، پرين مانَ چونَ، ته هيئن قربان ڪير ٿي.“ *** ”ڪانگل قريبن جا! اچي وائيءَ وڻ، تو ۾ بوءِ بهار جي، مشڪ کٿوري مڻ، اچي عجيبن جو، اورانگهج اڱڻ، توکي پسي تڻ، سورنئان صاف ٿئي.“ سچل پڻ ڪانگل کي قاصد بڻائي، عرض ٿو ڪريس ته سندس نينهن جا نياپا مخفي رکج، رڳو منهنجي پرينءَ کي ئي نياپو ڏج، متان امانت ۾ خيانت ڪرين: ”ڪانگا! ڪتابت، ساري سانڍج ساهه سين، اها امانت، ٻي ڪنهن عام نه آڇئين.“ شاهه ۽ سچل وانگر عزيز به ڪانگل کي قاصد مڃيو آهي، پر اڃا ڪانگل سندس محبوبن وٽان موٽيو ڪونهي، جنهنڪري ڪويءَ جو من ماندو آهي ۽ هُو ڏوراپو ٿو ڏئيس: ”ڪانگل نه قريبن جو نياپو آندو، جن لاءِ سڄي عمر رهيو من ماندو، واجهائي مران سڪ ۾، ڇُٽي جند پوي، ڪَل ناهي ڪڏهن يار ٿئي هيڪاندو.“ ڪنور ڀڳت جو ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ڪلام به مشهور آهي. نرمل جيوتاڻيءَ به ڪانگل کي پنهنجي صورتحال ٻڌائڻ جي اِلتجا ڪئي آهي: ”آڪاسا دل ڏاري، تن ۾ آ تونس تانگ من آهه پرزا پرزا، کاڌو آ عشق نانگ آڌيءَ جو ارتواتڻ، منهنجو ٿيو اُديش، محبوب کي مڃي تون، سڪ جو هي ڏج سنديش.“ موهن اداسي ۽ پرمانند پياسي به ڪانگ معرفت ماروئڙن ۽ سانگيئڙن کي نياپو موڪلين ٿا. ارجن سڪايل وري ڪانوَ کي هڪ دفعو ئي سرحد جي پار اڏامي وڃڻ لاءِ التجا ٿو ڪري ۽ کيس مٺي لوليءَ جي انعام جو آسرو ڏيئي منٿون ٿو ڪري. ڪانگل ذريعي نه رڳو محبوب کي پر وطن واسطي به ڪوِي پيغام ٿو ڏئي: ”اُڏ اي ڪانگ وڃ وطن ڏي، دم نه هڪڙو دير لڳاءِ، سِڪ منجهان جي ڏيانءِ سنيها، سي اي پانڌِي جلد پهچاءِ، اَن ٿيو ٽويا ۽ ڪاسا ٿيا برڪت سان ڀنڊار پيو ڪجهه هاريءَ جي هڙ ۾ يا هيل به ماڪڙ کي پيئي مار، جيت جڻيو ۽ ماڪڙ ماري، پوک تان جلدي جهار اُٿار.“ مارن کي ياد ڪندي مارئي بيحال آهي. هوءَ ڪانگ کي نياپو ٿي ڏئي ته منهنجي سانگيئڙن کي نياپو ڏيئي اچ: ”ڪانگل تنهنجي ڪار اڏامڻ، اڄ ته نماڻيءَ جو نياپو کڻ صاحب توکي جس ڏيندو، ڪو جهانگيئڙن جو ڏس ڏيندو وڃ موٽڻ ۾ دير نه لائج، حال دکايل ترت سڻائج، واءُ گهلي توکي گس ڏيندو، ڪو جهانگيئڙن جو ڏس ڏيندو.“ گوپين جو ڪرشن سان اٿاهه پيار آهي. هو ڪانگ کي نياپو ٿيون ڏين ته تون روئي وڃي اسان جي هيڻي حال کان ڪرشن کي واقف ڪر. ڪوي ڪونج کي به نياپو ڏئي ٿو ته اڏري وڃ اي ڪونج، پرينءَ کي ڏي ڪو وڃي پيغام ڙي. گڏيل عناصر عمومن انساني جذبن کي اظهارڻ لاءِ قدرت جو عناصر سنديش واهڪ جو ڪم ڪندو آهي، پر اها دلگير جي ڪلپنا شڪتي آهي، جو قدرت جي هڪ عناصر کي سنديش واهڪ بڻائي، مختلف عناصرن لاءِ نياپا موڪلي ٿو. مثلاً سورج پرڀاتي ڪرڻن ذريعي هيٺيان سنديش ڏئي ٿو: ”اي ڪويل جاڳ، ڪُو ڪُو ڪر وڃي تون سبز برڇن ۾، اٿي گل، ماڪ سان منهن ڌو وڃين تون ٻهڪ ٻوٽن ۾ اي بندا، بندگي ڪر، ڇا اڃا رهندي تون سپنن ۾ سڄي جڳ کي تون جاڳرتا سندو پيغام پهچائين نه ڀارت کي مگر بي غيرتي غفلت مان جاڳائين وڃڻ جي ويل ڏيئي ٿو وڃين آرام جو نياپو يا ڪاري ويس اوڍن ملڪ کي ماتام جو نياپو.“ ڪوي هوا، چنڊ، لهرن ۽ بادل کي پنهنجي دلبر لاءِ هيءُ سنديش ڏئي ٿو: ”پيغام کڻي وڃ باد - صبا، دلبر کي چئج ديدار جي لاءِ، اي چنڊ وڃي چئه چاهه منجهان، چتچور کي تون آڌار جي لاءِ، او لهرون، لالڻ کي چئجو، الفت جي ڪيل اقرار جي لاءِ او بادل پريٽم کي چئجو، آ پياسي گهايل پيار جي لاءِ.“ مارئيءَ کي پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگين جي پريت سَتائي ٿي. هوءَ ڪونجن کي ۽ هوا کي هن ريت سنديش ڏئي ٿي: ”تون نه ڪونج وڃين ٿي هوتن ڏي، اُها خبر ڏجانءِ روئي تن کي مان ته ياد ڪيان سڪ وارن کي اي تون به هوا، اِئين چئج وڃي اڄ روئندو ڏٺو چنڊ تارن کي.“ چنڊ، بادل، هوا ۽ ڪانوَ کي سڀني ٻولين ۾ قاصد بڻايو ويو آهي. پر سنڌ جي جاگرافيائي حالتن ۾ اتي اُٺ ۽ ڪونج جي خاص اهميت آهي. اِها سنڌي ڪوين جي مخصوصيت شماربي جو هنن اُٺ، ڪونج، کي ته قاصد بڻايو ئي آهي، پر دلگير ڪويل، گل کي به نياپو ڏنو آهي. قاصد جي روپ ۾ ڪانوَ، اٺ ۽ چنڊ جو گهڻي ۾ گهڻو استعمال شاهه لطيف ڪيو آهي. سچل، اياز، دلگير، وَفا، قليچ بيگ، عزيز، شاهه عنايت رِضوِي، ڪمل سرتاج، ڪلياڻ آڏواڻي، دکايل، نرمل جيوتاڻي، موهن اداسي، پرمانند پياسي، ارجن سڪايل وغيره به رچنائون لکيون آهن. فيض محمد سومرو سنڌ جا ڳهه ڳٺا (زيور) تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ شاهد آهي ته انسان ذات جو شروع کان ڳهه ڳٺي سان گهڻو تعلق رهيو آهي. عورت جو زيورن سان ڏاڍو پيار هوندو آهي. عورت ڪنهن به زماني جي هجي ۽ ڪٿي جي به هجي پر ڳهن سان دل هوندي اٿس. اوائلي زماني ۾ ”موهن جي دڙي“ جي تمدن کان اڳ به عورت جي ڳهن سان دلچسپي جي حقيقت ميسر ٿيل آهي. موهن جي دڙي واري تمدن وارين عورتن کي ته اڳئين دور کان به وڌيڪ زيورن سان پيار ۽ پائڻ جو شوق هو، جو چڱيءَ طرح ثابت ٿي چڪو آهي. انهيءَ سڀيتا جا هت آيل زيور، جي آثار قديمه جي کاتي وارن وٽ موجود آهن، انهيءَ ڳالهه تي گهڻي روشني وجهن ٿا ته ان وقت زيورن ٺاهڻ جي فن ۾ گهڻي ترقي ٿي هئي. ذڪر ڪيل سڀيتا کان اڳ جا زيور پٿرن جا هوندا هئا پر تنهن هوندي به شروعات ٿي چڪي هئي. ان وقت جي عورتن کي هڪ زيور خاص طور سان پسند هو جو عموماً پائينديون هيون. اهو ڳهه چيلهه جو ڳهه سڏبو هو، جو ننڍڙن گول پٿرن مان ٺهيل هوندو هو، اڄ ڪلهه جو ڪمر پٽو ان ڳهه سان مشابهت رکي ٿو. سون مان ڳچيءَ جو هار به وڏن مذهبي گهراڻن ۾ ٺهڻ شروع ٿيو هو. عام طور سان ڳچيءَ جو هار به هڪ چمڪندڙ ڌاتوءَ مان ٺاهيو ويندو هو. ڪنن لاءِ ننڍڙي قسم جي پنڙن ۽ آڱرين لاءِ مُنڍن جو انهيءَ وقت به عام رواج هو. سنڌ جي تمدن ۾ بيشمار زيورن جو وقت بوقت بيان ٿيل آهي. هن وقت گهڻو ڪري ڳچي، نڪ، ڪن، مٿي، چيلهه، پيرن وغيره جي زيورن جو رواج آهي. ڪنوار لاءِ جديد ٽِڪو گهڻو ڪري سون جو ٺهندو آهي، جو امير ۽ پڙهيل خاندان ۾ ٽِڪي جو عام رواج آهي. اهو ننڍڙو گول هلڪو زيور پيشانيءَ تي سينڌ جي سامهون پايو ويندو آهي، جنهن کي هڪ سنهي سهڻي ڌاڳي سان جن ۾ موتي پوتل هوندا آهن، مٿي جي پٺيان ٻڌو ويندو آهي. ڪڏهن هن جي گولائي اڌ انچ کان مٿي نه ٿيندي آهي. اڄ ڪلهه تاري جي شڪل ۾ ٺهڻ جو رواج آهي. غريب ماڻهو ننڍڙن ڪوڙن موتين مان ٺاهيندا آهن. وڏن گهراڻن ۽ جاگيردارن ۾ اهو سچن هيرن مان ٺاهيو ويندو آهي. ڪنن لاءِ ته گهڻائي زيور آهن، جن مان واليون، پنڙا، جهامٽيون ۽ والا بيان جي لائق آهن. انهن مان جهامٽيون يا ڪنن جو گل گهڻو استعمال ۾ اچي ٿو. اهو زيور هميشه چانديءَ مان ٺاهيو ويندو آهي. جهامٽين ۾ ننڍڙن گول شڪل جي گولين جو سنهڙي چانديءَ جي زنجيرن سان انچ جي چوٿين حصي جي وٿيءَ تي لڙڪڻ ڪري هڪ قسم جو هلڪو هلڪو هلڻ سان آواز نڪرندو آهي جنهن جو ڪنوار جي شخصيت کي ڪشش سان ڀرپور ڏيکارڻ ۾ حصو هوندو آهي. جهامٽيون ڪنن جي سوراخن ۾ پايون وينديون آهن يا ته چانديءَ جي زنجير ۾ اٽڪيل هونديون آهن جو زنجير ڪنن جي مٿان وريل هوندو آهي. انهيءَ زنجير جي ڪنن جي مٿان ورائڻ ۾ ڪنن جي پاپڙين تي بار نه وجهڻ جو راز رکيل آهي. اهو ياد رهي ته عورت جو حسن هر هڪ ڳالهه جي خيال رکڻ سان پائدار رکي سگهجي ٿو. سنڌي زيورن ۾ ڳچيءَ جو زيور گهڻي ۾ گهڻو قيمتي آهي. دهريءَ جو هرهڪ سنڌي عورت کي پائڻ جو شوق آهي. ياد رهي ته دهري هميشه سون مان ٺهندي آهي. ٽن کان ستن لڙين جي ٺهيل هوندي آهي. هن جي شڪل چنڊ وانگر هوندي آهي، دهريءَ جي هرهڪ لڙيءَ ۾ سون مان ٺهيل گول موتي پوتل هوندا آهن. نڪ جي زيورن ۾ نٿ ۽ بولو پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اهي ٻئي ڳهه سون جا ٺهيل هوندا آهن. نٿ بولي کان وڏي هوندي آهي، جا شڪل ۾ گول هوندي آهي. بولو شڪل ۾ چنڊ وانگر هوندو آهي. اهي ٻئي زيور نڪ ۾ سوراخ ڪري پاتا ويندا آهن. نڪ ۾ سوراخ ڪرڻ جو رواج سنڌ ۾ عام آهي. ننڍڙي عمر ۾ ڇوڪرين جي نڪ ۽ ڪنن کي سوراخ ڪڍيا ويندا آهن ۽ سنڌي عورتن کي انهن ٻنهي زيورن جو پڻ گهڻو شوق هوندو آهي. ياد رهي ته سماٽ قوم گهڻو ڪري نٿ يا بولو نه پائيندي آهي. سما ۽ سومرا خاندان اڄ به پنهنجي عورتن کي نٿ ۽ بولو نه پائڻ ڏيندا آهن. اها هنن ۾ هڪ قسم جي سؤءَ آهي، جا سومرن حاڪمن جي شهيد ٿيڻ سان تعلق رکي ٿي. نٿ جو سوسائٽيءَ جي هڪ حصي جي عورتن جي عصمت سان پڻ تعلق آهي، جنهن جو ذڪر وڌيڪ ذڪر نه ڪرڻ سان ئي ڪري سگهجي ٿو. بينسر هڪ ٻيو نڪ جو زيور آهي جنهن جو سنڌي عورتون پنهنجي خوشيءَ جي موقعن تي ڳيچن ۾ ذڪر ڪنديون آهن. ڳچيءَ جو ٻيو زيور ڪٺمال آهي جنهن کي ڳچيءَ جو وڏو هار به چئي سگهجي ٿو. اهو زيور پڻ هميشه چانديءَ مان ٺاهيو ويندو آهي ۽ مائرون پنهنجي ڪٺمال پنهنجي نُنهن لاءِ رکنديون آهن جنهن کي پٽ جي آس (شادي) سان شامل ڪيو وڃي ٿو. ڪٺمال کان پوءِ هن جو ذڪر ضروري آهي. اهو پڻ چانديءَ مان ٺهيل هوندو آهي. ياد رهي ته هس زيورن ۾ ڳري ۾ ڳرو زيور آهي. سندس شڪل چنڊ جهڙي هوندي آهي. مِيرن پِيرن ۽ جاگيردارن ۾ هن وقت نئين نموني جي ڳچيءَ جي زيورن جو رواج آهي، اهو رواج حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو ۽ سکر ضلعي جي قبائلي ۽ ٽالپر خاندان ۾ به اچي چڪو آهي. پڙهيل ۽ سڌريل خاندانن ۾ پڻ نئين قسم جي ڳچيءَ جي هارن جو رواج شروع ٿي ويو آهي. تنهن هوندي به ڪن سجاده نشينن ۽ پراڻي خيال وارن ۽ زياده مذهبي قسم جي ماڻهن ۾ اڃا تائين پراڻي ڳچيءَ جي زيورن جو رواج قائم آهي. اهڙن ڪن خاندانن ۾ اڳين پيڙهين جا زيور اڃا تائين وڏن جي نشاني جي خيال کان پاڻ وٽ محفوظ آهن جن کي هو ڪنهن به قيمت تي الڳ ڪرڻ نٿا چاهين. ليلان چنيسر جي داستان ۾ نولکي هار تي ڪيئن ليلان پنهنجو ايمان هاري وڌو، سو هر ڪنهن سنڌيءَ کي ياد هوندو. حقيقت ۾ زيور عورت جي هڪ وڏي ڪمزوري پڻ آهي. ٻانهن ۾ پائڻ وارن ڳهن ۾ اڄ ڪلهه پاڪستان جي ٻين ماڻهن وانگر بازو بند جو رواج سنڌ جي عورتن ۾ به گهڻو مروج ٿي ويو آهي. هي هڪ جهجهي قسم جو ڳوڙهو ڳهه آهي، جو هٿ جي مٿئين ڀاڱي تي آڱرين جي ٻپڃن ۽ ٻانهن جي ڪرائيءَ واري حصي تائين پايو وڃي ٿو. هي ٻاهريون ڳهه آهي، جنهن هن وقت سنڌي ڳهن ۾ پنهنجو وجود پوريءَ طرح سمائي ڇڏيو آهي. هن ۾ اڌ گول مڻين جي شڪل جا سونا يا چانديءَ جا مڻيا پوتل آهن، جي وري هلڪين سونين زنجيرن ۾ ڦاٿل آهن، جي ڪارائي ۽ هٿ جي مٿئين حصي کان وٺي آڱرين جي ڇيڙن واري حصي کي نهايت سهڻو ڪن ٿا. هن ڳهه جي ڇيڙن تي خوبصورت ريشمي ڌاڳا هوندا آهن جن سان هو ٻانهن سان ٻڌبا آهن. هن قسم جو زيور اهڙن خاندانن ۾ شروع ٿي ويو آهي جن ٻين تمدن ۽ تهذيبن کان ڪجهه حاصل ڪيو آهي يا انهن کي پنهنجي تمدن ۾ جاءِ ڏيڻ مناسب سمجهيو آهي. پاڪستان جي وجود کان اڳ پونچي جا هميشه سون جي ٺهندي آهي، ڪجهه وقت سنڌي زيورن ۾ شامل هئي. هيءَ هڪ قسم جي واچ جي پٽي وانگر چئجي ته مناسب آهي. ٻانهن جي ڪارائيءَ ۾ پائي ويندي آهي. هندو عورتون ۽ مرد گهڻو ڪري هي زيور پائيندا هئا. هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ هيءَ ويچاري پاڻ سنڌ جي زيورن جي دنيا مان لڏي وئي آهي. اهڙي ئي قسم جو هڪڙو ڳهه ڪجهه وقت لاءِ ڪن خاندانن ڳچيءَ لاءِ تيار ڪرائي استعمال ڪيو، پر اهو گهڻو وقت نه هليو ۽ خودبخود گم ٿي ويو. ٻانهن جي زيورن مان چوڙيون سنڌ جي ڳهن ۾ خاص حيثيت رکن ٿيون. چوڙين تي سونارا پنهنجي فن جو پورو پورو مظاهرو ڪندا آهن. ڏاڍو شانائتو ڳهه آهي. عورت ته چوڙيون ضرور پائيندي آهي انهيءَ مان هوءَ اها ڳالهه به ظاهر ڪري ٿي، ته سندس گهوٽ زنده آهي ۽ هوءَ ڀاڳ واري آهي. قدرت جي سڏ تي جڏهين ڪنهن عورت جو مڙس لبيڪ چوندو آهي ته هوءَ پنهنجي چوڙين کي انهيءَ وقت ڀڃي ڇڏيندي آهي. اهو رواج پاڪستان جي ٻين ڀاڱن ۾ پڻ موجود آهي. چوڙين جا گهڻا ئي قسم آهن ڪي گول، ڪي اٺڪنڊيون، ڪي ساديون ته ڪي وري چٽن واريون. هاڻي ته رنگارنگي چوڙيون به ميدان ۾ اچي ويون آهن. وڏن گهراڻن ۾ چوڙين ۾ هيرا به لڳايا وڃن ٿا. پر عام طرح سان ڏٺو ويو آهي ته هر ڪا عورت شيشي جي چوڙين کي وڌيڪ پسند ٿي ڪري. ڪڙيون، جي گهڻو ڪري چانديءَ جون ٺهيل هونديون آهن، سنڌي عورتن جي پيرن جو عام زيور آهن. ٻهراڙيءَ جي عورتن کي ته خاص شوق هوندو آهي. ڪٿي ڪٿي انهن ڪڙين ۾ گول گول مڻين جي شڪل جا چانديءَ جا مڻيا هيٺين حصي تي لڳايل هوندا آهن، جن جو وک وجهڻ سان سٻاجهو آواز نڪرندو آهي، ۽ پري کان آواز ٻڌي، محسوس ڪري سگهبو ته سنڌ جي ڪا سگهڙ پئي وڃي. ڪڙيون انهيءَ لاءِ پايون وينديون آهن ته پيرن جي سوڀيا وڌيڪ اثر واري ٿئي. ياد رهي ته ڪڙين پائڻ واري عورت کي انهيءَ زيور پائڻ جي خوشي تڏهن حاصل ٿئي ٿي، جڏهن سندس جيڏيون ڪڙين کي ڏسي پيرن جي نزاڪت جي تعريف ڪن ٿيون. اها حقيقت عورت جي متعلق آهي، ۽ هوءَ انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ سمجهي سگهي ٿي. سنڌ جي تمدني تاريخ ۾ زيورن جو خاص ذڪر آهي سنڌي تهذيب کي اوائلي ڳهن حاصل ٿيڻ ڪري، سڀ کان پراڻي تهذيب چئي سگهجي ٿو. ڪيترن مصنفن، مشاقن، شاعرن ۽ سفيرن سنڌ جي زيورن کي محبت جي داستانن جي مرڪزي چيز بڻايو آهي. منڊين جو خاص طرح محبت جي داستانن ۾ ذڪر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪٺمال جي پڻ محبت جي داستانن ساڻ صحبت رهي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي لاثاني شعرن ۾ سنڌ جي ”عمر مارئي“ ”سهڻي ميهار“ ۽ ”سسئي پنهونءَ“ جي محبت جي داستانن جو ذڪر ڪندي سنڌ جي ڪن خاص زيورن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن حقيقت تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ جدا مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. سنڌي عورتون ٻين پاڪستاني عورتن وانگر موقعي ۽ نزاڪت جي خيال کان ڳهه پائينديون آهن. هرهڪ ڳهه لاءِ پائڻ جو وقت مقرر ڪيل هوندو آهي. پر ڪي اهڙا ڳهه آهن، جن جو پائڻ روزانه پائڻ واري فهرست ۾ اچي وڃي ٿو، مثلاً منڊيون، پر منڊين جو عام طور استعمال ڪنهن خاص عدد تائين محدود هوندو آهي. اصلي پراڻي نموني واريون وڏيون چانديءَ ۽ ميناڪاريءَ واري ڪم واريون منڊيون اڃا تائين سنڌ جي پراڻن خيالن وارن خاندانن ۾ ۽ ڪن ڪن هنڌ پاتيون وڃن ٿيون. ٿرپارڪر ضلعي جي، ڏيپلي، ڇاڇري، مٺي ۽ حيدرآباد ضلعي جي بدين، ماتلي ۽ ٺٽي ضلعي جي سجاول، جاتي تعلقه وارين ايراضين ۾ سمن سومرن، شورن ۽ ڪن آسوده بجير خاندانن ۾ انهن منڊين جو اڃا تائين استعمال ٿئي ٿو. البت اتر سنڌ ۽ وچولي علائقي يعني نوابشاهه ضلعي ۽ سانگهڙ ضلعي جي ڪن ڀاڱن ۾ انهن منڊين جو استعمال بلڪل ختم ٿي چڪو آهي. چانديءَ جون منڊيون انهن سڀني اراضين ۾ استعمال ٿين ٿيون، پر پڙهيل ۽ نئين خيالن وارن خاندانن ۾ چانديءَ جي منڊين جو استعمال بلڪل بند ٿي چڪو آهي، جتي ڪٿي سون جون منڊيون پاتيون وڃن ٿيون، جن تي گهڻئي نمونن جو ڪم ٿيل ڏسجي ٿو، جيتوڻيڪ حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص جا سونارا ڪوشش ڪري سون جون منڊيون خاص شهري نموني جون ٺاهيندا آهن، پر اڃا تائين ڪراچي جهڙي سونارن جي ڪم کي پڄي نه سگهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو آسوده ۽ پڙهيل ترقي پسند خاندان شادي مراديءَ تي پنهنجي نياڻين لاءِ سهاڳ جا ڳهه ڪراچيءَ مان اچي ٺهرائيندا آهن. اها ڳالهه اڃا تائين شايد سندن ذهن نشين نه ٿي آهي ته سنڌ جا سونارا کڻي ايترو سٺو ڪم نه ڪندا هوندا، پر اهي سون ۾ ايتري قدر کوٽ ڪونه ملائيندا آهن جيتري قدر ڪراچيءَ جا ڪي وڏن دڪانن وارا ملائيندا آهن. سهاڳ جون منڊيون شاديءَ کان پوءِ ڪنوار گهڻي وقت تائين اهي خاص عدد منڊيون پنهنجي هٿن ۾ پائيندي رهندي آهي. گهر جون وڏيون بزرگ عورتون جيڪڏهن ڪنوار جي هٿ تان اهي سهاڳ واريون منڊيون اتفاق سان لٿل ڏسنديون آهن ته دل ۾ ڏاڍو خيال ٿيندو اٿن ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ڪنوار کي سمجهائي اهي منڊيون پارائي ڇڏينديون آهن. اهڙين منڊين جو گم ٿي وڃڻ پڻ هڪڙو بدسوڻ سمجهيو ويندو آهي. گهر جون وڏيون ڏاڍو افسوس ڪنديون آهن ۽ وقت بوقت سس پنهنجي ننهن کي سمجهائيندي رهندي آهي ته هو اهي منڊيون هٿن تان نه لاهي ۽ خوشيءَ جهڙي موقعي تي ضرور پائي ٻاهر نڪرن ۽ شادي وغيره ۾ شريڪ ٿين ته اهي منڊيون سندن نازڪ هٿن تي زينت ڪري سندن سهاڳ جي راز تي روشني وجهنديون رهن. ٻانهين يا چانديءَ جي چوڙي جو گهڻي قدر استعمال سڄي سنڌ ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ عورتن جي نازڪ ٻانهن تي شيشي جي چوڙين قبضو ڪيو آهي. چانديءَ جي ٻانهين هن وقت فقط ڪنهن خاص ڳوٺ جي رهاڪن ۾ ملي سگهي ٿي. سماٽن ۾ ٻانهين پائڻ جو رواج تمام گهڻو آهي جو اڃا تائين هليو اچي ٿو. نوابشاهه، سانگهڙ، جيڪب آباد ۽ دادو ضلعي وارين ايراضين ۾ ٻانهين جو استعمال اڃا تائين آهي، پر ڏينهون ڏينهن گهٽبو ٿو وڃي. وچولي خاندانن ۾ ٻانهين عاج جي پائي وڃي ٿي. هندو عورتون، جن جو انگريزي تعليم سان ڪو خاص واسطو نه رهيو آهي، عاج جون ٻانهيون پائينديون آهن. گهڻو ڪري اهي هندو عورتون، جن جو اڳوڻي زماني کان مسلمان خاندانن ۾ ميل ميلاپ ۽ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو آهي، ٻانهين پائيندي ڏٺيون ويون آهن. اهي هندو عورتون اڃا تائين پردو ڪنديون آهن، هڪ سفيد چادر ڍڪينديون آهن ۽ فقط هڪ اک کولينديون آهن، باقي سڀ بدن چادر سان پردي ۾ ڍڪيل هوندو اٿن. اهو ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ ڏٺو آهي، جو پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ به رواج هلندو اچي ٿو. اهڙين هندن عورتن جا ڳهه به گهڻي قدر مسلمان عورتن جي ڳهن وانگر هوندا آهن. ڪي خاص هندو خاندان، جي اڃا تائين مسلمان (جاگيردارن، زميندارن يا وڏيرن) وٽ منشي وغيره جي حيثيت ۾ ڪم ڪن ٿا، انهن جي عورتن جا ڳهه بلڪل مسلمان عورتن جي ڳهن وانگر آهن، فقط هڪڙو ڳهه هندو عورتون، مسلمان عورتن کان وڌيڪ استعمال ڪنديون آهن، اهو آهي بولو. هندو عورت غريب يا شاهوڪار بولو ضرور پائيندي آهي، پر انگريزي تعليم جي اثر گهڻين ترقي پسند هندن مان اهو ڳهه، ڳهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. بولي پائڻ جو رواج سنڌي مسلمان عورتن ۾ اڃا تائين آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته ٻيا ڳهه وقت بوقت پنهنجي شڪل بدلائيندا رهن ٿا يعني سونارن جي ڪاريگري جي ڪري سندن نقش وغيره ۾ به ڦيرڦار ٿيندي رهي آهي، پر بولو جيئن شروع ۾ هو، اڃا تائين انهيءَ شڪل ۾ ئي ٺهندو اچي ٿو. بولو هميشه سون جو ٺهندو آهي. دهريءَ وانگر بولو پڻ فقط سون مان ٺاهيو وڃي ٿو. بولي جو ننڍيءَ عمر وارين ڪنوارين ڇوڪرين جي چهري تي نمايان اثر ڏٺو ويو آهي. سندن سونهن سوڀيا وڌيڪ سٻاجهي ٿي پوندي آهي، پر هن ڳهه سان هڪ بي انصافي آهي جو سماٽن ۾ ڪي قبيلا بولو ڪونه پائيندا آهن، جهڙوڪ سما ۽ سومرا (جنهن جو سبب اڳئين قسط ۾ نٿ جي ذڪر ۾ ڏنل آهي). ڇلو، منڊين وانگر سنڌي عورتن ۾ ڏاڍو مقبول آهي. ڇلي جو تعلق فقط عورتن سان نه، پر مردن سان پڻ آهي. اڃا تائين سنڌي مرد، گهڻو ڪري ملهه وڙهندڙ، اُٺ هلائيندڙ ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن وارا وڏيرا ڇلو هٿن جي آڱرين چيچ ۽ ٻاچ ۾ پائيندا آهن. ڇلي جو محبت جي داستانن ۾ به گهڻو ذڪر ڪيو ويو آهي. شاديءَ کان اڳ ۾ پاڪيزه خيالات جو اظهار (جنهن کي محبت ئي کڻي چئجي) ڇلي ڏيڻ سان شروع ڪيو ويندو آهي. اهو ڇلو مرد ڏئي يا عورت، پر اهڙي قسم جي خيال يا خبر فقط انهيءَ جوڙي تائين محدود هوندي آهي. انسان ذات جو محبت سان روز ازل کان واسطو رهيو آهي. سنڌ جي عورتن ۽ مردن تي پڻ انهيءَ جذبي جو اثر، ٻين قومن جي فردن وانگر ٿيندو رهيو آهي. حقيقت ۾ اهو انسان، جنهن ۾ محبت جو جذبو نه آهي، حيوان جي برابر آهي. دنيا جو هي وڏو سلسلو اڃا تائين هلندو پيو اچي، جنهن کي هزارين سال ٿي ويا آهن، جنهن ۾ محبت جو جذبو هڪ مرڪزي زيور آهي، جنهن جي حاصل ٿيڻ کان سواءِ دنيا پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا وڃائي ويٺي آهي. (”نئين زندگي“ رسالي تان کنيل) آتم ڪٿا قسط ”2“ رتنا گوديا ”رولاڪ“ پيڙا جو پڙلاءُ امان شانت هئي. سڀڪجهه ٻُڌي ڪري به هن جي سوچ هئي ته اُهو طوفان عارضي آهي. اڄ نه سڀان هليو ويندو. مٿان عرب شاهه جو آٿت ته اسان پهريائين پنهنجو سِر ڏينداسين، پوءِ ئي توهان وٽ ڪوئي پهچي سگهندو. اڃا ته هتي ڪوئي ڌاريو اچڻ جي همٿ نه ڪندو. پر ميٺا رام اچي چيو، ”رُڪمڻي، حالتون سٺيون نه آهن. مان ٽڪيٽن لاءِ ماڻهو موڪليانءِ ٿو، اڳو پوءِ تنهنجون به گهُرائي وٺان.“ امان چيو، ”ميٺارام، تون اُٻهرو ٿي رهيو آهين. عرب شاهه وڃڻ ڪين ڏيندو. ٻيو هتي ڪي غريب هاري ناري ۽ ٻيا ويٺا آهن، اُنهن جو ڇا ٿيندو؟ هتي ڪو ٻيو اهڙو آهي ڇا جو اُنهن جو علاج ڪري؟ ائين هنن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيون، اهو ٺيڪ نه آهي. پر به هيءُ اسان جو ملڪ آهي، اسان ڇو وڃون هتان؟“ ميٺارام وراڻيو، ”اسان به توکي اڪيلو ڇڏڻ نه ٿا چاهيون، پر مجبور آهيون.“ ”ڪالهه به عرب شاهه اچي هٿ پير جوڙيا ته نه وڃو، حالتون اڻايون سڻايون ٿي وينديون. پر ڪالهه جيڪي ڪراچيءَ ۾ فساد ٿيا آهن، اُنهن ڏڪائي ڇڏيو آهي. ساهرا به هندستان هليا ويا آهن. ٻار ننڍا آهن سو اسان رهي نه سگهنداسين. ها، حالتون ٺيڪ ٿيندي موٽي اينداسين. تون ٻڌاءِ هاڻ ڳوٺ ۾ گهڻا گهر آهن؟ هڪ پتليءَ جو گهر. هن جي جوان ڌيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوئي نه آهي. چئي ٿي، ڪيڏانهن وينديس؟ مان هتي مرنديس، هتي جيئنديس. جيڪو هوندو ڌيءَ جو ڀاڳ. سو ڪٿي به بدلي نه سگهنديس.“ چئي هُو ناراض ٿي هليو ويو. ٿورن ڏينهن ۾ بهار جا مسلمان ڳوٺ ۾ پهچي ويا، جو هنن کي ڪي جايون الاٽ ٿي مليون هيون. پاڙي ۾ اهڙن ماڻهن کي ڏِسِي، نانيءَ جو غصو امان تي اچي پيو. چي، ”رُڪي، تون سمجهه کان ڪم وٺ. پنهنجي ڌيءَ جو اُٺ جيڏو ڏَيل ڏٺو اٿيئي؟ ڳوٺ وارا ته هن کي ڌيءَ سمجهي ويٺا آهن پر هنن ڌارين جي اکين ۾ مرچ ته نه وجهندينءَ؟ ايندي ويندي پيا ليئا پائيندا.“ پوءِ پنهنجي ناٺيءَ ڏي نهاري چيائين، ”تنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟ جي هتي رهڻو اٿَوَ ته مان ٻار وٺي ٿي وڃان پُٽ وٽ.“ بابا چيو، ”نه مان به هاڻ نه ٿو چاهيان ته اسين هتي رهون. توهان تياري ڪريو. مان حيدرآباد وڃي ٽڪيٽون وٺي ٿو اچان. منهنجا سڀ مائٽ هندستان پهچي چڪا آهن.“ ائين اسين وڃڻ لاءِ تيار ٿي وياسين، رڳو ڪپڙا کڻي، باقي سامان ڪٻٽن ۾ بند ڪري رکيوسين. ٽڪيٽون اچي ويئون. وڃڻ واري ڏينهن صبوح ساڻ ئي ماڻهن جو اچڻ شروع ٿي ويو. امان صبوح جو ئي عرب شاهه کان موڪلائڻ ويئي هئي. هن جي ايندي ئي ماڻهو پيرن ۾ اچي ڪريس. ڪن پڳڙيون لاهي اڳيان رکيس. سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. امان ڀريل من سان هنن کي چيو، ”مان هميشه لاءِ ٿورو ئي وڃي رهي آهيان. مهيني ٻن ۾ ٺاپر ٿيندي، اچي پنهنجو گهر وسائينديس. تيستائين توهان سنڀال ڪجو.“ اسٽيشن تي به گهڻيئي ماڻهو هئا. عرب شاهه پنهنجن ماڻهن سان گڏ اسان سان هلڻو هو. منهنجي آيا مراديءَ ڀاڪر پائي پار ڪڍي چيو، ”خدا انهن کي نرڳ جي باهه ۾ وجهندو، جن اسان جا ٻچا اسان کان وڇوڙيا آهن. الله، هنن تي قهر ڇو نه وسايئُه؟ شال اُهي به ٻچن جو منهن ڏسڻ لاءِ سڪندا رهندا.“ مون کي روئڻ اچي ويو. گاڏيءَ سيٽي هنئي، سڀ وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺا. مان به اندر اچي پنهنجو ڀنڊارو کڻي مراديءَ کي ڏيئي چيو ته، ”هن مان تون پنهنجي لاءِ ۽ فاطمه لاءِ سٺو اجرڪ وٺج. مان واپس اچِي توکي پاتل ڏسنديس.“ بابا ٻانهن کان پڪڙي اندر ڪيو. گاڏيءَ جي هلڻ جي گهوگاٽ ۽ دونهين ۾ سڀني جا بُت ڌنڌلا نظر آيا. اسان اچي حيدرآباد ۾ لٿاسين. ٻئي ڏينهن صبوح جو اسان جي گاڏِي هئي. سڄي رات ڪنهن به ننڊ ڪانه ڪئي. عرب شاهه بندوق جهليو، پنهنجن ماڻهن سان چُپ چاپ ويٺو رهيو. ڪالهه حيدرآباد ۾ به فساد ٿيا هئا. پر بندوق ڏسي ڪنهن کي به اسان وٽ اچڻ جي همٿ نه ٿي. صبوح جو اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، پر اسٽيشن تي هزارين ماڻهو هئا، ڄڻ سڄي سنڌ جا ماڻهو هڪ وقت اچي ڪٺا ٿيا آهن. ڪومايل منهن، وڌيل ڏاڙهي، زالن جا ڍڪيل شَرير، اکڙيون ڪڍي، ٻارن کي ڪڇ ۾ کنيو پئي هليون. هو سڀ مؤت کان ڀڄڻ لاءِ هتي آيا هئا. جي ڪو اُن ڊُڪ ڊوڙ ۾ ڪري ٿي پيو ته لتن سان لتاڙجي چيڀاٽجي مؤت وٽ وڃي پيو پهچندو. اسان سان اهڙو ڪجهه به نه ٿيو. بندوق جي ڳن تي سڀ ماڻهو پرتي ٿيندا ٿي ويا. گاڏيءَ ۾ به اسان جي جاءِ ڳوٺ جا ماڻهو والاري ويٺا هئا. اسان کي سؤلو وهاري، هو روئندا هيٺ لٿا. هي ريل جو دٻو نه هو، ماڻهن سان ڀريل گودام هو. هڪٻئي جي مٿان سٿيل سامان ۽ اُن جي مٿان ويٺل ماڻهو، جن کي هيٺ جاءِ نه ملي، سي باندرن جيان ريل جي مٿان وڃي ويٺا، مؤت کان بچڻ لاءِ مؤت جي منهن ۾ وڃي ويٺا! جي بچي ويا، سي بچي ويا، جي ڪري پيا تن کي آٿت هو ته اسان بچڻ جي پهل ته ڪئي، پر ڀاڳ! اندر سڀ خاموش هئا. ٿي سگهي ٿو ته سڀني کي اسان جيان خيال ستائيندو هوندو ته ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪيڏانهن وڃبو؟ هتان بچي به سگهنداسين يا نه؟ پنهنجي ڳوٺ وري اينداسين يا نه؟ اهڙا گهڻيئي سوال هئا سڀني جي اندر ۾، پر جواب ڪنهن وٽ به ڪونه هو. ڪنهن جي ڪرڻ جي ڪِيڪ تي ڇرڪ ٿي ڀريائون، پوءِ اکيون بند ڪري اُن اڀاڳي انسان جي آتما جي شانتيءَ لاءِ پرارٿنا پئي ڪيائون. ماڙوار تي گاڏي بيٺي ته ماڻهن جو صبر ٽُٽي پيو، هڪٻئي کي ڌڪا ڏيئي ڪرندا ٿاٻڙندا هيٺ پئي لٿا. چَون متان گاڏي واپس نه مؤت جي در تي وٺي وڃي. بابا چُپ رهڻ جو اشارو ڪري، خاموش ويٺو رهيو. سڀني کان پوءِ اسان لٿاسين. ماڻهو بيٺا هئا جن اسان کي وٺي وڃي هڪ ميدان تي لڳل تنبن ۾ رهايو. هيٺان ريتيءَ تي پال وڇايل هو جو به پيرن ۾ لتاڙجي ريتيءَ جيان ئي پئي لڳو. پُوريون ۽ چانهه ڏيئي ويا. پُوريون ته ڪنهن به نه کاڌيون، چانهه اسان پيتي، کاڌو ڏسي دل نه هوندي به نانيءَ هٿ جوڙي گراهي وات ۾ وڌي، پر منٽ ۾ ٻاهر وڃي ٿُو ٿُو ڪري آئي. چيائين، ”لوڻ بدران ريتي وڌي اٿن.“ پوءِ هڪ دٻو کولي، لولو ۽ بيسڻِي ڪڍي سڀني کي کائڻ لاءِ ڏيندي چيائين، ”حال ته ٽن چئن ڏينهن جو کاڌو آهي. پوءِ ڪٿي نه ڪٿي بندوبست ٿي ويندو.“ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي چيائين، ”اهڙو کاڌو اسان ڍورن کي به نه کارائيندا هئاسين.“ گرمي به گرمي هئي. ٻاهر کُلِي هوا ۾ چادر وڇائي وڃي ليٽياسين پر ننڊ اصل ڪنهن کي به نه آئي. مان تارن سان ڀريل آسمان ڏسي خوش هئس. رکي رکي ريتيءَ گاڏڙ هوا جو جهوٽو پئي آيو. اُڀ ڏانهن نهاريندي نهاريندي ڪهڙي وقت ننڊ آئي، خبر ئي نه رهي. اسان ٽي ڏينهن اُتي رهياسين. اجمير ۾ به فساد ٿيا هئا ته سرڪار رستو بند ڪيو هو. ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟ گهڻي رش هئڻ ڪري سرڪار ماڻهن کي اتان ڪڍي جئپور ۽ ٻين هنڌ ڪئمپن ۾ پئي موڪليو. اسان کان به پڇيو ويو پر امان چيو ته رستا کُلن ته اسين پنهنجو بندوبست پاڻ ڪنداسين. بابا چيو، ”توهان کي ڪٿي ٿانئيڪو ڪري مان ٻاريمر ويندس. ڀاءُ لکيو آهي ته مون سان اچي ڪم ڪر. جي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿيو ته راتورات وڃي حيدرآباد پهچنداسين. خبر ملي ته ميٺارام آگري ۾ آهي. ايتري ۾ هڪ ڳوٺائي گڏجي ويو. امان کي ڏسي وڌي قرب مان ڀاڪر پائي چيائين، ”ادي، توهان هتي؟“ امان چيو، ”اجمير وڃڻو آهي، رستا بند آهن. کُلندا ته اُتي وينديس. ٻڌو اٿم ته اُتي گهڻيئي سنڌي آهن.“ هُن کلندي چيو، ”ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جو منهن ڏسي گهران نڪتو آهيان. توهان جو درشن ٿيو آهي. هلو هلو، هاڻي ئي هلو. شام جو گاڏي آهي. مان آهيان ٽِي.سِي. ڪير توهان کان ٽڪيٽ لاءِ پڇندو به نه. ادي، ائين ته منهنجو رعب آهي.“ ائين بنا ٽڪيٽ جي اچي اجمير پهتاسين. رستي تي ٻڌايائين ته حال ننڍي روم ۾ رهيا پيا آهيون. هفتي کن ۾ سرڪاري جاءِ ملي ويندي. جوءِ جو وقت به ڀريل آهي. توکي ڏسي جان ۾ جان آئي آهي. هن جي گهر ٻه ٽي ڪلاڪ ويٺاسين. تنهن وچ ۾ اسان جو کجور جي چؤنڪ ۾ هڪ جاءِ جو بندوبست ڪري آيو، سؤ رپيا ڀاڙو. مالڪ گهنشام کي به ساڻ وٺي آيو. جاءِ ڏسي خوش ٿياسين. پهرئين ماڙيءَ تي چار ڪمرا، ٻئي تي هڪ تمام وڏو هال، کليل پهاڙن جي بلڪل سامهون هو. مون لڪيءَ ۾ پهاڙ ڏٺا هئا، جي ٽيڙا ميڙا ڄڻ اجهو اسان جي مٿان ڪرندا، پر سامهون پهاڙ جي چوٽيءَ تي به ٿورو سائو گاهه هو. باٿ روم ۽ رنڌڻو هو. بس، هڪ ڳالهه سٺي نه هئي، ڪاڪوس. امان چيو گهر اندر آهي، اُها نعمت سمجهه. هيٺ تر ۾ رهندڙ ته لوٽو کڻي ڪٿي ٿا وڃن، خبر نه آهي. هيٺ چمپل ٺاهڻ وارن جا دڪان هئا ۽ دڪانن جي پٺيان گهر هئا. اسان کي وهاري بابا هليو ويو ٻاريمر ڀاءُ وٽ. امان جي اسپتال چالو ٿي ويئي. پهرين پهرين بودارام جِي جوءِ ئي ويم ڪيو. پُٽُ ڄائس. بس اسپتال هلي پئي. امان سڄو ڏينهن هيٺ مريضن ۾ مشغول رهندي هئي. ناني خوش هئي ته ڌيءَ سڄو ڏينهن اکين جي سامهون ته رهندي. نانيءَ جي نه چاهيندي به مون کي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ماستر چيلارام پاڙهيندو هو ۽ شام جو ديوت شرما وٽ هندي پڙهڻ ويندي هئس. ديوت شرما هڪ سٺو ۽ آدرش ماستر هو. بنا ڪنهن سوارٿ جي هو اسان کي پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جي سکيا ڏيندو رهندو هو. ڄڻ سڀ پڙهندڙ سندس پنهنجا ئي ٻار هئا. پدم شرما پاڙهيندو ته خود پيو شرمائيندو هو. جنهن ڪارڻ ڇوڪريون هن لاءِ پٺيان رمارڪ پاس ڪنديون هيون ته هيءُ ڇا ماستر ٿي سگهندو؟ مون کي ناز آهي ته مون هڪ سٺي ودوان ۽ بهادر انسان جي هٿ هيٺ ڪجهه سال تعليم پرائي هئي. اڄ ڪٿي آهن ديودت شرما جهڙا ماڻهو!؟ اُتي دؤلترام شرما به پڙهائيندو هو. هندي اکر سٺا نه هئڻ ڪري چيلارام روز چار پنا لکڻ لاءِ حڪم ڪندو هو. ٻن ٽن سالن ۾ اکر ته سٺا ٿي ويا پر واهپو نه هئڻ ڪارڻ اڄ سٺا نه ٿي سمجهان. روز شام جو پلازا ٿئيٽر جي پاسي واري باغ ۾ ڇوڪرين لاءِ شيوا دَل هلائيندي هئي. سيتو ملڪاڻي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي ڀيڻ رتنا ملڪاڻي. اڻ وٽ جيڪو سکيس، اُهو جيون جي هر سفر ۾ مون کي همٿائيندو رهيو آهي. ڪجهه منهنجي اُن وقت جون سونهري يادون: ڪانگريس جو اجلاس جئپور ۾ هو. سڀني سيوا دَل وارن کي لکيو ويو ته پنهنجا ويهه والنٽيئر وٺي اچو، جي هر حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هجن. سيتو ملڪاڻيءَ سڀني چونڊ ڇوڪرين کي چيو ته گهر مان هفتي جي موڪل وٺي اچو، جنهن ۾ مون کي به چونڊيو ويو. ڀلي هن کي آرڊر هو ته ڇوڪريون ارڙهن سالن کان وڌيڪ هجن، مان ته ننڍي هئس، پر منهنجي قابليت تي هن کي ڀروسو هو. مان سٺي لٺيباز هئس. هٽِي ڪٽِي تندرست، عمر کان وڏي پئي لڳيس. ملڪاڻيءَ سمجهايو ته توهان کي ڪهڙو به ڪم ملي سگهي ٿو. انڪار ڪرڻو نه آهي. ڀلي اُهو توهان جي لائق هجي نه هجي. گهر مان بسترو، ٻه اڇا وڳا، سوئيٽر، جيڪو اندر پائي سگهو، لٺ، وِسل. ٻيو ڪجهه به نه. اُهو بوجو به خود کڻي هلڻو اَٿوَ. سڀ ڇوڪريون خوش هيون. هڪ ته ديش ڀر جا نيتا هُو پنهنجين اکين سان ڏسي سگهنديون ۽ ٻيو ته هڪ هفتو سڀ رات ڏينهن گڏ رهنديون. نئون شهر به ڏسنديون، وري اهڙو موقعو ملي نه سگهندو. سڀ اڳواڻ ته وري ڏسي سگهون يا نه. اُن وقت ماڻهو نيتائن کي پيار ۽ عزت جي نظرن سان ڏسندا هئا، نه ڪي اڄ وانگر نفرت سان، سوارٿي چئي ڌڪارين ٿا. گهڻي ڀاڱي اڄ سڀ اهڙا ئي آهن. اڳي نيتائن جي دل ۾ ماڻهن ۽ ديش لاءِ ڪجهه سٺو ڪرڻ جي ڀاونا هئي. اڄ ٿورن کي ڇڏي سڀ پئسي کي پنهنجو ايمان سمجهي وويڪ وڪڻي ويٺا آهن. ان وقت ڪنهن نه ڪنهن اڳواڻ جو فوٽو ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سنڀالي رکندا هئا، جيئن اڄ ائڪٽرن جا رکندا آهن. سڀ ڇوڪريون جوش ۾ اچي ويئون ته اسان پرڻ ٿا ڪريون ته هر ڪم ڪنديونسين. اُهو ته سڀ ٺيڪ، پر گهر وارا موڪل ڏيندا؟ ٻئي ڏينهن ڪن نالا ڏنا ۽ ڪن مجبوري ڏيکاري ته موڪل نه ٿي ملي. چون ٿا جوان ڇوڪريون اڪيلون ڪيئن موڪلينداسين؟ سڀ ته ڇوڪريون آهن. ڪوئي مرد ماڻهو ساڻ اٿن ڪونه. منهنجي نانيءَ به گوڙ ڪيو. پوءِ ڪجهه واعدا ڪرائي، سور پيئندي چيائين، ”وڃي سُک ۾ پئُه.“ امان خوش هئي ته گهر کان ٻاهر وڃي ڪجهه پرائي اينديون. هونئن به هتي اچِي ٻار ڪٿي به نه ويا آهن. نانيءَ جو موه مون ۾ هو، وس پڄيس ها ته مون سان گڏ هلي ها. اُهو پهريون موقعو هو جو ناني مون سان گڏ نه هئي. مان مقرر ٿيل شيون سڀ بستري ۾ وجهي، بسترو هٿ ۾ کڻي اسٽيشن تي پهتيس. داديءَ سڀ چيڪ ڪيو. پوءِ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. ڳائيندا، وڄائيندا، کائيندا اچي جئپور پهتاسين. رات جو گاڏيون ٻاهر بيٺل هيون. هر ڪو پنهنجي پنهنجي دَلُ سان اچي شهر کان ٻاهر هڪ وڏي ميدان تي تنبن جي ٺهيل شهر ۾ پهتاسين. هڪ وڏي تنبوءَ ۾ اسان کي رهايو ويو. سڀيئي پنهنجو پنهنجو بسترو وڇائي، منهن ڌوئي، مقرر وقت تي مانيءَ جي هال ۾ وياسين، جو ٿوري دير ڪرڻ تي داديءَ جي دٻ کائڻي ٿي پئي. ٿڪل ٽُٽل جڏهن بستري تي ليٽياسين، ٻاهر ته ٿڌ هئي، پر اندر ڪمبل پائڻ کان پوءِ به سيءُ پئي پيو. ڊسمبر جو مهينو کليل ميدان، سو به پهاڙين جي نزديڪ! ڪرونڊا ٿي هڪ ٻئي کي لڳِي لڳِي، سمهي پيونسين. صبوح جو سوير اُٿَڻ جي هدايت ڪري، دادِي ٻئي ڏينهن جو پروگرام ڏسڻ ٻاهر هلي ويئي. ٻئي ڏينهن اسان سڄي شهر جي پرڪرما ڏني. نيتا ڪي کليل گاڏين ۾ ته ڪي بند ڪارُن ۾ هئا ۽ اسان پنڌ، سفيد يونيفارم ۾ ليفٽ رائيٽ ڪندي پئي وياسين. شهر ڏسي عجب ۾ پئجي ويس. سڀني جاين تي گلابي رنگ، بالڪنين ۾ بيٺل اٿاهه ماڻهو، جن جون رنگ برنگي پڳڙيون، ائين لڳو ڄڻ ڪنهن گلن جي باغ ۾ هزارين گل هڪ وقت ئي ٽڙيا آهن. اکيون اُنهن کان سواءِ ڪنهن تي ٽڪي نه سگهنديون. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت اکين جي ڏسڻ جو انداز ۽ نظريو ڪجهه ٻيو ئي هو. ان کان پوءِ به گهڻيئي دفعا جئپور ويئي آهيان، پر ان وقت جو نظارو ڪجهه ٻيو هو. سڄو سرگس اچي هڪ ميدان تي ختم ٿيو، جتي جواهر لال نهروءَ کي تقرير ڪرڻي هئي. هڪ وڏو منچ ٺهيل هو. سڀ نيتا اُتي وهندا ويا. اسان انهن جي چوڌاري پهري تي بيهجي وياسين. داديءَ اُهو سڀ سمجهائي ڇڏيو هو. اُها اسان جي خوش نصيبي هئي جو سيتو ملڪاڻيءَ جهڙي هوشيار ۽ بهادر جي هٿ هيٺ اُهو ڪم ٿيو. مان ويهن سالن کان پوءِ اجمير ويئي هئس. ڊاڪٽر چمن ٻڌايو ته سيتو هاڻ هن دنيا ۾ نه آهي. هاڻ ته ڊاڪٽر چمن به نه رهيو. هو سٺو پيار ڪندڙ ڊاڪٽر هو. امان ۽ هن جو پاڻ ۾ سٺو سهڪار هو. شام ٿيڻ واري هئي. نيتائن جو پروگرام جلدي ختم ٿيو. هو سڀ لهي هليا ويا. ان کان پوءِ واپس پنڌ ڪرڻ جو اسان جي ٽنگن ۾ ست ئي نه رهيو. بس ۾ چاڙهي اسان کي اڏي تي پهچايو ويو. ان رات جو سمهياسين ته صبوح جو داديءَ جي تاڙيءَ تي اُٿي تياري ڪئي سين. سڀني کي چئن ڏينهن جو پروگرام ٻڌايو ويو. ٻه ٻه ڇوڪريون گڏجي ڪنهن نه ڪنهن نيتا جي تنبوءَ تي ڏينهن جو پهرو ڏينديون ۽ رات جو هڪ ڇوڪري. نالا ٻڌائڻ تي ڏينهن جو پهرو ڏيندڙ ته خوش ٿيون پر رات جو مون کان سواءِ ٻين ڇوڪرين لاءِ مشڪل هو. پر حڪم حڪم هو. هڪ رات مون کي سچيتا ڪرپالاڻيءَ جي تنبوءَ تي بيهڻو پيو. هوءَ ڪافي رات تائين اچ وڃ ڪندي رهي. اڌ رات کليل ميداني هوا، سياري جي ٿڌ. هن پنهنجي ڪلهي تان گرم شال لاهي، منهنجي ڪلهن مٿان وجهي چيو، ”مرني ڪا هئه لڙڪِي!“ هڪ منٽ لاءِ گرم شال مون کي راحت ڏني. ٻئي کن مون لاهي هن کي چيو، ”مون کي آرڊر ڪونهي ته مان ڊيوٽيءَ جي وقت پنهنجي يونيفارم جي مٿان ڪجهه پايان. هن وقت مان ڊيوٽيءَ تي آهيان.“ هوءَ مشڪي هلي ويئي. هونئن به هنن نيتائن کي وقت ئي ڪٿي هو. ننڊ به ڪندا هئا ڪِي نه، اُها به ڄاڻ نه اٿم. پر هاڻ ڄاتو اٿم ته جي ڪنهن شيءِ جو جنون هجي ته ننڊ خود به خود هن کان پري ڀڄندي رهندي. اُهو جُنون ڀلي ڪمائڻ جو هجي، پڙهڻ جو هجي يا شيوا جو هجي. ٻئي ڏينهن مون سان گڏ ديويءَ کي به داديءَ پهري تي وڃڻ لاءِ چيو. هن ائين منهن بڻايو ڄڻ داديءَ ڪؤڙي دوا پيئاري هجيس. اُن ڏينهن اسان جي ڊيوٽي راجيندر بابوءَ جي تنبوءَ ٻاهران هئي. هتي ته رات به ڄڻ ڏينهن لڳو پيو هو. رات جا ٻارهن لڳا ته هڪ ماڻهوءَ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون لٺ سامهون ڪري هُن کي روڪيو، ”توهان پنهنجو نالو ٻڌايو ته مان اندران توهان جي لاءِ موڪل وٺِي اچان.“ هُن نالو نه ٻڌائي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجو محڪم اِرادو ڏسي مون سان ڳالهائڻ لڳو، ”ها ڇوڪري، تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڪٿان آئي آهين؟“ پوءِ ته مون کي پڪ ٿي ويئي ته هيءُ ماڻهو مون کي بهلائي اندر هليو ويندو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو دشمن هجي، متان اندر گُسي نقصان پهچائي. مان هن جي سامهون ٿي بيهي رهيس. ايتري ۾ ارونا افضل علي اتان اچي لنگهي. تنهن هن ماڻهوءَ کي ڏسي چيو، ”باپوجي، اهڙِي ٿڌ ۾ ٻاهر ڇو بيٺا آهيو؟“ باپوءَ کلندي چيو، ”هيءَ ڇوڪري وڃڻ نٿي ڏي.“ يڪدم مون هُن کي سلام ڪيو. هو اندر ويو. مون کي ان وقت پاڻ تي غصو به لڳو ۽ خوشي به ٿِي ته اڄ مان هندستان جي هڪ وڏي نيتا سان ملي آهيان. منهنجي دل ۽ دماغ تي نيتا جو روپ جواهر لال نهروءَ جهڙو هو، نه هيئن - باپوءَ کي اڌ ٽنگ تي ڌوتِي ۽ ڪرتو پيل هو ۽ پير ۾ چمپل! اُهو ڪيئن نيتا ٿي سگهندو؟ هُو ته ٻهراڙيءَ جو ڪسان پئي لڳو. مون ٻئي ڏينهن ديويءَ تي غصو ڪيو ته تون پيٽ جي سُور جو بهانو ڪري هلي وئينءَ ۽ مان هن کي سڃاڻي نه سگهيس. داديءَ کي خبر پوندي ته غصي ٿيندي. ديويءَ وراڻيو، ”خبر ڪيئن پونديس“ هتي ڪنهن کي وقت آهي ته جو ڪالهه ٿيو اُهو ياد رکن؟“ داديءَ چيو ٿي ته هتي گذاريل وقت سڀني نيتائن لاءِ اتهاسڪ ڏينهن رهندا جو ايندڙ وقت ۾ ورلي شايد نه اچي. ستين ڏينهن اسان سڀ واپس ورياسين. سڀ نيتا رات جو ئي هلي ويا هئا. تنبن جو شهر ڊهڻ لڳو هو. وري اجمير ۾ اُهي ئي ڪتاب ۽ پڙهائي. انهن ڏينهن ۾ منهنجو پيءُ بيمار ٿي پيو هو. پيٽ ۾ ڳوڙهو ٿيو هوس. امان هن کي آپريشن لاءِ جوڌپور وٺي ويئي هئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ، گيارس ڏينهن اچڻي هئي. ساوڻ جو مهينو هونئن کان وڌيڪ ياد ڪيو ويندو آهي. نانيءَ کي بخار اچي ٿيو. نوڪر فروٽ جو ٽوڪرو وٺي رکي ويا، جو ناني ۽ امان گڏجي دان ڪنديون هيون. امان اڃا پهتي نه هئي. صبوح جو ٻارهن اچي ٿيا. نانيءَ جي مٿي ۾ سخت سور هو. مون هن جو سر پنهنجي گود ۾ رکي زور پئي ڏنا ۽ ڪتاب به پئي پڙهيو. نانيءَ ڪنجهڻ لڳي ته مون ڪتاب پاسي کان رکي نانيءَ کان پڇيو، ”پاڻي پيئندا؟ سُور ڪيئن اٿوَ؟“ نانيءَ اکيو کولي چيو، ”ماڻهين آئي؟“ مون ڪنڌ سان نه ڪري هُن جو وهندڙ پگهر اُگهندي چيو، ”اچي ويندي.“ هن جو جواب ڪونه ڏنو، رڳو منهنجو هٿ کڻي چميو. مون کي لڳو اڄ مان ناني ٿي ويئي آهيان ۽ ناني ڏوهٽي. ايتري ۾ مائي ٻاهران ايندي چيو، ”ٻارهان ماهي ڏينهن اوندهه ڇو ڪري ويٺا آهيو؟“ ۽ هُن اچي بتِي ٻارِي. نانيءَ کي ڏسي ڇرڪي چيائين، ”پُٽ سگهو ڪر، نانِي ته وڃيئي پيئي. ٻاهر رکيل ٽوڪري مان ٿورو ميوو کڻي اچ ته هٿ لڳائي دان ڪرايونس.“ مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. پوءِ نانيءَ جو سِر وهاڻي تي رکي ٽوڪرو کڻي آيس. مائيءَ هٿ لڳايس ۽ پاڻيءَ ۾ تُلسيءَ جا پن وجهي پيئاري چيو، ”چئُه رام.“ نانيءَ جي چپن ڪجهه ڀڻڪيو، پر ڇا ٿي چوڻ چاهيائين، سا خبر نه پئي ۽ مون وري هن جو سِر پنهنجي گود ۾ رکيو. هن مون ڏانهن نهاريو. اُها سندس آخرين نظر هئي. مان اچي رودن ۾ پيس. امان به نه آهي. ڊاڪٽر چمن آيو. پڇيائين ته، ”رُڪمڻيءَ جو پتو آهي جتي هُن کي تار ڪري ڇڏيان؟“ اڌ ڪلاڪ اندر سڄو پاڙو اچي پهتو. ڪلاڪ کان پوءِ امان آئي. ماءُ کي ڏسي ٻئي هٿ مٿي تي جهلي بيهوش ٿي ويئي. ڊاڪٽر ويٺو هو تنهن سُئي هنئي ته ڪجهه هوش ۾ آئي. ٻارهن ڏينهن گهر ۾ اُداسي ڇانيل رهي. امان تمام دُکي هئي. جا ماءُ هيڏا سال هن جي مٿان پيار جي ڇانوَ ڪندي رهي، اُها هڪ کن ۾ تتل اُس ۾ وهاري ويندي اُها اُميد سپني ۾ به نه سوچي هئي. وري به اسپتال ۾ هن جو من بهلجي ويندو هو. مون کي اڄ به ياد ايندو آهي، جڏهن ماءُ جو مرتڪ سرير ڏسي هن جي پيرن کي چُمي چيو هو، ”امان، هڪ رات به انتظار ڪري نه ٿي سگهئينءَ؟ ٻارن کي ڪنهن جي ڀروسي ڇڏيئُه؟“ پر مان خود ته اهڙو نصيب به کڻي نه آئي آهيان جو پنهنجي ماءُ جو آخري درشن ڪري سگهان. جنهن جو دُک اڄ به مون سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. اڃا مهينو به نه گذريو ته بابا بمبئيءَ ماءُ کي ڏسڻ ويو هو، سو موٽِي آيو. رات جو امان کي چيائين، ”مان ڄيٺيءَ جو مڱڻو پنهنجي دوست جي پُٽ سان ڪري آيو آهيان، هونئن ته تنهنجي ماءُ ويٺي هئي ته مان بي اونو هوس، پر هاڻ هن کي اڪيلو ڇڏڻ ٺيڪ نه ٿيندو.“ امان هن جو وروڌ ڪندي چيو ته، ”ائين ڪيئن ٿيندو؟ اڃا عمر گهڻي اٿس؟ ٻيو هيءُ ڪو ميرن جو مُلڪ نه آهي جو ڇوڪريون کڄي وڃن، هيءُ آزاد هندستان آهي، وقت بدلجي ويو آهي. وڏي ڳالهه ته هوءَ پڙهڻ ٿي چاهي.“ بابا چيو، ”مون زبان ڏنِي آهي. توکي اسان جي خاندان جي خبر آهي. وڏي ڳالهه مان وڌيڪ جِي سگهان يا نه، منهنجي حالت ڏسين ويٺي. جي تون ضد ڪندينءَ ته مان باقي جي ڇا ڪندس؟ شادي يا منهنجو مؤت.“ اُن ڏينهن به امان وري بيهوش ٿي ويئي. چمن ڊاڪٽر اچي هن کي هوش ۾ آڻي چيو، ”هن کي سخت مٿي جو سُور، جيڪو اڪثر ٿيندو آهي، اُهو خطري کان خالي نه آهي. ان ڪري ڪنهن به قسم جو دُک پهچڻ تي هوءَ بيهوش ٿِي ٿئي. آئينده خيال رکجو. امان مون ڏانهن نهاري سوچ ۾ پئجي ويندي هئي. هن جي منهن تان مُشڪ موڪلائي هلي ويئي. مون گهڻو ئي گوڙ ڪيو، بک هڙتال به ڪيم. مون ورت، باسڻ ڀڃڻ، ڀڄي وڃڻ، زهر کائڻ جي ڌمڪي به ڏني. پر وريو ڪجهه به نه. امان جو ڪومايل منهن ڏسي مان خاموش ٿي ويس. ائين منهنجي شادي سورهن سالن جي عمر ۾، بمبئيءَ ۾ ٿي. گهر ۾ ڪا به زال ڪانه هئي. ٻه ڏير هئا، هڪ مون جيڏو ۽ ٻيو ٻارهن سالن جو ۽ سهرو، جي خود ئي گڏجي ماني ٺاهيندا هئا ۽ ٻه ٻه مانيون ٻڌي کڻي ويندا هئا. پر مون کي ته رڌڻ پچائڻ ايندو ئي ڪونه هو. منهنجي سهري مون کي پاسي ۾ ويهاري کلندي چيو، ”تو جيڪا چٺي لکائي موڪلي هئي، تنهن مان ڄاڻ پيئي ته تون پڙهڻ ٿي چاهين، گهر جو ڪو به ڪم نه ايندو اٿيئي. توهان پٽ جي ٻئي هنڌ شادي ڪرايو، پر توکي ڏسي، پنهنجي گهر ۾ آڻڻ جو من ۾ لوڀ جاڳيو هوم. هاڻ تون ڪا به چنتا نه ڪر، مان ويٺو آهيان. توکي ڌيءُ سمجهي، سڀ ڪم سيکاريندس.“ منهنجي ڏير شيوا چيو، ”ڀاڀي، مان ويٺو آهيان سيکارڻ وارو.“ ننڍڙو ڏير پپو، ٻاتو هو، جنهن چيو، ”الي، مان توتي اتو ڏوئي ڏيندس.“ غصي ۾ هوندي به ان ڳالهه تي مُشڪي ويٺيس. مون ماءُ وٽان پيارو ئي پاتو هو. ائين هن گهر سان موهجي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويس. سڀني گڏجي مونکي هفتي کن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٺاهڻ سيکاريو. سڀ گهر جا ڀاتي ڪم تي هليا ويندا هئا ۽ پپو اسڪول ويندو هو. مان اڪيلي سوچيندي رهندي هئس ته ”ڇا مان اهڙي جيون جيئڻ لاءِ پيدا ٿِي آهيان؟“ ٻيون به گهڻيئي ڳالهيون بي تُڪيون سوچيندي رهندي هئس تان جو پپو اچي در کڙڪائيندو هو. پپو ماءُ جي غير مؤجودگيءَ ڪارڻ صحيح سکيا پائي نه سگهيو هو. ڪمزور هئڻ ڪري ٻاتو هو. پڙهڻ هن کي نه وڻندو هو. پر شيوا جي ڊپ ڪارڻ هو اسڪول ويندو هو. واپس اچي هُن جو سڄو غصو مون کي گاريون ڏيئي ڪڍندو هو. منهنجي روئڻ تي معافي وٺي چوندو هو ته، ”ڀاءُ کي نه ٻڌائج.“ ائين سکندي، روئندي ويهه ڏينهن گذري ويا. پاڙي ۾ رهندڙ ڪماريءَ جي سسُ اچِي بابا کي چوندي هئي، ”بابا، پٺاڻي نونهن ملي اٿيئي، ڀاڳن وارو آهين. پر هن کي گهر ۾ پوري ڇو رکيو اٿيئيس. چئينس نه ته ڪماريءَ سان ڳالهيون ٻوليون ڪري دل وندرائي.“ پر منهنجي سهري جِي مامي به پاسي ۾ رهندي هئي. جا هُن کي سمجهائيندي هئي ته، ”مولچند، تنهنجي نونهن هڪ ته سُهڻي ۽ آزاد خيال آهي، اسٽيشن تي هلياسين شاديءَ کان اڳ ته مردن جيان پئنٽ ۽ قميص پئي هئس. سو بابا هتي هلي سگهي يا نه، تون خبرداريءَ کان ڪم وٺج. وڃڻ وقت ٻاهران ڪُلف پائي ويندو ڪر، چاٻِي مون وٽ رکج.“ ان ڪري سهرم ٻاهران در تي ڪلف هڻي ويندو هو. پپوءَ جي مستيءَ ڪري هن کي اسڪول مان سڌو دڪان تي وڃڻ جو حڪم هو. مان هاڻ سڄو ڏينهن اڪيلي اڪيلي رهندي هئس. پر پوءِ به ڪمارِي دريءَ وٽ اچي، ٻه ٻه ڪلاڪ ڳالهائيندي رهندي هئي، هڪ ڏينهن بيزار ٿي سهري کي چيائين، ”ڪاڪا، توهان ته ظلم ٿا ڪريو، سمجهو ٿا ته ڪي ضروري ڪم پوندا آهن، اهي گهر ۾ ته نه ٿيندا آهن. باٿ روم به ٻاهر آهي. توهان ته هن کي بيمار ڪري ڇڏيندا. پرائي ڄائيءَ کي مارڻو اَٿوَ ڇا؟“ مون کي غصو ته هو ئي، مٿان ڪو همدرد ملي وڃي ته زبان خود به خود کُلي ويندي آهي. مون سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو. مون چيو، ”مان جيئڻ به نه ٿِي چاهيان.“ بابا ٻه منٽ مون ڏي نهاري ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. اُن رات هن کي وڌيڪ دم ٿيو. هو سڄي رات در کولي کنگهندو ۽ سهڪندو رهيو. هونئن به هن کي دم جي بيماري هئي. کنگهندو هو ۽ کانگهارن سان پاسي ۾ رکيل چمني ڀرجي هيٺ وهڻ لڳندي هئي. مان روز اُها چمني صبوح جو ڌوئي صاف ڪري هيٺان پنو رکي ڇڏيندي هئس، جيئن فرش خراب نه ٿئي. مون کي شيوا جو ڀاوُ ماءُ وٽان ورثي ۾ مليو هو. مان اسپتال وڃي مريضن جي ديک ڀال ڪندي هئس. بابا (سهري) جي اهڙي حالت ڏسي، منهنجي من ۾ ممتا جاڳي اُٿي. سڄي رات هن جي پُٺيءَ تي هٿ ڦيريندي رهڻ کان پوءِ صبوح جو هن کي ننڊ آئي. مون کي ائين محسوس ٿيو ته منهنجي ڳالهه ٻُڌڻ سان هن جي دل کي صدمو پهچڻ ڪارڻ اسٿما جو دؤرو پيو اٿس. پر هن جي ماميءَ اچي ٻڌايو ته سالن کان هُو ڀوڳي رهيو آهي. دوائون ڪو اثر نه ٿيون ڪن. ٻئي ڏينهن بابا ٺيڪ هو. ڪم تي پئي ويو ته مون کيس چيو، ”آرام ڪيو، سڄي رات جاڳيا آهيو.“ ”نه پُٽ“ چئِي هُو بنا ڪُلف لڳائڻ جي هليو ويو. مهينو کن گذريو ته منهنجو مڙس ڪان بيمار ٿي پيو. کنگهه ۽ بخار، پاڻ وڃي پاسي واري سرڪاري اسپتال مان دوا وٺي ايندو هو. ڇهه ڏينهن ٿيا ته ڪماريءَ اچي چيو، ”ڪان کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃ.“ مون چيومانس، ”مون کي هتي ڪنهن ڊاڪٽر جي خبر نه آهي.“ ”مان ٿي توکي وٺي هلان.“ بابا اتي ويٺو هو، تنهن چيو، ”مان ٿو ڊاڪٽر گدري وٽ وٺي وڃانس.“ ان وقت اسين ٽيئي ڊاڪٽر گدري وٽ پهتاسين. ڊاڪٽر هن جي جاچ ڪري چُپ ٿي ويو. بابا هُن کان پُڇيو ته، ”ڇا ٿيو ڊاڪٽر؟“ ڊاڪٽر مون ڏانهن نهاري چيو، ”ٻچا، تون ٻاهر وڃي ويههُ.“ مان ٻاهر اچي در وٽ پيل بينچ تي ويٺيس. پر ڪَن ڊاڪٽر جو آواز ٻُڌڻ لاءِ آتا هئا. ڊاڪٽر ڪان کي به دوا ۽ سُئي وٺڻ لاءِ ٻاهر موڪليو. ڊاڪٽر بابا کي چئي رهيو هو، ”تو پنهنجي سوارٿ لاءِ هڪ اٻوجهه ڇوڪريءَ جو جيون برباد ڪري ڇڏيو. تنهنجي پُٽ کي ٽئين درجي جي ٽِي.بِي آهي. بچڻ مشڪل آهي. باقِي ايشور جي مرضي.“ بابا ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏيئي روئي چيو ته، ”نه ڊاڪٽر، مون کي ڄاڻ نه هئي. مون سمجهيو ڪمزور آهي. جوءِ ايندس ته کاڌي پيتي جو خيال رکندس ته چڙهي پوندو. جي مون کي بيماريءَ جي خبر هجي ها ته ڇا مان پُٽ جي شادي ڪرايان ها؟ نه، نه، مون کي پنهنجي ڌيءَ نه آهي، پر هيءَ اُن کان به پياري اٿم. هيترن ڏينهن ۾ ڪنهن به ڊاڪٽر ڪونه ٻڌايو. بخار جي دوا ڏيندا هئا ته بخار لهي ويندو هوس.“ ڪان آيو. ڊاڪٽر سُئِي هڻي هن کي ڪي. ايم. اسپتال لاءِ خط لکي ڏنو ته اڄ ئي وڃي ڇاتيءَ جو فوٽو ڪڍائي اچ. ڪان اُتان ئي ڪي.ايم. اسپتال هليو ويو ۽ اسان گهر آياسين. بابا مون کي پاسي ۾ ويهاري چيو، ”پُٽ، ڊاڪٽر چيو...“ مون وچ ۾ ڪٽي چيو ته ”مون سڀ ٻُڌو آهي.“ بابا چيو، ”ٺيڪ آهي، هاڻ فيصلو تنهنجي هٿ ۾ آهي. مان نٿو چاهيان ته تنهنجو جيون برباد ٿئي. ماءُ کي حقيقت لکي موڪل. اسان جي موڪل آهي توکي. تون وڃي وڌيڪ پڙهي پنهنجو جيون سڦل ڪر.“ مون ڪو جواب نه ڏنو. سڄي رات پاڻ سان جنگ جوٽيندي رهيس ته ڇا ڪريان؟ جي ماءُ وٽ وڃان ٿي ته هوءَ به دُکِي ٿيندي. وري ماءُ پيءُ جي وچ ۾ تناءُ وڌندو ۽ هتي جو ڇا ٿيندو؟ بابا مون کي پيءُ کان وڌيڪ پيار ڏنو آهي ۽ ڪان؟ نه نه، ڪان کي مرڻ ڪانه ڏينديس. بابا کي ۽ هنن مئل ماءُ جي ٻارن کي وڌيڪ دُک نه ڏينديس. مون کي اُن ڏينهن ماءُ وٽان لکيل چٺيءَ جو جواب آيو. منهنجي شڪايتن جي جواب ۾ ٿورا اکر لکيل هئا. پُٽ تنهنجي خط مان خبر پيئي ته تنهنجي گهر ۾ ٻه ماڻهو ته هميشه بيمار ٿا رهن. تو چاهيو پئي ته تون پڙهي ڊاڪٽر يا نرس ٿيندينءَ. تنهنجي چاهت ايشور پوري ڪئي ٿي ڏسجي. ڊاڪٽر کي مريضن جي ضرورت هوندي آهي. مريضن کي بچائڻ، هُن لاءِ چئلينج ٿيندو آهي، ٻيو جڏهن تون سمجهين ته مون تي گهڻو بوجهو آهي ته هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن نهاري حساب ڪج ته تنهنجو بوجهو هن جي اڳيان نه جي برابر به نه آهي. نصيب تنهنجو، لکڻ منهنجي وس ۾ نه هو. جيڪو ٿئي ٿو اُن ۾ ڀلو سمجهي پنهنجي دک سک جي ياترا پوري ڪري منزل تي پهچڻ تنهنجي هٿ ۾ آهي. وڌيڪ لکڻ مناسب نه آهي، تون خود سياڻي ڌيءَ آهين. هزارن پيارن سان، رُڪمڻي. مون خط پڙهي، چُمي چيو، ”امان، مان وري ڪڏهن به توکي شڪايت ڪري دک نه ڏينديس. مون کي جيئڻ ۽ جيئارڻ جو مقصد ملي ويو.“ (هلندڙ) ڊاڪٽر نگينه پروين سان ڳالهه ٻولهه ڳالهه ٻولهه ڪندڙ:ڊاڪٽر سحر امداد حسيني سوال * پورو نالو: * ڄم جو هنڌ: * ڄم جي تاريخ: * تعليم: * ڌنڌو/ملازمت (ڪيتري عرصي کان): * اوهان کي ننڍپڻ ۾ ڪهڙو گهرو ماحول مليو؟ * ان دور ۾ ڪهڙين شخصيتن اوهان کي اُتساهيو ۽ ڪجهه بڻجڻ لاءِ همٿايو؟ * اوهان جي شادي ڪهڙي عمر ۾ ٿي؟ اها پسند جي شادي هئي يا مائٽن جي مرضيءَ جي؟ * شاديءَ کان پوءِ اوهان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي؟ ان تبديليءَ جا مثبت/منفي ڪهڙا اثر اوهان تي پيا؟ * ڪامياب شادي شده زندگي گذارڻ لاءِ عورت توڙي مرد کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ * اوهان نفسيات کي اعليٰ تعليم لاءِ ڇو چونڊيو؟ ڪو خاص سبب؟ * عملي زندگيءَ ۾ نفسيات جي علم جي اهميت ۽ افاديت ڪهڙي آهي؟ * اهو هڪ عام تصور آهي ته، نفسيات پڙهندڙ پاڻ نفسياتي مريض بڻجي ويندو آهي؟ اهو ڪيتري حد تائين درست آهي؟ * علم اهم آهي ڪين ڊگري؟ * گائيڊن تان نقل ڪري امتحان پاس ڪندڙ ڊگري يافتن جي ڊگرين جي ويليو اوهان جي نظر ۾! * اوهان جي خيال ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي - استاد، شاگرد، مائٽ؟ * هڪ سٺي ماءُ جون ذميواريون ڪهڙيون آهن؟ * اسان جي گهڻن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جو حل ڇاهي؟ * سنڌ جي نياڻين جي ڀلائيءَ لاءِ سندن مائٽن کي اوهان ڪو مشورو ڏيڻ پسند ڪنديون؟ جي ها، ته ڪهڙو؟ * ڇا اوهان کي ادب ۽ شاعريءَ سان دلچسپي آهي؟ * واندڪائيءَ جي وندر؟ * پنهنجي پسند جو ڪو شعر؟ جواب ** نگينه پروين ** شڪارپور ** 1959/2/3 ** پي.ايڇ.ڊي (نفسيات) ** تدريس: 15 سالن کان. ** مون کي ننڍپڻ ۾ ئي پڙهيل ڳڙهيل، توجهه سان ڀرپور، صحتمند ماحول مليو. ** منهنجا ماءُ، پيءُ ۽ استاد. ** منهنجي شادي 26 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. شادي مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي پر شاديءَ کان پهرين منهنجي راءِ پڇي وئي هئي. ** شاديءَ کان پوءِ منهنجي زندگي ڏاڍي مصروف ٿي وئي. نون رشتن ناتن سان منهن ڏيڻو پيو. نوان ۽ مختلف ورتاءَ، سڀاءَ ۽ فڪري انداز مشاهدي ۾ آيا، پر الحمدالله مون ڪنهن به تبديليءَ جو ناڪاري (Negative) اثر نه ورتو. ڪجهه تبديلين جي مُرڪي آجيان ڪيم ۽ ڪن تبديلين سان ٺاهه ڪري ورتم، ته جيئن زندگي گذارڻ ڏکي نه ٿي پوي. ** ڪامياب شادي شده زندگي گذارڻ به هڪ ڏاڍو وڏو فن آهي ۽ ان فن تي عبور حاصل ڪرڻ ايترو سولو ڪم به ناهي. شادي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ هڪ مقدس ڳانڍاپو آهي، جنهن کي هر حال ۾ نڀائڻ وڏي عزت ۽ عظمت جي ڳالهه آهي. منهنجي خيال ۾ ڪامياب شادي شده زندگي گذارڻ لاءِ مرد ۽ عورت، ٻنهي کي هڪجهڙو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي. سڀ کان پهريان ته ٻيئي هڪٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. هڪٻئي جي جذبات، احساسن، پسند، ناپسند ۽ دلچسپين جو خيال رکن. ڪوشش اها ئي ڪن ته هڪٻئي جي خوبين تي نظر رکن ۽ خامين کي نظرانداز ڪري ڇڏين. پر جيڪڏهن نظرانداز نه ٿا ڪري سگهن، ته پوءِ انهن کي دُور ڪرڻ لاءِ ناڪاري ۽ تنقيدي انداز بدران اصلاحي ۽ هاڪاري (Positive) انداز اختيار ڪن. هڪٻئي کي Positive regard ڏين ۽ عزت نفس کي مجروح ٿيڻ نه ڏين. پنهنجن لاڳاپن ۾ نيڪ نيت رهن ۽ اهڙو سگهارو ورتاءُ اختيار ڪن، جنهن سان شڪ بدران هڪٻئي تي ڀروسو ۽ ويساهه پيدا ٿئي. مڙس ۽ زال کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته ساراهه، محبت ۽ توجهه جي حاصلات، انساني فطرت جي مکيه ۽ بنيادي تقاضا آهي، جنهن جي پورائي سان شادي شده زندگي ڏاڍي خوشگوار، پرسڪون ۽ ڪامياب گذاري سگهجي ٿي. ** مون کي ماڻهن جي ڪردار ۽ شخصيت جو غور سان جائزي وٺڻ جي عادت رهي آهي. مان ننڍي وهيءَ ۾ ماڻهن بابت گهڻي ڀاڱي درست راءِ قائم ڪري وٺندي هيس. انڪري منهنجي امان ۽ بابا مون کي صلاح ڏني ته پنهنجي ان صلاحيت کي اڃا به بهتر بڻائڻ لاءِ مان علم نفسيات پڙهان، تنهنڪري مون وڏي شوق ۽ دلچسپيءَ سان ان مضمون ۾ اعليٰ تعليم پرائي. ** نفسيات جو عملي زندگيءَ ۾ وڏو عمل دخل آهي. ان مان پنهنجو پاڻ کي، ٻين کي ۽ سماج ۾ لڳ لاڳاپن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان کان سواءِ انفرادي توڙي سماجي سطح تي انيڪ مسئلن ۽ معاملن، مثلاً ڪرداري، شخصي، نظرياتي ۽ ديني مسئلن ۽ معاملن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ هي مضمون ڏاڍو مددگار آهي. ** اهو تصور صحيح نه آهي. هڪ باشعور ۽ ڏاهو ماڻهو ته اهڙو تصور قائم نه ٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته ڪو به علم پڙهڻ واري جي ڄاڻ ۽ قابليت ۾ واڌارو ضرور ڪري ٿو، پر ان کي مريض نه ٿو بڻائي. منهنجي خيال ۾ نفسيات جي ماهرن بابت اهو تصور وڌيڪ درست آهي ته اهي نفسياتي مرضن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ** يقيناً علم وڌيڪ آهي. ** گائيڊ تان ڪاپي ڪري پاس ڪرڻ وارن جي ڊگريءَ جي اها ئي Value آهي، جيڪا اعليٰ ۽ معياري ڪتابن جي ڀيٽ ۾ سستن، غير معياري ۽ عام طور غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ وارين گائيڊن جي آهي، جيڪي منهنجي خيال ۾ ردي ڪاغذ کان وڌيڪ اهميت نه ٿيون رکن. ** ادي، منهنجي خيال ۾ ٽيئي ذميوار آهن، انڪري جو استاد، شاگرد ۽ مائٽ هڪ اهڙو ٽِڪنڊو (Triangle) ٿا ٺاهين، جيڪو پوري تعليمي سرشتي کي بنياد فراهم ٿو ڪري. هاڻي جيڪڏهن ان مان ڪا به ڪنڊ (angle) صحيح نموني پنهنجي جاءِ تي نه هوندي ته پوءِ تعليمي سرشتو متاثر ٿيندو. سو، جيڪڏهن استاد، شاگرد ۽ مائٽ تعليم جي ڏس ۾ پنهنجا فرض سهڻائيءَ سان نه نڀائيندو ته پوءِ تعليمي سرشتي جي تباهيءَ جا ذميوار به اُهي پاڻ ئي آهن. ** هڪ سٺي ماءُ جي سڀ کان وڏي ذميواري اها آهي ته هوءَ اولاد تي هر پهلوءَ کان ڀرپور ڌيان ڏئي. انهن جي صحت ۽ صفائيءَ جو خيال رکي. انهن جي شخصي، اخلاقي، جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ هر ڪا ڄاڻ حاصل ڪري ۽ ان تي عمل ڪندي پنهنجن ٻارن کي سماج جو ڪارائتو ۽ ذميوار فرد بڻائي. ** اسان جي ڪيترن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جو حل علم ۽ هنر کي عام ڪرڻ ۾ آهي، ته جيئن ماڻهن جي ذهني ۽ اخلاقي حالت بهتر ٿئي. انهن ۾ اُها لياقت پيدا ٿئي ته جيئن هو پنهنجن مسئلن کي پاڻ حل ڪرڻ جي لائق ٿين. ** ٻارڙين جي ڀلائيءَ لاءِ مان مائٽن کي صلاح ڏينديس ته هو انهن جي پالنا، تعليم ۽ سکيا کي اهميت ڏين ۽ انهن کي پُٽن جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت نه ڏين، ته جيئن ٻارڙين جو Self image بهتر ٿي سگهي ۽ اهي اعتماد سان سماج ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن. ** ڏاڍو گهٽ. مان گهڻو ڪري پنهنجو مضمون نفسيات ئي پڙهندي رهندي آهيان. ** واندڪائيءَ جي وقت ۾ منهنجا هڪ کان وڌيڪ مشغلا آهن. ڪڏهن ٽي.وي ڏسڻ، ڪڏهن Outing،ڪڏهن گهر جي ٺاهه جوڙ ۽ ڪڏهن پنهنجن ٻارن سان گڏ ويهي سندن دلچسپيءَ وارن موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ سندن ذهني سطح ۽ پسند ناپسند کان واقف ٿيڻ. ** تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو. (شاهه) شگفته شاهه ناول قسط - آخري ٽِڙي پوندا ٽاريئين...... ”ٻڌين پئي نه رابيل!“ ”هون..!؟...ها.“ رابيل چيو. فيضان کلندي چيو:”منهنجي خيال ۾ ته ايڏي خوبصورت ماحول ۾ توکي وڌيڪ اداس نه ڪريان.“ ان کان پوءِ هن رابيل ڏانهن هڪ ننڍو خوبصورت پيڪيٽ وڌائيندي چيو:”هيءُ ڏس مون تولاءِ الاهي اڳ ۾ هي تحفو خريد ڪيو هو، پر ڏيان اڄ پيو.“ ”Thank You!“ چوندي رابيل هن کان گفٽ وٺي ان جو ريپنگ پيپر کوليو ته هڪ باڪس ۾ خوبصورت نازڪ واچ تي نظر پيس. هن باڪس مان نازڪ ۽ نفيس قسم جي واچ ڪڍي ڏٺي ۽ چيائين: ”ڪيڏي نه خوبصورت ۽ نفيس واچ آهي. مون کي تمام گهڻي پسند آئي.“ هن اهو چوندي واچ کي ٿورو اٿلائي ڏٺو ئي پئي ته اها اوچتو سندس هٿ مان ڇڏائجي ڀرسان هڪ کڏ ۾ پيل وڏي پٿر جي مٿان وڃي ڪري. رابيل بيچين ٿي ان کي کڻڻ لاءِ وڌي ئي هئي ته فيضان کيس اتي ئي روڪي پاڻ وڃي واچ کڻي آيو ۽ چيائين: ”هيءَ ته بند ٿي وئي. لڳي ٿو ته خراب ٿي وئي آهي.“ رابيل چيو:”واچ جيڏي مهل مون توکان وٺي ڏٺي پئي ته ان مهل ته اها ڪم ڪري رهي هئي ۽ بلڪل ٺيڪ ٽائيم ٻڌائي رهي هئي.“ فيضان چيو:”چڱو ڇڏينس. آءٌ آمريڪا مان تنهنجي لاءِ ڪو ٻيو تحفو موڪليندس.“ ”نه...نه... مون کي اها ئي واچ کپي.“ رابيل بيتابيءَ مان سندس هٿ مان اها واچ کڻندي چيو. ”پر...هيءَ ته بيهي رهي آهي.“ فيضان کيس حيران ٿي ڏسندي چيو. رابيل مرڪي چيو:”نه، اها واچ بيٺي نه آهي، پر هن وقت کي هڪڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي. بلڪه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.“ فيضان حيرت مان پڇيو:”ڪهڙو وقت؟“ رابيل هن ڏانهن بي انتها پيار سان ڏسندي چيو:”هيءُ وقت، جنهن ۾ پاڻ ٻيئي گڏ آهيون. خوبصورت ماحول آهي. نيڻ نهار تائين ڦهليل آسمان آهي. گلن جي خوشبوءَ سان مهڪندڙ هوا ۽ فضا آهي، نيڻ نهار تائين پکڙيل گلاب آهن، ڪنن ۾ وڄندڙ سهڻو ٽلين جو مڌر سُر آهي ۽ پکين جا مٺڙا گيت آهن. مون کي ڄڻ ته هن وقت سڀڪجهه ملي ويو آهي.“ ايترو چئي رابيل ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي وئي ۽ پوءِ اداس ٿي چيائين: ”پر...سڀاڻي تون نه هوندين. فيضان توکان پري ٿيڻ جو تصور ڪري ئي آءٌ ڊڄي وئي آهيان. تو ته مون سان واعدو ڪيو هو ته تون مون کي اڪيلو نه ڇڏيندين.“ فيضان چيو:”رابيل! تون اڪيلي نه هوندينءَ، ڇو ته روح جا رشتا بيحد مضبوط هوندا آهن، جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو ته: ”نَڪا ڪُن فَيَڪُون هئي، نڪو لِڱُ لَحَمُ، بنيو هو نه بُتَ ۾، اڃا ڪِي آدَمُ، مون توهين سي سَڱُ، اها ساڃاءِ سپرين. تون جڏهن به پاڻ کي اداس ڀائين يا پريشان ٿين ته هن وقت جو تصور ڪجانءِ ۽ پوءِ جڏهن سچ پچ توکي ائين محسوس ٿئي ته تون ۽ آءٌ حقيقت ۾ هن خوبصورت ماحول ۾ گڏ بيٺل آهيون ته يقين رکجانءِ ته ان مهل آءٌ به اهو سڀڪجهه محسوس ڪري رهيو هوندس. آءٌ چاهي جتي به هجان پر روحاني طور توسان گڏ هوندس. چڱو هاڻي رات پئي ٿئي، اسان کي فارم هائوس تي به پهچڻو آهي. اتي سڀ اسان جو انتظار ڪري رهيا هوندا.“ ان کان پوءِ هو ٻئي ڪار وٽ آيا ۽ پوءِ ڪجهه دير کان پوءِ هو فارم هائوس تي پهتا ته فورم جي ميمبرن ۽ ٻين مهمانن سندن گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو ۽ پوءِ پروگرام جي شروعات ٿي. اهي ۽ روشن اکين ۽ پرجوش دلين وارا نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ ٻيا سينيئر ميمبر هئا. ٽرسٽ جي چيئرپرسن طور رابيل جو نالو ڪال ڪيو ويو ۽ تاڙين جي گونج ۾ سندس حوالي ان جي ذميواري ڪئي وئي. رنگارنگ پروگرام کان پوءِ ڊنر هئي. ڊنر ڪرڻ بعد مختلف ماڻهو ٽولا ٺاهي ڳالهين ۾ مصروف ٿي ويا. فارم هائوس تمام خوبصورت هو ۽ پروگرام ان جي لان ۾ رکيو ويو هو، جيڪو تمام خوبصورت روشنين سان سجايو ويو هو. ڊنر کان پوءِ رابيل چانهن جو مگ کڻي لان جي هڪ پاسي ٺهيل حوض جي ڪناري پيل بينچ تي اچي ويهي رهي. فيضان کيس ائين اڪيلو ۽ اداس ڏٺو ته هو به هن جي ڀرسان اچي ويهي رهيو. ٺيڪ ان مهل نوجوان جيڪي مختلف گانا اسٽيج تي ڳائي انجواءِ ڪري رهيا هئا هڪ نوجوان جديد سازن جي خوبصورت بِيٽ تي شيخ اياز جي وائي ڳائڻ شروع ڪئي. سندس آواز خوبصورت ۽ پرسوز هو. رابيل کي ان وائيءَ جو هڪ هڪ لفظ پنهنجي دل ۾ لهندي محسوس ٿيو: ٽڙي پوندا ٽاريئين، جڏهن، ڳاڙها گُل الو ميان، تڏهن ملنداسين! رابيل جون نظرون حوض جي پاڻيءَ ۾ چنڊ جي عڪس تي کتل هيون. آهستي آهستي سندس اکين جي ڪنارن تي لڙڪ تارا بڻجي چمڪي رهيا هئا ۽ پوءِ هن سُر سامونڊيءَ جو هڪ بيت پڙهيو: ”اڄ پڻ وايون ڪَنِ، وڻجارا وَڃَڻَ جُون، هلڻ هارا سُپرين، رُئان تان نه رَهَنِ، آئون جهليندي ڪيترو؟ آيل سامونڊين، پَڳَة ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.“ فيضان آهستگيءَ سان هن جي هٿ تي پنهنجو هٿ رکندي چيو: ”ايڏي اداس نه ٿي، مون کي مُرڪي رخصت ڪر، نه ته منهنجي من تي بار رهندو.“ رابيل هن ڏانهن مرڪي ڏٺو هو، اکين ۾ لڙڪن جي آلاڻ هئي ۽ چپن تي مرڪ جي چانڊاڻ! اها شام هميشه لاءِ رابيل جي دل ۾ زنده رهي... ها... زندگيءَ کان ورتل خوشين ڀري فقط هڪ شام ئي کيس ملي هئي. فيضان ٻئي ڏينهن ئي آمريڪا روانو ٿي ويو ۽ اتي پهچندي ئي رابيل کي خيريت سان پهچڻ جو اطلاع ڏنو هئائين. رابيل اداس ته بيحد هئي پر هن پاڻ کي سنڀاليو ڇو ته فيضان طرفان سونپيل ذميواري کيس ئي نڀائڻي هئي. وقت گذرندو رهيو. رابيل پهرين کان بلڪل بدلجي وئي. هوءَ هاڻي بااعتماد ۽ باهمت ٿيندي پئي وئي. سندس ۽ فيضان جو ڪڏهن انٽرنيٽ تي رابطو رهندو هو، ڪڏهن وري فون تي. هڪ ڀيري فون تي ڳالهائيندي فيضان وري شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت پڙهيو: ”چئي ڪُن فَيَڪُون، جڏهن خلقِيا روحَ خداءِ، گڏ جِتِ گذرانُ هو، جَڙَ لڳي تنهن جاءِ، مون توهين سين آههِ، اها ساڃاءِ، سپرين!“ رابيل وري جواب ۾ سُر سامونڊيءَ جو هيءُ بيت پڙهيو: ”سيئي جوڀَنَ ڏِينهن، جڏهن سَڄڻَ سَفَرَ هَليا! رُئان رَهنِ نه سُپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟ مون کي چاڙهي چيئن، ويو وَڻِجارو اوهري.“ ائين وري ڪجهه وقت گذريو ته اوچتو ئي فيضان هن سان رابطو ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ته هوءِ بيحد پريشان ٿي وئي. نه ته هو نيٽ تي مقرر ڪيل وقت تي آن لائن هوندو هو. نه ئي سندس فون هُو اٽينڊ ڪندو هو. رابيل ڏاڍي پريشان ٿي وئي. تڏهن اوچتو هڪ ڏينهن کيس فيضان طرفان موڪيل اِي ميل ملي، جنهن ۾ هيءُ پيغام هو: ”رابيل! مون کي خبر آهي ته منهنجي رابطي نه رکڻ جي ڪري تون بيحد پريشان هوندينءَ، ٿي سگهي ٿو ته اڳتي آءٌ ڪڏهن رابطو نه رکي سگهان ته پريشان نه ٿجانءِ، پنهنجو واعدو ياد رکجانءِ ۽ ها جلد ئي توکي هڪ سٺي خبر ملندي. ياد رکجانءِ منهنجي طرفان رابطو نه رکڻ کان پوءِ ڪڏهن نه ڪڏهن تنهنجي لاءِ تنهنجي زندگيءَ جي هڪ وڏي خوشيءَ جو تحفو موڪليندس، پنهنجو خيال رکجانءِ.“ وقت گذرندو رهيو. ان وچ ۾ رابيل ان گذريل شام جي خوبصورت Painting به پينٽ ڪري پنهنجي ڪمري ۾ لڳائي ڇڏي هئي. ڇهه ست مهينا ٻيا گذريا. اِي ميل کان پوءِ به هن هڪ ٻه دفعا نيٽ تي رابطو رکيو هو ۽ پوءِ فيضان جي طرفان وري کيس ڪو پيغام نه مليو هو. ڊاڪٽر احسن کيس خوشخبري ٻڌائي ته هوءَ هاڻي اڳي کان تمام بهتر هئي ۽ جلد ئي بالڪل نارمل ٿي ويندي. هوءَ يونيورسٽيءَ جي جاب سان گڏ ٽرسٽ جون ذميواريون به سنڀالي رهي هئي. هڪ شام هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ هئي ته بابا پيروءَ کيس اطلاع ڏنو ته آمريڪا مان فيضان جي ڀيڻ مسز احمد آئي آهي جنهن کي هو سِٽنگ روم ۾ ويهاري آيو هو. هوءَ تقريباً ڊوڙندي سٽنگ روم ۾ وئي ته هڪ گريس فُل ۽ خوبصورت عورت کيس ڏسي اٿي بيٺي. ساڻس گڏ ڇهن ستن سالن جو هڪ خوبصورت ٻار هو، هن کيس ڏسي چيو: ”توهين...رابيل آهيو؟“ ”جي ها!“ رابيل چيو. ”رابيل، آءٌ مسز احمد آهيان...فيضان جي ڀيڻ.“ هن پنهنجو تعارف ڪرايو. رابيل چيو:”جي ها! فيضان مون سان ذڪر ڪيو هو ته توهين آمريڪا ۾ رهنديون آهيو، پليز، ويهو نه.“ ”آءٌ فيضان پاران توهان کي توهان جي زندگيءَ جي هڪ وڏي خوشي ڏيڻ آئي آهيان. سڃاڻو...هيءُ ڪير آهي؟“ مسز احمد ٻار جو هٿ پڪڙيندي هن ڏانهن وڌائيندي چيو. ”هيءُ...هيءُ... ڪير آهي؟“ رابيل حيران ٿي پڇيو. ”پنهنجي شان کي نٿا سڃاڻو؟“ مسز احمد مرڪندي چيو. ”ممي - ممي - “ چوندي ٻارڙو کيس چنبڙي پيو ۽ رابيل به هن کي ڀاڪر ۾ ڀريو. سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هئا ۽ هوءَ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري مسلسل چئي رهي هئي ”شان!...شان....! منهنجو شان.“ ڪجهه دير بعد جڏهن هوءَ ڪجهه هوش ۾ آئي ته هن مسز احمد کان پڇيو: ”پر...مسز احمد... هيءُ توهان کي مليو ڪيئن؟“ مسز احمد هڪ گهرو ساهه کڻندي چيو:”رابيل! اها هڪ تمام ڊگهي ڪهاڻي آهي. نيويارڪ جهڙي شهر ۾ ائين ڪنهن کي ڳولهڻ ايڏو آسان ڪم نه هو پر فيضان ڏينهن رات ان ڪوشش ۾ هو ته ڪيئن به ڪري هُو تنهنجي زندگيءَ جي واحد سهاري ۽ خوشيءَ کي ڳولهي رهندو. هن جي پيءُ کي به اسين تمام مشڪل سان قائل ڪري سگهياسين. هن اتي هڪ آمريڪن عورت سان شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي ڪافي حد تائين هن جا هوش ٺڪاڻي اچي چڪا آهن. مشرقي زال تي رعب ۽ حڪم هلائيندڙ مرد آمريڪن زالن سان سِڌا هوندا آهن. کين گهر جو ڪم به ڪرڻو پوندو آهي ۽ زال ڊيوٽيءَ تي هجي ته گهر ۽ ٻار به سنڀالڻا پوندا آهن. سندن سڄي آڪڙ نڪري ويندي آهي. بهرحال هُو اتي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان سيٽ آهي. سندس آمريڪن زال شان کي پاڻ سان گڏ رکڻ تي تيار نه هئي انڪري شان کي پيءُ بورڊنگ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. منهنجي ۽ فيضان جي ڪيترن ئي ڏينهن جي ڪوشش سان اسين کيس قائل ڪري سمجهائي سگهياسين ته شان جي سڳي ماءُ ئي هن جي بهتر تربيت ڪري سگهي ٿي. رابيل! هيءُ تمام سمجهدار ۽ ذهين ٻار آهي. هن کي اسان تو بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي ۽ سمجهائي ڇڏيو آهي. ڏس ڪيئن نه توکي ڏسندي ئي توکي ”ممي“ چئي چنبڙي پيو.“ اهو چوڻ کان پوءِ مسز احمد رابيل جي ويجهو آئي ۽ سندس چهرو پنهنجي هٿن ۾ جهلي چوڻ لڳي: ”فيضان کي تنهنجي اڪيلائيءَ جو تمام گهڻو احساس هو. هن توسان شادي انڪري نه ڪئي ته کيس خبر هئي ته هو گهڻو وقت تنهنجو ساٿ ڏئي نه سگهندو. هو تنهنجو ايڏو ذڪر ڪندو هو ۽ کيس توسان ايڏو شديد پيار هو... ۽ جيئن هن ٻڌايو هو تون اهڙي ئي آهين بلڪه ان کان به گهڻي پياري جو آءٌ توکي پنهنجي هٿن سان فيضان جي ڪنوار بڻائي وٺي اچان ها پر.... پر (هن روئندي چيو) سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي. ”ڇا....ڇا....!؟؟“ رابيل کي اهو سڀڪجهه ٻڌندي ئي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سندس دماغ ڀنواٽيون کائي رهيو هجي، هن مسز احمد جا ٻئي هٿ مضبوطيءَ سان پڪڙي ڏڪندي چيو، ”ڇا مطلب آهي توهان جو.“ مسز احمد کيس پنهنجي سيني سان لائيندي چيو:”مون کي خبر آهي ته هن توکي ڪجهه به نه ٻڌايو هوندو.... هو ائين ئي هوندو هو، جڏهن اڃا هو آمريڪا ۾ هو، ڪجهه سال اڳ ته سندس طبيعت خراب ٿي پئي، اهڙي جو ٺيڪ نه پئي ٿئي، پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ مڪمل رپورٽون ڪرائڻ کان پوءِ اها خبر پئي ته کيس بلڊ ڪينسر هو. هن جو مسلسل علاج ٿيو ۽ هو ڪافي حد تائين ٺيڪ به ٿي ويو پر ڊاڪٽرن کي اهو شڪ هو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ جيڪڏهن وري اها بيماري اٿلي پئي ته پوءِ هن جو بچڻ مشڪل هو. فيضان کي اهو سڀڪجهه ٻڌي هر وقت اهو فڪر رهندو هو ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ پنهنجي مٽيءَ جو قرض لاهي. هتي هو ان ئي سلسلي ۾ آيو هو ۽ پوءِ ٽرسٽ ٺاهڻ کان پوءِ هو ڪافي مطمئن هو، ڇو ته هتي سندس طبيعت خراب ٿيڻ کان پوءِ هو سمجهي ويو هو ته هاڻي هن وٽ وقت تمام گهٽ هو. آمريڪا ۾ ڊاڪٽرن جي گهڻين ڪوششن جي ڪري هو ڪجهه مهينا ئي جي سگهيو. هن سوچيو ته هو ته توکي ڪا خوشي ڏئي نه ٿي سگهيو ۽ سهارو بڻجي نه ٿي سگهيو، ان لاءِ هن ڏينهن رات ڪوششون ڪري شان کي ڳولهي هٿ ڪيو.“ ان سڄي ڳالهه دوران رابيل سڏڪي سڏڪي روئندي رهي. هوءَ ايڏو رني جو ذري گهٽ بيحال ٿي وئي ۽ پوءِ سُڏڪندي چيائين: ”توهان مون کي ڇو نه ٻڌايو؟ هو ايڏي تڪليف ۾ رهيو ۽ آءٌ بيخبر رهيس. مون کي نئين زندگي ڏئي پاڻ منهنجي زندگيءَ مان نڪري اڪيلو ڪري ويو؟“ مسز احمد شان جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيندي چيو: ”نه، هو توکي اڪيلو نه ڇڏي ويو آهي، ڏس تو وٽ ته هِن کي ڇڏيو اٿس.“ پوءِ ٿوري دير ۾ ماسي، پيرو بابا، گُلان ۽ شفن سڀ اتي پهچي ويا. عجيب منظر هو. هڪ طرف ته هو سڀ شان کي ڏسي خوش هئا ته ٻئي پاسي فيضان بابت ٻڌي بيحد غمگين ٿي ويا هئا. خوشيءَ ۽ غم جو عجيب سنگم هو. رابيل کي ڪهڙي خبر هئي ته هن ڀيري هن فيضان سان گڏجي سندس آخري جنم ڏينهن ملهايو هو. ڪجهه ڏينهن بعد مسز احمد واپس آمريڪا هلي وئي ۽ چوندا آهن ته وقت سڀ کان وڏو مرهم هوندو آهي. رابيل ڏاڍو رُني هئي پر وڃڻ وارا موٽي ته نه ايندا آهن، روئڻ سان کيس رهي رهي هيءُ بيت ياد پوندو هو: ”مار پونئي موت، تون بي مُند آهين، گهائين اهڙا گهوٽ، جن مُند نه مرڻ جي!“ ان رات هوءَ شان سان ڳالهيون ڪندي رهي ۽ هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي سمهي رهيو. تڏهن رابيل اٿي هئي ۽ سندس ڪمري ۾ لڳل اها خوبصورت Painting ڏسڻ لڳي جنهن ۾ هن فيضان سان گهاريل آخري شام جو عڪس چٽيو هو. هن پنهنجي منهن ڳالهايو: ”فيضان! تون ڪيڏو عظيم آهين، ٻين کان ڪيڏو مختلف. تون ته ويندي ويندي به مون کي هڪ خوشي نه پر زندگيءَ جي نويد ڏئي وئين. آءٌ هن وقت عجيب صورتحال ۾ آهيان، روئڻ چاهيان ٿي ته منهنجي اکين جي اڳيان شان جو چهرو اچي ٿو وڃي ۽ شان کي پائي کِلڻ چاهيان ٿي ته تون منهنجي سامهون اچي ٿو بيهين. شان مون کي تنهنجي موت جي خبر سان مليو. نه نه.... تنهنجي موت جي خبر مون کي شان سان گڏ ملي. اُف...! هيءُ سڀ ڇا آهي، رئان يا کلان....؟!!“ پوءِ هن الماريءَ مان فيضان جي ڏنل واچ ڪڍي ۽ وري Painting جي اڳيان اچي بيٺي ۽ پوءِ هن واچ کي چميو. سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ هن جي ذهن ۾ هيءُ بيت گونجي رهيو هو: ”ڇني گل گلاب جا، ڪيئي ڌارون ڌار، اڙي موت، ميار! ايڏو ساڙ سڳنڌ سان؟!“ ....۽....پوءِ.... اوچتو هوا جي زوردار جهُوٽي پردن کي لوڏي ڇڏيو ۽ رابيل کي محسوس ٿيو ته دريءَ مان ايندڙ هر جهُوٽو پاڻ سان گڏ گلابن جي خوشبو کڻي پيو اچي ۽ پوءِ سندس ڪنن ۾ گهنٽيون وڄڻ لڳيون ۽ پکين جا مٺڙا گيت گونجڻ لڳا ۽ هن Painting ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ واچ کي پنهنجي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيندي، ڳوڙها ڳاڙيندي چيو: ”تون...تون...ته مون وٽ آهين. واقعي تو سچ چيو هو ته پاڻ الڳ ٿي ئي نه ٿا سگهون. آءٌ محسوس ڪريان پئي فيضان!.... تون اتي ئي آهين، مون وٽ...منهنجي اندر.“ ڪجهه سالن کان پوءِ شانَ جي اچڻ کان پوءِ رابيل جي گهر ۾ رونق ۽ نئين زندگي اچي وئي هئي. هو اسڪول وڃڻ لڳو هو ۽ رابيل کيس اسڪول ڇڏي يونيورسٽيءَ هلي ويندي هئي ۽ شام جو وري آفيس. هاڻي هوءَ نه فقط شهر جي پر صوبي ۽ ملڪ ۾ به سوشل ورڪر جي طور مشهور شخصيت بڻجي چڪي هئي ۽ فن جي دنيا ۾ پڻ وري اچي چڪي هئي ۽ پنهنجين تصويرن جا نماءَ به ڪرائي چڪي هئي. فيضان جي قائم ڪيل ٽرسٽ تحت ڪجهه پروجيڪٽ تمام سٺي طرح ڪم ڪري رهيا هئا. هاڻي هوءَ هڪ بهتر ۽ مصروف زندگي گذاري رهي هئي. هڪ شام هوءَ گهر جي ورانڊي ۾ ويهي چانهه پيئڻ سان گڏ شان، شفن ۽ بابا پيرو کي لان ۾ ڪرڪيٽ راند ڪندي ڏسي رهي هئي ۽ گلان کي رات جي مانيءَ بابت سمجهائي رهي هئي. ان وقت رابيل دل ۾ سوچي رهي هئي ته هاڻي واقعي هيءُ گهَرُ گهَرُ ئي لڳي ٿو. ايستائين پنهنجي ڪمري مان ايندڙ فون جي رِنگ ٻُڌي ته هن جلديءَ سان چانهن جو مگ خالي ڪري اتي رکيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ اچي فون جو رسيور کڻي هيلو چيو. ٻئي پاسي ڪا ڇوڪري ڳالهائي رهي هئي. هن چيو: ”مون کي ميڊم رابيل سان ڳالهائڻو آهي.“ ”جي! آءٌ ڳالهايان پئي.“ هن چيو. ”ميڊم! منهنجو نالو فائزه حسين آهي. آءٌ نئين آرٽسٽ آهيان. مون هيستائين ڪجهه گروپ نمائن ۾ حصو ورتو آهي ۽ اڳئين هفتي منهنجي ٺاهيل تصويرن جو سولو نماءُ ٿي رهيو آهي. منهنجي شديد خواهش آهي ته توهان منهنجي تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪريو، ڇو ته توهين منهنجيون آئيڊيل آهيو. آءٌ توهان جي فن ۽ شخصيت کان تمام گهڻو متاثر آهيان. ڇا منهنجي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ توهين منهنجي لاءِ ڪجهه ٽائيم ڪڍي سگهندا؟“ فائزه چيو. ”توهين ايڏي پيار ۽ خلوص سان سڏينديون ته ڇو نه اينديس! ضرور اينديس“ رابيل چيو. ”اوهه ٿئنڪ يو، سڀاڻي توهان سان ملڻ به اينديس ۽ پرسنلي ٿئنڪس به ڪنديس. مون کي توهان سان ملڻ جو بيحد شوق آهي، ڇو ته توهان نه فقط پنهنجي تصويرن ۾ آرٽسٽ جي حيثيت سان سماجي اڻبرابرين، برائين ۽ ناانصافين کي Paint ڪيو آهي، پر هڪ عظيم سوشل ورڪر جي حيثيت سان انهن مسئلن جي حل لاءِ پڻ عملي طرح ڪم ڪيو آهي.“ فائزه هڪ ئي ساهه ۾ چيو ته رابيل کلندي چيو: ”ضرور اچجو! آءٌ توهان جو انتظار ڪنديس.“ ان ڏينهن فائزه حسين جي تصويرن جي نماءُ جي موقعي تي سڄو هال ماڻهن سان ڀريل هو ۽ پروگرام جي افتتاحي تقريب جي رسمي ڪاروائين کان پوءِ جڏهن رابيل کي اسٽيج تي اچڻ لاءِ سڏيو ويو ته سڀئي سندس احترام ۾ اٿي بيٺا ۽ سڄو هال تاڙين جي آواز سان ٻُرڻ لڳو، جڏهن هن اسٽيج تي اچي پنهنجي جاءِ سنڀالي ته تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو. مختلف شخصيتن اچي نوجوان آرٽسٽ، فائزه حسين جي فن ۽ شخصيت تي ڳالهايو ۽ پوءِ خاص مهمان رابيل کان اڳ ۾ تاڙين جي گُونج ۾ فائزه حسين کي مائيڪ تي سڏيو ويو ته هن ڊائس تي اچي ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”آءٌ توهان جو گهڻو وقت نه وٺنديس، ڇو ته ڪجهه دير اڳ مختلف شخصيتن ڪافي ڪجهه ڳالهايو آهي مون بابت. آءٌ فقط اهو ٻڌائڻ چاهينديس ته هيستائين آءٌ جيترو به ڪم ڪري سگهي آهيان ان جو ڪريڊٽ فقط مون کي نه ٿو وڃي پر جيڪڏهن منهنجو جيون ساٿي...حُسين!... منهنجو قدم قدم تي ايڏو ساٿ نه ڏئي ها. هن منهنجي صلاحيتن کي دٻائڻ بدران منهنجي همٿ افزائي ڪئي. هن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڇوڪريون ڪم ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر اينديون آهن ته انهن جو واسطو سٺن ۽ خراب ماڻهن سان پوندو آهي. مون سان به ائين ٿيو ۽ ڪڏهن مون کي نماءُ ڪرائڻ لاءِ شهر کان ٻاهر وڃڻو پوندو هو ۽ بحيثيت ڇوڪريءَ جي مون کي اڪيلي سر ماڻهن سان منهن ڏيڻ ڏکيو هجي ها جيڪڏهن هر قدم تي حسين مون سان گڏ نه هجي ها. هڪ شادي شده ڇوڪري/عورت مٿان ته اڃا به وڌيڪ ذميواريون ۽ پابنديون هونديون آهن. مون کان به پنهنجي فن جي شوق خاطر ڪي ڪوتاهيون ٿيون هونديون، پر انهن تان بجاءِ ناراض ٿيڻ جي حسين مون سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي. جڏهن منهنجا فين، يا ميڊيا جا نمائندا مون سان ملڻ ۽ انٽرويو ڪرڻ چاهيندا آهن ته حسين ڪڏهن به روايتي مردن جيان اعتراض نه ڪيو، پر مون کي ڀرپور اعتماد ڏيندو رهيو آهي. منهنجو اهو سڀڪجهه ٻڌائڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته جڏهن هن سماج ۾ عورتن کي ذهني سڪون ملندو ۽ پنهنجن ڀائرن ۽ پيئرن ۽ شادي شده عورتن کي پنهنجن گهر وارن طرفان ڀرپور Support ملندي تڏهن ئي هو پُراعتماد ٿي سگهنديون ۽ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري سگهنديون ۽ سوسائٽيءَ جا هٿ ٺوڪيا ٺيڪيدار به اهڙين ڇوڪرين يا عورتن تي آڱر کڻي نه سگهندا آهن بلڪه هر جاءِ تي کين عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. آءٌ به انسان آهيان، مون ۾ به ڪمزوريون ۽ اوڻايون آهن پر انهن تي مون کي طعنا ڏيڻ جي بجاءِ، حُسين هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي آهي. دوستن وانگر مشورا ڏنا آهن. مطلب ته مون کي ڀرپور ذهني ۽ جذباتي Support ڏني آهي. آءٌ آخر ۾ حُسين لاءِ لطيف سائينءَ جو هيءُ بيت پڙهنديس: ”ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيترا، مُون وَرُ وڏِي وَٿُ، مَٿان ڏئي هَٿُ، جَنهن عَيبَ مُنهنجا ڍڪيا.“ سڄو هال تاڙين سان گونجڻ لڳو. ۽ پوءِ تقريب جي خاص مهمان رابيل کي ڊائس تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي ته ٻيهر هال تاڙين سان گونجي ويو. رابيل ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”فائزه هڪ خوبصورت، نوجوان ۽ اڀرندڙ آرٽسٽ آهي. پاڻ آرٽسٽ هئڻ سان گڏ هڪ سٺي زال ۽ ماءُ به آهي. ان ننڍيءَ عمر ۾ سندس ڪم جي پختگي ڏسي آءٌ حيران آهيان. سندس فن ۾ گهرائي ۽ جدت آهي ۽ هن اسان جي سوسائٽيءَ جي اهم موضوعن کي اجاگر ڪيو آهي. غربت هجي يا دهشتگردي، عورتن جو درد هجي يا وري ڳوٺاڻي زندگيءَ جا مختلف منظر يا وري نيچر، هن هر موضوع سان ڀرپور نموني نڀايو آهي. هيءَ ته هئي سندس فن جي ڳالهه، جنهن تي اڳ ۾ ئي مختلف شخصيتون ڳالهائي چڪيون آهن. سندس ڪم کان هٽي مون کي جنهن ڳالهه متاثر ڪيو آهي اهو آهي سندس اعتماد ۽ Boldness ... ۽ ان جو سبب پاڻ ٿوري دير اڳ ٻڌائي چڪي آهي. مون به حسين سان ڳالهايو آهي. کيس هن نماءُ جي تياريءَ جي سلسلي ۾ قدم قدم تي فائزه جو ساٿ ڏيندي ڏٺو آهي. کيس پنهنجي زال جي حوالي سان سڃاڻپ تي ڪاوڙ نٿي لڳي پر هو ته ان ڳالهه تي فخر محسوس ڪري ٿو. مون کي فائزه منهنجي پنهنجي ذات جي تڪميل ٿي لڳي. منهنجن خوابن جي تعبير ۽ منهنجي فن جو تسلسل. جڏهن آءٌ ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتي هئس ۽ هاڻي جڏهن فائزه جو دور آهي، انهن ٻنهي دورن جي ڀيٽ ڪرڻ سان مون کي اندازو ٿيو آهي ته هاڻي اسان جي ماڻهن جي سوچ ۽ روين ۾ سست ئي سهي پر تبديلي اچي پئي ۽ ادب، آرٽ ۽ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي خراب نظرن سان ڏسڻ جي بجاءِ سندن صلاحيتن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي. وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ايڏي ترقي ڪئي آهي جو پوري دنيا global village ۾ بدلجي وئي آهي، انڪري هاڻي مردن ۽ عورتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي ذهنيت کي بدلائڻو آهي ۽ ڇوڪرين يا عورتن کي خوفزده ڪري Discourage ڪرڻ بجاءِ کين اڳتي آڻڻو آهي ۽ اهو تسليم ڪرڻو آهي ته عورت به انسان آهي. هن جي به پنهنجي ڪا شخصيت آهي، سوچ آهي، خواب آهن ۽ صلاحيتون آهن. بهرحال وقت ۽ حالتن ۾ تبديلي اچي پئي ۽ ايندي رهندي. پوءِ چاهي ڪو ان کي خوشيءَ سان قبول ڪري يا نه... پر قبول ته ڪرڻي ئي پوندي ته پوءِ ڇو نه اسان سڀ ملي هن سماج ۾ هاڪاري ۽ سٺي تبديلي پاڻ ئي پنهنجن هٿن سان آڻيون...! مهرباني.“ هڪ ڀيرو وري هال تاڙين سان گونجي ويو. ۽ ڪجهه دير کان پوءِ فائزه جي هڪ پاسي رابيل هئي ۽ ٻئي پاسي حسين، ۽ هوءَ بيحد خوش هئي. رابيل نماءُ جي Opening ڪئي. پروگرام بيحد شاندار رهيو ۽ پوءِ رات جو اها تقريب ختم ٿي ته رابيل به فائزه کان موڪلائڻ آئي. فائزه گيٽ تائين کيس ڇڏڻ آئي. ٻاهر لان ۾ چنڊ جي چانڊوڪي پکڙيل هئي، جنهن گلن، ٻوٽن ۽ وڻن ۽ ساوڪ جي منظر کي هڪ پراسرار خوبصورتيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو هو. فائزه کيس چيو: ”مئڊم، آءٌ توهان جي بيحد ٿورائتي آهيان، توهان منهنجي لاءِ ايڏو وقت ڪڍيو ۽ منهنجي همٿ افزائي ڪئي.“ رابيل مرڪي چيو:”مهرباني وري ڇاجي...؟ Wish you best of luck! ”اوهه! مئڊم توهان پرس کوليو ته هيءَ واچ ان مان ڪري پئي آهي. ڪيڏي نه خوبصورت واچ آهي. ڪرڻ جي ڪري شايد بند ٿي وئي آهي.“ فائزه زمين تان واچ کڻي کيس ڏيندي چيو. رابيل هن کان واچ وٺي چيو:”نه فائزه، اها بند ڪانهي ٿي پر ان ۾ وقت محفوظ ٿي ويو آهي.“ ”ڇا مطلب؟“ فائزه حيران ٿي پڇيو. رابيل اداس ٿي چيو:”تون نه سمجهندينءَ فائزه.“ اوچتو هوا جو هڪ زوردار جهوٽو لڳو ته رابيل حيران ٿي اوسي پاسي ڏٺو ۽ پوءِ فائزه کان پڇيائين: ”فائزه توکي هوا جا خوشگوار جهوٽا لڳندي محسوس ٿين پيا؟“ ”ها.“ فائزه چيو. ”...۽ توکي ائين محسوس نٿو ٿئي ته چنڊ جي چانڊوڪي اڳي کان به وڌيڪ چِٽي ٿي وئي آهي؟“ رابيل خوابناڪ لهجي ۾ چيو. ”شايد.“ فائزه گُمُ سُمُ ٿي چيو. ”...۽ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ معمول کان وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي...۽...۽...فضا ۾ گلابن جو هڳاءُ آهي، ڪنن ۾ سُريليون ٽليون پيون وڄن... پکين جا مٺڙا گيت... ٻڌين پئي....؟“ ...۽ پوءِ فائزه کي پريشان ڏسي هن واچ کي مضبوطيءَ سان پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيندي کلندي چيو: ”مون کي خبر آهي ته تون اهو سڀ محسوس نٿي ڪري سگهين. فقط آءٌ ئي محسوس ڪري سگهان ٿي. چڱو فائزه اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو آيو جنهن سان ملڻ کان پوءِ توکي زندگيءَ سان پيار ٿي ويو هجي؟“ فائزه مُرڪي چيو:”جي ها مئڊم. اهو شخص حسين آهي ۽ جيڪڏهن توهان مائنڊ نه ڪريو ته ساڳيو سوال آءٌ توهان کان پڇان؟ اهڙو ڪو شخص توهان جي زندگيءَ ۾ آيو؟“ ”ها.“ رابيل چيو. ”ڪير آهي؟ ڪٿي آهي؟“ فائزه پڇيو. ”هو هتي ئي آهي... مون وٽ...“ رابيل چيو. ”ڪٿي آهي؟“ فائزه اوسي پاسي ڏسندي چيو. رابيل خوابناڪ لهجي ۾ چيو: ”تون نه سمجهي سگهندينءَ... اهي روح جا رشتا آهن جن کي هرڪو سمجهي ۽ محسوس نٿو ڪري سگهي... چڱو آءٌ هلان پئي... سدائين گَڏُ!“ رابيل فائزه کي اتي حيران ۽ پريشان ڇڏي هوريان هوريان وِکون کڻي وڃڻ لڳي. تنوير جوڻيجو اچو ته قانون سکون وقف جو قانون ڪنهن به شيءِ جي نفعي نقصان کي خير جي مقصدن لاءِ صدقو ڪرڻ، اهڙيءَ ريت جو ملڪيت، وقف ڪندڙ وٽ ئي رهي پر ان جا فائدا ۽ نفعا شرطن مطابق استعمال ٿين. ملڪيت وقف ڪندڙ کي ”واقف“ ڪوٺيو ويندو آهي ۽ واقف کي اهو اختيار به هوندو آهي ته هو پنهنجي وقف ڪيل ملڪيت واپس وٺي يا ان کي وڪڻي ڇڏي. بشرطيڪ واقف، پنهنجي ملڪيت دائمي طور وقف ڪري ڪنهن ”وليءَ“ جي حوالي نه ڪئي هجي. يا وري ڪنهن عدالت اهو فيصلو نه ڏنو هجي ته واقف جو ملڪيت سان ڪو تعلق ڪونهي يا وري اهو واقف گذاري وڃي. عام طرح هنن ٽن صورتن ۾ وقف لازم هوندو آهي. 1. حاڪم وقت جي حڪم موجب: موت کان پوءِ وقف ڪرڻ: جيڪو وصيت جي شڪل ۾ هوندو آهي ۽ هڪ ڀاڱي ٽي جي صورت ۾ نافذ ڪيو ويندو آهي. 2. مسجد لاٰءِ وقف ڪرڻ: ۽ جڏهن ڪنهن هڪ به ماڻهوءَ انهيءَ مقصد لاءِ نماز ادا ڪئي ته اهو عمل نفاذ لاءِ سمجهبو. وقف جي وصف جي حوالي سان ڪيترن عالمن ۾ اختلاف موجود آهي. امام ابو حنيفهرح جي راءِ آهي ته وقف، واقف جي ملڪيت رهندو. رڳو فائدو ۽ نفعو انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿيندو. تقريباً اهو ئي مسلڪ امام مالڪرح جو به آهي. پر هن قانون جي تشريح ۾ ٻين عالمن جي راين کي به آڏو رکيو ويو آهي. اهي ماڻهو جي وقف ڪري سگهن ٿا هر مسلمان عاقل بالغ ۽ جائداد جو قانوني مالڪ پنهنجي ملڪيت وقف ڪري سگهي ٿو. وقف ڪرڻ جو طريقئه ڪار وقف زباني يا تحريري ٻنهي صورتن ۾ ڪري سگهجي ٿو. وقف جي اعلان کان پوءِ جيڪڏهن ملڪيت Moveable ڦرندڙ صورت ۾ آهي ته اها متوليءَ حوالي ڪرڻ ئي ڪافي آهي. پر جي ملڪيت اڻ ڦرندڙ صورت ۾ آهي ۽ ان جي قيمت هڪ سو يا هڪ سو کان وڌ آهي ته ان کي پاڪستان جي رجسٽري ايڪٽ 1908ع تحت رجسٽر ڪرائبو، پر جي واقف پنهنجي وقف ڪيل ملڪيت جو پاڻ واحد متولي بڻجي ٿو ته ان صورت ۾ وقف جو اعلان ئي ڪافي رهندو. جيئن ته واقف ۽ متولي هڪڙو ئي شخص آهي ته ان صورت ۾ حقيقي قبضي جي منتقليءَ جي صورت پيش نه ايندي، پر ٻي صورت ۾ وقف ان وقت تائين ڪامل نه ٿو ٿئي جيستائين واقف وقف جي اعلان کان پوءِ، جائداد جو حقيقي قبضو متولي حوالي نه ڪري. ڪنهن ٻئي متوليءَ کي جائداد ڏئي ۽ پوءِ وري واپس وٺڻ ۽ متوليءَ کي برطرف ڪرڻ جو اختيار، واقف کي ناهي. البت جيڪڏهن وقف نامي جي شرطن ۾ اهو اختيار، واقف پاڻ لاءِ رکيو آهي ته پوءِ هو اهو عمل ڪري سگهي ٿو. وقف جا شرط وقف هميشه لاءِ عمل ۾ ايندو، انڪري ڪنهن خاص معياد يا وقت لاءِ وقف نه ٿيندو. وقف جا مقصد به دائمي رهندا. جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي سموري ملڪيت وقف ڪرڻ چاهي ته پنهنجي حياتيءَ دوران اهو عمل ڪري سگهي ٿو، پر مرڻ کان پوءِ سندس ملڪيت جو فقط ٽيون حصو وقف ڪري سگهبو، جيڪو وصيت ذريعي ٿيندو. وقف جا مقصد اسلامي شريعت پٽاندر وقف جا مقصد، مذهبي خيراتي ۽ ڀلائيءَ وارا ٿي سگهن ٿا. ڪو شخص پنهنجي ڪٽنب ۽ اولاد جي حق ۾ به وقف ڪري سگهي ٿو. عام طرح وقف لاءِ هيٺيان مقصد ٿي سگهن ٿا: 1. مسجدن جي تعمير: امام جو پگهار ۽ مسجد جي سار سنڀال لاءِ خرچ وغيره. 2. تعليمي ادارا کولڻ ۽ ان جي انتظام سنڀالڻ لاءِ خرچ. 3. پُلين، رستن، سرائن جي تعمير ۽ انتظام لاءِ خرچ. 4. غريبن ۽ محتاجن جي مالي مدد ۽ حج ڪرائڻ. 5. محتاج ۽ دست نگر مائٽن ۽ ٻين ماڻهن جي سار سنڀال واسطي. اصل سائپرس جيڪڏهن ڪنهن وقت جا مقصد پورا ٿي وڃن ته وقف جي آمدني اهڙن ئي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. قرض خواهن کي فريب ڏيڻ جيڪڏهن ڪا جائداد يا ملڪيت قرض خواهن کي قرض جي ادائگيءَ کان محروم رکڻ لاءِ وقف ڪئي وئي آهي ته قرض خواهه ڪورٽ ذريعي ان کي وقف کان منسوخ ڪرائي سگهن ٿا. متولي وقف قائم ٿيندي ئي ملڪيت جو قبضو متوليءَ حوالي ڪيو ويندو آهي. جيڪو جائداد جو منتظم هوندو آهي. واقف پنهنجي وقف لاءِ ڪنهن به شخص توڙي اهو مرد هجي يا عورت مسلمان هجي يا غير مسلم، ان کي متولي مقرر ڪري سگهي ٿو. البت جيڪڏهن وقف ڪن خاص ڪمن لاءِ آهي ته اتي فقط مناسب متولي مقرر ڪيا ويندا. مثال جيڪڏهن وقف مسجد لاءِ آهي ته متولي مسلمان ٿيندو، غير مسلم نه. اهڙيءَ طرح نابالغ يا ذهني معذور کي به متولي مقرر ڪري نه سگهبو. پر ڪو واقف نابالغ يا ذهني معذور کي متولي مقرر ڪري ته عدالت ان تي قدم کڻي سگهي ٿي ۽ ڪنهن ٻئي شخص کي عبوري طور متولي مقرر ڪري سگهي ٿي. متوليءَ جي مقرري: 1.واقف کي اختيار آهي ته پهريون متولي پاڻ مقرر ڪري يا متولين جي نالن جو تعين ڪري رٿابندي ڪري يا اهڙا شرط يا متولي ٿيڻ لاءِ اهليت به متعين ڪري جنهن جي پيش نظر متولي مقرر ڪري سگهجن. اهڙيءَ طرح واقف، متولي مقرر ڪرڻ لاءِ اهو اختيار پهرين متوليءَ کي به ڏيئي سگهي ٿو ته سندس موت کان پوءِ ڪو متولي هو پاڻ چونڊي. 2. جيڪڏهن مقرر ٿيل متولي فوت ٿي وڃي يا ڪو متولي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري يا ڪا ڪورٽ پنهنجي حڪم سان برطرف ڪري ته ڪورٽ کي اختيار آهي ته هو ڪو ٻيو متولي، واقف جي هدايتن کي آڏو رکندي، مقرر ڪري. متوليءَ جي خدمت جو معاوضو متوليءَ جي خدمت جو معاوضو واقف پاڻ مقرر ڪري سگهي ٿو. اهو معاوضو ڪا مقرر رقم يا وقف جي خرچ پکي کان پوءِ بچندڙ ڪا رقم ٿي سگهي ٿي. پر جي واقف، متوليءَ لاءِ معاوضو مقرر ناهي ڪيو ته ڪورٽ سڳوري ان لاءِ معقول رقم مقرر ڪري سگهي ٿي. پر اها رقم وقف جي آمدنيءَ جي ڏهين حصي کان وڌيڪ ٿي نه ٿي سگهي. جيڪڏهن متوليءَ کي ٿورو معاوضو ملي رهيو آهي ته عدالت ان لاءِ الائونس به مقرر ڪري سگهي ٿي. متوليءَ جي برطرفي عدالت ڪنهن به متوليءَ کي، وقف جي مقصدن خلاف ڪم ڪرڻ تان برطرف ڪري سگهي ٿي. البت متوليءَ کي اهو اختيار ناهي ته هو ڪو ٻيو متولي مقرر ڪري، البت جيڪڏهن واقف کيس اهو اختيار ڏنو آهي ته هو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ ملڪيت جي سار سنڀال ۽ پنهنجي مدد لاءِ ڪو نائب به مقرر ڪري سگهي ٿو. وقفِ ۽ ٽرسٽ ۾ فرق وقف جي صورت ۾ ملڪيت الله تعاليٰ حوالي ڪئي وڃي ٿي ۽ متولي فقط منتظم هوندو آهي. جڏهن ته ٽرسٽ جي شڪل ۾ ملڪيت ٽرسٽيز (Trustees) وٽ هوندي آهي ۽ اهي ئي منتظم به هوندا آهن. (هي مواد قانون ۽ انصاف ڪميشن، حڪومت پاڪستان جي ڇپايل ڪتاب ”قانون فهمي“ تان کنيو ويو). اسما ميمڻ تعارف روما صالح اسما ميمڻ پنهنجي باري ۾ ٻڌائي ٿي ته منهنجو جنم ڪراچي شهر ۾ ٿيو. پيدائش 1980/12/15 جي آهي. اسٽار قوس Sagittarius آهي. ڀائرن ڀينرن ۾ نمبر چوٿون آهي. پيار ۾ گهر ڀاتي نوال جي نالي سان سڏيندا آهن. اسما وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته ننڍي هوندي الاهي شرارتي هوندي هئس. لطيفا ڏاڍا سٺا ٻڌائيندي آهيان ۽ آواز سٺي هئڻ ڪري ڪنهن فنڪشن ۾ فرمائش تي ڪو گانو به ٻڌائي وٺندي آهيان. دوستيءَ جي باري ۾ آءٌ الاهي محتاط هوندي آهيان، اِن ڪري منهنجون هڪ ٻه ئي دوستون آهن، پر ڏاڍيون مخلص آهن. جن سان هر ڳالهه شيئر ڪندي آهيان. گهر ۾ بابا منهنجو بهترين دوست به آهي ۽ رهنما پڻ. انگلش ميڊيم پڙهڻ ڪري سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، پر جيئن ته اسان جي پنهنجي ٻولي آهي، گهر ۾ به اسان سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهائيندا آهيون، پر هاڻي ڪوشش ڪندي آهيان ته سنڌي سٺي لکي پڙهي سگهان. ان لاءِ بابا کان به مدد وٺندي آهيان ۽ سنڌي رسالا ۽ ڪتاب گهرائي پڙهندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن شاعري به ڪري وٺندي آهيان ۽ لکڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. گهر جِي سجاوٽ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي، مهيني کان پوءِ چاهيندي آهيان ته سڄي گهر جي سجاوٽ کي تبديل ڪريان. کاڌن پچائڻ جو به ڏاڍو شوق آهي. رڌ پچاءَ جا کوڙ سارا ڪتاب مون وٽ آهن. ٽي.وي تي ته باقاعدگي سان رڌ پچاءَ جا پروگرام ڏسندي آهيان. انهيءَ سلسلي ۾ ڊائريون پڻ کوڙ ساريون گڏ ڪيون آهن، جن کي پڙهي کاڌا رڌيندي آهيان. ڪَيڪَ ته مون کي ڏاڍا سٺا ٺاهڻ ايندا آهن. گهر ۾ ڪنهن جي به سالگرهه ٿيندي آهي ته ڪيڪ مان ئي ٺاهيندي آهيان. توهان ائين نه سوچجو ته مان صرف انهن ڪمن ۾ مهارت رکان ٿي، پر پڙهڻ ۾ به وري اوتري ڀڙ آهيان. ڪراچيءَ جي ايس.ايم.سي ۾ وڪالت جي ٽئين سال ۾ پڙهي رهي آهيان. ننڍي هوندي کان پوزيشن هولڊر رهي آهيان. وڪيل ٿيڻ جو منهنجو ننڍي هوندي جو شوق هو. ٽي.وي تي اهڙا ڊراما يا ڪي پروگرام شوق سان ڏسندي هئس ۽ وري گهر ۾ وڪيل ٿيڻ جي ايڪٽنگ به ڪندي هئس. سال ۾ ٻئي عيدون جڏهن اينديون آهن ته اسان جي وڏي گهر هئڻ ڪري سڀ مائٽ اسان وٽ عيد ڪرڻ ايندا آهن. اسان جا پڦاٽ، پڦيون، چاچا، چاچيون، سڀ مون کي مختلف ڊشز کارائڻ جون فرمائشون ڪندا آهن ۽ مان خوشيءَ خوشيءَ سڀ فرمائشون انهن جون پوريون ڪندي آهيان، ٿڪجي به پوندي آهيان پر خوشيءَ ۾ ڪا خبر ئي نه پوندي آهي. شادين ۾ ڪنوارن کي پڻ تيار سٺو ڪري ويندي آهيان، صرف پنهنجي خاندان جي ڇوڪرين کي ئي تيار ڪندي آهيان. واندڪائيءَ مهل ميوزڪ ٻڌندي آهيان، ڪتاب پڙهندي آهيان. سلائي به سُٺي ڪندي آهيان. پنهنجي ڪپڙن تي ڊزائننگ پاڻ ڪندي آهيان. مختلف وقتن تي ڪورس به ڪندي رهندي آهيان، جن ۾ انٽيريئر ڊيڪوريٽر ڪورس، پارلر ڪورس، فلاور ميڪنگ ڪورس شامل آهن. ثميره زرين سوريءَ سزاوار ”ٻڌءِ - !“ ”ها“ ”عرفان ته انهيءَ حد تائين چئي ڇڏيو ته، جيڪڏهن توهان کيس انڪار ڪيو ته، پوءِ هُو ڪٿي به شادي نه ڪندو.“ ”مون کي اڳ ۾ ئي اها خبر هئي.“ ”توکي چيو هوندائين.“ ”سندس نموني مان ظاهر هو، مون کي چيو ته ڪين هئائين.“ ”چاچا پئي چيو ته، هو توکان پڇي پوءِ جواب ڏيندو.“ ”هون.....“ ”پوءِ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ - “ ”ڏسجي. “ (ٽونڪ مان) ”خير معاملو اهڙو ئي آهي، جو توکي مڙيو ئي سوچڻو پوندو. باقي هونئن اٿوَ ته پاڻ ۾ ڏاڍي بي تڪلفي!“ ”ها، اهو ته آهي.“ ”چاچا هڪ لڱا ڏاڍو چڱو قدم کنيو آهي، جو توکان رايو پڇيو اٿس. بهرحال آهين خوشنصيب!“ ”(کلي) بلڪل، ان ۾ شڪ ئي ڪهڙو آهي.“ ”سچ، توکي ته سندس شڪر گذار ٿيڻ کپي.“ ”مون کي!....ڇو؟....“ ”توکان رايو جو پڇي ٿو.“ (سنجيدگيءَ سان) ”اهو ته سندس فرض آهي. نه پڇڻ جي حالت ۾ مٿس وڏي ذميواري رهي ها.“ ”۽ تنهنجو ڄڻ ڪجهه نه ٿئي ها! خير، ڪيئن به، بهرحال توکي چڱو چانس ملي ويو. من! هاڻي چاچا جي نقش قدم تي هلي سڀ پاڻ موکائين!“ (کلي) ”توکي پنهنجو فڪر لڳو آهي نه. پر هنوز دلي دور است. فيروز کي اڃا هڪ سال پڙهڻو آهي.“ ”اونهن!...ڀلا، منهنجو هن سان ڪهڙو واسطو! ڪيڏو نه ڊسٽرب ٿي ڪرين، اهڙيون ڳالهيون ڪري.“ ”من! تنهنجو واسطو ته خير هن سان ڇا ٿيندو. باقي پڦو جان جو ته آهي.“ ”الا! تون ڪيڏي ظالم آهين. مون توکي خوشخبري ٻڌائي. تون وري منهنجي دل کي نشتر ٿي هڻين!“ ”بس، مون توبهه ڪئي، هن جي نالي کڻڻ کان. باقي، ڪهڙي دل آهي، جنهن نشتر نه کاڌا آهن!“ ... ... ... رشيده هلي وئي ته، هوءَ ڪر موڙي اٿي بيٺي ۽ ڪمري ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳي. جيئن چوڏهينءَ جي چنڊ تي سامونڊي ڇوليون وڌي وار ڪنديون آهن، تيئن اڻ ڳڻيا خيال هن جي ذهن کي وڪوڙي ويا. ڪالهه کيس اها خبر پئي ته، عرفان هن لاءِ سندس پيءُ کي پيغام ڏنو آهي. کيس اها خبر ٻڌي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زندگيءَ جي پرسڪون راهه تي پنهنجي موج مستيءَ ۾ هلندي، اوچتو هوءَ ڪنهن ڇپ سان ٽڪرجي ٿاٻو کائي ڪرڻ واري هجي.! اڄ انهي مبهم خبر جي رشيده به تصديق ڪري هلي وئي هئي. هن جون نگاهون سامهون ديوار تي ٽنگيل ٻن تصويرن تي کُپي ويون. هڪ تصوير جوان عورت جي هئي ۽ ٻي هڪ نهايت ڪمزور ٻڍي عورت جي. جوان عورت جي چهري جي شادابي ۽ دلڪش مرڪ بهارن کي شرمائي رهي هئي. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ اها تصوير کيس ڪجهه چئي رهي هجي... هوريان، هوريان... سنگيت جي مڌر تان جيان هي لفظ ”انهيءَ عورت جي خوش نصيبي ڪنهن مَٽِ ناهي، جنهن کي چاهيندڙ گهوٽ ملي وڃي... تون به ڪيڏي نه ڀاڳ واري آهين، مون جيان!.... يا شايد مون کان به وڌيڪ...“ ٻئي لمحي هن جون نگاهون ٻڍي ڪمزور عورت جي تصوير سان ٽڪرائجي ويون. جيڪا خزان رسيده گل پئي نظر آئي. انهيءَ تصوير جي نگاهن جو ڪرب کيس ٻيو ڪجهه چئي رهيو هو.... ٻيو ڪجهه... جيڪو ساهه سيبائيندڙ منجهه نه هيو... جيڪو ٻڌائڻ لائق نه رهيو... جنهن حسين خواب ٽوڙي پئي ڇڏيا. هيءُ لفظ ته ”پيار سڀ ڪجهه نه آهي... پيار ڪجهه نه آهي... پر... ذهني اذيت وچان هن اکيون ڪري ٻوٽيون. پر کيس هنن تصويرن جي مالڪياڻين کان صلاح وٺڻ بنان رايو ڏيڻ ممڪن ئي نظر نه پئي آيو. ڀلا ٿئي به ڇو نه... هوءَ جيڪا جوان عورت واري تصوير هئي... اها ڪنهن ٻئي جي ته ڪين هئي. اها ته سندس مٺڙي ماءُ جي تصوير هئي! جڏهن هوءَ شادي ڪري هن گهر ۾ آئي هئي ۽ ٻڍڙي ڪمزور عورت واري تصوير؟.... اها ڪنهن جي هئي؟.... اها.... اها به ته سندس ماءُ جي هئي، جيڪا شاديءَ کان رڳو ستن سالن بعد جي نڪتل هئي، جڏهن هوءَ هن گهر مان نڪري هميشه لاءِ ٽي. بي سيني ٽوريم ۾ هلي وئي هئي! هن جي رڳ رڳ ۾ سنسني ڊوڙي وئي. هوءَ ٿڪل انداز ۾ ڀرسان صوفي تي ليٽي پئي. ڄڻ هنن ٿورن منٽن ۾ هوءَ ڪا ميلن جي مسافت طيءِ ڪري آئي هجي! هن مائوٿ آرگن کڻي پنهنجي چپن سان لڳايو. جنهن جا تکا سر هڪ دردناڪ چيٽ جيان فضا ۾ اڀري ويا.... هن جون پلڪون جهڪي ويون... ۽ سندس دل جو سمورو سوز و گداز هن جي چپن تي مچلڻ لڳو... رشيده کيس تکن چڀندڙ لفظن ۾ چئي وئي هئي: ”اٿو ته پاڻ ۾ ڏاڍي بي تڪلفي“ ۽ اها حقيقت هئي. نه رڳو ايترو، پر عرفان ته کيس چاهيندو به هيو!... ۽ شايد هوءَ به... ڪيتريون برسات کان پوءِ جون نکريل شامون، هنن ڪافي سِپ ڪندي دنيا جهان جي ڳالهين ۾ ختم ڪيون هيون. طاهر، رفيق ۽ رشيده وغيره اڪثر کين پاڻ ۾ مگن ڏسي، بور ٿي وڃي ورانڊي ۾ ٽيبل ٽينس کيڏڻ لڳندا هئا، يا وچ ۾ اجايون سجايون ڳالهيون ڪري، کين بور ڪندا هئا ۽ سندن ڳالهيون ڇا هونديون هيون، ”تون اڃا تائين برقعو نه ٿي پائين، مون کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي.“ ”ڀلا، تنهنجي ايتري سگريٽ نوشي مون کي نه وڻندي آهي، پوءِ تون منهنجي ڳالهه مڃين، جو مان مڃان پنهنجي متعلق اها ٽوڪ زني!“ باقي هوندو هو دنيا جي هر موضوع تي تبصرو. اها ڳالهه پڻ خاص طور قابل ذڪر هئي ته، اڪثر سندن گفتگو جو خاتمو ڪنهن جهڳڙي تي ٿيندو هو. جيڪو خيالن جي بي انتها تضاد سببان نه چاهيندي به ٿي ويندو هو. تنهن ڏينهن جي ڳالهه هئي. فاخره ۽ رشيد جن پيار مان شادي ڪئي هئي. پر بعد ۾ رشيد جي شراب نوشي سببان سندن جهڳڙو رهڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن نشي جي حالت ۾ جو رشيد جي مار ڏيڻ تي فاخره جي ڪرائيءَ جي هڏي ٿڙي ويئي، ته سندن زندگي هڪٻئي کان بنهه الڳ گذرڻ لڳي. ان جو ذڪر جڏهن هن گروپ ۾ هليو ته، عرفان رشيد کي بي ڏوهي ٺهرائيندي سڄو الزام فاخره تي هڻي ويو ۽ هوءَ وري پنهنجي منصف جي ليڊر بڻجي هن جي فائدي ۾ ڳالهائڻ لڳي. بس، ڄڃ پرائي احمد نچي. جي مصداق هو پرائي جهڳڙي جي ڳالهه ڪندي پاڻ ۾ وڙهي ويٺا. جڏهن عرفان چيو ته:”ان کان ته ڪو انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته، اڄ به رشيد جو فاخره سان پيار آهي.“ ”عورت لاءِ مڙس جي محبت کان مٿي نيٺ ٻيو ڇا آهي. ضد سببان هوءَ پنهنجو گهر بگاڙيندي، ته پوءِ اها ذميواري به مٿس ئي ٿيندي.“ اهو ٻڌي هوءَ بيحد ناراض ٿي وئي. خار مان چيائين:”ڇا، مردن جو پيار اصل ايڏو اهم آهي، جو ان سان گڏ جهنم به قبول ڪجي! ”توهان مردن نيٺ اسان کي سمجهيو ڇاهي؟“ عرفان مرڪي چيو:”عورت... مٿي کان پيرن تائين عورت. تون ئي ٻڌاءِ! ڀلا ڇا سمجهون.“ رفيق کلي لقمو ڏنو ”بس، رڳو ايترو ته، مرد جو عقل سندس دماغ ۾ هوندو آهي ۽ عورت جو سندس پيرن جي ترين ۾... جيڪو....“ هن جملو اڌ ۾ ڪٽي ٽونڪ سان کلي چيو: ”جيڪو گهمندي ڦرندي گسي سندس پيرن مان نڪري مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي.....“ ڀرون تاڻي هن رفيق کي چيو: ”افسوس! مثال به پراڻو ڏنئه. ڪو پنهنجي ذهن مان جديد مثال ته ڏين ها!“ عرفان هن جي ناراضگي کي پيارين نگاهن سان ڏسندي، سندس پياليءَ ڏي اشارو ڪري چيو:”بس... بس، فرزي، آئيسڪريم پاڻي ٿي وئي!“ اهو عرفان، جيڪو کيس چاهيندو هو.... جيڪو عورت کي رانديڪي مثل سمجهندو هو. .....جنهن جي پيار ۾ هڪ عجيب تحڪمانه انداز هو، انهيءَ عرفان، جنهن فاخره جي ناڪام شاديءَ تي چيو هو ته، ”عورت کي وسارڻ نه کپي، ته هوءَ مرد لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي، تنهن کيس وڏي اعتماد منجهان زندگيءَ ڀر ساٿ ڏيڻ جو پيغام ڏنو هو“ ۽ فرزانه جي ضدي طبيعت کي مد نظر رکي، هن پنهنجي پيغام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ هي اکر پڻ ڳنڍيا هئا ته،”جيڪڏهن فرزانه جن کيس انڪار ڪيو، ته پوءِ هو ڪٿي به شادي نه ڪندو.“ سندن خيالن ۾ سخت اختلاف هو. بحث ۾ هُو چانڊيه مگسيءَ جو مثال بڻجي ويندا هئا. پر نه وڙهڻ ڇڏيندا هئا، نه وري ڳالهائڻ. فرزانه جي خود مختار طبيعت، جيڪا ماٽيلي ماءُ سان گڏ گهاريندي به ڪنڌ جهڪائڻ نه ڄاڻندي هئي، ۽ سندس ايڏين ارڏائين جي باوجود به هو هن تان آسرو نه پلي سگهيو، پر، نيٺ به پيار ۾ زبردست طاقت آهي. هو يقيناً کيس پنهنجي پيار سان موڙي سگهندو. ائين، جيئن باهه جي تؤ تي شيشي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق بڻائي سگهبو آهي. اڄ هوءَ سنجهي سنئون منهن سر ويڙهي پئجي رهي. - سوڌ پوڌ اهڙو ئي ڊرامو هڪوار اڳ به هن گهر ۾ کيڏيو ويو هو. ساڳيا ئي لفظ هن جي ڊيڊيءَ پڻ هن جي ماءُ لاءِ چيا هئا. سندس ماءُ پنهنجي وقت ۾ خاندان جي حسين ترين ڇوڪري هئي. سندس ڊيڊيءَ جو مڱڻو پنهنجي سوٽ سان ٿيل هو. پر هن اهو ڪچو ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيو ۽ ٿرٿلو مچائي ڏنائين. چي، جيڪڏهن هن جي ساڻس شادي نه ڪئي ويندي، ته پوءِ هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو. هن جي برساتي نئن جيان جولان ۾ آيل محبت نيٺ رنگ لاتو ۽ سهاڳ جو سينگار ماڻيائين. نيٺ شاديءَ جي پهرين سالگرهه تي هوءَ پيدا ٿي. جڏهن ڪجهه وڏي ٿي، ته سندس ڊيڊيءَ هن لاءِ هڪ ڪرسچن ٽيوٽر آندي. جيڪا هن جي استاد به هئي ته آيا به ۽ آخرڪار سندس ”ماءُ“ به بڻجي وئي. سڄي گهر ۾ هن جو وجود ڇانئجي ويو ۽ هن جي ماءُ پنهنجي زخمي محبت سيني سان لڳائي رت ٿڪڻ ڪوئٽا سيني ٽوريم ۾ هلي وئي. گهڙي گهڙي هن جي آڏو عرفان ۽ سندس ماءُ جي تصوير ٿي ڦري وئي. بيقراريءَ کان هوءَ اٿي ويٺي. پردو پري ڪري دريءَ کان ٻآهر ڏٺائين. آسمان تي ستارا ڪنوار جي رئي جيان جهومر لايو بيٺا هئا. هن خوابناڪ فضا ۾ ڄڻ عرفان جو پرڪشش چهرو ستارن جي سيج تان اڀري کيس چئي رهيو هو، فرزي، مان تو کان سواءِ ڪٿي به شادي نه ڪندس... فرزي.... تو کان سواءِ... توکان سواءِ... بنسري جي مٺڙي آلاپ جيان اهي لفظ سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا... جذبات جي يورش کان گهٻرائجي هن اکيون ڪري ٻوٽيون... هيءُ اهو ئي پيار جو ڄاتل سڃاتل نغمو هو... جيڪو ازل کان انسانن جون دليون وس ڪندو آيو هو... جيڪو هر ڪنهن جي دل جي تار ۾ اڻلکو وڄندو هو. بهار جي هيرن ۾ گل به شايد ايڏو نه جهومندا هئا، جهڙو انسان جي دل هيءُ نغمو ٻڌي جهومڻ لڳندي هئي. ڪيڏي مهل تائين هوءَ ائين سحرزده چپ چاپ بيٺي رهي. وقت الائي ڪيئن گذري ويو. کيس پتو نه پيو. جڏهن هوءَ واپس مڙي، ته هن جي چپن تي هڪ مطمئن مرڪ هئي. ائين، ڄڻ هن ڪو حل ڳولي لڌو هجي ۽ اهو اهڙو ته واضح ۽ مضبوط هو، جو کيس پنهنجي اڳين اڻ تڻ ۽ سوچ ويچار بلڪل اجائي پئي معلوم ٿي. زندگي هڪوار ملندي آهي پوءِ ڇو نه... ڇو نه خوش ٿي گذارجي! هوءَ پردو ٺيڪ ڪري اچي پلنگ تي ليٽي پئي. سج جا تيز ڪرڻا جڏهن دريءَ کان ڇڻي هن جي بستري تي آيا، تڏهن هن جي اک کلي. هن پنهنجو پاڻ کي پرهه جي هير جهڙو هلڪو ڀانيو. رات جي فڪرات جو هن جي چهري تي ذرو به اثر باقي ڪين هو. رشڪ مان ٽوڪري کڻي هوءَ هيٺ باغ ۾ هلي وئي. کيس ائين محسوس ٿي رهيو هو. ڄڻ اڄ هر هڪ گل ۽ پن کيس عجيب نگاهن سان ڏسي رهيو هجي. ٿلهي جي ڀرسان رکيل ڪونڊين ۾ نرگس جون اوسيئڙي ڀريون اکيون ڄڻ کيس الوداع چئي رهيون هجن ۽ صبح جي هير ۾ جو ٽاريون لُڏي لُڏي هن جي بدن کي ڇُهي ٿي ويون، سي رڳو هن کي گلي ملڻ لاءِ ئي ائين ڪري رهيون هيون. هن پنهنجائپ جي جذبن سان ڀرپور نگاهن سان ڏسندي، ڄڻ سڀني گلن ۽ ٻوٽن سان موڪلاڻي ڪري ورتي... هوءَ هاڻي پرائي ٿي ويندي.. هوءَ هتي نه هوندي.... پر ٻئي ڪنهن هن..... جتي الائي ڇا هو.... ”الا جي سک... يا ڏک به....“ ڍڳ جيترا گل ڇني جڏهن هوءَ واپس موٽي ته، ڏٺائين، ڊائننگ ٽيبل تي سندس ڊيڊيءَ سان گڏ هن جي ٽيتاليهن ورهين جي ڪنواري پڦي به ويٺي هئي. سندس اچڻ جو مطلب ڄاڻڻ جي باوجود به هوءَ کن لاءِ هٽڪجي وئي ۽ هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. پر پوءِ سندس هٽڪ ۽ دل جو ڌڙڪڻ سڀ فطري ئي ته هو. ڀرسان ٽپائيءَ تي گل رکي هن ٻنهي کي سلام ڪيو ۽ اچي ڪرسيءَ تي ويٺي. اڄ هن جو ڊيڊيءَ ۽ پڦيءَ کيس اهڙي ته قياس گاڏڙ محبت سان ڏسي رهيا هئا، ڄڻ هوءَ مري رهي هجي ۽ بس مهمان به دم پل جي هجي. هميشه جيان جلد ناشتو ڪري هن جو ڊيڊي اٿيو ۽ هميشه جي خلاف سندس مٿي تي پيار سان هٿ رکي چيائين: ”فرزانه پٽ! اڄ ادي سعيده هتي رهندي، سندس خيال ڪجانءِ.“ پڻس اڃا پورٽيڪو وٽ ئي هيو ته، هن جي پڦي پنهنجي بي صبر طبيعت سببان، بنان ڪنهن تمهيد جي سڌو سنئون پنهنجي مقصد ڏي رڙهي آئي ۽ هوءَ چانهه جو ڍڪ ڀريندي رهجي وئي. ”ٻڌ، امان! اها ته خبر پئي هوندءِ ته، عرفان تنهنجي گهُر ڪئي آهي. سو ادا پئي مون کي چيو ته، مان توکان پڇان ته، زور آوري ٿا ڪريو، ڪهڙي انگريزن جي ڪني ريت ٿا وٺو. نياڻي نماڻي ڇا چوندي. جيڪا تنهنجي مرضي، سا هن جي. ٻئي پاڻ ۾ کير کنڊ لڳا پيا آهن. پر پڻهين مڃين ئي نه. چيائين، ماءُ به هتي ڪانهيس. هن کان ته پڇي ڏي - متان پوءِ اها اچي وري گوڙ ڪري. سو هاڻي تون ماءُ جي صلاح تائين نه وڃجانءِ. سڄي سياڻي آهين. حياتي توکي گذارڻي آهي. تنهنجي ماءُ کي نه، سو سمجهي جواب ڏي.“ هن آهستي وراڻيو: ”نه، مان امان کان ڇو پڇنديس، هيءُ ته منهنجي حياتيءَ جو معاملو آهي.“ هن اکيون مٿي کڻي پنهنجي پڦيءَ ڏانهن نهاريو. جنهن جي مٿي جا اڇا وار اس جي تڙڪي تي سيم جي تارن جيان پئي چمڪيا. سندس چهري تي ڪنوار پڻي جي تقدس سان گڏ هڪ عجيب قسم جي محروميت جا گڏيل تاثرات نظر اچي رهيا هئا. هوءَ سندس چوڻ وساري ڪا گهڙي وسي ٿي کيس ڏسڻ لڳي. اها تصوير رڳي هن جي انهيءَ پڦيءَ جي نه هئي، پر ٽن ٻين پڦين جي به. هنن جي خاندان ۾ عورتن لاءِ اهي ٻه راهون هلي رهيون هيون. جن خاندان جي عزت خاطر ڀاڄائين جا ويڻ پئي سَٺا، جيڪي آلي ڪاٺيءَ جيان بنان لاٽ جي ٻري رهيون هيون. ۽ ٻي راهه اها هئي، جنهن تي چاهه جي شادي رچائي، سهاڳڻيون پيار جا داغ کڻي سيني ٽوريم ۾ سُڏڪنديون هيون. هن جي رڳ رڳ درد سان ڀرجي وئي. هن جي دل بي اختيار پڪاريو: هاءِ... هنن راهن تي ڪيئن هلبو؟.... پٿون پير کڻي... سيني جا سور کڻي! .... ڪا نئين راهه... ڪا نئين راهه ڳولهڻي ئي پوندي... ها، اي زندگي تو لاءِ. پڦيءَ کيس ائين سوچ ۾ گم ڏسي چيو: ”ڏس! مون کان شرم ڇو ٿي ڪرين! بس، ادا کي ها چوان ني؟“ تڏهن هوءَ سجاڳ ٿي. هو پهريون جيڏي گنڀيرتا سان ويٺي هئي، هينئر اوڏو ئي سندس دل ۾ هلچل مچي وئي. اندر ۾ ڄڻ جوالا ڦاٽي پيو هوس، جيڪو ڪنهن به ريت سندس قابو ۾ نه ٿي آيو. کن رکي هن نهايت سنجيدگيءَ مان آهستي وراڻيو: ”پڦو، توهان ڊيڊيءَ کي چوندا، مون کي هيءُ رشتو هرگز قبول نه آهي.“ ”هان....!! هي ڇا چيئه....!؟“ چانهه جي پيالي سعيده پڦيءَ جي هٿن مان ڪري چُور چُور ٿي وئي. سندس چهري تي وحشت جا تاثرات اڀري آيا. ائين، ڄڻ هن پنهنجي آڏو موت جو فرشتو بيٺل ڏٺو هجي. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هن اهي لفظ نه چيا هئا، بلڪ صور ڦوڪي ڇڏيو هو ۽ بس، هينئر قيامت اچڻ واري هئي. ثمينه ميمڻ وِرِهه وڇوڙا هوءَ سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهي هئي، ڀر ۾ مڙسهنس خالد ستو پيو هئس، هن گهڙيال تي نظر وڌي ته اٺ ٿي چڪا هئا. ارم کي ڏٺائين، جيڪا پنهنجي ننڍڙي پلنگ تي بي سُڌ سُتي پئي هئي. اڄ ته هن جو اسڪول به ويو. هوءَ سوچڻ لڳي. خالد کي به آفيس لاءِ دير ٿي وئي هئي. هن چاهيو ته هوءَ هن کي اٿاري پر الائي ڇو! اڄ هن جي همت جواب ڏئي وئي هئي. هُن کي خالد اڄ ڄڻ پنهنجو نه لڳو. هن جي دل چاهيو ته هوءَ رات ئي هن گهر مان هلي وڃي. هيءُ شخص جيڪو هن لاءِ سڀڪجهه هو، هڪ رات ۾ هن کي پنهنجو نه ٿي لڳو. هن خالد کي ڏٺو، ڪيئن نه اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو. هيءُ سالن جون محبتون هڪ لحظي ۾ ختم ٿي ويون. هن جي چهري کي ڏسندي دل ۾ وڌيڪ ڌِڪار محسوس ٿيس. هوءَ انهيءَ ڪمري مان ئي ٻاهر نڪري آئي. دل چيس ته هوءَ پاڻ هينئر ڪو نه ڪو فيصلو ڪري. ڇا رهيو آهي هن جو گهر ۾. هيءُ سڄو گهر هن ڪيئن ٺاهيو هو. ذري ذري سان محبت هئس. هر شيءِ کي هُن دل سان چاهيو هو. هو شخص ئي هن جو پنهنجو نه رهيو ته پوءِ هي گهر ڇا آهي!؟ خوشي ڇا آهي!؟ پر هاڻ مان ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهان؟ ڪيڏانهن وينديس، انهن مائٽن وٽ جن منهنجي خوشي سمجهي اِهو رشتو قبول ڪيو هو. ڪهڙي منهن سان وڃان انهن وٽ. ٻي شاديءَ جي اجازت نه ڏيڻ سان مٿس ڪهڙو اثر ٿي سگهي ٿو. هن سوچيو. هن کي خبر هئي ته هو هن جو رهيو ئي نه آهي. هوءَ ڪيڏو نه فخر ڪرڻ لڳندي هئي سرتين جي وچ ۾ وڏي واڪي چوندي هئي ته خالد عام مرد نه آهي. هو منهنجي باري ۾ الاهي جذباتي آهي ۽ هو مون سان الاهي پيار ڪري ٿو، پر، هُن جي سرتين کي ته پهرئين ئي خبر هئي ته اسٽوڊنٽ لائيف ۾ ڇوڪرين کي فلرٽ ڪيئن ڪندو هو. جڏهن سِپَ پنهنجي جيڏين سرتين کي اهو ٻڌايو هو ته ”خالد مون کي پرپوز ڪيو آهي ۽ هو مون سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي“ ته هن جي سرتين حيران ٿي سپ کي ڏٺو هو پر اهو ضرور چيو هو ته ”هيءُ ماڻهو توسان سچو نه آهي.“ پر هن کي خالد جون ڳالهيون ايتريون ته فيڊ ٿيل هيون جو هن جي سرتين جي ڪا به ڳالهه هن اڳيان ڪا معنيٰ نه ٿي رَکي. سِپَ جي مائٽن کان جڏهن هُن رشتو گهُريو هو ته هُن جي مائٽن به سِپَ جو راضپو ڏسي رشتو منظور ڪيو هو. ڇو ته هن جا مائٽ لبرل هئا. هو انهيءَ ڳالهه ۾ ئي خوش هئا ته سِپَ خوش هئي. هن جي شادي ڌام ڌوم سان ٿي هئي. خالد جا مائٽ شاديءَ ۾ نه آيا هئا ۽ خالد اِهو ئي ٻڌايو هو ته هُن جو مڱڻو سندس سؤٽ سان ٿيل آهي، پر هو ڪرڻ نه ٿو چاهي. هڪ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ سان هو شادي ڪيئن ڪندو. جڏهن خالد جي مائٽن کي هن رشتي جي خبر پئي هئي ته هُنن خالد سان بائيڪاٽ ڪيو ۽ اهو ئي چيو ته ”تون جيڪڏهن شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته وڃي ڪر. پر اسان مان ڪير به تنهنجي شاديءَ ۾ شريڪ نه ٿيندو.“ هن اها سڄي ڳالهه سِپَ جي مائٽن کي ٻڌائي هئي ۽ اهو ئي چيو هو ته هو ڪڏهن به پنهنجي سوٽ سان شادي نه ڪندو ۽ سِپَ جي مائٽن به سِپَ جي خوشيءَ کي قبول ڪندي رشتو منظور ڪيو ۽ خالد ڪجهه دوست وٺي سِپَ سان شادي ڪئي. سِپَ جي مائٽن وٽ پئسو هو. هن فليٽ به سپ کي ڏنو. جنهن ۾ هو ٻئي رهڻ لڳا هئا ۽ نوڪري به وٺي ڏني هئائون. هوءَ ڪيڏي نه خوش هئي، پنهنجي زندگيءَ مان. هن کي لڳندو هو ته ڄڻ هوءَ ئي آهي، جيڪا ايڏي خوش آهي پنهنجي زندگيءَ ۾. ڀلا هوءَ خوش به ڇو نه هجي، هن چاهيو هو خالد کي، ۽ خالد به هن کي چاهيو هو. هُن جون سرتيون جڏهن به ڪا ڳالهه پنهنجي مڙسن جي ڪنديون هيون ته هوءَ وڏي فخر سان چوندي هئي ته منهنجو خالد ته ائين نه ٿو ڪري. هو ته منهنجو الاهي خيال ٿو ڪري. گهر کي وقت ڏئي ٿو، شام جو ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن گهمائڻ ڦيرائڻ، شاپنگ ڪرائڻ وٺي وڃي ٿو. هن جون سرتيون ٻڌنديون هيون پر وري جڏهن پاڻ ۾ ملنديون هيون ته اهو ضرور هڪٻئي کي چونديون هيون ته ”سِپَ جيترو انڌو اعتماد خالد ٿي ڪري ٿي، الله ڪري خالد به هُن جو اعتماد برقرار رکي. نه ته....“ ٻن سالن کان پوءِ سِپَ کي ڌيءَ ڄائي، هوءَ ڪيڏو نه خوش ٿي هئي. ڇٺي به ڀري ڪئي هئائين. هُن مِٽن مائٽن، سرتين کي سڏايو هو. پر ساهرا هن جا نه آيا هئا. هُن کوڙ دفعا خالد کي به چيو هو ته ”هو هِن کي پنهنجي ساهرين وٺي هلي ۽ هلي معافي وٺي.“ پر خالد اهو چئي انڪار ڪندو رهيو ”ته ڪو به ضرور ڪونهي، جن مائٽن منهنجي پرواهه نه ڪئي، مان وري ڇو ڪريان.“ دل ئي دل ۾ هوءَ سوچيندي هئي ته اهو ٺيڪ ته ناهي ڇو ته هُن کي پنهنجا مائٽ ڪيڏا نه پيارا هئا، ڇا خالد کي مائٽ پيارا نه هوندا. پر خالد هميشه هن کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هو. ننڍڙي ارم کي خالد ڪيترو نه پيار ڪندو هو. آفيس مان به فون ڪري پڇندو هو ته ”منهنجي مٺي ڌيءَ ارم ڪيئن آهي، مون سان ڳالهرائينس“ ۽ هوءَ خوشيءَ ۾ ارم کي رسيور ڏيندي هئي ته پپا سان ڳالهاءِ. پوءِ هوءَ پنهنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ جڏهن لفظ اُچاريندي هئي ته هن جو من خوشيءَ مان جهومي پوندو هو. ان ويلي هوءَ پاڻ کي هن دنيا جي خوشنصيب عورت سمجهڻ لڳندي هئي. پر ... پر شايد هوءَ نظرجي وئي هئي يا خالد وائکو ٿيڻ لڳو هو. هوءَ سمجهي نه سگهي هئي ته اِهو ئي خالد آهي جيڪو هن تان اول گهول ويندو هو. هاڻ اهو ئي ٿوري عرصي ۾ پاسيرو ٿي ويو هو. هوءَ ڪڏهن شڪايت به ڪندي هئي پر اِهو چئي ماٺ ڪرائيندو هوس ته تون هروڀرو ٿي سوچين. هوءَ چُپ ٿي ويندي هئي، گهر ۾ ارم هن لاءِ رانديڪو هئي، سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ۽ ارم کي سنڀاليندي گذري ويندو هوس. خالد هاڻي گهر کان پري ٿيندو ويو. آخر هڪ ڀيري هن پڇيس ته ڇا ڳالهه آهي، تون اڄڪلهه پريشان ڇو آهين. تنهن تي خالد ٻڌايو هئس ”ته بابا وارا چاهين ٿا ته هن شرط تي توسان راضي ٿينداسين ته آءٌ پنهنجي مَڱ سان نڪاح ڪريان!“ ”ته پوءِ تو ڇا چيو؟“ هن جذباتي ٿيندي تڪڙ ۾ پڇيو. ”مون ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي؟“ ”ڇا وري ڇا ڪجي، تون جواب موڪلين ته مون کي شادي ڪرڻي هجي ها ته مان پهرئين ڪيان ها.“ ”ها ائين ئي ڪرڻو پوندو.“ ان ويلَ هن ڄاتو هو ته خالد ڪڏهن نه چاهيندو ته هو وري پنهنجي مڱ سان شادي ڪندو، پر آهستي آهستي خالد هن کان پري ٿيندو ويو ۽ آخر هڪ ڏينهن اِهو چيائينس ته ”مان پنهنجي سؤٽ سان نڪاح ڪريان ٿو. تون اجازت ڏي.“ ان مهل سِپَ جي پيرن ۾ ڄڻ سَو مڻن جا پٿر ڪنهن ٻڌي ڇڏيا هئا. ”تون مون کان اجازت ٿو گهُرين!!؟ مان توکي ڪڏهن به اجازت نه ڏينديس. توکي خبر آهي ته مان پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن سان به شيئر نه ٿي ڪري سگهان. مون توکي چاهيو آهي، سچاين سان، وفائن سان، پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته مان توکي اجازت ڏيان. ڇا مان توکي ان ڳالهه جي اجازت ڏيئي سگهان ٿي!؟“ سِپَ نهايت جذباتي ٿي وئي. ”ته پوءِ مون وٽ به ڪو حل ڪونهي. مون کي پنهنجي سؤٽ سان شادي ڪرڻي پوندي. آخر منهنجا ماءُ پيءُ آهن، مان ڪيستائين انهن کان پري رهندس. هي رشتا ٽُٽَڻ جا ته ناهن.“ لطيف، سپ کي چيو. ”ته پوءِ ڇا هيءُ رشتو ٽُٽَڻَ جو آهي!“ سپ جذبات ۾ چيو. ”مان چوان ٿو ته هيءُ رشتو ٽُٽَڻ جو آهي. ڀلا آءٌ مائٽن جو اڪيلو وارث آهيان، ڌَنُ دولت هيءَ ڪنهن جي آهي. جيڪڏهن شادي نه ڪندس ته پوءِ هيءُ پئسو مون کي ڪيئن هٿ ايندو!“ ”سِپَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. معنيٰ ته تون مائٽن سان ٺاهه صرف انهيءَ صورت ۾ ٿو ڪرين ته توکي دولت ملندي. دولت جي ڪري تون مون کي ٿو ڇڏين. ڇا دولت پيار کان وڌيڪ طاقت ٿي رکي، هان ٻڌاءِ نه، دولت توکي مون کان وڌيڪ آهي؟؟“ ”ها ها، دولت مون کي وڌيڪ آهي.“ خالد جي وات مان آخر سچ نڪري ويو هو. ”ته پوءِ توکي منهنجي اجازت جي ڇو ضرورت آهي. تون هينئر ئي منهنجي طرفان آزاد آهين.“ هن کي لڳو خالد انهيءَ انتظار ۾ هو ته هن جي وات مان اهي لفظ نڪرن ته جيئن هو آرام سان هن مان جان ڇڏائي سگهي. ”پر هڪڙي ڳالهه تون به ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. سپ چيو، ته هوءَ منهنجي در تي ڪڏهن نه ايندي.“ خالد سمجهيو هو ته هو هينئر جان ڇڏائي چڪو آهي ۽ سپ ضرور اهو ٻڌي هن کي ڇڏي ويندي پر جڏهن هُن ائين چيو ته خالد جو دماغ چڪرائجي ويو. *** پارس راڻي شِيلا شِيلا جو ان ڏينهن موڊ ڏاڍو خراب هو. وڪيل جي بيگم، شِيلا جي ڏاڍي بيعزتي ڪئي هئي. ”ڏس ته رولاڪ رن سڄي پاڙي کي اچي خراب ڪيو اٿس، هن کي ٻيو ڪوبه ڪونه مليو هو منهنجي پُٽ ۾ اکيون وجهي ويٺي آهي. مائي: ڏسو ته رنون اچي ڇتيون ٿيون آهن.“ بيگم صاحبه هاءِ بلڊ پريشر جي ڪري سهڪندي به وئي گڏوگڏ شِيلا کي گهٽ وڌ به ڳالهائيندي وئي. ”مان چوان ٿي نڪر هتان. هينئر جو هينئر ٽر اکين اڳيان“ بيگم صاحبه سهڪندي صوفي تي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي. ”مائي ڏسو ته نيڪيءَ جو ته زمانو ئي نه رهيو آهي غريب ڇوڪريون سمجهي گهر جي ڪم تي رکيم، مون کي ڪهڙي خبر ته ڪو هي رنون صفا ڪي لاهي پاهي ويٺيون آهن.“ شِيلا کان وڌيڪ ٻڌو نه ٿيو سو پنهنجي ننڍي ڀيڻ لِيلان سان گڏ ٻاهر نڪري وئي. بنگلي جو چوڪيدار گيٽ تي بيٺو هو، کيس ڏسي ڏند ڪڍي کلڻ لڳو ۽ مُڇن کي مروٽو پئي ڏنائين. شِيلا تيز تيز قدم کڻندي رستي تي هلڻ لڳي. گرمي به تيز هئي. ٻپهريءَ جو وقت هو سج به شِيلا جي تارونءَ تي هو. ڄڻ هو به شِيلا تي ٺٺولي ڪري رهيو هجي. شِيلا جي اندر به ڪا باهه لڳل هئي. وات ۾ پنهنجي منهن بَڙ بَڙ ڪندي پئي وئي ۽ رستي ۾ اڳيان آيل هر شيءِ کي زور سان ٿُڏو به پئي هنيائين. ڪنهن مهل ڪاوڙ ۾ لِيلان کي به ٻه ٽي مڪون هڻي پئي ورتائين جنهنڪري لِيلان ڄڀ ڪڍي روئي رهي هئي ”مني ڪيا ڪرت هي؟“ شيلا ڪاوڙ ۾ مُڪ هڻندي چوڻ لڳي ”تو چُپ نا ته مين تيري ٽوٽي ڪر ڇڏان گي“. ”ايڪ تو وه راحيل دا بچا مَني پئسا نا ديا اور بهاگ گيا سالا..... ماري بيعزتي ڪرواڪي خود بِلي سا هوڪر ڀاڳ ڳيا. مان ڪي سامڻي سريف بڻ ڳيا. ماري سامڻي تو..... مين ڇڏان گي نئين....“ شِيلا اُن ڏينهن سڳ سوڌو جهلجي پئي هئي. بيگم صاحبه بازار ويل هئي، راحيل گهر ۾ اڪيلو ويٺو هو ۽ ٽي.وي پئي ڏٺائين. شِيلا تي اڳ ئي نظر هيس رنگ جي ڀلي ڪاري هئي پر جسم ته اهڙو هيس ڄڻ تراشيل مورتي. گهڻي ٻُهاري ۽ پوچيءَ جي ڪري سمارٽ ٿي وئي هئي. انڊيا جي فلمن ۽ اسٽار پلس جي شوقين هئي. بيگم بيمار رهندي هئي ڪڏهن جاڳيل هوندي هئي ته ڪڏهن وري سمهي رهندي هئي. پوءِ ته شِيلا سڀ ڪم ڪار ڇڏي بس ريموٽ کڻي وات ڦاڙي پئي ٽي وي ڏسندي هئي. راحيل ايندو هو ته بيگم صاحبه جي نظر بچائي نخرا ڪندي هئي. راحيل به پئي اينجواءِ ڪيو. ٽرڙي فطرت جو هو. مٿان وري گُل پاڻ ئي جهولي ۾ پئي ڪريو. سو ڇنڻ جي ڪهڙي ضرورت! زوريءَ چيڙائيندو هئس ”مان ته ڪرڪيٽ ڏسندس.“ شِيلا نخري واري انداز سان وري چوندي هئي ”مني گانا سڻڻ ديوو. سارخ مني اڇا لاڳي اي.“ اکيون مخمور ڪري وڏي ادا سان رئي جي ڪنڊ چٻاڙيندي چوڻ لڳي. ”۽ مان؟“ راحيل چيو. ”تو مني سارخ لاڳي اي! ڀڳوان قسم!“ اهو ڇيڙ ڇاڙ جو سلسلو جاري هو بيگم صاحب کي شڪ ڪونه ٿيو. ان ڏينهن جيئن ئي بيگم صاحبه بازار وئي شِيلا ۽ راحيل کي موقعو ملي ويو. بيگم صاحبه جيئن ٻاهر نڪتي راحيل سڌو ٻُهاري ڪڍندڙ شِيلا وٽ ويو ۽ هٿن مان ٻهاري کسي ٻانهن جهلي ورتائين ”اي ڪيا ڪرت هو! ڏوسي ديک ليوي گي.“ ڪيئن ڏسندي! ڏوسي ته بازار ويل آهي هاڻي نخرو نه ڪر!“ پر اوچتو بيگم صاحب به جيڪا پنهنجو پرس وساري وئي هئي مٿان پهچي وئي بس پوءِ ته ٻڙڌڪ مَچي ويو راحيل ته تيز قدم کڻندي ٻاهر اسڪوٽر تي چڙهي ڀڄي ويو. باقي بيگم صاحبه شِيلا جي جيڪا بيعزتي ڪئي سو ڄڻ هڏن مان مِک ڪڍي ڇڏيائين. شِيلا سان ڪو اهو پهريون دفعو نه ٿيو هو پاڙي جا پنج گهر ٻن مهينن ۾ ڇڏي چڪي هئي. چئن گهرن مان ته بيعزتو ٿي نڪتي هئي. صرف هڪ گهر مان فائدو ٿيو هئس، ڇو ته اُتي ڇڙا رهندا هئا هن کي اُتي گهڻو پئسو مليو هو پر وري انهن ڇَڙن پاڙي وارن جي خوف کان شِيلا کي جواب ڏنو هو. گهر پهتي ته ليلان وڃي ماءُ پيءَ کي دانهن ڏني. ”يه مني ماري هي“ پيءُ پونجي ڇڙٻ ڏيندي شِيلا کي چيو. ”ري تني ڪيا آگ لگت هي! تني لِيلان ڪو ڪيون مارا؟“ شِيلا پيءُ جا ٿپڙ کائي ڪمري جي ڪنڊ ۾ وڇايل تڏي تي سمهي رهي. لڙڪ اکين مان وهڻ لڳس پنهنجي ڦاٽل ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ڪپڙن تي نظر پيس ته اڃا وڌيڪ پنهنجي بيوسيءَ ۽ مفلسيءَ جو خيال آيس. سوچڻ لڳي ته پئسا ته سڀ پيءُ کڻي ويو آهي، هفتي کان پوءِ راما پير جو ميلو آهي، سڀ سرتيون نوان ڪپڙا پائي وينديون. هن وٽ نه نوان پازيب هئا ۽ نه نوان ڪپڙا ۽ نه بنديا، نه چوڙيون! پيءُ کي پاراتا ڏيڻ لڳي. ”ايسي باپ سي تو اڇا هوئي ڪه وه مر جاوي اس کا تو زنده هي اگني سنسڪار هو جاوي تو اچها هي.“ ”ڪميڻا ساري پئسي تو خود نشي مين اُڙا ديوت هي مني اور ماري ڀيڻ ڪو ڪيا ملتا هي! روٽي وي مانگ ڪر کاوين هين. بس گاليان ملتي هين.“ شِيلا مٿي تي هٿ رکي روئڻ لڳي ”هي ڀگوان اس سي تو اچها هي مرجائون.“ ٻئي ڏينهن وري ڪم جي ڳولا ۾ نڪتي هڪ گهر ۾ کيس ٻهاري ۽ پوچي لاءِ ڪم مليو. پنجن سَون ۾ سڄي گهر جو ٻهارو پوچو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪپڙا ڌوئڻا هئس. گهر به ننڍو هو. هڪ پوڙهي مائي هڪ پُٽ آصف رهندو هو. جيڪو صبح جو ڪم ڪار لاءِ ٻاهر ويندو هو واپس اچي تقريباً سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند پيو هوندو هو. شِيلا سوچيندي هئي ته آخر آصف سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند ڇو هوندو آهي؟ هو سڄي گهر جي صفائي ڪندي هئي پر آصف پنهنجي ڪمري جي صفائي پاڻ ڪندو هو. آصف جو حُليو به عجيب هو. گهڻو ڪري اڇي رنگ جو پهراڻ پاتل هوندو هئس. ڏاڙهي وڏي ۽ مٿي تي آر سان ٺهيل اڇي ٽوپي پهريل هوندي هئس. شِيلا ڏاڍي پريشان هئي. هڪ ته راما پير جو ميلو ويجهو ٻيو مٿان پيءُ به روز ماريندو هوس ته پئسا کڻي اچي. شِيلا سوچڻ لڳي ته هن گهر ۾ شايد هن جو ڪم ڪونه هلندو، پر پوءِ پڪو پهه ڪيائين ته آصف به آخر مرد آهي، مون کان بچي ڪيڏانهن ويندو! مون کي ڏسي ته وڏن وڏن جا هوش اڏري ويا آهن، آخر ته دام ۾ ايندو. هو بهاني ڪُبهاني آصف جي ڪمري ۾ وڃڻ لڳي، پر آصف کيس اک کڻي به ڪونه ڏسندو هو. گهڻو وقت نماز، قرآن ۽ ڪونه ڪو مذهبي ڪتاب پڙهندي گذاريندو هو. آصف جو رجحان ننڍپڻ کان ئي مذهب ڏانهن رهيو هو. اڃا ڳالهائڻ مس سکيو هو ته ماءُ سان گڏ نماز لاءِ بيهي رهندو هو. جوان ٿيو ته به ڪڏهن سگريٽ جو سوٽو به ڪونه هنيائين. ڳليءَ ۾ به اکيون هيٺ ڪري هلندو هو. ڪوبه مذهبي اجتماع ڪونه ڇڏيو هئائين. نماز جو پنج وقت پابند هو. هُن جي زندگيءَ جو مقصد ئي عبادت هو، هُو، ڪجهه اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيندو هو. جنهن سان هن جي آخرت آجي ٿي وڃي. ماءُ بيمار رهندي هئي. هو ماءُ جي خدمت به ڪندو هو، پر گهر سنڀالڻ هن جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. ماءُ هن کان بنان پُڇئي شِيلا کي گهر جي ڪم ڪار لاءِ رکيو هو. آصف کي جڏهين شِيلا جي خبر پئي ته کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ڇو ته هن کي شِيلا جي چال چلت ٺيڪ نه پئي لڳي، پر ماءُ کي هو ڪجهه چئي به نه پئي سگهيو. هن محسوس ڪيو هو ته شِيلا مختلف بهانن سان هن کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. پهرين ته هن سوچيو ته ماءُ کي چئي شِيلا کي ڪڍي ڇڏي، پر پوءِ خيال آيس ته ڇو نه شِيلا کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان. اها نيڪي به ٿيندي ۽ ثواب به ملندو. هڪ ڏينهن هن شِيلا کي پاڻ وٽ سڏيو. شِيلا ته خوش ٿي وئي. تڪڙي اچي آصف جي سامهون ويهي رهي. آصف اکيون هيٺ ڪندي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”شِيلا ڏس توکي هيئن پاڻ وٽ سڏڻ ته مناسب نه هو، پر مان توسان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيان“ ”هان ڪهو صاحب. مين تو ترس ڳئي تاري آواج سڻڻ واسطي.“ آصف چيو: ”تون ائين ڇو آهين؟ ڇا توکي اهو سڀ ڪندي شرم محسوس نه ٿيندي آهي.“ شِيلا هٻڪندي جواب ڏنو ”صاحب جي ماري سي ڪوئي گلتي هو ڳئي ڪيا؟ تو مني ايسا ڪيون بولتا هي!“ آصف جواب ڏنو ”ڏس مون کي سڀ خبر آهي، تون پوري پاڙي ۾ خوار آهين، تنهنجي برادريءَ جا ماڻهو به توکي نفرت سان ڏسن ٿا. تون پاڻ کي سُڌار!“ شِيلا جي اکين مان لڙڪ وهي آيا. ”صاحب تو اس ليي ايسا ڪهوي هي جو تاري پاس سب ڪچهه هي تارا پيٽ ڀرا هي اس ليي تم دماگ سي سوچي هي. مارا دماگ ڀرا هوا هي پر پيٽ خالي هي. اس ليي مين پيٽ سي سوچون هو.“ ايئن چئي هو ڊوڙندي هلي وئي ۽ ٻه ڏينهن ٿي ويا هوءَ نه آئي. نه ڄاڻ ڇو آصف پنهنجي اندر عجيب بيچيني محسوس پئي ڪئي. گهر خالي خالي محسوس ٿيڻ لڳس. ”شايد مان گهڻو چئي ويو آهيان.“ ندامت محسوس ٿيڻ لڳي هئس ۽ بار بار شِيلا جو جملو ڪنن ۾ محسوس ٿيڻ لڳو هئس ”صاحب مين پيٽ سي سوچون هون.“ هن سوچيو ته آءٌ ڇو پيو شِيلا لاءِ سوچيان؟ پوءِ انهن خيالن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ توبهه ڪرڻ لڳو. نيٺ ذهن تان شِيلا لهي ويس. ٽئين ڏينهن شِيلا وري گهَر اچي وئي. ٻنهي ۾ روز بحث ٿيڻ لڳو. آصف پڪو فيصلو ڪيو ته شِيلا کي سُڌاري پوءِ ڇڏيندو ۽ شِيلا فيصلو ڪيو هو ته هوءَ آصف کي پنهنجي دام ۾ آڻي پوءِ رهندي. ٻئي پنهنجي مقصد ۾ مشغول هئا، پر هُنن کي خبر نه هئي ته ٻنهي جي ذهن ۾ به ڪجهه نئون ٿي رهيو هو. شِيلا کي محسوس ٿيڻ لڳو ته آصف کان سواءِ هيءَ دنيا واريءَ جي ڀِٽ آهي. هن کي آصف جي هر ڪم ۾ دلچسپي محسوس ٿيڻ لڳي. آصف جي دڙڪن ۾ به سڪون ملڻ لڳس. هن کي پتو به نه هو ته هن کي ڇا ٿيو آهي؟ آصف هن کي هر شيءَ ۾ ڇو ٿو نظر اچي!“ ان ڏينهن آصف هن کي پئي سمجهايو ”ڏِس شِيلا مان سمجهان ٿو ته تون تمام گهڻي مجبور آهين، تنهنڪري تو اهو سڀ ڪيو پر ڇا توکي سڪون مليو؟“ اڃا به وقت آهي تون سڌي راهه تي اچي وڃ، پوءِ توکي اهڙي راحت ملندي جو تو ڪڏهن به نه محسوس ڪئي! ايمان جي راحت! شِيلا جو ذهن آصف جي چهري ۽ ڳالهين ۾ گم ٿي ويو هو. هوءَ هڪ ٽڪ هن کي ڏسندي وئي. وات مان پاڻهي نڪري ويس ۽ ”ماري ڪو گلت صحيح نئين مالوم! ماري تو اب عادت هو گئي هي!“ بي اختيار ٿي آصف جو هٿ جهلي ورتو. شِيلا جيئن آصف جو هٿ جهليو آصف کي ڄڻ جهٽڪو لڳي ويو. هن شِيلا کي زور سان پري ڌڪو ڏنو. شِيلا هيٺ وڇايل مصلي وٽ ڪري پئي. ۽ پوءِ اٿي ڊوڙندي ٻاهر هلي وئي. آصف اُن ڏينهن کان پوءِ صفا گم سُم ٿي ويو. هو بار بار پنهنجي هٿ کي ڏسڻ لڳو هو. هن کي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪا آڳ هن کي چمي وئي هجي. سارين عبادتن، سارين رياضتن باوجود شِيلا هڪ پل به هن جي ذهن تان ڪانه هَٽي هئي. هن جي چهري جي خوشبو چوڏس پکڙجي وئي هئي. آصف جي روح تائين چانڊاڻ لهي آئي هئي. گهڻا ڏينهن ٿي ويا هئا شِيلا گهر ڪانه آئي هو ديوانن وانگر شِيلا کي ڳولهڻ لڳو هو ڪڏهن ڪمري ۾ ڪڏهن در ديوار ۾ ڪڏهن گهر ۾! پر هوءَ ڪٿي به نه ملي! هن گهڻو پاڻ کي سمجهايو ته ”هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟ مان ته هن کي راهه ڏيکارڻ لڳو هئس. مان پاڻ ڪيئن راهه تان ڀٽڪي ويس!“ هن گهڻو پاڻ کي سمجهايو پر شِيلا جي هٿن جو ڇهاءُ هن جي روح تائين لهي ويو هو. هن پنهنجا هٿ چادر ۾ لڪائي ڇڏيا هئا ڄڻ هنن ۾ ڪا قيمتي شيءِ لڪيل هجي. هن گهڻو ڳولهيو پر شِيلا هن کي ڪانه ملي. هن کان سڀڪجهه وسري ويو. هو ڪير هو؟ ڇا هو؟ هن جو مقصد ڇا هو؟ سڀڪجهه وسري ويس، هڪ ڏينهن هلندي هلندي هڪ مزار وٽ پهچي ويو. هو ٿڪجي هڪ دڪيءَ تي ويهي رهيو. ڀرسان هڪ انتهائي نٻل ۽ ڪمزور مائي فرش تي ستل هئي وار ۽ ڪپڙا مٽيءَ هاڻا هٿ ۾ تسبيح هئس. وات تي لڳاتار ”الله هو“ جي صدا. آصف ڇرڪ ڀري غور سان مائيءَ ڏانهن ڏٺو. هن سڃاڻي ورتو اها شِيلا هئي ۽ انتهائي تڪليف ۾ ۽ ڪمزوريءَ واري حالت ۾ هئي. هن زور سان رڙ ڪري چيو ”شِيلا ڏس مان آهيان آصف! تنهنجو آصف! شِيلا هوش ۾ اچ!“ شِيلا ڪمزور آواز ۾ چيو ”هوش تو اب آگيا هي صاحب! هاٿ نان لگانا! مين ڪبهي شِيلا ٿي اب عائشه هون. مين تاري احسانمند هون تين ني ماري ڪو سمجهايا ڪه حق ڪيا هي صحيح ڪيا هي گلت ڪيا هي. مني بهت گناهه ڪيي ٿي پر سڪون نا ملا ديک اب مين سڪون سي مر رهي هون مني سب ڇڏ ديا، گهر، مان باپ، ڌرم، ديکهه آصف صاحب مين گناهه مين جي رهي ٿي ليڪن اب مين ني جاڻ ليا ڪه سيدا رستا وه هي سارا سڪون تو اب نال هي“ شِيلا هٿ مٿي ڪيو پر هٿ هيٺ ڪري پيس ۽ شِيلا مري وئي. آصف رڙيون ڪرڻ لڳو ”شِيلا مون کي ڇڏي نه وڃ ڏس شِيلا مون کي ڪجهه ياد ناهي ته ڇا صحيح آهي ڇا غلط آهي، مون کي بس ايترو ياد آهي ته آئون تنهنجو آصف آهيان ۽ تون منهنجي شِيلا هڪ ڏينهن تو مون کي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو اڄ آءٌ تو وٽ آيو آهيان.“ آصف وار پٽيندي رڙندي پنهنجو هٿ شِيلا جي بي جان هٿن ۾ ڏيندي چيو ”ڏس شِيلا منهنجي هٿن ۾ اڃا تنهنجو ڇهاءُ آهي منهنجي ساري وجود ۾ تنهنجي خوشبو آهي مان ڄاڻي ويو آهيان ته منهنجو سڪون بس تون آهين. بس تون آهين.................“ ڪنول سميجو پنهنجا ڪير؟ پرايا ڪير! آءٌ هميشه امان کان پڇندي هئس ته ”امان تنهنجي شادي حيدرآباد ۾ ٿي ۽ آءٌ به اتي ئي ڄائيس، پوءِ تون پنهنجو شهر ڇڏي ڪراچيءَ ۾ ڇو اچي رهينءَ؟“ پر ڪڏهن به امان مون کي صحيح طريقي جواب نه ڏنو، پر هڪ ڏينهن منهنجي گهڻي ئي چوڻ تي امان مون کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. ڌيءُ اڄ توکي سڀڪجهه ٿي ٻڌايان. تنهنجي پيءُ جو ۽ منهنجو پيار جو پرڻو هو. ان شاديءَ ۾ نه منهنجا مائٽ خوش هئا نه تنهنجي پيءُ جا. اسان ٻنهي ڪورٽ ميريج ڪئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ امان وارن جي گهران هڪ ماڻهو آيو ۽ اهو پيغام ڏئي ويو ته ”اڄ کان پوءِ تنهنجو پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڪو به رشتو نه آهي ۽ انهن چيو آهي ته ڪڏهن به اسان جي در تي اچڻ جي همت نه ڪجانءِ،“ ائين چئي هو هليو ويو. تنهنجي پيءُ اها سڄي ڳالهه ٻڌي ورتي هئي ۽ مون کي چيائين ته شائسته، تون فڪر نه ڪر، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ ان وقت جيڪڏهن بلاول مون کي همٿ نه ڏياري ها ته آءٌ بلڪل ٽُٽِي وڃان ها. اسين ٻئي خوشحال زندگي گذاري رهيا هئاسين، پوءِ اسان جي زندگي وڌيڪ خوشگوار ٿي وئي جڏهن تون اسان جي زندگيءَ ۾ آئينءَ. جنهن ڏينهن تون ڄائينءَ ان ڏينهن تنهنجا چاچا ۽ پڦيون جيڪي اسان کان ناراض هئا اهي به آيا ۽ اسان سان ناراضگي ختم ڪري ڇڏين. اسين سڀ تمام گهڻا خوش هئاسين. بلاول ڪڏهن به مون سان ڪاوڙ ۾ نه ڳالهايو هو. اڃا به مون سان اوترو ئي پيار ڪندو هو، جيڪو اڳي ڪندو هو. هڪ ڏينهن تنهنجو چاچا ۽ تنهنجون پڦيون آيون ۽ چين ته ”اسين لاهور گهمڻ ٿا وڃون ۽ توهين به اسان سان گڏ هلو، تون ٻن سالن جي هئينءَ.“ بلاول چيو ته ”توهين ڀلي وڃو مون کي ڪراچيءَ وڃڻو آهي، ڪنهن ضروري ڪم سان.“ پر هنن تمام گهڻيون منٿون ڪيون ته توهين هلو نه ته اسين به نه ٿا وڃون. بلاول چيو ته ”توهين شائسته کي ۽ ننڍڙيءَ کي وٺي وڃو، هونءَ به آءٌ ڪراچيءَ هليو ويندس، هيءَ هتي اڪيلي ويهي ڇا ڪندي.“ تنهنجا چاچا ۽ پڦيون مون کي چئي ويون ته ”ڀاڄائي سامان تيار ڪري رکجانءِ، پاڻ صبح جو ڇهين وڳي هتان نڪرنداسين.“ ائين چئي موڪلائي هليا ويا. مون بلاول کي چيو ته آءٌ توکان سواءِ ڪيڏانهن به نه وئي آهيان ۽ آءٌ اڪيلي ائين ڪيئن وينديس.“ بلاول چيو ته ”تون اڪيلي ڪٿي آهين صائمه توسان گڏ آهي. ٻي ڳالهه ته ادا ۽ اديءَ وارا به ته آهن.“ بلاول جي تمام گهڻي چوڻ تي آءٌ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس ۽ هو صبح جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچي ويا. آءٌ بلاول کان موڪلائي نڪتيس. بلاول چيو ته پنهنجو ۽ صائمه جو خيال رکجانءِ. ٻن پهرن جا ٻه ٿيا، مسلسل گاڏي هلندي رهي. نيٺ اچي هڪ جابلو علائقي ۾ پهتاسين. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته پري پري تائين ڪو به شهر نظر نه پئي آيو. نيٺ مون پڇيو ته ”ادا توهان هي ڪٿي آيا آهيو ۽ گاڏي ڇو بيهاري ڇڏي اٿوَ!؟“ ته هي سڀئي زور زور سان کلڻ لڳا ۽ تاڙيون هڻڻ لڳا. آءٌ گهٻرائجي ويس ته آخر هيءُ آهي ڇا؟ تنهن تي چين ته ”گهٻراءِ نه اجهو ٿي خبر پونئي“ ٿوري ئي دير ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد آيا، انهن جو لباس ۽ ڳالهائڻ جو انداز پٺاڻن جهڙو ٿي لڳو، انهن کي ڏسندي ئي ڊپ ٿي لڳو. انهن جي هٿ ۾ بريف ڪيس هو. ادا وارن چيو ته”توهان جي امانت حاضر آهي ۽ اسان جي امانت اسان کي ڏيو.“ هنن اها بريف ڪيس کولي جيڪا پئسن سان ڀريل هئي. ان مائيءَ مون کي ڇڪي گاڏيءَ مان هيٺ لاٿو ۽ توکي منهنجي هٿن مان کڻي ورتو ۽ منهنجا هٿ پويان ڪري ٻڌي ڇڏيائين، مون گهڻيون رڙيون ڪيون ته ”ادا هي ڇا پيا ڪريو، مهرباني ڪري ائين نه ڪريو، توهان جيترا پئسا گهرندا مان توهان کي ڏئي ڇڏينديس، پر مهرباني ڪري منهنجي زندگي تباهه نه ڪريو. هن معصوم ٻارڙيءَ توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، هن جو ته ڪجهه خيال ڪريو.“ پر هنن منهنجي هڪ به نه ٻڌي ۽ هو اتان هليا ويا. اها عورت مون کي گهليندي گهليندي اچي هڪ جهوپڙيءَ ۾ وٺي آئي. اتي هڪ ڪرسي پئي هئي جنهن تي مون کي ويهاري ان ۾ ٻڌي ڇڏيائين ۽ توکي ٻاهر کڻي وئي. آءٌ تمام گهڻو رنس پر مون سوچيو ته ائين روئڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو. مون کي همٿ ڪرڻي پوندي. پوءِ مون تمام گهڻي ڪوشش ڪري ان ڪرسيءَ جو رسو کوليو ۽ آرام آرام سان ٻاهر ويس، ڏٺم ته ٻي جهوپڙي به ان جي برابر ۾ ٺهيل هُئي، جنهن ۾ اها عورت ۽ مرد هئا ۽ انهن سان گڏ تون به هئينءَ، تون ان وقت گهڻو ئي رنينءَ پئي، ان عورت توکي نيٺ چپ ڪرائي سمهاري ڇڏيو. ان مائيءَ ۽ مرد پاڻ ۾ ڳالهيون پئي ڪيون ۽ مون انهن جون ڳالهيون غور سان پئي ٻڌيون. هنن چيو ته ”هاڻ سمهي ٿا رهون، صبح جو ڇهين وڳي هتان نڪرڻو آهي ۽ سائينءَ جي حوالي هيءَ مائي ۽ ڇوڪري ڪرڻي آهي.“ مائيءَ چيو ته ”سمهڻ کان پهرين ان عورت کي ته ڏسي اچان“. آءٌ يڪدم ڪرسيءَ تي وري رسا ويڙهي سمهي رهيس. اِها مائي مون کي ڏسي هلي وئي ۽ وري اٿيس ۽ ايترو انتظار ڪيم ته جيئن ئي هنن کي گهري ننڊ اچي ته توکي هتان کڻي ڀڄي وڃان. ٿوري دير کان پوءِ هو کونگهرا هڻڻ لڳا. آءٌ آرام آرام سان اندر ويس ۽ توکي اتان کنيم. پيرين پنڌ اڳيان هلڻ لڳيس. مون کي ڊپ به گهڻو پئي ٿيو ته ڪٿي هو پويان نه اچي وڃن يا اهڙي جاءِ تي نه وڃي نڪران جتي ڦاسي پوان. ٿورو اڳيان وڌيس ته درياءُ نظر آيو جنهن ۾ هڪ ٻيڙي به بيٺي هئي. الله توهار ڪري چڙهي ويٺيس ۽ ٻيڙيءَ اچي ڪناري ڀيڙو ڪيو ۽ سامهون هڪ ڳوٺ نظر آيو. ٻيڙي مان توکي کڻي لٿس. مون کي تمام اڃ ۽ بک لڳي هئي، چڪرائجي آءٌ اتي ڪري پيس. پري کان هڪ مائي ڊوڙندي پئي آئي، جنهن توکي ڪڇ تي کنيو ۽ مون کي ٻانهن مان جهلي اندر ڪمري ۾ وٺي وڃي کٽ تي ويهاري ڇڏيائين. مون کي پاڻي پياريائين ۽ ٿوري دير ۾ آءٌ ڪجهه صحيح ٿيڻ لڳيس، پوءِ هن مون کان منهنجو نالو پڇيو، مون پنهنجو نالو به ٻڌايو ۽ سڄي ڳالهه ٻڌائي مانس. هن مون کي ماني کارائي ۽ ڪجهه پئسا به ڏنائين، مون نه ورتا پر چيائين ته ”ادي وٺ رستي ۾ ڪم ايندئيءِ، رکي ڇڏ.“ ڪجهه دير کان پوءِ اها عورت ۽ مرد به اچي ان ڳوٺ ۾ پهتا ۽ منهنجي باري ۾ ان مائيءَ کان پڇيائون، ان ٻڌاين ته ”نه هتي ڪير به نه آيو آهي.“ تنهن تي هنن گهڻو ئي ڌمڪايو ته جي اسان کي خبر پئي ته اها عورت اتي آئي هئي ته تنهنجو هي سڄو ڳوٺ ساڙي ڇڏينداسينءِ، پر هن ڪجهه نه ٻڌايو. نيٺ ٿوري ئي دير ۾ واپس هليا ويا. هوءَ اندر آئي ۽ مون کي ٻڌايائين ته ههڙي قسم جي هڪ مائي ۽ مرد آيا هئا، مون انهن کي چيو ته هتي ڪير به نه آيو آهي ۽ پوءِ هو هليا ويا. ”ادي تو مون تي ايڏا ٿورا ڪيا آهن، جيڪي آءٌ ڪڏهن به نه ٿي لاهي سگهان.“ هن چيو ته ادي ٿورا ڪي به نه آهن، بس الله جو شڪر ادا ڪر ته تنهنجي ۽ هن معصوم جي جان بچي وئي آهي. هاڻي ته سج لهڻ وارو آهي، تون صبح جو سويل هتان هلي وڃجانءِ. تنهنجو هتي رهڻ ڪنهن خطري کان خالي نه آهي.“ صبح جو سوير اٿي هُن مون کي نيرن ڪرائي، پوءِ آءٌ هن کان موڪلائي نڪتيس ۽ اچي حيدرآباد نڪتيس. منهن تي چادر اوڍي هئم ته جيئن مون کي ڪير به هتي سڃاڻي نه سگهي. گهر ويس ته گهر کي تالو لڳو پيو هو. گهر کي تالو لڳل ڏسي ڏاڍي پريشان ٿي ويس ۽ پاڙي جي ماڻهن کان پڇيم ته ”گهر کي ڇو تالو لڳو پيو آهي؟ رئيس بلاول ڪيڏانهن ويو آهي؟“ تنهن تي هنن چيو ته”رئيس بلاول هن دنيا ۾ نه آهن“، اهو ٻڌي آءٌ چپ ٿي ويس ۽ ڳالهائڻ جي وڌيڪ همت نه رهي، ٿوري دير کان پوءِ وري پڇيم ته ”ادا پر هُو ته بلڪل ٺيڪ هو.“ ”ادي دراصل رئيس جي گهر واري ۽ ننڍڙي ٻارڙي رئيس جي ڀائرن، ڀيڻن سان گڏ گهمڻ لاءِ لاهور ويا هئا، رستي ۾ هنن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنهن ۾ سندس ڌيءُ ۽ زال گذاري ويون ۽ رئيس جي ڀيڻن ڀائرن کي به ڌڪ لڳا هئا، پر اهي بچي ويا. اهو ٻڌي رئيس کي سخت صدمو پهتو ۽ دل جو دورو پيس ۽ گذاري ويو.“ ايڏي وڏي ڳالهه ٺاهي هئي تنهنجي چاچي ۽ پڦين. پهرين ته مون سوچيو ته آءٌ انهن جي خلاف ايف.آءِ.آر داخل ڪرايان، پر مون وٽ ڪنهن جو سهارو نه هو ۽ هو تنهنجي ۽ منهنجي جان جا به دشمن هئا پر هاڻ ته هنن جي خيال ۾ اسين الائي ڪٿي آهيون ۽ زنده به آهيون يا نه، بهتر اهو ئي هو ته آءٌ چپ چاپ ڪري هن شهر مان ئي هلي وڃان، پوءِ آءٌ ڪراچي هلي آيس ۽ اتي مون کي سرڪاري اسڪول ۾ نوڪري به ملي وئي ۽ آرام سان پنهنجو گذر سفر هليو پئي، پر بلاول جي بنان آءٌ هڪ لاش جيان آهيان، صرف تنهنجي ڪري جي رهي آهيان نه ته آءٌ ته خودڪشي ڪري ڇڏيان ها، جي تنهنجو به سهارو نه هجي ها. امان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. امان آخر ڇو انسانُ، انسانَ جي رت جو پياسو ٿي پيو آهي. آخر انسان جي پوري وجود ۾ ايڏو زهر ڇو آهي؟ انسان ته هن ڌرتيءَ جي سونهن آهي، پر انسان هن خوبصورت ڌرتيءَ کي نفرتن سان ڀري ڇڏيو آهي. امان پکين کي ته ڏس، انهن ۾ ڪيڏو نه پيار آهي، پر انسان ۾ ڇو نه...؟ ترجمو : سڳنڌ آزاد کاڌ خوراڪ ۽ رنگ الرجي جو سبب بڻجن ٿا سڄي دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي ڪري الرجيءَ جي مرض ۾ واڌارو ايندو پيو وڃي. اڪثر ڪري ٻار هن مرض جو شڪار وڌيڪ ٿين ٿا. ٻارن جي واڌ ويجهه صحيح نه هئڻ ڪري انهن جو پورو جسم متاثر ٿئي ٿو. کير پيئندڙ ٻار غذائي الرجيءَ جي ڪري وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن. ان جو سبب ماءُ ڇا کائي ٿي؟ ۽ جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي مان ڪير به هڪ اِلرجيءَ جو شڪار آهي ته ان جو اثر ٻار تي ضرور ٿئي ٿو. ماهرن جي چوڻ موجب وِرثي ۾ ٻارن کي ملندڙ الرجي جو ريشو 33 سيڪڙو آهي ۽ جيڪڏهن ماءُ پيءُ الرجيءَ کان محفوظ آهن ته انهن جي ٻارن ۾ 10 سيڪڙو امڪان موجود هوندا آهن. ماءُ جي کاڌي ۾ اهڙي غذا جنهن سان اِلرجيءَ ٿئي، اُها پڻ ٻار لاءِ نقصانڪار آهي. گهڻو ڪري ڊاڪٽر ننڍي عمر وارن ٻارن لاءِ ماءُ جي کير کي اوليت ڏيندا آهن ۽ هڪ سال تائين آنو ۽ مٿيون کير پيئڻ کان منع ڪندا آهن. ايترن ننڍڙن ٻارن ۾ الرجيءَ جي سڃاڻپ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي ۽ گهڻو ڪري اهو ڏٺو ويو آهي، ڏهن سالن جي عمر پهچڻ تائين غذا جي الرجيءَ جو اثر به گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي جنهن جو سبب جسم ۾ Resistant Power مضبوط هئڻ آهي. ٻارن ۽ وڏن ۾ کاڌي پيتي ۾ الرجي مختلف هوندي آهي، ضروري نه آهي ته جن غذائن ۾ ننڍي هوندي ٻارن کي الرجي ٿئي ته وڏي هوندي به انهن ئي غذائن ۾ هنن کي الرجي ٿئي. ماهرن جي چوڻ موجب ڪجهه ٻارن ۾ ڄمڻ کان وٺي سخت غذا کائڻ جي قوت گهٽ هوندي آهي. اهڙن ٻارن ۾ گليٽن (gluten) جيڪا اصل ۾ پروٽين آهي جيڪا گهڻين بيمارين کي جنم ڏئي ٿي، اها گهڻو ڪري سلائيس، ڪيڪ، پستا، مڇي يا کير ۾ ٺاهيل مختلف شين ۾ هوندي آهي جنهن جي کائڻ سان ئي ٻارن جي جسماني سرشتي ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ٿي ويندو آهي، جنهن ۾ دست، الٽي، نڪ وهڻ ۽ پيٽ ۾ تمام گهڻو سور پوڻ. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر پڻ گليٽن فري کائڻ لاءِ چوندا آهن ۽ هڪ هڪ ڪري ٻارن کي کائڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي ۽ مشاهدو ڪيو پيو وڃي ته ٻار ڪهڙي مسئلي ۾ ورتل آهي يا ڪجهه وقفي وقفي سان ڏيڻ کپي. هن عمل ۾ ماءُ کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ هُن کي جلديءَ ۾ ئي خبر پئجي ويندي آهي ته ٻار ڪهڙي کاڌي کائڻ سان الرجي جو شڪار آهي. رنگ: ماضيءَ ۾ رنگن جي حوالي سان مختلف تصور ذهن ۾ ايندا هئا ۽ انهن کي علاج واسطي به استعمال ڪيو ويندو هو. مثال طور ڪنهن کي ماتا نڪرندي هئي ته انهيءَ کي اهڙي ڪمري ۾ سمهاريو ويندو هو جنهن جا در ۽ ڀتيون ڳاڙهي رنگ جون هجن ته جيئن هو جلد صحتياب ٿي سگهي. ماهرن جي چوڻ موجب رنگ اسان جي مزاج، موڊ تي اثر انداز ٿيندا آهن، ڪن ماڻهن تي وڌيڪ ته ڪن تي گهٽ. رنگ ۽ روشنيءَ جو انسانن جي ذهن ۽ دل ۽ دماغ تي پڻ گهرو اثر ٿئي ٿو. گهر جي سجاوٽ، انسان جي بنيادي خواهش آهي. ان لاءِ انٽيريئر ڊيڪوريٽر کي ته سڏيو ويندو آهي، پر هن ڳالهه جو خيال گهٽ ڪيو ويندو آهي ته رنگ ڪهڙي قسم جو استعمال ڪرڻ گهرجي. ڪجهه ماڻهو اهڙا به حساس هوندا آهن جن جي گهر جي ڀتين، در درين تي ڪيل رنگ ڪري به الرجيءَ جي شڪايت ٿيندي آهي. گهر کي سجائيندي جيڪڏهن ٿورو احتياط ڪيو وڃي ته شايد الرجيءَ جهڙي مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. گهرن ۾ اڪثر ڪري جيڪو رنگ استعمال ڪيو ويندو آهي اهو Voatile Organic Compound تي مشتمل هوندو آهي. جنهن جي سُڪڻ کان پوءِ اُهي چڱي عرصي تائين ننڍا ننڍا ذرڙا هوا ۾ شامل ڪن ٿا. انهيءَ کان سواءِ وارنش، چِپِ بورڊ لڳائڻ ۾ استعمال ٿيندڙ گِلو وغيره اهڙيون مصنوعات آهن جنهن جا بخارات خراب هوا ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. انهيءَ کان سواءِ رنگن ۾ استعمال ٿيندڙ گلائڪول ايٿرس(glycol ethers) پڻ ڏاڍو نقصانڪار آهي، رنگ پسند ڪرڻ مهل هميشه اهو خيال ڪيو وڃي ته (Oil Based) رنگ جي نسبت (Water Based)رنگ کي اهميت ڏيو، جنهن ۾ پِتل، شيشو، ڪاپر زنڪ وغيره بنيادي عنصر شامل ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته ان ۾ (Glycol ethers) شامل نه هوندو آهي. هن دور ۾ اِلرجيءَ تي موجوده طبي تحقيق کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽ ۾ هينئر اينٽي اِلرجي رنگ ۽ وارنش موجود آهن، جيڪي (Voc's) تي مشتمل نه آهن. سمرا گلزار تيز اُس ۾ سن گلاسز جو استعمال اهو اسين به ڄاڻون ٿا ته توهان کي به خبر آهي ته تيز اُس توهان جي چمڙي ۽ اکين جي لاءِ نقصانڪار آهي. پر ڇا اسين ان کان بچاءُ ڪريون ٿا!؟ اکين جي حفاظت جي لاءِ سن گلاسز جو استعمال ڪريو. گاڏي ڊرائيور ڪندي سن اسڪرين استعمال ضرور ڪريو، ڇو ته ان وقت توهان جي منهن تي مسلسل اُس لڳي سگهي ٿي. پندرهن منٽ مسلسل اُس لڳڻ سان توهان جي اکين، هٿن ۽ منهن تي خراب اثر پوڻ شروع ٿي سگهن ٿا. مٿي جي وارن جي حفاظت لاءِ مرد ڪا ٽوپي پهرين ۽ عورتون رئو ڍڪين. منهن جي چمڙيءَ جي حفاظت جي لاءِ ٻه ڀيرا صابڻ سان منهن ڌوئجي ۽ ٻه ڀيرا لوشن لڳائجي. اسان اهو سڀ سوچيندا ته آهيون پر عملاً اسان پنهنجي لاءِ Time ڪڍي ڪونه سگهندا آهيون. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اسان جي چمڙي بي رونق ۽ بي ڊولي ٿي پوندي آهي. وقت کان اڳي مُنهن تي گهنج پئجي ويندا آهن. ڪجهه عورتون ته اهڙيون سست هونديون آهن جو فنڪشن تان موٽنديون ته اهڙيون ٿڪل هونديون جو ميڪ اپ سميت سمهي رهنديون. اهو چمڙي لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي. ميڪ اپ لاهڻ جي لاءِ هميشه معياري ڪلينرز استعمال ڪريو. اکين جي هيٺان ڪارا داغ ٿي پوندا آهن. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اکين جي هيٺان واري چمڙي گهڻي نازڪ هجي. ان لاءِ توهان ڊرٽولوجسٽ جي تجويز ڪيل ڪِريمون استعمال ڪريو. اهي بهترين آهن. جيڪي اکين جي چوڌاري چمڙيءَ کي Thickness مهيا ڪن ٿيون. ان کان سواءِ وٽامن به بيسٽ آهن. ڪوشش ڪري ديسي ڪريمون استعمال ڪريو جن ۾ وٽامن سي جا جزا شامل هجن. جڏهن چمڙيءَ جي اسپيشلسٽ کان پڇيو ويو ته چمڙيءَ جي حفاظت ڪيئن ڪجي؟ ته هُن وراڻيون ته پهرين ته توهان اُهي لاپرواهيون ڇڏيو جيڪي توهان اڻڄاڻائي ۾ ڪريو ٿيون. 1. تيز اُس ۽ لُڪ يا خشڪ موسم ۾ مُنهن گهڻو صابڻ سان ڌوئو ٿيون. ائين هرگز نه ڪريو. بيوٽي سوپ ۾ به ڊٽرجنٽ هوندو آهي، جيڪو اهڙيءَ موسم ۾ توهان جي چمڙيءَ جي لاءِ نقصانڪار آهي. توهان محسوس ڪريو ته جيترا ڀيرا توهان منهن صابڻ سان ڌوئينديون، توهان جي چمڙي اوتري وڌيڪ خشڪ ٿيندي. توهان ان وقت منهن ڌوئو جڏهن توهان کي ڌوئڻ گهرجي. ائين نه سوچيو ته شام جو منهن ڌوئڻو آهي ته شام جو انتظار ڪجي. سڄي ڏينهن جي مٽي منهن تي هٿن پيرن تي ڄمي ٿي پوي ۽ اها نقصانڪار به آهي. هميشه ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئجي، گرم پاڻي منهن جي ٽشوز مان سموري نمي ۽ سڻڀ ڪڍي ٿو ڇڏي. پر سخت سياري ۾ ڀلي گرم پاڻيءَ سان مُنهن ڌوئجي. پنهنجي مُنهن کي ٻه ڀيرا صابڻ سان ڌوئو ۽ موسچرائزڊ ڪريم هڻو. جيئن چمڙي نرم ٿئي. ان کان سواءِ تازگي برقرار رکڻ جي لاءِ تيز اُس ۾ سن گلاسز جو استعمال ضرور ڪريو. خاص ڪري اڄڪلهه جي موسم ۾ جڏهن موسم چئنج ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين توهان جي چمڙي متاثر ٿئي ٿي. اهو سڀ آهي ته تمام ڏکيو پر ان ۾ به شڪ ناهي ته ٿوري توجهه ۽ ٿوري وقت ۾ توهان پنهنجي چمڙيءَ کي آئيڊيل چمڙي ٺاهي سگهو ٿيون. نسرين طاهر وفائي گهر جي سجاوٽ ۽ سار سنڀال (1) پرفيوم جون خالي بوتلون يا خوشبودار صابڻ جو ڪاغذ اڇلڻ جي بجاءِ ڪپڙن ۾ رکڻ سان انهن ۾ خوشبو ٿي ويندي آهي. (2) ڦاٽل ڪپڙي کي رفو ڪرڻ وقت ان جي هيٺان ڪاغذ رکو. ائين ڪرڻ سان رفو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ڪپڙي ڌوئڻ کان پوءِ ڪاغذ پنهنجو پاڻ ان کان الڳ ٿي ويندو. (3) چانديءَ جي ٿانون ۾ جيڪڏهن نمڪين شيون رکجن ته انهن ٿانون کي خالي ٿيڻ کان پوءِ فورن ڌوئي ڇڏڻ گهرجي. ڇو ته انهن شين سان چانديءَ جي ٿانوَن ۾ داغ پئجي ويندا آهن. (4) چانديءَ جي ٿانون کي ڪڏهن به اخبار جي ڪاغذ ۾ نه ويڙهي رکو ڇو ته اخبار ۾ استعمال ٿيل مس انهن جي چمڪ کي نقصان پهچائيندي آهي. (5) ميڻ بتيءَ کي جيڪڏهن ٻارڻ کان ڪجهه دير پهرين فريزر ۾ رکجي ته ٻرندي وقت ميڻ گهٽ رجندي آهي. (6) گرميءَ جي موسم ۾ گهڻو ڪري ميڻ بتيون رِجي يا چٻيون ٿي وينديون آهن. ان مسئلي کان بچڻ لاءِ ميڻ بتين کي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ ويڙهي فرج ۾ رکو ۽ ٻارڻ وقت ٻاهر ڪڍو. (7) ميڻ بتين جا اسٽينڊ جيڪڏهن ميڻ ڪرڻ سبب خراب ٿي ويا هجن ته انهن کي ڪجهه دير فريزر ۾ رکو ۽ پوءِ ميڻ ڄمي وڃڻ کان پوءِ انهن کي ڪنهن ڪاٺي يا پلاسٽڪ جي شيءِ سان کرڙي صاف ڪيو. ائين ڪرڻ سان ميڻ آسانيءَ سان صاف ٿيندي. (8) جيڪڏهن شيشي جو ڪو ٿانءُ ڀڄي پوي ته ان جا سنها ذرا ميڙڻ لاءِ ڳوهيل اٽي جو پيڙو ٺاهيو ۽ ان کي فرش تي ڦيرايو. ائين ڪرڻ سان سڀ سنها ذرا به اٽي ۾ چنبڙي پوندا ۽ فرش صاف ٿي ويندو. (9) ڪريلن جون کلون سڪائي انهن کي ميدي، بيسڻ ۽ دالين جي دٻن ۾ وجهجي ته انهن ۾ جيت نه پوندا. (10) ڪاٺ جا شوپيس جيڪڏهن ميرا ٿي وڃن ته انهن کي هلڪي گرم صابڻ مليل پاڻيءَ سان ڌوئڻ گهرجي ۽ فورن سڪائڻ گهرجي. سڪڻ کان پوءِ انهن تي هلڪو تيل هڻجي. (11) ٻه حصا سرڪو ۽ هڪ حصو زيتون جو تيل ملائي، نرم ڪپڙي سان فرنيچر تي مهٽيو ته فرنيچر چمڪي پوندو ۽ نئون لڳندو. (12) باٿ روم جا ٽب ۽ سنڪ داغدار ٿي وڃن ته پهريون انهن تي ليمو مهٽيو. ان کان پوءِ نرم ڪپڙو گاسليٽ ۾ ڀڄائي انهن کي مهٽيو. باٿ ٽب ۽ سنڪ چمڪي پوندا ۽ محنت به گهٽ لڳندي. (13) نيل پالش ڪجهه عرصو استعمال نه ڪجي ته يا ته سڪي ويندي آهي يا وري گهاٽي ٿي ويندي آهي. اهڙي صورت ۾ نيل پالش کي ٻيهر استعمال جي قابل بنائڻ لاءِ ان ۾ نيل پالش رموور وجهو. (14) ڪڏهن بجليءَ جا پلگ لڳي ته سولائيءَ سان ويندا آهن پر انهن کي ڪڍڻ لاءِ زور لڳائڻو پوندو آهي. ان لاءِ پلگ تي پينسل جي چهنب (ڪاربن) مهٽيو ته پلگ سولائيءَ سان نڪري ايندا. (15) اڇي رنگ جا اهڙا ڪپڙا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن استعمال ٿيندا هجن، انهن کي جيڪڏهن نيري رنگ جي ٽشو پيپر ۾ ويڙهي رکجي ته اهي پيلا نه ٿيندا. (16) جيڪڏهن جوتا بارش ۾ ڀڄي سخت ٿي پيا هجن ته انهن تي ويزلين هڻي استعمال ڪريو. انهن جي سختي ختم ٿي ويندي. (17) گهڻو ڪري جڏهن کونر خشڪ ٿي ويندو آهي ته بوتل ۾ ڄمي ويندي آهي ۽ نه نڪرندي آهي. ڄميل کونر کي نرم ڪرڻ لاءِ ٿورو سرڪو کنئور ۾ ملايو. کونئر نرم ٿي ويندو. پاڻي وجهڻ جي ضرورت ناهي. (18) پائوڊر جا خالي دٻا ضايع نه ڪيو، پر انهن کي مختلف ڪمن ۾ استعمال ڪريو. دٻن جو مٿيون حصو ڪٽي انهن کي خوبصورت ڪاغذ يا ڪپڙي سان ڪور ڪري رائيٽنگ ٽيبل تي پينون ۽ ٻيون شيون رکڻ لاءِ استعمال ڪريو. ڪچن ۾ ڇريون، چمچا ۽ ڪانٽا رکڻ لاءِ استعمال ڪريو. باٿ روم ۾ ٽوٿ برش، ڊريسنگ ٽيبل تي برش ۽ ڦڻيون رکڻ لاءِ يا وري انهن ۾ گل وجهي گلدان جي طور استعمال ڪريو. (19) لپ اسٽڪ جا خالي ٽيوب ضايع نه ڪريو پر انهن کي صاف ڪري، انهن ۾ سيون، سيفٽي پنون ۽ بٽڻ وغيره رکو. اها ڪِٽِ توهان لاءِ سفر ۾ کڻڻ آسان رهندي. (20) نوان جوتا پيرن ۾ تڪليف ڏيندا آهن. ان کان بچڻ لاءِ جوتن ۾ اندر ناريل جو تيل هڻو، ٻه ٽي ڪلاڪ ڇڏي ڏيو، ان کان پوءِ استعمال ڪريو ته تڪليف نه ٿيندي. (21) اڇي رنگ جا جوراب ڪجهه وقت استعمال ڪرڻ کان پوءِ پِيلا ٿي ويندا آهن. انهن کي ڌوئڻ کان پهرين ٿوري پاڻيءَ ۾ ٽوٿ پيسٽ ملائي جوراب ان ۾ ڀڄائي ڇڏيو. پندرهن ويهن منٽن کان پوءِ جوراب ڪڍي صابڻ يا واشنگ پائوڊر سان ڌوئو ته صاف ٿي ويندا. (22) وهاڻن جي پراڻن ڇَئُن ۾ فوم جي شيٽ وجهي سلائي ڪري باٿ روم جي دروازن تي وڇايو ته بهترين باٿ روم ميٽ جو ڪم ڏينديون. (23) ڪا پراڻي قميص کڻو ۽ ان مان باٿ روم ۾ رکڻ لاءِ ٿيلهو ٺاهيو جنهن ۾ توهان پنهنجا ميرا ڪپڙا رکي سگهو. قميص جون ٻانهون ڪٽي اهي حصا سبي ڇڏيو. قميص جو اڳ ۽ چاڪ به سبي ڇڏيو. ڪلهن وٽ ٻه پٽيون لڳايو جن سان ٿيلهي کي ٽنگي سگهجي. قميص جي صرف ڳچيءَ واري جاءِ کليل رکو جنهن مان ڪپڙا وجهي ۽ ڪڍي سگهجن. (24) اڪثر ڪري فرج ۾ رکيل پاڻيءَ ۽ فرج ۾ موجود ڀاڄين ۽ ميون جي بوءِ ٿي ويندي آهي ۽ پاڻي پيئڻ ۾ مزو نه ايندو آهي. ان بوءِ کان بچڻ لاءِ هڪڙي ننڍڙي پياليءَ ۾ ٿوري مٺي سوڊا وجهي فرج جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان بوءِ نه ٿيندي. (25) فرج ۾ پاڻي رکڻ لاءِ هميشه ڍڪن وارا جڳ ۽ بوتلون استعمال ڪريو. ائين ڪرڻ سان به پاڻيءَ ۾ بوءِ نه ٿيندي. (26) ڪڏهن ڪڏهن پائوڊر جي دٻن مان، پائوڊر ضرورت کان گهڻو نڪري ايندو آهي. ان کان بچڻ لاءِ پائوڊر جي دٻي جي ڪجهه سوراخن تي ٽيپ هڻي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان دٻي مان پائوڊر گهٽ نڪرندو. (27) جيڪڏهن زيورن جي دٻي ۾ گهڻا زيور هڪ ئي هنڌ رکڻا آهن ته هر زيور کي فوم جي شيٽ ۾ ويڙهي رکو. ائين ڪرڻ سان زيورن جا نگ به نه نڪرندا ۽ زيورن تي رهڙا به نه پوندا. (28) ٺڪر جا ننڍا ننڍا مختلف شڪلين جا ٿانو کڻي انهن تي مختلف قسمن جون پٽيون ۽ ستارا وغيره جرمن گلو سان لڳايو ۽ انهن ٿانون کي گهر جي سجاوٽ ۾ استعمال ڪريو. (29) ٻارن جي ڪپڙن کي ذاتي اسٽائل ڏيو. ٻارن کي جيڪي ڪارٽون پسند هجن اهي ٻارن جي ڪپڙن تي پينٽ ڪريو يا وري ڀرت سان ڀريو. رابعه سهارڻ بيوٽي ٽپس (1) خشڪ چمڙي (Dry Skin): ڪچو کير روزانو منهن تي گهٽ ۾ گهٽ 10 منٽن تائين هڻو. ان سان چهري جي خشڪي دُور ٿيندي ۽ خشڪيءَ جو مسئلو ڪڏهن نه ٿيندو. نوٽ:هي عمل هڪ هفتو روزانو ڪرڻو آهي. (2) منهن جا گهُنج دور ڪرڻ لاءِ: روزانو زيتون جي روغن جو مساج ڪريو سُمهڻ کان اڳ ۾ منهن تي زيتون جو روغن هڻي سمهڻ سان چهري جا گهنج ختم ٿي ويندا. ان جي لاءِ هڪ بهترين ماسڪ به آهي، جيڪو هفتي ۾ هڪ ڀيرو هڻڻو آهي. زيتون جو روغن: هڪ چمچو، جوار جو اٽو: ٻه چمچا عرق گلاب: هڪ چمچو، کير: هڪ چمچو، کير ۾ جوار جو اٽو ملائي 2 منٽ رڌيو. پوءِ ان ۾ گلاب جو عرق ۽ زيتون جو تيل ملايو ۽ پوءِ ان آميزي کي چهري تي 20 کان 25 منٽ هڻو. هي ماسڪ تمام بهترين آهي. (3) چهري جي تازگيءَ ۽ دلڪشيءَ لاءِ: بيسڻ ۾ گلاب جو عرق ملائي ان جو گهاٽو پيسٽ ٺاهيو ۽ سڄو ڏينهن ان سان چهرو ڌوئو. ان سان چهرو دلڪش ۽ حسين ٿي ويندو. (4) ميڪ اپ: ڪنهن پارٽيءَ ۾ وڃڻ لاءِ توهان کي ميڪ اپ ڪرڻو هجي ۽ توهان وٽ فيشل، فيس پالش جو ٽائيم نه هجي ته ان صورت ۾ توهان آئس ڪيوب کڻي پنهنجي چهري تي ان جو مساج 10 کان 15 منٽن تائين ڪريو. ان کان پوءِ فائونڊيشن گول دائرن ۾ چهري تي هڻي پينسل جي مدد سان بلينڊ ڪريو، پوءِ 15 منٽن تائين ڇڏي ڏيو. ان کان پوءِ اکين تي ميڪ اپ ڪريو. پنهنجي آئي بروز کي پنهنجي آڱر جي مدد سان ٿورو مٿي کڻي آئي شيڊ هڻو. ان کان پوءِ آئي لائنر ۽ مسڪارو هڻو. بِلش آن هڻي آخر ۾ لپ اسٽڪ هڻڻ کان اڳ ۾ ڪا به ڪولڊ ڪريم هڻڻ کان پوءِ ٽِشو سان صاف ڪري لپ اسٽڪ هڻو. توهان جو ميڪ اپ بلڪل فريش لڳندو. آئس ڪيوب هڻڻ سان توهان کي فيشل جي ضرورت نه پوندي. ضروري هدايتون: سمهڻ کان اڳ ۾ ڪو به ڪلينزنگ مِلڪ لوشن کڻي ٽِشو پيپر سان پنهنجي چهري تان چڱي طرح ميڪ اپ صاف ڪري ڇڏيو. مارئي ميمڻ رڌ پچاءُ سونف ڪارن سوپ شيون کليل مڪئي جا داڻا: ٻه کائڻ جا چمچا ڪڪڙ جي رانَ: هڪ عدد پاڻي: ٽي ڪوپ مکڻ يا تيل: هڪ کائڻ جو چمچو ٿوم: ٻه ٽي داڻا لوڻ: چوٿائي چمچو سويا ساس: اڌ چمچو بيدو: هڪ عدد ڪارا مرچ: ضرورت آهر ترڪيب: هڪ ديڳڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي ران سان گڏ لوڻ وجهي اُٻاريو، جڏهن گوشت ڳري وڃي ته ٿڌي ٿيڻ تي انهن جا ريشا ريشا ڪيو. هاڻي هڪ ديڳڙيءَ ۾ تيل گرم ڪيو ۽ ٿوم کي انهيءَ ۾ سنهري ڪيو. هاڻي ڪڪڙ جو گوشت ۽ مڪئيءَ جا داڻا وجهي پاڻي وجهو ۽ جنهن پاڻيءَ ۾ ڪڪڙ جي ران اوٻاري هئي اُهو شامل ڪيو. جڏهن چڱي طرح اُٻرڻ لڳن، بيدو ڦيٽي ان ۾ ڪارا مرچ ۽ لوڻ وجهي پنجن منٽن کان پوءِ کائڻ لاءِ پيش ڪيو. سَرنهن جو ساڳ شيون ساڳ: هڪ ڪلو ادرڪ: اڌ ڇٽانگ لوڻ مرچ: ضرورت آهر هيڊ: ٿورو چپٽي بصر: اڌ پاءُ ساوا مرچ: ڏهه ٻارنهن سرنهن جو تيل: اڌ پاءُ ترڪيب: سرنهن جو ساڳ ڏنڊين کان الڳ ڪري صفا سنهو ڪري ڪٽي وٺو ۽ پاڻيءَ سان ڌوئو. هاڻي بصر کي تيل ۾ ڀُڃي وٺو ۽ لوڻ مرچ وجهي ڪٽيل ساڳ وجهو ۽ ٿورو پاڻي پڻ وجهو. ڇو ته ساڳ جو پنهنجو پنهنجو پاڻي الاهي هوندو آهي، انهيءَ کي ڳارڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. جڏهن ساڳ جو رنگ پِيلو ٿيڻ لڳي ته ادرڪ ڪٽي وجهو ۽ لاهڻ کان ٿورو پهرئين ساوا مرچ ڪٽي وجهو. سرنهن جي ساڳ کي جيتري دير گهڻو رڌيندا اوترو وڌيڪ لذيذ ٿيندو. ويجيٽيبل سوپ شيون هڪ پاءُ: پتائي گجرون هڪ پاءُ: بند گوبي هڪ پاءُ: ٽماٽا هڪ پاءُ: مٽر (پِيزَ) ٻه چمچا: ڪارن فلاور (پاڻيءَ ۾ حل ٿيل) سوياساس: ضرورت آهر چلي ساس: ضرورت آهر سُرڪو: ضرورت آهر ترڪيب: سڀني ڀاڄين کي ڌوئي ڪَٽي وٺو. ديڳڙيءَ ۾ پاڻي وجهي ڀاڄين کي اُٻارڻ لاءِ رکو. جڏهن ڀاڄيون ڪجهه ڳري وڃن ته ڪارن فلاور جا ٻه چمچا پاڻيءَ ۾ حل ڪري انهن ڀاڄين کي ۾ ملايو ۽ پنجن منٽن کان پوءِ لاهي وٺو ۽ ضرورت آهر سوياسا، چلي ساس ۽ سُرڪو وجهي کائڻ لاءِ پيش ڪيو. شاعري ومي سدارنگاڻي اَکيون بند ڪري ڇڏيندي آهيان هڪڙو رنگين ڌاڳو مون کي مليو هو هوا ۾ هتان کان هتي اُڏامندو مون کيس جهٽي ورتو ڳنڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم ڌاڳي اتي ئي پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون هاڻي منهنجي اڳيان پٺيان نچندڙ ڌاڳا ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ڊپ وچان مان اکيون بند ڪري ڇڏيندي آهيان. اَڌ ٺهيل آکيري کي هينئر مان اَڪيلي آهيان ڪجهه دير اڳ مون سان گڏ هو هڪ ننڍڙو پکي منهنجي گل موهر تي آکيرو ٺاهيندو اسان ٻنهي جي اکين ۾ خواب تري رهيا هئا اسين ٻئي ڏسي رهيا هئاسين بوگن جا اڇا، گلابي گل اسين ٻئي ٻُڌي رهيا هئاسين پنن ۾ وهندڙ مٺڙو سنگيت. پکي اُڏامندو رهيو هڪ ٻوٽي تان ٻئي ٻوٽي تي اڏامي ويو اُڏامي ويو پريان. هاڻي مان اڪيلي ٻڌندي آهيان پنن جي سر سر ٽارين جو سڏڪڻ. ويٺي ڏسندي آهيان اڌ ٺهيل آکيري کي. رهجي وڃي ٿي ٺڪ ٺڪ ”امان، بک.“ ”ها، پٽ“. ديڳڙي، ڪيوي، کَٽ کَٽ ”امان، بک.“ ”ها پٽ، باقي ٿوري دير.“ ديڳڙي، ڪيوي، کٽ کٽ ”امان، بک.“ ”بس ٿوري دير.“ ٿوري دير؟ گهڻي دير؟ ڪيوي، ٺڪ ٺڪ ٻار لاءِ لوري آهن. رهجي وڃي ٿي ٺڪ ٺڪ. انهيءَ ڀيڙ ۾ مون تنهنجو هٿ ڪجهه زور سان ئي پڪڙيو هو. ڊپ هوم ته متان هن ميڙ ۾ تون مون کان گم نه ٿي وڃين. پر ڪل ئي نه پيم ته ڪنهن وقت تنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان ريت وانگر کسڪي ويو. اڃا به منهنجي هٿ ۾ موجود تنهنجي هٿ جي آلاڻ تنهنجي هٿ جي گرمائش مون کي وشواس ٿي ڏياري ته تون مون کي وري ملندين انهيءَ ڀيڙ ۾. مان توکي ڪو نالو ڏيڻ چاهيان ٿي مان توکي ڪو رنگ ڏيڻ چاهيان ٿي پِيلو، ڳاڙهو، اڇو يا ڪارو جيڪو مون کي وڻي يا جيڪو توکي پسند اَچي. مان توکي ڪو آڪار ڏيڻ چاهيان ٿي اهو ڪنڊي جهڙو تکو به ٿي سگهي ٿو پاڻيءَ جهڙو صاف به ٿي سگهي ٿو تو جهڙو سهڻو به ٿي سگهي ٿو مون جهڙو بدصورت به ٿي سگهي ٿو. مان توکي ڪو آڪار ڏيڻ چاهيان ٿي مان توکي ڪو رنگ ڏيڻ چاهيان ٿي مان توکي ڪو نالو ڏيڻ چاهيان ٿي. پاڻي ٿيندي ڏسون ته خاني جي گهُٽ ٻوساٽ ته گهڻي ئي سهن ڪري ورتي. هاڻي ڪنهن پٿر تي هلي وهون ان کي پاڻي ٿيندي ڏسون. سمجهوتو ڪو لقمان جو نسخو ته آهي ڪونه جو قلم کنيو ۽ لکي ڇڏيو. سِج جي هڪ ڪِرن جي ڳولها ۾ نڪتل اسين برداشت ڪونه ٿا ڪري سگهون سموري سج کي. ان ڪري اچ ته ڪنهن پٿر تي ويهي ان کي پاڻي ٿيندي ڏسون. سمنڊ ۾ لڳ ڀڳ ائين ئي گهر ۾ رهندي آهي هڪ ڇوڪري رهندو آهي جيئن کوهه ۾ ڏيڏر ڀت تي تصوير ڪتاب ۾ لفظ. ڪڏهن ڪڏهن بيزار ٿي ٻاهر دريءَ مان هٿ ڊگهيڙي وڻ جوڀن ٽوڙيندي آهي. پن کي چنديون چنديون ڪري اُڏائيندي آهي ۽ ٻڏي ويندي آهي سمنڊ ۾. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي زندگيءَ جي 69 سالن جي تجربي مان سکيو آهيان ته ** کٽجي ته چُپ رهجي، هارائجي ته ٿورو ڳالهائجي. ** انداز ۾ ٿجي لوڪَ لهوارو، پر اصول تي جبلُ ٿي بيهجي. ** روشني ڦهلائڻ جا ٻه طريقا آهن يا خود شمع ٿجي، يا ان جو آئينو ٿجي. ** ڪنهن ٻئي تي فضيلت حاصل ڪرڻ ۾ ڪا فضيلت ناهي، ليڪن اڳي کان وڌيڪ فضيلت واري ٿيڻ ۾ اصلي فضيلت آهي. ** ڪنهن جي تعريف ڪندي انهيءَ جا ثبوت پيش ڪجن، ورنه تعريف محض خوشامند ۽ ڪم ظرفي آهي. ** جڏهن ڪو خيال عام فهم لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿو سگهجي تڏهن انهيءَ خيال کي ڇڏي ڏجي. ** سچ جيڪو انسان کي آزادي بخشي ٿو، اُهو گهڻي ڀاڱي اهڙو سَچُ آهي، جيڪو ٻيا ٻُڌڻ پسند نه ٿا ڪن. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پيغام موسم اُها نه آهي، ساڳو سماج ناهي، ڌرتي اُها ئي ليڪن، روشن سراجُ ناهي. ڌرتي ڌڏي وئيءِ، پربت ڏَرِي پيا پر، انسان جي ٻچي جو، سالم مزاجُ ناهي. مظلوم آدميءَ جو، انصاف ٿي نه سگهيو، ڪمزور بادشاهي، ڪو تخت تاجُ ناهي. ڪيئن ٿو گذر ڪري ڪو اشراف زندگيءَ ۾، هر شيءِ ملي مهانگي، سستو اناجُ ناهي. باهم نه ٿا رهون سڀ، هر ڪو ڄڻو ڄڻو آ، همدرد ڀائپيءَ جو، هاڻي رواجُ ناهي. سج اُڀرندو رهي ٿو، ٻِجُ پوکجي رهيو آ، پاڻيءَ جي کوٽ آهي، پورو خراجُ ناهي. سڌري سماج سگهندو، پر برطرف ٿئي هي، تعليم جنهن ۾ عملي، ڪو امتزاجُ ناهي. واعظ حبيبَ هاڻي، ٿي ڪارگر نه سگهندو، هٿَ جي ڪِئي جو ڪاٿي، ڪوئي علاج ناهي. زاهد دارا ابڙو هڪ الميو هي درياهه سڪي ويو آ، اها هڪ حقيقت آ، ”اسان هن درياهه کي سُڪڻ نه ڏينداسين!“ اهو هڪ نعرو آ، ”هي درياهه اسان جي شهه رڳ آ“ اهو ڪنهن حد تائين هڪ روماني ۽ گهڻي ڀاڱي معاشي بيان آ ۽ ”ڪاما قاضي“ تاريخ ۾ هڪ تحريڪ جو نانءُ هو؟... پر هوءَ ڏاڍ جي پير جي کُڙي جا اسان جي نِڙگهَٽ تي رکيل آهي اسان ان کي اڃا تائين ڪو نانءُ نه ڏئي سگهيا آهيون؟ جيڪو هڪ الميو آهي! ساگر محمد حسين مهر چوسٽا ”امڙ“ توسان منهنجو چاهه امڙ آ، تو ۾ منهنجو ساهه امڙ آ، منهنجي جنت تون ئي آهين، منهنجو هي ويساهه امڙ آ. ”عورت“ سنڌ جي عورت عزت واري، ڀاڳ ڀلاري غيرت واري، ڪاري ڪري نه هِن کي ماريو، عورت آهي عظمت واري. ”ليڊي ڊائنا“ سڀ کان وڌ جنهن شهرت ماڻي، ها، مرڪ ته ان جي مُهڻي هئي، هرڪو هن کي چاهي ٿو پيو، ڄڻ ڊائنا سڀ جي سهڻي هئي. ”مدر ٽريسا“ مدر ٽريسا پيار پکيڙي، سڀ جون دليون کٽيون هتڙي، سوشل ورڪر عورت بڻجي، ڏکيون گهڙيون ڪٽيون هتڙي. مايا راهي تون ڪير آن؟ مون پنهنجي حصي جا، پيڙا جا گُل چونڊي هار ۾ پوئي ڇڏيا. آڱريون رتورت ٿي ويون تو زخميل آڱريون چاهه سان کڻي چُميون ۽ منهنجيون آڱريون اڳ جهڙيون ٿي ويون؟ سچ ٻُڌاءِ ڇا تون ڪو جادوگر آن؟ دل زخمي ٿي تو ملم رکيو مون کي لهس آئي تو ٿڌو ڇنڊو وڌو مون هٿوراڙيون پئي هنيون تو آڱر پڪڙي رستو ڏيکاريو سوالن جا ڀالا دل چيري ويا! نظارن جا تير اکيون انڌيون ڪري ويا! جُملن جا ٽانڊا ڪَن ساڙي ويا وجود منهنجو لڏي ويو لڳم ڄڻ ڪنهن پلار ۾ هيٺ ءِ هيٺ وڃان پيئي ڪرندي! بدحواس، بدحال وايون بتال اچانڪ، ڪو هلڪو ڇُهاءُ ڇُهي ڪرشمو ڪري ويو شرير شيتل ۽ من شانت ٿي ويو لڳم، مان اڪيلي ناهيان تون ساڻ آهين ڪو وشواس ڪا شڪتي، يا ڪو سهارو آهين ٻُڌاءِ نه تون ڪير آهين؟ بنفشه بهار غضب ٿي وڃي وساريءِ به وسرن نٿا ڇا ڪجي، جي وسري وڃن ته به غضب ٿي وڃي! نه ڪي چوريان چپ نه واتان ڪُڇان، جي سمجهي وڃن ته به غضب ٿي وڃي! وڃي عيد ٿي جي اڱڻ تي اچن، اچي جي وڃن ته به غضب ٿي وڃي! سُتل سور دل ۾ کنيو ٿو وتان، جي جاڳي پون ته به غضب ٿي وڃي! نه سنگي نه ساٿي نه زادِ سفر، جي سهڻا سَڏن ته به غضب ٿي وڃي! ٻڌو روئي روئي جنين حالِ دل، پٿر سي هڻن ته به غضب ٿي وڃي! هئم آسرو جن تي ايندا ڏسڻ؟ وساري ڇڏين ته به غضب ٿي وڃي! * * * ڪا ڇانوَ ڪر! اي زندگي منهنجي مٿان، ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان! پَيرَ ٿَڪل، ڊگهو سفر، واري تتل، ڪيئن پير کڻان؟ ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان! سڄڻ ڏُور، وڃڻ ضرور، جانب ريءَ، ڪيئن جيئان؟ ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان! ڏونگر ڏوريان، اکين ڀر، اڇا پئي ٿي پنڌ پڇان، ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان! دنيا کي کِلڪارا ڏي پنهنجا درد اُڌارا ڏي، مون کي اهي سارا ڏي. تنهنجي اُداسي دل ٿي جهوري، اندر جهورڻ وارا ڏي! تنهنجا نيڻ سانوڻي بادل، مون کي اهي وسڪارا ڏي. دل جا سڀ بار ڪڍي ڇڏ، اهي مڙيئي مونجهارا ڏي! دنيا ۾ گذر آ ساٿي، دنيا کي کِلڪارا ڏي! ماڻهو ڏس ڪيڏا تڙپن پيا، تن کي تون سهارا ڏي! وقت وڏو مرهم آ، وقت کي تون وارا ڏي! * * * ڪارِي ٿي ڪُٺل ايڏو پيار نه ڪر مون سان، مان پيار کان ڊنل آهيان. برسات ته ڪڏهوڪي وٺي، مان لڙڪن ۾ ڀنل آهيان. ڌرتيءَ تي ڀلي ڏسجان، مان سُوريءَ تي چڙهيل آهيان. فقط هڪ توکان وڇڙي، مان پاڻ کان رُٺل آهيان. پنهنجن ئي پيارن هٿان، مان ڪاري ٿي ڪُٺل آهيان! ارشاد سومرو هڪ ڪويتا ماڻهو بچائيندا آهن شمع کي، هوا جي هڪ جهوٽي کان، مون ٻاري آ شمع، طوفانن جي ڇانئن ۾! ماڻهو لڪائيندا آهن رازن کي، سينن جي تهخانن ۾، مون اوريا آهن راز، پورب جي هوائن ۾! ماڻهو ٻاڏائيندا آهن خدا کي، ٿر تي وسڪاري لاءِ، مون ٻاڏايو آهي خدا کي، نيڻن جي برساتن ۾! ماڻهو ساريندا آهن پيارن کي، ميلاپ جي محفل ۾، مون ساريو آهي پيارن کي، رات جي تنهائين ۾! ماڻهو ٺاهيندا آهن گهرن کي، پهاڙ جي چوٽين تي، مون ٺاهيو آهي گهر، سمنڊ جي ڇولين ۾!